سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:21

غلام مصطفيٰ سولنگي

 

 

 

 

رنگن جو موسيقار: شفقت حسين وَڌو

جڏهن به سندس ذهن ۾ ڪنهن فن پاري جو تصور جُڙي راس ٿيندو آهي ته پوءِ هُو اڪيلو ٿي وڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي تَهه خاني (Basement) ۾ ٺهيل هڪ غار(The cave) ۾ ڏينهن جا ڏينهن روپوش ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرندو آهي ته ڪو زبردست مصورانو شاهڪار سندس هٿن ۾ هوندو آهي. ان سمي سندس حالت ڏسڻ جهڙي هوندي آهي، وار وکريل، چهرو پگهر ۾ شل، ڪپڙا رنگن ۾ ٿڦيل، چپل اُبتي پيل ۽ قميص جون ٻانهون کُنجيل، مطلب ته سندس سموري حالت واڪا ڪري اهو ٻڌائي رهي هوندي آهي ته هيءُ شخص پنهنجي آرام، کاڌي پيتي ۽ آسپاس جي ماحول کان صفا ڪَٽيل، پنهنجي تصورن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گُم رهيو آهي، پر سندس ذهن مطمئن، دل ڪنهن ڄاتل ۽ اڻڄاتل سرور سان ڀريل ۽ اکيون ڪاميابيءَ جي نُور سان ٽمٽار نظر اينديون آهن.

اها پينٽنگ جڏهن غار مان نڪري اي.اينڊ.ڪِيُو (A&Q) آرٽ گئلريءَ جوحصو بڻبي آهي ته ڏسندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي وٺندي آهي، جو ان ۾ ڪانه ڪا ڳالهه ضرور هوندي آهي. هر ڀيري ڏسندڙ کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته اهو ان پيٽنگ کي پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهي يا وري ڪنهن نئين رُخ کان ڏسي رهيو آهي.

اي.اينڊ.ڪِيُو (A&Q) آرٽ گئلريءَ ۾ رکيل سوين فن پارن جو خالق انجنيئر شفقت حسين وَڌو آهي، جنهن جي پينٽنگس جي اها خاصيت آهي جو اِهي ڏسندڙ جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو همعصر مصوريءَ ۾ سندس قدڪاٺ انهن مصورن کان هرگز گهٽ ناهي، جن ان فن ۾ اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيون آهن. توڙي جو هُو پنهنجي سرڪاري زميندارين جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف رهي ٿو، تنهن هوندي به ڳچ وقت مصوريءَ لاءِ ڪڍي وٺندو آهي ۽ اهو ڏسي بيحد سرهائي ٿيندي آهي، ته سندس فن جي باغ ۾ نوان نوان گل ٽِڙي رهيا آهن، اهڙيءَ طرح سندس فن پختگيءَ جي حدن کي ڇُهندڙ مصوريءَ ۾ سندس روشن آئيندي جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي.

شفقت حسين وَڌو هڪ اهڙو مصور آهي، جيڪو پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي بيٺو آهي. ننڍپڻ ڪيترن ئي شهرن ۾ گذاريائين. جتي بابي جي بدلي، اُتي سندس واسو مصوريءَ جو شوق ته هو، پر سامان ندارد، خوابن جي ساڀيان ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون هيون، تنهنڪري فن جي ڪنهن اداري ۾ ڪا باقاعدي تعليم ۽ رسمي سکيا حاصل نه ڪري سگهيو، پر هڪ قابل جوهر کي ان جي ضرورت به شايد گهٽ ئي پوندي آهي. تنهنڪري کيس به رسميت ۽ مڪتبي حدبندين جي ڪا ضرورت ۽ پرواهه ڪونه هئي. حقيقت ۾ ذوق ۽ شوق وارن لاءِ ته حادثا ۽ طوفان ئي مڪتب جو ڪم ڏيندا آهن. سندن لاءِ سڄي دنيا تجربيگاهه، فطري بصيرت رهنما ۽ مشاهدو ڪامل استاد هوندو آهي. انهن ئي ڳالهين شفقت حسين وَڌو جي فن جي ذوق کي اڳتي وڌايو، آبپاشيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ خاطر جهرجهنگ جهاڳڻ، ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ، سماجي ذميوارين سان منهن ڏيڻ وغيره سندس شوق جي شينهن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا، پر هن مصوريءَ تان پنهنجو تَن مَن ۽ ڌن قربان ڪري ڇڏيو، کيس جيترو به وقت مليو، سو هن مصوريءَ جي فن جي محبوبا کي ارپي ڇڏيو.

مصوريءَ لاءِ مخصوص صلاحيتون گُهربل هونديون آهن. مصوريءَ لاءِ ان ناياب ۽ نادر شيءِ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ”وهبي ذوق“ سڏيو ويندو آهي ۽ جيڪو ڪن خاص ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. لڳاتار مشق اهڙي فطري جوهر کي وڌائيندي ۽ ڀڀڙ کي ڀڙڪائيندي رهندي آهي ۽ پوءِ ماڻهو ترقي ڪندو، فن جي مٿانهين درجي تي وڃي پهچندو آهي. شفقت صاحب لاءِ به لاڳيتي مشق بيحد لاڀائتي ۽ اڳتي وڌڻ جو باعث بڻي آهي. شروع شروع ۾ هن جيڪي شيون ٺاهيون، سي ڪجهه خام هيون، پر ايترو سو ضرور هو ته منزل ڏانهن جيڪي به وِکون کڄي رهيون هيون، سي ٺيڪ ئي کڄي رهيون هيون. فن سان محبت ۽ سچائي کيس سڌي رستي تي ئي وٺي وڃي رهي هئي. موضوع ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان فن جي مڪملتا ويجهو ٿيندي پئي وئي، ڪچائپ دور ٿي رهي هئي ۽ پختگي وڌندي ٿي وئي. شفقت جو هڪ ئي مقصد ۽ هڪ ئي نصب العين هو، فن ۾ ڪمال جي ڳولا، رڳو سٺي کان سٺي مصوري ڪرڻ جي ڌُن سندس دماغ م سمايل هوندي هئي. پاڻ جيڪا به تصوير ٺاهيندو هو، سا موضوع جي لحاظ کان مڪمل ۽ زندگيءَ جي رنگارنگين ۽ گوناگونين جو هڪ سهڻو مَن موهڻو عڪس هوندي هئي.

شفقت حسين جي جيڪا طبيعت ۽ مزاج آهي، سو مصوريءَ لاءِ بيحد مناسب آهي، هُو انسان، انساني فطرت ۽ قدرت جي اڻ ڳڻين لقائن جو شيدائي آهي، تنهنڪري انسانن ۽ فطرت جو اڀياس کيس بيحد عزيز آهي. حقيقت ۾ انسانن جي چهرن تائين پهچ ته سولي آهي، پر انهن جي ضمير تائين پهچڻ بيحد ڏکيو آهي. هر انسان پنهنجي مٿان هڪ کوپو چاڙهيو گهمندو ٿو وَتي. جيستائين ان کوپي کي ڀڃي ڀورا ڀورا نه ڪبو، تيستائين اصل انسان تائين پهچڻ ممڪن ناهي هوندو. ان لاءِ ته شاهه لطيف جهڙي شاعر جي نظر کپي، جيڪا مڙني حجابن ۽ پردن کي چيري تَهه تائين پهچي وڃي. شفقت صاحب کي به اهڙي ئي طاقت مان ڪجهه ونڊُ مليو آهي. هُو پردن کي هٽائي انسانن جي حقيقي منهن مُهانڊن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ پوءِ ان مُنهن مُهانڊن کي برش ۽ رنگن جي مدد سان پڌرو ڪري بيهاري ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس مصوريءَ ۾ هڪ خاص سوچ، هڪ نواڻ، هڪ تازگي، هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سُرور ۽ زندگي ئي زندگي سمايل نظر اچي ٿي، ان کان سواءِ هڪ مصور لاءِ انساني شڪل ۽ صورت سان گڏ، انسان جي فطرت جو رازدان هجڻ به نهايت ضروري آهي، ان ڏس ۾ شيڪسپيئر واهه جو چيو هو ته ”قدرت وارو انسان جهڙو رازدان وري ڪڏهن به پيدا نه ڪري سگهندو.“ معنيٰ ته شيڪسپيئر انسان جي حيران ڪندڙ وجود تي اچرج کاڌي هئي ۽ سچ ته اها ڳالهه درست به آهي. انساني فطرت جي اُٿاهه گهرائين ۾ ڇا ڇا نه لڪل آهي! تنهنڪري هڪ مصور جي نظر جڏهن انساني اندر جي اڻڄاتل لهرن تائين پهچي، انهن کي مصوريءَ جي روپ ۾ آڻيندي آهي ته پوءِ ان ۾ ڪيڏو نه موهه پيدا ٿي پوندو آهي.

حقيقت اها آهي ته انساني چهرن، انسان جي مُنهن مهانڊن ۽ انساني جسمن جي مصوريءَ ۾ به هڪ عجيب جادو سمايل آهي، انسان جي شڪل شبيهه ٺاهي پيش ڪرڻ يا قدرتي نظارن جي بُرش وسيلي عڪاسي ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي. حقيقي معنيٰ ۾ ڪامل مصور اهو آهي، جيڪو پنهنجي تصويرن کي معنيٰ جو هڪ طلسم بنائي ڇڏي، ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪا به تصوير سامهون اچي، سا معنيٰ سان ڀريل هجي، اثر ڇڏيندڙ هجي ۽ ڪانه ڪا ڳالهه يا ڪو پيغام ڇڏيندڙ هجي.

نفسيات جا ماهر ٻڌائيندا آهن ته انسان ته اصل ۾ پردن ۾ ويڙهيل هوندو آهي، اهو ظاهري پردن جي تَهه ۾، پر ڪٿي لڪل ضرور هوندو آهي. هڪ ماهر مصور ان پردي کي هٽائي اصل ڪيفيت کي اڳيان آڻي رکندو آهي ۽ پوءِ ائين لڳندو آهي ته انسان ڄڻ هڪ ’صحيفو‘ آهي، جنهن کي جيترو کولي پڙهبو وڃبو، اوتروئي نوان نوان راز ۽ نيون نيون ڪيفيتون پڌريون ٿينديون وينديون ۽ اسان انهن ۾ گُم ٿيندا وينداسين، انهن نقشن ۽ ڏاهپ جي هڪ دنيا سمايل هوندي آهي، ڪائنات، فطرت ۽ انسان جو هڪ ورق، هڪ دفتر برابر لڳندو آهي. انسان جي چهري تي نظر ڌربي ته اهو جذبن ۽ احساسن جو هڪ ڊگهو داستان پيو ڀاسيندو آهي.

شفقت حسين ماورائي تخليق جو قائل ناهي، هو خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ ناهي رهندو، نه ئي کيس اِبهام جي ٻولي ايندي آهي. هو تجريدي مصوريءَ کان به ڪوهين ڏور آهي. هو پنهنجي آسپاس موجود شين، زندگي ۽ زندگيءَ کي گرمي بخشيندڙ نظارن کي تصوير ڪشيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس مشاهداتي اک پنهنجي چوڌاري پکڙيل نظارن کي ڪنهن ڪيمرا وانگر ذهن ۾ جَهٽي وٺندي آهي ۽ پوءِ سندس فنڪاراڻي مهارت انهن نظارن کي اهڙيءَ مصوريءَ جو روپ عطا ڪندي آهي، جيڪا ڄڻ ته ڳالهائڻ لڳندي آهي. ان ڳالهائيندڙ مصوريءَ جو بنيادي ۽ لازمي جُزو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيبي روايتون آهن، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيبي ۽ فڪري معاملا ۽ مونجهارا سڌوسنئون شفقت حسين تي اثرانداز ٿين ٿا. سندس گهڻي ڀاڱي تصويرون ڳوٺ، ڳوٺاڻي زندگي، ڳوٺاڻن ڪردارن ۽ واقعن جي عڪاسي ڪن ٿيون. جيئن ته سندس تعلق ڳوٺ سان آهي، تنهنڪري ڳوٺاڻي زندگي ۽ ڳوٺ جا نظارا لاشعوري طور تي سندس نفسيات جو حصو بنجي ويا آهن. ان پسمنظر ۾ ٺهيل سندس سڀ تصويرون بيحد موهيندڙ ۽ سهڻيون آهن. ڌرتي ماتا جو ازلي ۽ ابدي روپ رکندڙ سنڌي عورت هجي يا وري ڳوٺ مٺي خان مستوئيءَ جو ميخانو، سانجهيءَ ٽاڻي هلڪي نيري ۽ گهاٽي گلابي رنگ واري اُڀ تي پنهنجي آکيرن ڏانهن اُڏامي ويندڙ اَڇن ڪنگ پکين جهوپڙين مٿان ڇانيل چؤماسي جا آگم، ڏاند گاڏيءَ جي ڏري تي ويهي هَمَ کائيندڙ ابهم ڳوٺاڻو ٻارڙو، ڳوٺ جي ٻاهران واهه ۾ مڇي ماريندڙ ٻار، پاهه سياري جي رات ۾ باهه جي مچ تي، پنهنجي اندر ۾ ڪنهن جي جدائيءَ جا ڪيترائي ڀڀڙ ٻاري ويهندڙ اڪيلو ۽ اداس نوجوان ۽ ٻي کوڙ ساٿري حيران ڪندڙ مصوري… هرهنڌ تي سندس فن مڙني جُزن ۽ ڪمال سان اُڀري ڏسندڙن جي شعور تي سڌوسنئون اثرانداز ٿئي ٿو. ان کانسواءِ شفقت حسين جو ڪم مختلف پاسن ۾ وکريو پيو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪلچر کان علاوه شاهه لطيف هجي يا عمر خيام يا وري شيخ اياز، فيض احمد فيض يا خليل جبران… هر جاءِ تي سندس بُرش متحرڪ رهيو آهي. ڪائنات جيڏي فڪري وشالتا رکندر انهن ڏاهن شاعرن ۽ مفڪرن کي هو جڏهن پينٽ ڪندو آهي ته رنگ سندس تعبيداري ڪندي نظر ايندا آهن. تنهنڪري سندس سمورو ڪم اعليٰ جمالياتي ۽ ٽيڪنيڪي اثر وارو آهي. سندس فن پارا شوخ رنگن ۽ صوفياڻي انداز جو هڪ پيڪر نظر اچن ٿا.

شفقت حسين هڪ عملي مصور آهي، سندس خيال ۾ تخليق رڳو هڪ لفظ، سوچ، تصور يا احساس جو نالو ناهي، پر هر ان شيءِ يا لقاءَ کي سمجهڻ جو نانءُ آهي، جنهن جو لاڳاپو انسانذات سان آهي. تنهنڪري هو عام انساني مسئلن ۽ تجربن کي آرٽ جي شڪل ڏئي ٿو. اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس ٺاهيل ڪيترين ئي پينٽنگس ۾ بذاتِ خود سندس تجربو جهلڪي رهيو آهي. هو اڪثر هي جملو چوندو آهي: ”منهنجي ڪم ۾ منهنجي اندر جي دنيا ۽ ٻاهر جي دنيا ڏسي سگهجي ٿي.“ اهوئي جملو سندس سڄي ڪم کي واضح طور تي بيان ڪري ڇڏي ٿو.

حقيقت ۾ فن خداداد صلاحيتن جي اها سوکڙي آهي، جيڪا الله پاڪ انسان جي عقل ۽ ديدَ کي عطا ڪئي آهي، دنيا جا سڀ انسان مصور ناهن ٿيندا، پر هر انسان کي الله تعاليٰ ڪي قدر فن جو شعور ضرور ڏنو آهي ته هو الله پاڪ جي ٺاهيل خوبصورت شين جي واکاڻ ڪري. الله تعاليٰ اسان لاءِ هڪ وشال دنيا خلقي آهي، جنهن ۾ انسان، جاندار، پکي پکڻ، وَڻ ٽَڻ، جبل، نديون، سمنڊ وغيره پيدا ڪيا آهن. انهن مِڙني شين وسيلي الله پاڪ اسان کي شڪلين ۽ رنگن سان سونهون ڪرايو آهي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن ڪو مصور ڪو فن پارو تخليق ڪندو آهي ته هو ڄڻ الله پاڪ جي ٺاهيل شين جو نقل ڪري ئي پنهنجو فن پارو تخليق ڪندو آهي. ان حوالي سان شفقت حسين جو فن اعليٰ پَدَ تي بيٺل ٿو نظر اچي، ڇو جو مصوريءَ جو فن سندس رَت ۾ رچيل آهي. ان کان سواءِ هن پنهنجي فن جي اظهار لاءِ سموري سچائيءَ ۽ واقعيت پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي. هن جيڪڏهن تصوير کي ڪنهن پيچيدي يا منجهائيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي ته به ڏسندڙ جي ذهن تي بارُ نه ٿو ٿئي، بلڪ هو ڏسندڙ کي ڪنهن نين معنائن سان سونهون ٿو ڪرائي. زندگيءَ جي عڪاسي، سخت عرق ريزيءَ ۽ محنت جي گهُرجائو هوندي آهي ۽ شفقت حسين جون تصويرون به گواهي ڏين ٿيون ته اهي ڪيڏي نه محنت سان تخليق ڪيون ويون آهن. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هن اهڙا نقش چِٽا آهن، جن ۾ حرڪت ئي حرڪت ۽ عمل ئي عمل آهي.

شفقت حسين جي ٺاهيل تصويرن جي نمايان خوبي گهرن رنگن جو لاڳيتو استعمال آهي. پاڻ پيدائشي مصور آهي، تنهنڪري رنگن جي نفسيات کي چڱيءَ ريت ۽ باريڪ بينيءَ سان سمجهندو آهي. سندس خيال ۾ پيلو رنگ روشنيءَ، ڳاڙهو رنگ جوش ۽ محبت ۽ سائو رنگ زندگيءَ جو رنگ آهي. تنهنڪري سندس تصويرن ۾ پيلي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جو استعمال نهايت وڻندڙ آهي. هو رنگن استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندو آهي، جنهنڪري سندس ڪم ۾ نفاست نظر ايندي آهي. رنگن جي باري ۾ شفقت حسين جو رويو اهو رهيو آهي جو هو هڪ ڪَرا، هموار ۽ ملائم تَهه نه ٿو ڄمائي، پر ناهموار تهه ڄمائيندو ۽ رنگن جا پَٽا گهمائيندو هلندو ٿو وڃي، جيڪي ڏسندڙ جي سامهون اچي پکڙجي ۽ ويڪرا ٿيندا ٿا وڃن ۽ هڪٻئي سان وري ائين گِڏِ مِڏِ ٿيو وڃن، ڄڻ زندگيءَ جي اُس ۽ ڇانوَ ۽ اوندهه ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ اکٻوٽ ٿيندي هجي. اهڙيءَ طرح رنگن جي تازگي به وڌيو وڃي ۽ اهي روشن اُجرا ۽ صاف سُٿرا ٿا لڳن.

شروعات ۾ شفقت حسين منظرڪشي، پورٽريٽ ۽ Still Life ۾ مصوري ڪئي هئي، جنهن ۾ هن قدرتي حُسن کي خاص طور تي پينٽ ڪيو آهي ۽ هر ميڊيم ۾ ڪم ڪيو آهي، پر پوءِ جڏهن هن مصوريءَ تي ٻيهر ڌيان ڏنو ته پوءِ هن حقيقت نگاريءَ سان گڏ موضوعاتي مصوريءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني. ان کان سواءِ سندس گهڻو تڻو ڪم، جنهن ميڊيم تصويرن Realisticهجڻ سان گڏوگڏ Impressionism جو Touch به رکن ٿيون. سندس اڪثر تصويرون چِٽي نموني ۽ کُلي ڪري پنهنجي ڏسندڙ تي پڌريون ٿين ٿيون.

شفقت حسين جو فني سفر جاري آهي ۽ مصوريءَ جي فن جي نقادن جو چوڻ آهي ته هُو ڪاميابيءَ جون ڪيتريون ئي منزلون ماڻي وٺندو.

غلام مصطفيٰ سولنگي

 

 

 

 

                  محمد صديق مسافر جي

 شاعري ۽ سوانح حيات

 

قومن جي تاريخ ۾ ادب وڏي اهميت رکي ٿو. دنيا جون سموريون قومون پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جي ناتي سڃاتيون وڃن ٿيون.

اسان جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هڪ طرف شاهوڪار ۽ تاريخي آهي ته ٻئي طرف ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. اسان جو ادب ۽ ٻولي کڻي ڪيتري به شاهوڪار هجي، پر جنهن ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي اوسر لاءِ اپاءَ نه ٿا ورتا وڃن. اهو ادب ۽ ادب جا محافظ مانائتا نٿا ليکيا وڃن. دنيا جا ترقي يافته ملڪ ۽ قومون پنهنجي مستقبل جي معمارن ڏانهن وڏو ڌيان ۽ اهميت ڏيندا آهن ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون ڏئي انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو اڳتي هلي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.

انگريزي، اردو توڙي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب تي ڪم نه هئڻ برابر ٿي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جو ٻاراڻو ادب اُسري نه سگهيو آهي ۽ اسان سنڌي ادب کي سگهارو ادب ڪري مڃائي نه سگهيا آهيون. ڇو ته جنهن ٻوليءَ جو بنياد يعني ٻاراڻو ادب سگهارو هوندو ته اهو ادب به سگهارو ٿيندو.

وڏن اديبن جو اهو چوڻ ته ٻارن لاءِ لکڻ تمام ڏکيو آهي ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ وڏي فني پهچ ۽ نفسياتي ڄاڻ جي گهرج هوندي آهي، پر وڏا اديب ئي صحيح انداز ۾ ٻارن لاءِ لکي سگهن ٿا. ڇو ته اهي به انهيءَ مشاهدي مان گذري آيا آهن ۽ وٽن ٻاراڻي وهيءَ جو مشاهدو موجود آهي. تنهنڪري انهن لاءِ ٻارن جي ذهني سوچ کي آڏو رکي سرجڻ ڪو ڪٺن مرحلو ناهي. ٻار قوم جو سرمايو ۽ مستقبل جي ضمانت آهن انهن جي تربيت، سماجي اوسر ۽ ذهني ارتقا لاءِ وڏن اديبن کي پنهنجو قومي ۽ ادبي ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

انهيءَ رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اگر سڀ نه تڏهن به ڪجهه ناميارن اديبن کي اڳيان اچڻ گهرجي.

اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته اسان پنهنجي پيڙهه مضبوط ڪيون يعني پنهنجو نسل باشعور بڻايون ۽ اسان جون نئون نسل تڏهن باشعور بڻجي سگهندو جڏهن ان کي نصابي تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين لاءِ اتساهه ملندو رهي.

ٻاراڻو ادب پنهنجي ڄمار جو آئينو هجي ٿو جنهن کي پڙهي ماڻهو پنهنجي ٻاروتڻ کي ياد ڪرڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح هر وڏو اديب پنهنجي ٻالڪپڻ کي ضرور ياد ڪندو هوندو! جيڪڏهن هر وڏو اديب پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيري لکي ته اهو ٻاراڻي ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جو اضافو ڪري سگهي ٿو جنهن کي پڙهي اسان جو ايندڙ نسل ان ادب جي تجربن کي پنهنجي عمل ۾ آڻي جتي ڪيترين ئي غلطين کان بچي سگهي ٿو اتي ڪيترائي اتساهيندڙ عمل پڻ جاري رکي سگهن ٿا. ان لاءِ اسان جي ليکڪن/ شاعرن کي پنهنجي ذهانت جو اڌ ڌيان ٻاراڻي ادب تي ڏيڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ادب ٻين ٻولين سان گڏ پنهنجي ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پورو ڪري سگهي.

سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي مون ٻاراڻي ادب ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏيندڙ شاعر محمد صديق ”مسافر“ جي شاعري سهيڙي سندس سوانح حيات کي نئين نسل تائين هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي حقيقت جو جامو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، سيڪريٽري تاج جويو ۽ ٻاراڻي شعبي جي انچارج ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن خالد آزاد ۽ سندس ساٿين پارايو آهي ۽ اسان جو نئون نسل ماضيءَ جي ڀلوڙ ٻارن جي شاعر محمد صديق مسافر جي شخصيت کان واقف ٿي سندس نصابي ڪتابن ۾ ڇپيل توڙي ڪليات مسافر ۾ شامل شاعري پڙهي آشنا ٿي رهيو آهي. محمد صديق مسافر سنڌ جو ناليوارو استاد، تعليمدان، اديب ۽ ٻارن جو سهڻو ليکڪ ٿي گذريو آهي.

مسافر جي ولادت 8 محرم الحرام 1236هه ۾ ٿي ان وقت جي هيڊ ماستر هجري ۽ عيسوي سنن جي ڀيٽ ڪري اسڪول جي رجسٽر ۾ پهرين اپريل 1879ع لکي. سندس والد جو نالو گلاب هو جيڪو ٽنڊي باگي جي شيدين مان هو. محمد صديق مسافر جو والد ميرن جو ملازم هو، پر هن پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سبب وڏو نالو ڪڍيو. هن جو والد شروعات ۾ جاين راڳڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ اڳتي هلي پينهون ڪُٽڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين.

محمد صديق جي والد گلاب 1888ع ۾ وفات ڪئي. پيءُ جي وفات وقت محمد صديق مسافر جي عمر 9 سال هئي. هن جي پيءُ 6 سالن جي ڄمار ۾ کيس مڪتب جي تعليم ڏياري. ماءُ جي محبت ۽ مامي حاجي عارف جي شفقت هن کي والد جي وفات جو احساس نه ڏياريو ۽ 9 ورهين جي ڄمار ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ حبشي برادريءَ جي چڱ مڙسيءَ جي پڳ کيس سندس والد جي ٽيجهي جي موقعي تي ٻڌرائي وئي.

14 سالن جي عمر ۾ (آگسٽ 1893ع) ۾ سندس مامي عارف کيس مڪتب مان ڪڍرائي کيس سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ٽنڊي باگي پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر وياک سنگهه محمد صديق کي پهرين درجي ۾ داخل ڪيو، پر سندس هوشياري ۽ ذهانت ڏسي چئن مهينن اندر کيس پهرين ۽ ٻئي درجي جو امتحان 3 ڊسمبر 1893ع ۾ ڏياريائين ۽ ڊسمبر 1894ع ۾ محمد صديق مسافر ٽئين ۽ چوٿين درجي جو گڏيل امتحان پاس ڪري ڊسمبر 1895ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري ورتو ۽ ڇهين درجي ۾ هن جي هوشياري ڏسي هيڊ ماستر سهجراءِ کيس ساڳي اسڪول ۾ 4 روپيه ماهوار پگهار تي کيس ”پيوپل ٽيچر“ مقر ڪيو.

ان وقت جو هيڊ ماستر سهجراءِ سنڌي ادب جو ڄاڻو ۽ فارسيءَ جو عالم هو جنهن کيس فارسي پڙهائڻ سان گڏ ورنيڪيولر فائينل امتحان جي تياري به ڪرائي ۽ هن سيپٽمبر 1896ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيو ۽ اهڙي طرح فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ کيس ٽنڊي آدم جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ڪيو ويو.

ان اسڪول جو هيڊ ماستر آخوند عبدالرحيم حيدرآبادي هو. محمد صديق مسافر ان کان فارسيءَ جي تعليم به وٺندو رهيو. 1897ع ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، مرزا صادق علي بيگ اسڪول جي وزٽ وقت محمد صديق مسافر جي درخواست تي کيس تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ سنجاپور ۾ بدلي ڪري کيس هيڊ ماستر مقرر ڪيو. اتي جو زميندار ٺارو خان جمالي نيڪ مرد هو جيڪو تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن توڙي استادن کي کاڌو پيتو مفت ڏيندو هو. ان محمد صديق مسافر جي رهائش ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيو جتي محمد صديق مسافر مولوي محمد سليمان نظاماڻي کان فارسي شاعريءَ جي سمجهاڻي به سکندو هو.

انهن ڏينهن ۾ ڪاميٽي ماسترن کي ”ٽريننگ ڪاليج“ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ داخلا جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو.

محمد صديق مسافر ڊسمبر 1897ع ۾ داخلا جو امتحان پاس ڪيو ۽ بعد ۾ جڏهن کيس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ کيس تعليم وٺڻ جو حڪم نامو مليو ته هن نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ جنوري 1899ع ۾ هن ٽريننگ ڪاليج جي پهرين سال ۾ اچي داخلا ورتي. جتي فارسي ۽ عربي تعليم، شاعري ۽ ڪتابن جي مطالعي سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪيو هن فارسي ڪتاب گلستان بوستان ۽ لغت جا ڪتاب ڪاليج جي لائبريري مان وٺي پڙهيا ان سلسلي ۾ فارسي جي استاد قاضي اميد عليءَ هن جي وڏي مدد ڪئي. ان جي چوڻ تي محمد صديق مسافر مشهور عالم سيد محمد فاضل شاهه وٽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي.

سيد فاضل شاهه شاعر به هو. غلام محمد شاهه ”گدا“ به وٽس اچي شاعري ۽ ان جي وزن بحر تي ڪچهري ڪندو هو. جنهن مان به محمد صديق مسافر کي وڏو فائدو پهتو ۽ کيس علم عروض سکڻ جو شوق ٿيو ۽ هن ٿوري عرصي ۾ شاعريءَ جو فن به سکي ورتو.

جنوري 1901ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي ٽئين ڪلاس ۾ داخلا ٿيڻ کان پوءِ محمد صديق مسافر کي مطالعي جو وڏو شوق جاڳيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي ذري گهٽ سڄي لائبريري پڙهي ويو.

ٽن سالن جي ٽريننگ کان پوءِ هن امتحان پاس ڪيو ۽ کيس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي
”پرئڪٽسنگ اسڪول“ ۾ 1902ع ۾ اسسٽنٽ ماستر ڪري رکيو ويو اتي 4-1903ع دوران تعليم کاتي طرفان نڪرندڙ اخبار تعليم جي ايڊيٽري به سندس حوالي ڪئي وئي. هن درسي ڪتابن جي تياري ۽ تخليق ۾ به حصو ورتو. محمد صديق مسافر اخبار تعليم جا ايڊيٽوريل لکڻ سان گڏ مضمون ۽ نظم به لکندو هو.

6-1905ع ۾ بمبئي کاتي، جدا جدا ٻولين جا درسي ڪتاب هڪڙي ئي نوعيت جا نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي پوني ۾ ويهاري، جنهن ڪاميٽي تي سنڌ پاران راءِ بهادر ديوان، پريمچند جهانگاڻي مقرر ٿيو. جيڪو حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو. هُو هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال، ديوان بولچند ڏيارام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال ديوان تاراچند شوقيرام معرفت پرائمريءَ جي درسي ڪتابن جو نصاب تيار ڪرائيندو هو.

ان وقت سنڌي پهرين، ٻئين ۽ ٽئين ڪتاب جا سڀ نظم ۽ ڪيترائي نصاب جا سبق محمد صديق مسافر کان تيار ڪرائي پونا واري ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽي ڏي موڪليا ويا. جيڪي نه رڳو منظور ٿيا، پر ان تعليمي خدمتن تي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن بمبئيءَ طرفان مسافر کي 95 روپيه انعام به ڏياري موڪليو. محمد صديق مسافر پوئڪسٽنگ اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ديوان تارا چند پرنسپال جي ٻن سالن ۽ هائوس ماستر ليلارام پريم چند واڌواڻيءَ کان انگريزي سکندو هو. 1908ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي هيڊ ماستر کي چئي پرنسپال صاحب ميٽرڪ لاءِ تيار ڪيل شاگردن سان گڏ مسافر کي به امتحان لاءِ ويهاريو، پر ڪالرا ٿيڻ جي ڪري مسافر ميٽرڪ  ڏئي نه سگهيو. جڏهن ته خانگي طور تي انگريزي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو جنهنڪري هُو نه رڳو انگريزي پڙهڻ، پر ترجمو ڪرڻ تائين مهارت حاصل ڪري ويو.

محمد صديق مسافر ڪيترائي نصابي ڪتاب لکيا ۽ ٻارن لاءِ تمام گهڻا نظم لکيا ۽ هُو ٻارن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو.

1919ع ۾ هندستان ۾ ”قطع تعلقات“ تحريڪ هلي ۽ محمد صديق مسافر تي ان تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جا الزام لڳا ۽ غلط فهميءَ جي بنياد تي هن خلاف موڪليل ڪانفيڊينشنل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ کيس ڪاليج مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر پرنسپال جي صلاح سان هيءُ موڪل تي لٿو ۽ بعد ۾ کيس تعلقي ميرپور ساڪري جي ڳوٺ بهار اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو ۽ ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر مسافر جي صلاح سان هاءِ اسڪول قائم ڪيو. جنهن جو مسافر کي انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين هن هاءِ اسڪول کي ڪاميابيءَ سان هلايو ۽ بعد ۾ ٽنڊي باگي ۾ هڪ اسڪول ٺهرائي ورتو.

21-1920ع دوران سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ديو ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيو ته اسڪول جو معائنو ڪندي ڏاڍو خوش ٿيو جو ٻار نه رڳو سنڌي، پر انگريزي ۾ به پڙهيا ۽ ڪمشنر مير صاحب جي سفارش تي محمد صديق مسافر جي ملازمت سرڪاري طور اسڪول ۾ ڪئي.

1927ع ۾ محمد صديق مسافر شڪارپور گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو جتي فارسي ۽ سنڌي پڙهائيندو هو.

1928ع ۾ سندس بدلي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿي، جتي پڙهائڻ سان گڏ درسي ڪتابن جي درستگي ۽ ترتيب ۾ حصو وٺندو هو.

فيبروري 1930ع ۾ سندس مامو عارف وفات ڪري ويو. گهرو حالتن ۽ برادري جي زور بار تي موڪل جي درخواست موڪلي پينشن تي لٿو ۽ ٽنڊي باگي ۾ اچي مير صاحب جي مدد سان نياڻين جو اسڪول قائم ڪيو ۽ سمورن اسڪولن جي نظرداري پاڻ ڪرڻ لڳو.

محمد صديق مسافر علائقي ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهوئي سبب آهي جو سندس 2 نياڻيون ماسترياڻيون ٿيون ۽ هڪ پٽ ماستر  ٿيو.

محمد صديق مسافر ٽريننگ ڪاليج دوران ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ، ترجمي ۽ تصنيف تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪري ان طرفان ڪيترائي ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪرايا.

مسافر مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان هدينه المسلمين (اسلامي عقيدت ۽ رڪنن جي سمجهاڻي تي ٻڌل 6 جلد) رموز القرآن، ناول گلبدن (اردو تان ترجمو) ممتاز دمساز (اردو تان تڪبندي سنڌي شعرن جي ملاوت سان ترجمو) سنڌي سونهن (ٽئي کان ستين درجي تائين 6 جلد) ديوان فاضل، قرب قليچ، شهيد ڪربلا، حياتيءَ جو دور (ٻه ڀاڱا اردو تان ترجمو) سڄاڻ زالون، سنڌي گرامر (3 ڀاڱا)، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، انگي حساب (ٻئي کان پنجي درجي تائين)، غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا، منتخب مضامين (نثر ۽ نظم 3 جلد) ۽ ڪليات مسافر (حياتي جي حوالي سان) مشهور ڪتاب اٿس. ان کان علاوه استاد هئڻ جي ناتي هن سنڌي نصاب لاءِ وڏو ڪم ڪيو ۽ سندس نظم جيڪي نصاب ۾ شامل ڪيا ويا اهي اڄ به ٻارڙن کي برزباني ياد آهن. هن تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو ۽ نصاب ۾ هن جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ 1. سنڌي سونهون درجو ٻيو ڇاپو ٻيو (1949ع) ، 2. سنڌي سونهون درجو ٽيون دفعه نمبر 11، 62-1961ع، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، 3. سنڌي سونهون درجو چوٿون، دفع نمبر 7، 60-1959ع، 4. سنڌي سونهون، درجو پنجون، 5. سنڌي سونهون درجو، ڇهون دفعه نمبر 2، 56-1955ع، 6. سنڌي سونهون درجو ستون 1950ع، 7. سنڌي ورنيڪيولر فائنل، دفعه نمبر 1، 1949ع، 8. جاميٽري پنجين ڇهين ۽ ستين درجي لاءِ دفعه نمبر 2، 1952ع، 9. نئون انگي حساب دفعه نمبر 1، 51-1950ع.

محمد صديق مسافر انهن ڪتابن کانسواءِ محمد صالح مخدوم ابراهيم هالائي سان گڏجي نصاب جا ڪتاب لکيا جن ۾ 1. نئون سنڌي گرامر، درجو چوٿون، ڀاڱو پهريون 9-1957ع محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد، 2. نئون سنڌي گرامر، درجه 5، 6، 7 ۽ فائينل ڀاڱو نمبر 2 ۽ 3 ڇاپو نمبر 11، 1957ع، 3. جاميٽري درجو 5، 6 ڇاپو پهريون 1959ع، 4. سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت، درجو چوٿون، دفعه نمبر 7، 1953ع محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد، 5. نئين ڏس ۽ سک ائٽلس جاگرافي سنڌ نئين ڪوڊ موجب پاڪستان ايڊيشن درجو چوٿون 1956ع محمد صديق مسافر مرزا اسد بيگ سان گڏجي ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ شاعري جا ڪتاب ترتيب ڏنا هئا. انهن ڪتابن ۾ 1. گلشن خيال درجو ٽيون ڇاپو نمبر 1، 1936ع، 2. رنگين گل درجو چوٿون، ڇاپو نمبر 1، 1936ع، ميسر پوڪرداس اينڊ بڪسيلرز ۽ پبلشر ڪراچي، حيدرآباد شڪارپور، مسافر ٻارڙن جي نامياري شاعر ڪشنچند بيوس سان گڏجي ڦولداني ڪتاب لکيو جيڪو 1939ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب ۾ شاعرن جو مختصر احوال ۽ سندس چونڊ شعر شامل هئا. هن فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما به ڪيا جن ۾ اخلاق محستي، منتخب ديوان ۽ مطلوب المومنين شامل آهن.

محمد صديق مسافر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان به پاڻ ملهايو آهي هن شاهه جو رسالو جي ڪجهه سرن جي معنيٰ، سمجهاڻي ۽ تشريح به لکي آهي. جن ۾ سر کنڀات 1960ع، سر ڪيڏارو 1960ع، سُر آسا 1960ع،  سُر ليلان چنيسر 1962ع، سُر سسئي آبري، 1963ع، سُر ڪاموڏ 1964ع، سُر سهڻي 1964ع، سُر سريراڳ 1970ع شامل آهن.

حيدرآباد ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جنوري 1931ع ۾ وجود ۾ آئي جن سنڌ جي تاريخ شايع ڪرائي جنهن جا چوٿون ۽ پنجون ڀاڱو مسافر لکيا هئا. 1. سنڌ جي تاريخ ڀاڱون چوٿون ارغون ۽ ترخان، ڇاپو نمبر 1، 1941ع، 2. سنڌ جي تاريخ ڀاڱو پنجون، سنڌ ۾ مغلن جا نواب ڇاپو نمبر 1، 1941ع، محمد صديق مسافر گلزار نثر و نظم ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيون به شايع ڪرايا. هن 1936ع ۾ قرب قليچ، شرح ديوان فاضل ۽ 1965ع ۾ منازل مسافر بمع ڪليات مسافر ۾ مختلف شخصيتن بابت لکيل سوانح عمريون به شايع ڪرايون.

محمد صديق مسافر اخبار تعليم ۾ به ڪيترائي مضمون لکيا جن ۾ هار جيت (ون) هار جيت (2) اَدک سک (ون) ڏک سک (2) ڏاهي زال، حالت اضافت، ڪوئين، تربيت ۽ تعليم ايڪي جي واٽ، انسان جي من جي حقيقت ۽ طاقت، طائون جي تاريخ (3) حصا، ڏيهي ٻوليءَ ۾ تعليم، بيهڪ جون نشانيون گڏيل امتحان، مفت ۽ زوري ابتدائي تعليم، چاند بيبي پراڻيون نشانيون، ڪتابن سان قرب، وقت جو قدر، علم موسيقي عرف (راڳ وديا) زناني تعليم، ضمير موصول قومي تعليم، مسلمانن جي تعليم سميت ڪيترائي مضمون لکيا هئا. محمد صديق مسافر پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم ۾ پنهنجي حبشي قوم کي به ناهي وساريو. نه صرف انهن جي تاريخ لکي، پر انهن جي سڌاري لاءِ ڪوششون به ورتيون ۽ ڪتاب لکيا جن ۾ (1) غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا، ڇاپو نمبر 5، 1970ع ۾ شامل آهن هن تعلقي بدين ۽ تعلقي ٽنڊو باگو جون جاگرافيون لکيون آهن.

محمد صديق مسافر جون سنڌي ادب ۽ ٻاراڻي ادب ۾ تمام وڏيون خدمتون آهن اهڙا گهٽ ليکڪ هوندا آهن جيڪي نثر توڙي نظم ۾ ماهر هجن، مسافر اهو ليکڪ هو جنهن کي نظم توڙي نثر ٻنهي صنفن بابت ڄاڻ حاصل هئي، شاعريءَ ۾ سندس استاد فاضل شاهه، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، آخوند فقير محمد عاجز هئا. محمد صديق شاعريءَ ۾ پهريون تخلص ”آهه ضعف“ استعمال ڪيو پوءِ وري ”خادم“ تخلص استعمال ڪيو ۽ آخر ۾ محمد صديق مسافر ٿي ويو جيڪو آخر تائين سندس تخلص رهيو، سندس سوانح عمري منازل مسافر بمع ڪليات مسافر ۾ شاعري جو وڏو حصو شامل آهي.

شاعري ۾ مثنويون، مناجاتون، رباعيون، قطعه، چؤسٽا، ڪافيون، بيت، اوجاڳا، غزل وغيره لکيل اٿس. حاصل مقصد ته محمد صديق مسافر غلام گهراڻي سان تعلق رکڻ باوجود پنهنجي وقت جو وڏو تعليمي ماهر، مفڪر، عالم، اديب، شاعر ثابت ٿيو ۽ هن 82 سالن جي ڄمار ۾ 23 سيپٽمبر 1961ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آرامگاهه به ٽنڊو باگو ۾ آهي. محمد صديق مسافر جيڪو علمي ادبي پورهيو ڪري ويو اهو کيس اڄ به زندهه رکيو پيو اچي ۽ زنده رکيو ايندو.

مددي ڪتاب

1.                  ڪليات مسافر

2.                 سنڌي صحافت جي ارتقائي تاريخ

3.                 سنڌي سونهن

4.                 سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري (بدر اڄڻ)

5.                 محمد صديق مسافر جي علمي پورهئي جو مختصر جائزو (عبدالجبار نظاماڻي جو مضمون)

6.                 جاگرافي سنڌ

7.                 ماضيءَ جا مشهور ٻاراڻا ليکڪ (تاج جويو جو مضمون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org