سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :14

ايڊمنڊ ڪوپر

مترجم: غلام نبي ميمڻ

 

مريخ جا مسافر

 

سرسبز ٻيلو زندگيءَ سان ڀرپور هو. پکي مٺڙيون ٻوليون ٻولي رهيا هئا. ڀولڙا هڪڙي ٽاريءَ تان ٻيءَ ٽاريءَ ۾ ٽپڇي رهيا هئا. زمين جون سڀئي رنگينيون ۽ رعنايون انهيءَ ئي خطي ۾ سميٽجي آيون هيون. دنيا جي واحد آبادي ”ٽوئي لاٽس“ هتان کان ڏيڍ ٻه ميل پري هڪ سرسبز ۽ شاداب ميدان ۾ هئي، باقي زمين جو سڄو حصو ٻيلن سان ڀرپور هو يا بيابان ۽ ويراني هئي. اٽڪل هڪ هزار سالو اڳ ۾ ڪارن ۽ گورن ماڻهن جي وچ ۾ هڪ خطرناڪ جنگ ٿي هئي، جنهن ۾ زمين جي سطح پکڙيل سندن بستيون بلڪل تباهه ٿي ويو. اربين انسان ماريا ويا ۽ هزارن ورهين جي انساني تهذيب ۽ سائنسي ترقي ملياميٽ ٿي ويئي. وڏا وڏا ملڪ اهڙيءَ طرح زمين جي سطح تان ختم ٿي ويا، ڄڻ ته انهن جو ڪڏهن ڪو اُتي وجود ئي نه هو. جبلن جي غارن ۽ زمين دوز خندقن ۾ بچي وڃڻ وارن چند سفيدفام انسانن وري نئين سر زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ ’ٽويئ لاٽس‘ شهر جو بنياد رکيائون. هاڻي زمين تي سڄي آبادي اُنهن ئي ماڻهن جي نسل تي مشتمل ۽ انهيءَ ئي شهر تائين محدود هئي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪاري رنگ جا سائنسدان به ساڳئي نموني بچي ويا هئا. اُهي انسانيت جي مڪمل تباهي کان اڳ ۾ ئي هڪ راڪيٽ ۾ چڙهي مريخ ڏانهن پرواز ڪري ويا هئا، جتي اُنهن هڪ نئين تمدن جو بنياد رکيو، پر تنهن هوندي به زمين ۽ مريخ جي اُنهن رهندڙن کي هڪٻئي جي ڪابه خبر ڪانه هئي.

زمين تي رهندڙ سفيدفام نسل هڪ هزار سالن کان پوءِ مس وڃي انهيءَ قابل ٿيو هو ته تمدني زندگيءَ جو آغاز ڪري سگهي. ريل گاڏيون، روڊ رستا، هوائي جهاز، راڪيٽ ۽ سمنڊن جو سينو چيري هلندڙ بحري جهاز، بجلي، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون سڀ انهن ماڻهن لاءِ ڏند ڪٿائون هيون. زمين تي برپا ٿيل قيامت هاڻي سفيدفام پوڙهين لاءِ قصن ۽ ڪهاڻين جا موضوع بنجي چڪا هئا. ننڍڙا ٻار اهي قصا ڏاڍي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. اهي جڏهن ٻڌائينديون هيون ته هزار ڏيڍ هزار ورهيه اڳ ۾ زمين تي هڪ عجيب و غريب مخلوق رهندي هئي. اُها هوا ۾ اڏامندي هئي، ۽ سمنڊ جي تهه ۾ سفر ڪندي هئي، چنڊ ۽ مريخ تائين ايندي ويندي رهندي هئي، ته ٻارڙا وائڙا ۽ حيران ٿي ويندا هئا ۽ سندن اکيون عجب مان ڦاٽي وينديون هيون، هو پڇندا هئا، ”ناني! اُهي جن هئا ڇا؟“

”جن؟“ ناني چوندي هئي، ”اُنهن کان به گهڻو طاقتور. اک ڇنڀ ۾ ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچندا هئا. زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ڳالهائيندا هئا ته ٻئي ڇيڙي تي سندن آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. زمين ۾ پنهنجي ٿُلهي عصا نصب ڪندا هئا ته پاڻي، تيل ۽ خبر نه آهي ته ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون شيون زمين جي پٽ مان نڪري پونديون هيون. چنڊ تي چهل قدمي ڪرڻ وارن جون تصويرون زمين تي نظر اينديون هيون ۽ سندن آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. خبر نه آهي ته ڪهڙي شيءِ کي دٻائيندا هئا ته هر طرف روشني پکڙجي ويندي هئي. انهيءَ کان پوءِ ڪو منتر پڙهندا هئا جو چوڌاري اونداهي ڇائنجي ويندي هئي.“

ننڍڙا ٻار عجب مان اِهي ڪهاڻيون ٻڌندا هئا ۽ پوءِ ڪو ذهين ٻار دانهن ڪندو هو، ”ناني! اها مخلوق پوءِ ڪيڏانهن هلي ويئي؟“

”پنهنجي هٿان تباهه ٿي ويئي،“ پوڙهي نانيءَ جي گهنجن واري منهن تي اداسي ڇائنجي ويندي هئي. ان جي لهجي ۾ عجيب بيچيني پيدا ٿي ويندي هئي، جنهن کي ٻارڙا بلڪل محسوس ڪري نه سگهندا هئا.“ چون ٿا ته انهن اهڙو ڪو خطرناڪ هٿيار تيار ڪيو هو جو ان کي اڇلائڻ سان دونهين ۽ باهه جو درزخ ڀڙڪي ويندو هو ۽ اُن جي لپيٽ ۾ جيڪا به شيءِ ايندي هئي اُها نيست و نابود ٿي ويندي هئي. اهو هٿيار هُو سوين ميل پري ويهي اڇلائيندا هئا. هڪڙي دفعي انهن ۾ جنگ ڇڙي پيئي، ته اُنهن هڪ ٻئي تي انهيءَ هٿيار جي بارش وسائي، جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ باهه ٻري وئي. انهيءَ جي زد ۾ جيڪا به شيءِ آئي سا پگهرجي پاڻي ٿي ويئي. جڏهن جنگ بند ٿي ته زمين جي سطح اچي چڪي هئي. انهيءَ مخلوق جو نالو نشان به نه رهيو هو. چون ٿا ته اهي بلڪل اسان جهڙا انسان هئا، شايد اُهي تي انسان جا ابا ڏاڏا هئا.“

ڪمري، انهيءَ مخلوق جي نسل جو هڪ نوجوان، ٽوئي لاٽس جي قريبي جهنگل ۾ هڪڙي وڻ سان ٽيڪ ڏيئي قدرتي نظارن جي رنگينين ۾ گم هو. اوچتو ئي اوچتو ٻيو هڪ خوفناڪ آواز سان گونجڻ لڳو. گونج آهستي آهستي وڌندي پئي ويئي. ڪمريءَ جا حواس گم ٿيڻ لڳا. هو گهٻرائجي وڃي بيهي رهيو ۽ جنهن طرف کان آواز گونججي رهيو هو، اوڏانهن نهارڻ لڳو. جهنگ جا سڀ پکي ۽ جانور دهشت کان رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ پوءِ اُهي سڀ هڪدم خاموش ٿي ويا، ڄڻ ته انهن تي ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو هو. ڪمريءَ جي ذهن ۾ غيرانساني مخلوق جا قصا ۽ ڪهاڻيون اُڀرڻ ۽ لهڻ لڳا، جي هن پنهنجي پوڙهي نانيءَ کان ٻڌيون هيون. خوفناڪ غيرانساني مخلوق، جنهن کي ڏسڻ سان ئي انسان ۽ جانور بيهوش ٿي ڪِري پوندا آهن.

ڪمري چرين وانگر ٻيلي ۾ نهارڻ لڳو، پر پربت جهڙن ڊگهن ۽ ٿلهن وڻن جي زمين تي جھڪيل ٽارين ۽ وڏن وڏن خاردار ٻوٽن کان سواءِ کيس ٻيو ڪجھ به نطر نه آيو. پوءِ هن ڊڪ پائي پنهنجو ڊگهو نيزو کڻي ورتو ۽ نڪ سامهون ڊوڙن لڳو. اوچتو ئي اوچتو هڪ زبردست ڌماڪو سٿيو. ڪا شيءِ زمين سان اچي تڪري. وڻ ۽ زمين ڌڏڻ لڳا، ڄڻ ته طوفان اچي ويو هجي. ڪمري ڊوڙندي ڊوڙندي ٻوٿ ڀر وڃي زمين تي ڪِريو، ۽ پوءِ آهستي آهستي خاموشي ڇائنجي ويئي.

جڏهن ڪمريءَ جا حواس درست ٿيا ته هن هڪڙو عجيب نظارو ڏٺو. وڻن جي چوٽين تي باهه جا مچ ٻري رهيا هئا. پري فضا ۾ ڌنڌ جي هڪڙي ليک پکڙجي رهي هئي. اٽڪل ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي مٽيءَ جا ڪڪر ٻيلي جي مٿان ڇائنجي رهيا هئا. هُو اُٿيو ۽ وري نيزو سنڀالي انهيءَ ڌنڌ طرف وڌيو.... پوءِ هڪدم وائڙو ٿي بيهي رهيو. انهيءَ طرف کان هلڪين هلڪين سيٽين جو آواز اچي رهيو هو. خوف جي لهر ان جي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويئي. سندس قدم ٿڙڻ لڳا، تنهن هوندي به هن پاڻ کي جلدي سنڀالي ورتو. هو سوچڻ لڳو. هو انهن سوچن ۾ غلطان هو ته يقيناً ڪا وڏي مصيبت انسانن تي آئي هوندي. انسانن جي آبادي تي ڪو تمام وڏو حملو ٿيو آهي، جيڪو ڪٿي آباديءَ ۽ وسنديءَ کي تباهه نه ڪري ڇڏي. ”مون کي همٿ ڪرڻ گهرجي. پنهنجي جان نثار ڪري قوم کي بچائڻ گهرجي. هڪڙي فرد جي قرباني قوم جي مقابلي ۾ ڪابه حيثيت نٿي رکي. ”قوم جي بچائڻ جي تصور سان سندس رويو بدلجي ويو. خوف جي جاءِ جرئت ۽ ولولي اچي ورتي. هو وڏو چڪر ڪاٽي ٻيلي جي انهيءَ حصي ۾ پهتو، جتاب هن طوفان اٿندي ڏٺو هو.

اهو هڪ ڪافي کليل جاءِ هئي، انهيءَ جي وچ ۾ ٻه ديو جهڙيون مصيبتون پنهنجن ٽن ٽنگن تي چمڪدار سونڊ کڻي ٻيٺيون هيون. پنج چمڪندڙ اکيون چئني طرفن گهوري رهيون هيون. اهڙيءَ طرح جو هڪ طرف گهوري بيهي ٿي رهيو ۽ وري پوءِ ٻئي طرف گهوري رهيون هيون. ڪمري ٿورو هٻڪي بيهي رهيو، پر پوءِ پنهنجو نيزو تاڻي اڳتي وڌيو. پر انهيءَ آسماني هيبت تي ڪوبه اثر نه ٿيو، اها صرف هن کي گهوري رهي هئي ۽ پنهنجي پڇ مان اڇي رنگ جو دونهون ڪڍندي رهي. ائين پئي محسوس ٿيو ته سخت غصي ۾ آهي. آسپاس جا وڻ ٽڻ دونهين ۾ دکي رهيا هئا. زمين ڪاري ٿي وئي هئي. ڪمري وڏيون وڏيون وکون کڻندو انهيءَ آفت جي بلڪل ويجهو وڃي پهتو ۽ وار ڪرڻ کان اڳ ۾ پاسا بدلائڻ لڳو. جيئن ئي اُهي اکيون ڦرنديون سندس سامهون اچي بيٺيون ۽ کيس چتائي نهارڻ لڳيون، هن پنهنجي پوري طاقت سان پنهنجو نيزو اُن جي هڪڙي اک ۾ چڀي ڇڏيو! ”ڇن“ جو آواز آيو ۽ شيشي جا ننڍا ننڍا ٽڪرا پري پري تائين پکڙجي ويا. ڪمري وار ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ پوئتي هٽي ويو ته جيئن اگر اُها مٿس حملو ڪري ته يڪدم پهچي نه سگهي. پر جڏهن اُن جي طرفان ڪو به ردِعمل نه ٿيو، ته اُتي ئي بيهي چئن اکين سان گهوري ۽ دونهون ڪڍندي رهي، تڏهن هن جي همٿ وڌي ويئي. هن اڳتي وڌي سندس ٻي اک به ڪڍي ورتي. انهيءَ آفت وري به ڪا مزاحمت نه ڪئي. ڪمري سوچيو ته نيزي جي ڌڪ انهيءَ آسماني مخلوق جي اک ڪڍڻ سان گڏ سندس چُرڻ پُرڻ جي طاقت به ختم ڪري ڇڏي آهي. هاڻي هن هڪٻئي پٺيان باقي بچيل ٽن اکين ۾ به پنهنجو نيزو هڻي ڪڍيو. حيرت جي ڳالهه اِها هئي ته انهيءَ آفت نه دانهن ڪئي ۽ نه ڪنجهڪر ئي ٻڌڻ ۾ آئي ۽ نه وري اُن ۾ ڪا چرپر نظر آئي. ڪمري جو حوصلو وڌيو ويو ۽ هاڻي هو انهيءَ آسماني آفت جي بلڪل ويجهو وڃي پهتو هو، ڄڻ ته ان سان هٿين پوڻ وارو هو. اوچتو ئي اوچتو انهيءَ آفت جي پيٽ مان تارن جا ڇلا ۽ شيشي جا ٽڪرا نڪرڻ لڳا، ڪمري وائڙو ٿي ويو. جان سندس اها حيرت دور ئي نه ٿي هئي ته هڪڙي ٻانهن نڪري آئي جنهن کي اهڙو ته ڌڪ هنيو جو هُو پري وڃي پيو.

ڪمريءَ کي ڌڪ ته لڳو، پر پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيو. هن کي وري ان جي ويجھو وڃڻ جي همٿ ئي نه ٿي. ان کي چتائي نهارڻ لڳو. ٿوري جرئت ڪيائين پر پري کان نيزي جي چهنب ان جي جسم ۾ چڀڻ لڳي. اها آفت خاموشيءَ سان پنهنجي ٽن ٽنگن تي بيٺي رهي، ۽ ان جي هڪ هڪ شيءِ تباهه ٿيندي رهي.

--2--

اها مريخ کان موڪليل هڪ مشين هئي، جنهن کي پوئتي پيل تهذيب جي هڪڙي نمائندي بلڪل بيخبري ۾ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو. مريخ جي وسيع رصدگاهه ۾ ”پروب“ جا سگنل پهچڻ بند ٿي ويا، تڏهن سائنسدانن ۾ افراتفري پکڙجي ويئي. سياهه فام ترقي يافته انجنيئر پريشان ٿي ويا ته ”پروب“ زمين تي قدم رکڻ تائين ته بلڪل ٺيڪ هو، پر پوءِ خبر نه آهي ته ڇا ٿيو جو ڪئميرا بيڪار ٿي ويا. اهي سڀ اسڪرين جي چوڌاري ڦرڻ لڳا. هڪڙو انساني پاڇو اسڪرين تي نظر آيو ۽ پوءِ ڌنڌ تي ڇائنجي ويو. ٻيءَ ڪئميرا جي اسڪرين تي ڪي نقش اُڀريا، پر وري به ساڳيوئي حشر ٿيو. اسڪرين تي اڇو ڌنڌ ڇانئجي ويو- ۽ پوءِ ”پروب“ سان رابطو ئي ٽٽي ويو.

”گويا پروب مري چڪو آهي،“ چيف آفيسر ڪيپٽن لوز پنهنجن ساٿين کي چيو، ”ٻيو ڀلا ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟

رصدگاهه ۾ سڀ ماڻهو خاموش ويٺا هئا. مواصلاتي آفيسر رڊلان ڪجھ چوڻ چاهيو، پر وري خاموس ٿي ويو. ٿوري دير منتظر رهيو ته خاموشيءَ کي ٻيو ٽوڙي. آخر مايوس ٿي چيائين، ”لينزس هڪ هڪ ڪري ٽوڙيو ويو آهي، معلوم ٿئي ٿو ته سوچيل سمجھيل حملو آهي.“

”حملو!... حملو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ ڪيپٽن تيز لهجي ۾ چيو. انهيءَ ڪري جو ڪئميرائون ناڪاره ڪرڻ وارن نهايت رٿابنديءَ سان سڄو ڪم سرانجام ڏنو آهي.“ ڊلان وراڻيو.

”مانيٽرنگ ڪير سڪري رهيو هو؟“

”حضور، بندو“

”توکي ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ نه آئي؟“

”جناب..... جناب.....“ رڊلان چوندي چوندي وري رڪجي ويو.

”ٻڌاءِ، جلدي ٻڌاءِ“، ڪيپٽن جي آواز ۾ چڙ ظاهر هئي.

”تمام گهٽ نظر اچي رهيو هو. بارش ۽ ٻاڦ وانگر اسڪرين تي ڪجھ پکڙيل هو، جناب! بس هڪڙو پاڇو نظر آيو، پوءِ انهيءَ ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويو.“

”ڪهڙي قسم جو پاڇو هو؟“

”سائين! اُن جو منهن... هُو ڪنهن ڀوت جهڙو هو!“

”ڀوت؟ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين، تون. ڀوت وغيره ڪابه شيءِ نه آهي. ٿورو سوچ، ها ڪا ٻي شيءِ هوندي.“

”نه سائين، ٻي ته ڪا ڳالهه ذهن ۾ نه آئي.“

”چڱو، ڀلا وڏي اسڪرين تي ”پروب“ جو زمين تي لهڻ جو منظر ته مو کي ڏيکار. ڏسان ته سهي ته اهو ڀوت آهي ڪهڙو؟“ ڪيپٽن لوز چيو.

اُهي سڀيئي ڪيپٽن جي پٺيان ڪميونيڪيشن روم ۾ پهتا ۽ وڏي اسڪرين تي ”پروب“ جون موڪليل تصويرون ڏسڻ لڳا. پهرين ڪيمرا گرم خطي جي هڪ جهنگ جو منظر ڏيکاريو. ڌنڌليل ڌنڌليل، جيئن برسات پئجي رهي هجي. ٻي ۽ ٽين ڪئمرائن ۾ ڪجھ اهڙي قسم جا نظارا ڏيکاريا. چوٿين ڪئميرا جو منظر به اهڙو ئي هو، البته انهيءَ ۾ تمام گهڻو ڌنڌليل هڪ انساني خاڪو به نظر آيو. بس مختصر گهڙيءَ لاءِ، بلڪل هلڪو. پوءِ هڪڙو داغ نمودار ٿيو ۽ پوءِ هر شيءِ غائب هئي.

ڪيپٽن لوز هڪ دفعو وري تصوير ڏٺيون ۽ رڊلان کي چيو، ”تنهنجو ڀوت محض ٻاڦ جي مخلوق آهي.“ هن کلي ڏنو. سندس ٽهڪن ۾ تلخي هئي، ”محترم! اِها هئي گرم هوا ۽ پاڻيءَ جي قطرن جي راند.“

”جي ها، ڪيپٽن!“

”ڊاڪٽر اسٽروزا مشين جي نفسياتي ميڪانيت جي تشريح ڪندو؟“

”جي جناب.“

”پر اهڙي وضاحب جنهن سان مشين جي تعطل جو سبب آسانيءَ سان سمجھ  اچي سگهي.... منهنجو خيال آهي ته پروب ڪنهن ڀٽن واري علائقي ۾ وڃي لٿو ۽ ڪنهن دڙي ۾ ڦاسي پيو.... سمجھو ٿا؟“

”جي جناب.“

”هن سياري ۾ ذهين زندگيءَ جو ڪوبه وجود ڪونهي“، ڪيپٽن لوز چيو.

”اسان جي اڄ تائين واري تحقيقات ٻڌائي ٿي ته اسان جو اهو بنيادي نظريون بلڪل درست آهي.“

”جي جناب.“

”ها“، ڪيپٽن لوز چيو، ”مان چاهيان ٿو ته هاڻي وڌيڪ وقت نه وڃائجي ۽ نه وري ڪو ٻيو پروب موڪلي تباهه ڪرائجي. اها يڪ طرفي تحقيقات ڪافي حد تائين بيڪار آدهي. انهيءَ کانسواءِ اسان وٽ جيڪو غذا جو ذخيرو آهي اهو اسان جي ضرورتن لاءِ ڪافي آهي...... انهيءَ ڪري اسان زمين ڏانهن پرواز ڪنداسين. مسٽر رڊلان! پروب جنهن جاءِ تي موت جي منهن ۾ اچي ويو، ڇا انهيءَ جي نشاندهي ڪري سگهندين؟“

”جي ها، جناب.“

”ڏاڍو سٺو. منهنجو خيال آهي ته اسان کي جيترو به ٿي سگهي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو لهڻ گهرجي.... ها هڪڙي ڳالهه توهان ضرور ذهن نشين ڪري ڇڏيو.... زمين تي نه ته ڪي جن ڀوت آهن ۽ نه وري ڪنهن به شڪل ۾ ڪا ذهين زندگيءَ جو وجود موجود آهي....“

”اها ڳالهه صحيح آهي، جناب.“

”هڪڙي ٻي ڳالهه....... زمين تي لهڻ واري پارٽي، هلڪا دفاعي هٿيار پاڻ سان کڻي هلي.“

--3--

ڪمري انهيءَ آسماني آفت سان بدستور ڇيڙڇاڙ ڪندو رهيو. ان طرفان ڪنهن به قسم جو ردِعمل نه ڏسي سندس تجسس وڌي ويو هو. جڏهن هو سندس پنجين اک به ڪڍي ورتي، تڏهن انهيءَ آفت پنهنجن ٻه سنهيون ٻانهون پنهنجي جسم مان ٻاهر ڪڍيون. هڪ دفعو وري به هو وائڙو ٿي ويو ۽ انهيءَ آفت طرفان ڪنهن جوابي ڪاروائي ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. افي دير تائين جڏهن انهيءَ آفت ڪا به چرپر ڪانه ڪئي، تڏهن ڪمري ان جي اڃان به ويجھو ٿي اڳئين ٽنگ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ ان جي سنهڙين ٻانهن جو جائزو وٺڻ لڳو. هڪڙو دفعو سندس دل ۾ آيو ته ان جي ٽنگن تان چڙهي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويهي رهي ۽ ڏسي ته اِها آهي ڪهڙي شيءِ؟ ايتري همٿ نه ٿيس. وري هڪدم خيال آيس ته متان اهو آسماني ديوتا نه هجي، جنهن جو ذڪر ناني اڪثر ڪندي رهندي آهي.

”ڇا تون آسماني ديوتا آهين؟“ ڪمريءَ رڙ ڪئي.

آفت ڪوبه جواب نه ڏنو، ان جي ٻانهن ضرور لُڏي.

”آفت ڪمري وري دانهن ڪئي، ”تون جيئري آهين يا مئل؟ مان ڪمري توکان پڇان ٿو. مون ئي تنهنجون اکيون ڪڍيون آهن.“

پر هن جي ڳالهين جو انهيءَ آفت تي ڪوبه اثر نه ٿيو ۽ نه وري ان جي لڳايل زخمن جو. ”شايد هوءَ مري رهي آهي“، ڪمريءَ سوچيو. ”يا مري چڪي آهي.“ آخر همٿ ڪري ڪمري اُٿيو، پنهنجو ڪڙتو لاٿائين ۽ ان جي هڪڙي ٽنگ تي چڙهڻ لڳو. انهيءَ آفت جون ٽنگون اڃان تائين گرم هيون. مٿي چڙهڻ لاءِ جيئن ئي ٽنگ کي پڪڙيائين ته سندس هٿ سڙڻ لڳا. آخر سندس ڍڍر تائين مٿي چڙهي ويو، پر اڳتي مٿي چڙهڻ جي ڪابه واهه نه هئي. آفت جي ويجهي ۾ ويجهي ٻانهن به ايترو ته پري هئي جو ڪمريءَ جو هٿ اتي پهچي نٿي سگهيو. هن آهستي آهستي ڪوشش ڪئي ۽ ٻانهن کي پڪڙن لاءِ ڊڄندي ڊڄندي وٺي ٽپ ڏنائين ۽ ٻانهن کي پڪڙي ورتائين. هو خوش قسمت هو يا شايد بدقسمت، آفت جي ٻانهن جو وزن کڻي نه سگهي. اها لچڪيدار هئي. جيئن ئي اُن جو بار اُن ٻانهن تي پيو ته اها ڊگهي ٿيندي وديئي ۽ ٻيئي اچي زمين تي لڳا. پوءِ ته هڪڙي اهڙي مصيبت ۾ پاٿو جو سندس رڙيون ٻڌڻ وٽان هيون. آفت جي پيٽ مان هڪڙو مترڪو نڪري آيو ۽ اُن جي جسم تي وسڻ لڳو. انهيءَ سان گڏوگڏ ڪجھ تارن جا ڇلا به ان مان نڪتا جن ۾ هو جڪڙجي ويو هو. ڪمري هاڻي عجب مصيبت ۾ هو. ان کي ڀڃڻ جي ڪابه راهه نظر نه آئي، انهيءَ ڪري لاچار ڦاٿو پيو هو ۽ مترڪا کائيندو رهيو. پوءِ ته مٿس نيم غشي طاري ٿيڻ لڳي. خوس قسمتيءَ سان سندن وزن جي ڪري اهو اسڪرو ڀڄي پيو، جنهن سان تارون ٻڌل هيون. هن زور سان اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو ۽ بيهوش ٿي ويو.

جڏهن کيس هوش آيو ته ڪافي دير تائين سوچيندو رهيو ته پاڻ ڪهڙي جاءِ تي آهي. آهستي آسهستي سندس ذهن صاف ٿيندو ويو ۽ هن ڏٺو ته پاڻ انهيءَ آفت جي پيٽ هيٺان پيو آهي. سندن ذهن تي خوف طاري ٿي ويو.

هو گهڙي پلڪ ته اتي ئي بنان ڪنهن چرڻ پرڻ جي ائين ئي پيو هو. هن کي خيال آيو ته آسماني آفت کيس مئل سمجھي ٿي. مٿي آفت ۾ به ڪنهن قسم جي چرپر ڪانه هئي. ڪا ٻي ڏسڻ واري اک به نه هئس. ائين ئي هن آزمائڻ خاطر پنهنجي ٻانهن چوري ۽ اها صحيح سلامت ڪنهن به حملي کان محفوظ رهي. سندس اعتماد بحال ٿي ويو. شايد آسماني آفت پاڻ به آرام ۾ آهي يا انهيءَ آفت سان جيڪا آخري ڪشمڪش ٿي هئي، اها هڪ اهڙي جدوجهد هئي جيڪا ٻڏڻ وقت زنده رهڻ لاءِ ڪندو آهي. ڪمري ڪر موڙيا ته سندس جسم جو هڏ هڏ چور هئي. سندس هٿن ۾ لڦون پئجي ويون هيون. يڪدم خيال آيس ته هتان ڀڄي وڃڻ گهرجي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته هيءُ آفت زنده هجي ۽ ننڊ ۾ هجي ۽ اوچتو جاڳي پوي ۽ وري ڪا ٻي نئين مصيبت پيدا ٿي پوي. ان جي جسم ۾ خبر نه آهي ڇا ڀريل آهي. ڪهڙي خبر ته ڇا ڀريل آهي. ڪهڙي خبر ته وري ڪو نئون هٿيار ڪڍي مقابلو ڪري ها. اها اڃان تائين پنهنجن وڏن ۽ ٿلهن پيرن تي بيٺي هئي. مئل هجي ها ته زمين تي وڃي ڪري ها. هن اتان ڀڄڻ ۾ ئي پنهنجي خيريت سمجھي.

ڪمريءَ پنهنجي خوف تي قابض ٿيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پنهنجي پوري طاقت گڏ ڪري ٿڙندڙ ۽ ٿاٻڙجندڙ پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ خوفناڪ آفت جي هيٺان ڪجھ ڊڪندي ۽ ڪجھ منڊڪائيندي وٺي ڀڳو. هو اڃان انهِ آفت کان ڇهه ست وکون اڳتي مس وڌيو هو ته سندس ٽنگن جواب ڏئي ڇڏيو ۽ هو ڪري پيو. هن سمجھيو ته هاڻي موت جلدي اچي مٿان بيهندو، پر جڏهن هو بچي ويو تڏهن هڪ دفعو وري به حيران ٿي ويو. همٿ ڪري انهيءَ آسماني آفت ڏانهن نظر کڻي نهاريائين. اها ڪارو ڪوئلو بنجي ويئي هئي. ۽ چپ چاپ بنان ڪنهن چون چران جي بيٺي هئي. يقيناً هوءَ هاڻي مري وئي آهي.

ڪمري اُٿي بيهي رهيو. آفت ۾ ڪابه جنبش نه هئي.

هو وري اُن ڏانهن وڌيو، پر پوءِ به ڪو ردِعمل نه ٿيو. انهيءَ مان صاف ظاهر هو ته هن اڪيلي سر آفت کي ماري ڇڏيو هو. اهڙي آفت جيڪا انساني جسم کان تمام وڏي هئي. ڪمريءَ انهيءَ جنگ ۾ فتح حاصل ڪئي هئي، انهيءَ خيال سبب سندس دل ۾ فخي ۽ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. هو ڳاٽ اوچو ڪري، سينو تاڻي آفت جي بلڪل ويجهو پهتو. ان جي ٿڌين پر سخت ٽنگن کي ٿڦڪيون هڻي ۽ نيزي سان چوڪون ڏئي چوڻ لڳو، ”ڪر خبر، ڪهڙو حال آهي، توکي ماري مڃايم نه؟“ پوءِ پنهنجي دماغ ۾ انهيءَ عظيم فتح جي ڪهاڻي گهڙڻ لڳو، جيڪا هن کي ٽوئي لاٽس جي رهواسين کي ٻڌائڻي هئي. تصور ئي تصور ۾ هن ڏٺو ته هڪ تمام وڏو هجوم بيٺو آهي ۽ پاڻ انهن کي انهيءَ مهم جي داستان ٻڌائي رهيو آهي.

پوءِ هو تصور جي دنيا مان ٻاهر آيو. کيس سخت بک پريشان ڪيو هو. خبر نه ناهي ته هو ڪيترو وقت بيهوش پيو هو. جهنگلي وڻن جي سرسبز ۽ شادب ٽارين جي وٿين مان آسمان طرف نگاهه ڊوڙايائين. بارش بند ٿي چڪي هئي. سج مشرقي افق جي طرف نيري آسمان ۾ چهڪي رهيو هو. هن اندازو لڳايو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ رات هو بي سُڌ پيو هو. هو بک مارڻ خاطر جهنگ ۾ نڪري ويو. جهنگ ۾ قسمين قسمين ميوا جهجها هئا. هن پيٽ ڀري ميوو کاڌو. وري موٽي ايو ۽ آفت جو گهريءَ نظر سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو. اها گول دائري نما هئي. ٽي ٿلهيون ٽنگون هيون. کل ڪنهن ڌاتوءَ جي هئي. سوچڻ لڳو ته اها ڪهڙي شي ٿي سگهي ٿي؟ سوچيندي سوچيندي کيس مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا. پر سمجھ ۾ ڪجھ به نه آيس. گهڻي مٿيماري ڪرڻ کان پوءِ سندس ذهن ۾ اهي ساڳيون ڪهاڻيون اڀرڻ لڳيون، جيڪي هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي پوڙهي نانيءَ کان ٻُڌيون هيون ته هزارين ورهيه اڳ ۾ زمين تي جيڪا مخلوق رهندي هئي، اها چنڊ ۽ مريخ تي ايندي ويندي هئي. هو پڇندو هو ته ”ناني، انهن کي پر هوندا هئا؟“ هوءَ چوندي هئي ”شايد!“ ٿوري دير چپ رهندي هئي، ڄڻ ته ڪجھ سوچيندي هجي. وري چوندي هئي، يا شايد اُڏند کٽولن ۾ ويندي هئي. چون ٿا ته اُنهن وڏا وڏا اُڏند کٽولا تيار ڪري ورتا هئا. ”متان هي به ڪو اُڏند کٽولو نه هجي.“ هو سوچڻ لڳو. ”پر اها مخلوق ڪٿي آهي، جنهن هن کي هتي آندو آهي. شايد اها هن اُڏند کٽولي ۾ اندر ئي مري وئي آهي. هن کي پنهنجي عمل تي پڇتاءُ ٿيڻ لڳو. ”نه، نه، اها مخلوق جيڪڏهن ان ۾ اندر ويٺل هجي ها ته ايترو آسانيءَ سان نه مري ها.“ سوچ جي هڪ ٻي لهر اٿي. ”يقيناسً اها ڪا آسماني آفت آهي، جيڪا شايد زمين تي آخري انساني شهر جي تلاش ۾ هتي پهتي ۽ ان کي تباهه ڪرڻ جو ڪارنامو سندس ئي قسمت ۾ لکيل هو. هن پنهنجي هم قوم کي انهيءَ آفت جي تباهه ڪارين کان بچائي ورتو هو.“ هڪ دفعو وري به فخر ۽ خوشيءَ کان سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو.

اوچتو ئي اوچتو هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو. سڄو ٻيلو انهيءَ ٺڪاءُ جي آواز ۾ گونججي ويو. زمين ڌڏڻ لڳي ۽ هوا ۾ رڙيون پکڙجي ويون. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته جبلن ۾ ڏار پئجي ويا آهن. سندس نظر آسمان تي پيئي. ٻيلي جي مٿان فضا ۾ باهه جا اُلا رقص ڪندي نظر آيا ۽ هوا سخت گرم ٿي وئي. ڪمري ان جي دهشت کان رڙيون ڪرڻ لڳو. وڏين پوڙهين کان بڌل ڪهاڻيون سندس ذهن ۾ اڀري آيون: ”جڏهن زمين واري اها مخلوق تباهه ٿي ويئي هئي ته پهريائين لال شعلا آسمان تي نمودار ٿيا هئا.“ دنيا تي وري ٻي ڪا مصيبت ٽٽڻ واري آهي. هن ڀڻ ڀڻ ڪئي ۽ پوءِ هڪڙو زوردار ٺڪاءُ ٿيو ۽ ڪمري هڪدم بيهوش ٿي ويو.

--4--

مريخي راڪيٽ ”سلوپ“ انهيءَ جاءِ تي بلڪل قريب زمين تي لٿو جتي ”پروب“ کي حادثو پيش آيو هو. انهيءَ ۾ تحقيقاتي ٽيم جا ميمبر موجود هئا. ميرن مينڊار هڪڙو نوجوان ماهر طبعيات، ٽام بيلا علم حياتيات جو ماهر، جول اوهرن انجنير ۽ جهازران رڊلان ۽ ڊاڪٽر مرلينا- مهم جو اڳواڻ رڊلان هو. ان ڪيپٽن لوز کي زميني سياري جي باري ۾ معلومات موڪلڻ شروع ڪري ڏني. سلوپ جا سڀ پرزا بلڪل ٺيڪ ڪم ڪري رهيا هئا. ميرن مينڊار اعلان ڪيو ته ”ايڊياڪ ۽ ايٽم توقع مطابق معياري آهن- آڪسيجن جي باري ۾ اسان جو جيڪو خيال هو، انهيءَ کان ڪجھ وڌيڪ آهي.“

”۽ ها، هر طرف ساوڪ آهي.“ ٽام رڙ ڪئي، ”اهڙي ساوڪ ته اڳ ۾ اسان ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، شيشي جي آس پاس به عجيب و غريب! هي سيارو يقيناً مُئل نه آهي. زندگيءَ جا آثار هر طرف نظر اچي رهيا آهن. پکي به آهن. هتي زندگيءَ جو آغاز ٿي سگهي ٿو.“

”اسان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين؟“ مرلينا پڇيو، ”منهنجي بيتابي وڌندي پئي وڃي. اسان هڪ اهڙي سياري تي بيٺا آهيون، جنهن جو خواب اسان جا وڏا هزار ڏيڍ ورهين کان وٺي ڏسندا آيا هئا.

”ها، سڀني کان اڳ ۾ تون لهندينءَ، ڊاڪٽر مرلينا!“ رڊلان چيو. ”تيار ٿي وڃ.“

مرلينا ايئرلاڪ ۾ داخل ٿي وئي. دروازو بند ڪيائين ۽ بيروني دٻاءُ مطابق پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ لڳي. پينسل تي اشارو ٿيو. مرلينا ٻاهريون دروازو کولي ڏاڪڻ لٽڪائي ۽ انهيءَ جي وسيلي زمين تي لهي ويئي. هن کي خلائي لباس پهريل هو، جيڪو سج جي روشنيءَ تي چمڪي رهيو هو. مرلينا بلڪل ٺيڪ ٺاه هئي. خوشيءَ مان سندس دل ٽپا ڏئي رهي هئي. هوءَ پهرين عورت هئي جنهن مريخ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو زمين تي قدم رکيو هو. ان جي پٺيان ٽام بيلا ۽ پوءِ رڊلان به لٿا، آخري خلاباز ميرن مينڊار هو، جيڪو جهاز مان نڪتو ۽ پوءِ اهي چار ئي ڄڻا انهيءَ دنيا کي ڏسڻ وائسڻ ۽ جاچڻ جوچڻ لڳا، جنهن تائين پهچڻ لاءِ ڪافي عرصي کان انتظار ڪري رهيا هئا.

--5--

ڪمريءَ کي جڏهن هوش آيو ته يڪدم سندس خيال انهيءَ خطرناڪ گونج ڏانهن ڦري ويو جيڪا هن بيهوش ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻڌي هئي. انهيءَ وقت هر طرف سناٽو هو. هن سوچيو، ”انهيءَ آسماني آفت جي ڀائرن جو آواز ته نه هو؟ اهي متان پنهنجي ڀاءُ جو انتقام وٺڻ آيا هجن.“ انهيءَ سوچ کيس هڪدم چست ڪري ڇڏيو. هن پنهنجو نيزو زمين تان کڻي ايترو ته قابو جهليو جو جيئن ئي ڪو سامهون ايندو ته هو ان تي هڪدم حملو ڪري ڏيندو. ڪير اچي ته ڪمريءَ انهن جي ڪيئن نٿو خبر وٺي.“ هو وڦلڻ لڳو. ”مان پنهنجي قوم کي بي عزتو ٿيڻ نه ڏيندس. اسان رت ۽ گوشت آهيون ۽ توهان ڌاتو ۽ باهه جا، پر منهنجو نيزو توهان کي موت سان همڪنار ڪري ڇڏيندو..... ها، اچو ته سهين ته مقابلو ٿي وڃي.“

هن چئني طرف نظر ڦيرائي. ٻليو خاموش هو. ڪٿي به ٻي ڪا آفت نظر نه آئي. هو ان جي تلاش ۾ نڪري پيو. قومي عزت جي خيال کان سندس رت ٽهڪڻ لڳو. هو هلندي هلندي آهستي ڳائڻ لڳو؛

ڪمري، ڪمرسيو جي پٽ

ٽوئي لاٽس جي ڪمريءَ

زندگيءَ جو مزو ماڻيو آهي

هاڻي اُن جي دل ۾ بس اها ئي خواهش آهي

ته هو اهڙي شان ۽ مان سان سر ڏئي

جو مرڻ کان پوءِ سندس منهن تي مرڪ رهي

۽ دشمن حيران ۽ پريشان رهي

ڪمري، سدا ڳائيندڙ ڪمري!

آهستي آهستي سندس آواز وڏو ٿيندو ويو ۽ هو هر هر اُهوئي گيت گنگنائيندو رهيو، ۽ ٻيلي ۾ مئل آفت جي ڀاءُ کي ڳوليندو رهيو، جيڪو تمام وڏي گونج ۽ گجگوڙ سان آسمان مان آيو هو، پر هن وقت ڪٿي لڪي ويو هو، هينئر ان ۾ ايتري ته طاقت اچي ويئي هجئي جو نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان انهيءَ آفت کي پرزا پرزا ڪري سگهيو ٿي.

پر، پر... جيڪي ڪجھ هن ڏٺو، انهيءَ لاءِ هو تيار ئي نه هو. هن ڪڏهن به جن ڀوت نه ڏٺو هو ۽ جن ڀوت به چانديءَ جو. اٽڪل ٽيهن قدمن تي اهو ناچ ڪري رهيو هو. هو خوف کان هڪدم وڻ جي اوٽ ۾ لڪي بيهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو ته اهو انهيءَ ڀوت جو انهيءَ نيزي سان مقابلو ڪر سگهندو يا نه. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته ”ناممڪن!“ انهي ڪري هو وڌيڪ هراسجي ويو. ڇا ٿو ڏسي ته ڀوت پنهنجو بلور جهڙو مٿو آهستگيءَ سان کڻي لاٿو. اندران ڪاراڻ نظر اچڻ لڳي، پر اهڙي ڪاراڻ جنهن ۾ زندگي روان دوان هئي. هن رَڙ ڪئي. سندس آواز ۾ خوف شامل هو ۽ مقابلي جو چئلينج پڻ. روپليو جسم ۽ ان جي مٿين سياهي ڏانهس مڙي. ڪمريءَ ڏٺو ته انهيءَ سياهيءَ ۾ آهستي آهستي اکيون چمڪي رهيون آهن. وڏيون وڏيون خوفناڪ اکيون!

کيس يقين ٿي ويو ته سندس موت اچي اڳيان بيٺو آهي. هن ان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وٺي ڊوڙ پاتي. بيزو سندس هٿ ۾ هو. سندس هر ڊگهو قدم کيس انهيءَ خوفناڪ مخلوق جي جيئن پوءِ تيئن ويجهو ڪري رهيو هو. سندس زبان تي جنگي نعرا هئا.

موت ۾ آهستي آهستي چرپر پيدا ٿي ۽ پنهنجي روپيلي ٻانهن مٿي کنيائين. ڪمريءَ جي سيني ۾ سُيون چڀڻ لڳيون. پر هن انهيءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. موت هڪ دفعو وري به جنبش ڪئي ۽ ان کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن سندس دل ۾ هلڪي سُئي چڀي ڇڏي آهي.

هاڻي ان جو منهن صاف نظر اچي رهيو هو. ڪاري رنگ جو سياههس چهرو، انهيءَ چهري جا خدوخال ڏاڍا سهنا هئا. هڪڙي ٻي عجيب ڳالهه ته اوچتو ئي اوچتو کيس پنهنجي گٽنگن مان ساهه نڪرندي محسوس ٿيو. هن پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان نيزو کڻي ڦٽو ڪيو جيڪو موت جي بلڪل پيرن جي ڀرسان زمين ۾ گهڙي ويو. موت جيڪتڏهن ڦڙتيءَ کان ڪم نه وٺي ها ته شايد ان جو ڪم پورو ٿي وڃي ها!

--6--

مرلينا انهيءَ اوچتو حملي سبب هڪ دفعو ته گهٻرائجي ويئي. هن سامهو نظر ڪئي ته ڏٺائين ته هڪڙو اڇو ماڻو بيٺو آهي. پهرين اڇو ماڻهو، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو. تمام تيزيءَ سان هن پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي. ان جي هڪڙي هٿ ۾ بندوق هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ دستي بم. يقيناً هي وحشي اڪيلو نه آهي. هن سوچيو. ان جا ساٿي به ضرور هوندا. ۽ ٿي سگهي ٿو ته کيس گهيرو ڪرڻ ۾ مصروف هجن. اُن کي پريشاني وٺي وٺي. ”سلوپ“ گهڻو پري نه هو ۽ نه وري رڊلان يا ٻيا ساٿي ئي پري ويا هئا. سڏ ڪرڻ جي دير هئي، هو هڪدم پهچي وڃن ها. پر جيڪڏهن اهي وحشي ماڻهو گهڻا ٿي وڃڻ ته پوءِ؟ ۽ ٿي سگهي ٿو ته نيزي کان سواءِ انهن وت ڪي جديد ترين خوفناڪ هٿيار به هجن. اهڙي طرح حالت ۾ اهي تباهه ڪن ثابت ٿي سگهيا ٿي. ڪيپٽن لوز نه ته انهيءَ پارٽيءَ جي ڪنهن ميمبر جي تباهي برداشت ڪري سگهيو ٿي ۽ نه وري سلوپ جي، جيڪو انهن کي هتي کڻي آيو هو. انهيءَ کان سواءِ عزت جو مسئلو جدا هو. هوءَ عورت هئي، جيڪڏهن اتي ڪا ڊڄڻ جهڙي شيءِ نه هئي ۽ هوءَ ٻين کي مدد لاءِ سڏي ها ته ساٿين ۾ سندس ضرور گهٽتائي ٿئي ها.

ريڊيو سندس هيڊ پيس ۾ هو. ۽ هيڊ پيس زمين تي پيو هو. جيڪو گهٻراهٽ ۾ هن کان هيٺ ڪري پيو هو. ٿوري مفاصلي تي اهو وحشي نوجوان فالج واري زندگيءَ جي عالم ۾ زمين تي ليٽيو پيو هو. وقت گذرندو رهيو. مرلينا جون نگاهون سامهون جهنگ جي پردي تي پيل هيون، پر کيس ڪابه شيءِ نظر نه آئي. بندوق ۽ دستي بم جي ڪري سندس حوصلو وڌيو. انهيءَ کان سواءِ رڊلان ۽ ٽام بيلا جو ڳالهائڻ به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. انهن وٽ مريخ جا جديد ترين ننڍا ننڍا هٿيار هئا، جن سان هو سڄي ريجمينٽ جو مقابلو ڪري سگهيا ٿي. گهڻو وقت گذري ويو. هن دستي بم پنهنجي خلائي لباس جي کيسي ۾ وڌو. هيڊ پيس زمين تان کڻي ورتو ۽ بندوق هٿ ۾ کڻي پنهنجي شڪار کي ڏسڻ لاءِ وڌي. رڊلان ۽ ٽام بيلا جو آواز وڏو ٿي ويو هو. ميرن مينڊار تباهه ٿيل پروب ڳولي لڌو هو ۽ هاڻي ان جي نقصان جو جائزو وٺي رهيو هو.

ڪمري ٻوٿ ڀر زمين تي پيو هو. هن کي پکين جي کنڀن جا ڪپڙا پاتل هئا. مرلينا ان کي آهستي آهستي سنئون ڪيو. سندس سفيد چهرو پيلو ۽ خوف کان هراسيل هو. ڪاريون اکيون پٽيل هيون. انهن ۾ سوچ جا سايا سمايل هئا. سندس منهن ويڪرو ۽ نڪ ڊگهو هو. مرلينا ان جي منهن محراب کان ڏاڍو متاثر ٿي. هڪ دفعو وري سندس نگاهون ان جي سوچيندڙ اکين تي پيون. ان جي دل ۾ رحم جو جذبو اڀري آيو. ”ويچارو وحشي! خبر نه آهي ته ڇا سوچي رهيو آهي!“

مرلينا کي يڪدم احساس ٿيو ته هي وحشي ته مريخي سائنسدانن جي تحقيقاتي منصوبن ۾ تمام اهم جڳهه والاري ٿو. هن وقت تائين مريخ ۾ عام خيال اهو ئي هو ته زمين تي ڪابه باشعور مخلوق ڪانه ٿي رهي. انهيءَ وحشيءَ جي دريافت تحقيقات جو رخ موڙي ڇڏيو هو. زميني سيارو مرده نه هو، پر اتي به مريخ تي رهندڙ مخلوق جهڙي مخلوق آباد هئي. فرق رڳو رنگ جو هو. اهي ڪارا هئا ۽ زميني مخلوق سفيد. ظاهر ۾ بلڪل پوئتي پيل پر حقيقت جي خبر ته تحقيقات کان پوءِ ئي پئجي سگهي ٿي. مرلينا جا خيال هاڻي انهيءَ پروگرام جي ارد گرد چڪر هڻي رهيا هئا. ”ويچارا وحشي!“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”اسان کي هڪڙو مشڪل مرحلو درپيش آيو، توکي به ۽ مون کي به. اسان کي معلوم ڪرڻو آهي ته توهان ي تهذيب ڪهڙي نوعيت جي آهي ۽ ان ۾ زندهه رهڻ جي صلاحيت به آهي يا نه. ۽ انهيءَ کان سواءِ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو به جائزو وٺڻو آهي ته توهان هڪ جٽادار ۽ محنتي نسل سان واسطو رکو ٿا يا نه. ۽ ڪٿي فتوحات ۽ ٻين قومن تي غلبي حاصل ڪرڻ جا خواب ته نه ڏسي رهيا آهيو.... تو مون کي ڏٺو ۽ ڏسڻ شرط نيزو اڇلائي هنيو. تنهنجي اندر ۾ ڏاڍا خطرناڪ جيوڙا آهن ۽ منهنجي قوم انهن جي سخت دشمن آهي“ هن ڪمريءَ جو نيزو زمين مان ڇڪي ڪيو، ان جي ڦر کي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ان کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.

--7--

ڪمريءَ کي اهو احساس هو ته هو ڪو خواب ڏسي رهيو آهي. تمام ڊگهو خواب، جنهن ڪڏهن خطرناڪ صورت اختيار ٿي ڪئي ته ڪڏهن دلڪش نظارا سندس نظرن جي سامهون اچي ٿي ويا ۽ پوءِ ان تي غشي طاري ٿي وئي. هوش ۾ آيو پئي ته چرڻ پرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر ناڪام رهيو. ڄڻ ته ان کي ڪنهن جڪڙي ڇڏيو هو. هڪڙي ڳالهه انهيءَ کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ هئي، اها هيءَ ته ڪاري رنگ جا چهرا ان کي پنهنجي چوگرد ڦرندي نظر آيا. هڪڙو دفعو هوش ۾ آيو ته ڇا ٿو ڏسي ته سندس اکين کان ٻيلو غائب آهي. بس رڳو اڇاڻ ڇانيل آهي، بي رونق بيزار ڪندڙ اڇاڻ يا وري بتيون هيون بجليءَ جون. پر ان کي ڪهڙي خبر ته بجلي ڇا ٿيندي اهي. هن ته اهو ئي سمجھيو ته ڪا عجيب و غريب بتي پئي ٻري. هڪڙي لئمپ ته سندس نڪ کان صرف هڪ هٿ جي مفاصلي تي هئي، جنهن جي روشني تمام ڦڪي هئي.

اوچتو ئي اوچتو وڏو گوڙ ٿي ويو. ۽ پوءِ ان کي ائين محسوس ٿيو ته ڪو ان کي چوري پوري رهيو آهي. اهي ماڻهو ڪمريءَ جي سيني تي ويٺا هئا، پر ان کي نظر نٿي آيا. ان کي ساههس کڻڻ ۾ تڪليف پئي ٿي. سنس ڪن به وڄي رهيا هئا. مٿي کي چڪر رهيا هئا. ۽ پوءِ وري تاريڪي طاري ٿي ويئي. ڪافي دير تائين اها ئي بيچينيءَ واري ڪيفيت رهي. انهيءَ کان پوءِ هڪڙو ڪارو چهرو ان جي مٿان جُهڪيو. ڪو شخص سندس مٿي کي مٿي کڻي رهيو هو. ۽ پوءِ سندس منڍيءَ کي هڪ اڇي بلورين قالب ۾ بند ڪيو ويو. سڀ آواز ۽ گوڙ ختم ٿي ويو ۽ هر طرف خاموشي ئي خاموشي ڇائنجي ويئي. پوءِ هن محسوس ڪيو ته سر يا منڍي آهي ئي ڪانه ۽ ڌڙ کي به ڪنهن عجيب ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو آهي. اڻ سڃاتل ماڻهو هاڻي سندس سيني تان لهي ويا هئا. هو بلڪل بيجان ٿي ويو هو ۽ ڄڻ ته موت جي درياهه طرف وهڪري ۾ وهندو پيو وڃي. آهستي آهستي سندس ذهن ڪم ڪرڻ لڳو. ماضيءَ جو نيادگيريون اڀري آيون. ننڍپڻ جا تصور سنس اکين جي اڳيان پرڻ لڳا. ڪيڏو نه خوشگوار هو اُهو زمانو! پوءِ هن کي جوانيءَ جا شروعاتي ڏينهن ياد پيا، جڏهن هو جهنگ ۾ سير سفر ڪندو رهندو هو، جبلن ۾ گهمندو ڦرندو هو. انهيءَ دوران سندس ملاقات هڪڙي ڇوڪريءَ سان ٿي. پر پوءِ خبر نه آهي ته اها ڪيڏانهن هلي ويئي. سندس سفر جاري رهيو، ۽ هينئر هو شايد ڪنهن نئين سفر تي وڃي رهيو آهي-“ هن آخر ۾ سوچيو ۽ پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيائين.

انهيءَ کان پوءِ کيس خلائي جهازن جي اسپتال ۾ پهچايو ويو، جتي ان کي ٿورو عرصو رهڻو پيو. ڪيترو عرصو، انهيءَ جو اندازو هو لڳائي نه سگهيو. انهيءَ ڳالهه جي هن کي خبر نه هئي ته سج ڪيڏي مهل ٿو اڀري ۽ ڪيڏي مهل ٿو لهي. اسپتال مان ان کي هڪڙي پڃري ۾ منتقل ڪيو ويو، جنهن ۾ چوڌاري شيخون لڳل هيون. هن گهڻيون دانهون ڪيون پر ڪير ٿو ٻُڏي.

جهاز مريخ ڏانهن اُڏامي رهيو هو. ڪمري پڃري ۾ بند هو. ڊاڪٽر مرلينا ان جو نفسياتي مطالعو به ڪري رهي هئي ۽ زميني زبان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. اهو هڪڙو وڏو مشڪل ڪم هو. تنهن هوندي به لڳاتار ڪوشش ڪجھ مفيد ثابت ٿي وئي. ڪمپيوٽر پنهنجو ڪم ڪيو. ڪمري جيڪي ڳالهائيندو هو انهيءَ جا هر دفعي ٻه لفظ مريخي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپيندو ويو. اهڙيءَ طرح گهٽ ۾ گهٽ مرلينا جي لاءِ انجبيت جي ديوار جيڪا زبان جي ڪري حائل هئي، اها ڊهي پيئي. هاڻي هوءَ زميني ٻولي ڳالهائي سگهي ٿي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ان کي ڪافي دقت پيش اچي رهي هئي. پهريون دفعو جڏهن هن ڪمريءَ سان سندس ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ته هو وائڙو ٿي ويو.

”گڊ مارننگ“، هن ڏاڍي نرم لهجي ۾ چيو، ”منهنجي خيال ۾ ته هاڻي تنهنجي اڪيلائي ختم ٿي ويندي. مون کي هاڻي تنهنجي ٻولي ڳالهائڻ اچي ٿي.“

ڪمري پنهنجن خيالن ۾ ٻڏو پيو هو، ۽ سندس منهن ٻئي طرف هو. آواز تي ڇرڪ ڀري ويو ۽ منهن ورائي ڏٺائين، پرڪشش ثقل جي گهت هئڻ سبب ٿڙڻ لڳو. پر پوءِ وڏي احتياط سان اٿي ويٺو. مرلينا مرڪي پڇيو، ”ڌڪ ته ڪونه لڳو؟“

”خاتون! مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ ڪمري ءَجو لهجو انتهائي سرد هو. مرلينا وٽ هڪڙو ننڍو رڪارڊر هو. انهيءَ ڏانهن اشارو ڪمري چيائين، ته- ”هن مشين جي مدد سان تون منهنجي ٻولي ڳالهائي رهي آهين.“

”ها، هڪڙي ٻي مشين هن کان به وڏي هئي، انهيءَ کان به ڪم ورتم ۽ مون کي به وڏي محنت ڪرڻي پيئي.“

ڪمري مشڪيو ۽ ٿڪل لهجي ۾ چيائين، ”سفيدفام وحشيءَ کي ڪنهن به مشين جي ضرورت نه آهي.“

مرلينا کي عجب لڳو، پوءِ چيائين، ”اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي.“

هاڻي اڳ ۾ سوچيل سمجھيل لانٽرويو شروع ٿي ويو.

”ڳالهه ٻڌ ڪمري! اها ڳالهه ياد ڪري ڇڏ ته اسان تنهنجا دشمن نه آهيون.“

”واهه! جيڪڏهن دوست منهنجي جسم کي برف سان ڀري ڇڏن، منهنجا هٿيار تباهه ڪري ڇڏن، منهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏن، ۽ مون کي جهنگلي جانور وانگر پڃري ۾ بند ڪن ته پوءِ دشمن لفظ نهايت تيز ۽ چڀندڙ هئا.“

”نه، اسين تنهنجا دشمن نه آهيون.“ مرلينا ورجايو، ”ياد ڪر، تو ئي ته مون تي جهنگ ۾ حملو ڪيو هو.“

”ها، صحيح آهي، پر انهيءَ جا ڪجھ سبب هئا. مون کي عجيب و غريب واقعن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو. هڪڙي آسماني آفت کي شڪست به ڏيڻي پيئي. انهيءَ کان سواءِ مون توکي هڪ روپيلو ڀوت سمجھيو. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو پنهنجو بچاءُ ته ضرور ڪندو آهي.“

”پر اها آسماني آفت شڪست کائڻ واري نه آهي. اها ته هڪ مشين هئي جيڪا انهيءَ ٻيلي جي جاچ پڙتال لاءِ موڪلي ويئي هئي، جنهن ۾ توهان رهو ٿا. تو مشين کي تباهه ڪري ڇڏيو، تڏهن اسان کي پاڻ اچڻو پيو.“

ڪمري سوچڻ لڳو، ”هي ڪاري عورت سچ ته ڪانه ٿي ڳالهائي. پر اها آسماني آفت ته گرج ڪڙڪ ۽ باهه جي شعلن ۾ آئي هئي. ۽ اسان جي قديم داستانن ۾ اهو ئي بيان ڪيو ويو هو ته اهڙي آفت جڏهن به ايندي آهي ته پاڻ سان سخت تباهي به آڻيندي آهي-“ هو انهيءَ تصور سان ڏڪي ويو.

”انهيءَ آسماني آفت- توهان جي مشين- ته تمام خوفناڪ جنگ ڪئي.“ هن چيو، ”مون انهيءَ جون سڀئي اکيون ڪڍي ڇڏيون، تڏهن به هن مون تي پنهنجي نوڪدار ڌاتوءَ جي ٻانهن سان حملو ڪيو.“

”ڪاش! تون سمجھي سگهين.“ مرلينا چيو، ”مشين اسان آسمان مان موڪلي هئي. انهن اکين سان، جيڪي تو ان جون ڪڍي ڇڏيون. ٻيلي کي ڏسي ها ۽ انهيءَ جو تصويرون هوءَ مريخ ڏانهن موڪلي ها، ۽ تون جيڪو چوين ٿو ته ڌاتوءَ جي ٻانهن سان هن توتي حملو ڪيو ،ته اهو مشين ۾ خرابيءَ سبب ٿيو هوندو.“

”اڇا!“ ڪمري بيزار ٿيندڙ انداز ۾ چيو، ”ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهان آهيو ڪير؟ ۽ توهان مون کي پڃري ۾ ڇو بند ڪري رکيو آهي؟“

”وقت اچڻ تي توکي سڄي خبر پئجي ويندي.“ ايترو چئي مرلينا هلي ويئي.

--8--

خبر نه آهي ته ڪيترا ڏينهن، راتيون هفتا ۽ مهينا گذري ويا. ڪمري اندازو لڳائي نه سگهيو. آخر هو مريخ تي پهچي ويا. ڪمريءَ کي خلائي اڏي تي لاهڻ شرط ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائون. ان جي لاءِ مريخ جي زندگي وڏو عذاب ۽ اجنبي هئي. عذاب انهيءَ ڪري جو هو جانورن وانگر قيد هو ۽ اجنبي انهيءَ ڪري جو هو اهڙي سرزمين تي پهتو هو جيڪا سندس پنهنجي سرزمين کان گهڻو مختلف هئي. انهيءَ کان سواءِ اتي جي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتين جو به  ڪجھ عجيب عالم هو. گرم هوائون، مشيني خوراڪ، ڪارا چهرا، اليومينم جو لباس ۽ اٿاهه تنهائي... مطلب ته هر شيءَ هڪ مصيبت هئي. انهيءَ کان سواءِ ڏهه ڏهه، ٻارهن ڪلاڪ ان جو مطالعو ڪيو ويندو هو. ڪمريءَ کي ڪاري رنگ کان سخت نفرت هئي. پر ڊاڪٽر مرلينا جي قرب ڪري اها نفرت آهستي آهستي دور ٿيندي ويئي. ساڳيو حال مرلينا جو هو. ان کي وري اڇي چمڙي اصل ڪانه وڻندي هئي. کليل نقش ۽ صاف مهانڊا مريخي معيار حسن تي پورا نٿي لٿا. تهذيبي لحاظ کان به ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو. پر اهي سڀ رڪاوٽون آهستي آهستي دور ٿي ويون ۽ اُهي ٻيئي هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا.

مريخ تي رات ۽ ڏينهن جو تصور به عجيب هو. اُن جي ڪوٺڙيءَ ۾ مختلف رنگ بدلبا رهندا هئا. هوڏانهن مريخي مخلوق ۾ سفيدفارم زميني انسان جي اچڻ جو زبردست چرچو هو. ماڻهو انهيءَ جاءِ تي اچي گڏ ٿيا، جنهن ۾ هو قيد هو. مريخي پوليس ڏاڍي مشڪل سان اهو واعدو ڪري انهن کي منتشر ڪيو ته زميني انسان کي ٽي. ويءَ تي ڏيکاريو ويندو. مريخي ٻارڙن کي جيڪي لوڪ ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون هيون، انهن ۾ اڪثر ڪري سفيدفارم ماڻهن جي ظلم جو ذڪر هوندو هو. انهن انهيءَ جي هڪ تمام عجيب ۽ ڊيڄاريندڙ شڪل پنهنجي تصور ۾ تيار ڪري رکي هئي. جڏهن ٽي. ويءَ تي ڪمريءَ کي ڏيکاريو ويو ته مريخي عورتون نفرت کان ٿُوٿُو ڪرڻ لڳيون ۽ ٻارن اکيون بند ڪري ڇڏيون. پر جڏهن ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليائون ته پاڻ جهڙا هٿ پير، مٿو ۽ نڪ نقشي ۽ منهن مهانڊي وارو هڪ قدآور انسان ڏسي حيران ٿي ويا. ڪيترا ٻار ته پنهنجي مائرن کان پڇڻ لڳا ته ”هي زمين انسان، جن ڀوت وانگر پنهنجي شڪل صورت به بدلائي سگهي ٿو ڇا؟“ کين جواب مليو، ”ڪمبخت، سهڻي کان سهڻو ۽ خراب کان خراب روپ اختيار ڪري سهن ٿا. هاڻي ڏسو نه، ته اها صورت آهي اُن جي هن وقت.“ ۽ واقعي سياه فام مريخي مخلوق جي معيار مطابق ڪمري تمام بدصورت نظر اچي رهيو هو.

هوڏانهن ڪمريءَ جو عجيب حال هو. هن جڏهن پنهنجي شڪل صورت شيشي جي هڪڙي عجيب ٽڪري تي ڏٺي ته چند گهڙين لاءِ حيران ٿي ويو ۽ پوءِ حيرت جي جاءِ تي ان کي خوف اچي ورتو. ”هو جنن ڀوتن جي ملڪ ۾ اچي پهتو آهي.“ ڪمري سوچڻ لڳو، ”هيءَ ڪاري رنگ جي عورت کيس بيوقوف بنائي رهي آهي.“ دراصل جنڙي آهي جنڙي.“ هو سخت ٿڙڪڻ لڳو، ڄڻ ته کيس سردي وٺي وئي آهي. هڪڙي ڏينهن ته هو عجب ۾ ٽِپ ڏيڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن ٽي. وي ۾ مريخين کي زمين جون اُهي تصويرون ڏيکاريون ويون جيڪي ”پروب“ تباهه ٿيڻ کان اڳ ۾ مليون هيون. ڪمري پنهنجي شهر جو ٻيلو ۽ ان جي پسگردائيءَ جو ماحول ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اها خوشي محض عارضي هئي. پنهنجي عزيزن ۽ وطن جي ياد جا زخم وري تازا ٿي ويا ۽ هو گهڻيءَ دير تائين سڏڪا ڀري رئندو رهيو.

 ڪمري قيد ۾ رهي رهي تنگ ٿي پيو هو. هن هڪڙي ڏينهن دٻيل لفظن ۾ مرلينا کي ٻاهر جو سير ڪرائڻ لاءِ عرض ڪيو. ”اها ڳالھ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. اهو حڪومت جو معاملو آهي.“ مرلينا جوبا ڏنو. هن جي وحشانيت ڀڙڪو کاڌو. هن جهٽ ڏيئي مرلينا کي پڪڙي ورتو ۽ ان کي پنهنجي مضبوط ۽ طاقتور ٻانهن ۾ ڀڪوڙڻ لڳو. پوءِ ان جون ٻيئي ٻانهون مروٽي پٺيان ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي هڪ هٿ سان جهلي ٻئي هٿ سان ان کي گهٽو ڏيڻ لڳو. مريخي فضائن ۾ پليل مرلينا توقع کان به وڌيڪ ڪمزور نڪتي. هوءَ هڪڙي ڪک وانگر لڏڻ لڳي. سندس اکيون ڦاٽي ويون. چڱو ٿيو جو ڪمريءَ ان کي پاڻ ئي ڇڪي ڏنو، پر جي گهڙي کن ڪمري ان کي نه ڇڏي ها، ۽ ڪجھ دير وڌيڪ ساڳي حالت ۾ رهي ها ته مرلينا جو لاش انهيءَ ڪوٺيءَ مان ڪڍن ها. ڪمري هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي ويهي رهيو. مرلينا ڊوڙ پائي ٻاهر ڀڳي ۽ دروازو کڙڪ ڪري بند ٿي ويو. هن جا اهڙا ته حواس خطا ٿي ويا جو ڪنڌ ورائي پوئتي به نه نهاريائين.

--9--

زمين تي تحقيقات جو وسيع پروگرام تيار ٿي يو هو ۽ هاڻي ڪنٽرول روم ۾ هڪڙو اهم اجلاس ٿي رهيو هو. ڪيپٽن لوز زميني مهم جي ميمبرن سان مخاطب هو. ڪارڊ ونجل، ڊاڪٽر مرلينا، ٽام بيلا ۽ ميرن مينڊار سڀ غور سان ٻڌي رهيا هئا. ڪمري جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڪاري رنگ جو ڪپڙو ٽنگيل هو، جنهن تي ڪرهء ارضيءَ جو نقشو ڳاڙهي مس سان ٺهيل هو. ڊاڪٽر مرلينا کان ”سمنڊ وحشي“ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ته هو ايندڙ مهم ۾ ميمبرن سان تعاون ڪندي يا نه؟ مرلينا پنهنجي مختصر تقرير ۾ ڪمري جي روش واضح ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو تعاون ڪندو. مختلف فني پيچيدگين تي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو ته جلد ئي هڪ فيصله ڪن مهم زمين تي موڪلي ويندي.

--10--

خدا خدا ڪري اهي خوشگوار گهڙيون به اچي پهتيون، جڏهن ڪمري کي جزوي آزادي نصيب ٿي ۽ جيل جي ڇٻر تي ٻن مسلح محافظن جي نگرانيءَ ۾ ان کي سير ڪرايو ويندو هو. مرلينا سان سندس دوستانه تعلقات بحال ٿيا ۽ زميني مهم جون تياريون شروع ٿي ويون. ڪلوزڊ سرڪٽ ٽي. وي، انٽرڪام، بجليءَ جا اوزار، دوربيني، انفرارڊ ڪوڪرز، رفريجريٽرس ۽ ٻيو ضروري سسامان طياري ۾ سيٽ ڪيو ويو. ڪمريءَ کي ٻين ميمبرن سان گڏ وهڻ جي اجازت هئي. پر سندس پير رسي سان ٻڌا ويا، سته جيئن ڪنهن ”هنگامي سوئچ“ تي نه وڃي هٿ رکي. مرلينا ان سان ڳالهين ۾ ڏاڍو مسرور هئي.

ڪيترن ئي ڏينهن جي سفر کان پوءِ سندس راڪيٽ زمين جي مدار ۾ داخل ٿي ويو ۽ زميني گاڏي راڪيٽ کان جدا ٿي زمين طرف ٿي ويئي. ڪيپٽن لوز، زمين جي مدار ۾ چڪر هڻڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن خوشگوار صبح جو مريخ وارا، انٽارڪٽيڪا جي انهيءَ جهنگ ۾ لٿا جو ڪنهن زماني ۾ سڄو سال ويران ۽ برف سان ڇانيل رهندو هو، ۽ جنهن جي ڀرسان ئي ٻارهن هزارن ماڻهن تي مشتمل واحد زميني شهر ٽوئي لاٽس واقع هو. ڪمريءَ جي خوشيءَ جي حد نه رهي! ڪشش ثقل جي ڪري سندس جسماني طاقت وري اڀري آئي هئي، جنهن کان هو محروم ٿي ويو هو. پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ هڪ متحرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي زميني گاڏيءَ مان جهنگ ۾ لٿو ته هن سڀ سائنسي اوزار پنهنجي جسم تان لاهي ڦتا ڪري قدرتي لباس ۾ آزاديءَ سان گهمڻ لڳو. اها سهوليت مريخين کي حاصل نه هئي، ڇو ته زميني ڪششد جي ڪري سندن جسم درهم برهم ٿي وڃي ها. انهن کي اليومينم جي حفاظتي لباس ۾ مصنوعي دٻاءُ قائم رکڻو پيو. تنهن هوندي به هو انهيءَ خيال کان خوش هئا ته مريخ تمام گهڻو خوبصورت خطو کين سائنسي تجربات جي لاءِ ميسر ٿي سگهيو ٿي.

زمين تي پهچڻ سڪري ڪمريءَ جي رويي ۾ جو غيرمعمولي تغير رونما ٿيو، انهيءَ مان مريخين کي اهو خدشو اچي ٿيو ته هو متان پنهنجي هم جنسن سان ملي انهن لاءِ ڪو خطرو نه بنجي پوي. ڪارڊ ونجل وٽ ”سويپ رائفل“ هئي. هن هڪڙي وڻ جو نشانو وٺي ڊسچارج سئٽر کي زور ڏنو. هڪڙو خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ وڻ ڳاڙهن ۽ ڪارن شعلن جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. ڪمريءَ تي انهيءَ مظاهري جو خاطر خواهه اثر ٿيو. ان کي مريخين جي فني برتريءَ جو اعتراف ڪرڻو پيو. انهيءَ ڪري اڳتي سفر ۾ هو غيرمعمولي طور سنجيدو رهيو.

جڏهن ٽيم جهنگ ۾ رواني ٿي ته سامهون وارن ٻوٽن ۽ ٻُوڙن ۾ ڪمريءَ هڪڙي وڏي ارڙ بلا رڙهندي ڏٺي. ڪمريءَ ان کان اڳ ۾، جو ڪاروڊ ونجل پنهنجو سَڄو پير ان جي لڙڪندڙ پڇڙيءَ مٿان ڏئي، کيس ڌڪو ڏيئي هڪ طرف ڪيرائي بچائي ورتو. هن ”سويپ رائفل“ جا هڪٻئي پٺيان ڪيترائي ٻوڙن ۾ فائر ڪيا. ارڙ بلا ته پنهنجو رستو وٺي هلي ويئي، پر ڪمري ڊڄي ويو. هن مرلينا جي معرفت ڪارڊ ونجل کي يقين ڏياريو ته هن ڪابه شرارت نه ڪئي هُئي، پر سندس موت جو انديشو هو، انهيءَ ڪري کيس ٿيلهو هو.

ڊاڪٽر مرلينا، ڪمريءَ جي خلوص کان ڏاڍو متاثر ٿي ۽ سندس پيرن ۾ ٻڌل رسو کولرائي ڇڏيو، ۽ ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي بجاءِ هڪٻئي تي اعتماد رکڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح اهو قافلو ڪمريءَ کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو. زمين جي باري ۾ سندس معلومات مصدقه هئي. هن ٻڌايو ته ٽوئي لاٽس شهر ٽيهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، يعني منهنجي لاءِ هڪ ڏينهن پيادل سفر ۽ توهان مريخين لاءِ ٽن ڏينهن جو پنڌ. اهڙي طرح اها پارٽي پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي. واٽ تي ڪمريءَ مريخين کي پکي، بلائن ۽ جهنگلي جانورن متعلق اهم ۽ حيرت انگيز معلومات ميسر ڪئي. غيرمعمولي ڪشش ثقل جي ڪري مريخين لاءِ هلڻ به دشوار ٿي پيو هو، پر تنهن هوندي به انهن جي لاءِ پهرين ڏينهن جو سفر نهايت خوشگوار رهيو ۽ هلڻ ۾ به نسبتاً آساني رهي. حفاظتي هٿيارن کان سواءِ مريخين وٽ ننڍا شاميانا، سليپنگ بئگ، خوراڪ جا دٻا، ريڊيو ٽرانسيور ۽ دوائن جو اسٽاڪ موجود هو. انهن سڀئي سامان هڪ جيترو ورهائي کنيو ته جيئن هر هڪ کي کڻڻ ۾ آساني ٿئي.

رات کليل ۽ صاف ميدان تي گذارڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو. ٻيئي شاميانا لڳايا ويا. شام جو ماني گڏجي کاڌائون. شاميانن جي چوڌار بجليءَ جون تارون ويڙهي انهن جا ڇيڙا پيري ميٽر سان ملائي ڇڏيائون ته جيڪڏهن هڪو خطرناڪ جانور لنگهي ته گهنٽيون وڄڻ شروع ٿين ۽ سڀ خبردار ٿي وڃن. فيصلو ٿيو ته ڪمري شاميانن کان ٻاهر صاف زمين تي سمهندو ۽ هڪڙو مريخي واري تي ان جي ڀرسان ويهي پهرو ڏيندو. رڊلان، گارل ۽ ڪارڊ ونجل پهريان ٽي پهر پهرو ڏنو. آخري پهر مرلينا جو وارو هو. هوءَ اکيون مهٽيندي اُٿي ۽ اونداهيءَ ۾ ڪمري وٽ اچي ويهي رهي. اوچتو ئي اوچتو ٻوڙن ۾ سر سر جو آواز ٿيو ۽ پيري ميٽر جو سيون تيز ڦرڻ لڳيون. ڪمري رڙ ڪري اٿيو: ”نانگ، نانگ، مرلينا متان چُري آهين.“ هوءَ ويچاري هيسجي ڪمريءَ کي چنبڙي ويئي. هوءَ خوف ۾ ٿڙڪي رهي هئي. نانگ آهستي آهتي سرڪندو پري نڪري ويو. مرلينا کي تڏهن مس وڃي ڪو ساهه پيو.

اڃا سڀ ماڻهو جاڳي رهيا هئا ته مدار ۾ گهمڻ واري راڪيٽ مان ڪيپٽن جو آواز آيو. ٽرنسيور تي يڪدم پيغام وصول ڪيو ويو ۽ سڄي ڏينهن جي رپورٽ پندرهن منٽن ۾ نوٽ ڪرائي ويئي. جواب ۾ ڪمريءَ ٽوئي لاٽس جي مختصر تاريخ متعلق کيس ٻڌايو. اهڙي طرح ڳالهين ۾ صبح ٿي ويو. ٻئي ڏينهن شام ٿيڻ کان اڳ ۾ شهر ۾ پهچي وڃن ها، پر ڪارڊ ونجل جو پير مڙي پيو ۽ انهيءَ ڪري اتي ئي کين تنبو لڳائڻا پيا. سامهو ٽوئي لاٽس جي هيٺ مٿي گهر نظر اچي رهيا هئا. سونهري اس ۾ شهر جا گنبذ چمڪي رهيا هئا. چوديواريءَ کان ٻاهر سرسبز پوکن ۾ جيڪي حدنگاهه تائين پکڙيل هيون، چوپايو مال چري رهيو هو، ڏاڍو خوشنما منظر هو.

ٻئي ڏينهن ڪمريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي شهر پهتي. شهنشاهه جي درٻار لڳي پيئي هئي. سلطنت جا ڪاروبار ۽ معاملا طئي ٿي رهيا هئا. خود بادشاهه سلامت، ملڪئه عاليه سان گڏ تخت تي جلوه نما هو. شهر مان جتان به هي ماڻهو لنگهيا ٿي ته ماڻهن جا هجوم سندن پٺيان لڳي پيا. زميني انسان حيران هئا ته اها مخلوق ڪٿان آئي آهي. بادشاهه وزيراعظم جي معرفت خبر ورتي ته ڪهڙي ماجرا آهي. انهيءَ تي ڪمريءَ ڀريل درٻار ۾ سڄو داستان ٻڌايو. انهيءَ کان پوءِ ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر مرلينا پنهنجي اچڻ جو مختصر بيان ٻڌايو. ۽ ٻڌايو ته هو صرف ڇهه ڏينهن رهندا. درٻار ۾ چميگويون شروع ٿي ويون. ڪنهن کي به يقين نه هو ته مريخ تي به ڪي انسان رهي سگهن ٿا. ۽ انهيءَ کان سواءِ اهڙا ڪارا ڪوجها انسنا ڪنهن به اڳ ۾ ڪونه ڏٺا هئا. بهرحال فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي محلات ۾ اندر شاهي مهمان خاني ۾ رهايو وڃي. سڀني کي جدا جدا ڪمرا ڏنا ويا.

زميني خوراڪ جي استعمال سان مريخين ۾ ڏاڍيون پيچيدگيون پيدا ٿي پيون، پر مناسب طبي امداد جي ڪري، جيڪا هو پاڻ سان کڻي آيا هئا، ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو. ڊاڪٽر مرلينا ڪيترائي دفعا شهنشاهه سان اڪيلائيءَ ۾ ملي ۽ ان کي قائل ڪيو ته واقعي هو مريخ تان آيا آهن ۽ سندن ابا ڏاڏا هن ئي زمين تي رهندا هئا. بادشاهه سندس نهايت ذهانت کان ڏاڍو متاثر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران ٻين مريخي انسانن به زميني زبان سکڻ شروع ڪئي. زميني گاڏيءَ ۾ جيڪو برقي جنريٽر لڳل هو، اهو ڪڍي شاهي محل ۾ هنيو ويون. سڄو محل برقي بلبن سان چمڪي رهيو هو. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. ماڻهن جي لاءِ انوکو تجربو هو. ماڻهو آهستي آهستي روشن محل کي ڏسڻ لاءِ ايندا رهيا.

ڇهن ڏينهن تائين مريخين خوب سياحت ڪئي. ڪيپٽن لوز کي روزانو رپورٽ پيش ڪئي ويندي هئي. هو انهيءَ کي ٽيپ تي محفوظ ڪندو ويندو هو. ستين ڏينهن هي ماڻهو بادشاهه کان اجازت وٺي واپس موٽيا ته ماڻهن انهن کي ڳوڙهن ۽ آهن سان الوداع ڪيو ۽ ٻيلي تائين گڏجي آيا. ڪجھ زميني تحفا به پاڻ سان کنيا هئا. هو اتي پهتا ته هڪڙي ٻي پريشان ڪن مصيبت پيدا ٿي پيئي. زميني گاڏي استعمال جي قابل نه رهي هئي. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڪي طاقتور جانور ان کي ٽڪر هڻندا رهيا آهن. ٻئي گاڏيون اندرين طرف چٻيون ٿي پيون هيون. ان جي چوڌاري گينڊن ۽ جهنگلي مينهن جا پيرا بيٺا هئا. پارٽيءَ جا ميمبر سخت پريشان هئا. سڄي صورتحال جو اطلاع ڪيپٽن لوز کي ڏنو ويو. ان ڏک جو اظهار ڪيو، پر هن وقت راڪيٽ تائين پهچڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه هو. مجبوراً هو واپس موٽي ويا. زميني ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪيپٽن لوز کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن رپورٽ مٿي موڪلي. اتان حڪم مليو ته راڪيٽ واپس مريخ تي پهچايو ۽ پارٽيءَ کي زمين تي ئي ڇڏي اچو، جيستائين ٻي گاڏي کڻي راڪيٽ واپس نه پهچي. ڊاڪٽر مرلينا جي دل خوشيءَ ۾ نٿي ماپي. ڏاڍو سٺو ٿيو، ڪجھ وقت لاءِ ڪمريءَ سان رفاقت نصيب ٿي ويئي.

هڪ مهيني کان پوءِ مريخ سان رابطو ڪيو ويو ته گرائونڊ ٽرنسيور تي اطلاع محصول ٿيو ته اڃان پارٽيءَ کي غير معينه مدت تائين زمين تي ئي رهڻو پوندو، ڇو ته زمين، مريخ کان پري هٽندي پيئي وڃي. سالن کان پوءِ جڏهن مريخ ۽ زمين هڪٻئي جي ويجهو لنگهندا تڏهن راڪيٽ موڪلي سگهجي ٿو. هونئن به ڪروڙن روپين جي خرچ سان تيار ٿيندڙ مهم روز ته موڪلي نٿي سگهجي.

بادشاهه جي اجازت سان ڪمري ۽ ڊاڪٽر مرلينا پاڻ ۾ رشته ازدواج ۾ منسلڪ ٿي ويا ۽ پوءِ ٻين مريخين به زميني ڇوڪرين سان شاديون ڪيون. بادشاهه سلامت جي اجازت سان هڪ سائنسي اداري جو بنياد رکيو ويو، جتي زمين جي سفيدفامن کي فني تعليم ڏني ويندي هئي. هڪ سال کان پوءِ ڊاڪٽر مرلينا ۽ ڪمري کي هڪڙو چنڊ جهڙو پٽ ڄائو، جيڪو مريخي ۽ زميني اتحاد جو مظهر ثابت ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com