سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :19

آزاد انور ڪانڌڙو

 

گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي...!

(تنوير عباسيءَ جي سالگره تقريب جي رپورٽ)

تنوير عباسيءَ سکر ۾ هڪ ادبي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته ”اسان ماڻهو انهيءَ انتظار ۾ هوندا آهيون، ته اسان جو ڪو اديب يا شاعر مري، ته اُنهيءَ جي ورسي ملهايون. ڀٽائي، سچل، توڙي قلندر، سڀني جون ورسيون ملهايون ٿا. سُڄاڻ قومون پنهنجن مشاهيرن جو جنم جا ڏينهن ملهائينديون آهن، ڇو ته مرڻ واري ڏينهن کان جنم ڏينهن وڌيڪ اهم آهي.“

تنوير عباسيءَ جي انهن احساسن جي روشنيءَ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ پاران گذريل سال 7 ڊسمبر تي، (تنوير جي جنم جي تاريخ) تنوير عباسيءَ جي سالگرهه جو پروگرام، نيشنل پريس ڪلب سکر ۾ رکيو ويو. ڪاروائي، سنگت جي مرڪزي خزانچي آزاد انور ڪانڌڙي هلائي. سليم لاکي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. تقريب جو صدر، فتاح ملڪ شهر کان ٻاهر وڃڻ ڪري، ڪجهه دير سان پهتو. خاص مهمان اياز گل هو. ڊاڪٽر بدرالدين اُڄڻ ۽ مختيار ملڪ اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا. ادل سومرو ميزبان جي حيثيت ۾ ساڻن گڏ ويٺو.

آزاد انور ڪانڌڙي تنوير بابت ڳالهائيندي چيو ته ”هو نه صرف وڏو شاعر هو پر هڪ سرگرم ۽ سُٺو انسان پڻ هو، جنهن سڄي حياتي بامقصد نموني ۾ گذاري.“

لاڙڪاڻي ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ ملهار سنڌيءَ تنوير جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي ساراهيندي، سندس شعر جي مختلف خوبين کي اُجاگر ڪيو.

مشتاق بخاريءَ چيو ته تنوير نفيس خيالن جو هڪ وڏو شاعر ۽ سٺو نثر نويس هو.

قربان منگيءَ يو ته تنوير هڪ وڏي جي حيثيت سان سندس تربيت ڪئي. هو حُسن ۽ نيڪيءَ جو شاعر هو، جنهن سڄي حياتي پيار ۽ پريت جا گيت تخليق ڪيا.

فرخ ملڪ تنوير جي فڪري ڪاوشن جو جائزو وٺندي سندس شاعريءَ جي واکاڻ ڪئي.

سکر ضلعي سيڪريٽريءَ خواجه ذوالفقار پنهنجي مختصر مضمون ۾ تنوير جي ادبي ڪارنامن تي روشني وڌي ۽ چيو ته سنڌ تنوير کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

مالڪ کوسي چيو ته تنوير مرڪندڙ شخصيت وارو هردلعزيز ماڻهو هو، جيڪو ڌار ڌار نظرين وارن ماڻهن وٽ به هڪ جيترو ’محترم‘ هو ۽ پاڻ ڪوشش ڪري تضادن کان پري رهندو هو.

هادي ڀٽ تنوير جي شاعري اعتدال پسند شخصيت ۽ شخصي ڪردار جي ساراهه ڪئي.

سنگت خيرپور ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ منظور اُڄڻ چيو ته تنوير جي شاعري اسان جي دلين جي ترجماني ڪري ٿي ۽ جيسين پيار ڪندڙ دليون ڌڙڪنديون رهنديون، تنوير جي شاعري قائم رهندي.

شهدادڪوٽ کان آيل عوامي شاعر نظير درد تنوير کي منظوم خراج عقيدت پيش ڪيو.

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ تي ايم. فل ڪندڙ مهر خادم، تنوير جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته ’هن سندس هر موڙ تي رهنمائي ڪئي. هو وڏو شاعر ۽ وڏو انسان هو.“

امر اقبال تنوير جي شخصيت جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو تنوير جي شاعري کان گهڻو متاثر آهي.

حبيب ساجد، تنوير کي گلن ۽ پوپٽن جو شاعر سڏيندي، هن جي فڪري سرمايي کي سنڌي ادب جو بي مثال حصو سڏيو.

ممتاز بخاريءَ چيو ته تنوير جي شخصيت بهار وانگر هئي، جنهن سان ملي، هرڪو سرهائي محسوس ڪندو هو. هن جي شاعري به سندس شخصيت وانگر متاثر ڪندڙ هئي.

پروگرام جي ميزبان سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ادل سومري سڀني مهمانن، اديبن ۽ شاعرن جا پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا ۽ تنوير عباسيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته ”هُو نوجوانن جي رهنمائي ڪندڙ هڪ مخلص انسان ۽ وڏو شاعر هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي  هزارين گيت ۽ غزل ڏنا ۽ ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اؤسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جو گهر ادبي سکيا جو مرڪز هو. افسوس جو هاڻ اُهو مرڪز نه رهيو آهي ۽ نوجوان ويڳاڻا آهن.“

سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، اعزازي مهمان، مختيار ملڪ چيو ته، ”تنوير عباسي سندس محسن هو ۽ سندس ادبي تربيت ۾ تنوير جو اهم ڪردار هو. تنوير پيڙهي وڇوٽيءَ جي فرق کانسواءِ اسان کي پنهنجو دوست سمجهندو هو، جنهنڪري اسان پنهنجي دل جا حال به هن سان اوريندا هئاسون.“

اعزازي مهمان ڊاڪٽر بدر اُڄڻ تنوير جي شاعري ۽ شاهه لطيف تي ڪيل سندس تحقيق جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ”هن جو تحقيقي انداز نرالو ۽ نهايت علمي آهي ۽ هو نثر توڙي نظم جو بهترين اديب ۽ شاعر آهي. تنوير جي محبتن جو هڳاءُ هميشه دائم رهندو.“

خاص مهمان، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، اياز گل پنهنجن ساروڻين جي حوالي سان تنوير جي شخصيتن ۽ شاعريءَ بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، ”تنوير عباسيءَ سندس شعر جي اصلاح ڪئي ۽ کيس اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏنو. هو هڪ سٺو اُستاد ۽ سٺو دوست هو. هن سڀني کي محبت ۽ مان ڏنو، جنهنڪري هرڪو سندس دوست هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. اهڙا شخص صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، تنوير عباسيءَ جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو.“

تنوير عباسيءَ جي ويجهي دوست فتاح ملڪ چيو ته ”تنوير سان هن جو محبتون ۽ حجتون ڀائرن وانگر هيون. سندس اوچتي وڇوڙي  هن کي گهڻو صدمو ڏنو هو، هاڻي وقت آهي ته اسين تنوير جي شاعري ۽ فڪر کي عام ڪريون ۽ ائين ڪرڻ سان ئي اسان تنوير سان دوستيءَ جو حق ادا ڪري سگهنداسين. تنوير معصوم صورت وارو هڪ صوفي صفت انسان هو، جنهن سڄي ’پيار‘ جو رچار ڪيو. اچو ته ان پيار کي ڦهلايون.“

هن ان موقعي تي تنوير عباسيءَ جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ سڀني دوستن ۾ ورهايو. اهڙيءَ طرح، افطاري جي وقفي ۾ مهمانن جي تواضع ڪئي ويئي. اديبن، شاعرن ۽ صحافين جيهڪ وڏي انگ پروگرام ۾ شرڪت هئي، جن ۾ منير سولنگي، غلام محمد غازي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، شوڪت نوناري، خالد ٻانڀڻ، ڊاڪٽر جئرام، ايم. بي سومرو، عميق مهر، ڊاڪٽر وحيد سمائر، تاج سروهي، مشتاق چنه، فيض سومرو، ابراهيم کرل، نثار ٻانڀڻ، نظر لاکائي، خليل مورياڻي، محمود سومرو،شاهد شيخ، نظير سروهي، مُبن مڱريون، غلام نبي پٺاڻ، فياض ٻرڙو، جاويد عدم نمايان هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com