سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:23

فهيم نوناري

 

 

 

مير حاجن مير ۽ نيرا خواب

 

انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Man known with company“ ماڻهو پنهنجي سنگت ساٿ ۽ دوستن سان سڃاتو ويندو آهي. ٻي چوڻي آهي ”جهڙو ماحول اهڙا خواب“ اسان جي هِن برجستي شاعر جا خيال ۽ خواب ريشمي تندن سان اُڻيل آهن، جيڪي انساني جذبن، خيالن، اُڌمن ۽ محسوسات کي ڇهندڙ ۽ سوچڻ جي دعوت ڏيندڙ آهن، مير حاجن جي شاعري جي ترنم، رديف، ڪافئي، بحر ۽ وزن جاچڻ کان اڳ صرف هُن جي ڪومل ۽ نرمل جذبن ۽ شاعري خاطر خاص چونڊيل دل ۽ دماغ کي ڇهندڙ موضوعن تي نظر وجهجي ته هوند ماڻهو بهار جو دِلرُبا جهُوٽو محسوس ڪندو. جرمن چوڻي آهي ته سٺيون ڳالهيون ۽ بهار جي موسم سدا ياد رکڻ گهرجي.

ڏِسو! ڇا ته شاعرانه موضوع آهي: نيرا خواب، سار خوشبو، رات تنها هيڪلائي، چانڊوڪين ۾ چاهه لُڇي ٿو، آءُ ندي جيان ڇُلي، شال هلندو رهي روشني جو سفر، شيشا رستا سارا، تاريخن جو شيشو ميرو، هِن جي کوليا وار هوا ۾، آڪاش کلي هيٺان، سانول موٽ سِگهو ۽ سانوڻ جا سڏڪا ۽ ٻيا گهڻا سارا موضوع.

مير حاجن خوابن جي دنيا جو برجستو انسان ليکجي ٿو، اهو ڏس اسان کي هُن جي شاعريءَ جي ڪتاب ”نيرا خواب“ ۽ ”رنگ خوشبو ۽ گل“ جهڙن موضوعن جي چونڊ مان ملي ٿو. هڪ شاعر جي ميراث خواب ئي هوندا آهن. هوند خواب ۽ خيال انساني زندگي مان خارج ڪري ڇڏجن ته ماڻهو هڏن ۽ گوشت جو بوتو بڻجي ويندو. سائنسدان ۽ شاعر اُهي عظيم ليکيا ويندا آهن جن وٽ وڏا وڏا پربت جيڏا Ideas & Dreams خواب ۽ خيال هجن ۽ گهڻو گهڻو اڳتي هلي وقت (Age-زمانا) انهن کي عمل جي سانچي ۾ آڻي عظمتون ۽ شان بخشيندا آهن. مير حاجن به اُنهي اُٿل پُٿل ۽ انقلاب جو ڏس ڏئي ٿو:

انڌ سان اوندهه سان

دودا روز لڙن، آڻينداسي سوجهرو،

دل چاهي ٿي رخ هوا جو زوري موڙيون،

دل چاهي ٿي رات جا ڪارا پردا ٽوڙيون.

اسان جو هي شاعر حسناڪين جو رولاڪ آهي، جيڪو سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي پاتال مان هيرا ۽ موتي ميڙي اسان کي آڇي ٿو. ”نيرا خواب“ ڪتاب جو نالو ئي پاڻ ۾ سانوڻ جي مند جهڙو دلڪش ۽ رنگين منظر پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙ هوند موضوعن جي چاشني وٺڻ لاءِ ڪتاب اندر گهڙي پوي ٿو، وري ڪتاب جو جاذب نظر ٽائيٽل نيري، گلابي ڳاڙهاڻ واري رنگن تي انساني اک، گل ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ مختلف (Abstract) شڪلون ماڻهوءَ کي مشاهداتي (Observation) عمل تي آماده ڪن ٿيون. ڪتاب جي ضخامت عالمي معيار (International Standard) مطابق آهي. صفحا ڪل 127 ڏنل آهن. پڪي جلد ۾ ڪتاب جي عمر ڳچ وقت تائين پائيدار رهندي. ڪتاب ۾ ڪُل 83 نظم، ٽيڙو، وايون ۽ غزل ڏنل آهن.

مير حاجن مير شخصي طور ڏاڍو دلربا ۽ ملنسار ماڻهو آهي. اسان جي ڀيڻ ج.ع.منگهاڻي لکي ٿي ته ”مير حاجن مير جي شاعري مون کي گهڻن سنڌي شاعرن کان پختي ۽ گهري لڳي ٿي.“ اسان جو ٻيو شاعر وسيم سومرو، مير حاجن مير لاءِ لکي ٿو ته”تخليقي شاعري ذهن ڌنڌاڙي ڇڏيندي آهي. تخليقڪار رڳو حال جي ترجمان نه هوندو آهي، اها ماضي سان گڏ مستقبل جي آئينه دار به هوندي آهي، جيئن مير حاجن مير جي هيءَ وائي آهي:

دل جي گهايل گهاٽ تي،

نيٺ چمڪي چنڊ پوندو!

نيٺ پنهنجي ديس تي،

ڪاري ڪاري ٻاٽ تي.

نيٺ چمڪي چنڊ پوندو!

 

بر ۾ باهيون ٿيون ٻرن،

ٿر جي واري واٽ تي.

نيٺ چمڪي چنڊ پوندو!

(مير حاجن مير)

يوسف سنڌي، مير حاجن جي شخصي/روپن بابت لکي ٿو ته ”مير حاجن مير هڪ کلمک، يار ويس، مهربان هڏ ڏوکي ۽ قلندر جي نگريءَ جو رهاڪو هئڻ ناتي قلندارانه طبيعت جو مالڪ آهي.“ وڏو سچ آهي ته مير حاجن ۾ مٿيان سڀئي گُڻ سَرس آهن.

جکرا جيئو شال

مندي نه سُڻان تنهنجي.

(شاهه)

 

 

انور ساگر هَڪڙو

 

سنڌوءَ جا قديم وهڪرا، سنڌ جي تاريخ جا نوان ورق اٿلائي ٿو

 

محقق ۽ ترقي دانشور پروفيسر شير خان سيلري جو تازو ”سنڌوءَ جا قديم وهڪرا“ جي نالي سان ڪتاب شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي، اهي اهم باب سنڌو درياهه، هاڪوڙو درياهه، مهراڻ درياهه، پراڻ درياهه، سهڻي وارو درياهه، ۽ ڦٽو درياهه جي عنوان سان تحقيقي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، ڪتاب جي ڪاميابي اها آهي، جو بڪ اسٽالن تان تڪڙو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڇو ته هن وقت سنڌ کي اهڙي قسم جي تحقيقي ڪتابن جي وڌيڪ ضرورت آهي، ٻيو ته هن ڪتاب شايع ٿيڻ سان سنڌو سڀيتا ۽ سنڌو درياهه جي تاريخ جا نوان بحث کلي پيا آهن، اهو ان ڪري جو ڪتاب جو بنيادي ماخذ وهڪرا آهن، ۽ وهڪرن جي نشانن کي ڪو به ختم نٿو ڪري سگهي، انهن وهڪرن جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ کي نئون موڙ ڏئي سگهجي ٿو، جيئن هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي سڀني نشانبر موضوئن تي مثبت نتيجا ڪڍي، سرزمين سنڌ جي اصل باشندن کي چٽو ڪيو ويو آهي، هي ڪتاب ان ڪري به اهم آهي جو مستشرقن توڙي ٻاهرين حملا آورن سنڌ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان سنڌو درياهه جي وهڪرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تي ڪتاب پڻ لکيائون، پر ان ۾ گهڻو مواد موجوده سنڌو درياهه جي وهڪري بابت آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته هي ڪتاب سنڌو جي قديم وهڪرن تي پهريون تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، ڪتاب جي اهميت رگويد ۾ آيل هيٺين سٽن مان معلوم ڪري سگهجي ٿي:

اي سنڌو،

جهڙي طرح کير سان ڀريل ٿڻن واريون سئائون ڍڳيون، پنهنجن ڦرن کي کير پيارڻ لاءِ ڊوڙنديون اينديون آهن، اهڙي طرح الڳ الڳ نديون ٻين جاين تان جهجهو پاڻي کڻي رنڀنديون تو ڏانهن اچن ٿيون (رگ ويد)

ڪتاب ۾ سنڌ جو جنم ساڍا تيرنهن ڪروڙ سال ٻڌايو ويو آهي، سنڌو لفظ جي ٺيٺ سنڌي ۽ مطلب درياهه لفظ طور ڪڍيو ويو آهي، ڪتاب ۾ سنڌو جو منڊ ڪيلاش کان 40 ڪلوميٽر اتر طرف سينجي خباب يعني ”شينهن جو وات“ آهي، هن جاءِ کي سنڌو جو منڍ يا منهن ڄاڻايو ويو آهي، نوجوان جيڪي نوڪري حاصل ڪرڻ واسطي مقابلي وارن امتحانن لاءِ پڙهن ٿا، انهن کي هن ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته سنڌو شينهن جي وات مان نڪري، اتر طرف وهي ٿي ۽ پوءِ ڦري، ڏکڻ طرف وهي اچي ڪيٽي بندر وٽان ٻن حصن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، ان کان علاوه ڪتاب مان شاگردن کي جاگرافيائي حدون سنڌ جي ماڳن مڪانن ۽ شهرن جي درست لوڪيشن ۽ طرفن جي ڄاڻ ملي سگهي ٿي، ڪتاب ۾ موهن دڙو جي دور جي مرڪزي درياهه جو پيرائتو مشاهدو بيان ڪندي، وهڪرن جا آثارن نقشن سان ڏنا    اٿس، هن حصي ۾ لکيو اٿس ته، ”موهن جو دڙو جي دور ۾ قديم سنڌو ۽ هاڪڙو جا ٻه دريائي سلسلا ايندا هئا، موهن جو دڙو جي دور قديم درياهه ڪشمور کان جيڪب آباد ۽ اتان لاڙڪاڻي جي الهندي پاسي وهندو هو، ڪشمور وٽان اڀرندي طرف نارو نڪرندو هو، جنهن کي اڀرندو نارو چيو ويندو هو ۽ ان کان اولهندي طرف نارو نڪرندو هو، جنهن کي اولهندو نارو چيو ويندو هو.“ محقق ان سان گڏ وهڪرن جي نشانن ۽ آثارن جي مدد سان ڌامراهو جو دڙو، آڏت جو دڙو، دوداڻڪو دڙو، جهڪر جو دڙو، ۽ چوٽياري جو دڙو کي موهن جو دڙو، جا همعصر دڙا ڪوٺيو اٿائين، هن تحقيق تي پڻ سنجيده بحث شروع ٿي چڪا آهن، ان ڪري هن ڪتاب جي مطالعي مان موهن جو دڙو جي همعصر دڙن بابت نئي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته هاڻي وهڪرن جو مدد سان سنڌ جي تاريخ جا نوان ورق اٿلائي سگهجن ٿا، ڪتاب ۾ ڪجهه لغوي بحث پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڪتاب ۾ مهين جو دڙو يا موئن جو دڙو کي محقق دليلن سان موهڻ جو دڙو قرار ڏنو آهي، يعني ڪشش وارو دڙو. اها تحقيق جيڪا ٻين محققن ڪئي ته، هي موئن جو دڙو يعني مئلن جو دڙو آهي، موهن جو دڙو جي کوٽائي مان ڪو ڪو انساني ڍانچو ملي نه سگهيو آهي، ڪو قبرستان به نه مليو آهي ته پوءِ هن دڙي کي مئلن جو دڙو ڪيئن ٿو چئي سگهجي، ۽ مهين جو دڙو يعني منڊ وارو دڙو جي مفروظي کي اهو چئي رد ڪري سگهجي ٿو ته ٻين همعصر دڙن جا نالا ”پوءِ وارو دڙو“ يا ”نئون دڙو“ ڇو نه آهن، ان ڪري محقق جي اها راءِ ته هي موهڻ مان موهن جو دڙو يعني ڪشش رکندڙ دڙو درست معلوم ٿئي ٿي، ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ابتيون ڳالهيون سبتيون ڪيون ويون آهن، هن ڪتاب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي، ڪتاب جي پهرئين باب ۾ قديم سنڌو جي وهڪري جي ذڪر کان پوي هاڪڙي دريا جو اوج ۽ سڪي وڃڻ جو احوال رقم ڪيو اٿائين، مون کي اهو پهريون دفعو پڙهڻ لاءِ مليو ته هاڪڙو به قديم سنڌو جو هڪ وهڪرو هو، هن باب ۾ آرين بابت پنجن نظرين، (1) آريا سپت سنڌو جا هئا (2) اتر قطب کان آيا (3) تبت کان آيا (4) آسٽريا هنگري کان آيا (5) وچ ايشيا کان آيا

انهن پراڻن نظرين کي دليلن سان رد ڪندي ثابت ڪيو ويو آهي ته آريا موهن جو دڙو جي تهذيب ۽ سنڌ ڌرتي جا هئا، آريا لفظ جو اشتقاق آڻيندڙ يعني ڌن آڻيندڙ ڪڍيو ويو آهي؛ ۽ دراوڙ کي ڌنار ڪوٺيو ويو آهي، هنن لفظن جي ڀاڃ لغت تي مروج طريقي سان ڪئي وئي آهي، باب ٽئين ۾ مهراڻ لفظ جي ڀاڃ، مهه يعني منهن، ۽ راڻ يعني ڦاٽ يا درياهه تي ڦاٽ ڪڍي وئي آئي آهي، مهراڻ سپت سنڌو اتر پنجاب کان شروع ٿي، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو شهداد ڪوٽ، وارهه، ميهڙ، جوهي، منڇر، سيوهڻ، حيدرآباد، ٺٽو، گهارو ڀنڀور کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هن باب ۾ ڪينجهر ڍنڍ بابت لکيو اٿس ته، ”ڪينجهر ڍنڍ ناهي بلڪي ڪينجهر به ڪنهن زماني ۾ مهراڻ جي پيٽ هئي“، هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ نامور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاه بخاري چيو ته، ”اهو پهريون دفعو آهي جو اهڙو ڪتاب شايع ٿو آهي، جنهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارن وهڪرن جي آثارن تي پيرائتو ڪم ٿيو آهي، ان کان اڳ سنڌو جي کاٻي پاسي جي وهڪرن تي ڪجهه ڪم ضرور ٿيو آهي“، هن ئي باب ۾ ٻروچن ۽ ڄامو ٽن بابت بنياد مغالطا ۽ تظاد ختم ڪرڻ لاءِ اهم ۽ ڪارائتي تحقيق سرزمين سنڌ جي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڏني اٿائين، ٻروچن کي لفظن جي ڀاڃ، سنڌو جي قديم وهڪرن، ۽ شاه لطيف جي بيتن مان کين اصلن سنڌي ثابت ڪيو اٿس، ۽ بلوچن کي اسپارٽا جهڙي سکيا ورتل دلير فوج سان ڀيٽيندي، تحقيق جي الجهيل سٽ کي نئي انداز ۽ ثابت قدمي سان سلجهائڻ جي ڪارائتي ڪوشش ڪئي اٿس، ان سان مسقبل ۾ سنڌ واسين کي اهو فائدو پوندو جو سنڌ مخالف قوتن کي سنڌي ٻروچ تظاد اڀارڻ ۾ ڪاميابي ملي نه سگهندي ۽ سنڌين جي وحدت کي نقصان پهچائڻ وارن کي پذيرائي ملي نه سگهندي، ڇو ته هن وقت سنڌي ۽ بلوچ پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪري هڪ ٿي چڪا آهن؛ مٿان وري هي ڪتاب انهن سازشن کي ختم ڪرڻ لاءِ سونهون ثابت ٿيندو.

پراڻ واري باب ۾ محقق لکي ٿو ته، پراڻ جو مطلب پراڻو يا قديم آهي، ان جا آثار اڄ به ميرپور خاص نئون ڪوٽ ۽ جهڏي جي وچ تي آهن، پراڻ جي دور بابت لکندي: ٻڌيه دور، رائي گهراڻي جي دور، ۽ عربن جي دور تي محقق رائي زني ڪئي آهي، ۽ ديبل بندر جهڙي اهم موضوع تي قلمڪاري ڪئي اٿس ڪتاب ۾ دليل بازي ڪندي، نندي ويجهو ونگي وٽ جيڪي ٻيٽ آهن، انهن کي ڪيٽيون چيو وڃي ٿو ۽ اتي ئي راوڙ قلعي جي لوڪيشن ٻڌائي وئي آهي، ليکڪ محققن کي دعوت ڏئي ٿو، ته، جيڪر هتان هنن آثارن جي کوٽائي ڪرائي وئي ته سنڌ جي تاريخ لڪل راز ظاهر ٿي سگهن ٿا.

سهڻي واري درياهه جي باب ۾ محقق عربن جي دور ۾ موجود وهڪرن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ لکيو اٿس ته، ”اهو سنڌو جو وهڪرو ئي هو؛ جنهن جي رخ تبديل ٿيڻ سان عرب سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهيا ۽ آخرڪار کين سنڌ ڇڏڻي پئي“، سهڻي واري درياهه جو ذڪر ڪندي محقق لکيو آهي ته، ”پراڻ سڪو ته ان جي ڇاڙهه مان سهڻي وارو درياهه وهڻ شروع ٿيو، راجا ڏاهر جي دور ۾ هن ڇاڙهه کي درياهه وارو اوج ملي چڪو هو، هن باب ۾ سومرن جو ڌاتو سوم يعني؛ چنڊ جي پوجا يا عبادت ڪندڙ لکيو اٿس ۽ وهڪرن جي تحقيق مان، سومرن کي هتان جا مقامي لوڪ ثابت ڪيو اٿس، ۽ سومرن جي مذهب بابت لکيو اٿس ته، ”سومرن شروع ۾ ٻڌ مذهب اختيار ڪيو هو“، هن ڪتاب مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اڳ واري تحقيق ته، سومرا عرب نسل جا آهن، ۽ عراق جي شهر سامرا کان آيل آهن، رد ڪري سگهجي ٿي، هي درياهه خيرپور، هالاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، نوشهرو فيروز، دولت پور، سڪرنڊ، شهدادپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار، ڙحمڪي بازار، وڳهه ڪوٽ کان ڦري وڃي ڪوري ڪريڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو،

آخري باب ۾ ڦٽي دريا جي جنم، اوج ۽ سڪي وڃڻ تائين جو ذڪر ڪندي 192 صفحن تي مشتمل ڪتاب مختصر نويسي جا سهڻا مثال قائم ڪيا اٿس، ڦٽو دريا يعني ڦٽل درياهه، هي درياهه موجوده دريا کان اڳ وهندو هو، ڦٽو شهداد ڪوٽ کان 15 ڪلوميٽر اتر ۾ مرڪزي دريا کان اولهندي طرف مڙي، ٺٽي وٽان سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو هن باب ۾ سنڌ جي تاريخ کي سلجهائيندي محقق لکيو آهي، ”نئون دريائي وهڪرو ٺٽي واري علائقي کان ڏانهن وهڻ شروع ٿيو، جتي سما معاشي طور مظبوط ٿيا، ۽ ٿوري وقت ۾ حڪومت جو واڳون ورتائون، هي دريائي ڦيرو لڳ ڀڳ 1325ع ڌاري آيو، ۽ سومرن جي دور جو خاتمو 1350ع ۾ ٿيو ۽ جتان سمن جو دور شروع ٿيو. 1778ع ۾ سنڌو دريا پنهنجو رخ متائي موجوده هالا نصرپور وارو رخ ڇڏي، موجوده ڄام شوري. حيدرآباد روٽ اختيار ڪيو، ان سان لاڙ جو آبپاشي نظام ختم ٿي ويو، پر سنڌ جي حاڪم غلام شاه حالتن کي سنڀاليندي، حيدرآباد شهر جو بنياد رکي ڇڏيو“ پر پوءِ سست ئي ڪلهوڙا ڪمزور  ٿيندا ويا. محقق ڦٽي دريا جي ذڪر ۾ سمن ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جي دور، اڀرندي ناري ۽ ريڻ جي مشاهدن جو احوال تاريخي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هن باب ۾ سمن جو ذڪر ڪندي محقق لکيو آهي تته: ”سنڌ جي ڪجهه تاريخدانن سمن جي نسلي تسلسل کي سماٽ ڪوٺيو آهي، ۽ انهن کي اصلي ڪري لکيو آهي؛ باقي ماڻهون ٻاهران آيل ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن مان سنڌي قوم جي ورهاست جي بوءِ اچي ٿي، سنڌين کي الڳ ڪري بيهارڻ سنڌي قوم لاءِ غلط آهي، سما به هن سنڌي قوم جو حصو آهن“ هي ڪتاب پنجاب جي انهن تاريخدانن ۽ دانشور ۽ حڪمرانن لاءِ منهن ٽوڙ جواب آهي، جن اهو نظريو قائم ڪيو آهي ته، اصل سنڌي فقط باگڙي ۽ ڀيل آهن، پر هي ڪتاب انهن لاءِ پيغام آهي ته، سنڌ ۾ موجوده وقت ۾ رهندڙ اڪثر قبيلا اصلي سنڌي آهن

ڪتاب ۾ 68 ڪتابن جا حوالا ڏئي، تقريبن 200 ڪتابن مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ انٿراپالاجي، جاگرافي ۽ تاريخ بابت اهڙو مواد ڏنو ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ بحٿ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي پيئڻ ٿا ۽ ان سان بيپناهه پيار ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org