سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :11

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

”غريب“ جي سُخَنوري

(ڀيرول مهرچند آڏواڻيءَ جي شاعري)

سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جن اَڪابر انسانن پنهنجي جيءَ ۽ جسي کي جولانيون ڏيئي، سنسار ۾ سُرت ۽ ساڃاهه جا ڏيئا ٻاري، سهائي ڦهلائي، ويچار جي واٽن جي ويڳاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، تن اڪابرن ۽ استادن مان سنڌ جو سپوت ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به هڪ ناميارو نانءُ هو.

خاندان: ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي خاندان متعلق سندس ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جي هڪ بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ”حيدرآباد جي آڪهه ”مگهو کتريءَ“ نُک مان هو. اها نُک اصل ملتان سان تعلق رکندڙ هئي، جنهن جو هڪ فرد نالي ديوان آڏومل پٽ کلومل پٽ جسومل ملتان جي ڳوٺ لوهه پور جو ويٺل هو. سو ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راڄڌانيءَ ۾ ملتان جو علائقو به سندس هٿ هيٺ هو. ميان نور محمد ملتان ۽ اُچ جي طرف گشت ڪندي، هڪ دفعي اُتان جي ڪن هندن سان متعارف ٿيو. اُنهن هندن ۾ آڏومل به شامل هو، جو اُن زماني ۾ تلوار هلائڻ ۾ تکو هو. ميان صاحب کيس پاڻ وٽ ”شمشير زن“ مقرر ڪري سنڌ جي گاديءَ واري شهر حيدرآباد ۾ وٺي آيو.(1) ڀيرومل صاحب جي هن بيان کي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي ٿو ته ان ۾ ڪي جهول ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته نه ميان نور محمد ڪلهوڙو ملتان طرف ويو هو ۽ نه وري اُن دور ۾ ’حيدرآباد‘ اڃا گاديءَ طور وجود ۾ آيو هو. البت مطالعي مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد شهر جو باني اهي. نه رڳو ايترو پر سندس ملتان طرف وڃڻ به هڪ تاريخي حقيقت آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ ڀيرومل آڏواڻي صفحي 52 ۽ 53 تي اهڙا اشارا ڏنا آهن ۽ پڻ صفحي 222 تي اهڙي ڳالهه ڪئي آهي.

بهرحال ديوان آڏيمل جي حياتيءَ جي احوال مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته هن جي پهرين زال پنجاب جي هئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ، چندومل، ڏتومل ۽ لکومل هئا، ۽ اِن ڪٽنب سان هُو سنڌ ۾ آيو هو. پهرين زال جي ديهانت کان پوءِ هن تعلقي نوشهري فيروز جي ديهه ’ٺٽ‘ مان ٻي شادي پنهنجي نالي ڀائي آڏومل جي ڌيءَ سان ڪئي، جنهن مان کيس چار پٽ بهارومل، سُندرداس وسايومل ۽ ٺارومل ٿيا. سنڌ ۾ جيئن هن جي آڪهه وڌي، تيئن سندس نالي جي نسبت سان ”آڏواڻي“ ٿي مشهور ٿي ۽ اڳتي هلي هن خاندان جي ذهين ۽ نيڪ فردن پنهنجي گوناگون تعليمي، سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي وسيلي وڏو ناماچار حاصل ڪيو ۽ سنڌ ۾ هر هنڌ مثالي عزت ۽ مڃتا ماڻي.

ديوان آڏومل جي اولاد مان سندس پهريٽي پٽ چندومل کي ٻه پٽ: ڇتومل ۽ ڄيٺمل ٿيا. ڄيٺمل جي پوٽي اجومل جو پٽ آئلمل هو، جو سنڌ ۾ مختيارڪار به ٿيو هو. انهيءَ آئلمل کي ٻه پٽ مهرچند ۽ ٿانورداس نالي ٿيا. مهرچند کي به ٻه پٽ ڀيرومل ۽ ٿانوردس ٿيا. اِهوئي ڀيرومل اڳتي هلي سنڌ جي ساهت ۽اتهاس جو وڏو ودوان بڻيو.(2)

ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي بقول سندس پيءُ سيٽلمينٽ ۾ هيڊ منشي هو، جتان 1888ع ۾ رٽائر ڪيائين ته ويهه روپيا پينشن ملڻ لڳي. رٽائرمينٽ کان پوءِ سترهن ورهيه جيئرو رهي، آگسٽ 1905ع ۾ گذاري ويو.(3)

جنم ۽ تعليم: ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي جنم متعلق اختلاف آهن. ڪي اديب 1875ع لکن ٿا ته ڪي 1876ع. اِهوئي ڪارڻ آهي جو ڊاڪٽر مرليڌي جيٽلي عجب وچان لکيو آهي ته ”ڀيرومل هڪ تاريخ نويس جي حيثيت ۾ ٻين جي جنمن جون تاريخون ۽ سن سنبت گهڻيءَ کوج بعد هٿ ڪري درج ڪيا آهن، پر پنهنجي جنم جي تُز تاريخ ڪٿي به ڪانه ڄاڻائي اٿس. انهيءَ کي مبهم رکڻ جو ڪهڙو سبب آهي، تنهن جي خبر خاوند کي!“(4)

ڀيرومل آڏواڻيءَ جي تعليم جي شروعات فارسي سکڻ سان ٿي. سن 1881ع ۾ سنڌي پهريون درجو ٿورا ڏينهن آخوند صديق محمد جي مدرسي ۾ پڙهيو. اُن بعد هن اسڪولي تعليم نئين سرشتي وارن اسڪولن مان حاصل ڪئي. سال 86-1885ع ڌاري هو انگريزي پهريون درجو پڙهندو هو.(5) ڀيرومل آڏواڻي سن 1946ع ۾ ماهوار رسالي ’سنڌو‘ ۾ ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“ جي عنوان هيٺ هڪ طويل مضمون لکيو هو، جو قسطن ۾ شايع ٿيل آهي. ان مضمون جي ٽين قسط ڊسمبر 1946ع جي شماري ۾ شايع ٿي. ان جي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته هن انگريزي تعليم حيرآباد جي مشن اسڪول مان حاصل ڪئي هئي. انهيءَ مشن اسڪول جو پرنسپال مسٽر ڪئمپبيل هو، جو 1892ع ۾ ڦليليءَ ۾ هڪ شاگرد نالي خانچند کي ترڻ سيکاريندي پاڻ ٻڏي مري ويو هو. ڀيرومل آڏواڻي اهو واقعو به پنهنجين اکين سان ڏٺو هو.(6)

ڊاڪٽر هدايت پريم لکي ٿو ته ”ڀيرومل آڏواڻي ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول ’يونين ائڪڊمي‘ مان حاصل ڪئي، جتي ساڌو هيرانند شوقيرام ۽ سندس ڀاءُ تاراچند شوقيرام کان ٻي تعليم سان گڏ شاهه لطيف جو ڪلام ۽ معنائون پڻ سکيو.(7) انهن ٻنهي ڳالهين کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته ڀيرومل ثانوي تعليم پهريائين مشن اسڪول ۾، پوءِ يونين اڪيڊميءَ مان حاصل ڪري، ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.

شاديون ۽ اولاد: ڀيرومل آڏواڻي ٽي شاديون ڪيون. پهرئين زال مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو، ٻي زال مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس.(8) پٽهنس پرڀداس عرف هرنامسنگهه به پنهنجي پتا وانگر قلم ۽ ڪتاب سان سُٻنڌ رکندڙ هو. سندس ليک مختلف مخزنن ۾ ڇپبا هئا. انهيءَ کان علاوه ”سالڪ جو سفر“ نالي ڪتاب به شايع ٿيس، جنهن تي ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران ساڍا ٽي سو روپيا انعام طور مليا. اِهوئي ڪتاب اڳتي هلي درسي ڪتاب طور منظور ڪيو ويو. پرڀداس آگسٽ 1943ع تي هي جهان ڇڏي ويو.(9) سندس ڌيءَ جو نالو پارپتي هو، جنهن حشمتراءِ هيراننداڻيءَ سان شادي ڪئي هئي. پارپتي سن 1932ع ۾ ديهانت ڪيو.(10) اهڙيءَ طرح ٽين زال مان کيس ٻه ڌيئر خوشحالي عرف پدما ۽ ستي نالي ٿيس.(11)

نوڪري ۽ ديهانت: ڀيرومل آڏواڻي 29- فبروري 1896 ۾ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سالٽ ايڪسائيز اوپيم کاتي ۾ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي مقق ٿيو. ان کان اڳ ۾ پاڻ پبلڪ سروس ڪسٽم ۽ سالٽ ڊپارٽمينٽ جو امتحان پڻ پاس ڪيو هئائين. اڳتي هلي پهرين اپريل 1911ع تي سکر ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. (The Sindh Officila List 1915-p p 146-147) انهيءَ کاتي ۾ اٺاويهه سان سروس ڪري رٽائر ٿيو ته هڪ سو روپيا پينشن ملڻ لڳي. جون 1924ع کان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي ءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي تيرهن سال نوڪري ڪيائين. ائين هن لاڳيتو 41 سال نوڪري ڪئي. هو ورهاڱي کان پوءِ به ڀريا ٻه سال ڪراچيءَ ۾ ئي رهيو، مگر گذران جي تنگي ۽ بنگلي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مجبور پئي رهيو. آخر نومبر 1949ع ۾ بمبئيءَ لڏي ويو، جتي جي آبهوا کيس راس نه آئي ته پوني وڃي رهيو. 3 جولاءِ 1950ع تي پوني ۾ رستي تان هلندي، کيس ڌڪ لڳو ۽ پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيو. 7 جولاءِ 1950ع تي ساسون اسپتال ۾ ديهانت ڪيائين.(12)

علمي پورهيو: ڀيرومل آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻ رخو ۽ پختو قلمڪار هو. سندس حياتيءَ ۾ ذهن جو لاڙو ڪنهن هڪ موضوع يا مضمون ڏانهن نه رهيو. هر ڏسا ڏانهن ڏسڻ، سوچڻ ۽ سمجھڻ توڙي غور ۽ فڪر ڪرڻ ئي هن جي اثباتي عمل ۽ پختگيءَ جو ڪارڻ هو. حقيقتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ نتيجا حاصل ڪري عام آڏو آڻڻ هن جو خاصو هو. اِهي ئي خصوصيتون آهن، جن هن جي تحريرن کي امرتا ۽ دوام بخشي، سندس نالو روشن ڪيو. ڀيرومل آڏواڻي پنهنجي دور جي ساٿين ۾ هر لحاظ کان منفرد مقام رکندڙ هو، ان ڪري ئي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ڀيرومل ۾ تحقيق، ڄيٺمل ۽ لالچند کان گهڻي هئي، ان ڪري سنڌي زبان، ان جي گرامر ۽ ادبيات بابت تحقيقي ڪتاب لکيائين. سنڌ جي تاريخ بابت به کوجنا ڪندو رهيو. افسانوي ادب ۾ سندس ناول ۽ ناٽڪ به موجود آهن. ”غريب“ تخلص سان ڪي شعر به جوڙيائين. سڄو وقت علمي ڪم کي جنبيو رهيو. ڀانئجي ٿو ته ڀيروملکي مرزا قليچ بيگ جي ريس هئي، جو هر موضوع تي پئي لکيائين. ٻنهي ۾ فرق هيءُ هو، جو مرزا صاحب تاريخ، لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي ٻاهر نڪري ٻين موضوعن تي به لکيو، پر ڀيرومل انهن موضوعن کان ٻاهر سائنس جي دنيا ۾ پير نه پاتو.(13) بهرحال ڀيرومل جون خدمتون بطور محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم(14) کان علاوه نقاد جي حيثيت ۾ به نمايان آهن.

ڀيرومل آڏواڻيءَ جي سموري ادبي دور تي نظر ڊوڙائڻ سان اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته هن علمي دنيا ۾ پنهنجي ذاتي پسند جي موضوعن کان سواءِ وقت ۽ ماحول جي گهرجن جي پورائي لاءِ به ذميواريون محسوس ڪري، انهن کي خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو سماجي ادبي رويو ئي اديب جي مثبت ڪردار کي نمايان ڪري ٿو. انهيءَ حوالي سان ڏٺو وڃي ته ويهين صديءَ جي شروعاتيءَ دور ۾، سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو ڌيان قصي، ناٽڪ ۽ ناول ڏانهن هو. انهيءَ دور ۾ ماحول مطابق ڀيرومل آڏواڻي قصا، ناٽڪ ۽ ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ مثال طور اسان کي ”بلب بيمار“ (ناٽڪ)، ”علي بابا چاليهه چور“ (ناٽڪ)، ”آنند سندريڪا“ (قصو)، ”حرص جو شڪار“ (ترجمو ٿيل ناٽڪ)، ”وريل ۽ نعمت“ (ناول)، ”بزارين جو ناٽڪ“ (ناٽڪ)، ”مڙس جي مڙسي“ (ناٽڪ)، ”مقدمو“ (ناٽڪ)، ”گولن جا گوندر“ (ناول) ۽ ”آزاديءَ جي ڪوڏي“ (ناٽڪ) نظر اچن ٿا.

اهڙيءَ طرح علمي دنيا جي ٺوس ۽ سنجيده عنوانن- لسانيات ۽ لطيفيات- ڏانهن به هن رويو سنجيده ڏسجي ٿو. جو ”غريب اللغات“ وڏو سنڌي وياڪرڻ“، ”الف- بي ڪيئن ٺهي“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جهڙا قيمتي تحقيقي ڪتاب لکي هن پنهنجي علمي ذميواريءَ کي به خوب نباهيو آهي. ڀيرومل آڏواڻيءَ جي دور ۾ ادبي دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ ڪلام تي عالمن ۾ ويچارڻ ۽ لکڻ جو ذوق به زياده رهيو. مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام وطڻمل ’خاڪي‘ کان وٺي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ تائين عالم سرگرم رهيا. ڀيرومل آڏواڻي به جيتوڻيڪ شاهه جو رسالو ترتيب نه ڏنو آهي، تڏهن به رسالي کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان علاوه ان جي ڏکين لفظن جي صحيح معنائن تص خصوصي ڌيان ڌريو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف جي زندگي ۽ ان جي سير سفر جي ماڳن متعلق به ڄاڻ حاصل ڪيائين. ان سلسلي ۾ ”سر سورٺ“ (معني ۽ سمجھاڻي) ۽ ”لطيفي سير.“ نالي ڪتاب لکي ڇپايائين. تنقيد جي حوالي سان جڏهن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جي رسالي“ جي شايع ٿيڻ تي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ مٿس ڊسمبر 1923ع جي ڀارت واسي“ اخبار ۾ تنقيد لکي، تڏهن ڀيرومل آڏواڻي، ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سنڌو“ ۾ مارچ 1938ع کان آڪٽوبر 1938ع تئاين سلسليوار تنقيدي مضمون لکي، گربخشاڻيءَ جي محنت جي قدرشناسي ڪئي. سندس ان قابليت کي ساراهيندي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڀيرومل جيڪي هي اَٺَ مضمون لکيا آهن، تن سان ان ساڳئي موضوع تي لکيل، ٻئي ڪنهن به عالم جا شايع ٿيل ليک برابري ڪري نه ٿا سگهن.“(15)

تعليمدان: ڀيرومل آڏواڻيءَ کي سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جو به اونو رهندو هو. پاڻ پنهنجيءَ ٻولي ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ به ڪوششون وٺندو هو. ان سلسلي ۾ سندس ڌيان بمبئي يونيورسٽيءَ پاران مقرر ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ڏانهن به رهندو هو. ائين ئي هيٺين درجن جي نصاب تي به خصوصي توجهه ڏيئي، نصبي ضرورتن جي پورائي لاءِ به ڪتاب لکندو رهيو. جهڙوڪ: ”جوهر نظم“، ”چونڊ ڪلام“، ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، ”بهار نثر“، ”گلزار نثر“، يادگار آهن. پاڻ شاگردن جا تعليمي ۽ نصابي اهنج دور ڪرڻ لاءِ هن ڪتابن ۾ آيل نثر ۽ نظم جي ڏکين لفظن جون معنائون ۽ تشريحون به لکندو هو. ڪي ڪتاب سڌاري ۽ سنواري به ڇپرائيندو هو. جهڙوڪ M.J. Shahani ۽ W.A. Shahani جي Guide to New study Reader IV کي سڌاري ۽ سنواري Thoroughly Revised شايع ڪرايائين.

ڀيرومل آڏواڻيءَ کي تعليم جي ان ذوق آخر ’استاد‘ بڻايو ۽ پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ’سنڌيءَ‘ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. سنڌيءَ جي جيڪا قابليت وٽس هئي، تنهن جو مثال گهٽ ملندو. هن جي خوبصورت ۽ جاذب ٻولي ۾ جا سلاست ۽ رواني آهي، سا واقعي هن جي لفظي ذخيري جا ڏس ڏئي ٿي. هن جي لفظي ذخيري جي جيڪا واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي. هونئن به پاڻ لغت نويس ۽ ٻولين جو ڄاڻو هو. وقتائتا لفظ استعمال ڪرڻ توڙي تجنيس حرفي قائم ڪرڻ هن جو خاصو هو. مجال آهي جو عبارت ۾ ڪٿي ثقيل لفظ جو استعمال ملي! عام فهم ٻولي ۾ عام فهم عبارت آرائي، سندس ڪيل ڳالهه جي سڌي سنئين سمجھاڻي، عام ۽ خاص کي هڪدم ذهن نشي نشين ٿيڻ جهڙو اسلوب، کيس همعصرن ۽ همڪارن ۾ منفرد مقام تي بيهاري ٿو. اڳتي هلي اسان سندس ٻوليءَ جو نمونو ڏينداسون، جنهن مان هن جي خاصن خيالن ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي جوڙجڪ جي خبر پوندي. سندس ٻوليءَ کي عالمن ۽ اديبن گهڻو ساراهيو آهي. ايم. آر. مائيداساڻي لکي ٿو ته: ”ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي برک سنڌي ليکڪ آهي. جهونن خواه نون ليکڪن ۾ هو سڀني ۾ سرس ۽ اڳرو آهي. سندس سنڌي سهڻي، سليس، چيدي ۽ رس ڀري آهي.“(16) اهڙو اعتراف پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به ڪيو آهي: ”ڪاڪي ڀيرومل جي ٻولي، مٺي ۽ سپڪ آهي. درياءَ جي رواني هڪ طرف ته سليس لفظن جو واچوڙو ٻئي طرف پيو نظر اچي.“(17) ائين ئي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڀيرومل جي عبارت جي تعريف ۾ چيو آهي ته: ”ڀيرومل جي عبارت ئي پنهنجي قسم جي آهي.“ پوپٽي هيراننداڻي کيس ”نثر جو ٿنڀو“ ڪري سڏيو آهي.

شاعر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هڪ سٺي نثر نويس سان گڏ سُٺو شاعر به هو. هو شعر ۾ ’غريب‘ جو تخلص اختيار ڪندو هو. سندس تخلص نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جو هڪ اظهار به آهي، جنهن لاءِ هيرو ٺڪر لکي ٿو ته: ”ڀيرومل هڪ نهٺو ۽ نماڻو شخص هو. پنهنجي ان نهٺتي ۽ نماڻائيءَ واري سڀاءَ کي اظهار ڏيندي هن شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”غريب“ رکيو. هيڏي وسيع ڄاڻ جو ڌڻي هوندي به پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گيرب يا وڏائي ڪانه هئس. هو پنهنجين لکڻين کي آخري حرف ڪري نه ليکيندو هو ۽ جان ”جيئن تان سک“ واري عقيدي ۾ وشواس رکندو هو.“(18) هن پنهنجي تخلص جي نسبت سان، شاهه جي رسالي جي ڏکين لفظن کي ڪٺو ڪري جيڪو ’ڪوش‘ تيار ڪيو، تنهن جو نالو ئي ”غريب اللغات“ رکيائين.

ڀيرومل آڏواڻي ”غريب“ جي شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي بحث کان اڳ آءٌ هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به ڪويتا جو تاتپرج تڏهن ئي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان ٿي سگهندو، جڏهن ڪوي ۽ ان جي درشٽي جي ورثي تي نگاهه ڪرڻ جو ڪوشش ڪبي ته ڪوي ڪير آهي؟ ڪوي ڇا کي چئجي؟ يا هو ڪويتا ڪيئن ٿو سرجي؟ تنهنجي سولي ۽ سلوڻي سمجھاڻيءَ لاءِ جڏهن آءُ ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڪتابن جو اڀياس ڪرڻ لڳس، تڏهن سندس هڪ ڪتاب ”گلزار نثر“ (1929ع) جي مهاڳ ۾ پروفيسر لالسنگهه هزاريسگهه اجواڻيءَ جا نهايت وڻندڙ ويچار نظر کان گذريا، جن تان هتي استفاده ڪرڻ سان يقيناً اسين مستفيد ٿينداسون. اجواڻي صاحب لکي ٿو ته ”ڪوي يا شاعر جي پد سان ڪنهن جي به ريس يا برابري ڪانهي. ايشور جي سرشٽيءَ ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهنجي سڌ جيتري شاعر کي آهي، تيتري ٻئي ڪنهن کي ٿي ڪين سگهندي. عالم ۽ فاضل ماڻهو گيان سان ڀرپور آهن، پر شاعر کي ئي اندرين درشٽيءَ جو ورثو عطا ٿيل آهي. شاعر جو ڪم نه آهي پرٻوڌ ڏيڻ، يا شين ۽ جيون بابت گيان پلٽڻ، هن جو ڪم آهي جڳت جي سونهن پسڻ ۽ ان سونهن جي مزو ٻين کي چکائڻ. انهيءَ سونهن جو ڪاٿو دنيوي ڪسوٽين سان مشڪل آهي. هر هڪ شعر جي پرک پنهنجي پنهنجي آهي ۽ ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هر هڪ ساعر پنهنجي سونهن پاڻ ٿو خلقي.“ اجواڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”شاعر جو شبد، شاعر جي ٻولي، انهيءَ ڪري ئي نرالي آهي. بيحد حسن کي قابو ڪرڻ، ساگر کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ، اندر ۾ ڇولين وانگر ڇلڪندڙ خيالن ۽ جذبن کي پل ۾ پڌرو ڪرڻ، نه هر هڪ منش جي وس ۾ آهي، نه هر ڪنهن شبد جي.“(19)

ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شاعر واري حيثيت ڪا ڳجهي ڪانهي، مگر اڄ سنڌ ۾ سندس نثري ادب ۽ تاريخ تي لکيل قيمتي ڪتابن جي اشاعت ۽ مطالعي سبب نئين نسل آڏو هن جو اهو (شاعراڻو) روپ پوريءَ طرح واضح ٿي ڪونه سگهيو آهي! ڪجھ عرصو اڳ ”غريب“ جا ڪي نظم ۽ بيت تعليم کاتي پاران مقرر ڪيل سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ ڇپبا رهيا، مگر جيئن پوءِ تيئن اُهي به ڪتابن مان ويا خارج ٿيندا! جيڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هن جي تخليق بعد ۾ قائم به رکي ويئي، تنهن جي هيٺان هن جو ناو ڪاتا ڪيو ويو! جنهن ڪري اڄوڪن نوجوانن کي اها به خبر نه رهي ته درسي ڪتاب ۾ آيل مشهور نظم ”مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو، جيجل منجھان ٿي گود ويهاريو، خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ!“ ڪنهن جو سرجيل آهي؟

ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جو جيترو تخليقي ذخيرو نثر ۾ موجود آهي، اوترو نظم ۾ ڪونهي. تڏهن به جيڪو ڪجھ موجود آهي، تنهن جو معيار به ڪو گهٽ ته نه آهي. هو جيئن نثر ۾ سڀيئي خوبيون برقرار رکي سگهيو، تيئن شاعريءَ ۾ به قائم رکيائين. سندس شعر جي ڪتابن مان ٻن ڪتابن جي خبر پوي ٿي. ”هڪ نوبهار“ (آگسٽ 1926ع) ۽ ٻيو ”وچن مالا“ (ڀڄن). پويون ڪتاب لڳي ٿو ته ڌرمي ڪويتائن تي مشتمل آهي. البت پهريون ڪتاب ”نوبهار“ 48 صفحن تي ڪرائون سائيز ۾ شايع ٿيل آهي. ان ڪتاب جا سن 1945ع تائين ست ڇاپا پڌرا ٿيا. اهو ڪتاب تعليم کاتي پارا درسي طور به منظور ڪيل هو. ڪتاب جي منڍ ۾ ’غريب‘ لکي ٿو ته ”انگريزيءَ ۾ ڪيترا نظم جا ڪتاب آهن، جن ۾ جدا جدا شاعرن جا جدا جدا مضمونن بابت عمدا شعر آهن، جي شاگردن کي پاڙهڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب اڃا اسڪولن ۾ چالو نه ٿيا آهن، جو انهن جي اڻاٺ آهي. انهيءَ حالت ۾ مون هي ننڍڙو رسالو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ٿورا بيت انگريزيءَ مان ترجمو ڪري ۽ ٿورا پنهنجي خيال مان ٺاهي وڌا اٿم. انريزي چوٿين درجي کان وٺي ڇهين درجي تائين شاگردن کي ڪل پنج سؤ سٽون پڙهڻيون آهن، تنهن ڪري مون هن ڪتاب ۾ اوتريون سٽون آنديون آهن. ٻولي به هر هڪ درجي جي مدنظر ڪم آندي اٿم، يعني پهريائين سولا بيت ۽ جيئن پوءِ تيئن ٿورا ڏکيا بيت وڌا اٿم، ته ڀل ته جيئن شاگرد مٿين درجي ۾ وڃي تيئن پنهنجي مادري ٻوليءَ جو مايو وڌائيندو هلي.“

”غريب“ جي هن مجموعي ۾ آيل شعرن جو وچور هي آهي:

- ڌڻيءَ جي وڏائي: فرمان علي: نوشهرو فيروز

- ڪوڏر: مرزا قليچ بيگ

- انڌو نينگر: The Blind Boy: Cibber

- اسين آهيون سَت:We are Seven: Wordsworth

- جرمنيءَ جي جنگ

- شهنشاهه جو مخرو

- اڪيلائي: Solitude of Alexander Selkrik

- فرمانبردار پٽCasabianca: Mrs Hemans:

- عميق جا خزانهThe Treassures of the Deep: Mrs Hemans:

- سپنوA dream: Anonymous:

- سچي سوچ

- بلبل جو فرياد

- سچي خوشي

- پتنگ

- بهاري موسم

- ٽي اهنجThe Three warnings: Mrs Thrale

- سرٽامس مور ڀاڱو I

- سر ٽامس مور ڀاڱوII

- سر ٽامس مور ڀاڱوIII

- سسئي ۽ ماڻس

’غريب‘ جي شاعريءَ کي اسان ٻن ڀاڱن ۾ رکي سگهون ٿا. هڪ ٻارن لاءِ ڪيل شاعري،جا گهڻو تڻو نصابي ڪتابن ۾ به شامل ٿيندي رهي ۽ ٻي وڏن جي لاءِ، جا مختلف ڪتابي سلسلن، اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ پڌري ٿيندي رهي. هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ۾ نصيحت ۽ سبق سمايل آهن. کيس ٻاراڻن ٻولن لکڻ جو وڏو ڍنگ هو. پاڻ هر عمر ۽ هر هڪ درجي جي ٻارن کي نظر ۾ رکي، انهن جي ذهني صلاحيت مطابق سلوڻا ۽ لطف اندوز لفظ استعمال ڪري، پنهنجي تخليق ۾ ڪشش پيدا ڪندو هو. هن جي ٻاراڻي شاعري ۾ ڪمال جي رواني ۽ موسيقي آهي. جنهن جا مثال انتخاب مان آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شعري ذوق ۽ شوق جي شروعات به ٻالڪ اوستا ۾ ٿيل ٿي ڏسجي. پاڻ ان لاءِ چوي ٿو ته: ”اسڪول ۾ پڙهندو ئي هوس ته ٿورو ٿورو شعر چوندو هوس. شاهه جي رسالي جي سرکنڀات ۾ چنڊ بابت بيت آهن، انهن جي اوٽ تي پنهنجا بيت جوڙيم، جي ’جوت‘ اخبار جي اوائلي پرچن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا. پوءِ سهڻي ميهار بابت جوڙيم، جن مان ڪي 1904ع يا انهيءَ وقت ڌاري ڪاليج ميگزين ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هيم، نموني لاءِ ٻه بيت هتي ڏجن ٿا:

سهڻيءَ سندو سير ۾، ڪُنن کي ڪهڪاءُ،

پاڻيءَ پاڻ پڇاڙيو، بڙبڙن ڪيو بڪاءُ،

ڌُڏيا ڪڇر، لرزيون ڪنڌيون، اڀ ۾ ٿيو اونڌاءُ

هت هيس جي ماءُ، هوند نه رٺائينس هيترو.

-

لوهير ٻُڏي عاجزا، جيهر پيءُ نه ماس،

ڪُر سڄي مان ڪونه ڪو، آيو ات اڳياس،

ٻرڻو، ٻوو، ٻوراهي، لڌيءَ جو آياس،

مڇين تان ماتام ڪيو، پکين پار ڪڍياس،

ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،

ڪفن مليس ڪُن ۾، ڪانڌي ڪنگ ٿياس،

مُئي مُنڌ جو مان ٿيو، ساهڙ سار لڌياس،

جوڙي جاءِ ڏنياس، پرينءَ پنهنجي پير کون.

’غريب‘ جا اهڙا بيت ۽ شعر پنهنجن هڪجيڏن ۽ بزرگن کي گهڻو پسند پوندا هئا. ان لاءِ پاڻ به هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مرزا صاحب، ديوان ڪوڙومل ۽ ٻيا بزرگ منهنجو اهڙو شعر گهڻو پسند ڪندا هئا، جو شعر جي ٻولي توڙي رنگ ڍنگ ساڳيو شاهه صاحب وارو هوندو هو. انهيءَ ڪري ئي ساڻن سنگت جو ناتو ٿيو هوم.“(21)

ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شاعري شروعاتي دور ۾ ”جوت“ اخبار، ”ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج مسيلني“۾ ۽ پوءِ جي دور ۾ درسي ڪتابن، ماهوار رسالي ”سنڌو“ کان علاوه مختلف ليکڪن پاران چونڊيل شعري مجموعن ۾ شايع ٿيل ملي ٿي. ”جوت“ اخبار پنڌرهين ڏينهن پرمانند ميوارام جي ادارت ۾ حيدرآباد مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي. اها اخبار مخزن جي صورت ۾ نڪرندي هئي. سن 1938ع تائين شايع ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويئي. ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسيلني“ انگريزي، گجراتي ۽ سنڌي زبانن ۾ جاري ٿي. ان جو باني ۽ نگران ساڌو واسواڻي هو.

ماهوار رسالو ”سنڌو“ جنوري 1932ع کان بولچند وسومل راجپال جي ادارت ۾ شڪارپور مان جاري ٿيو. آڪٽوبر 1935ع ۾ ’ميان جي ڳوٺ‘ منتقل ٿيو. اتان آگسٽ 1939ع ۾ جيڪب آباد کٺي ويو، جتان چار سال نڪرندو رهيو. مئي 1943ع ۾ وري ’سنڌو‘ ۽ ”سنڌو ساهت منڊل“ کي موٽائي ميان جي ڳوٺ آندو ويو، جتان اهو رسالو ڇپبو رهيو. جنوري 1947ع ۾ ”سنڌو“ کي ڪراچي نيو ويو، جتي آگسٽ 1947ع تائين شايع ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.

ڏٺو ويو آهي ته ورهاڱي کان اڳ مختلف عالمن ۽ اديبن پاران ڪيل نثر ۽ نظم جا انتخاب ڪتابي صورت ۾ شايع پئي ٿيا آهن. اهڙا انتخاب ڀيرومل ’غريب‘ پاران به ”گلزار نثر“، ”جوهر نظم“ ۽ ”چونڊ ڪلام“ جي صورت ۾ موجود آهن، لالسنگهه هزاريسنگهه اجواڻي، جيڪو ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر هو، تنهن گوپي آسودومل رامرکياڻي سان گڏ، سنڌي شعر جو هڪ انتخاب ”شعر جي سوکڙي“ نالي ڇپرائي پڌريو ڪيو هو. انهيءَ انتخابي ڪتاب ۾ ڀيرومل ’غريب‘ جو هڪ شعر ’مستي‘ جي عنوان هيٺ شايع ڪيو هو. اهڙيءَ طرح لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي به ”ماڻڪ، موتي، لعل“ جي نالي سان اهڙو انتخاب ڇپايو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1940ع ۾ ڪراچي مان پڌرو ٿيو هو. ان انتخاب ۾ به ’غريب‘ جي ڪجھ بيتن کي شايع ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو. ’موتي ماڻڪ‘ نالي اهڙي ئي انتخاب ۾ ’غريب‘ جا ڇهه بيت آيل آهن، جن مان ٽي بيت ”ماڻڪ، موتي، لعل“ وارا ئي آهن.

”غريب“ جي شعر ۾ سخنوريءَ جا سمورا گڻ جابجا پسي سگهبا. پاڻ ڇند وديا، علم عروض ۽ علم موسيقيءَ جو چڱو ڄاڻو ٿو ڏسجي. وٽس موضوع جو انتخاب، خيال جي گهرائي ۽ قوت پرواز جهڙيون خاصيتون آهن. ٻوليءَ جي سونهن ۽ جماليات سان ته هونءَ ئي مالامال هو. شعر جيڪڏهن اندر جو اڌمو آهي ته اهڙي اڌمي سان خيال، لفظ ۽ صنف جو سيلاب سرير مان گڙگٽ ڪندو ظاهر ٿئي ٿو. اهڙي مهل ۽ موقعي تي ڏات سان گڏ ڏانو جو امتزاج وڏو اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. ’غريب‘ جي سخنوريءَ ۾ انهن خوبين سان گڏ جيڪا سادگي آهي، سا سندن سونهن کي دوبالا ڪريو ڇڏي. سندس عام فهم ٻولي، دهقاني رنگ، روايتي انداز، ڏيهي صنفون ۽ ٻاهرين طرزن تي طبع آزمائي ’غريب‘ جي سخن جي سڃاڻپ ۽ انفراديت آهي. هو جيئن نثر ۾ يگانو آهي، تيئن شعر ۾ به يڪتا لڳي ٿو. هن جي ڪجھ تخليقن مان سندس اردگرد جي ماحول جو عڪس به پسجي ٿو ته سندس ذات ۽ صفات جا پرتوا به پيا ڏک ڏين. هن جي مخاطب ٿيڻ جو انداز به نرم ۽ استادانه آهي. هو جيتوڻيڪ شاعر جي روپ ۾ گهڻو مشهور نه ٿيو. تڏهن به علمي حلقن ۾ خاص طور سندس اها سڃاڻپ رهندي آئي.

’غريب‘ ’کجي‘ جي واکاڻ ۾ ڪجھ بيت لکيا آهن، انهن ۾ هڪ بيت آهي:

کڙي سمجھج تون کجي، سڀني وڻن منجھان،

اوچي ٿي اؤَ اڀري، سڪ ۾ سورج ڏان،

ته ميوا، ساوڪ، سونهن سڀ ان وٽ نذر ڌريان،

جڳ ۾ آءٌ جيان، جنهين جي ٿي آسري.

هنديءَ جي مشهور شاعر تلسيدس پريت پائڻ جي هڪ رخ کان ڪناره ڪشي جو سبق ڏيئي، ان کي کجيءَ سان مشابهه ڪيو آهي، چوي ٿو:

تلسي! ايسي پريت نه کريو، جيسي لنبي کجور،

دهوپ لگي تو چهائون نهين بهوک لگي پهل دور.

غريب جي شاعريءَ تي خيال آرائي ڪندي هيرو ٺڪر لکي ٿو ته: ”هن ۾ مشاهدي جي قوت ۽ تخيل جي اڏام به خاصي هئي. هڪ حساس دل جو مالڪ ته هو منڍ کان ئي هو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڀيرومل جي شعرن جي ٻولي، عبارت ۽ اسلوب تي سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن واري پراڻي لهجي جو گهڻو اثر هو. سندس شعر جو گهاڙيٽو به بيتن دوهن ۽ سورن وارو هو. ڪجھ شعر غزلن ۽ ڪافين جي فارم ۾ به لکيو اٿائين.“(22)

خدمتن جو اعتراف: ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ کي پيرسنيءَ ۾ اديبن پنهنجي تحريرن ۾ ”ڪاڪو ڀيرومل“ ڪري لکيو آهي، کيس همعصرن ۽ بعد جي ڪن عالمن سندس تحريرن کي پروڙي کيس مڃتا ڏني آهي. جيئن سنڌي ادب جي ابي مرزا قليچ بيگ سندس ڪتاب ”لطيفي سير“ متعلق چيو ته: ”سچي ڳالهه اها آهي ته جهڙو ڪم آءٌ پاڻ ڪري سگهان ها، تنهن کان مسٽر ڀيرومل جو ڪم بهتر ڏٺم. گهڻيون ڳالهيون جي شايد منهنجي خيال ۾ نه اچن ها، سي هن جي خيال ۾ آيون آهن ۽ انهن جي هن پوريءَ طرح جاچ ۽ کوجنا ڪري، اُهي پنهنجي ڪتاب ۾ آنديون آهن.“(23)

اهڙي طرح ڄيٺمل پرسرام سندس تصنيف ”سنڌ جو سيلاني“ جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”۾سٽر ڀيرومل مهرچند سنڌ تي عاشق آهي. سنڌ جي تاريخ، ڪهاڻيون ۽ قصا، سنڌ جا راڳ ۽ ڪافيون، ڏاڍيءَ محنت سان پئي ڪٺا ڪيا اٿس. گهميو به ڪنڊ ڪڙڇ آهي.“(24)

هن دور جي عالمن مان اسان محترم محمد ابراهيم جويي جو رايو مٿي ڏيئي چڪا آهيون. ان کان علاوه تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”ڪاڪو ڀيرومل سنڌي نثر جو اهم پائو مڃيو ويو آهي. هو شاهه لطيف جي اوائلي نقادن مان آهي. پنهنجي ٻوليءَ جي سادگيءَ توڙي ميٺاج سببان سنڌي ادبي تاريخ ۾ انوکي جاءِ وٺي ويٺو آهي.“(25)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ کي سنڌي نثر نورس ۾ هڪ نرالو درجو حاصل ٿيل آهي. ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ جن اديبن سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت کي اوج ڏني، تن سڀني ۾ ڀيرومل مهرچند تحقيق يا کوجنا ڪرڻ جي لحاظ کان اول درجي تي هو. هو مکي ڏات ڌڻي هو، جنهن جي ساک سندس لکڻين مان ڀليءَ ڀانت ملي ٿي.“(26)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو رايو آهي ته ”ڀيرومل جو نالو، پورهيو ۽ قلمي ڪشالو سندس پوري دور تي ڇانيل آهي. ڀيرومل جي پايي جو عالم سندس همعصرن ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.“(27)

آزاد قاضي جي بقول: سنڌ اندر علمي حوالي سان جن عالمن تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ جديد اصولن جو بنياد وڌو اسان کي عالمي تحقيق وارن بنيادن کان واقف ڪرايو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي اهڙن علمن جي پهرينءَ صف ۾ شمار ٿئي ٿو. هن سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تنقيد واري حوالي سان گهڻ پاسائون ڪم ڪيو. علم ادب جو شايد ئي ڪو اهڙو ميدان هجي، جنهن ۾ هن پنهنجي اعليٰ علمي صلاحيت جا جوهر نه ڏيکاريا هجن. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هو پنهنجي ذات ۾ گهڻ پاسائين شخصيت هو.(28)

هيرو ٺڪر، جنهن ڀيرومل جي شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي نوي صفحن جو مايدار ڪتاب لکي ساهتيه اڪادمي دهلي پاران شايع ڪرايو آهي، انهيءَ ڪتابن جي شروعات جن لفظن سان ڪئي آهي، سي ’غريب‘ جي خدمتن جي اعتراف طور ڪم آندل آهن. هو لکي ٿو ته: ”ڀيرومل مهرچند جو نالو انهن ادبي معمارن ۾ شامل آهي، جن سِرَ سِرَ رکي سنڌي ادب جي عمارت کي اڏيو ۽ ان کي پختگي ۽ زيب بخشيو. ڀيرومل سنڌي ادب جا جيڪي گهڙا ڀريا آهن، تنهن لاءِ سنڌ ۽ سنڌي هميشه سندس ٿورائتا رهندا.“

ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي تصنيفات متعلق مختلف ڪتابن ۾ مختلف تعداد ٻڌايل آهي. هيري ٺڪر پڻ هڪ چڱي لسٽ موضوع وار ڏني آهي. مون پڻ ڪجھ ڪتاب مختلف لئبررين ۾ ڏٺا آهن، جن جي مدد سان سال وار لسٽ تيار ڪئي آهي. جا هتي ڏجي ٿي:

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ڪتابن جي ڄاڻ

1- بلبل بيمار: (ناٽڪ) 1902ع

2- علي بابا چاليهه چور: (ناٽڪ) 1903ع

3- غريب اللغات: 1907ع

4- جوهر نظم: ڀاڱو پهريون 1909ع

ڇپائيندڙ: سنڌ جووينائيل ڪوآپريٽو سوسائٽي

5- هندستان جي تاريخ: 1909ع

6- آنند سندريڪا (قصه/ناول) 1910ع

7- پريم جو مهاتم: مارچ 1914ع

ڇپائيندڙ سنڌي ساهت سوسائٽي

8- وريل ۽ نعمت: (جاسوسي نقل): ڀاڱو پهريون: ڊسمبر 1915ع

9- حرص جو شڪار عرف شنجر اقبال: ترجمو: شيڪسپيئر جو ’ڪنگ جان‘ جون 1916ع.

ڇپائيندڙ ماهوار ’ناول‘ اخبار ڪراچي

ڇاپو ٻيو 1929ع حيدرآباد

10- سر سورٺ 1917ع

11- سسئي ۽ ماڻس 1917ع

12- سرٽامس مور 1917ع

13- پهاڪن جي پيڙهه 1917ع

14- موهني ٻائي (ناول) 1917ع

15- گهرو ڪفايت (خاص زناني عالم لاءِ) سيپٽمبر 1917ع

16- هيري سندي هير 1918ع.

17- عاملن جو احوال: 1919ع.

18- ڌرو ڀڳت: 1919ع: پريميئر پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

19- هيلايا ۽ ڪينجهر:

ڇپائيندڙ سنڌي ساهتيه سوسائٽي ڪراچي

20- هندن جي جيوت پهاڪن مان پڌري: 1919ع

21- ريتن رسمن جو بنياد

22- هندن جو ريتيون رسمون

ڇپائيندڙ: سنڌي ساهتيه منڊل، سڌار سڀ حيدرآباد

23- بزارين جو ناٽڪ 1921ع

پرگني شيوامنڊلي حيدرآباد

24- جوهر نظم: ڀاڱو ٻيون: 1922ع

25- گوپيچند (ناٽڪ)

26- ڏي ۽ وٺ

27- سنڌ جو سيلاني: 1923

ڇپائيندڙ: نئين سنڌي لئبرري حيدرآباد

28- سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ: 1924ع

ڇاپو ٻيو: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع

29- وڏو پنگتي مقدمو: 1925ع

ڇپائيندڙ گوپالداس ليکراج

30- الف بي ڪيئن ٺهي؟ 1925ع

31- وڏو سنڌي وياڪرڻ: 1925

32- سنڌي ٻولي: 1925ع

ڇاپيندڙ سنڌي ساهتيه سوسائٽي

33- اصطلاحن جو بنياد

34- لفظن جو بنياد

35- گلقند: ڀاڱو پهريون: 1925ع ڇاپو ٽيون 1940ع

36- گلقند: ڀاڱو ٻيو: 1925ع

37- مڙس جي مڙسي: 1925ع

38- هيري جون ڪڻيون: (ترتيب) 1926ع

39- نوبهار (شاعري) ڇاپو پهريون 1926ع ڇاپو چوٿون 1938ع ڇاپو ستون 1945ع

40- طلسم: 1927ع (والٽر اسڪاٽ جي ٽئلسم ناٽڪ جو ترجمو)

41- دوارڪا جو درشن: 1927ع

42- ڪُئن جي ڪانفرنس: 1928ع

43- ڏيتي ليتي ائڪٽ: 1928ع

44- لطيفي سير: 1926ع

ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچي

45- سنڌ جي تاريخ

46- گولن جا گوندر: ترجمو: هئرئيٽ بيچرسٽو جي ڪتاب: انڪل ٽامس ڪئين: 1926ع

ڇپائيندڙ: اين. ايڇ. پنجابي ائنڊ ڪمپني ڪراچي

47- چونڊ ڪلام: 1928ع ڇاپو ٻيو 1928ع ڇاپو ٽيون 1932ع

48- گلزار نثر: 1929ع ڇاپو ٻيو 1942ع ڪوهنور پريس ڪراچي

49- بهار نثر: 1932ع

50- جوهر نثر: 1932ع

51- آزاديءَ جي ڪوڏي: (ترجمو: ٽئگور جي پوسٽ آفيس ناٽڪ تان)

52- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: 1941ع

(سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄام شورو پاران 1956ع، 1966ع، 1972ع ۽ 1993ع ۾ ڇپايل)

53- اعرابن تي ويچار: 1941ع

54- اعرابن بابت مونجهاري جي سمجھاڻي: 1941ع

55- ڀٽائي گهوٽ شاهه: 1942ع

56- قديم سنڌ: 1944ع

(بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ڄامشورو)

57- سنڌ جي هندن جي تاريخ: ڀاڱو پهريون: 1946ع

58- سنڌ جي هندن جي تاريخ: ڀاڱو ٻيو: 1947ع

59- جاسوس: ڀاڱو ٻيو: 1947ع

ڇپائيندر: ڪهاڻي ساهتيه مندر حيدرآباد

60- گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾: (تنقيد) فيبروري 1995ع

ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو

61- شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي

62- موهن جو دڙو (انگريزي)

۽ ٻيا ’هندن جي لڏپلاڻ‘، ’سنڌ جون سوکڙيون‘، ’مرزا قليچ بيگ جي حياتي‘، ’هڪمتي ماجسٽريٽ‘، ’سري ڪرشن‘، ’شيطان منجھان انسان‘، ’موتين جي مالها‘، ’پتري پستڪ‘، ’سورهان سنسڪار‘، ’وچن مالا‘ ۽ ’ٻاراڻيون ٻوليون‘.

شاعريءَ مان انتخاب

وضاحت: ’غريب‘ جا جيڪي شعر جتاب به ۽ جنهن به عنوان هيٺ هٿ لڳا اٿم، سي جيئن تيئن عنوانن سوڌا ڏجن ٿا:

 

ساجهر ٻاري سور

ساجهر ٻاري سور، ويئي مند ملهار جي،

ڏول لٽڪائي لٺ ۾، کوهي مٿان کوڙ

دم دم تنهن کي چور، متان لڄي ٿئين لوڪ ۾.

ـــ

ٻاريءَ جي ويجهوپ آءٌ، کڻي ڌمڪ هٿ ۾،

ويٺي منجھان ويلا! هڏ نه ايندءِ ساءُ،

ٻين آهن گند گنديا، تو ميڙيو نه آهي پاءُ،

پٽڙا! ڪر ساءُ جو جٺيون سهين جبريون.

ـــ

آءُ اوري، کڻي پاهور هٿ ۾،

اڳيون پنهنجون عادتون ڇڏج تون ٻوڙي،

ويندا سڀن گوري، جيڪي جن ڪٺو ڪيو.

کجي

کڙي سمجھج تون کجي، ڪلر ۾ اُڀري،

ميوا ماڻهن کي ڏئي، خدمت خير گهري،

وڃڻا ٿي، ڏئي واءُ تت، پن نه جت چري،

اوچي ٿي اسري، جو نکون ڏئي نئڙت سنديون.

ـــ

کڙي سمجھج تون کجي، سڀني وڻن منجھان،

اوچي ٿي اؤَ اڀري، سڪ ۾ سورج ڏان،

ته ميوا، ساوڪ سونهن سڀ ان وٽ نذر ڌريان،

جڳ ۾ آءٌ جيان، جنهين جي ٿي آسري.

ـــ

ڀلي ڀائنج تون کجي! ماڻهن گهڻن ڪنان،

آجي ور وڪڙ کان، توڻي تکا لڳن طوفان،

ڏيندي پنهنجي جان، پر پوري رهندي پرن تي.

(موتي، ماڻڪ تان)

آفيسر آيا

آفيسر اڄ آيا نگهه ڪرڻ نمڪ جي،

پنهنجا پورهيا پلو ۾ پورهيتن پايا،

توتان اجايا، ڏنگا! ڏينهن وڃايا.

ـــ

ٻاري ٻاڪاري، دم دم تنهنجي دک ۾،

آس انهي کي اڄ ٿي ساڙ منجھون ساڙي،

نڪ ڏي نهاري، روئج ڪي رت ڦڙا.

اَبا! اکيون پٽ

ابا اکيون پٽ، ننڊن ڪندي نه وري،

ڌمڪ جهلي هٿ ۾، ٻاري ويٺو سٽ،

اوڏو بِهي اَڏ کي اوانڌا اُپٽ،

پاڻي اچي جهٽ، سُڪيءَ کي ساهه پوي.

ـــ

گافل! تون گندا! ڪڏهن رهج ڪيم ڪي،

ٿوڻيءَ کي ٿِرُ ڪري، لڪڙو لوڏ سدا،

ڪندو رحم خدا، ٿيندو هفتو جبرو!

صاحب سٻر

راتيان وسن ماڪون، ڏينهان لڳي واءُ،

پاڻيءَ بنان پوپٽ يا، ڏولن ڪيم ڏلاءُ،

صاحت ٿو سٻر سُڄي وٽس ريب نه رياءُ،

پوندس جي سماءُ ڪڍندءِ کريل کاڻ مان.

ـــ

کرس ڪڍ تون کوه مان، ڇڪي ڪڍ ڇاري،

واءُ وڌيو، لڙ لڳو، وسي ٿي واري،

تنهنجي اڄ ٻاري، ڪهڙيءَ پر ڄم ڪري؟

ـــ

تو ڪن ڪونهي، ڪپتيا! پڪو ڪو پاڻي،

گهر ۾ اڄ گهاڻي وڌيءَ پنهنجي پاڻهي.

ـــ

لوڻ لڙاٽيو تنهنجو، سوئا ٿا سپڄن،

کڻي کٽياڻيءَ ڏي، ڇنڊا ڪي ڇٽجن،

سون ساريڪيون کاڻيون هئن نه وڃائجن!

چريا سي چئجن، جي هڻن ڪهاڙو پير تي.

ـــ

نڪي نئڙين ڪم ڏي، نڪي ميڙيءَ پاءُ،

ٻاريون سڪي ٻور ٿيون، توکي نه آيو تاءُ،

ڍڪلي پڻ ڍري ٿي، موڙيو وجھي واءُ،

جي صاحب پيو سماءُ، ته ڌڪي ڪندءِ ڌاريو.

ڪيڏي ڪاسي تنهنجي ؟ ڪيڏي ويو ڏيڏاس؟

ڪيڏي سلائي لڪڙو؟ ڪيڏي ٻنڌيون خاص؟

هاريا! تو هٿن سان جهڳو ڪيو ناس،

هاڻي ويندو ساس، بکن ۾ بيحال ٿي.

ــــ

سٽجن ٿيون ٻاريون، ڏاڍا واڪا وره جا!

ڳالهي جي ميءَ جون ڀبرجن تغاريون،

جي مانڌهيون ڪاريون، سي سونهن ٿيون سج جان.

ـــ

ڌمڪ جهلي هٿ ۾، پورهيت ڪيو پورهيو.

تنهن تؤن مون گهوريو جيءَ پنهنجو، غريب چوي.

(”ماڻڪ، موتي، لعل“ تان)

 

 

اباڻن جي اڻتڻ

(سر ڀيروي)

عمر! مون اباڻن جي اُڻتڻ اهائي،

اکين جي اڳيان مون ڦرن هي سدائي،

پسج شان پنهنجو، ڪيهءِ هي ڪنهن جو،

مٺو مارو منهنجو آءٌ امانت پرائي.

پنوهاريون پکن ۾، سنگهاريون سکن ۾،

ڏکي آءٌ ڏکن ۾، محلن آءٌ مُنجهائي.

کڻ هي هنڌ کٽولا، پري ڪر پٽولا،

ڪڍي ڇڏ ڪڙولا، جني جند جلائي.

نڌر هي نماڻي، بندن ۾ بندياڻي،

عمر! اڄ اُماڻي، جيئان آءٌ مُيائي.

وطن شال وينديس، سڱر اُت سٽينديس،

پيرون پڻ پٽينديس، ڄارن ۾ آءٌ ڄائي.

’غريب‘ چوي هيڪر، ملان شال جيڪر،

پرين ميل پرور، وطن ڏيان واڌائي.

(”سنڌو“: ڊسمبر 1934)

 

منهنجي امڙ........!

مون کي ڪنهن ٿي کير پياريون؟

پيار منجھان ٿي گود وهاريو؟

خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو!... منهنجي امڙ!

ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،

ڪنهن ٿي سُمهاريو لولي ڏيئي،

ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي!... منهنجي امڙ!

پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم،

ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟

پيار منجھان ٿي ڀاڪر پاتم!... منهنجي امڙ!

ٿيس جڏهن ٿي آءٌ بيمار،

دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،

ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار!... منهنجي امڙ!

صبح سانجهيءَ سار لڌائين،

کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،

مون تي پنهنجو ساه ڇڏيائين!... منهنجي امڙ!

تو ڪئي من سان آه ڀلائي،

تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،

مور نه وسري تنهنجي چڱائي!... منهنجي امڙ!

وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس،

سُک سوين آءٌ توکي ڏيندس،

توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس!... منهنجي امڙ!

 

وقت چئي آءٌ بادشاهه

شاهاڻي شاهن جان پهريان نه پوشاڪ،

ٽِلي آءٌ ٽيلي تي ويهي نه ڪان واڪ،

شاهه شهنشاهه جن جي هر هن ٻُجهي هاڪ،

ڇٽي ويندين ڇاڪ، پاڻهين پوندا پيش مون.

هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان،

تابع مون اصل کؤن سارو هيءُ جهان،

ڏاڍو مون کا ڪونه ڪو آهي ڪو انسان،

ڇا پوڙهو ڇا جوان، پاڻهين پوندا پيش مون.

چورن وانگي آءٌ چُران، غافل ڪين ٻجهن،

توڙي گهڙيال تن اڳيان واڄٽ ڪيو وڄن،

پلڪن مان پهر ٿي ڏينهڙا ٿا گذرن،

لنگهيو ورهيه وڃن، پاڻهين پوندا پيش مون.

چورن وانگي آءٌ چُران، سمجھوُ ڪي سمجهن،

پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن،

ڪارن منجهان مون ڪيا اڇا سِر سندن،

کنيو لٺ ڌُڏن، پاڻهين پوندا پيش مون.

گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن،

خيال نه تر جيترو منهنجو اُهي ڪن،

جوڀن ويندن نڪري پوندي سُڌ پوءِ تن،

هڏ نه پوءِ هلندن، پاڻهين پوندا پيش مون.

پوڙها ڇا چوان جو قياس نه ڪريان ڪو،

جامو وٺي انسان جو جڳ ۾ آيو جو،

پيش مون پاتشاهه جي پاڻهين پوندو سو،

بانور ڇاتي تو، ڪيو ڙي ڪمزور آهه؟

هٺيلا! هوڏ پئي ڀلي ڪوٽ اَڏاءِ،

خرچي خزانا تون ماڙيون محل بناءِ،

ڀِت نه مڙندي ڀِت کي، ايءَ هنئين سين لاءِ،

شاهه زمان سان جاءِ، بيشڪ ڪنهن جي ناهه ڪا.

 

مستي

آهه دنيا حال پنهنجي ۾ هميشه يار مست،

جاءِ پنهنجي سڀ ڏٺاسين ڇا ٻڍا ڇا ٻار مست.

بادشاهن مال مستي سان غريبن حال مست،

سونهن وارن سونهن مستي، سينڌ ۽ سينگار مست.

مست عاشق مست معشوق، رند پنهنجي راز مست،

پير مستي، مير مستي، شيخ منجھ اسرار مست.

محبتي ماندا ڏٺم، نت ڪلالن ڪوءِ ۾،

پي پيالا سي نرالا، مئي ڪيا خمار مست.

مست ماندا محبت ماريا، روز راتيون جي رڙن،

اڄ ڏٺم خوش خيال ۾، سي واعده ديدار مست.

عشق وارا ٿا اچن، سي پتنگن جان پچن،

تورَ تَڪَ سر جي نه ڪن، سوريءَ مٿي سؤ وار مست.

ڪي لڙن ٿا نفس سان، ڪي لڙن شمشير سان،

آهه مستي زور هر ڪنهن، تيغ ۽ تلوار مست.

جهنگ ۾ جهانگي رهن، سانگ ڪيو سانگي رهن،

جهنگ ۾ سي رنگ لاهين، ڪم مٿي ڪمدار مست.

ساهه وارن آهه مستي، ڇا مرون ڇا ڍور سڀ،

شير مستي واگهه مستي هرڻ ۽ هاتار مست.

ڇا چرندا پرندا، سڀ وتن مستيءَ ڀريا،

بلبلون بستن ۽ لامن مٿي للڪار مست.

جان وارن آهه مستي، جان ڌاران سي به مست،

زاغ مستي، باغ مستي، سڀ ڪيا ڪلتار مست.

باغ ۾ جي گل عجائب، سي به مستيءَ ۾ ٽڙن،

چوٽ مستي، ڪوش مستي، ٻونڊ مست ۽ خار مست.

هي عناصر جي ٻجھن ٿا، سي به مستيءَ ۾ ٽڙن،

آگ مستي، آب مستي، خاڪ ۽ پولار مست.

مستي معشوقن ڦڻي جا چيرجي سؤ شاخ ٿئي،

زلف مستي، مينڍ مستي، ور مست ۽ تار مست.

آهه مستي اي ’غريبا‘، قوت قادر تو ڪيو،

سال مهينا مست گهارج، روز شب هموار مست.

 

بلبل جو فرياد

پڄاڻي ٿي بهاريءَ جي، وڃڻ جو ڪيو گُلن سعيو،

رُئي سڏڪا ڀري بلبل جهجهو فرياد تن لايو.

ڪٿي موتيو ڪٿي مگرو ڪٿي سو گل گلابي آهه،

ڪٿي ساوڪ وڻن جي سا چمن ڇو روپ بدلايو؟

سدا سايون لڏن لامون ڪٿان پن هي پراڻا ٿيا،

ڇڻن ڇو ٿا ڪري کڙ کڙ جل تن تي ڪٿان آيو؟

گلن جي سونهن سوڀيا لئه سڙي ٿو سوز ۾ سينو،

سگهو تختي چمن جي تي مون کي پڻ هاڻ دفنايو.

نه ٿي ڳهلي، ادي بلبل، خزان کي ڇو ڌڪارين ٿي،

سدائين نابهاري آهه اهو ازلي ٿيو رايو.

بنائي جنهن بهاري آهه خزان پڻ سا خدا خلقي،

ٻنهي سان هير تون دل کي هڪو سج آهه ٻٽو سايو.

رضا تي ره سدا راضي جڙي کي چئه سدائين جس،

سدا شاڪر ’غريبا‘ رهه حڪم چشمن مٿان چايو.

(”نو بهار“)

 

سچي سڪ

هِنَ هُنَ جي ڇو ڳالهه ڳڻين ٿو،

ڳالهه ڳڻين تان پنهنجي ڳڻ.

ڪاٿؤن آئين ڪاڏي ويندين،

هيءَ حقيقت دل سان هڻ.

جيئڻ سندو تو هيءَ سوچڻ.

مفتي پنهنجي من ويهري،

قدم قدم تون سوچي کڻ.

’غريب‘ غربت منجھ گذاري،

شڪر ڪري تون شاڪر بڻ.

(”نوبهار“)

 

 

 

پتنگ

پَريان پي پرتوو آيو پروانو،

ڦر ڦر ڪيو پيو ڦري مانجھي مستانو،

ڪڙهه اندر ڪو تنهن کي لڳو قرب جو ڪانو،

سو سرسمانو، وٺيو اچي وچ ۾.

ڏِئي جي ڏسڻ ريءَ پتنگ نه پرچي،

شمع جي شعاع سين سوئي ٿو سرچي،

جئن جئن پسي پرتوو تئن تئن مست مچي،

ڪٺو نه قرب ڪچي، ٻڌو سچيءَ سڪ ۾.

پتنگ پسي پرتوو سُرت نه رکي ساڻ،

آڻيو جهوڪي آڳ ۾ پاسي ڪيو پان،

جيڪس سندس جيءَ ۾ آهي سڀر نينهن نياڻ،

جلي وڃائي ڄاڻ، سڙي مري مچ تي.

ڄاڻ نه کڻي پاڻ سين پاڻ نه کڻي ساڻ،

آڻيو جهوڪي آگ ۾ پرت منجهاران پاڻ،

سڙيا جيئي سچ تي تن ڄيري سندو ڄاڻ،

انهن جو اهڃاڻ، لهسڻ ئي لک لهي.

جي مڱر پسي نه موٽيا مڙيا مٿي مچ،

ڏنا تن غريب چئي سندا ڳچين ڳچ،

تن صحيح سڃاتا سپرين سڙي مٿي سچ،

بيا تان ڦاڙ سهي ڦچ، جُوفي لئه جوڳي ٿيا.

 

 

 

بهاري موسم

آئي مند بهار، پکين ڪئي لڪار،

رُتيون مڙيئي ڀليون، ڪانهي تل بهار،

انگوريون ۽ ڪيتڪيون، کڙيا کٽڻهار،

کُليو گل گلاب جو هنڌ هنڌ ٿي هٻڪار.

کستوري خوشبوءِ تي ڀريا ڀؤنر هزار،

انبن مٿان اُسري طوطي ڪئي تنوار،

سُڻ چتونءَ جي چونگار!.

پَٽن کي پهراڻ پيو ڏس قادر جو ڪم،

چيهو، چل، چڱو ٿيو، سائون، ڳنڍير، ڳم،

کہ، مانڌاڻو، مکڻي، ڏسي ٺري آدم،

دئار ڀورن جو دادلو، دم دم هڻي دم،

کلي ڪا کيري ڪئي لات مٺي للڪار،

سڻ ڀوري جي ڀڻڪار.

سُڪا وڻ ساوا ٿيا، سائو ٿيو جهر جهنگ،

وليون وڻ ڦلاريا ننگيءَ پاليو ننگ،

سونهين سبزيءَ کان سڀڪو دڙو دنگ،

واکاڻيو واحد کي چيهن چوريو چنگ،

ڪڏندي ڪنهن ڪاني تي ڪئي گاڏيرڻ گفتار،

سڻ ڪوئل جي ڪونجار،

سڻ پکين جي للڪار.

(”نوبهار“)

 

 

شهنشاهه ۽ مسخرو

شهنشاهه هڪڙو هئو خوش مزاج،

ڪچهريءَ ۾ پهري جو ويٽو هو تاج،

اچي مسخرو اُت سلامي ٿيو،

شهنشاهه تنهين کي تڏهن هئن چيو،

”ميان مسخرا! تو ڏيان ٿو انعام،

مگر ياد رکجانءِ منهنجو ڪلام.

ڏسين پاڻ کان عقل ۾ ڪو به گهٽ،

”ڏجان چيز منهنجي تنهين کي ته جھٽ“،

شهنشاهه تنهين کي ڏني پوءِ لٺ،

وٺي مسخري ڪي سلامن تي سٺ.

هڪي ڏينهن شهنشاهه بيمار پيو،

پڇڻ مسخرو تنهن امالڪ ويو،

چيو شاهه تنهن کي وڃان ٿو سفر،

دعا ڪا پڇاڙيءَ ۾ مون کي ته ڪر،

پڇو مسخري اُت ٻڌي هٿ تڏهن،

”شهنشاهه جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟“

چيو شاهه وڃان ٿو پري کان پري،

وريو ڪونه جا تان نڪو ڪو وري.“

پڇو مسخري اُت ٻڌي هٿ تڏهن،

”شهنشاهه جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟“

چيو شاهه وڃان ٿو پري کان پري،

وريو ڪونه جا تان نڪو ڪو وري.“

پڇو مسخري پوءِ ٻَڌي هٿ ٻئي،

”سفر جي تياري تان ڪهڙي ڪئي؟“

چيو شاهه ”سفر لئه نه آهيان تيار،

ڪندو معاف شل مون تي پروردگار!“

چيو مسخري هي عجب آهه بيان،

”عقل اڄ اوهان جو سڄو ٿيو عيان“،

وڃي جو سفر تي نٿو ٿئي تيار،

”عقل جو انهيءَ وٽ چئبو ڏڪار“،

وٺو لٺ پنهنجي نه گهرجي مون کي،

”اوهان جي امانت اوهان کي هجي.“

 

اختصار

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”غريب“ سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ گهڻوئي علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيائين. مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون ۽ ڪيترا ڪتاب لکي سنڌي ساهت جي خدمت ڪيائين. هن جي تحقيقي ڪم کي علمي حلقن ۾ مستند ڄاتو وڃي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ٺوس بنيادن تي ڪيل سندس ڪم کي ”حوالاجاتي نوعيت“ حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي دور ۾ رائج ادبي قدرن جي پيروي ڪندي، جيڪو به علمي ڪم ڪيو آهي، تنهن کي اڄوڪي دور ۾ جديد قدرن سان پڻ ڪنهن حد تائين هم آهنگ ڄاتو وڃي ٿو، ان ڪري ئي سندس تحريرن کي دوام حاصل آهي. هڪ هڪ سُٺي نثر نويس کان علاوه شاعر جي حيثيت به رکندڙ هو. سندس ڪلام تعليمي ۽ نصابي ڪتابن کان علاوه مختلف رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيل مليو آهي. ان کان علاوه ’نوبهار‘ جي نالي هڪ مجموعو به پڌرو ٿيل آهي. هن جي شعر ۾ ٻوليءَ جي پختگي، فني سادگي، معيار، بلند پروازي، موضوع سان نباهه، رواني ۽ موسيقيت کان علاوه ادبي چاشني جهڙيون خوبيون پڻ نظر اچن ٿيون. انهيءَ هوندي به هو هڪ شاعر کان علاوه نثر نويس جي حيثيت ۾ وڌيڪ نشانبر رهيو. ڇاڪاڻ ته سندس علمي شخصيت، ادبي حيثيت ۽ تاريخي پد وڌيڪ وزنائتا آهن.

ڀيرومل مهرچند آڏوڻي پنهنجي پنجهتر ساله حياتيءَ مان لڳ ڀڳ پنجاهه پنجونجاهه سالن جو طويل عرصو علمي ادبي جستجو ۽ جدوجھد ۾ گذاريا، سندس انهيءَ دور جو علمي حوالن سان مطالعو ڪندي، اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي، ته هن پنهنجي فرصت واري ڪابه گهڙي گينواري ۽ گيسر ۾ ڪين گنوائي. ان ڪري کيس جيئري جس به مليس ته هاڻي به مڃتا ۾ ڪمي ڪانه ٿيس.

هن مقالي ۾ جتي سندس شاعرانه حيثيت کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اتي سندس نثرنويس واري ڀرپور حيثيت کي به مختصر طور چٽي ڪرڻ جا جتن ڪي ويا آهن. افسوس جو ههڙي بي مثل پورهيت اديب ۽ شاعر جو اسان وٽ ڪو ڀرپور مطالعو موجود ڪونه آهي، جنهن ڪري اڄوڪي تحقيقي دور ۾ ان جي وڏي ڪمي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن جي تصنيفن، تاليفن ۽ ترجمن ڪيل ڪتابن کي گڏ ڪرڻ سان هڪ اندازو ٿئي ٿو ته انهن جو ڳاڻيٽو سٺ ۽ ستر جي لڳ ڀڳ آهي. انهيءَ کان علاوه سندس متعدد مضمون ماهوار رسلي ’سنڌو‘، ’ڦليلي‘، ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسيلني“ ۽ ڪن ڪتابي سلسلن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. ان سموري سرمايي کي سهيڙڻ سان اندازو آهي ته ڪجهه علمي مونجهارا دور ٿين ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪا هٿي ملي پوي.

هن مقالي جو مقصد آهي ته ’غريب‘ جي علمي رخن مان هن رخ تي به روشني پوي. ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري، مختلف هنڌن تان سندس ڪلام کي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪي ڪجھ حاصل ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ڪي نمونا انتخاب آندا ويا آهن. سندس شعر جو مجموعو ’نوبهار‘ محترم عبدالاحد ”آزاد“ قاضيءَ کان استفادي لاءِ حاصل ٿيو، جنهن جو شڪريو ادا ڪرڻ لازمي آهي.

 

حوالا

1- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، ص 50.

2- ايضاً، ص ص 62 ۽ 63.

3- ايضاً، ص 63.

4- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾.“

مهاڳ: مرليڌر جيٽلي: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1995ع، ص 8.

5- ايضاً.

6- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“، (مضمون)، قسط-3، ماهوار ’سنڌو‘، ڊسمبر 1946ع.

7- هدايت پريم: ”سنڌي ٻولي جا محقق“، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد. آگسٽ 1994ع، ص 23.

8- ايضاً.

9- ڀيرومل: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ڀاڱو-1، ص 63.

10- جي. ايم. سيد: ”جنب گذاريم جن سين“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع، جلد ٻيو، ص ص 331 ۽ 332.

11- ڏسو حوالو 7.

12- ڏسو حوالو 1، ص 331.

13- جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع، ص 154.

14- ڏسو حوالو 7، ص 25.

15- ڏسو حوالو 4، ص 6.

16- ايم. آر. مائيداساڻي: ٻه اکر: جاسوس (ناول)، مصنف ڀيرومل مهرچند، ڪهاڻي ساهتيه مندر حيدرآباد.

17- ڏسو حوالو 13، ص 155.

18- هيرو ٺڪر: ڀيرومل مهرچند، 1990ع ص ص 18 ۽ 19.

19- اجواڻي لالسنگهه هزاريسنگهه: مهاڳ: ”گلزار نثر“، مؤلف ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڇاپو اول، 1929ع.

20- ڀيرومل مهرچند: ”گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1995ع، ص 72.

21- ايضاً.

22- هيرو ٺڪر: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻي“: ساهتيه اڪادمي دهلي 1990ع ص ص 65 ۽ 66.

23- ايضاً ص 63.

24- ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جو سيلاني“: مهاڳ: ڄيٺمل پرسرام نئين سنڌي لئبرري 1923ع.

25- ڀيرومل مهرچند: ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (هڪ مطالعو) مهاڳ: تنوير عباسي: شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي 1997ع.

26- غلام محمد لاکو: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو: مارئي سماجي سنگت ملير ڪراچي، 1997ع ص 356.

28- ڏسو حوالو 25 مقدمو: آزاد قاضي.

29- ڏسو حوالو 22: ٻه اکر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com