سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 15

بهزاد سنڌي:

رحمت الله ولد عبدالمجيد ملاح ادبي نالو بهزاد سنڌي، 12 ڊسمبر 1971ع تي جنم ورتو. ميٽرڪ تائين دادو شهر ۾ پڙهيو. هن وقت حڪمت جي پيشي سان منسلڪ آهي. بهزاد سنڌي لکڻ جي شروعات  1990ع کان ڪئي. هن شاعري مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس قلمي پورهيو ماهوار ادب مئگزين، ماڪ ڦڙا، ڇوليون، خوشبوءِ ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. صحافت سان به واسطو هيس. جن ۾ روزانه عبرت روزانه سنڌو سنڌ سجاڳ بختور ۽ پڪار اخبارون شامل آهن.

بهزاد سنڌي، احمد مجتبيٰ، غالب ملڪاني، الهنواز رڪڻائي ۽ وحيد الزمان قريشي کان پنهنجي شعري اصلاح ڪرائي.

مشتاق ڀرڳڙي:

مشتاق علي ڀرڳڙي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 16 سيپٽمبر 1974ع تي ڳوٺ اٺين شاخ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. تعليم دادو شهر مان حاصل ڪيائين. لکڻ جي باقائده شروعات 1990ع کان ڪيائين. سندس ڪيترائي مضمون خاڪا ۽ ڪالم سنڌ جي ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مشتاق ڀرڳڙي دادو شهر مان ٻه ماهي رم جهم جاري ڪيو آهي. جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر آهي. هن وقت تائين رم جهم جا ست پرچا شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي اداري رم جهم پبليڪيشن طرفان نئين ٽهي جي شاعر مانجهي زرداري جو شعري مجموعو جوڀن رت جون سوکڙيون جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مشتاق ڀرڳڙي جا ٻه ڪتاب پاڇي ۽ لفظ نه آهن کيڏوڻا ڇپجي چڪا آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادو جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن وقت دادو ۾ رهي ٿو.

اطهر منگي:

اطهر منگي جو اصل نالو علي نواز آهي. 28 اپريل 1948ع تي جنم ورتائين. سندس والد جو نالو محمد فاضل منگي آهي. ادبي دنيا ۾ اطهر منگي جي نالي سان ڄاتل سڇاتل آهي. اطهر منگي پرائمري تعليم دادو ۾ پڙهيو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم به دادو مان حاصل ڪيائين. تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيتي سان شامل ٿيو. 1986ع ۾ تعليم کاتي کي ڇڏي پاڪستان ٽيليوزن سينٽر تي پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. اطهر منگي شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنهن ۾ غزل، گيت، چوسٽا، آزاد نظم شامل آهن. ان سان گڏ تنقيدي مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿس. سندس مواد شايع ٿيندو رهي ٿو. نئين ٽهي جي شاعرن ۾ جيڪا 1971ع کان پوءِ سنڌي ادبي افق تي اڀري آئي ۽ ڇانئجي وئي. ان ۾ اطهر منگي جو نانءُ به شامل آهي.

صدف حسيني:

شمس الدين ولد الله داد پنهور 15 فيبروري 1964ع ۾ شاهاڻي پاڙي دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تخلص صدف حسيني آهي. ۽ زين پنهور جي نالي سان به لکندو آهي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول مين دادو مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪئي اٿس. هن وقت تعليم انٽر اٿس. علم ادب سان چاهه رکي ٿو. هن غزل، گيت، چوسٽي ۽ نظم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪافي وقت کان سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. 1997ع ۾ سنڌي ادبي شاخ دادو جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

صالح فقير:

صالح فقير جو اصل نالو سوڍل پنهور آهي. سندس والد جو نالو محمد عرس پنهور آهي. 8 فيبروري 1953ع تي جنم ورتائين. ڄمڻ جو هنڌ محمد خان خشڪ تعلقي دادو اٿس. پرائمري تعليم پنجين ڪلاس تائين پڙهيو آهي. مطالعي جو شوق اٿس، اردو، سنڌي ۽ انگريزي پڙهي لکي سگهي ٿو. هن ڊرامه، ڪهاڻيون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. شعر و شاعري سان دلچسپي اٿس. ننڍپڻ کان هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن وقت شاعري جو ڪافي ذخيرو اٿس. جن ۾ ڪافيون ڪلام، گيت، غزل، چيل اٿس. ان کان علاوه هن نعتون، قصيده، مولود، بيت، رباعيون به چيون آهن. هميشه ترنم سان شعر پڙهندو آهي.

عبدالله اداسي کوسو:

عبدالله اداسي ولد محمد صالح کوسو 21 جولاءِ 1958ع تي ڳوٺ لعل بخش کوسو تعلقي جوهي ۾ جنم ورتو. سندس تخلص اداسي آهي. صرف پنج درجا پڙهي سگهيو. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي. اداسي شعر و شاعري کان علاوه سگهڙ پڻ آهي. ڏور بيت تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. فنڪار ۽ اسٽيج اداڪار پڻ آهي. هيءَ ايگريڪلچر ريسرچ يونين ضلع دادو جو صدر به رهي چڪو آهي. هن وقت سگهڙ يونين ضلع دادو جو سيڪريٽري آهي.

حاجي محمد حسن سومرو:

حاجي محمد حسن ولد حاجي دين محمد سومرو ڦلجي وليج تعلقي جوهي ۾ 9 جنوري 1921ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. فائينل جو امتحان 1938ع ۾ ڏنائين. ان امتحان ۾ امتيازي حيثيت سان پاس ٿيو. 1 مئي 1943ع ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ سيال، ابراهيم ڪچي، پپري،جيئند لاشاري، غريب آباد، شيخ گلاب ۽ مزدورآباد اسڪول ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين. حاجي محمد حسن سومرو درس تدريس کان علاوه علمي ۽ ادبي خدمتون پڻ سرانجام ڏيندو آيو آهي. هن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. جن ۾ سومرا دور جا واقعا، ڪنزال مفردات (طبي)، تاريخ انقلاب، عالم ورونهن، وايون وڻجارن جون، مداحون ۽ مولود شريف، دادو شهر، سنڌ ۽ سومرا، جامع لغات (ترجمه)، رهاڻ، حڪايات رومي، ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو تنوارون، سدوري (افسانو)، شاهه جون وايون، علامه عنايت الله مشرقي، بلها شاهه، انمول جهونگار، سنگ پارس ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

حاجي محمد حسن سومرو 1980ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ سال 1999ع ۾ انتقال ڪري ويو.

صلاح الدين پنهور:

صلاح الدين پنهور 8 جون 1947ع ۾ اباڻي ڳوٺ ابراهيم پنهور عرف ابراهيم ڪچي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد صالح پنهور آهي. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان طالب الموليٰ هاءِ اسڪول مان نمايان حيثيت سان پاس ڪيائين. ميٽرڪ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتائين. جتان گريجوئيشن ڪري بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي سوشل ورڪ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيائين. ڪجھه وقت دادو ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر ٿي رهيو. هن وقت ڪراچي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. صلاح الدين پنهور کي ابتدا کان ئي علم ادب سان چاهه هو. هن ٻارن سان باري ۾ ڀرپور حصو ورتو. جتي هن ننڍڙن ٻارڙن ۾ ادبي چاهه پيدا ڪيو. ان سان گڏ اداره منڇر ادب قائم ڪيو. سندس ڪيترائي مضمون اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. ادب سان گڏ شعر و شاعري پڻ ڪندو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو سان وابسته آهي. هن کان اڳ مورو ۽ سانگهڙ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو آهي. کيس ساهت سنگت سانگهڙ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو آهي. کيس ساهت سنگت سانگهڙ جي باني ڪارڪنن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. صلاح الدين پنهور کي ابتدا کان ئي سماجي، ثقافتي، سرگرمين سان چاهه هو. اهو ئي سبب آهي جو محڪمه سوشل ويلفيئر ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هن سانگهڙ ۽ مورو ۾ روشن تارا اسڪول کولائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. دادو ۾ ثقافتي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دل جان سان ڪوشش ڪئي. سندس ڪوشش سان ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪامياب ٿيا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي محفل سماع، زرعي ۽ صنعتي نمائش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندس ڪاوشون شامل رهيون آهن.

الهه رکيو ڳورڙ:

الهه رکيو ڳورڙ ولد بشارت خان ڳورڙ 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ بي. ٽي پنجاب يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. الهه رکيو ڳورڙ 1962ع ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ان کان پوءِ 1963ع ۾ ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيو. بعد ۾ کيس بدلي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ مقرر ڪيو ويو. 1978ع ۾ سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر ميهڙ مقرر ٿيو. 1979ع ۾ هيڊماستر هاءِ اسڪول ڪڪڙ ۾ مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه راڌڻ، جوهي ۾ پڻ هيڊماستري جا فرائض سرانجام ڏنائين. الهه رکيو ڳورڙ ادبي دنيا سان وابسته آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ميرپور بٺوري جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت دادو سان واڳيل آهي ۽ پنهنجي يادن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکي رهيو آهي.

ڪمال الدين سولنگي:

ڪمال الدين سولنگي ولد مولوي جمال الدين سولنگي 21 سيپٽمبر 1932ع ۾ ڳوٺ شاهه آباد تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ڪمال الدين سولنگي جو والد عالم دين هو. جنهن جون ديني خدمتون به نمايان حيثيت رکن ٿيون. ڪمال الدين سولنگي ابتدائي تعليم مسلم اسڪول ڇاڻو شاهه آباد دادو مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ ويٺو، جتان ميٽرڪ جو امتحان 1951ع ۾ پاس ڪيائين. سندس شروع کان لاڙو درس و تدريس طرف هو. اهو ئي سبب هو جو هن استاد جهڙي معزز پيشي کي اختيار ڪيو. 26 سال نونهالن کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪيو. سندس ڪيترائي شاگرد پڙهي اڄ اعليٰ عهدن تي پهچي چڪا آهن. ان عرصي دوران هن بي. اي، ايم. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان به پاس ڪيا. 1975ع ۾ کيس سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر دادو مقرر ڪيو ويو، اتان ترقي ڏئي کيس ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن تعليم ضلع دادو مقرر ڪيو ويو. هن ڀان هاءِ اسڪول، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ پڻ هيڊماستري جا فرائض نڀايا، ۽ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. ڪمال الدين سولنگي راڳ جو ماهه ۽ ڄاڻو هو، ان ڪري دادو آرٽ ڪلب سندس ڪوشش سان قائم ٿي.

ڪمال الدين سولنگي 4 جون 1999ع تي وفات ڪري ويو.

ڪجھه نصابي ڪتاب ۽ گائيڊون لکيائين. سندس انگريزي پوئٽري تي لکيل هڪ ڪتاب کي هڪ مقامي استاد ٿوري ڦير ڦار ڪري پنهنجي نالي سان ڇپائي ڇڏيو آهي.

ڌڻي بخش ميمڻ:

ڌڻي بخش ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ 12 فيبروري 1927ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين مان حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ فائينل جي تياري ڪيائين ۽ اهو امتحان پاس ڪري استادي جي پيشي سان وابسته ٿي ويو ۽ تعليمي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. محڪمه طرفان کيس 1951ع ۾ ٽريننگ ڪورس لاءِ منتخب ڪيو ويو. جتي محنت ۽ لگن سان دادو ضلع ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. درس و تدريس کان علاوه ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺڻ لڳو. سندس ڪيترائي مضمون ادبي رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيا. سابق صدر ايوب خان جي دور ۾ کيس انعامي مقابلي ۾ انعام سان نوازيو ويو، 1987ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان اسلام آباد طلب ڪيو ويو، جتي تعليمي نصاب کي ترتيب ڏيڻ لاءِ سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون، علمي ادبي خدمتن کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو آيو، ازان سواءِ قربان ڪلب دادو جو سنگ بنياد وجهندڙ آهي. ڌڻي بخش ميمڻ 1989ع ۾ وفات ڪري ويو آهي.

غلام الرسول پرديسي ٻٻر:

غلام الرسول ولد محمد خان ٻٻر 7 ڊسمبر 1971ع ۾ ٿرڙي جادو شهيد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي، ادب سان چاهه رکي ٿو ۽ پرديسي تخلص استعمال ڪري ٿو. هن ڪجھ ڪهاڻيون لکيون آهن. غزل، گيت تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. تفريحي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. هي سنڌ تنظيم جو سابق نائب صدر رهيو آهي، هن تنظيم جو مقصد نوجوانن کي تاريخي مقامات جو سير ڪرائڻ، انهن ۾ شعور جاڳائڻ آهي، غلام الرسول ٻٻر جي هن وقت رهائش دادو شهر ۾ آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر آهي. دادو شهر ۾ جيڪي ادبي سرگرميون ٿين ٿيون، انهن ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو.

اداسي امير بخش:

امير بخش ولد فيض محمد لُنڊ تخلص ”اُداسي“ سال 1942ع ۾ ڳوٺ ميوو لُنڊ تعلقي دادو ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم به پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، امير بخش اُداسي کي ننڍي کان ئي شعر و شاعري سان دلچسپي هئي. هن شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ غزل، گيت، ڪافيون، چؤسٽا، بيت، شامل آهن. امير بخش اُداسي سعودي عرب ۾ وڏو عرصو گذاريو. جتي ميرل فقير جا به جده ۾ وڏا وڏا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا ان ۾ شرڪت ڪندو هو. ڳچ عرصي کان سعودي عرب مان سڪونت ترڪ ڪري دادو شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائين. دادو ۾ به مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو هو. امير بخش اُداسي سال 2003ع ۾ وفات ڪري ويو.

ميهر فقير لُنڊ:

محمد حسن عرف ميهر فقير لُنڊ ولد سانوڻ خان لُنڊ سال 1940ع ۾ ڳوٺ ميوو لُنڊ تعلقي دادو ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ڳوٺ ميوو لُنڊ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. ميهر فقير شاعر ۽ فقير گهراڻي جو فرد آهي. سندس پِڙ ڏاڏو سخي عالم خان هڪ شاعر، درويش ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن اهڙي شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي. ميهر فقير زندگي جو وڏو حصو جدي (سعودي عرب) ۾ گذاريو. سندس اوطاق تي ڪيترائي مشاعره ٿيندا هئا. جن ۾ ميرل فقير جويو، امير بخش اُداسي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا. پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. هن وقت سندس رهائش دادو شهر ۾ آهي. دادو جي ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو آهي ۽ قلندر جي ميلي ۾ عقيدت جا گُل نڇاور ڪندو آهي. ميهر فقير غزل، گيت، وائي، ڪافي ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس شاعري جا ڪجهه مجموعا شايع ٿيا آهن.

نظير نياز جويو:

نظير احمد جويو ولد حاجي علي بخش جويو تخلص نظير نيار جويو  7 مئي 1959ع تي ڳوٺ ٻيلو پتڻ تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڪڪڙ مان حاصل ڪيل اٿس. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي. سال 1982ع کان ادبي کيتر ۾ پير پاتو اٿس. جيڪو اڄ تائين سندس ادبي سفر جاري آهي. هن شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي.

نظير نياز جويو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب ۾ به رهيو آهي، اتي به هن سماجي ثقافتي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيون. هن جدي ۽ مڪي پاڪ ۾ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن سان رهاڻيون رچايون. جن ۾ عنايت بلوچ، غلام مصطفيٰ شاهه (سابق وفاقي وزيرتعليم)، خيرمحمد کوکر (ايڊيٽر روزانه عبرت)، اشفاق احمد ميمڻ، ڊائريڪٽر حج ۽ اوقاف مصطفيٰ قريشي، روبينه قريشي (گائڪ) ۽ اداڪار اچي وڃن ٿا.

دکي دائود سومرو:

محمد دائود ولد ساماڻو خان سومرو تخلص دکي دائود 16 اپريل 1961ع ۾ شادڻ تعلقي جوهي ۾ جنم ورتو، پنجون درجو شادڻ مان پاس ڪري طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخلا ورتي، جتان ميٽرڪ جو امتحان سال 1980ع ۾ پاس ڪيائين. هن وقت پنهنجي خانگي ڪاروبار ۾ مشغول آهي. دکي ادب سان واسطو رکي ٿو. هن غزل، گيت، وائي، قصيده، نعت، حمد ۽ قطعه تي طبع آزمائي ڪئي آهي. وٽس ڪافي شاعري جو مواد موجود آهي. استاد بخاري کان شاعري جي اصلاح ڪرائيندو هو. اهو ئي سندس استاد هو. هن هڪ غزل پيسي کي سلام پيش ڪيو. ان شعر جي ڪري سال 1997ع ۾ جي.ايم.سيد ايوارڊ مليس. هن وقت مرکيو دادو ۾ رهي ٿو.

فقير غلام مصطفيٰ مڱڻيجو:

فقير غلام مصطفيٰ ولد محمد صفر مڱڻيجو 28 نومبر 1962ع ۾ ڳوٺ يار محمد مڱڻيجو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو جئند لاشاري اسڪول مان ۽ ميٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. هن وقت استادي پيشي سان منسلڪ آهي. فقير غلام مصطفيٰ جي منفرد حيثيت آهي. درازريش مبارڪ، مٿي تي وڏا وار، سفيد پٽڪو، سفيد عربي جبو، هٿ ۾ تسبيح ۽ لٺ سان گهمندي نظر ايندو. ديني جلسن ۾ مولود مداحون ۽ غز ڳائيندي ڏٺو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ سياسي جلسن ۾ حصو وٺندو آهي ۽ پ پ جي جلسن ۾ به ڏنو ويندو ۽ ڀٽي صاحب جي شان ۽ ڪردار تي گيت ڳائيندي ڏٺو ويندو آهي. هر وقت تسبيح هٿ ۾ هوندي اٿس ۽ صلوات جو ورد ڪندي ڏٺو ويندو. فقير غلام مصطفيٰ تصوف تي به ڪجهه مواد لکيو آهي. شاهه لطيف ۽ اڄ جو دانشور تي به هڪ مقالو لکيو اٿس. هي درگاهه ملڪاڻي شريف جو فقير آهي. هر سال چوڏهن شهيدن جو ميلو منعقد ڪرائيندو آهي ۽ هر مهيني جي تيرهين تاريخ تي صوفي راڳ ڪرائيندو آهي.

علي محمد سولنگي:

علي محمد ولد مير محمد سولنگي تاريخ 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان مڪمل ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦُلجي اسٽيشن مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ڊپلوما جو ڪورس ڪراچي بورڊ مان حاصل ڪيائين. هن وقت استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

علي محمد سولنگي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ به ڀرپور نموني سان حصو وٺندو رهي ٿو. هن غزل، گيت، وائي، بيت ۽ چؤسٽا لکيا آهن. سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو آهي. روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ (تون ڇا ڄاڻين) جي عنوان تحت هفتيوار ڪالم ڪافي وقت تائين شايع ٿيندو رهيو. ان کان علاوه اسلام آباد مان نڪرندڙ ماهوار رسالي السنڌ ۾ به مواد شايع ٿيندو رهيس ٿو، علي محمد سولنگي هڪ مئگزين نئين خوشبوءِ جي نالي سان جاري ڪئي آهي ۽ جا دادو شهر مان شايع ٿيندي رهي ٿي.

علي نواز عباسي:

علي نواز عباسي ولد خدابخش عباسي 16 فيبروري 1941ع ۾ ڳوٺ عرض محمد لغاري تعلقي مورو ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪري 1962ع ۾ استاد مقرر ٿيو. 34 سال استادي جهڙي معزز پيشي سان وابسته رهيو. 1996ع ۾ رٽائر ٿيو. ادبي سرگرمين ۾ پڻ سرگرمي سان حصو وٺندو پيو اچي. سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل رهيو آهي. غزل، گيت، وائي ۽ چوسٽن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. تقريرن ۽ تحريرن ذريعي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي بحث مباحثن ۾ شرڪت ڪندو آهي ۽ اتي هو پنهنجو چٽو موقف بيان ڪندو آهي.

مسڪين ملاح:

محمد ابراهيم ولد احمد ذات ملاح تخلص مسڪين ملاح تاريخ 1 مئي 1947ع تي ڳوٺ ملڪ تعلقي مورو ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دادو ۾ اختيار ڪيائين. پرائمري تائين حاصل ٿيل اٿس. مسڪين ملاح جو والد به ڏور بيت جو شاعر هو. سندس ڀاءُ مرحوم گلڻ ملاح پڻ شاعري ڪندو هو. گلڻ ملاح جا ڪيترائي ڪلام ۽ گيت مختلف فنڪار ڳائيندا آهن. انهن مان ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا. مسڪين ملاح پنهنجي ڀاءُ جي وفات بعد شاعري شروع ڪئي. سندس ڪيترائي گيت، غزل، چوسٽا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. مسڪين ملاح سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. هن نوحا به لکيا آهن. محرم مهيني ۾ سندس لکيل نوحا پڙهيا ويندا آهن. سندس شاعري جا ڪتاب بار ايسوسيئيشن دادو طرفان نور احمد سومرو ايڊووڪيٽ ڇپائي رهيو آهي. مسڪين ملاح جي هيٺين ڪافي ڏاڍي مشهور آهي. جيڪا ڪي ٽي اين تي نشر ٿي رهي آهي. رهائش دادو شهر ۾ اٿس.

پير علي محمد اظهر:

پير علي محمد اظهر ولد پير ڪريم ڏنو صديقي قريشي ريلائي درگاهه پير رکيل شاهه ريلائي تعلقي دادو جو رهواسي هو. سندس ولادت 10 اپريل 1923ع تي ٿي. پاڻ ٻارهن سالن تائين عربي فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. پرائمري تعليم لاءِ اسڪول کيڙو ۾ داخلا ورتائين. جتان فائينل جو امتحان سال 1939ع ۾ پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1942ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ احمد خان آصف مصراڻي جي محبت ۾ رهي شاعري جو شوق پيدا ٿيس. شاعري ۾ سندس استاد جمع خان غريب هيو. هن ڪيترائي تاريخي ۽ تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. ان کان علاوه ضلع دادو جي جاگرافي به لکي.

پير اظهر کي مخدوم طالب الموليٰ وٽان ادبي حسن ڪارڪردگي تي چاندي جو تمغو ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ به عطا ٿيو. پاڻ مئي 1982ع تي رٽائر ڪيائين، ۽ طويل بيماري بعد 21 فيبروري 1985ع تي انتقال ڪري ويو.

محمد وريل سومرو:

محمد وريل سومرو جيڪو ايم. وي سومرو جي نالي سان مشهور هو، آخوند حاجي احمد جو وڏو پٽ هو. سندس ڄم 1921ع تي ڇاڻي ڳوٺ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم مسلم اسڪول ڇاڻو مان حاصل ڪيائين. جتان فائينل جو امتحان پاس ڪري، ان ئي اسڪول ۾ والد جي وفات بعد هيڊ معلوم ٿيو. ننڍپڻ کان ئي کيس سنڌ جي مشهور آرٽسٽ، مصور استاد علي نواز امير البحر سيوهاني جي حوالي ڪيو ويو. جنهن سندس ڏات ۽ صلاحيتن جي ديانتداري سان تربيت ڪري، کيس رنگن جي سڃاڻپ سان گڏ شيشي تي پينٽنگ جي ڪم ۾ ماهر بڻايو. 1938ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ هڪ سال هيڊ معلم جي تربيتي ڪورس دوران ڊرائنگ جو امتحان استاد الله بخش آرٽسٽ جي زير نگراني ۾ نمايان پوزيشن سان ڪاميابي حاصل ڪيائين. فنڪارانه صلاحيتون منجهس موجود هيون. ان ڪري استاد شفيع محمد سولنگي، استاد قربان لاشاري ۽ تاج محمد عرف تاجو حجم سان گڏجي، سنڌي تاريخي ڊراما اسٽيج ڪيائين. جنهن ۾ مکيه ڪردارن سان گڏ فنڪارن جي ميڪ اپ جي ذميواري خوبصورتي سان نڀايائين. درس و تدريس کان علاوه دادو ۾ هن پينٽنگ جو ڪم ۽ ماڻهن جا پورٽريٽ ٺاهڻ واري فن کي به خوب سنواريو. تاج محل سينيما دادو ۾ هلندڙ فلمن جا بئنر ۽ اداڪارن جون تصويرون ٺاهڻ ڪري سندس شهرت وڌندي رهي. ان ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو جي هيڊماستر پي، ڊبليو چيناڻي پنهنجي اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس جي شرط کان سواءِ کيس 1949ع ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو.

اسڪول ۾ استادي واري زماني ۾ هن هر قسم جي ايڪٽوٽي ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنهن ڪري راند جي دنيا ۾ والي بال جا وڏا رانديگر پيدا ٿيا ۽ ڊرائنگ جي فن ۾ عبدالفتحا هاليپوٽو، عاشق عارباڻي، عيسيٰ مهدي، عباس، جميل، شير محمد سومرو (سندس ڀاءُ) جهڙا مصور پيدا ڪيائين. مصور جي فن ۾ کيس پورٽريٽ اسڪيچنگ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. وڏي اعتماد سان روبرو ويٺل ماڻهن جي تصوير پنجن منٽن اندر اسڪيچ ڪري ويندو هو. جڏهن کان قلندر لعل شهباز جي درگاهه اوقاف ۾ آئي، ان سال کان حڪومت طرفان هر سال نمائش جو آغاز ٿيو. محمد وريل سومرو کي خصوصي اسٽال الاٽ ٿيندو هو. جتي سندس چترڪاري جي شاهڪارن تي ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا هئا. پاڻ اسٽال اڳيان چئلينج سان ماڻهن جا پنجن منٽن اندر پورٽريٽ ٺاهي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو.

1977ع ۾ شاهه فيصل جي آمد جي موقعي تي محمد وريل سومرو کي اسلام آباد ۾ ٻين وڏن آرٽسٽن سان گڏ گهرايو ويو. جتي محمد وريل سومري پنجن منٽن اندر ڦوٽو اسڪيچ ڪري قدرت جي ڏنل ڏات جو ڀرپور مظاهر ڪيو. سندس محنت سبب قلندر لعل شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي انعامات حاصل ڪيا. محمد وريل سومرو جي جدوجهد سان دادو ضلعي ۾ اسڪائوٽنگ جو رجحان وڌيو ۽ وڊبئج سان گڏ صلعي جو اسڪائوٽ سيڪريٽري به رهيو. فنون لطيفه سان وابستگي سبب شعر و ادب ۽ موسيقي ۾ به چڱي طبع آزمائي ڪيائين. پاڻ کلمک هئڻ ڪري تقرير ۽ ڪامينٽري ڪرڻ وقت ظريفانه انداز بڻائي ماڻهن کي مسرور ڪري ڇڏيندو هو. پاڪستان تحريڪ ۾ مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سندس لاءِ اهو وڏو اعزاز ۽ خوش نصيبي هئي ته ڪراچي ۾ قائداعظم سان جن به هٿ ملايو. انهن ۾ محمد وريل سومرو به شامل هو. محمد وريل سومرو 14 آگسٽ 1993ع تي هي دنيا ڇڏي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي:

هڪ علمي ۽ ادبي شخصيت جنهن جو تعلق پڻ دادو تعلقي جي تاريخي شهر پاٽ سان آهي، اها شخصيت آهي ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حبيب الله صديقي نه رڳو علمي ميدان ۾ پنهنجون بيش بها خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ اعليٰ عهدن تي فائز رهيو آهي. بلڪه ادب جي افق تي به هڪ درخشان ستاري جيان چمڪيو آهي. سندس زندگي جو وچور هن ريت آهي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي والد جو نالو ڪريم بخش صديقي هو. پاڻ پاٽ تعلقي دادو ۾ تاريخ 1 جنوري سنه 1937ع تي جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي، ايم. ايڊ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۽ پي. ايڇ. ڊي گولڊ ميڊلسٽ آهي. هن پنهنجي ابتدا جولاءِ 1953ع کان انگريزي استاد جي حيثيت سان ڪئي. ڪجھ وقت سپروائيزر ايڊيوڪيشن به رهيو. ان کان پوءِ ڊسمبر 1972ع کان سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن دادو، 1976ع کان ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪول 1979ع کان ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر، مئي 1988ع کان سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1990ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر بدين، فيبروري 1991ع کان پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سيڪنڊري پرائمري ايجوڪيشن حيدرآباد، جولاءِ 1993ع کان ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻه آڪٽوبر 1993ع کان چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو، جولاءِ 1994ع کان ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ ڄام شورو ۽ آگسٽ 1996ع کان ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ سنڌ ڪراچي به رهيو. هن وقت ڊاڪٽر اين. اي بلوچ ريسرچ انسٽيٽوٽ ۾ ڊائريڪٽر جا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ادبي حوالي سان صديقي صاحب بهترين عالم، اديب ۽ نقاد آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ٽماهي مهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگي ڄام شورو ۾ تحقيقي مقالا شايع ٿيا اٿس. هيٺ سندس تخليقون ادبي ۽ تحقيقي سرمايو آهن.

1.      Education in Sindh past and present.

2.     Allama I. I Qazi A Missionary Scholar of Islam and Pioneer of University Education in Sindh.

3.     Life on River Banks and Sea Shores.

4.     رچنائون

5.     وارڌاتون

6.     تاريخ باب الاسلام سنڌ (ڀاڱو پهريون)

7.     انسان جي تاريخ (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو)

شير محمد سومرو:

شاهه آباد ڇاڻو ۾ دادو جي عالم دين آخوند احمد سومرو جو ٻيو نمبر پٽ شير محمد سومرو 15 فيبروري 1937ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم پنهنجي والد جي مسلم اسڪول ڇاڻو، پوءِ انگريزي تعليم پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول دادو ۾ ٿي. 1955ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏئي هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت سان استاد مقرر ٿيو. مالي وسائل جي ڪمي سبب ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ريگيولر پڙهڻ بجاءِ ملازمت دوران ايم. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري سترهين گريڊ تائين پهتو. ننڍپڻ کان ٻهراڙي ۽ شهر جي هر راند کيڏيو. ادبي جبلتون ته کيس ورثي ۾ مليل هيون. ان کي اجاگر ڪرڻ ۾ عاشق عارباڻي جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر غلام علي (لنڊن) جو وڏو هٿ هو. هن هوش سنڀالڻ سان مضمون نويسي، افسانه نگاري ۽ شاعري ۾ طبع آزمائي شروع ڪيائين. شاگردي ۽ استادي دور ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مصوري جي ڏات کي سندس وڏي ڀاءُ محمد وريل سومرو سٺو سنواريو. عبدالفتاح هاليپوٽو ۽ عاشق عارباڻي جي محبت پڻ کيس چار چنڊ لڳايا. حيدرآباد جي استاد الله بخش قريشي ۽ استاد فدا حسين پٺاڻ سندس باڊي بلڊنگ ۾ تربيت ڪئي. پاڙي ۾ رهندڙ استاد رجب علي سخيراڻي کان ساز وڄائڻ سکيو ۽ مشهور گويه استاد صالح محمد ساند (خان صاحب بيبي خان جي شاگرد) کان موسيقي جي تعليم حاصل ڪيائين. شير محمد سومرو مختلف موقعن تي اسٽيج ۽ ٽيليويزن پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. فنون لطيفه سان سرشار ۽ دلداده استاد شير محمد سومرو جتي راندين، اسپورٽس، اسڪائوٽنگ ۽ فنڪاري جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اتي درس و تدريس جي حوالي سان پڻ خوب مان ۽ مرتبو ماڻيائين. پيغمبري پيشه کي سهڻو نڀايائين. دادو ضلع جي مختلف اسڪولن ۾ سندس پيشورانه مهارت ۽ علمي قابليت شاگردن، استادن ۽ اعليٰ عملدارن وٽ هڪ جهڙي قابل تعريف رهي. سڄي عمر پنهنجون سڀ صلاحيتون شاگردن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهيو. هرفن مولا هئڻ ڪري ملازمت دوران اسڪولن جي غير نصابي ۽ ثقافتي سرگرمين جو هميشه انچارج رهيو. فنون لطيفه جي حوالي سان تعليمي درسگاهن ۾ باصلاحيت شاگردن جو انتخاب ڪري کين اسٽيج تي روشناس ڪرائڻ ۾ سندس قابل تعريف ڪاوشون رهيون. هن حقيقتن جو علم تمام گهٽ ماڻهن کي هوندو ته سنڌ جا مشهور و معروف راڳي قمر سومرو، منظور سخيراڻي، خادم حسين سخيراڻي، حسين بخش سخيراڻي، اسٽيج ۽ ٽي. وي آرٽسٽ احمد ميمڻ، مزاحيه فنڪار فني دنيا ۾ استاد شير محمد سومرو جا دريافت يافته آهن. استاد شير محمد سومرو گهڻ رخو ڏات ڌڻي آهي اشعار ۽ مضامين ۾ هن مختلف تخلص استعمال ڪيا آهن. ڪڏهن شير شاهه آبادي، ڪٿي استاد شير ۽ ڪٿي وري ولائتي سڏائي ٿو.

سال 1995ع کان حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي تي مختلف اسڪولن طرفان ٿيندڙ چلڊرين شو جي منعقد ڪرائڻ جو مشورو پڻ استاد شير محمد سومرو جو ڏنل آهي. انهي سال 1995ع ۾ کيس مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جي مڃتا طور شهباز ڪاميٽي طرفان قلندر ايوارڊ ڏنو ويو. اپريل 2002ع ۾ سنڌ جي مشهور ڊراما نگار شاعر ۽ اديب نور گهلو ميڊيا پبليڪيشن طرفان شير محمد سومرو جي والي بال تي لکيل تاريخي ڪتاب والي بال کان شوٽنگ بال تائين ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڳوٺ ڇاڻو شاهه آباد ۾ خانگي درسگاهه فور ايس ميران بيبي اڪيڊمي جي نالي سان قائم ڪيو آهي. جنهن ۾ ديني ۽ جديد علوم جي اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. جتي اڄ استاد شير محمد پنهنجي دراز عمر هجڻ جي باوجود جوش جذبي ۽ ڪاميابي ۽ ڪامراني سان همڪنار رهندو پيو اچي.

سيد عبدالرحمٰن شاهه ”اظهر“:

سيد عبدالرحمٰن شاهه ولد جان محمد شاهه 12 ڊسمبر 1931ع تي پيارو ڳوٺ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پيارو ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ سنڌ يونيورسٽي مان انٽر بي. اي، ايم. اي به سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ادب سان واسطو رکي ٿو. هن شهيد مخدوم بلال ۽ شاهه عنايت شهيد صوفي تي مقالا لکيا آهن. سيد عبدالرحمٰن شاهه انجمن مخدوم بلال جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڳوٺ سڌار سنگت پيارو اسٽيشن جو سرپرست اعليٰ به آهي. سندس مشغلو پڙهڻ پڙهائڻ آهي. پاڻ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول دادو ۾ استادن کي تربيت ڏيندو هو. جيڪو سانده ڪيترائي سال جاري رکيائين. سندس رهبري ۽ رهنمائي ۾ هزارين استاد ٽريننگ وٺي وڃي پنهنجي اسڪولن ۾ نونهالن کي تعليم ڏيندا رهيا. اڄ تائين اهي استاد جيڪي ڪاليج مان پڙهي نڪتا آهن. سندس اڄ به عزت ۽ احترام ڪن ٿا. هن وقت ارم برائيٽ اڪيڊمي دادوءَ جو پرنسپال آهي.

حاجي محمد جتوئي:

حاجي محمد جتوئي ولد بدرالدين جتوئي 31 ڊسمبر 1930ع ۾ ڳوٺ احمد خان جتوئي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. چوٿين درجي تائين استاد عبدالغني پلهه وٽ پڙهيو. ستون درجو استاد الهندي جوکيه (ڦڪن واري) وٽ پڙهيو. فائينل جي تياري استاد الهه بچايو پنهور وٽ ڪيائين. فائينل پاس ڪري 1951ع ۾ ڳوٺ قائم جتوئي تعلقي ميهڙ ۾ استاد مقرر ٿيو.

اتان بدلي ٿي مين اسڪول جوهي ۾ آيو. 1953ع ۾ پرائمري اسڪول ميوو لنڊ مقرر ٿيو. وري اتان سال 1955ع ۾ اسڪول گل محمد وارياسو تعلقي دادو ۾ آيو. سال 1956ع ۾ ٻوڏ اچڻ سبب کيس بدلي ڪري پرائمري اسڪول ڦڪا ۾ مقرر ڪيو ويو. جتان هيڊماستر جي حيثيت سان سال 1982ع ۾ رٽائر ٿيو. استاد حاجي محمد جتوئي جو نانءُ بهترين استادن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اکر موتيءَ جا داڻا آهن. هن ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو، جيڪي هن وقت اعليٰ عهدن تي فائز آهن. مصنف کي به سندس شاگردي جو اعزاز حاصل آهي. علم ادب کان علاوه راڳ رنگ سان به لڳاءُ اٿس. ننڍپڻ کان باجو ۽ ڍولڪ به وڄائيندو هو. کيس ڀٽائي سرڪار جي ڪيترن ئي سرن ڳائڻ ۾ لطف ايندو آهي. جنهن ۾ ڀيروي، تلنگ، سارنگ، راڻو ۽ ڪوهياري شامل آهن.

نياز وگهيو:

نياز حسين ولد محمد جمن وگهيو تاريخ 14 مئي 1969ع تي ڳوٺ عبدالرحيم جو کوهه تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادو مان، انٽر، بي. اي، ايم. اي، ڊگري ڪاليج دادو مان، بي. بي ايڊ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين ۽ اتان ئي ايم. اي (انگلش) جي ڊگري ورتي اٿس. ادب سان واسطو اٿس. هڪ ڪتاب سيوهڻ صدين کان زير طباعت اٿس. جيڪو عنقريب شايع ٿي ويندو. ادب ۾ معروف اديب ۽ شاعر بشير سيتائي جي رهنمائي سان قدم رکيائين.

محمد اسماعيل چارڻ:

محمد اسماعيل ولد غلام عباس چارڻ 12 اپريل 1950ع تي شاهاڻي محله دادو شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادو مان پرائي انگريزي ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ دادو مان ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان پاس ڪيائين. استادي پيشي سان منسلڪ آهي. ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت دادو ۽ انجمن آفتاب ادب دادو سان وابسطه رهيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو جو ميمبر ٿيو ۽ انهي ناتي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. اسپورٽس جي سڀني ڪلبن سان واسطو اٿس ۽ راندين ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو.

عبدالغفار صديقي:

عبدالغفار صديقي ولد مرحوم نجم الدين صديقي تاريخ 7 جون 1939ع تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ شريف ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسي جي تعليم به پاٽ جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم مڪمل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ ويو. ٻه سال نوشهري مدرسي ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين ۽ 1957ع ۾ امتيازي حيثيت سان ميٽرڪ پاس ڪري، 1957ع ۾ استاد جي حيثيت سان درس و تدريس جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. جنوري 1974ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ ماهر مضمون جي حيثيت ۾ سندس مقرري ٿي ۽ سال 1982ع کان سنڌ صوبي جي مسجد اسڪولن جو چيف ڪو آڊينيٽر مقرر ٿيو. انهي اهم ارادي ۾ صديقي صاحب صوبي جي سربراه جي حيثيت سان وڏي جاکوڙ ڪئي، هزارين اسڪول کولي تعليم جو معيار بلند ڪيائين.

صديقي صاحب کي سال 1989ع ۾ ترقي ڏئي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. جتان پوءِ 1911ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. اتان وري بدلي ڪري کيس ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ کيس 1994ع کان انسپيڪٽر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجز مقرر ڪيو ويو. پاڻ تعليمي ماهر سان گڏ هڪ سٺو مقرر ۽ برک اهل قلم آهي. 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي BOG جي ميمبر طور ڪم ڪيائين. سال 1965ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان تعليم، تاريخ، مذهب، قرآن، حديث ۽ لطيفيات تي ڪيئي تقريرون ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان به سندس ڪيترائي پروگرام نشر ٿي چڪا آهن. علم ادب سان سندس شغف اڃان تائين جاري آهي. ان کان علاوه اخبار تعليم جو سرپرست به آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

صديقي صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. انهن ۾ فلپائين، سنگاپور، ٿائيلينڊ، هندوستان، سري لنڪا، افغانستان، ايران، سعودي عرب، لبنان، اٽلي، جرمني، ڪويت، انگلينڊ، بنگلاديش، ملائشيا، آسٽريليا، اسڪاٽلينڊ، ويلس، سئيٽرزلئنڊ، فرانس، جاپان ۽ آسٽريا شامل آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن. جن ۾ مقالا ۽ تقريرون، اسلاميات (پي، ٽي، سي ڪورس لاءِ) ڪلاس پهرين کان ٻارهين ڪلاس لاءِ اسلاميات، سماجي اڀياس جا سبق، سنڌي مادري زبان جا سبق ۽ سائنس جا سبق شامل آهن. ان کان علاوه ترجمو ڪيل به ڪافي ڪتاب شايع ٿيل اٿس. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي دوران ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ ٻيا ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿيندا رهيا. کيس مليل ايوارڊن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، سگا ايوارڊ شامل آهن.

صديقي صاحب انسپيڪٽر ٽيچرز ٽريننگ اداري سنڌ ۾ رهڻ دوران ماهوار اخبار تعليم 1908ع کان 1911 تائين 48 شماره ٻيو ڇاپو ۽ ماهوار اخبار تعليم سال 1994ع کان 1999ع تائين جملي سٺ شماره ٻيو ڇاپو شايع ڪرايا. اهو صديقي صاحب جو عظيم ڪارنامو چئجي ته بيجا نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اهي قديم ۽ ناياب نسخا هٿ ڪري دوباره شايع ڪرايا. صديقي صاحب علم ادب سان چاهه اڃان به جاري آهي.

عبدالشڪور چارڻ:

عبدالشڪور ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ 25 آگسٽ 1974ع تي محلي غريب آباد دادو شهر ۾ اک کولي. پنجون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد دادو مان ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ بعد استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو، شعر و شاعري به ڪندو آهي. گيت، غزل، وائي ۽ چؤسٽن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هيس. ان ڪري محفل ۾ به ڳائيندو آهي. علڻ فقير، مائي ڀاڳي، سرمد سنڌي، محمد يوسف، فقير عبدالغفور سندس پسنديده گائڪ آهن. شاعرن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، روحل فقير، مهدي شاهه، مصري شاهه ، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻيا صوفي شاعر تمام گهڻا پسند اٿس.

محمد عابد ابڙو:

محمد عابد ابڙو ولد ڪالو خان ابڙو تخلص عابد ابڙو 17 فيبروري 1927ع تي ڳوٺ فقير محمد ابڙو تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ابتدا کان ستين درجي تائين پنهنجي ڪلاس ۾ اول نمبر آيو. فائينل جي تياري نامياري استاد محمد بخش سولنگي جي نگراني هيٺ ڪيائين. فائينل پاس ڪري 1- فيبروري 1948ع تي استاد مقرر ٿيو، استادي دوران اديب فاضل ۽ ايس.وي جا امتحان 1952ع ۾ امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. عابد ابڙو بهترين استاد ۽ بهترين مقرر هو. اکر موتي جا داڻاهيس.

عابد ابڙو استادي پيشي سان گڏ شعر و شاعري تي به طبع آزمائي ڪئي. سٺن سٺن طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ شعر پڙهي سامعين کان داد حاصل ڪندو هو.

برساتن ۽ ٻوڏن جي آيل افراتفري ۾ سندس ڇپيل ڪلام جهڙوڪ ديوان عابد ۽ متفرقه ڪلام، ڪافيون، غزل، گيت، مرثيه، ٽيڙو ۽ چؤسٽا سڀ جا سڀ جهانگين جي جهوپن سان گڏ بحر بيپايان جي نذر ٿي ويا.

سندس همعصر شاعر حضرات ۾ ميرل جويو، لونگ سان لائق، امام الدين ضامن، طالب لغاري، نشترناٿن شاهي، پير علي محمد اظهر ۽ ٻيا شامل آهن. عابد ابڙو 37 سالن پڄاڻا ڦوهه جواني ۾ رحلت ڪري ويو. کيس نرينه اولاد ڪونه هو. باقي ٽي نياڻيون هڪ بيواه ۽ امڙ پٺتي سوڳوار ڇڏيون.

عبدالستار کوسو:

عبدالستار کوسو جو نالو نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن دادو شهر جي ننڍڙي ڳوٺ گهرام خان گوپانگ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عبدالله خان کوسو هو. تاريخ 10- جنوري 1980ع تي جنم ورتو هئائين، تعليم انٽر تائين هئس.

شاعري ۾ سندس رهنمائي بشير سيتائي ڪئي، عبدالستار ادبي حوالي سان عزل جي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ موکيو. هيءَ نوجوان اڳتي هلي غزل جو بهترين شاعر ٿي سگهي ها، پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ نوجواني ۾ 22 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪري ويو.

شوڪت سنڌي:

شوڪت علي عرف شوڪت سنڌي 3- جنوري 1939ع تي حاجي محب علي قريشي جي گهر اک کولي، سندس والدين اصل ڳوٺ اميناڻي تعلقي دادو جا رهواسي هئا. اتان سڪونت ترڪ ڪري دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائون. شوڪت سنڌي پرائمري تعليم دادو مين اسڪول مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ ۽ انٽر دادو مان پاس ڪري، بي.اي ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايل.ايل.بي سنڌ لاڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪيائين.

شوڪت سنڌي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور رهيو. هن تنظيم تنظيم سماجي بهبود جو باني ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. هن تنظيم معرفت مفت لئبرري قائم ڪئي. ٽانگا ويلفيئر يونين ۽ بگي يونين قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ۽ منظم ڪيائين، ان جو باني ۽ پهريون سيڪريٽري رهيو. ان جي زيراهتمام 1963ع ۾ هڪ عظيم الشان، يوم سنڌي زبان ملهايو ويو. دادو ميونسپل پارڪ ۾ مشاعره ڪرايائين. جنهن ۾ مهان ڪوي شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، نياز همايوني، محمد جمن هالو، علي محمد مجروح ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا.

شوڪت سنڌي سنڌ ڪائونسل ڪراچي سکر ۽ حيدرآباد ۾ شرڪت ڪئي. جشن روح حيدرآباد ۾ ملهايو ويو. ان ۾ به شريڪ ٿيو.

دادو جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکيائين. انهن اخبارن ۾ اظهار، قلندر، دادو گزيٽ ۽ شهباز قابل ذڪر آهن. هن مزور عورتن جي حقن ۽ بين الاقوامي حالات تي مضمون لکيا. شوڪت سنڌي ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو آيو. سن 1960ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جو ڪنوينيئر رهيو ۽ پوءِ وري سنڌ متحده محاذ دادو جو ڪنوينيئر ۽ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. ان کان علاوه عوامي ليگ ضلع دادو جو ميمبر، نيشنل عوامي پارٽي ”نعپ“ ضلع دادو جو جنرل سيڪريٽري رهيو. جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي ڪنوينيئر، انجمن نوجوانانِ ضلع دادو جو باني ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو.

اهڙي طرح شوڪت سنڌي کي گهڻ پاسائين شخصيت چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شوڪت سنڌي 1960ع جي قوم پرست تحريڪن جو روح روان هو. اردو سان گڏ سنڏي ۾ به ووٽر لسٽون شايع ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف جلسا جلوس ڪڍرائڻ، اسٽيشن تي سنڌي نالا لکائڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين. صدر ايوب خلاف تحريڪن ۾ حصو ورتائين. ڪيترائي دفعا جيل ويو. هن کي دادو جيل کان علاوه سکر، خيرپور ۽ حيدرآباد جيل ۾ به بند ڪيو ويو. سال 2002ع تي وفات ڪري ويو.

سر شفيع محمد قريشي:

سر شفيع محمد قريشي ولد عبدالڪريم قريشي ڳوٺ ٽڳا تعلقي دادو ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ جي تاريخ سرڪاري رڪارڊ موجب 1- اپريل 1918ع آهي. پاڻ جنهن دور ۾ پيداٿيو. انهي وقت ۾ تعليم عام نه هئي. آسپاس ۾ ڪوبه سرڪاري اسڪول نه هو، ليڪن سندن ڳوٺ ۾ وڏن جو هڪ مدرسو هو، جنهن ۾ ديني تعليم سان گڏ عربي فارسي جي تعليم ڏني ويندي هئي. سر شفيع کي تعليم سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. هن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف مدرسن جو رُخ ڪيو. هن مهيسرن واري مدرسي ۾ داخلا ورتي. ان ۾ مولانا مشوري صاحب به سندس هم ڪلاسي هو. پاٽ شريف جي مدرسي ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو، ان بعد ڪراچي جو رخ ڪيائين ۽ کڏي واري مدرسي ۾ چار سال رهيو. ۽ ان ئي  مدرسي ۾ سندن دستاربندي ٿي. ان کان پوءِ واپس موٽي پنهنجي ڳوٺ ٽڳا ۾ آيو. سندن عمر وڏي ٿي چڪي هئي. پر انگريزي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق رکندو هو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي تائين به پنڌ ويو. لاڙڪاڻي ۾ کيس داخلا نه ملي جو پاڻ وڏي عمر جو ٿي چڪو هو. واپس ڳوٺ پهتو ۽ اٽل فيصلو ڪيائين ته انگريزي تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪري وٺي پوءِ واپس ڳوٺ موٽيو. ان کان پوءِ مٺياڻي ويو. اتي به کيس وڏي عمر سبب داخلا نه ملي. اتان پنڌ حيدرآباد ويو. رستي ۾ کيس زبردست تڪليفون آيون، بوٽ گسي ويا، پيرين اگهاڙو پنهنجي منزل ڏانهن هلندو رهيو. حيدرآباد پهچڻ بعد نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پهتو، پر اتي به وڏي عمر سبب داخلا نه ملي. پوءِ ٽنڊي محمد خان ويو. اتي هڪ نيڪ مرد وٽ رهيو. ان جي ٻچن کي عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيڻ لڳو. ان بعد ميرواه گورچاڻي پهتو جتي انگريزي جا ڪتاب وٺي پنهنجو پاڻ سکڻ شروع ڪيائين. آخر سال 1937ع ۾ استاد مقرر ٿيو. ۽ 11 سال مختلف اسڪولن ۾ استادي جهڙي پيشي سان منسلڪ رهيو. جن ۾ ميرواه گورچاڻي، گجو، حاجي پير شاهه، بودر فارم، ڪرم علي، ٽنڊو جان محمد، ٽنڊو غلام علي ۽ ٻيا اسڪول شامل آهن. اتان واپس اچي ٽڳا ۾ اسڪول قائم ڪيائين. اتي پري پري کان شاگرد تعليم وٺڻ ايندا هئا ۽ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ٿيل هو.

سر شفيع محمد 1956ع ۾ بي. اي پاس ڪئي ۽ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ اسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. ان عهدي تي جنگ شاهي ضلع ٺٽو، سيوهڻ، ڪڪڙ ۽ ٻين بيٽن تي به رهيو.

اهڙي طرح 23 سال انهي عهدي تي رهي 31 مارچ 1976ع ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين.

سر شفيع رٽائر ٿيڻ بعد به درس ۽ تدريس جو شعل جاري رکيو. 1985ع ۾ پيارو ڳوٺ اسٽيشن تي مڊل اسڪول قائم ڪيائين. اهڙي طرح هن پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر جاري رکيو. سر شفيع جون علمي ادبي خدمتون ياد رکيون وينديون. ننڍا خواه وڏا، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل سڀ کيس سر شفيع طور ياد ڪندا آهن. پاڻ 18 مارچ 1995ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس 3 پٽ هر هڪ منظور علي قريشي، مقبول احمد قريشي ۽ مقصودالحق قريشي آهن. سر شفيع ڪيترائي هوشيار ۽ سٺا شاگرد پيدا ڪيا.

هم سفر گاڏهي:

هم سفر گاڏهي 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ بيد تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو مان، انٽر ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. ننڍپڻ کان سندس لاڙو ادب ڏانهن هو، هن شاعري کان علاوه ڪجھ ڪالم، مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن پنهنجي باقائده عملي زندگي جو آغاز صحافت سان ڪيو. صحافت جي شوق شروع ۾ کيس عوامي آواز سان وابسته ڪيو. عوامي آواز ۾ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سنڀالڻ لڳو. سندس صلاحيتن جي ڪري کيس ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج مقرر ڪيو ويو. ان ئي اخبار ۾ ڪجھ وقت سينيئر سب ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجا فرائض نڀايا. ان کان پوءِ روزانه جاڳو جي ادبي صفحي جو انچارج پڻ رهيو. ان کان پوءِ باک پبليڪيشن جو اعزازي مئنيجنگ ڊائريڪٽر به رهيو.

هم سفر گاڏهي اخبارن سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي اسڪرپٽ پڻ لکندو رهيو آهي. اخبارن ۽ رسالن جي ڪافي معلومات کان پوءِ کيس ڪيترن ئي ادبي اشاعتي ادارن جون ذميواريون کيس سونپيون ويون. ان ۾ ايڊيٽر سنڌ سجاڳ، اعزازي ايڊيٽر، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب زير طباعت آهن. انهن ۾ سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو، جنهن ۾ پنجاهه کان مٿي مشهور اديبن ۽ عالمن جا انٽرويو شامل آهن. هم سفر جي رهائش دادو جي مرکپور پاڙي ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org