سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:17

شبنم گل

 

 

 

پنهنجي لُڙڪن ۾ اُڃايل منڇر

 

شام سمي ائين ٿو لڳي ڄڻ منڇر جو پاڻي اداسين ۾ ويڙهجي ويو هجي. ڪڏهن منڇر جي ڪنارن تي لانچن جون قطارون ڪنول جيان پيون جهومنديون هيون. ان وقت منڇر جو مٺو پاڻي آب حيات مثل هو، زندگي ورهائيندڙ......

پاڻي جي لهرن مٿان مهاڻن جي اکين جا خواب جرڪندا آهن. زينا ليٽي پئي آهي ۽ سانول جيراهه تڪي ويٺي. شهر وڃي الاءِ ته ڪٿي وڃائجي وڃي ٿو. اڄ ٻارن جا ڪپڙا ۽ شيون وٺي ايندو ٻارڙن جي چهرن تي اوسيئڙو ڦهليل آهي، جيڪي ويجهو کيڏي رهيا آهن. شام جو وقت سڀني لاءِ گهر واپس ورڻ جو ٿئي ٿو. سج لهڻ کان اڳ منڇر جي ننڊاکڙي زندگي ڄڻ ٻيهر جاڳي پئي هجي. آسمان تي پکين جا لامارا وڌي وڃن ٿا. ڄڻ آکيري جو گهرو سڪون کين سڏيندو هجي. زينا کي بخار هو. جسم ۾ تيز سور جون سٽون محسوس ڪندي پاسو ورائي ٿي. زينا جي عمر ٽيهه سال کن هوندي چهرو سانورو، پر من موهڻو اٿس. اکين ۾ منڇر جي پاڻين جهڙي گهرائي جنهن ۾ من ٻڏندو ترندو رهي. ڪمزور وجود ڄڻ ساهه به ڏکيائي مان کڻندي هجي.

منڇر جي برباديءَ کانپوءِ ڪيترن مهاڻن ٻيڙين جي رهائش ڇڏي وڃي ڳوٺ ۾ اندر جهوپا اڏيا، پر زينا کي پنهنجو گاليو (ٻيڙيءَ ۾ گهر) پسند هو. جنهن ۾ آسمان جو منظر صاف نظر اچي ٿو.

هر طرف وسعت جو احساس هجي ته اندر جي مونجهه کي ساهه کڻڻ جو رستو ملي وڃي ٿو.

هيءَ هڪ ڪشادي ٻيڙي آهي، جنهن جي ڇت آسمان آهي.

سندس گاليو منڇر جي ٻين گالين کان مختلف آهي. اها سِکن واري دور جي يادگار آهي. جنهن ۾ رهڻ جا مختلف حصا آهن. جئين هڪ طرف سمهڻ وارو ڪمرو آهي. ڪنڊ ۾ رنڌڻو آهي. فرش تي ڀرت واريون چادرون ۽ رليون وڇايل آهن. جيڪي گهرڌياڻي جي سليقي جي ترجماني ڪن ٿيون. اُهي چادرون ۽ رليون سندس سس بختاور جي ياد ڏيارين ٿيون. سندس سُهرو مٺل به جاکوڙي، سُکيو ستاو ۽ وڏي دل وارو هو.

”بابا اچي ويو..... بابا اچي ويو“، ٻارن جي رڙين تي هوءَ ڇرڪي اٿي ويٺي. گهڙي پل لاءِ اک لڳي وئي هئس. سڄي پگهر ۾ وهنجي وئي هئي. هوا جي تيز جهوٽي سان سيءَ ۾ وڪوڙي وئي ۽ ڪنبڻ لڳي. ٻار ڀڄندا آيا ۽ پيءُ کي ماکيءَ جي مک جيان وڪوڙي ويا. جئين ئي سانول جي زينا جي هيڊ هاريل چهري تي نظر پئي ته پريشان ٿي ويو.

”اڃا بخار اٿئي ڇا؟“ زينا جي مٿي  تي هٿ رکي ڏسي ٿو. زينا جو مٿو ٽاميءَ جيان تپي رهيو هو.

”دوا کاڌي اٿئي؟“ سانول پريشان ٿي پڇي ٿو.

”ها کاڌي اٿم“ زينا جهيڻي آواز ۾ چيو.

سانول کيس سامان جون ٿيلهيون ڏنيون. زينا شيون ڪڍي ٻارن کي ڏنيون ته ٻارن جي ڪوماڻيل چهري تي سرهائي وکري وئي.

زينب ڪنڊ ۾ خاموش ويٺي هئي. زينب پيءُ جي اچڻ تي ڪنهن به قسم جي خوشيءَ جو اظهار نه ڪيو، زينا سندس طبيعت جي باري ۾ فڪرمند ٿي وئي.

زينا کي زينب جي خاموش دل ۾ ڪنڊي حيان چُڻ لڳي.

زينب يارهن سالن جي هئي، پر هوءَ عمر کان وڏي لڳندي هئي. زينا جي بيماري جي صورت ۾ گهر جو سڄو ڪم ڪارزينب ڪندي هئي.

منڇر تي ڏکين ڏينهن جا سايا هئا. زينا رليون ٺاهيندي هئي. شهر مان هڪ بيگم صاحبه رلين جا پئسا موڪليا هئا. انهن ئي پئسن مان ٻارن جا ڪپڙا ۽ شيون گهرايون هئائين. پاڻي کي به ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻو هئس، پر پاڻ کي نظرانداز ڪري ٻارن جي خوشيءَ کي فوقيت ڏني هئائين. منهنجو ڇاهي. مان ته روز بيمار ٿيو پوان. بيماري به پئسو ٿي کائي. دوا وري ڪهڙو چاڪ ٿي ڪري. زينا ٻارن ڏانهن ڏٺو جتي گلو، منو ۽ ننڍڙي مومل مزي سان کٽمٺڙا کائي رهيا هئا. اندر ۾ ٿورو اطمينان لهندي محسوس ڪيائين. گاليو به ممتا جي روشنيءَ ۾ ڪرڻا ڪرڻا ٿي جرڪي اٿيو.

منڇر تي ڪيتريون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون هيون. ڪئي ماڻهو منڇر مان ڪمائي لک پتي بڻجي ويا هئا. سندن نصيب جاڳي پيا، پر مهاڻن جو نصيب سُتل رهيو. زينا کي مٿي ۾ سور وڌندو محسوس ٿيو. سانول کي زينب چانهن ٺاهي ڏني هئي. هن جي آڏو به هڪ ڪوپ آڻي رکيائين. هوريان هوريان چانهن پيئڻ لڳي. اڄڪلهه سندس گهر ۾ جهيڙو متل هو. سانول سمنڊ تي وڃي ڪمائڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. سمنڊ جو نالو ٻڌڻ سان زينا کي اچي ٿو بخار ورائي. اهو ڏينهن ياد اچي ٿو وڃيس جڏهن مهاڻا صدوري (سانول جي ننڍي ڀاءُ) کي سمنڊ ۾ ڳوليندا رهجي ويا ۽کين اطلاع مليو ته صدوري کي انڊيا جا فوجي کنڀي کڻي ويا هئا. چانهن جو آخري ڍڪ ڀري زينا ٿڌو ساهه ڀريو. مٿو ڳرو ٿيڻ ٿو لڳيس. جئين لاٽون گول گول ڦرندو هجي. ٿوري دير لاءِ ليٽي پئي. ليٽندي ئي ننڊ اچي ويس. ننڊ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ رات ٿي وئي. اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺائين جتي ستارن جون ڏياٽيون ٻري رهيون آهن. ٻوڙ جي ڀُڃڻ جي خوشبو منڇر جي ککيءَ جهڙي تن سان ملي فضا ۾ لڙي ٿي. هر طرف ٻارن جو گوڙ ۽ رانڀاٽ لڳا پيا آهن، ڪي ٻار اوندهه ٿيڻکانپوءِ گهڻو روئين ٿا. منڇر جو پاڻي وهه ٿيڻ بعد مهاڻن ۾ بيماريون وڌيون آهن.

ٻيڙين ۾ ٽنگيل لالٽين جي روشني ڇڻي پاڻي تي پوي ٿي. چنڊ بنان منڇر جون راتيون هيبتناڪ لڳن ٿيون. وقت به هوريان هوريان گذري ٿو سلهه ورتل ڪنهن مريض جيان......

زينب ڀيڻ، ڀائرن ۽ پيءُ کي ماني کارائي ڇڏي هئي. ماءُ کي ڪافي سڏ ڪيائين، پر زينا جواب نه ڏنس. پاڻ ماني کائي ڪم ڪار مان واندي ٿي اچي ماءُ جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳي.

نٽهڻ اُس ۾ ٿڌي ۽ گهاٽي ڇانوري جو احساس زينا جي اندر ۾ لهي آيو.

صبح جو ڀنڀرڪي ويل زينا جي اک کلي ته مهاڻا رات جو پوکيل ڄار ڪڍڻ لاءِ نڪري رهيا هئا. سرمئي ڪوهيڙي جي پٺيان نارنگي سج نڪري آيو. ڄڻ پتاشن ورهائڻ وارو وڏو ٿال هجي. منڇر جي اوسي پاسي وڻ ۽ ٻوٽا ختم ٿي چڪا آهن، پر منڇر جي خالي پڻي ۾ به هڪ وقار نظر اچي ٿو. جڏهن منڇر اوج تي هئي ته ان پاڻيءَ ۾ طرحين طرحين جا ٻوٽا پيا ترندا آهن. هر قسم جي مڇي هئي. موراکو، ڄرڪو، ڪرڙو، گندڻ، سينگاري ۽ ٻيا ڪيترائي قسم هئا. زينا هڪ ڊگهو ساهه کنيو.

پاڻي کاري ٿيڻ کانپوءِ مڇيءَ جا چند قسم وڃي وڃي بچيا آهن. هر سٺو دور الاءِ ته ڇو هڪ ياد بڻجي رهجي وڃي ٿو. ٻئي پاسي منڇر جا وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ گاهه به لوڻياٺي پاڻيءَ جي زهر ۾ ختم ٿي ويا آهن.

”هاءِ ڙي منڇر تنهنجا جوڀن ڏينهڙا“ زينا جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. لڙڪن جي اولڙي ۾ منڇر به ڌنڌلي ٿي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. جيستائين لڙڪ لڙي ڳلن تي ماڪ ڦڙن جيان وکري ويا.

مهاڻا ائين صبح شام منڇر کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏين ٿا.

”زينا..... اور زينا.....“ سانول رڙڪئي ۽ هوءَ خوفزده ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي. ”ڪهڙين سوچن ۾ گم ويٺي آهين. اٿ اٿي نيرن ٺاهي ڏي. خبر نه اٿئي ڇا ته مون کي اڄ ساجهر نڪرڻو آهي.“سانول ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي.

زينا اُٿي چانهن تيار ڪري سانول کي ڏني پوءِ نيرن ٺاهڻ لڳي. هڪ ننڊاکڙو ٿڌو جهوٽو منڇر جي گهرائيءَ کي ڇُهي زينا جي من ۾ هُرڻ لڳو. مامتا جي جهوليءَ جهڙو هڳاءُ......

سانول چانهن پيئندي ڀڻڪيو ٿي. هاڻ هو پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هو. منڇر کي گهٽ وڌ پيو چوندو هو. ۽ زينا جو من کوري جيان کامڻ لڳندو هو. ڪڏهن چوندو ته مڇي ته منڇر ۾ ملي نه ٿي ڇالاءِ ڪم تي نڪران!“

نيرن ختم ڪري سانول چيو ”جي اڄ مڇي نه ملي ته مان سڀاڻي کان ڪم تي نه ويندس“

”مان سڀ سمجهان ٿي. توکي ڪونه ڪو بهانو گهُرجي سمنڊ تي وڃڻ لاءِ“

ٻيا مهاڻا جيڪي لانچن تي ڪمائڻ ويا آهن. سي سکيا ستابا ٿي ويا آهن. رڳو تون ڪِرڪِر لائي ويٺي آهين. سڄي راڄ ۾ پڙهو ڏنو اٿئي ته ڪا واهر ڪريو سانول وڃي ٿو لانچ تي ڪمائڻ.“

سانول ڏند ڪرٽيندي چيو ته زينا اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي ”بس ڪر ٻيلي رونه.....“ سانول نرم ٿيندي چيو. ”اهو سمنڊ نه پر هڪ وڏو واڳو آهي، ڪيئن صدوري کي ڳهي ويو. هاڻ ڇڏائي اچينس ته هندوستان جي جيل مان....“

گالي ۾ هر طرف اداسي وکري وئي سانول به بيدلي سان اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري ويو.

صبح جا ڪرڻا منڇر جي تن تي جرڪڻ لڳا ته هرسو چاندي وکري وئي. ٻيڙين ۾ زندگي جاڳي پئي آهي. ٻارن جو روئڻ فضا ۾ گونجي اٿيو، مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ نڪري چڪا آهن، اکين ۾ انيڪ خوب سجائي هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڇوڪرين جا ٽهڪڙا گونجيا ته زينا جي من ۾ سرهائي وکري وئي. کل به هڪ اُتساهه آهي. خوابن کان خالي اکين لاءِ........

نيرن جو واس هرطرف ڦهليل آهي. جڏهن گهرن ۾ چلهيون ٻرن ٿيون ته اُها زندگيءَ جي گرمي بڻجي رڳن ۾ ٿي ڊوڙي. چانهن جي تيز خوشبو ننڊاکڙي احساس کي جاڳائي رهي هجي ڄڻ...... زينا هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻي ٿي. منڇر به ڄڻ سندس ساهن جي ڇڪ ۾ ڇُلي ٿي. هن جون اڃايل اکيون منڇر جي لهرن جو درشن ڪندي نه ٿيون ٿڪجن. هن جي ننڍپڻ کان عادت هئي منڇر جي ڇولين سان راند ڪرڻ جي

سانول ڀائرن سان ريس ڪري. اباڻن ڪکن کي پٺي ڏيڻ وارو جي سون ۾ تورجي، پر ڪک مثل آهي. جي بابو مٺل جيئرو هجي ته جيڪر منهنجو پاسو کڻي ها. ٿڌو ساهه ڀري ٿي.

ڪم ڪار مان واندي ٿي ڀرت ڀرڻ لڳي. منڇر جي ماحول ۾ عجيب هلچل مچي وئي. وڏيون گاڏيون اچي بيٺيون هيون. ٻار گاڏين جي شيشن مان اندر جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪي ٻار ٻاهران آيل ماڻهن کان پئسا گهرندا آهن. اهي پينو ٻار ڏسي زينا کي ڏک ٿيندو آهي. ڊرائيور ٻارن کي دڙڪا ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو. سندس سوٽ موسيٰ سان گڏ ڪجهه فيشن ايبل ڇوڪريون ساڻ هيون.

”ادي زينا هِي شهرن مان آيون آهن ڀينرون اخبار ۾ ڪم ڪرن ٿيون چون ٿيون انٽرويو جو ڪرڻ آيونآهيون.“

”ها ها اچو“ زينا جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو.

ڇوڪرين پنهنجو تعارف ڪرايو. ٻه ڇوڪريون هيون ڪنول ۽ رخسانه جيڪي پنهنجي اخبار جي ميگزين لاءِ مهاڻن جي زندگي ۽ عورتن جي مسئلن تي رپورٽنگ ڪرڻ آيون هيون.

”هتي توهان کي سهولتون ناهن پوءِ به ٻيڙين ۾ رهيا پيا آهيو؟“ ڪنول حيرت منجهان چوڌاري ڏسي پڇيو.

”هيءُ اسان جا اباڻا ڪک آهن. اسان ڄاوا ۽ نپنا هتي آهيون. انڪري اسان کي هيءُ گهر پيارو آهي.هتي اسان پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، ڏکي سکي ويل هڪٻئي کي ڪم پيا اچون.

”مڇي مارڻ کان علاوه روزگار جا ٻيا ڪهڙا ذريعا آهن؟ رخسانه پڇي ٿي.

اسان جو گذر سفر مڇي مارڻ تي آهي. ڀرت ۽ رليون به ٺاهيون ٿا. پر رڳو پنهنجي ڪاڻ ان ڪم لاءِ به ته پئسو گهرجي ٿو.“

ڇوڪرين گالئي جا فوٽو ڪڍيا. هيءَ زندگي هنن لاءِ نئين هئي. نئين ۽ خوبصورت.

زينا کي چيائون ته ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ رليون ڏيکاري.

زينا ڪپڙا ڪڍيا ته ٻئي حيران ٿي ويون. هيءُ ته تمام خوبصورت ڪم آهي. توهان چاهيو ته هٿجي هنرن جو ڪم ڪري سگهو ٿا. رخسانه چيو.

هن ڪم به گهڻي محنت آهي پر اجورو گهٽ آهي. زينا ٿڌو ساهه ڀري چيو.

ها زينا تون ٺيڪ ٿي چوين شهر ۾ ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ رليون گهڻيون مهانگيون ملن ٿيون.

ڪنول هزار جو نوٽ زينا ڏاهن وڌائيندي چيو ته ”هيءُ پئسا رکي ڇڏ.“

”نه مان پئسا نه وٺنديس“ هوءَ روئڻ هارڪي ٿي وئي. ڪنول کي احساس ٿيو ته ڄڻ زينا جي عزت نفس مجروع ٿي هجي هن جي ان عمل سان. پر معاملو سنڀاليندي چيائين.

مون کي غلط نه سمجهه زينا مون تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ سوچيو.

”توهان پاڻ منڇر جي ماڻهن کي هٿ ٽنگڻ تي هيرايو آهي. هن شڪايتي لهجي ۾ چيو.

”ڀلا جيڪڏهن هيءَ رلي وٺون ته پوءِ پئسا وٺنديسءَ“ رخسانه پڇيو.

زينا رلي کڻي رخسانه کي ڏيندي چيو ”هيءَ منهنجي طرفان سوکڙي سمجهي کڻي وڃو، پر پئسا نه وٺنديس“

ڪنول ۽ رخسانه سندن ٿورا مڃندي موڪلايو.

زينا به سندن وڃڻ کانپوءِ ڪم ڪار ۾ لڳي وئي.

شام ٿيندي ئي سانول گهر موٽيو ۽ ٻنهي ماءُ ۽ ڌيئرن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. زينب کي بخار۽ مٿي کي ڦيري رهڻ لڳي هئي. کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ڊاڪٽر ٻنهي جي تپاس ڪري کين سائي ٻڌائي، ڪاري ڪامڻ؟“ زينا جي اکين ۾ خوف لهي آيو.

زينا محسوس ڪيو ته سانول جي اکين ۾ قهر جهڙي ڪيفيت هئي.

رات جو ڪم ڪار لاهي هرڪو آرامي ٿيو ته زينا اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي. سانول به تمام گهڻو پريشان هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ منڇر ڪاريهر وانگيان وراڪا ڪري رهي هجي ڏنگڻ لاءِ ڪيترن کي پنهنجي زهر وگهي گهايل ڪري رکيو اٿس.

ماڻهو پنجاب لڏيندا پيا وڃن. گهڻا مهاڻا تربيلا، منگلا ۽ سمنڊ تي وڃي آباد ٿيا آهن.

”هاڻ وڌيڪ هتي نه رهنداسين زينا“ سانول جون اکيون ڳاڙهيون هيون.

”منڇر منهنجي امڙ جهڙي آهي. هنن ڇولين ۾ امڙ ابي جي آسيس ٿي اچي.“

زينا سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ٻاهر چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان ۾ چمڪي رهيو هو. لهرن تي چانڊوڪي ٻڪ ڀري ڀري ڪرڻن جي ورکا ٿي ڪئي. چانڊوڪي زينا جي ڏک کان بيخبر هئي.

”جي زينا هتان نه نڪتاسين ته اسان جي پٿر پيڙهي ته چڙي چڙي مري ويندي! جيئڻ ڪاڻ ته جتن ڪرڻا آهن نه... هيءَ سامهون دٻڻ هجي ۽ جي ٻي واهه به هجي ته ڇا گپ چڪ ۾ ڦاسي مرڻ قبوليندينءَ؟“ تون اهو رستو ڳوليندينءَ جنهن ۾ تنهنجي پيڙهيءَ جو جياپو هجي.“

لفظن زينا جي دل ۾ گهر ڪري ورتو. جي ٻارن کي ڪجهه ٿي پوي ته هن جي حياتي ڪهڙي ڪم جي! موت ته کٽ به ايندو پوءِ سمنڊ کان ڪهڙو ڀو ڪجي.

ٻئي ڏينهن سانول ڪراچي هليو ويو هڪ مهيني ۾ ايترو ڪمائي ورتائين جو منڇر مان مهينن ۾ به نه ڪمائي سگهي ها. دنيا منڇر تي ته ختم نه ٿي ٿئي.!

زينا سامان ٺاهي رکيو هو. سانول کيس وٺڻ آيو ته هيانءُ لاهي وڌائين. ڄڻ گهر ۾ مرتيو ٿيو هجي. سڀني سان روئي موڪلائڻ لڳي. پوءِ ائين لڳس ته ڄڻ پنهنجو بوجهه کڻي ڪناري تي پهتي هجي.

سوزوڪي ۾ سمورو سامان سٿجي ويو، پر زينا ڊوڙي وڃي منڇر جي لهرن ۾ ڪِري ڄڻ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي هجي. هيءُ مهاڻا منڇر جي ڀرسان به اُڃايل هئا.

منهنجي امڙ، منهنجي جيجل......

ائين چوندي رڙين ۾ پئجي وئي.

سانول پنهنجا لڙڪ جهلي نه سگهيو ۽ منڇر به ڄڻ ته پنهنجي ئي لڙڪن ۾ ٻڏي وئي.

 

وحيد زهير/ ترجمو: جمن چنجڻي

 

]اصل ڪهاڻي براهوي ادب جي آهي، جنهن جو ليکڪ وحيد زهير پورو نالو عبدالوحيد آهي جيڪو 3- جون 1921ع ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيو، جنهن جا ڪجهه ڪتاب شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ خاص ڪري براهوي ٻوليءَ ۾ افسانن جو مجموعو ”شنزه“ خاص توجهه حاصل ڪئي. اصل ڪهاڻيءَ جو نالو ”گرو“ آهي، جيڪو مون تبديل ڪري ”کَٽُو“ ڏنو. ڇو جو آسان ڪردار آهي- مترجم[

جواب طلبي بي ڪار ۽ واندي ماڻهو جي ناهي ٿيندي، هميشه هوشيار ۽ گهڻو ڪم ڪندڙ جي ٿيندي آهي، چوندا آهن ته ڪم ۾ انسان جو جنون جي حد تائين وڃڻ ۾ ڪم ان کي مدهوش ڪري ڇڏيندو آهي، اگر ريس ۾ گهوڙو کٽي ايندو ته مالڪ گهوڙي جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو؛ ۽ اگر هارائي اچي ته ڪاوڙ ۾ ملازم کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏيندو، اڄ مان صبح سان سدار چونڪ تي هوٽل جي ڪنڊ ۾ ويٺي بار بار پنهنجي جواب طلبي ليٽر کي ڏسي رهيو هيس، جيڪو مون کي ڪالهه منهنجي 5 سالن جي نوڪري جتي مون لڳاءُ سان ڪم ڪيو ان جو ڦل مليو.

مونکي اهي آفيسر بار بار ياد ايندا آهن، جيڪي سگريٽ ته شوق سان پيئندا آهن، پر پيئڻ وقت بار بار اهو چوندا ته، يا خدا اسان کي هن آفت مان ڇوٽڪارو ڏيار. هوٽل جي بيري منهنجي سامهون اچي چانهه رکي ته منهنجي خيالن جو بند ٽٽو، اوچتو منهنجي نظر کٽو تي پئي، اگهاڙا پير، مٿي ۾ سالن جي مٽي، اکين ۾ پِچيون، بدن تي ڦاٽل پراڻي قميص ۽ ڳاڙهي جيڪيٽ جنهن کي چتيون لڳل هيون. هُو اڃا مس مس ٿڌ کان بچڻ لاءِ اس تي ويهڻ وارو ئي هو، ته ماما موچيءَ جو آواز آيو.

”کَٽُو يار، نلڪي مان پاڻي بالٽي ته ڀري اچ.“

کَٽُو اهو حڪم ٻڌندي ايترو ته خوش ٿيو جو ڄڻ گريجوئيٽ نوجوان کي ڪلارڪ جي نوڪري ملي هجي.

کَٽُو جلد ئي وزندار بالٽي پاڻيءَ سان ڀريل سهڪندي ۽ ڪنجهندي اچي ماما موچيءَ جي سامان واري پيتي جي ڀرسان رکي ۽ ماما موچي مٺي آواز ۾ چيو.

کَٽُو پُٽ ٿورو اڳيان ٻهاري ڏئي، ڇنڪار ڪري پوءِ هوٽل واري کي چانهه چئي اچ.

اهي سڀ ڪم کَٽُو بغير ڪنهن وقفي جي ڪري چانهه چئي اچي ماما موچي جي ڀرسان ويهي رهيو. ماما موچي کيسي مان سستي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي ان مان هڪ سگريٽ کٽوءَ کي ڪڍي ڏنو ته هُو ايترو خوش ٿيو جو ڄڻ ته شگر جي مريض کي ڪنهن لڏو کائڻ لاءِ ڏنو هجي. اڃا کٽوءَ چانهه جو ڍڪ ئي مس ڀريو ته درزيءَ وڏي آواز سان چيو.

کَٽُو پٽ هوٽل واري کي منهنجي لاءِ به هڪ چانهه چئي اچ. کٽو ڀڄندو وڃي چانهه جو آرڊر ڏئي اچي ماما موچيءَ جي ڀرسان چانهه پيئڻ ويٺو ته، پاڙي جون ڪجهه عورتون آيون پئي ته، اشرف پهلوان کٽوءَ کي دڙڪي واري انداز ۾ چيو: ”اڙي کٽو نڀاڳا وڃ جلد باجيءَ وارن لاءِ رڪشا ڪهرائي اچ.“

کَٽُو اٿيو ۽ جلد وڃي اڳيان چؤنڪ تان رڪشا ڪهرائي آيو. ۽ عورتن کٽوءَ کي نهارڻ بنا ئي رڪشي ۾ ويهي هليون ويون ته کٽوءَ جو منهن ئي لهي ويو ، ۽ اچي اشرف جي ڀرسان ويهي ٻانهن سان نڪ صاف پئي ڪيو ته، اشرف پهلوان کٽوءَ کي زوردار لت هڻندي چيو: ته!

”اٿ نڀاڳا گم ڪر پنهنجي بيڪار شڪل“ ته کَٽُو چيلهه تي هٿ ڏئي پاڳلن وانگر کلندي پهلوان کي زور ڏيڻ لڳو.

ٿوري دير بعد دڪاندار سيڌو سامان کڻي اچي اشرف پهلوان ڀرسان رکندي چيو ته:

پهلوان کنڊ 10 ڪلو بجائي 5 ڪلو اٿئي شام تائين ٻي کنڊ اچي ويندي، ختم ٿي وئي آ، جيئن ئي آئي ته...

ٺيڪ آ ٺيڪ آ ٻيو ته سامان پورو آهي نه، پهلوان دڪاندار کي داٻو ڏيندي چيو.

جي... جي...

اڇا ته پوءِ هيئن ڪجان شام جو باقي کنڊ اچي ته کٽوءَ کي ڏجانءِ ته گهر ڏئي ايندو.

جي ٺيڪ آ...

اشرف پهلوان کٽوءَ کي چيو ته ”هيءُ سامان گهر ڏئي اچ ۽ ها گهران ماستر جي وي.سي.آر جي ڪيسٽ کڻندو اچجان.“

کَٽُو ڦڙتيءَ سان وزندار سامان کڻي پهلوان جي گهر ويو. ٿوري دير کان پوءِ کٽوءَ ڪيسٽ اچي ماستر کي ڏني، جيڪا پهلوان جي گهران کڻي آيو هو.

کَٽُو جيئن ئي ڪيسٽ ماستر کي ڏئي ٻاهر نڪتو ته ماستر رڙ ڪندي چيو يار ٻهاري ته دڪان مان ڪڍ. کٽو ٻهاري ڏئي بس ڪئي ته ماستر چيس هيءَ وي.سي.آر کڻ ۽ جمعدار کي گهر جلد ڏئي اچ ته جمعدار ايندو ته توکي به دڙڪا ڏيندو ۽ مونکي به.

کَٽُو وي.سي.آر کڻي جلد ڏئي آيو ۽ پنهنجو سڀ ذميواريون ڦڙتيءَ ۽ بغير منهن ۾ گهنج وجهڻ جي ڪندو رهيو. مان سوچڻ لڳس ته ايترا ڪم ڪندڙ ماڻهو نوڪري ڇو نٿو ڪري. منهنجي ڀرسان هڪ پوڙهي چانهه جا ڍڪ ڀريندي اهو سمورو لڪاءُ مونسان گڏ ڏسندو به رهيو.

مان ان پوڙهي کان کَٽُوءَ جي باري ۾ پڇڻ لڳس ۽ پوڙهو چوڻ لڳو هيءُ نڪمو، ناڪاره ماڻهو جيڪو چانهه ۽ سگريٽ جي عيوض مشڪل کان مشڪل ڪم به ڦڙتيءَ سان ڪندو آهي. جنهن کي سڀ کٽو چوندا آهن.

کَٽُو جو پيءُ ڊرائيور هئو، رستي ويندي هن کي گولي لڳي، جيڪو ٻن قبيلن جو پاڻ ۾ جهيڙو هو، ۽ ان ۾ هو فوت ٿي ويو، ۽ کَٽُو جي ماءُ اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهي، ۽ هُوءَ به فوت ٿي وئي. ان کان پوءِ کَٽُوءَ جو هيءُ چؤنڪ ۽ هوٽل آهي.

هيءُ ڪا نوڪري يا مزدوري ڇو نٿو ڪري؟ مون پڇيو.

هن ناڪاره، واندي، نڪمي کي ڪير نوڪري ڏيندو، ٻيو ته هن جي ضمانت ڪير کڻندو. هيءُ لاوارث ۽ ڇورو ٻار آهي.

مون سامهون ڏٺو ته بينڪ مينيجر کَٽُوءَ کي ڪجهه سامان سبزي، فروٽ جون ٿيلهيون ڏنيون گهر ڏئي اچڻ لاءِ،ا هو سامان کَٽُو کڻي گانا چوندو ويو، ۽ گهر وارن موٽ ۾ هڪ بيڪار ۽ داڳيل پاروٿو صوف کَٽُوءَ کي ڏنو.

مان سڄي رات کَٽُوءَ جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته، اسانجو سماج ائين ڇو غريب ۽ لاچار تي وڌيڪ ظلم ڪندو آ جڏهن ته ظالم کي سائين سائين چوندي ناهن ٿڪبا.

اوچتو مونکي پنهنجو ڪم ياد اچي ته صبح جو آفيس وارن کي جوابي ليٽر ڏيڻو آهي ۽ مان اهو لکڻ ويهي رهيس.

مان صبح جو جيئن ئي نيرن ڪرڻ لاءِ ساڳي ئي هوٽل تي آيس ته، مان اهو ڏسي دنگ رهجي ويس ته سامهون ٽي سپاهي کَٽُوءَ کي وحشين وانگر ماريندا ٿاڻي تي وٺي ويا ۽ کَٽُو روئيندي رڙيون ڪندي چئي رهيو هو ته مونکي ڪابه خبر ناهي. مونکي ڪابه خبر ناهي.

۽ سامهون ماستر، موچي، پهلوان ۽ هوٽل وارو کَٽُوءَ کي مار کائيندي ڏسي منهن ٻي طرف ڦيري ڇڏيو، ۽ کَٽُو سڀني کي سواليه نگاهن سان ڏسي رهيو هو. ۽ سڀ هڪ ٻئي ڏانهن نهاري پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين سان لڳا ۽ موچي جلد ئي بالٽي کڻي پاڻي ڀرڻ هليو ويو ۽ سڀ ڪو پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳا جيڪي روزانو کَٽُوءَ کان ڪرائيندا هئا داٻا ڏئي.

۽ مان سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوليس جي پويان پويان ٿاڻي تي ويس، اتي سپاهي، جمعدار کي چئي رهيا هئا ته، صاحب گهڻو ئي هٿ گرم ڪياسين ۽ صاحب وڏي جي باهه به ڪڍيسين ۽ هن کي خبر به ناهي ۽ نه وري ڪا چوري ڪري سگهي ٿو. هن کي ڇڏيو. مان جيئن ئي کَٽُوءَ ڏانهن وڌيس ته اهو ڪنڊ ۾ منهن گوڏن ۾ ڏئي روئي رهيو هو.

۽ اتي ئي مونکي ياد آيو ته اڄ آفيس ۾ پنهنجي نوڪري مان ملندڙ جواب جو، جوابي ليٽر موڪلڻو آهي ته کَٽُوءَ کي روئيندي منڊڪائيندي ڪلهن تي هٿ رکي ٿاڻي مان نڪرندو ڏسي مان به سندس پويان پويان نڪري آفيس ويس ۽ کَٽُو ساڳيو ئي چونڪ تي هوٽل جي سامهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org