سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:14

ميرمحمد پيرزادو

 

 

 

           وائي

 

پاهڻ، پاٺا، ڪِٺَ ڪَٺُورَ،

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

پوئينءَ هِڏِڪِيءَ سان به رِڙهي پَئي،

ساري چِڪنا چُورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

کِرکِنا هئس ساري جندڙي،

سَنڌَ سَنڌَ جُکينسِ سُورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

 

سوچي ڏونگرُ سُنُ ويو ٿِي،

ڇا ڀرٽياڻي، ڇا پورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

 

گهُٻُون، ڇالا، ڇِيرون، ڇيتيون،

نرم پشم کان نُورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

 

لهندڙ سج ڀي لال اکين سان،

گهايل ڏي ڪئي گُهورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

 

اهڙا عُمِرِ سَڄيءَ نه ڏٺا ها،

تاريخ سندي ڪنهن تُورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!

 

پنڇي آکيرن مان گُهورِنِ،

واهيري وهلورَ-

پير ته ڇا هئا سسئيءَ جا!
 

گيت

 

ڪڏهين آهي خيال بنايو، ڪوريئڙي جو ڄارُ!

ڳجهارت آهه بنيون سنسارُ!

 

ڪاٿئون گل ۾ خوشبوءِ آئي؟

ڪاٿئون خنڪ هوا ۾ ڇائي؟

سانت، لڳي ڄڻ شاهه جي وائيءَ!

سارو منظر ڪاٿئون آيو؟ جنهن جو آر نه پارُ-

ڳجهارت آهه بنيون سنسارُ!

 

ماڪ ڦڙيءَ جو پاڻي ڇاهي؟

رات سندي هيءَ راڻي ڇاهي؟

پنهنجي پيار، ڪهاڻي ڇاهي؟

ڳُجهه اُنهيءَ جو پَتو لڳايو، مُنجهي پوي هوشيارُ،

ڳجهارت آهه بنيون سنسارُ!

 

خوابن ۾ جو ايندو آهي،

اُن جي اچڻ جو رستو ڇاهي؟

پوءِ هليو ڪيئن ويندو آهي؟

اُن کي جهَٽ پل پوءِ به رهايو، سَچُ پَچُ جي آو يارُ،

ڳجهارت آهه بنيون سنسارُ!

 

منهنجي هوندي تون ئي آهين!

مون کي مون ۾ پِيو مهڪائين!

پيار جو چوغو پوءِ ڍڪائين!

هيءُ رڳو ٿَئي سانگ رچايو، وائکو ٿيُئي وهنوارُ،

ڳجهارت ناهي رهيو سنسارُ!

 

ذوالفقار سيال

 

 

 

 

  غزل

 

تنهنجي هٿ ۾ گلاب جي خوشبو،

منهنجي اکين ۾ خواب جي خوشبو.

تون اچين ٿو ته واس وکري ٿو،

ڄڻ ته آهي هباب جي خوشبو.

تنهنجي وارن جي پاڇي ۾ آهي،

ڦوهه، الهڙ شباب جي خوشبو.

رات جو سمنڊ، چنڊ ۽ تون- مان،

۽ هوا ۾ جواب جي خوشبو.

تون جي ڀر ۾ اچي ٿي ويهي رهين،

پوءِ اچي تنهنجي تاب جي خوشبو.

زلف جيون ۾ اڄ رچي آ وئي،

ڪنهن محبت جي باب جي خوشبو.

*

پرينءَ جو پاراتو، دعا ٿي پيو آ،

وري درد دل جي دوا ٿي پيو آ.

وساري ڇڏيم پاڻ، تون ياد آئين،

محبت جو حق هي ادا ٿي پيو آ.

ڪيان ميڙ منٿون، مگر تون نه پرچين،

ائين يارُ مون کان خفا ٿي پيو آ.

عجب ماجرا آ، مليا زخم آهن،

ڪيم پيار پر بيوفا ٿي پيو آ.

محبت، مروت وئي ذلف ڪاڏي،

سمورو زمانو جفا ٿي پيو آ.

 

نظم

 

پيار

 

پيار رڳو هڪ نالو ناهي،

پيار ڇهاءُ آهي جيون جو،

پيار جو صرف حوالو آهي،

پيار هڳاءُ آهي ذهنن جو.

پيار ڪلر ۾ ڄڻ ڪو ٻوٽو،

پيار سانوڻ جو ٿڌڙو جهوٽو،

پيار اکين جو آرس ڪوئي،

پٿرن ۾ ڄڻ پارس ڪوئي.

پيار پکين جي لات جيان آ،

ٿر ۾ ڄڻ برسات جيان آ،

پيار صبح جي هير جيان آ،

يادن جي ڪنهن وير جيان آ.

پيار گلن جو ڄڻ ته ڦُٽڻ آ،

چهري تي وارن جو اُڏڻ آ،

پيار اکين جو مرڪڻ آهي،

چهري جو ڄڻ چمڪڻ آهي.

پيار منڊيلي منڊ جيان آ،

مصري ماکي کنڊ جيان آ،

پيار گهڻو ۽ پيار آ ٿورو،

پيار ڪڏهن نه ٿئي ٿو پورو.

پيار سمونڊن ۾ جيئن ڇوليون،

پيار پکين جون مٺڙيون ٻوليون،

پيار پوياڙيءَ جو ته پهر آ،

قرب ڀريو ڄڻ هر شهر آ،

پيار دريا جي پيٽ جيان آ،

اڻ کٽ سهڻي ٻيٽ جيان آ.

پيار مڇين جو ترجڻ آهي،

پيار برهه جي پڄرڻ آهي،

هر ذري ۽ هر صورت ۾،

پيار آ ظاهر هر مورت ۾.

 

 هدايت بلوچ

 

 

 

 

 

 

 نظم

 

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

جت نه ڪينو هجي ۽ نه ڪلفت هجي

پيار، ايڪو، محبت، مروت هجي

جت نه ڪنهن جي برائي ۽ غيبت هجي

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

جت نه جنگيون هجن ۽ نه جهيڙا هجن

جت نه بندوق، ڀالا ۽ ديڙا هجن

جت منڊل پيار جا ديد ميڙا هجن

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

اچ ته گندرف جي بدبوءِ مان نڪري هلون

اچ ته جنگين سندي جوءِ مان نڪري هلون

اچ ته هن دائمي سوءِ مان نڪري هلون

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

جت نه ڦورو هجن ۽ نه ڦوريون هجن

جت نه ڌاڙا هجن ۽ نه چوريون هجن

جت نه ڏاڍن جون هيڻن تي زوريون هجن

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

جهول جهانگين جي شل ڪين خالي هجي

ڪنهن ڏکايل جي اک شل نه آلي هجي

ٻاجهه جا جهڙ هجن ۽ جهڙالي هجي

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

جت غريبن جي چُلهه ۾ ڪو ٽمڪو هجي

۽ انهن جي پنڊيءَ تي ڪو ڦلڪو هجي

بک ۽ اُڃ جو انهن کي نه اُلڪو هجي

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

سونهن سوڀيا جي نگري ڏي نڪري هلون

ڏور خاموش ٽڪري ڏي نڪري هلون

تنهن مٿان ڀوري ڪڪر ڏي نڪري هلون

هل ته نڪري هلون ڪنهن نئين ماڳ تي.

 

غزل

 

برف ڄمندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ،

عمر وڌندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

هو منهنجي آهه محبوبا يا ڪائي عام عورت آ،

پري ڀڄندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

اڳي جا، جان هئي منهنجي سدا مهمان هئي منهنجي،

هينئر ٽهندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

اڳي سيني سان لڳندي هئي، ڪڏهن ڀي ڪانه ڪنبندي هئي،

هينئر ڪنبندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

اڳي کنگهندي نه هئي ڪنهن کي، حسن تي ناز ايڏو هوس،

هينئر کنگهند وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

هدايت ڀڄ پري پوڙها، هينئر ساڳيو رهيو ناهين،

ائين چوندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ.

 

لُڙڪ ۽ مُرڪ

 

لُڙڪ ۽ مُرڪ جو ميلاپ گهڻو مشڪل آ

لُڙڪ نيڻن ۾ اچن ٿا جنهن وقت

مُرڪ چپ چاپ چپن تان ٿي وڃي ٿي غائب،

۽ جڏهن مُرڪ چپن تي ٿي اچي رقص ڪري.

لُڙڪ نيڻن مان وڃن ٿي غائب

لُڙڪ ۽ مُرڪ ڪڏهن ساڻ نه ايندا آهن،

لُڙڪ ۽ مُرڪ جو ميلاپ گهڻو مشڪل آ

پر ڪڏهن ڪائي خوشي اهڙي ڀي ايندي آهي

ماپ ۽ تور جي هر ڳالهه هلي ويندي آ

ڪنهن به منطق جي مڙهيل ماپن کان

سا خوشي ڇير جا ڇڻڪار ڪري ايندي آ

لُڙڪ ۽ مُرڪ ٻئي ساڻ هليا ايندا هن

لُڙڪ ۽ مُرڪ جو ميلاپ ڀلي مشڪل آ

لُڙڪ ۽ مُرڪ ڪڏهن ساڻ به ايندا آهن.

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

 

غزل

 

روز اندران ٽُٽي رهيو آهيان،

موت کي ڄڻ ڏسي رهيو آهيان.

جِسم هڪ هنڌ رُوح ٻئي پاسي،

بيوسيِ ساڻ جي رهيو آهيان.

ٽاڪا تاريخ کي، هڻان ويٺو،

وقت توکي سِبي رهيو آهيان.

رقص مُنهنجو آ رقص درويشان،

مَست آهيان نچيِ رهيو آهيان.

ربّ تُنهنجا ڪروڙ شُڪرانا،

هُن جي دل ۾ رهي رهيو آهيان.

موٽ ڪانهي خليل عارف ڪا،

ته به مُسلسل لکي رهيو آهيان.

 

غزل

 

پاڻ کان بي خبر ته ناهيان؟

روشني جو سفر ته ناهيان!

سُک ڏسان ئي نه ٿو ڀلا ڇو؟

درد جي رهگذُر ته ناهيان.

ڄائي ڄَم کان شريف هُوندي،

شهر ۾ معتبر ته ناهيان.

واٽ ڪنهن جي ڏسان ٿو ويٺو،

حشر جو مُنتظر ته ناهيان.

تلخّ ڇو ٿا رکو رَوّيو،

دوستو! جانور ته ناهيان.

هڪ گهڙي ۾ پڙهڻ گهرُو ٿا،

ايترو مُختصر ته ناهيان.

شهر ڪيڏو خليل عارف!

ڪنهنکي ايندو نظر ته ناهيان.
 

غزل

 

سِڪ ۾ جيئن شدّت ٿئي ٿي،

عشق ۾ حِدَت ٿئي ٿي.

جيڪڏهن ڪردار اُجرو،

لوڪ ۾ عِزّت ٿئي ٿي.

لفظ جي تقديس ڀي آ،

اُن جي صحّت ٿئي ٿي.

دل ڏيون ٿا، دل وَٺُون ٿا،

ڪينَ ڪا لکّت ٿئي ٿي.

پيار ۾ آڻيان ملاوٽ،

ڪين هي بِدّت ٿئي ٿي.

شعر ٿو عارف وڻي سو،

جنهن ۾ ڪا جِدّت ٿئي ٿي.

 

وائي

 

گهڙي مٿان گَهڙو،

پَڙو لُڏيس پَنڌ ۾.

 

ساماڻي آ سانوري،

ماڻهن لئه ڳڙو،

پَڙو لُڏيس پنڌ ۾.

 

گُهمڻ آئي گَج سان،

موهن جو دَڙو،

پَڙو لُڏيس پنڌ ۾.

 

مُون ڏي ٿي مُرڪي ڏسي،

ساڙو لا سڙو،

پَڙو لُڏيس پنڌ ۾.

 

ڪامڻ عارف قرب جو،

چاڙهي وئي ڪَڙو،

پَڙو لُڏيس پنڌ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org