سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :7

فصل 7

شاهه جو نظم

شعر ۽ نظم شاه وزن جي گهڻي دقت نه ورتي آهي هندستاني دوهو- دوهي جي بناوت سنڌي دوها شاه جو طريقو تجنيس حرفي هندستاني راڳ ۽ راھڻيون.

 

فصل پنجين ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته شعر ڇا آهي، ۽ پڻ اشارو ڪيو ويو آهي، ته وزن ۽ قافيو شعر جا ضروري شرط آهن. علم عروض جي عالمن موجب شعر جون حدون، لفظن اندر ئي مقرر هئڻ گهرجن. انيهءَ حالت ۾ شعر کي نظم به ڪري ڪوٺين ٿا. ڪنهن به ماڻهوءَ کي شاعر چئي سگهجي ٿو، اگرچه سندس نظم تمام سٺو نه هجي. وري جيڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ جو نظم ڪيترو به سٺو هوندو، ته  به ان کي شاعر نه چئي سگهبو. اگرچه وزن ۽ قافيو، شعر جو حسن ۽ لذت وڌائين ٿا، تڏهين به اهي هڪ  قالب جي مثل آهن، جنهن ۾ شعر پلٽيو وڃي ٿو، پر نظم  ۾ جيستائين شاعراڻو روح نه هوندو، تيستائين ان کي سچو شعر نه سڏبو.

شاه عبداللطيف جي ڪلام کي هر طرح شعر چئي سگهجي ٿو؛ مگر منجهس وزن جي گهڻي  دقت نه ورتي ويئي اهي. وزن جي باري ۾ ساه لاءِ ٻه رستا کليل هئا:؛ يا ته انهن کي ڇڏي، ديسي طريقو اختيار ڪرڻو هو.  اگرچه پاڻ عربي علم عروض کان چڱيءَ پر واقف هو، مگر جنهن صورت ۾ بحرن ۾ تصنع ۽ تڪلف گهڻو آهي. ۽ سندن پيچيردگيون شعر کي مصنوعي بنايو وجهن؛ تنهن صورت ۾ عربي علم عجروض جو تتبع نه ڪيائين. جهڙيءَ طرح نج سنڌي لفظن جي استعمال ڪرڻ ۾ پنهنجي حب الوطنيءَ جي شاهدي ڏني  اٿس؛ اهڙي طرح وري پنهنجي شعر جي نظم ڪرڻ ۾ به، پنهنجي آزاد طبعي ۽ وطني حب ڏيکاري اٿس.

جنهن وقت کان وڍي پراڪرت، سنسڪرت کان ڇڄي ڌار ٿي، تنهن وقت کان وڍي هندستان ۾ جيڪو شعر چوڻ ۾ ايندو هو، تنهن ۾ سنسڪرت ڇند شاستر جو تتبع نه ڪيو ويندو هو. مگر هڪ قسم جو رواجي وزن، جنهن کي دوهو يا دهرو ڪري چوندا هئا، تنهن ۾ نظم چوڻ ۾ ايندو هو. مشهور چارڻ چند بردائيءَ، جنهن اٽڪل سنه 1200 عيسويءَ ڌاري، راجا پرٿوي راج چؤهاڻ جا ڪارناما وپرٿي راج سن نالي ڪتاب ۾ نظم ڪيا آهن، تنهن به دوهو وزن ڪم آندو آهي، برج ڀاشا ۾ لکيل شعر اڪثر ڪري دوهرن جي صورت ۾ هوندو هو. تلسي ڪرت رامائڻ پڻ انهيءَ وزن ۾ نظم ٿيل آهي. ڪبير ڀڳت ۽ گورونانڪ صاحب جون ٻاڻيون به دوهرن ۾ لکيل اهن. سنڌي ٻوليءَ ۾، شاه کان اڳ ۾ جيڪو شعر چيل هو، سو گهڻو ڪري انيهءَ نموني ۾ هو. شاه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري ۽ قاضي قاضن جو ڪلام به انهيءَ قسم جو آهي.

دوهي جي لفظي  معنيٰ آهي ٻيڻو، يعني مثنوي، هر هڪ دوهي ۾ ٻه ٻه مصرعون هئڻ گهرجن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو قافيو هئڻ گهرجي. هڪ هڪ مصرع ۾ ٻه پد هئڻ گهرجن. انهن چئن پدن  مان پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ تيرهن تيرهن ماترائون هئڻ ضروري آهن؛ ۽ باقي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ يارهن يارهن ماترائون. دوهي جي ڪل اٺيتاليهه ماترائون ڊگهيون هجن يا ڇوٽيون، ته حرڪت نه آهي. ماترائن جي جدا جدا تقسيم موجب، دوهري جا ڪيترائي قسم ٺهي سگهن ٿا.

جيتوڻيڪ دوهي لکڻ جي اصلي ترتيب اها آهي، جا مٿي ڏيکاري ويئي آهي؛ پر تڏهين به سنڌي دوهي ۾ هر هڪ شاعر پنهنجي خيال موجب، گهٽ وڌ ماترائون استعمال ڪيون آهن. شاه عبدالطيف انهن دوهرن ۾ نئين قسم جي ڦير گهير ڪئي. هڪڙو ته اڳين جو دستور هوندو هو، جو اڪثر ڪري دوهري جي ٻئين ۽ چوٿين پد جو قافيو ساڳيو رکندا هئا؛ مگر شاه ان جي بدران پهرئين ۽ ٽئي، يا ٻئي ۽ ٽئي پد کي قافيو بنايو. وٺو شاه ڪريم جو هڪ دوهرو:

هيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ

کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.

هاڻي هن دوهري ۾، ٻئي ۽  چوٿين پد جي آخر ۾ قافيا لوڪ ۽ ٿوڪ آهن. شاه جو نمونو هيٺينءَ طور آهي.

سوري مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا

جليـﮣ لڳا نيڻ، تي سوريائي سيڄ ٿي.

يا

ڪاتي تکي م ٿيي مر منيائي هوءِ

مان ور من توءِ، مون پريان جا هٿڙا.

انهيءَ ڦير گهير ڪري، بيتن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ لذت پيدا ٿئي ٿي. ٻي  وڏي تبديل جا شاه دوهري ۾ ڪئي، سا هيءَ آهي جو بيتن ۾ ٻن مصراعن جي بدران، وڌيڪ مصراعون وجهڻ لڳو، ويندلي نون ۽ ڏهن تائين؛ ۽ پدن ۾ پڻ ماترائن جو هڪ جيترو عدد نه رکيائين. ڪن بيتن جي بناوت اصلوڪي هندستاني دوهي جهڙي آهي، يعني منجهن ٻه مصراعون آهن؛ ۽ پهرئين پد ۾ تيرهن ماترائن جو ٺهيل آهي. ڪٿي ڪٿي ته هڪ پد ۾ نو ماترائون آهن، ته ٻئي ۾ ڏه يا يارهن. مطلب ته شاه جي آزاد طبع، هن ڳالهه ۾ به ڪنهن جي تقليد نه ڪئي آهي؛ مگر پنهنجو نئون ۽ سهڻو طريقو اختيار ڪيو اٿس.

شاه، هڪڙي ٻي ناپيد صنعت ڪم آندي آهي، جنهن جي ڪري نه فقط علم عروض جي مصنوعي بحرن ۽ ارڪانن جي اوڻائي  ڍڪجيو وڃي ٿي، پر پڙهندڙ جي  دل هڪدم ڇڪجيو، رقص م اچيو وڃي. اها خاصيت موزن شعر ۾ به ورلي ملي سگهدني. اها صنعت هيءَ آهي جو تجنيس حرفي نهايت نزاڪت ۽ خوبيءَ سان استعمال ڪئي اٿس؛ ۽ اهڙو ڪو بيت مشڪل ملندو، جنهن ۾ ڪم نه آيل هجي. انهيءَ مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته ڪوشش ڪري، هروڀرو اها تجنيس کڻي ٿڦي اٿس، جئن ڪي هاڻوڪا مصنف ۽ شاعرڪ ن ٿا، جنهن جي ڪري سندن عبارت جڙتو ۽ بي سوادي بنجيو  پوي. شاه، تجنيسي لفظ اهڙا پورا ۽ معنيٰ دار استعمال ڪيا آهن، جو ڪيترو به غور ۽ ڪوشش ڪبي ته انهن کي بدلائي نه سگهبو.

پر شاه جي ڪلام جو پورو پورو مزو، ان کي سر سان آلاپڻ مان اچي ٿو. انيهءَ ڪري ئي رسالي کي سرن موجب ٺاهي بيهاريو اٿن. ڪن سرن تي اصلوڪن هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيا اٿن، ۽ ڪن تي وري مضمون جي مدنظر تي. واجب آهي ته هت هندستاني راڳي جي علم جو ٿورو ذڪر  ڪجي. ته پڙهندڙن کي هر هڪ سر جي سرنامي جي اصل جي پوري خبر پوي.

هندو لوڪ، سال کي ڇهن رتبن ۾ وراهين ٿا. هر هڪ رت لاءِ خاص راڳ رٿيل آهي. راڳ جي اصلي معنيٰ آهي روح جو ريلو يا جذبو، انهن ڇهن راڳن جا نالا آهن؛ ڀيرو، هندول، ميگهه، سيراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس. هندو ماڻهو راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون ڪري سڏيندا آن. هر هڪ ديوتا کي پنج ڀاريائون (زالون)، ۽ اٺ پٽ آهن. انهن زالن کي راڳڻيون ڪري ڪوٺين ٿا، پر پٽن جو ايترو مان نه آهي جيترو راڳن ۽ راڳڻين جو، يعني اڪثر ڪري انهن ٻنهي جي ڳائڻ جو رواج گهڻو آهي.

ڏينهن ۽ رات کي ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هر هڪ حصي لاءِ ڌار ڌار راڳ مقرر ڪيو ويو آهي.

ڀيرو 4 بجي صبوح کان وٺي 8 صبح بجي تائين.

هندول  8 بجي صبح کان وٺي 12 بجي منجهند تائين.

ميگهه 12 بجي منجهند کان وٺي 4 بجي شام تائين.

سريراڳ 4 بجي شام کان وٺي 8 بجي شام تائين.

ديپڪ 8 بجي شام کان وڍي 12 بجي رات تائين.

مالڪوس 12 بجي رات کان وٺي 4 بجي صبوح تائين.

چوندا آهن ته هر هڪ ديوتا کي پنهنجي پنهنجي راڳ ٻڌڻ جي فرصت، مٿئين ڄاڻايل مقرر ڪيل وقت تي ئي ٿي سگهي ٿي. پر اهي راڳ ۽ راڳڻيون، جڏهنبه دل چوي، تڏهن ڳائي سگهجن ٿا؛ سوا:ءِ ميگهه جي، جو اڪثر ڪري برساتي موسم ۾ ڳايو ويندو آهي. پر ڪيترن ڳائيندڙن ۽ گوين جي دل تي وهم ويٺل آهي ته بيوقتو راڳ ڳائڻ بدسوڻ آهي.

هندن قديم يونانين وانگر، انهن راڳن ۽ راڳڻين کي مجسم ڪري، هر هڪ جي سندس مضمون موجب دلڪش تصوير ڪڍي آهي. مثلاََ، ڀيرو، کي شو وانگر ٽي اکيون آهن، پيشانيءَ تي چنڊ پيو چمڪبس؛ گنگاندي سندس جٽائن مان پيئي وهي، مٿي تي واسينگ نانگ ويڙهيل اٿس، ۽ ڳچيءَ ۾ ڪوپرين جي ڪئنٺي پيل اٿس، هندول سوني هندوري ۾ پيو لڏي؛ سندس چڇوگرد ڪيتريون ئي اپڇرائون بيٺل آهن، جي هندوري کي به  پيئون لوڏين ۽ راڳ به پييون ڳائين، ميگهه جو ورن ڪارو آهي، پيلي پوشاڪ اٿس، هٿ ۾ تکي ترار اٿس، ۽ ڪڪر تي سوار آهي. سيراڳ، هڪ سهڻو جوان آهي، پوشاڪ سفيد پيل اٿس، لالن ۽ بلورن جي مالها ڳچيءَ ۾ پيل اٿس، ۽ هٿ ۾ ڪنول گل جهليو بيٺو آهي. ديپڪ کي باه جهڙا چلڪندڙ ڪپڙا پهريل آهن، پيشانيءَ مان آلا پيا  نڪرنس، ۽ هڪ مست هاٿي تي سوار آهي. عام اعتقاد آهي ته انهيءَ راڳ کي جيڪڏهين ڪو پوريءَ طرز تي ڳائي ته سندس اندر مان باه اُڀري، کيس جلائي ڇڏي، مالڪوس هڪ تازو توانو جوان آهي. جنهن جي منهن مان رت پيو  ڇني، اکيون نشي ۾ مخمور اٿس، هٿ ۾ لٺ اٿس، لباس نيلو اٿس۽ موتين جي مالها ڳچيءَ ۾ پيل اٿس.

راڳڻين ۽ پٽن جا نالا جئن جئن رسالي ۾ ايندا ويندا، تئن تئن انهن جو ذڪر ڪيو ويندو.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com