سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :8

مترجم: پروفيسر اعجاز قريشي

 

سنڌي جي تاريخ جا ڪي ورق

 

سنڌ ڏانهن سفر:

لاهور مان واپس ايندي، اسان ريل رستي ملتان روانا ٿياسون. تقريباً، ٽن سون ميلن جو مفاصلو آهي. ملتان پراڻو شهر آهي. سڪندراعظم وڏي مقابلي کان پوءِ فتح ڪيو هو. جنگ ۾ پاڻ به زخمي ٿي پيو هو. ملتان مسلمانن جي قبضي ۾ آيو، انهيءَ کان اڳي منجھس سِکن جو هڪ مشهگور گوردوارو هوندو هو جنهن جي مٿان سون سان سِجُ ٺهيل هو، سو ، ان کي ”سورج ديوتا جو مندر“ ڪوٺيندا هئا.

سکن سان اسان جي ٻي لڙائي ملتان مان شروع ٿي، جنهن ۾ چڱا ئي انگريز آفيسر مارجي ويا. پر، اسان 1849ع ۾ ملتان فتح ڪيو. تڏهن کان وٺي اڄ تائين اسان جي راڄ هيٺ آهي. منجھس هڪ وڏي فوجي ڇانوڻي آهي.

ملتان چڱو واپاري شهر آهي. اتان اتر اوڀر ريل رستو (North Western Railway) ملتان کي ڪراچي سان ڳنڍي ٿو. پر، اسان نديءَ جي رستي سفر شروع ڪيو. چناب ندي تي شير شاهه نالي، چار ميل پري ملتان جو بندر آهي. اڳئي دور ۾ هتان کان سنڌوندي ۾ آگبوٽ هلندا هئا. شير شاهه کان 63 ميل هيٺ ستلج ندي چناب نديءَ سان اچي مل ٿي. ان کي ”پنجند“ چئبو آهي، (معنيٰ پنجن ندين جو ميلاپ). اڃا به ڪجھ هيٺ سنڌونديءَ اچي ملي ٿي. انهيءَ هنڌ کي ”مٺڻ ڪوٽ“ چئبو آهي.

سنڌوندي

سنڌوندي (INDUS) کي سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ چئجي ٿو. همالا جبلن جي اترين علائقن کان شروع ٿي، عربي سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو 1800 ميلن جو مفاصلو آهي. سنڌوندي هندستان جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي. انهيءَ جو وهڪرو تمام تيز آهي. جبلن جي وچان وهي ٿي ۽ آسپاس ٻوڏون پڻ آڻي ٿي. 812 ميلن جو مفاصلو طئه ڪري، جڏهن پنجاب ۾ گهڙي ٿي، ته سؤ وال ويڪري ڏسجي ٿي. منجھس ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز هلن ٿا. اتي اُن جي گهرائي ايڏي گهڻي ڪانهي. ان جا ڪنارا ۽ پاسا واريءَ جي لٽ سان ڀريل آهن ۽ ننڍن ٻيٽن جو ڏيکاءُ ڏين ٿا. مٺڻ ڪوٽ کان هيٺ، اُن جي ويڪر ٻن هزار والن ٻن هزار والن کان وٺي ڪيترن ميلن تائين ڦهلجي ٿي. هيءَ اُٿل سال جي مختلف موسمن ۾ ٿئ يٿي. نديءَ جي گهرائي (اونهائي) 4 فوٽن کان 24 فوٽن تائين هوندي آهي. انهيءَ جو رخ اڪثر ڪري بدلبو آهي ۽ اِهو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته تيز وهڪري جي ڪري اُن جا ڪنارا ڊهي پوندا آهن. هن نديءَ جو ڇوڙ (Delta) 125 ميلن تائين ٿئي ٿو.

هن نديءَ ۾ مڇي گهڻي ٿئي ٿي ۽ واڳون پڻ ٿين ٿا. سنڌوندي مٺڻ ڪوٽ کان گهڻو هيٺ سنڌ صوبي ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

 

 

سنڌ

سنڌ موجوده وقت ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ (Bombay Presidency) جو هڪ حصو آهي. مٿس اهو نالو ”سنڌو“ (Indus) تان پيو آهي. صوبي جي ڪل ايراضي لڳ ڀڳ 54 هزار چورس ميل آهي. آدم شماري 25 لک آهي. سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن کان 12-12 ميلن تائين آباد ٿيل زمين نظر اچي ٿي. باقي ملڪ غيرآباد آهي. سنڌ جي اوڀر ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن، جيڪي هوا تي پنهنجون جايون پيون بدلائينديون آهن. تاريخي طرح اها ڳالهه به ثابت ٿيل آهي ته نديءَ به مختلف وقتن تي ڪيترائي ڀيرا پنهنجو رخ مٽايو آهي. سڪل پاڻيءَ جا وهڪرا ثابت ڪن ٿا، ته هينئر غيرآباد زمين ڪنهن وقت آباد هئي، اتي ڦٽل ڳوٺن ۽ شهرن جا چٽا نشان اڃا بيٺا آهن.

سنڌوندي هيٺئين حصي ۾، گنگانديءَ وانگر، پنهنجي وهڪري کي ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو آهي. اتر ۾ سنڌ ۾ گهٽ مينهن پوڻ ڪري (جيڪو سال ۾ هڪ انچ مس پوي ٿو)، آبهوا تمام گرم ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ايندڙ يورپي ماڻهو هتان جي گهرن جي ڇتن تي سمهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سخت گرميءَ جي ڪري، پنهنجي هنڌن کي آلو ڪري سمهندا آهن، ته جيئن ڪجھ وقت چڱي نموني سگهن.

سنڌ جي پراڻي دور ۾ هتي مقامي حڪومت هئي. هي هندستان جو پهريون صوبو آهي، جنهن کي مسلمان فتح ڪيو. گذريل صديءَ ۾ ٽالپر خاندان، هن ملڪ جو حاڪم هو. هو سنڌ جا ”امير“ هئا، پر سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ڪري ”مير“ ڪوٺبا هئا. شڪار جا شوقين هئا. ايتريقدر جو ڪيترائي ڳوٺ رڳو انهيءَ ڪري ڦٽي ويندا هئا، ته سندن شڪار ۾ ڪو خلل نه پوي. سر چارلس نيپئر کين مياڻيءَ واري جنگ ۾ 1843ع ۾ شڪست ڏني، ۽ سنڌ هندستان جي انگريز سلطنت جو حصو بنجي ويئي.

ماڻهو

سنڌي عام طرح ڊگها ۽ عربدار ماڻهو آهن. سندن زبان (سنڌي) سنسڪرت خاندان سان تعلق رکي ٿي. منجھس گرمار جون تمام گهڻيون پختگيون آهن، جيڪي ٻين ٻولين مان ختم ٿي ويون آهن. مسلمان پنهنجي ٻوليءَ ”عربي رسم الخط“ ۾ لکندا آهن. هندو وري ”ديوناگري خط“ استعمال ڪندا آهن. ماڻهن جا چار حصا مسلمان آهن، جيڪي زراعت پيشي آهن. پنجون حصو هندو آهن، جيڪي وري گهڻي ڀاڱي واپاري آهن. ڪثر سنڌي مسلمان مٿي تي پٽڪو ٻَڌندا آهن.

شهر:

سنڌونديءَ اتر ۾، چن جي پٿر واري ٽَڪَرَ کي ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. اتي درياءَ جي وچ ۾ هڪ قلعو آهي، جنهن کي ”بکر“ ڪوٺيندا آهن. اڀرندي ڪناري تي وري ”روهڙي“ نالي شهر آهي ۽ الهندي پاسي ”سکر“ آهي. هن جاءِ تي سنڌونديءَ مٿان انگريز سرڪار هڪ عاليشان ريلوي پل ٺاهي آهي. سکر جي ڀرسان رُڪ اسٽيشن وٽ، هڪ ريلوي لائين، بولان لڪ مان ڪوئيٽا (بلوچستان) ڏانهن وڃي ٿي، جيڪو هتان 156 ميل پري آهي. ڪوئيٽا 1876ع ۾ انگريز حڪومت هيٺ آيو. بولان لڪ ذري گهٽ 60 ميل ڊگهو آهي. ڪن هنڌن تي ايترو ته سوڙهو آهي، جو ٽي يا چار ماڻهو گڏ مَسَ لنگهي سگهن ٿا. بولان ندي ٻوڏ ۾ هوندي آهي، ته ان لَڪَ کي ڀري ڇڏيندي آهي. بولان چوٽي 8500 فوٽ سمنڊ کان مٿي آهي.

بولان لڪ هندستان کي ٻاهرين حملن کان بچاءُ جو ڪم ڏئي ٿو. وڏو اَڻائو فوجي رستو آهي. پر، واپاري قافلن جي ڦرلٽ ۽ چور چڪار کان بچاءَ جو ذريعو آهي، سکر کان سنڌونديءَ سان هلندي هلندي، ڪوٽڙيءَ جو شهر اچي ٿو، جتان اولھ طرف ريل گاڏي ڪراچيءَ ڏانهن وڃي ٿي. اتان نديءَ کان ٽي ميل پري چن واري پٿر جي ٽڪريءَ تي، حيدرآباد آهي، جيڪو ميرن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر ملڪ جي سٺي ڪپڙي جي ڪم لاءِ مشهور اهي. هتي مٽي ۽ مٽ ٺهندا آهن. ڪجھ ٿانو (مٽن وانگر) مڇي مارڻ وقت استعمال پڻ ڪندا آهن.

ڪڇ:

ڪڇ هڪ وڏي اڌ گول وانگر سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر طرف هڪ پرڳڻو آهي، جنهن کي عام طرح ڪڇ جو رِڻُ چون ٿا. هيءُ ملڪ غيرآباد آهي. گهوڙا ۽ رولو گڏهه جام ٿين ٿا. حڪومت جي سربراهه کي ”راڻو“ چئبو آهي، جنهن جي هٿ هيٺ ٻه سؤ سردار هوندا آهن. هتان جو مکيه شهر ”ڀُڄ“ آهي. 1819ع ۾ ڌرتي ڌٻڻ جي ڪري ڀُڄ ذري گهٽ نيست و نابود ٿي چڪو آهي ۽ واريءَ جو هڪ دڙو بنجي ويو آهي.

رڻ ڪڇ (ارنايا ٿر) هڪ وارياسو ڍورو جيڪو چؤماسي جي موسم ۾ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. پر ٻين موسمن ۾ سڪل ۽ لوڻ سان ڀريل نظر ايندو آهي. ان ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ آهن. منجھس رولو گڏهه ۽ مکين جا انبار آهن، ڪڇ جي اڀرندي پاسي رڻ آهي.

 

هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڊلهائوسي جو هڪ خط

لارڊ ڊلهائوزي انگريز سرڪار ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي طرفان نومبر 1848ع ۾ هندستان جو گورنر جرنل مقرر ٿيو. سندس عمر ذري گهٽ 36 ورهيه هئي. هندستان ۾ 8 سال رهيو. پنهنجي دور جو هڪ برجستو آفيسر هو. لارڊ ڊلهائوزي سڄي هندستان جو سير وسفر ڪيو. سنڌ جو به مختصر دورو ڪيو. هن پنهنجي هڪ پياري دوست سَر ڪوپر کي ڪئين ذاتي خط لکيا، جن ۾ دلچسپ احوال ڏنل آهي. سندس چوڻ هو ته اِهي خط سندس موت جي پنجاهه ورهيه گذرڻ کان پوءِ شايع ڪري سگهجن ٿا.

لارڊ ڊلهائوزي 48 ورهين جي ڄمار ۾ انگلئنڊ ۾ بيماري سبب گذاري ويو. سندس اُهي خط، سندس وصيت موجب، مسٽر جي. جي. اي بيئرڊ (J.G.A.Baird) پنجاهه ورهين کان پوءِ ڇپائي پڌرا ڪيا. انهن خطن جو ٻيو ڇاپو، وليم بليڪ ووڊ ائنڊ سنس ايڊنيرا ائنڊ لنڊن طرفان 1911ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

 

سنڌونديءَ جي منهن وٽان لکيل هڪ خط

21 جنوري 1950ع

اسان ڪيتري وقت کان وٺي سنڌونديءَ ذريعي، هيٺ سفر ڪري رهيا آهيون. اُتر ۾ سکر ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد کان سواءِ ٻيو ڪو چڱو شهر ڪونهي. پنجاب جي ندين جي جهاز راني سٺي ۽ سولي ڪانهي. هن سڄي سفر ۾ اسان کي هڪ هنڌ ٻه دفعا 48-48 ڪلاڪن لاءِ بيهڻو پيو. درياءَ جا ڪنارا جهنگ ۽ واريءَ سان ڀريا پيا آهن.

سنڌونديءَ هڪ شاندار ندي آهي. سندس نظارا وڻندڙ آهن. خاص طرح هالن کان لنگهڻ وقت مون کي ڏاڍي وڻي. هيءَ ندي افغانستان ۽ هندستان کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ٿي. پنهنجي ميرانجهڙي پاڻيءَ سان پنجن سؤ والن کان اٺ سؤ والن جي موڪر ۾، هڪ پاسي اونهي آهي. واري ۽ لَٽ سان ڀريل آهي. مسلسل وهڪري جي ڪري، زمين جا ٽڪرا آباد ڪري ٿي، جيڪي ڏسي سگهجن ٿا. سنڌوندي بلاشبه اهڙي ته وڻندڙ آهي، جو ماڻهو جيڪر اُن کي خاص طرح ڏسڻ لاءِ وڃي.

سکر ۾ سنڌ جي آخري ”امير“ علي مراد سان منهنجي ملاقات ٿي. هن مون کي تحفي ۾ هڪ عاليشان تلوار ڏني، جيڪا آءٌ سرڪار توشاخاني (خزانه آفيس) ۾ جمع ڪندس. اميد آهي ته هڪ ڏينهن توکي ڏيکاريندس. جو اسان آفيسرنکي جيڪي تحفا ڏنا ويندا آهن، سي اول توشاخاني ۾ جمع ڪيا ويندا آهن، پوءِ خريد ڪري سگهبا آهن.

حيدرآباد ۾ اميرن منهنجي مان ۾ درٻار جو بندوبست ڪيو. انهيءَ ۾ امير، سردار ۽ جابلو علائقن جا چڱا مڙس سڀ آيا هئا. هڪ سو ٽيهه ڄڻا هئا. درٻار جو نظارو دلچسپ هو. جڏهن مون درٻار ختم ڪئي ته هنن مون کان موڪل گهري، ته نديءَ تائين مون سان گڏجي هلن. ڪي اُٺن تي چڙهي هليا، جيڪي تمام سهڻي نموني سينگاريل هئا. سندن پوئلڳن جا هجوم پويان پئي هليا. سندن وڻندڙ پوشاڪون، هٿيار ۽ مشرقي انداز ۾ سينگاريل گهوڙا، جن تي هو سوار هئا، ڏسڻ جهڙا هئا. جڏهن هنن سنڌوءَ جي ڪناري تي بيهي، مون کي موڪلاڻيءَ جو ادب سان سلام ڪيو، ته مون پنهنجون اکيون مهٽيون، ته جيڪي ڪجھ ڏسي رهيو آهيان، سو ڪو خراب ته نه ڪونهي.

اڄ صبح جو اسان سمنڊ تي پهتا آهيون ۽ هاڻي مختلف وهڪرن مان رستو ڳولي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان سنڌونديءَ ذريعي ڪراچي پهچي سگهون. اميد ته سڀاڻي پهچي وينداسون ۽ ٻئي ڏينهن بمبئي لاءِ روانگي اختيار ڪبي.

گورنمينٽ هائوس

10- جولاءِ، 1952ع

مسٽر هيريز توهان کي غلط تاثر ڏنا آهن. هن اهو احوال گهڻي قدر پنهنجو ٺاهيو آهي. هو چوي ٿو ته سنڌ فتح ڪرڻ وقت سر چارلس نيپئر کي وڌائي ڏنل انعام وارا پئسا واپس وٺڻ جو اهو طريقو ڪونه هو، ته هن جو پگهار روڪيو وڃي وغيره وغيره. صحيح بيان نه آهي. اصل حقيقتون هن ريت آهن:

1980ع ۾ جڏهن اها خبر پيئي، ته برطانيه راڻيءَ، سنڌ جي ميرن لاءِ جيڪي انعام اڪرام وارا پئسا ڏنا هئا، تن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونه رکيو ويو آهي. بلڪ، انعام ڪاميٽيءَ انهن پئسن مان گهڻائي پئسا اهڙيءَ انگريز فوج کي به ورهائي ڏنا آهن، جيڪا فوج جنگ ۾ وڙهي ئي ڪانه هئي. اهي ڳالهيون جاچ جوچ جهڙيون هيون. انهن پئسن ۾ سر چارلس نيپئر جو حصو صرف ٻه هزار پائونڊ هو. سو، ضروري هو ته کيس وڌيڪ مليل پئسا واپس وٺنجن. اها ڪاروائي گورنمينٽ جي آرڊر موجب ڪئي وئي. سڀني آفيسرن جي پگهار مان ڪيترن مهينن تائين ٿورا ٿورا ڪري، اُهي پئسا ڪٽيا ويا، سو، پڌرو ٿيو ته هي قدم صرف سر چارلس نيپئر سان لاڳو ڪونه هو. انهيءَ ناجائز ورهاست ڪري، حڪومت کي ڪافي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، ڇو جو پئسا حڪومت جي خزاني مان ئي ڏنا ويا هئا.

هيءَ ڳالهه اپريل 1850ع جي آهي. مئي 1850ع ۾ سر چارلس نيپئر مون وٽ شملا ۾ آيو. ڏاڍو ڪاوڙيل هو. سخت احتجاج ڪيائين، پئسن ڪٽجڻ جي طريقي تي نه، پر سڀني جي واپس ڪرڻ تي. اسان جا تعلقات ٿڌا ٿيندا پئي ويا. مون چاهيو پئي ته ساڻس ٺاهه ڪريان. چيومانس ته ڀلي وڃي ڪورٽ جو دروازو کڙڪاءِ. انهيءَ وچ ۾ مون انهيءَ گورنمينٽ آرڊر تي به عمل روڪي ڇڏيو، جنهن موجب، پئسا ڪٽيا پئي ويا. سو، في الحال پئسا ڪٽجڻ رڪجي ويا. منهنجي انهيءَ قدم جي ڪري ڪائونسل جو صدر مون تي ڪاوڙجي پيو. اخرڪار سرڪار نيپئر جي اپيل رد ڪئي ۽ مون کي حڪم ڪيو ته مان اُهي پئسا کانئس واپس وٺان. ان جي باوجود مون پنهنجو روڪيل آرڊر وري واپس نه ورتو، هن جو پگهار نه روڪيو. توڙي جو هو مون سان ڪونه ڳالهائيندو هو. هُن استعفا ڏيئي ڇڏي. مون کيس ٻڌايو ته ڪوڙرٽ تنهنجي خلاف فيصلو ڏنو آهي. ڀلا، جيڪڏهن کي اُهي پئسا واپس ڪرڻ ۾ توکي ڏکيائي ٿئي ٿي، ته هندستان ڇڏڻ کان اڳ ۾ قسطن ۾ پئسا واپس ڪر.

پر، هن کتو جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ چيو ته حڪومت کي ڪوبه قانوني يا اخلاقي اختيار ڪونهي، ته کانئس پئسا واپس وٺي. اُن کان پوءِ، مون سندس پگهار روڪي ڇڏيو.

اصل ڳالهه اِها آهي. سر چارلس نيپئر هندستان ۾ ڄاڻي واڻي اهڙي حرڪت ڪئي آهي، جيڪا نيچ ۽ ڪريل آهي.

]نوٽ: هن ڪتاب ۾ ڪجھ ننڍا وڏا حوالا سنڌ لاءِ ڏنل آهن ۽ سر چارلس نيپئر جي ڪردار بابت ڪافي بحث ڪيل آهي، پر انهن سڀني ڳالهين جو سنڌ جي تاريخ سان ڪو خاص لاڳاپو ڪونهي، انهيءَ ڪري هتي اُهي شيون نه ڏنيون ويون آهن.

“Private Letters of the Marquess of Dal Housie” ”ڊلهائوزي جا نجي خط“ پڙهي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.[

 

-3-

لارڊ هيسٽنگس: سنڌ ۽ هندستان جون ٻيون رياستون

ڪڇ تي برطانوي راڄ قائم ٿيو، ته قدرتي طرح سنڌ جي ميرن کي ساڙ ٿيو ۽ خطرو محسوس ٿيو. ڪڇ، سنڌ جو پراڻو دشمن آهي ۽ سدائين سنڌ سان اڳرائي ڪندو آهي. سنڌ جيڪا هندستان جي اندروني رياستن مان ڪانه هئي، سا اسان جي هن مقالي جو خاص موضوع نه آهي. پر، مقالو لکندي سنڌ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، ته لارڊ وارن هيسٽنگس سنڌ ۽ بمبئيءَ جي جنگ ڪيئن روڪي ڇڏيو، جيڪا بمبئي حڪومت ذري گهٽ سنڌ جي مٿان مڙهي هئي،

1809ع ۾، هندستان جو گورنر جنرل لارڊ منٽو سنڌ جي اميرن سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو، ان معاهدي جو خاص نقطو اِهو هو ته سنڌ سرڪار، سنڌ ۾ ڪنهن به فرانسيسيءَ کي آباد ٿيڻ نه ڏيندي.

سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ڪيترائي ڀيرا کوسن حملا پئي ڪيا. هنن ڪڇ جي ڪجھ علائقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جن تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت هئي. بمبئي سرڪار کوسن جي حملن تي سخت احتجاج ڪيو. آخر اهو فيصلو ٿيو تهگ ڪرنل بارڪلي جي سربراهيءَ هيٺ ننڍو لشڪر موڪلي، کوسن کي مهميز ڏني وڃي. سنڌ سرڪار کي پڻ انهيءَ ڪم ۾ تعاون جي اپيل ڪئي ويئي، تنهن تي ميرن به هڪ فوجي دستو اسان کي مدد ۾ موڪليو.

هڪڙيءَ رات ڪاريءَ ٻاٽ ۾، ڪرنل بارڪلي جي لشڪر جي ڪجھ حصي، ڀُل ۾، سنڌ جي موڪليل دستي کي کوسا سمجھي، مٿس حملو ڪيو. ان حملي تي سنڌي لشڪر ڏاڍو ڪاوڙيو. بلوچن بدلو وٺڻ لاءِ حيدرآباد مان مارچ ڪري، ڪڇ ۾ ”لوڻن، جي ڳوٺ کي ساڙي ڇڏيو. اهو ڳوٺ ڀڄ کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي هو. ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو به اغوا ڪيا ويا.

بمبئي سرڪار، ان حملي جي ڪري، فوجي تياريون شروع ڪيون. سنڌ جي ميرن کان ڪچ ۾ ٿيل نقصان جي گهر ڪئي. کين حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. حيدرآباد (دکن) ۾ رهيل ريزيڊنٽ آفيسر ۽ مدراس حڪومت کي پڻ سنڌ سان متوقع جنگ جو اطلاع ڏنو، ته هو پڻ پنهنجا فوجي جٿا تيار رکن.

ڪجھ وقت لاءِ ٻنهي پاسن کان جنگ جون گرما گرم تياريون ٿيون. پر، لارڊ وارن هيسٽنگس انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن حيدرآباد دکن جي ريزيڊنٽ کي حڪم ڪيو، ته هو مدراس جي فوج کي اُن ڪم لاءِ تيار نه ڪري.

لارڊ هيسٽنگس بمبئي سرڪار جي سنڌ کان غير ضروري تقاضائن جي مذمت ڪئي. هن چيو ته ”پهريائين ته اسان کي اهو مڃڻ کپي، ته غلطيءَ اسان کان ٿي هئي، جو اسان ميرن جي مددي فورجي دستي کي کوسا سمجھي مٿس حملو ڪيو.“

لارڊ هيسٽنگس راءِ ڏني ته، ”بس، ايترو ڪافي آهي، ته هن معاملي ۾ سنڌ جي ميرن جي معذرت قبول ڪئي وڃي ۽ ساڻن جنگ نه ڪئي وڃي.“ لارڊ هيسٽنگس اها به راءِ ڏني ته بمبئيءَ سرڪار کڻي سنڌ سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. پر، ان جا نتيجا خراب ٿيندا. سنڌ هٿ ڪرڻ جهڙو ملڪ ئي ڪونهي. اُن کي حاصل ڪرڻ ڪمپنيءَ کي بڇڙي ڪرڻ جي مترادف ٿيندو.

هن اهو خط بمبئي حڪومت ڏانهن روانو ڪيو.

بمبئي سرڪار پنهنجيءَ ڳالهه تي پوءِ به بضد رهي. وري ڪلڪتي جي سرڪار کي جنگي تياريون ڪرڻ لاءِ چيائين. پر، لارڊ هيسٽنگس پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. هن بمبئي سرڪار جي رويي کي ناجائز ۽ بي بنياد سڏيو.

سنڌ جا مِيرَ به انگريزن سان جنگ ڪرڻ جا حامي ڪونه هئا. سندن ايجنٽ اسماعيل شاهه بمبئي پهتو ۽ اتي انگريز عملدار، ايلفنسٽن سان گڏجاڻيون ڪيائين. آخر 9 نومبر 1820ع تي هڪڙو معاهدو ٿيو، جنهن موجب، مير ڪرم علي ۽ مراد عليءَ جا ڪمپنيءَ سان تعلقات سٺا ٿيا.

]”لارڊ هيسٽنگس ۽ هندستاني رياستون“- موهن سنها مهتا، بمبئي 1930ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com