سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2001ع

نفيس احمد شيخ

 

گذارش

 

دنيا جو هر اديب امن جو علمبردار آهي

پاڪستان جي صدر، جنرل پرويز مشرف، 12- جنوري تي پنهنجي قوم کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند مُلڪ آهي، پر ڀارت ڪنهن به غلط فهميءَ ۾ نه رهي ۽ ڪٿان به اگر سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته پاڪ فوج اُن جو ڀرپور قوت سان جواب ڏيندي. هٿيار بند فوجن جي چيف جي حيثيت ۾ هُن واضح ڪيو ته سرحدن تي مقرر ڪيل پاڪ فوج هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ جي بچاءُ لاءِ رت جو آخري ڦُڙو وهائڻ لاءِ تيار آهي.

صدر صاحب هڪوار وري به چٽائي ڪئي ته پاڪستان، ڪشميرين جي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سُفارتي مدد جاري رکندو ۽ ڪشير مسئلي جي آڙ ۾ ڪنهن به دهشتگرديءَ جي اجازت ڪونه ڏيندو.

اُن موقعي تي صدر مملڪت عالمي برادري، خاص طور تي آمريڪا کي چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچو، جيئن ڏکڻ ايشيا جو خطو، جنگ جي شعلن کان محفوظ رهي سگهي.

صدر مملڪت فرقيوار دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪيترين ئي نيم فوجي تنظيمن تي پابندي جي اعلان سان واضح ڪيو ته اسلام سلامتيءَ ۽ سهپ ۽ يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو، ان ڪري ڪنهن کي به دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي.

صدر مملڪت جي تقرير کي ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر، عالمي قوتن ۽ مختلف قومن ڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي، خاص ڪري آمريڪا، يورپي يونين جي ملڪن ۽ سمورن ترقي يافته قومن انهيءَ کي ساراهيو آهي ۽ عالمي امن جي ڏس ۾ هڪ اهم پيش رفت قرار ڏنو آهي. ساڳيءَ طرح، ملڪ جي اندر سمورن سنجيده سياسي ۽ صاحب بصيرت حلقن اُن جي آجيان ڪئي آهي، ۽ حڪومت کي يقين ڏياريو ته قومي مفاد جي سمورين ڪوششن ۾ هو سرڪار سان همرڪاب رهندا.

ڏکڻ ايشيا ۾ پائدار ۽ مستقل امن جي قيام لاءِ جيڪي به مخلصانه ڪوششو ورتيون آهن، سي سج وانگر روشن آهن. صدر هندستان وڃي ”آگرا ڳالهين“ جو بنياد رکيو، ۽ هاڻي پنهنجي ملڪ ۾ مذهبي اوٽ ۾ دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ اهم اعلان ڪيا اٿس.

11- سيپٽمبر تي، آمريڪا ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن کي ننديون اٿس. آمريڪا 11- سيپٽمبر جي واقعن لاءِ افغانستان جي طالبان حڪومت کي جوابدار قرار ڏنو ۽ ان تي حملو ڪيو. هندستان انهيءَ موقعي تي اعلان ڪيو ته هن سنگين صورتحال ۾ اُهو پاڪستان لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا ڪونه ڪندو، پر ان ڳالهه کي جمعو جمعو اٺ ڏينهن به ڪونه گذريا، ته اعلان ڪيائين ته ڇهه يا ست دهشتگرد، سڄو هندستان لتاڙي، وڏي اطمينان سان، سڌو سنئون، ملڪ جي گاديءَ، دهليءَ ۾، پارليامينٽ هائوس تي پهچي ويا ۽ مٿس حملو ڪري، پارليامينٽ جي سوين ميمبرن کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪيائون. پر، اسان جي حفاظتي دستي کين ختم ڪري ڇڏيو!

اِهو جواز بنائي، امن ۽ اهنسا جي پرچار ڪندڙ، هندستان، هڪدم هزارين فوجي سپاهي، ٽئنڪون ۽ بڪتربند گاڏيون آڻي، پاڪستاني سرحد تي گڏ ڪيون، ته مهاڀارت جي لڙائيءَ جي روايت تازي ڪجي، جو اُن کي هاڻي گهڻو زمانو گذري ويو آهي.

پر، صدر پاڪستان جي تازيءَ تقرير هندستان جي انهيءَ ڊوههَ کي به ڊاهي وڌو. سو، لاچار اعلان ڪيائين ته صدر پاڪستان ڳالهه ته صحيح ڪئي آهي. پر، اسان جو لشڪر اڃا به اُتي ئي سرحدن تي رهندو، جيسين حڪومت پاڪستان پنهنجن اعلانن تي عمل ڪري.

سنڌ جي گورنر جناب محمد ميان سومري، سنڌ جي رهواسين طرفان، هن پس منظر ۾، صدر مملڪت جي تاريخي خطاب جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جو عوام، صدر جي خطاب جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.

اسان سنڌ جي ادبي حلقن طرفان پنهنجي گورنر محترم سومري صاحب کي پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريون ٿا. اديب ۽ شاعر دنيا جي ڪهڙي به ملڪ جو هجي، اُهو هميشه امن جو پرچاري رهيو آهي ۽ هن ڪڏهن به جنگ کي پسند ڪونه ڪيو آهي. سنڌي اديب ۽ شاعر جي به اِها خواهش آهي ته ڏکڻ ايشيا جي آسمان تان جنگ و جدل جا بادل هٽي وڃن ۽ هيءُ خطو ساوڪ ۽ سرهائيءَ جو مسڪن بنجي. سنڌي اديب ۽ شاعر، هر قسم جي دهشتگرديءَ، تشدد ۽ اڳرائيءَ کي نندي ٿو ۽ هميشه ننديندو رهندو.

- ن.ا.ش

 

مان جڏهن پورهيو ڪندو آهيان ته رڳو ايتري جهٽ اک لائي وٺندو آهيان، جيتري نئپولين گهوڙي تي ننڊ ڪندو هو. بيماريءَ جي باوجود مون ۾ قوت ارادي ايتري آهي، جيتري هني بال کي هئي، جڏهن ڪارٿيج مان روم تي ڪاهيو هيائين. اها ڪا لاف زني نه آهي. منهنجو قلم منهنجي تلوار آهي. منهنجي فتوحات منهنجا ڪتاب آهن. اهي منهنجي سچ جي ثابتي آهن. آرٽ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هر تخليقڪار هڪ شمشير زن آهي. جنهن جي هٿ مان شمشير فقط موت کسي سگهندو آهي، پر اڃا تائين منهنجيءَ غلام گردش ۾ موت منهنجو پهريدار آهي.

ــ شيخ اياز

 

شاعري

 

قديم سنڌي شاعري

 

ڀلا هُئا جو ماريو، ڀيڻ مهارو ڪَنت،

لجينج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر اَنت.

ڍولو سانوَلو، ڌَڻ چَمپا وَرڻي،

ڄاڻ سونا ريهه ڪَسَوٽيا ڌڻي.

ڍولا مون تو واريو، مَ ڪر ڊگهو ماڻ،

ننڊ گَنوائي راتڙي، جهٽ پٽ هوءِ وهانءُ.

جِيوُڪَس نه ڀلو هوءِ، ڌَن پڻ ڪَس نه اِٺ.

ڌُوني ئي اَوسري نِهوڙيائين، سونَ ڳڻي وِٺ.

جي نه سو آوَئي تو گهر، ڪو آهي مُہ تُجهه،

واڻ جو کَنڊئي سائِين، سو پِيو نه هوءِ مُجهه.

اَمهي ٿورا، رياڪار ٻَهُئا، ڪانئر ايئَن ڀَڻَنت،

مُنڌِي نهاري گهاٽ آلو، ڪَئي ڄڻا مَڪر ڪرنت.

پُٽ ڄائي ڪهڙو گڻ، اَوگُڻ ڪهڙو مرڻ،

جي باپ ڪي ڀُومقڙي، جَمپِيجائي اَورَنِ.

- تحقيق: غلام علي الانا

 

(ٻي صدي عيسويءَ کان ستين صدي عيسويءَ واري زماني ۾، قديم سنڌ ۾ رائج سنڌي شاعريءَ جا هٿ آيل چند نمونا، بحواله ڊاڪٽر محمد حسن، ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽر جي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي).

 

شيخ ”اياز“

 

 

جي پنهنجو نُور نچوئي ويا ۽ تُنهنجي جوت جلائي ويا،

سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!

 

سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پن پن ۾ پڙلاءُ ٿيا،

جي بن بن بين وڄائي ويا، جن تن من واري ڳائي ويا.

 

مون ڌرتي! تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،

جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وار وِيرَ وڄائي ويا!

 

اڄ ڪوبه ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ، ڪو مڙس انهن جو مٽ نه آ،

جي سارا ڪوٽ اُڏائي ويا، سي گهوٽ اسان کي گهائي ويا!

 

مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا،

جي ڪيئي سج اڀاري ويا، جي ڪيئي سج سمائي ويا!

 

تو اڻ- ٿيڻا انسان ڏٺا، تو سُوريءَ تي سُومان ڏٺا،

اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ويا.

 

مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا،

مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!

 

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،

جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دکائي ويا.

 

ڪلھ رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،

ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻ ڪري هو ڪيڏو مچ مچائي ويا.

 

ڇا ڇا نه وسيهر- ونگ هيا، پر نانگا يار نِسنگ هيا،

جي تنهنجا وار سنواري ويا، جي تنهنجي سينڌ سجائي ويا.

 

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هيا، هُو مڙس هيا يا شينهن هيا،

جي ڏونگر ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.

 

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،

جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀُلائي ويا.

 

جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، سي مڙس نه ويندا مور منان،

جن واڪي وڪي وس ڪيا، جي سارو سچ ٻڌائي ويا.

 

هو بادل بادل آيا ها، جن جا ٿل ڀال ڀلايا ها،

اي کيت کڙو، او شال ٽڙو، هو پنهنجو مينهن وسائي ويا.

 

ويا پريت ڏيئي هو پاڻيارا، اڄ ڪينجهر تن جا ڪاڻيارا،

ڇا راڱاتن سان رُڃ ڪيا، جي تنهنجي اڃ اجهائي ويا.

 

هو پيار- پتنگا کامي ويا ۽ ڪيڏو دور اُڏامي ويا،

پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي ويا.

 

اڄ ڇوھ انهن جا ڇوليءَ ۾، اڄ ٻول انهن جا ٻوليءَ ۾،

اي ڌرتي! تنهنجي جهوليءَ ۾، جي سورهيه سيسُ ڇپائي ويا.

 

هيءَ چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل، هي جهوليءَ جهوليءَ ۾ گل ڦل،

ويا سانول ڇا ڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي ويا.

 

ڇا سمجھي تن کي جيءَ جڏي، آ تن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،

ها ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ، اَڏي! جي توکي ميندي لائي ويا.

 

هي برھ به ڪوئي بَڙُ آهي، ڇا جانٺي ان جي جڙ آهي،

مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا، جي ڇانوَ ڪري، من ڀائي ويا.

 

اي آري! تنهنجي اَڍَ هئي، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا،

هي تنهنجا پيارا پيرا ها، جي پنهنجو پنڌ پڄائي ويا.

 

ڪئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،

آ ٽم ٽم، ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.

 

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، پر مات ’اياز‘ نه مڃڻي آ،

مون اهڙا سَوَ ساونت ڏٺا، جي پنهنجو هَٺُ هلائي ويا.

شيخ اياز

 

جو ڇُٽو ڪونه، گهاءُ آهين تون،

رت ٽِمي ٿو، چِڪاءُ آهين تون.

ڄڻ ته رابيل مان ڦُٽي آهين،

ايترو جو هڳاءُ آهين تون!

دورُ تان اِئن اچين پئي مون ڏي،

چاندنيءَ جو چٽاءُ آهين تون.

پيار ۾ ڀاڪُرين پئي منهنجي،

آگ آهين، اُلاءُ آهين تون!

ڄڻ ته رڳ رڳ رچي وئي آهين،

ڄڻ ته لُنءَ لُنءَ لڳاءُ آهين تون!

پوهه جي اُسَ جيئن ڪونه آهين،

پر جياپي جٽاءُ آهين تون.

ٻيو ڪويتا اُپاءُ ڪونه کپي،

آهه جي ڪو اُپاءُ آهين تون.

رات جو لڙڪ ٿي لهين ٿي تون،

باک کان اڳ اُهاءُ آهين تون.

پاڻ سورج مکيءَ جيان ٻوٽيان؟

سانجھ ٿي آ، سماءُ آهين تون.

ڇو ڦڪي ٿي ٿئين ”اياز“ اڳيان،

جي اَٻهرو چٽاءُ آهين تون.

 

چنڊ درياهه سان جيئن ڏوران هلي،

جيستئين هلي ساٿ توسان هلي.

ڪابه ڊوهَي نه آ، هَٿَ ڇوهي نه آ،

پيار تو ساڻ ٿو سانوڻيءَ جان هلي.

عمر! تنهنجي ندي بيهڻي ڪانه آ،

جيستائين ڇُلين پيار توسان هلي.

جو به پَل تو گذاريو ويو موت ۾،

جهول تو لئه جهلي موت پٺتان هلي.

موت جي ڳالهڙي ٿورڙي آ ”اياز“،

اک پوري مگر جڳ اڳي جان هلي.

تون ئي سراءِ ۾ رهه مون کي نه آهه رهڻو،

موٽان يا نه موٽان آ دور دور ڪَهڻو.

اي دوست! تنهنجو منهنجو سارو حساب چڪتو.

هن ننڊ منجھ ڪنهن جو ڪنهن ڏي نه آهه لهڻو.

ساجهر سوير آندي مون لاءِ ناهه سواري.

پر قافلو وڃي ٿو مون کي به آ اُسهڻو.

جيڪي گهڙيون گذاريئه، مون سان چڱيون گذاريئه!

ٿو اڄ به جيءُ جرڪي، هيءَ ڳالهه ڳالهه ڳهڻو.

آغوش سي ڪٿي اڄ، ڪلهه جن ۾ ننڊ آئي؟

هاڻي ته راتڙيءَ جو ڪنهن هنڌ آهه ڊهڻو.

راهي ”اياز“ ڪيئي ويندا لهو لهان ٿي،

بس پنڌ ياد رکجو، تن جو اداس پهڻو.

شام ٿي، سورج مکي مُرجهائيا،

هنجَ جي اُڏري ويا ها، آئيا؟

 

باک توتان لاک ڪنهن لاهي وتي،

روئندي مون گيت تنهنجا ڳائيا!

 

تو ڪيو ڪاٿو ته ها ڪيڏا هرڻ،

اوچتو جي رُڃ ڪلهه رولائيا؟

 

باغ ساري تي سرءُ وئي ڇانئجي،

چار ڳاڙها گل، اُهي ڪنهن چائيا؟

 

گردنون ڪيڏيون ڪپيون ڏاٽي پئي،

۽ هٿوڙي ڪيترا سِر گهايا!

 

”فيض“ اڳ ۾ ئي مري ويو اي ”اياز“،

جيئرا شاعر سوين شرمائيا.

ايتري ڏات ٿي ويو آهين،

موت جي مات ٿي ويو آهين!

ڪيترا گيت ٿا هلن توسان،

ڄڻ ته بارات ٿي ويو آهين!

جهانجھ ٿي ڪا وڄي شوالي ۾،

چنڊ جي رات ٿي ويو آهين،

ننڊ ۾ هوءَ ائن اچي پيئي،

ڄڻ ملاقات ٿي ويو آهين،

روز اُڀري پئي گهٽا توتي،

تون ته برسات ٿي ويو آهين.

جهول خالي ڏسي سواليءَ جي،

عشق! سوغات ٿي ويو آهين.

جاڳ- سپنا ”اياز“، پر ايڏا؟

تون ته ڪا تات ٿي ويو آهين!

عمر ساري تمام ٿي ويئي،

پيار جو انتقام ٿي ويئي.

 

مئڪدي جي اُداس رات وري،

ڄڻ ته لبريز جام ٿي ويئي.

 

ياد تنهنجي اکيون اُجاري وئي،

مُرڪ ڪائي مدام ٿي ويئي.

 

عمر جي خارزار ۾ خوشبو،

اوچتو هڪلام ٿي ويئي.

 

پيار- سورج مکي نه مرجهائيو،

آ شفق- رنگ شام ٿي ويئي.

 

عشق جي اي ”اياز“ ناڪامي،

شاعريءَ جو دوام ٿي ويئي.

زندگي ڄڻ ته خواب جئن گذري،

آب ۾ ماهتاب جئن گذري.

اوت تي اوت، جا کُٽي نه کُٽي،

عمر جامِ شراب جئن گذري.

ڪنهن مغني اِهو به ڄاتو آ،

روح تي ڇا رباب جئن گذري.

يار سئر، سمنڊ جو ساحل،

شام پنهنجي حباب جئن گذري.

هي به تون نانھ، هو به تون ناهين،

زندگي انتخاب جئن گذري.

سرسراهٽ ڪري سَکي ڀرسان،

ڪنهن مقدس ڪتاب جئن گذري.

ياد ماضي ”اياز“ اِئن آيو،

رات روزِ حساب جئن گذري.

جي مان مري وڃانءَ ته ايڏو نه روئجان!

لاڙي ٻه لڙڪ چار رَئي هار پوئجان!

 

مون کي وسارجانءِ ٻه ٽي گيت سارجانءِ!

جي آبشار جيئن گلي ۾ سموئجانءِ!

 

برسات هيئن ڪا به وسي ناهه ديس ۾،

جي ٿي سگهي سماج سڄو وقت ڌوئجانءِ.

 

آ لوڪ ٻوڪُ، نانھ اعتبار ڪو،

جي لوڪ ڪجھ چوي به ته مون کي نه لوئجانءِ.

 

تو لاءِ مون صديون نه ڇڏي بک روح لاءِ،

هي گيت ها ”اياز“، ڀريون روز ڍوئجان.


 

سرويچ سجاولي

وساربو نه سنڌ کي

(1)

هجان کڻي ڪٿي به مان، نه سنڌ کي وساربو،

پري هجان يا ويجهڙو، پيو سنڌ کي پڪاربو،

پيو سنڌ کي سنڀاربو، پيو سنڌ کي سنڀاربو.

سُرن پيا سَنڌ سَنڌ ۾ سدائين منهنجا سانگيا؛

هُرن پيا هڏ هڏ ۾، ولله! منهنجي وانگيا،

چُرن پيا نس نس ۾، هي ساٿيا هي سانبيا،

اِهي ته پيا سدا وسن، اِنهن کي خوش ڏسان ڏسان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيواڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان،

ڪلام قوم لئه لکان.

(2)

اوهين ته سنڌ ديس ۾، وڌو وڌو وڻو وڻو،

اوهين ته سنڌ ديس کي، اکين مٿي کڻو کڻو،

وطن جي حُب جون جَڙون، هيئين اندر هڻو هڻو،

وڙهو نه پاڻ ۾ مٺا، کلو ۽ کير کنڊ ٿيو،

سُخن ۾ صاف سون ٿيو، چمن ۾ چار چنڊ ٿيو،

اوهين اوهان جي عزم ۾، جبل ٿيو ۽ جند ٿيو،

ڏڪايو دشمنن سنديون، دليون دليون هينئان هينئان،

جو دم ته ٿو جتي جين، سو دم ته پيواڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان،

ڪلام قوم لئه لکان.

(3)

اوهين نه وسرڻا ڪڏهن، اوهان سان جيءُ جڙيل اٿم،

اوهان سان دل اڙيل اٿم، اوهان سان من مڙهيل اٿم،

اوهان جي پيار جون پٽيون، پڙهيل اٿم پڙهيل اٿم؛

اوهين ته اي عجيبڙا، اکين ڪنان به اوڏڙا؛

اوهين ته ساهه جا سَڳا، سٻاجهڙا سٻاجھڙا؛

اوهين ته مور من جا، ملوڪڙا ملوڪڙا؛

اوهان تان گهورجي وڃان، اوهان تان سر ڏيان ڏيان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيواڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان،

ڪلام قوم لئه لکان.

(4)

اوهان جي سور ڏک کي، ڏسيو ڏسيو ڏريو وڃان،

اوهان ته مچ ٻاٻرا، ٻُڌيو ٻُڌيو ٻَريو وڃان،

ڪڏهن ته ان عذات ۾، صفا ٿيو چريو وڃان،

اوهين ته سڀ وڌو وڌو، اوهان جا کيٽ شل کڙن،

اوهان جي چيٽ ۽ ڪتيون، ٽڙيو ٽڙيو وريو ٽڙن،

اوهان جا گهر اڳيان ته مال جا ولر مِڙيو مڙن،

اوهان سان کير جون وٽيون، کِليو کِليو پيان پيان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيواڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان،

ڪلام قوم لئه لکان.

 

(5)

اوهان جا ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليون وسن الله ڪري،

اوهان جي وانڍ واڙ ۽ وسيون وسن الله ڪري،

اوهان جا گهيڙ گهاٽ ۽ گهٽيون وسن الله ڪري،

اڱڻ مٿي جيئن جيڏڙيون، کِلن کِلن، ڪُڏن ڪُڏن،

هو سائي سائي ويس سان ته پينگهه ۾ لُڏيو لُڏن،

صبح ۽ سانجھ ساهيڙيون، جيئي سڄو جهان جهان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيواڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان،

ڪلام قوم لئه لکان.


 

عنايت بلوچ

 

ايجها ڪم ڪريجي

 

سچل دا سرمستي والا عشق دا جام پِويجي،

آپ پِويجي، منگي جيڪو تنهن ڪون ڀَر پِليجي،

نينهن دا ناتا لاڪر يارو توڙئون توڙ نِبهيجي،

دوئي دورنگي والا ڀانڊا ڀوري ڪر ڀَنيجي،

ڪُلفت ڪوڙ نفاق دِي سائين پُختي پاڙ پَٽيجي،

پيار محبت اُلفت والي سُر دا ساز سُڻيجي،

حق دا ڪلما سُولي تي ڀي واڄٽ ڪر وڄيجي،

وچ شريعت طور طريقت ٻانهپ ٻول ٻُليجي،

منصوري دي موج مچي تان انا الحق اَليجي،

سچل والِي سِٽ عنايت دل آکيا دُهريجي:

”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي!“

- (تضمين سچل سرمست)

 


 

تاج بلوچ

 

غزل

 

ڪين هڏڪيءَ جو بس ڪئي هوندي،

هن کي مون لاءِ سڪ لڳي هوندي.

ويٺي ويٺي روح مُرڪي پيو،

هن جي گهر چاندني لٿي هوندي.

بيرخي بيرخي جي ڇا معنيٰ،

هن کي منهنجي نظر لڳي هوندي.

سونهن جو ساڳ ۽ جوئر جو ڳڀو،

مهڪ هن جي ئي هٿ جي هوندي.

’تاج‘، اوندهه جو بَک ٿيا جيڪي،

تن جي قدمن جي روشني هوندي.

 

محسن ڪڪڙائي

 

غزل

 

ڇاتيءَ مان جوڀن ٿو ڦاٽي،

جهلجو، منهنجو فن ٿو ڦاٽي!

ٽِڪ ٻَڌي ويون منهنجيون اکيون،

گهوڙا! منهنجو من ٿو ڦاٽي!

گهر کان نڪتي ڦوهه جواني،

شايد هن جو تَن ٿو ڦاٽي!

خوشبو سارا ڪوٽ ٽپي وئي،

بلبل جو بدن ٿو ڦاٽي!

رت ٽمي پيو هن جي ڳلن مان،

۽ رڳ رڳ مان اَن ٿو ڦاٽي،

هٿ جي گرم ڇُهاءَ تي ’محسن‘،

گلڙن جو پن پن ٿو ڦاٽي!

 

آثم ناٿن شاهي

 

غزل

 

ائين به ڪونه آ، توکان سوا نٿي گذري،

گذارجي ٿي، مگر ڪجھ ڏُکي پئي گُذري.

 

اِهي به جاري اڃا تائين ڪوششون آهن،

ته جيڪا باقي بچي اُها سُکي گذري.

 

هتي به ڪنهن جو مقدر جي ڪو لکي ٿو سگهي،

ته منهنجي لاءِ جو لکڻو اٿس، لکي گذري.

 

منع نه ڪنهن کي ڪئي آ، نه ڪنهن کي روڪيو آ،

اسان کي جو به چوڻ چاهي ڪو، چئي گذري.

 

نباهه جنهن کي نه ڪرڻو آ ڪنهن به صورت ۾،

ڀلي سو ساٿ اسان جو ڇڏي گذري.

 

ادب جي جاءِ آ، ’آثم‘ جو آستانو آ،

هتي ڪو شخص ادب جي نه حد ٽپي گذري.


 

وفا ناٿن شاهي

 

غزل

 

راحتن ۾، عتابن، عذابن ۾ هان،

زندگيءَ جي حسابن ڪتابن ۾ هان.

زلف ۽ رخسار منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ،

آفتابن ۾ هان، ماهتابن ۾ هان.

تون اڃا تائين منهنجي محبت مگر،

مان اڃا تائين تنهنجي عتابن ۾ هان.

رنگ ۽ روپ جي ٿو حفاظت ڪيان،

خار آهيان کڻي پر گلابن ۾ هان.

تون جڏهن کان وٺي وقف جهموريت،

مان عوامي سياسي خطابن ۾ هان.

ظلم ۽ ظالم کان نفرت ازل کان وٺي،

درد مظلوم هان، انقلابن ۾ هان.

مان سڀن آسماني ڪتابن ۾ هان،

پوءِ گناهن ۾ هان يا ثوابن ۾ هان.


 

احمد خان مدهوش

 

غزل

 

عاشقن جي سر تي پٿرن جي بارش،

ٿي لڳي ائين ڄڻ آ گلن جي بارش.

ڇا ڪندا اُنهن کي دوستو مخالف،

جن مٿان وسي ٿي رحمتن جي بارش.

آهه سان پڪي دل به ڀُري پوي ٿي،

گهٽ نه ڄاڻ نيڻن جي ڦڙن جي بارش.

سر مٿان لٺين جا ڌڪ ڦٽ سهبا،

پر ڏکي آ لفظن جي ڌَڪن جي بارش.

جهڙي تهڙي ماڻهوءَ کي مجال ناهي،

اهلِ فن تي هوندي آ سخن جي بارش.

داد ڏئي چيو مدهوش کي اديبن،

بند ڪر نه پنهنجن گوهرن جي بارش


 

ادل سومرو

 

غزل

 

مايا ڏي سنسار جو رستو،

پنهنجو آهي پيار جو رستو.

ساجن ڏي جو رستو آهي،

سو ئي آهي دار جو رستو.

هيءَ به هڪڙي سوڀ آهي جو،

يار لئه وٺجي هار جو رستو.

تنهنجي آئي ٿي ويو آهي.

بر ۾ ڀي وڻڪار جو رستو.

پٿر، ڪنڊا، شيشا جنهن تي،

دلبر جي ديدار جو رستو.

منهنجون ٻانهون ڦهليل آهن،

تو ورتو انڪار جو رستو.

تنهنجو نانءُ رکيل آ اُن تي،

سارو آ هٻڪار جو رستو.

عشق سوا هي کُلندو ناهي،

شاعر لئه اظهار جو رستو.

اياز گل

 

خواب، نه عڪس، نه پيار گهرن ٿا،

نيڻ رڳو ديدار گهرن ٿا.

 

توکي سارو جيون اَرپي،

ڪي ٿورا اختيار گهرن ٿا.

 

ساري جڳ کان جيتي ڀي هو،

توکان هر هر هار گهرن ٿا.

 

لفظ چيا جي ناهن چپڙن،

شايد ڪي اقرار گهرن ٿا.

 

جيئڻ ڪاڻ اُجهاڻل لمحا،

تنهنجي سندر سار گهرن ٿا.

 

توتائين پهچڻ لئه سپنا،

نيڻن کان سهڪار گهرن ٿا،

 

پيار، اَمن جو اوچو جهنڊو،

ٻيو ڇا هي فنڪار گهرن ٿا.

 

نورالهديٰ شاهه

 

امن جو پهريون گيت

 

مون جڏهن امن جو پهريون گيت لکيو هو:

تڏهن منهنجي اڱڻ تي

چنبيليءَ جا اڇا اُجرا گل ٽڙيل هئا

۽ وڻ جي ٽاريءَ مٿان

امن جي اڇي پکيءَ اچي پنهنجو آکيرو جوڙيو هو!

۽

اڄ

جڏهن

مان پنهنجي ڪپيل آڱرين سان

امن جو آخري گيت لکي رهي آهيان

منهنجي اڱڻ ۾ پوکيل چنبيليءَ جا گُل

بارود جي بوءِ کان ڪومائجي چڪا آهن

۽ امن جي پکيءَ جو آکيرو

ڪک پن ٿي وکري چڪو آهي

۽ اُنهيءَ جو لاش وڻ جي انهيءَ ساڳيءَ ٽاريءَ ۾ ٽنگيو پيو آهي!

 

احمد سولنگي

 

غزل

 

خواب اُڻن آواره اکيون،

ڳوڙها سمنڊ، ڪنارا اکيون.

 

ڪنهن پل پوپٽ، ڪنهن پل جگنو،

ڏينهن ۽ رات نظارا اکيون.

 

تون مون ڏي مان تو ڏي ايندس،

ٿيندس چارئي چار اکيون.

 

اورنگ زيب! قضا لئه اينديون،

خنجر هيٺان دارا اکيون.

 

اکين جي شمعن تي ٻرنديون،

پروانن جا پيارا اکيون.

 

دل ڪعبي ۾ سجدا ريزيون،

اَرپن نينهن جا نيارا اکيون.

 

نصير مرزا

 

استقبال

 

رهگذار ئي رهگذار

واٽ ۾ ڪوئي نه گهر

پنهنجي استقبال لئه

بس هوائون منتظر

پر تصور جا محل

ماهه راڻيون مورڇل

راهه ۾ پنهنجي کڙيون

گيت ڳائن ۽ غزل

۽ ستارن جون ٽليون

ڄڻ وڄائي پيو ڪوئي

گيت آدرڀاءُ جا

دُور ڳائي پيو ڪوئي

مان هڪڙو

لاڪ ٿيل ڪمرو آهيان

جنهن جي

دروازي جي چاٻي

هن واٽ آهي

۽ هوءَ

اُن کي

اُن شڪ ۾

کولي ئي نٿي

هتان

کُليل دروازو ڏسي

ڪا ٻي عورت

مون ۾ گهڙي نه اچي.


 

ايوب کوسو

 

غزل

 

لڙڪن جو هي سال اسان کي رولي ويو،

دورين جو هي ڀال اسان کي رولي ويو.

 

بادل برسي نيڻ اسان جا ساڙي ويا،

تنهنجو آيو خيال، اسان کي رولي ويو.

 

تون ئي ناهين ٻيو سڀ آهي جيون ۾،

تنهنجو ئي بس خال، اسان کي رولي ويو!

 

ڇا ته الائي هن جي من ۾ آهي ڀڳو،

هُنجو چهرو لال، اسان کي رولي ويو!

 

هونئن ته کِلڻ جا کوڙ بهانا آهن دوست،

پنهنجو اڪثر حال، اسان کي رولي ويو!


 

طارق عالم

 

چهرا چهرا چنڊ لڙهن ٿا

 

هي ڪاريءَ جو ڪنڌ لُڙهي ٿو،

يا سنڌوءَ ۾ چنڊ لُڙهي ٿو.

چانديءَ واليون ٽم ٽم تارا،

لهرن ۾ ڄڻ رات ٻري ٿي،

لڙهندڙ نيڻن ۾ صدين جي،

قيدياڻي پرڀات ٻري ٿي،

رتورت کليل چپڙن تي،

اڻ پوري ڪا بات ٻري ٿي.

حرمت، سهڻي، سندر سيتا،

ڏاهپ، سياست، سوچ، سڀيتا،

سڀ سان ننگو ناچ ڪري ٿو،

هڪ ي ڳيت ۾ ڏينهن کي ڏوڪي،

ڪيئن وڏيرو رات ڪري ٿو،

مُڇَ مروڙي بات ڪري ٿو.....

ديس سمورو ڄڀ ڪپايل،

منڊو، ٽونڊو، گهايل گهايل،

ڪائي سين، نه ڪوئي سائل،

هر سو ماٺ مرونءَ جهڙي آ.

چوڏس رات مرونءَ جهڙي آ،

بس، هڪڙي ’سنڌو‘ روشن آ،

جنهن منجھ لهرن جي بدلي ۾،

ڪيئي اُجر ڪنڌ لُڙهن ٿا،

چهرا چهرا چنڊ لڙهن ٿا....

چهرا چهرا چنڊ لڙهن ٿا....

 

منير سولنگي

 

غزل

 

جيڪو ڀي پنهنجي پيارن کان ڇڳو آ،

ڄڻ ته ڪوئي گل بهارن کان ڇڳو آ.

 

هو ڏئي ويو هت وڇوڙي جو عذات آه،

مون کي هن دل جي قرارن کان ڇڳو آ.

 

رات هوءَ ڪاري ڪري ماري وڌائون،

ان جو ٻاڪل اڄ سهارن کان ڇڳو آ.

 

ديس سارو آهه اوندهه ۾ ٻڏي ويو،

چنڊ هو جڏهن ستارن کان ڇڳو آ.

 

درد جي ساگر ۾ ٿو تڙپي ’منير‘ ائين،

ڪو سفينو ڄڻ ڪنارن کان ڇڳو آ.

 

احمد ٽالپر

 

گيت

 

اڄ ڀل ڇني ڇڏ نينهن تون، پيارا! مگر هڪ ڏينهن تون،

جنهن پل ورهه ويندءِ وڌي گوندر گذاريندين گهڻو،

مون کي سنڀاريندين گهڻو.

ڪنهن مڌ- ماتي مند واريءَ چنڊ جي چانڊاڻ ۾،

هير ڪڍندئي ڪتڪتايون، ماڪ جي آلاڻ ۾،

جوڀن هوندءِ جذبات ۾، نڪري نهاريندين گهڻو،

مون کي سنڀاريندين گهڻو.

ڪارا- ڪڻڇي لات لنوندي، ڪو تنواريندو تتر،

سيج تي سڏڪا ڀريندي، رات جي پونئين پهر،

اکڙين سندي برسات ۾، پلپل پڪاريندين گهڻو،

مون کي سنڀاريندين گهڻو.

ڏور ڪنهن گهايل، وڇوڙيل، ڪونج جي ڪوڪار تي،

اوچتو ’احمد‘ پراڻي پيار واريءَ سار تي،

تڙپندي تون تات ۾، لڇندين ۽ ساريندين گهڻو.

مون کي سنڀاريندين گهڻو.

 

جوهر بروهي

 

غزل

 

چانڊوڪي جي اوٽ ۾ ويهي يارن کي پرچايون ٿا،

پنهنجي بگڙيل بخت خاطر تارن کي پرچايون ٿا.

 

جڳ ۾ سونهن جو ساٿ نڀائي تاريخ کي رنگ ڏبو،

ڀٽ ڌڻي جي بيتن سان دل وارن کي پرچايون ٿا.

 

منهنجي ڳوٺ ڏي ايندڙ رستي ڀر تي سر پڻ نسرڻ تي،

مند جي خوشبو اوتي اڄ منٺارن کي پرچايون ٿا.

 

شهر تي بادل ڇانيا ها، جو وار سنواري نڪتا ها،

ڌرتي جي آبادي لئه تن وارن کي پرچايون ٿا.

 

پاڇي وانگر پويان آهن، پنهنجي پڻ مجبوري آ،

پٿر دل تي اڇلي بس کرکارن کي پرچايون ٿا.

 

ڪالھ ته محبوبن ٿي مرڪيو پاتالن ۾ باک ٻڏي،

گيتن سان اڄ جڳ رٺل سينگارن کي پرچايون ٿا.

 

شاهه محمد پيرزادو

 

تنهنجي نگاهه دل ۾ کپي آهي جنهن سمي،

هڪ سونهن جو مينار اُڀو دل ۾ ٿي پيو،

مايوسين کي ضرب لڳي آهي تنهن سمي،

تنهنجي نگاهه دل ۾ کپي آهي جنهن سمي.

دل ۾ اُڃاري آس ڦٽي آهي جنهن سمي،

تنهنجي حُسن جو ڍُڪ چپن تي اچي پيو،

تنهنجي نگاهه دل ۾ کپي آهي جنهن سمي،

هڪ سونهن جو مينار اُڀو دل ۾ ٿي پيو.

 

سقراط سيتائي

غزل

 

رُت وڃي ٿي رائيگان، رُڪجي نٿي،

دل ڪري ٿي دانهن، پر ٻُڌجي نٿي.

ڇو ڪملهو موٽندڙ بيهي رهيو؟

رات جي راڻي اهو سوچي نٿي.

در پٺيان بيهي پڇا ڪئي هُن مون کان،

هيءَ گهٽي توکان اڃا وسري نٿي؟

دوستن جون داستانون نا کٽيون،

پاڻ کان هڪ ڳالهه ڀي سلجي نٿي.

وقت هو جو شاعري هڪ شوق هئي،

هاڻ هڪڙي آڳ آ، ساڙي نٿي!

 

مقصود گل

ترائيل

 

(1)

نيڻن جي ڪٽورن مان ڀري پيار وٽيون ڏي،

سنسار سڄي کان ٿو مون کي واهه وڻين تون،

مرڪڻ سان مٺا موهه سندا تير تڻين تون،

ڏي پيار وٽيون يار، مٿي نيڻ کڻي تون،

پيئڻ سان ڪڏهن ڪين اکيون منهنجو ڏٽيون ڏي،.

منهنجي ته مقدر جو آن ۽ دل جو ڌڻي تون،

نيڻن جي ڪٽورن مان ڀري پيار وٽيون ڏي.

 

(2)

 

هڪ تون ته رُسين ڀل ته هي ماهول رُسي پئي،

سنسار سڄو سونهن، سندءِ سونهن سجايو،

تنهنجي ڪري نور نظر نور ۾ آيو،

هر نقش سندءِ عڪس اڳيان سيس نوايو،

ناراض ٿجان تون نه متان جهول پسي پئي،

تون نانھ ته هي جوڙ ۽ جنسار اجايو،

هڪ تون نه رسين ڀل ته هي ماحول رسي پئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com