سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :3

فصل 3

شاهه جو مذهب

شيعو يا سني؟ امن لاءِ قرب ۽ خليفن لاءِ عزت شريعت جي پيروي حج  جو ارادو دين آزادگي- عشق جو مذهب

 

روايت آهي ته شاه عبدالطيف پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر سني مذهب جو هو؛ مگر ڪن ڳالهين ۾ سندس روش شيعن جهڙي به هئي. آل رسول لاءِ گهڻي محبت ۽ قرب هوندو هوس. پنهنجي ڪلام ۾ حضرت عليءَ ۽ امامن ڏانهن خاص اشارا ڪيا اٿس. سر ڪيڏارو ته سڄو امامن جي شهادت جي ذاڪر سان ڀريو پيو آهي، جنهن ۾ شهيدن جي سختين ۽ ثابت قدميءَ جي نهايت چٽي ۽ رقت آميز تصوير ڪڍي اٿس. شيعن وانگر محرم جو سارو مهينو ماتم ۾ گذاريندو هو؛ ۽ اهو وقت ڪارا ڪپڙا ڍڪيندو هو. امامن لا:ءِ قرب ۽ درد هوندو هوس، تنهن جو مصداق هيٺئين بيت مان ملي ٿو:

حسن مير حسين جو، جن نه هينڙي جار

خالق رب جبار، ڪين مرهندو تن کي.

جيتوڻيڪ خليفن ڏانهن، رسالي ۾ ڪو اشارو نٿو اچي، سواءِ ٻن ٽن بيتن ۾، جي فقط بمبئي ڇاپ  واري نسخي ۾ ڏنل آهن، مگر صريحاََ نامعتبر آهن؛ تڏهن به روايتن مان ٿابت ٿئي ٿو ته شاه کي خليفن لاءِ وڏي عزت هئي، ۽ ڪڏهين به پنهنجي زبان سان نڪته چيني نه ڪيائين، ۽  نڪا ڪا سندن لاءِ ڪنهن به وقت حقارت يا نفرت ظاهر ڪيائين. ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته شاه نڪي سني هو، نڪي شيعو،  چون ٿا ته هڪ لڱا ڪنهن شخص سوال ڪيس ته ل.شاهه سائين، توهين سني آهيو يا شيعا؟ وراڻي ڏنائين ته ابا، آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان. تنهن تي هن چيو ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي. شاه جواب ڏنو ته آءٌ آهيان به اهوڪي ڪين.

انهي هوندي به شاه، اسلام جي سڀني اصولن ۽ فروعن جي پوري طرح پيروي ڪندو هو. پنج ئي نمازون ساري پڙهندو هو. رمضان جا ٽيهئي روزا رکندو هو، ۽ ازانسواءِ ٻيا نفلي روزا به رکندو هو. خدا جو ذڪر ۽ تسبيح هميشه پڙهندو هو ۽ قرآن شريف جو پڻ دائما دور ڪندو هو.  هڪ دفعي حج جو ارادو به ڪيو هئائين. واٽ ويندي، هڪ پاڻيءَ جي ڍوري پٽ، وڻ جي ڇانو ۾ ساهي کڻڻ لاءِ ويٺو هو،ت ه ايتري ۾ هڪڙو ٻڪرين جو ڌڻ پاڻي پيڻ لاءِ ڏاڍيءَ سڪ سان ڊوڙندو ايندو ڏٺائين. جڏهنل پاڻي پي رهيون، تڏهن ڍوري کي پٺ ڏيئي، بيهي پاڻيءَ ۾ مٽڻ ۽ ڦولهڙيون لاهڻ لڳيون. شاه کي نهايتع برت لڳي ۽ چيائين:

ڏوريان ڏوريان م لهان، سال م ملان هوت

جي اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.

ائين چئي، اڳتي هلڻ جي سڏ ڦٽي ڪري، پوئتي موٽيو.

اگرچه شاه شريعت جو پورو پائبند هو، تڏهن به مذهبي ڳالهين ۾ نهايت آزاد خيال هو؛ ۽ چاهيندو هو ته هر هڪ انسان لاءِ اها آزادگي ضروري آهي، خواه هندو هجي يا مسلمان، خواه يهوديد هجي يا ڪرستان، مگر سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي مذب جي اصولن جي پوري طرح تعميل ڪرڻ گهرجي. سکڻي ايمان رکڻ کان،ز ياده زور عمل تي ڏيندو هو. مسلمان کي گهرجي ته قول ۽ فعل، ٻنهيل ۾ سچو مسلمان ٿي گذاري، ۽ نه رڳو مؤمن جي نالي تي فخر ڪري.

ان پر نه ايمان، جن ڪلمي گو ڪوٺائين

دغا تهجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان

مھ ۾ مسلمان؛ اندر آذر آهين.

اهڙيءَ طرح هندوءَ کي پڻ هندوءَ جي نالي تي، ۽ خالي ڪريا ڪرم تي راضي رهڻ نه گهرجي؛ مگر رهڻي توڙي ڪهڻيءَ ۾، پنهنجي ڌرم جي سچن متن تي پورو هلڻ گهرجي. ۽ اگرچه مؤمن جي نظر ۾ هو ڪافر آهي، تڏهن به  پنهنجي ڪفر سان سچو ۽ وفادار هئڻ گهرجيس.

ڪوڙو تون ڪفر سين! ڪافر م ڪوٺاءِ

هندو هڏ نه آهيين، جڙيو ته نه جڳاءِ

تلڪُ تنين کي، سچا جي شرڪُ سين.

قرآن شريف ۾ پڻ چيل آهي لا اکراه في الدين يعني دين ۾ زور زبردستي روا نه آهي؛ ۽ ٻئي هنڌ فرمايل آهي لکم دينکم وليٰ دين. يعني توهان لاءِ توهان جو دين ۽  منهنجي لاءِ منهنجود طين. شاه صاحب جو به اهوئي متو هو. موليٰ کي ملڻ جا ڪروڙين طريقا آهن؛ جيترا روح تيترا رستا. گيتا  ۾ اهو مطلب هنن لفظن ۾ درج ٿيل آهي:

جي جهڙيءَ ريت مون کي اوڏو اچن ٿا، تهڙيءَ ريت ئي آءٌ انهن ڏڇانهن وڃان ٿو، منهنجو ئي رستو وٺن ٿا، ماڻهو هر طرف کان، هي پارٿ!

مولانا روميءَ، مثنويءَ جي ٻئي دفتر ۾ حضرت موسيٰ ۽ ريڍار جي ڳالهه ۾ ساڳيو مضمون هن طرح ادا ڪيو آهي:

هنديان را اصطلاح هند مدح سنديان را اصطلاح سند مدح

مابرون راننگريم و قال را ما درون را بنگريم و حال را.

مطلب ته، جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ حق لاءِ حب آهي، ته پوءِ حرڪت نه آهي ته ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به نموني، يا ڪهڙي به زبان ۾، يا ڪهڙي به مڪان ۾، خدا جي بندگي ڪري سگهي ٿو. زوريءَ يا زبردستيءَ سان، ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ دين مان برغلائي ٻئي دين تي آڻڻ مان ڪهڙو سود؟ البت، جيڪڏهن ڪو شخص  سچي ن يت ۽ يقين سان ڪو دين اختيار ڪري ته روا آهي. چون ٿا ته  شاه عبدالطيف، هڪ لڱا مٽارن (مٽيارن) جي جامع مسجد وٽان اچي لانگهاؤ ٿيو، ۽ اندران سندس ڪن تي هُل هنگامي جو پڙلاءُ پيو. اڳتي وڌي ڇا ڏسي ته هڪ واڻئي کي زبردستگيءَ طهر پيا ڪن. واڻئي جي واويلا پئي پيئي. شاه امالڪ اندر گهڙي ويو، ۽ واڻئي کي گهلي ٻاهر ڪڍي، مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائينت ه ادا، ڪڏهن موچڙن سان به ڪو ماڻهو دين تي آيو آهي؟

جي رهڻي رهيو نه سپرين،ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه.

شاه جو  عقيدو هو ته جي ماڻهو پنهنجي دين يا ڌرم تي  قائم رهيو، ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو رکيائين،ته ضرور سندس قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روهاني جذبو انپن ٿيندو، جو ڪش:ش ڪري کيس پنهنجي حقيقي محبوب جي ديدارجو مشتاق بڻائيندو. انهيءَم نزل تي پهچڻ بعد، دين ۽ مذهب هڪ معمولي ڳاله ٿيو پوي. پرين کي پسڻ جو طريقو علحدو آهي، جنهن جو دين ۽ مذهب سان ڪو واسطو ڪونهي. انهيءَ حالت ۾ صوفيانو ۽ عاشقانو  طريقو گهربل آهي؛ پر جيستائين شريعت جي پاڙ پڪي نه هوندي، تيستائين طريقت حاصل ڪرڻ ناشدني آهي، سواءِ خدا جي خاص مهربانيءَ سان، مولانا رومي فرمائي ٿو:

ملت عشق از همه دينها جداست

عاشقان را مذهب و ملت خداست

عاشقن ۽ صوفين جول مذهب علحدو آهي. هو نڪي هندو اهن نڪي مسلمان، نڪي مومن نڪي ڪافر. مسجد ۽ مندر،  دير ۽ ديول، صوفيءَ: جي نظر ۾ هڪ آهن. صوفي لاڪوفي آهي، شاه جيتوڻيڪ ظاهري طرح شريعت جي آخر تائين پيدروي ڪندو آيو، تڏهين به سندس سچو مذهب صوفيانو هو. تصوف جي اصولن ۽ عقيدن جو مفصل بيان، فصل چوٿين ۾ ڏنو ويو آهي؛ ۽ پڻ ڇهين فصل ۾ شاه جي صوفياني شعر جي اُپٽار ڪئي ويئي آهي. انهن ٻن فصلن مڪان، اُميد ته شاه جي صوفياني روش جي پوري پوري خبر پئجي سگهندي.

جيتوڻيڪ شاه عبدالطيف اهڙيءَ منزل تي رسيل هو، جتي کيس شريعت جي پابنديءَ جي بنهه ضرورت نه هئي، تڏهن به، جنهن صورت ۾ هو ماڻهن جو هادي ۽ مرشد هو، تنهن صورت ۾ پاڻ انهن لاءِ مثال ٿي، سڀيئي ديني فرض بجاءِ آڻيندو هو. هميشه اهو خطرو هوندو هوس ته متان ماڻهو، سندس صوفيانيون رمزون پروڙي نه سگهن،  ۽ وڃي گمراهيءَ ۾ پون؛ ۽ ٻنهي جهانن کان وڃن.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com