سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :2

فصل  2

شاه جي صورت ۽ سيرت

شڪل شبيھ پوشاڪ خوراڪ ۽ آرام بي طمعي رحمدلي- رياضت نئڙت پاڪدامني گاني جو شوق.

 

شاهه عبداللطيف جي سچي تصوير ڪٿان ملي نٿي سگهي. ڪن ڪن رسالن ۾ هڪڙي تصوير ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جا دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته شاه جي آهي؛ مگر ائين هرگز نه آهي. اها هڪ وهمي تصوير ٿي ڏسجي، جنهن جي شاه جي شڪل شبيهه سان ڪابه مشابهت ڪانهي. چون ٿا ته شاه، نجيتوڻيڪ بلڪل قداور مڙس نه هو. تڏهن به وچولي قد کان البت ڊگهيرو هو. ڪلها موڪرا هئس، ۽ بدن ۾ نڪي ڪي تمام پتلو هو ۽ نڪي ڪي تمام ٿلهو. جسماني طاقت چڱي هيس، ۽ ساري حياتي تندرستل گذاريائين. سندس وار جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ڳوڙهي ڪاري رنگ جا هئا، ۽ سندس سونهاري گهاٽي ۽ چاپئين هئي. سندس چمڙي ڪڻڪ رنگ هئي، مگر ٿورو سفيديءَ ڏي مائل. سندس پيشاني ڪشادي هئي، ۽ سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون، جي مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيون. سندس منهن مڻيادار هو،  ۽ پيريءَ ۾ ته آقي باقي منجهائنس هڪ نوراني جمال پيو بکندو هو. سندس اٿڻ وهڻ، هلت چلت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ نهايت فضيلت وارو هو. نهايت خليق ۽ حليم هو. ڪڏهين ڪڏهين کل چرچو به ڪندو هو، خاص ڪري پنهنجي هڪڙي فقير وڳنڌ نالي سان، جئن فصل پهرئين ۾ ڄاڻايو ويو آهي. هن تي ڪي ظريفانا بيت به چيا اٿس،  جي سر بلوال جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. پر اڪثر ڪري گنڀيرتا ۾ گذاريندو هو، جرات ۽ حشمت وارو ته هڪڙو ئي هو، جنهن ڪري سڀيئي سندس ادب ڪنداه ئا.

ڏيک ويک سان ته پوندي ڪين هيس؛ ۽ نڪو ڪو ٽنڊ ٽوپي ۽ سينڌ سرمي سان واهپو هوندو هوس. اٽلو انهن ڳالهين کان کيس نهايت نفرت ايندي هئي. سر آسا ۾ چوي ٿو ته:

سرمو سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ

ڪانيڪ ارائي جي، مڙس ٿي م پاءِ

اکين ۾ اٽڪاءِ،لالائي لالن جي

شاه بلڪل سادي پوشاڪ پهريندو هو. اڪثر ڪري هڪ گڀيڙوءَ رتي ڪفني پائينود هو، جا ڪاري سوٽي ڌاڳي سان سبيل هوندي هئي. مٿي  ۾ اڇي رنگ جي هڪ لنبي ٽوپي وجهندو هو. جهڙي قلندر پائيندا آهن، ۽ جنهن کي تاج يا ڪلاه ڪ ري سڏيندا آهن. ڪلاه جي مٿان ڇهه فوٽ کن ڪاري ڪپڙي جا، ٻٽي ور ڪري ويڙهي ڇڏيندو هو، جُتي پائيندو هو، مگر ڪڏهن پور پوندو هوس ته پيرين اگهاڙو به گهمندو ڦرندو هو. هٿ ۾ هڪ وڏي لٺ کڻندو هو، جنهن جو مٿو جوڳين جي بيراڳڻ جهڙو هوندو هو. کاڌي پيتي لاءِ وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪشڪول هوندو هو. اهي سڀيئي شيون، اڃا تائين صحيح سلامت، سندس فقيرن وٽ ڀٽ تي رکيل آهن.

سادو کائيندو هو، سادو پهريندو هو؛ ۽ ننڊ به نهايت ٿوري ڪندو هو. ڪنهن اوچي يا سٺي بستري تي هرگز نه سمهندو هو، مگر  هڪ پراڻيءَ کٿائينءَ گودڙيءَ تي، چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن منجهند جي وقت، آرما ۾ هو ته ٻاهران ڪنهن باڪريءَ اچي هوڪو ڏنو:  سوئا! پالڪ! چوڪا! شاه انهيءَ آواز تي ڇرڪ ماري اٿيو. فقيرن کي عجب لڳو ۽ سبب پڇيائون. فرمايائين ته ابا! اوهان باڪريءَ جو هوڪو نه ٻڌو؟ هن چيو ٿي ته جيڪو پلڪ ستو سو چڪو. انيهءَ کان پوءِ وري ڏينهن ڏٺي جو ننڊ نه ڪيائين؛ ۽ ٻين کي به صلاح ڏيندو هو ته گهڻو سمهڻ چڱو نه آهي.

بلڪل لاطمع هو.  ڪنهن ۾ به ڪنهن شيءَ جي لالچ نه رکندو هو، نڪي ڪي چاهيندو هو ته ڪنهن جو ٿورو کڻان. ڪنهن جي مهماني مڙي به اڪثر ڪري قبول نه ڪندو هو؛ مگر نجيڪڏهن ڪو گهڻو زور ڪندو هوس حب سان دعوت ڏيندو هوس، ته لاچار ڪنڌ نه ڪڍندو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سندس هڪڙو مريد ڪنهن ڏڳوراهين ڏيهه ۾ رهندو هو؛ ۽ هر سال زيارت لاءِ ايندو هو. پاڻ سان هڪڙو کٿو نذراني طور آڻيندو هو. هڪ دفعي مفلسيءَ سببان کٿي ڳنهڻ جي منجهس سمر ٿي نه هئي، جنهن ڪري انيهءَ سال، حياءَ وچان وڃي نه سگهيو. ٻئي سال اصلوڪي عادت موجب کٿو ساڻ کڻي، شاه جي ملاقات تي ويو. خوش خير عافيت بعد، شاه پڇيس ته ابا، پر سال ڇو ڀيرو ڀڳيءِ؟ تنهن تي هن ويچاري وراڻي ته ڏني ته قبلا پر سال تنگدستيءَ سببان کٿو خريد ڪري نه سگهيس؛ ۽ چيم ته هٿين سکڻو وڃڻ نه جڳائي. تنهن تي شاه فرمايو ته اهو کٿو ئي گهوريو جو دوست کي دوست کان سڪائي.

شاه بلڪل ٿور گهرجائو شخص هو.  زندگيءَ جي ضرورتن پورين ڪرڻ جيڪو خرچ ايندو هو، سو ڪندو هو؛ باقي ٻيا پئسا، غريبن ۽ يتيمن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. نه فقط ائين، پر  پاڻآ کي تڪليف ۾ وجهي به ٻين جي پرگهور ۽ ادر پورڻا ڪندو هو. رحمدل ۽ ٻاجهارو ته هڪڙو ئي هو. انسان ذات لاءِ نهايت قرب ۽ همدردي هيس، پر گگدام حيوانن سان پڻ پيار هوس. پنهنجي هٿ سان ڪڏهن ڪو جانورنه ماريائين. ننڍپڻ ۾، جڏهن جيڏن سان گزڪمان راند کيڏندوه و، تڏهن به ڪنهن پکيءَ پکڻ کي نه ضربيائين. جهنگ جي سهن لاءِ ته هيڪاري قياس پوندو هوس؛ ۽ ماڻهن کي هدايتڪ ندو هو ته انهن کي نه آزاريو. چون ٿا ته وٽس ٻه ڪتا به هوندا هئا، جن مان هڪڙي کي موتي ۽ ٻئي کي کينهو ڪري سڏينداه ئا. انهن جي ماءُ ننڍي هوندي ئي مري ويئي هئي. سندن نڌڻڪي حالت ڏسي، کيس اهڙي ڪهل اچي ويئي، جو پاڻ وٽ آڻي، پنهنجي هٿن سان پاليائين.

شاه عبداللطيف، جيترا پنهنجي تن کي تسا ڏنا،  جيترا فاقا ۽ رياضتون ڪڍيون، اوتريون ڪنهن ورلي ڪڍيون هونديون، جئن جئن وڌيڪ سختي درپيش ايندي هيس، تئن تئن وڌيڪ وهسندو هو. جڏهن لڏي وڃي ڀٽ وسايائين،ت ڏهن پنهنجي هٿهن سان مزورن وانگي پورهيو ڪيائين.  مٿي تي تغاريون  ڍويائين، ۽  ٻيا به طرح طرح جا ڪشالا ۽ محنتون، ڄاڻي ٻجهي، خوشيءَ سان سر تي سهايائين. هڪ ڀيري جي ڳالهه ٿا ڪن ته سندس فقيرن شڪايت ڪئي ته ڪُت ۽ مڇرن اسان کي اهڙُ تنگ ڪيو آهي، جو ننڊ آرام ئيد حرام آهي. تنهن تي فرمايائون ته ابا، مڇر ته پاڻ اوهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين، پاڻ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي سجاڳ ٿيو ۽ اٿي پنهنجي رب ساڻ اوريو.

نئڙت ۽ نماڻائيءَ جي ته مورت هو. ڪاوڙ ۽ غصي جو ته وٽس نالو به ڪونه هو. ڪنهن جي عيب جوئي يا نڪته چيني نه ڪندو هو. سڀني  کي صلاح ڏيندو هو ته تواضع ۽ خاڪساري اختيار ڪريو، جلال الدين رومي وارو متو هوندو هوس:

دربهاران کي شود سرسبز سنگ

خاک شو تا گل بُرويد رنگ رنگ.

چون ٿا ته هڪ لڱا ڪنهن وڻ وٽان اچي لانگهائو ٿيو. اهو وڻ اگرچه نهايت ٺوٺ ٿيو پيو هو. شاه کي اچرج لڳو ۽ مريدن کان پڇيائين ته ابا، هن وڻ جي سڪڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ منجهائن هڪڙي وراڻي ڏني ته قبلا هن وڻ کي ڀاڻ بيحد گهڻو ڏنو ويو ٿو ڏسجي.

تڏهن شاه فرمايو ته ادا آهي به ائين. ڀاڻ[1] اهڙي چيز آهي جو ساون کي به سڪايو ڇڏي.

شاه نهايت پاڪدامن ۽ پرهيزگار شخص هو. پنهنجي نفس ۽ شهوتن کي ماري مطيع ڪيو هئائين،  پوح جوانيءَ جي وقت ۾ به ڪڏهين اُبتو پير نه کنيائين. مجازي عشق به ماڻيائين،م گر ثابت قدم رهيو. اڄوڪي زماني جي نوخيز پيرن فقيرن جئن انڌي عشق جو غلام نه هو، جو در حقيقت شهوت پرستي آهي.

 

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي موهيا ڪه نه مال

جي ڇورن ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.

زال ذات سانگ هڻي ڪانه پوندي هيس. سندس زال ئي سندس لاءِ ڪافي هئي، جنهن سان نهايت سنٻنڌ هوندو هوس. اولاد جي ڪابه پرواه يا ڳڻتي ڪانه هوندي هيس؛ سٿئي ته ڇا، نه ٿئي ته ڇا. اگرچهج پاڻ شادي ڪئي هئائين، ته به ڇڙائيءَ جي تعريف ڪندو هو. چوندو هو ته موليٰ جي  طالب کي جريدو رهڻ ضرور آهي، نه ته جئن مک ماکيءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي، تئن هو به دنيا جي عيش عشرت ۾ اجڙجي ويندو، ۽ پوءِ جند ڇڏائڻ مشڪل ٿينديس. سندس تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا، پڻ پرڻي بنسبت اهڙائي خيال هئا.

راڳ ته شاه جي جان جو جياپو هو؛ ۽ ساه به سماع ۾ ڏنائين. چوندو هو ته منهنجي دل ۾ الاهي محبت جو هڪ وڻ آهي، جو راڳ بنا سڪيو ٿو  وڃي.

ڪڏهن ڪڏهن  ته ڏينهن جا ڏينهن، سماع ۽ سرود ۾ صرف ٿي ويندا هئس. اهڙي حالت ۾ پنهنجي وجود جو به سماءُ نه رهندو بوس، بعضي ته اکين مان اچانڪ لڙڪ پيا وهندا هئس. جذٻو ايندو هوس ته پاڻ به ڳائڻ ۾ اچي ڇٽڪندو هو؛ ۽ شايد مولانا روميءَ وانگي، انهيءَ وجد ۽ رقص جي حالت ۾ وايون ۽ ڪافيون بي اختيار سندس وات مان نڪرنديون هيون. مجازي عشق واري مضمونل جي راڳن سان ڪين پوندي هيس؛ فقط حقيقي ۽ معرفتي راڳ، ۽ صوفين جي معنوي ڪلام مان فرحت ۽ مزو ايندو هوس. نڪو ڪو فاحش عورتن جي گاني ۽ ناچ سان پوندي هيس. انيهءَ لاءِ ته کيس بلڪل ڌڪار ۽ نفرت هوندي هئي؛ ۽ سمجهندو هو ته اها شيطان جي ڇنڊيبازي آهي. پنهنجن مريدن ۽ فقيرن کي فهمايش ڪندو هو ته فاحش عورتن جي اوڏو ئي نه وڃو، متان ڪنهن مهل سندن شيرين زبانيءَ تي موهت ٿي، عزازيل جي چنبي ۾ ڦاسي، دين ۽ دنيا کان محروم رهو.

 مطلب ته شاه صاحب جي رهڻي توڙي ڪهڻي، هر هڪ آدميءَ لاءِ اعليٰ آدرش ه ئي، منجهس هر وجه جون خوبيون هيون. دنيا به هيس دين به هيس.

مه ڏنائين ماڙهين، هيون ڏنائين هوت

*


[1]  هت ڀاڻ لفظ ۾ ابهام آهي. هڪڙي معنيٰ اٿس ڀاڻ، جو ٻني ۾ وجهبو آهي ۽ ٻي معنيٰ اهس هٺ يا وڏائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com