سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :2

 

روشن گهانگهرو

 

غزل

 

ورهين کان هي وياڪل جيئڙو ورهه ۾ پلپل پڄري ٿو،

آس ملڻ جي آب اکين ۾ پيار پرينءَ کي پوڄي ٿو.

هير ٿڌي پر رات غضب جي سيني ۾ سڪ سور ڏنا،

سڏڪي سڏڪي رات کٽي ٿي سورج غم جو اُڀري ٿو.

چاهه ويو ٿي چيهون چيهون ورهه وڇوڙي روح ڏڌو،

آشا من جي ويڳاڻي ٿي مينهن نراشا برسي ٿو.

گل ڦل گلشن ۾ ٿا مهڪن ٿڌڙي مند ملهاري آ،

پر هن برکا رُت ۾ ڀي ڇو دل جو گهرڙو ڀڙڪي ٿو؟

پيار سوا هي پيار پکيئڙو نفرت بَن ۾ ويراڳي،

الفت، امرت، پيار پله لئه هر پل تانگهي تڙپي ٿو.

سورن واري سوچ نگر جو هر هڪ لمحو قاتل آ،

جو پل گذريو زخم ڏئي سو دل کي چيري گذري ٿو.

اونداهيءَ جي ويراني ۾ وقت ڪيو ويدار مگر،

تنهنجي ياد جو ”روشن“ سورج ذهن افق تي چمڪي ٿو.


 

ستار سُندر

 

غزل

 

جهوپڙي ۾ ٻري جو بتي رات جو،

اُن ۾ ٿي وئي ڦِڪي روسني رات جو.

ڏينهن جا درد سڀئي سهيڙي وئي،

روڊ تي جا لٿي خاموشي رات جو.

پنهنجو چهرو سُڃاڻي سگهان ئي نٿو،

مان ڏسان پو ڪيئن آرسي رات جو.

آسمان تان ٽڙيو مون کي ائين لڳو،

هڪ ستاري ڪئي خودڪشي رات جو.

ڪير آ جيڪو هيڪل ڪري ويو اٿس،

جنهن جون راهون تڪي ٿي گهٽي رات جو.

ياد توکي پو ڏاڍو ڪيم او پرين!

هير ٿڌڙي جيئن گُهلي رات جو.

اڄ اڪيلو ٿو تن پيچرن تي رُلان،

تو سان جن تي ڪئي آوارگي رات جو.

آسمان جي ڏکن جي ڪهاڻي ٻري،

چنڊ سان ٿي ستارن سلي رات جو.

 

اسحاق سميجو

 

هُر کُر من ۾، رڻ جي رات،

خوب اکين ۾، رڻ جي رات.

 

ڪاري خاموشيءَ جو رقص،

دور پکين ۾، رڻ جي رات.

 

هڪڙي نيڻ سمان هي چنڊ،

تيل گگن ۾، رڻ جي رات.

 

”هن تاري، هن هيٺ پرين“،

اوسيئڙن ۾، رڻ جي رات.

 

دور ڪٿي ٿو سنک وڄي،

گونجي بن ۾، رڻ جي رات.

 

ڏاڍو ياد اچي ٿو ديس!

پرديسن ۾، رڻ جي رات.

 

بخشل باغي

 

غزل

 

ڇُلي پيو سمنڊ انتظار جو نهارن ۾،

ورهائجي وياسين پاڻ ٻئي ڪنارن ۾.

اسان جي روح جون اکيون ڏسن پيون توکي،

اڃا وسين پيو دل جي سڀن نظارن ۾.

هي آڪاس تنهنجي سِر تي سجي آ نيل جيان،

شال تون رقص ڪري چنڊ سان ستارن ۾.

تو زندگي ۾ هڪ دفعو ڏٺو هيو مون کي،

اُهائي ديد امر آ اڃان نهارن ۾.

جنهن پنهنجي زندگي جا پاڻ بڻايا رستا،

اُهوئي شخص ويو گم ٿي اُنهن چارن ۾.

تنهنجي دل جي نه چنڊ تائين ڪڏهن پهچي سگهيو،

روح پنهنجو چڪور جيئن رهيو اُڏارن ۾.

تنهنجي آڏو اچي دُک لڙڪ ئي وهي ٿا پون،

تون ئي هڪ آشنا آهين زماني وارن ۾.

تنهنجي آغوش ۾ مان اڄ به سُتل آهيان ڄڻ،

اڃان به تنهنجون آڱريون ڦرن پيون وارن ۾.

اسان سمجھي نه سگهياسين اِهو ڪڏهن باغي،

هيو جو راز لڪل عشق جي اشارن ۾.

 

ماهين هيسباڻي

 

وائي

 

سانوڻ رُت ۾ آءٌ اڪيلي،

ڪوئي نه آهي ساڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ؟

موتئي جي مهڪار سان ٿي چؤطرف سرهاڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ.

عشق اسان وٽ جهول ڀري آ، آيو پنهنجو پاڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ.

بادل بڻجي برکا برسي، کڻي خوشين کاڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ.

چانڊوڪيءَ سان چاهه رکي، ڪاڏي وئي چانڊاڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ.

پريت ڇني اڄ ڏور هليا ويا، مون کان پرين پاڻ،

الا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ.

 

روبينه ابڙو

 

ڏيڍ سٽا

 

درياه چيو مُرڪي،

ميهار پيا مَٽجن ـ سهڻي ته سدا ساڳي.

سنسار رهيو مٽيل،

مون پار ڪيو درياه ـ ميهار هيو مٽيل.

ها، پيار مري پوندو،

ڇو دير ڪرين سهڻي؟ ميهار مري پوندو.

سؤ وار ٿئين ڇا ٿيو،

سهڻي ته ڀلا ٿي ڏس ـ ميهار ٿئين ڇا ٿيو؟

ٿيو پيار آ پاسيرو،

ٿو روح چوي روئي ـ سنسار آ پاسيرو.

مان ڪيئن ٿيان اوڏو؟

تون ڏور وڃين ٿيندو ـ مان جيئن ٿيان اوڏو.

تون ساڻ هلي سگهندين؟

سڀ ساڻ پيا جيئن تون ـ ساڻ مري سگهندين؟

ها، ڏات اجائي آ،

هن پريت بنا پيارا ـ هر بات اجائي آ.

هر رات ڀنيون آهيون،

مان ڏات وجهي ڀاڪر ـ ڪنهن لاءِ رنيون آهيون؟

هي ڏيڍ سٽا آهن،

تون گل نه ٿو ڀائين ـ مکڙيون ته ڀلا آهن؟

 

شائق ڪمبوهه

 

غزل

 

اڃا ڦول وارن ۾ پنهنجي سجائي!

وري ننڊ منهنجي وئي ڦٽائي!

وري نينهن جا مينهن برسي رهيا هن؛

مگر هوءَ ايندي نه ايندي الائي!

اڃان آس جو واس آهي هوا ۾؛

اڃان پيار موسم ٿي تنهنجو گهلائي!

وري کيت مينديءَ جا مهڪي پيا هن؛

وري چنڊ تنهنجون ٿو ڳالهيون ٻڌائي!

سجائي سدا مرڪ پنهنجي چپن تي؛

اسان لڙڪ لاڙيا لڪائي لڪائي!

 

ابرار ابڙو

 

وائي

 

روز ڏٺي آ مون، ڪيڏي سندرتا ـ

پرهه ڦُٽيءَ جي پاند ۾!

 

منظر تنهنجي مُرڪ جا، جيئڻ چاهن ٿا ـ

پرهه ڦُٽيءَ جي پاند ۾!

 

عڪس وتن ٿا رات جا، ٿاٻا کائيندا ـ

پرهه ڦُٽيءَ جي پاند ۾!

 

تنهنجي ڳل جا اولڙا، مون کي پسجن پيا ـ

پرهه ڦُٽيءَ جي پاند ۾!

 

مون ته سمورا نينهن جا، عڪس لڪايا ها ـ

پرهه ڦُٽيءَ جي پاند ۾!

 

ساڀيا سانگي

 

وائي

 

پيڙائن ۾ پنڌ اسان جا،

تون ڇا وک وڌائيندين!

گوندر ڪيئن گذاريندين؟

تو وٽ ڪوڙ ليڙون ليڙون، چئه، مون سان نڀاهيندين!

گوندر ڪيئن گذاريندين؟

 

ڪاٽا ٿيندءِ لغڙن وانگي، جي ڀي خواب اُڏائيندين،

گوندر ڪيئن گذاريندين؟

 

عڪس ڏکن جو هيکل هينئون، وڃ وڃ مرڪ نه پائيندين،

گوندر ڪيئن گذاريندين؟

 

نيٺ مٽيءَ ۾ رکجي ويندين، ڪيسين پاڻ پڏائيندين،

گوندر ڪيئن گذاريندين؟

 

فياض چنڊ ڪليري

 

وائي

 

منهنجي اندر جو،

وياڪل شخص اڃان،

توکي ساري ٿو پرين!

هٿ تي سندءِ نانءُ لکي،

چُمي چاهه منجهان،

توکي ساري ٿو پرين!

جن تي گهمياسين گڏ ٻئي،

ساڳين رستن تان،

توکي ساري ٿو پرين!

جنهن لئه مُرڪون تون ٿهئين،

آلن نيڻن سان،

توکي ساري ٿو پرين!

ڪچڙي ننڊ جي خواب جان،

وسري ويو توکان،

توکي ساري ٿو پرين!

منهنجي اندر جو،

وياڪل شخص اڃان،

توکي ساري ٿو پرين!

 

وسيم سومرو

 

شرارت

 

اوچتو آواز ٿيو،

”ڪڙو ته لاهيو“

اوچتو رستي ويندي لڳم

ڄڻ مون کي،

ڪنهن ان ڪڙي لاهڻ لاءِ چيو آهي،

جو حالتن زهن کي هڻي ڇڏيو آهي،

”ڪڙو ته لاهيو

ڪڙو ته لاهيو“

رستي تي مُڙي آواز ڪنايم

اڙي هي ته گهر جي،

ان ڪمري جو آواز هو

جنهن جي دروازي کي ٻاهران،

ڪنهن شرارتي ٻار ڪڙو ڏئي ڇڏيو هو ـ

 

اياز عالم ابڙو

 

تمنا

 

تنهنجن نيلن نيڻن مان،

لڙڪ لڙڪ ٿي جيڪر مان،

تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تان،

بادل بوندن جيئن برسان،

تنهنجي نيلن نيڻن مان.

 

تنهنجو هار سينگار ٿيان،

واسينگن جيئن وارُ ٿيان،

پايل بنجي پيرن جي،

وک وک ڇمڪي تي ڇرڪان.

تنهنجي نيلن نيڻن مان.

 

تنهنجي سُرهن ساهن سان،

پور ۾ گهايل آهُن سان،

تنهنيج ساهه سرير منجهان،

ماندي دل بنجي ڌڙڪان.

تنهنجي نيلن نيڻن مان.

 

”تون“ جو آهين، سو ”تون“ آن،

مان جو آهيان، سڀ ”تون“ آن،

تو لئه سڀ سنسار ڇڏي،

توساڻ جيان، تولاءِ مران.

تنهنجي نيلن نيڻن مان.

 

توساڻ جيئان، سو امرت آ،

تولاءَ مران جو جيون آ،

اهڙو جيون آ نرڳ سمان،

تون هُتڙي لڇين، مان هت تڙپان.

تنهنجي نيلن نيڻن مان.

 

نواز خان زئور

 

هائيڪو

 

- سمنڊ، آڙين اڏام

فطرت! تنهنجي برش تي ـ

شال نه لهي شام.

 

- کنوڻ اک پَسي،

بدن ميگهه ملهار جيئن؛

لاتي هٿ وسي.

 

- واءُ هندوري ۾،

توکي لڏندي مون ڏٺو؛

ڪلهه ڄامشوري ۾.

 

- بيٺي گالئي تي،

ڏور شفق ڏانهن سانوري،

تڪي سج لٿي.

 

- سرخ ريکائون،

آيا نيڻ خمار ۾،

تو کي ڏٺائون!

 

- ٽمڪن ستارا،

ڪيڏيءَ گهري راتڙي!

منڇر ڪنارا.

 

- سانت، شاخ، ڪنارو،

ٻٻرن ڇانءُ ۾ ٻڪريون،

ٻپهري، اونهارو.

 

- مايون، وڻندڙ هُل،

پئونرن جيئن جوانڙا،

ٽهڪ به ڄڻ ڪي گل.

 

- خوشبو ٿي مٿي،

دلا کڻي پاڻياريون،

آيون جر مٿي.

 

گل بهار باغائي

 

غزل

 

هي قبر مان ڪير ٿو مون کي سڏي،

يا اندر مان ڪير ٿو مون کي سڏي.

 

هن لکيو تنها هتي مان ٿي رهان،

ڏس سفر مان ڪير ٿو مون سڏي!

 

مان ڏسان ٿو خواب ۾ موهن دڙو،

۽ کنڊر مان ڪير ٿو مون کي سڏي.

 

مان ڪٿي مسجد ڪليسان هان ويو،

هو مندر مان ڪير ٿو مون کي سڏي.

 

جنهن کي پٺتي مان ڇڏي آيو هئس،

شهر تنهن مان ڪير ٿو مون کي سڏي.

 

غلام حيدر ”گهائل“ لغاري

 

غزل

 

شور ڏاڍو هُيو هوائن ۾،

پيار سستو ثمر دنيائن ۾.

نيٺ پنهنجو ضمير جاڳيو آ،

پئي مُئاسين اڳي اَنائن ۾.

مان به ڪيڏو نه ڏس چريو آهيان،

گل جي خواهش اٿم خزائن م.

موت جي پهچ کان اڳي ساٿي،

ٿي وڃان گم تنهنجي ادائن ۾.

هي به اعزاز آ اسان لاءِ،

زندگي پيا ڪٽيون سزائن ۾.

زندگي کي وڏي ضرورت آ،

پيار شامل ڪجي غذائن ۾،

توکي هر وقت يار هي ”گهائل“

ياد آهي ڪندو دعائن ۾.

 

وفا ڪوڙل چنه

 

غزل

 

توسان هر حال ٺاهه ڪرڻو آ،

ڇو ته مون کي نباه ڪرڻو آ.

 

تون ته هڪڙو دفعو هتان ٿي وڃ،

توتان صدقي هي ساهه ڪرڻو آ.

 

تنهنجو ديدار ٿئي، ڀڃان روزو،

مون کي هڪڙو گناهه ڪرڻو آ.

 

تنهنجي مرڪڻ مٺي ٻڌايو آ،

توکي ظاهر ٿي چاهه ڪرڻو آ.

 

تنهنجا پازيب جي پون ڇمڪي،

رقص جهومي پو واهه ڪرڻو آ.

 

غير هاڻي به جي بچي ويو هتان،

پاڻ ڪوڙل تباهه ڪرڻو آ.

 

گل ٽکڙائي

 

غزل

 

ڪير روڪي ٿو سگهي هن وقت جي رفتار کي،

چنڊ جي چانڊاڻ کي يا رات جي انڌڪار کي.

پاپ ۽ پڇتاءَ جو ٿو سلسلو جاري رهي،

ڇا ڪندي اي واعظا تون جرم دعويدار کي.

آس ۽ جذبات خاطر ڪيترا قربان ٿيا،

سونهن سندرتا ڏئي عاشق ويا هن دار کي.

پيار آهي زندگي ۽ پيار آهي بندگي،

ظلمتون روڪي سگهن ٿيون ڇا ڀلا اظهار کي،

هي بهاري خوبصورت وحشتن کان ڪر پري،

ڪر سمجھائي سگهي ٿو سونهن جي سردار کي.

رند تڙپي ٿا اُٿن هت بوتلون خالي ڏسي،

ڪو پچائي ڪين سگهندو مئڪدي جي وار کي.

سوچ جو ڪيئن دم گهٽي هت حالتن آهي وڌو،

ڪونه پائي ٿو ڳچيءَ ۾ درد واري هار کي.

رات تنهنجي مئڪدي ۾ گل پئي گذري رڳو،

داغ لڳندا پيا وڃن تنهنجي سدا ڪردار کي.


 

گل حسن ساگر ڪوري

 

غزل

 

مينهڙا ٿر تي وسن پوءِ موٽجان،

مورڙا ٿر تي نچن پوءِ موٽجان.

 

ٿر مٿي هُٻڪار ٿي پئي مينهن جي،

ڍنگ چوڌاري چُرن پوءِ موٽجان.

 

پَٽَ پسيل مان جڏهن خوشبو اچئي،

درد دل ۾ جي اُٿن پوءِ موٽجان.

 

گهاريو مون سڀ رُتون توکان سوا،

ماڳ تي مارو اچن پوءِ موٽجان.

 

هيڪلي ڪيسين گذاريندينءَ ڀلا؟

جي هوائون گهلن پوءِ موٽجان.


 

خليل عارف سومرو

 

غزل

 

هن کي ڏس هي ڀي آ ماڻهو،

”جوهي“ شهر جو تنها ماڻهو.

پاڻ ٻين لئه ارپيو آ جنهن،

ڪن ٿا تنهن سان ليکا ماڻهو.

سڪ لڳندي آ، دل لڇندي آ،

ڪئن دفنائي جذبا ماڻهو.

ڪيئن لتاڙي ٽوٽا ٽُڪرا،

پيرن هيٺان شيشا ماڻهو،

گيت لکي ٿو، عڪس چٽي ٿو،

ونڊي ويٺو تحفا ماڻهو.

من جو اُجرو، دل جو نازڪ،

ڀوڳي ٿو ڏس ڇا ڇا ماڻهو.

شاعر آهي، پاڳل آهي،

ڪن ٿا هن سان چرچا ماڻهو.

هن جي پويان پئجي ويا هن،

هن جا جيڏا سرتا ماڻهو.

عارف ئي هڪ ڦاٿل آهي،

باقي سڀ هن آجا ماڻهو.

 

امر ساهڙ

 

غزل

 

ڏيهه مُرڪي ڏٺو، ڏات مون تي لٿي،

رنگ ريٽا کڻي، رات مون تي لٿي.

 

پانڌ پيرونءَ بنا، ٿي ڇڳيرين ڇنا،

ڇيت بڻجي اُتي، ڇات مون تي لٿي.

 

رابطي جا رڱي، ريشمي تاڪيا.

برهه جي بوسڪي، بات مون تي لٿي.

 

چنڊ تارا ڏسي، کير ـــ ڌارا ڏسي،

تيز بارش جيان، تاتِ مون تي لٿي.

 

ديس سان دوستيءَ ۾ دغائون ڪيم،

مون وانگي اچي مات مون تي لٿي.

 

گيت جهڙي هئي، ميت جهڙي هئي،

لار ماکي جيان لات مون تي لٿي.

 

حبدار سولنگي

 

وائي

 

پيار ڪرڻ کان پوءِ، رنگ اُڏن ٿا روح تي.

مُرڪن جي ڪنهن روپ تي، رم جهم ٿيڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

محبوبه جو مهڪندڙ، نانءُ وٺڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

تنهنجي جوڀن جي پرين! سونهن پسڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

سوچ مٿان احساس جي، هير گهلڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

انڊلٺ جهڙي سار جا، عڪس چٽڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

نيڻ ٻئي ٻهڪي پيا، خط کلڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

۽ ها، ڪنهن جي اوچتو، ياد اچڻ کانپوءِ-

رنگَ اُڏن ٿا رُوحَ تي.

 

روشن گرگيز

 

نظم

 

هاڻ اچين نه اچين،

سانورا او پرين!

اسان ڏيئا اوسيئڙي جا

اجهائي ڇڏيا.

هي اسان جي اُڃي ڏس

چپن جي چمن ۾

هو مُرڪن جا موتيا.

چمين جا چنبيلي.

ويا ڪومائجي،

هائو، مُرجهائجي

هو ڇڻي هڙ چڪا،

هو اميدون اسان جون

۽ اندر اسان جو،

قبرستان ڪوئي آ بڻجي چڪو.

او پرين، بس ڪڏهن،

ڪجھ ساهن ۽ سڏڪن

سنديون چادرون

ها، چاڙهيون پيا ٿا.

هاڻ توکي ڏيڻ لئه

ڪو نه ڏوراپو به آهي بچيو.

بس اسان جي چپن تي،

ڪو ماٺار جهڙو

ڪفن ٿو رهي،

ها انهي ئي ڪري،

هاڻ اچين نه اچين

اسان ڏيئا سمورا،

اوسيئڙي سندا،

ها، اُجهائي ڇڏيا!

ها، اُجهائي ڇڏيا!

 

مظهر ”امر“

 

وائي

 

امڙ ڪريان ڪيئن، ياد اچن هو جيئن،

مون کان چين رُسي وڃي.

ڪاري رات ڪٽارَ جيئن وڍ وجهي تيئن،

مون کان چين رُسي وڃي.

چانڊوڪيءَ ۾ چڪور جا چاڪ چڪن اِئين،

مون کان چين رُسي وڃي.

آيل ڪريان ڪيئن، او امڙ ڪريان ڪيئن،

مون کان چين رُسي وڃي.

 

نظم

 

آڌيءَ رات لوڪ سمهي ٿو

سرمد مون ۾ رقص ڪري ٿو

تاريخ جا ورق ورائي

لااِلٰہ جو سَڏ اچي ٿو

سرمد مون سان گڏ اچي ٿو

ٺٽي جي بازارن ۾

سرمد جهاتي پائي ٿو

اڀيچند ٻيهر ڳائي ٿو

تاريخ جي ميرن ورقن ۾

ٻوٿ اورنگزيب لڪائي ٿو

چنڊ ڏسي گهٻرائي ٿو

ها هر ماڻهوءَ جي هردي ۾

سرمد روز چتائي ٿو

ڪا آڳ ازلَ جي لائي ٿو

اَڄُ به ڪيئي دارا آهن

جي سرمد جي ڪَڍَ اچن ٿا

توڻي تن کي وڍ اچن ٿا

ها ڌرتيءَ جي هن سيني تي

سرمد صدين کان جاڳيو آهي

ڌرتي لاءِ ساڳيو آهي

 

نظم

جُڙي ٿو ڦاهيءَ جو ڦندو

لُريءَ ۾ ڪير لٽڪي ٿو

هيءُ تون آهين

يا هيمون آ

جنهن جي گردن جي قيمت

وري اڄ وقت طلبي ٿو

زبان هيءَ ڀلا ڪنهن جي

ٽنگي چوسول تي وئي آ

وري فتوا گهتين ۾ آ

منصور آ يا، تون آهين

منهنجي زخمن يادن جو

بس تون هڪ خواب چئبين

تون هڪ پل لمحو آن

عاشقي عذب چئبين

جي اڄ ڪٺو وئين تون

سڀاڻي لاءِ سبق آهين

متان تون موت کان گهٻرائين

اچڻو آ هليو ايندو

مگر تاريخ جا ٺهندي

تنهن ۾ تون رقم ٿيندين

تنهن ۾ تون رقم ٿيندين.

 

نظم

تو سُرمئي شام جي

اکين ۾ چتائي ڏٺو آه

ڀلا چنڊ ۽ پوڙهي بڙ

جي دوستيءَ

واري ڪهاڻيءَ

جي خبر اٿئي؟

تو ڪنهن جي قبر

تي لکيل ڪتبو پڙهيو آهي؟

پوءِ تون ڇا ڄاڻين

ته پيار جي ڇا معنيٰ

هوندي آهي!

نظم

رات اُداس آ

ڪنهن اُداس شاعر

جي روح جيان

اجنبي راهن تي

هڪ صدا ماتم ڪري

رهي آهي.

هيءَ ڪنهن جي رڙ آهي

جنهن جا لفظ

قلم جي گرفت ۾

نه پيا اَچن.

 

نظم

عشق جي نديءَ ۾

هيءَ ڪنهن جي دل

تري رهي آهي

رات آهي يا ڪنهن

ٿڪل مسافر جي دل

جنهن ۾ سئو وسوسا

انومان آهن

۽ هو جهنگلي سوئر

هنکي چتائي ٿا ڏسن.

 

غزل

رات ڪهڙي آهي رات،

ڏس ستارن جي بَرات،

چنڊ ڪوئي گهوٽ آ،

ڪنوار آ ڄڻ ڪائنات،

جيءَ کي جيڪا ڇڪي ٿي،

تان تنهنجي سا آ تات.

چئه ڪٿي اي زندگي،

آ لکيل تنهنجي به مات!

 

غزل

 

درد وارن لاءِ دوا جيان آهين،

ڄامشوري جي هوا جيان آهين.

ديس ته سارو تهمتون ۽ گلا،

تون مگر وفا جيان آهين.

آسرو پلي وري زندگي،

ڪهڙي قاتل ادا جيان آهين.

سار جي سڏ ۾ ٿي اچين،

ساز ۽ ڪنهن صدا جيان آهين.

پيار پنهنجو عبادتون بندگي،

منهنجي دل ۾ خدا جيان آهين.

 

غزل

 

اڄ سار سارنگ ملهايو سُٺو،

وري نير نيڻن مان ڪيڏو اُٺو.

اِها چاندني رڳو درد آ،

سندءِ پيار جيون کان آهي رُٺو.

ڪنڌ هونئن به چارڻ ويندو ڪُسي،

جي هيئن ڪُسجي ته ڏاڍو سٺو.

هيءُ ڦاڙ ڪهڙو آهن هيناوَ کي،

ڪٿان ٿو اچي پيو هو گهايل ڪُٺو.

 

غزل

 

ڪيڏي چلولي ٿي وئي آهي،

دل بنهه هيکلي ٿي وئي آهي.

مُرڪ ۾ لڙڪ لڪائي هوءَ،

ڇو ڀلا کينچلي ٿي وئي آهي.

پيار کي ٿي لڪائي پوتيءَ ۾،

ڪيڏي شرميلي ٿي وئي آهي.

ڄامشورو سڳنڌ هيءَ هوا،

هوءَ به بخملي ٿي وئي آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com