سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:11 

زاهد عباسي

 

 

 

سنڌوماٿريءَ جي تهذيب: مُهين جي دڙي جي ٻولي

 

مُهين جو دڙو اسان جي عظمت جو نشان، سنڌوسڀيتا جو جهونو اهڃاڻ، اسان جو شان ۽ مان، جنهن تي اسان جو اوچو ڳاٽ آهي. اسين انهيءَ ماٿريءَ جا وارث آهيون، جيڪا متمدن هئي، مهذب هئي، جيڪا ايتري جهوني آهي، جيتري هيءَ مقدس ڌرتي. قديم ڪتاب ”جوهر نثر“ ۾ لکيل آهي، ”سن 1853 جي ڳالهه آهي ته پنجاب جي منٽگمري (موجوده ساهيوال) ضلعي جي هڙپا شهر مان ڪي مهرون لڌيون ويون، جن تي هڪ سڱي ڍڳي جي شڪل نڪتل آهي.“

”1922 ۾ بنگال جو مسٽر رکلداس بئنرجي سرڪار پاران هڪ وڏي کوجنا تي نڪتو، کوجنا ڪندو هُو مُهين جي دڙي تي پهتو، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوڪري شهر کان 3 ميلن جي مفاصلي تي آهي. دڙو ڏسندي ئي سندس اکين ۾ چمڪو آيو. دڙي کي کوٽائڻ لڳو، کوٽڻ مهل سندس ملائڪن کي به سڌ ڪانه هئي ته اهڙيون ڪي شيون پسنديون، جيڪي سڄي دنيا جي اتهاس ۾ ڦيرو آڻينديون.

کوٽائي دوران ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ شهر مٿان ٻيو شهر ٺهيل آهي ۽ ڏسڻ ۾ آيس ته اهڙا 4 يا 5 شهر ته بلاشڪ هڪ ٻئي مٿان ٺهيل آهن.

”وري زمين جي هيٺئين تري مان ڪي مهرون لڌيون، جن جي شڪل هوبهو هڙپا شهر جي لڌل مهرن جهڙي هئي. يعني 1853 وارين لڌل مهرن تي هينئر روشني پوڻ لڳي.“

”هڙپا ۾ 1921 ۾ ڪي وڌيڪ کوجنائون ٿيل هيون، جتان مهرن سان گڏ مٽ، دلا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون پڻ لڌيون ويون هيون. مسٽر بئنرجيءَ کي انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ هئي، موهن جي دڙي کي کوٽيندي جڏهن ساڳي قسم جون شيون هٿ اچڻ لڳيس، تڏهن هڪدم هڙپا جون کوجنائون ۽ آثار قديم، مُهين جي دڙي جي کوجنائن سان ڳنڍڻ لڳو. مُهين جي دڙي ۽ هڙپا جي وچ ۾ 400 ميلن جو مفاصلو آهي، ۽ هڙپا جي سڀيتا ڪنهن سمي ساڳي هئي.“

”مسٽر بئنرجي 1924ع ۾ سر جان مارشل کي گڏيو، جنهن يڪدم ڏٺو ته مُهين جي کوجنا ڪيڏي نه تاريخي کوجنا آهي، جلد ئي پوءِ، مُهين جي دڙي جو ديدار ڪرڻ آيو، ۽ 5 مهينا ڳالهيون جاچي جوچي 1925ع ۾ اخبارن رستي ان حيرت انگيز کوجنا جي پڌرائي ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ سڄي دنيا جو ڌيان، مُهين جي دڙي ڏانهن وڃڻ لڳو.

شاهڪار تاريخي انسائيڪلو پيڊيا جو مرتب رقمطراز آهي: ”جنهن زماني ۾ بابل، اشوريا، سميريا سڀيتا (سمير، ميسيپوٽيما عراق جو مشهور ۽ آڳاٽو شهر هو) جتي اوائلي قديم تهذيبن مان هڪ جي وارث ثميرين قوم آباد هئي- هن قوم جا سنڌ ۾ موهن جي دڙي وارن باشندن سان تعلقات هئا، پنهنجي عروج تي پهتل هئي، ان زماني ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا وڏي عروج تي هئي.

مُهين جي دڙي جي آثارن مان جيڪي مهرون، ٺپا، ٿانو، زيور ۽ ٻارڙن جا رانديڪا مليا آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني جا ماڻهو ڪيترا نه ترقي يافته ۽ ماهر هئا. هُو سٺي ۾ سٺا ٿانو ۽ رانديڪا ٺاهيندا هئا. بهترين زيور تيار ڪندا هئا. انهن کي لکڻ به ايندو هو. هُو لکيل مهرون وڏي مهارت سان تيار ڪندا هئا.

مُهين جي دڙي بابت مشهور آثارِ قديمه سرجان مارشل لکي ٿو. ”اسان کي اوچتو هيءَ ڳالهه معلوم ٿي ته پنج هزار قبل مسيح سنڌ ۽ پنجاب جا ماڻهو متمدن قومن وانگي خوبصورت ۽ پڪين جاين ۾ رهندا هئا. سندن تمدن هنر ۽ ڪاريگري بلند درجي تي پهتل هئي، سندن اکرن لکڻ جو طريقو به سڌريل ڍنگ جو هو.“ (جنت السنڌ، ص 26)

ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي مُهين جي دڙي جي لکيت کي ديوناگري جي نموني ماترائون ڪوٺيندي ذڪر ڪري ٿو:

” مُهين جي دڙي مان لڌل مهرن تي جانورن جي شڪلين کان سواءِ هڪ ٻه سِٽَ به لکيل آهي، پر اکر تصويرن جي صورت ۾ آهن. سڄي دنيا ۾ جيڪي آئيويٽائون چالو آهن، تن جا اڪثر اکر اهڙين لکتين مان ٺهيل آهن، اڳي اکرن بدران جانورن وغيره جون شڪليون ڪڍندا هئا، اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪا اکر ٿيون آهن. مهرن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا لاڪنائون (اعرابون) آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته هتي لکڻ جي هنر جي ترقي چڱي قدر ٿي آهي.“ (قديم سنڌ، صفحو 99)

ڪتاب ”سنڌو ماٿري جي سڀيتا“ ۾ مُهين جي دڙي مان لڌل مهرن جو ذڪر هيئن ٿيل آهي؛ سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن ۾ ڪامياب ترين تخليق مهرون آهن. جيڪي فقط مُهين جي دڙي ۽ هڙاپا مان ئي اٽڪل ٻه هزار کن مليون آهن، ۽ جن مان هيءُ گمان ٿئي ٿو ته شايد هر ماڻهو وٽ پنهنجي مهر هوندي هئي. هي مهرون اسٽائيٽ (ايرڪ جهڙو پٿر) مان ٺاهيون ويون آهن، ۽ ڏيڍ انچ چورس کان وٺي اڍائي انچ چورس تائين مختلف ماپن جون مليون آهن. عام ماپ 7 ۽ ٻه انچ اٿن. هي مهرون چورس شڪل جون آهن جن تي جانورن جون تصويرون ۽ تصويري اکر اڪريل آهن.“

”شري ايس ڪيري، جن مهرن جو ذڪر پنهنجي ڪتابڙي نمبر (2) ۾ ڏنو آهي، انهن تي ڇا لکيل آهي، انهن جا 20 ڀاشائي ملهه ساڳيا آهن، انهن مان ڪن مهرن جو ذڪر ڪجي ٿو:

(1) مهر نمبر (409):

(Mohan- Jo- Daro Indus civilization No 409) هن مهر ۾ لڇمي ديوي ڏيکاريل آهي، جنهن کي ان سمي ۾ لڇميءَ بدران لئڪي سڏيندا هئا، ۽ ان کي راڻين (واپارين) جي ديوي سڏيو ويو آهي، جنهن جي هُو ڏياري رات پوڄا ڪندا هئا.

(2) مهر نمبر (93) M.I.C No. 93 ۾ گينڊي جي شڪل ڏيکاريل آهي، ان جي مٿان گول ۾ بدڪ ڏيکاريل آهي. ان جو ڀاشائي ملهه (Phonetic value) ”زسرت“ ڪڍيو ويو آهي جو شاهاڻو نالو ”راجا دسرٿ“ جي راڄ جي تاريخ اٽڪل عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ جي.

(3) مهر نمبر MIC No 19 (19) ۾ هڪ سڱ وارو گهوڙو کنگهي رهيو آهي. هن مهر مان ڇوڪرن کي سيکاريو ٿي ويو ته کنگهڪار ۾ جانور يا آدمي جو روپ ڪهڙو ٿو ٿئي. اهڙي صورت مان سڄي زندگي نمايان ٿئي ٿي.

سنڌو ماٿريءَ جي هڪ لکيت جو ارٿ (مطلب) لکيت جا ڀاشائي ملهه = ارٿ (مطلب) سنڌيءَ ۾ سمارا اَلا- ونا آ = وڻن جي جهڳٽن هيٺان. ڪڪا ڌانا- جينا آ = ڍڳي ونگو ويٺي کاڌو. ٻائيرا ڪيوانا = تڏهن سرڪاري پهريدار بان- کائيسودا = تڏهن پان پيا کائين.

ککئه آ = ۽ ڍڳن کي هڪلين ٿا.

هاڻي جن مهرن ۾ سنسڪرت ۽ سنڌي اکر وهن ٿا، انهن جو ذڪر ڪجي ٿو (1) مهرنمبر [5] ۾ (M.I.C NO. 5) جو ڀاشائي ملهه ”ويو“ ڪڍيو ويو ۽ ارٿ ڊپ ڏنو ويو آهي. اهو ويه سنسڪرت ۾ ڀيه آهي. جو ڦري ڀئه ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ ساڳيو اکر ڀئه ڪم ايندو آهي. مثال توکي ڀؤ نٿو ٿئي.

(2) مهر نمبر (15) (M.I.C NO 15) جو ڀاشائي ملهه آهي.

گر- سئنادي = قلعي جو  (ڳڙ) جو سينا پتي گر=ڳڙ سئنادي = سئناپتي- پتي اکر اصل سنسڪرت جا آهن، پر سنڌيءَ ۾ به ڪم اچن ٿا.

(3) مهر نمبر (24) M.I. (No. 24) جو ملهه آهي دم لارما = هو دم (ساهه) کڻي ٿو. دم=ساهه اهو سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ ساڳيو آهي.

(4) مهر نمبر (25) (M.I.C No: 25) جو ملهه آهي شني اي = ٻڌي (سڻي) ٿو، سنسڪرت ۾ شروڻ ۽ سنڌيءَ ۾ سڻڻ لفظ آهي.

(5) مهر نمبر (26) (M.I.C No 26) جو ملهه آهي: سئنڪ ايناڪنا، سئنڪ (سپاهي) اندر اچي ٿو. سنڌي توڙي سنسڪرت ۾ به پڻ ساڳيو لفظ سئنڪ ڪم اچي ٿو.

(7) مهر نمبر 31 (M.I. C No 31) جو ملهه آهي گگنتلڪ = چوپايو مال هيٺ لهي ٿو. هت گگن =آڪاس، سنسڪرت جو لفظ آهي. سنڌيءَ ۾ به ساڳيو لفظ ڪم اچي ٿو.

هت آڪاس يعني مٿاهين زمين کان هيٺ اچن ٿا. (جانور ماٿريءَ ۾ گاهه چرڻ لاءِ)

(8) مهر نمبر 339 (M. I.C No: 339) نرکيما آ- ڏسي ٿو. سنسڪرت ۾ نريکشڻ، نرکيم بدران ڪم اچي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ڏسڻ. حاصل مطلب ته سنڌو ماٿريءَ جي لپيءَ جا جيڪي ڀاشائي ملهه پنج هزار سال اڳ هئا، اهي هاڻي به گهڻو ڪري ساڳيا آهن.

(1) انسان جي پهرين ايجاد ڦيٿو (Wheel) آهي، جيڪا شايد موهن جي دڙي وارن جي ايجاد آهي. جنهن تي سڄي دنيا جي ٽرانسپورٽ هلي ٿي.

(2) سڄي دنيا ۾ جيڪو به ڪاروبار هلي ٿو، اهو مارڪيٽنگ جي اصولن ۽ قانون تحت هلي ٿو.

(3) سڄي دنيا ۾ ٽائون پلاننگ جو مثال مُهين جي دڙي جي آثارن مان ملي ٿو.

(4) جپان جي آٽوموبائيل صنعت جو بادشاهه (Mr: Suzuki) ڪنهن به ڏٺو يا سڃاتو ڪونه هوندو، پر سوزوڪي گاڏي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود آهي ۽ سندس سڃاڻپ آهي.

سنڌيڪار: منظور سولنگي

 

 

 

 

استاد- هڪ رهنما

 

”استاد اهو نه آهي جو ڪتاب پڙهائي، اصل استاد اهو آهي، جنهن جي ڳالهه دل کي وڻي وڃي ۽ دل لُڀائي وڃي.“

استاد جي تعريف:

استاد هڪ موٽيويٽر (ذهني آمادگي ڪندڙ) ٿئي ٿو، استاد لاءِ صرف پڙهائي ڇڏڻ، ٻڌائي ڇڏڻ ڪافي نه آهي. عمل جي لاءِ همٿائڻ، قوت ارادي پيدا ڪرڻ، عزم پيدا ڪرڻ، انرجي پيدا ڪرڻ استاد جو ڪم آهي. پوين سؤ سالن جي اندر صرف انهن ملڪن ئي ترقي ڪئي آهي، جتي پڙهائڻ جو لائيسنس آهي، اتي هٿيار جو لائيسنس آسانيءَ سان ملي وڃي ٿو، پر پڙهائڻ جو اجازت نامو مشڪل سان ملي ٿو. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ سولي ۾ سولي نوڪري ماستريءَ جي آهي، وڏيرو تعليم کي بگاڙڻ جي لاءِ هر ڪاهيندڙ ۽ ڌنارن کي ماستري وٺي ٿو ڏئي ته جيئن تعليم جو خانو خراب ٿئي. ان جو سبب هيءُ آهي ته هٿيار سان صرف ايترا ماڻهو مري سگهن ٿا جيتريون گوليون ان ۾ ٿين ٿيون. جڏهن ته هڪ استاد وٽ لاتعداد گوليون ٿين ٿيون، ان ۾ ايترو بارود هوندو آهي، جو پوري جو پوري نسل اُڏائي ڇڏي ۽ خاڪ جو ڍير بنائي ڇڏي ٿو. ترقي يافته ملڪن ۾ هن کي پڙهائڻ جو لائيسنس جاري ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي استاد بنايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هيٺيون ڇهه خوبيون لازمي طور هئڻ گهرجن.

(1) مضمون ۾ مڪمل مهارت هجي:

پهرين خاصيت هي آهي ته، استاد کي پنهنجي مضمون تي مڪمل مهارت، دسترس هجي. مضمون تي مهارت جو مطلب آهي، پنهنجي مضمون کي وقت سان گڏوگڏ اپ گريڊ ڪري.

(2) ڳالهه ٻولهه/ ابلاغ جي صلاحيت:

ٻي خصوصيت هيءَ آهي ته، استاد ۾ ڳالهه ٻولهه/ ابلاغ جي صلاحيت هجي. ابلاغ جي صلاحيت جو مطلب آهي ته استاد پنهنجي ڳالهه شاگرد کي سمجهائي سگهي، جي هُو شاگرد جي سطح تي اچي سمجهائي نٿو سگهي ته پوءِ هُو ڪيترو به وڏو استاد ڇو نه هجي، فائدو نه آهي. ان جو مطلب هيءَ آهي ته هن ۾ ڳالهه ٻولهه جي صلاحيت موجود نه آهي.

(3) سماجي ذهانت/ ملنساري:

ٽين خاصيت هيءَ آهي ته ان ۾ سماجي ذهانت هجڻ گهرجي، يعني منجهس ملنساري جي صلاحيت هجي. سٺي طرح ماڻهن سان ملي جلي سگهي. انڪري ته استاد کي انسانن سان ڪم ڪرڻو هوندو آهي. جي هُو ملنسار ئي نه هوندو ته ڪم ڪيئن ڪري سگهندو. جي ڌنار ئي وائڙو هوندو ته ڌڻ جو واهي ڪير، بگهڙ سڄي ڌڻ کي ناس ڪري ڇڏيندا.

(4) موٽيويشن (ذهني آمادگي):

چوٿين خاصيت هيءَ آهي ته، جيڪڏهن استاد ۾ موٽيويشن نه آهي يا جذبو نه آهي، ته هو استاد نه آهي. حضرت علي بن عثمان الهجويري پنهنجي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ ۾ فرمائي ٿو، ”ٿانوَ مان اهو ئي نڪرندو جو هن ۾ وڌو ويندو.“ جي استاد وٽ موٽيويشن نه آهي ته هو موٽيويٽ نه ڪري سگهندو. هي پڙهائڻ واري شيءِ نه آهي، موٽيويشن کي لائيسنس ملي ٿو.

(5) سکڻ جو شوق:

پنجين خاصيت استاد جي لاءِ هيءَ ضروري آهي ته هن کي سکڻ جو شوق هجي، جيڪو پاڻ اُڃيو هجي، اهو ٻين کي پياسو بنائي سگهي ٿو. جنهن کي خود اُڃ جو ادراڪ نه هجي، ته هُو ٻين کي ڇا خاڪ اُڃَ (پياس) جو شعور ڏيندو.

(6) اڳتي وڌڻ جي صلاحيت جذبو:

ڇهين خاصيت هيءُ آهي ته هن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت يا جذبو هجڻ گهرجي، ڇو ته استاد اهو شخص هوندو آهي، جو قوم کي ترقي وٺرائي ٿو. قوم کي اڳتي وٺي وڃڻو هوندو آهي، جيڪڏهن هو پاڻ اڳتي وڌڻ وارو ناهي ته ڪڏهن به اڳتي وڌڻ وارا ماڻهو پيدا ڪري نه سگهندو.

مؤثر استاد:

هڪ تحقيق موجب، جڏهن به ڪنهن شيءِ جو قدر ۽ قيمت ڪٿڻي هجي ته پهرئين هيءَ ڏٺو ويندو آهي ته هن شخص معاشري ۾ پنهنجي ڪيتري اهميت بڻائي آهي. اگر ڪا شيءِ پنهنجي اهميت پاڻ بڻائي نه سگهي هجي پوءِ کڻي تعداد ۾ ڪيترو به وڌي وڃي، سندس اهميت نه بڻبي. اسان جي ملڪ ۾ استاد پنهنجي اهميت نه بڻائي سگهيو آهي. پهريون هو سر جو تاج هو، جيڪڏهن هو پاڻ ئي سر جو تاج بڻجي نه سگهيو هجي ته پوءِ ٻيو ڇو هن کي سر جو تاج بڻائيندو. جي علم سيکارڻ واري هي طئي ئي نه ڪيو هجي، جيتري وڏي ذميواري منهنجي مٿان آهي ڇا مان ان جو اهل به آهيان يا نه، ۽ مون پنهنجي پاڻ کي مڃايو به آهي يا نه؟ مثال طور تي، هڪ ڳائڻ واري کي ڪنهن محفل ۾ گهرايو وڃي ته هُو پاڻ کي مڃائي ٿو پنهنجي سُرَ ۽ سنگيت سان. جڏهن ته استاد عموماً پاڻ کي نٿو مڃرائي ته مان استاد آهيان.

استاد جڏهن پنهنجي هنر ۽ فن سان ٻارن کي متاثر نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ٻار به هن جو ادب احترام نه ڪندا. هو صرف خوف، ڀوَ جي ڪري هن جو ادب ڪندا، استاد تمام وڏي شيءِ آهي. علامه اقبال کي جڏهن شمس العلماءَ جو خطاب ڏنو پئي ويو ته هن اهو چيو ته، هيءُ خطاب منهنجي استاد مولوي مير حسن کي سونهين ٿو ڇو ته هُو مون جهڙا ڪافي شمس پيدا ڪري سگهي ٿو. آخر اهو خطاب پنهنجي استاد کي ڏياريائين جنهن جو هُو حقدار به هو. ٻيو ته علامه اقبال پنهنجي دوستن سان ويٺو هو ته سامهون کان ان جو استاد مولوي مير حسن صاحب گذريو، علامه اقبال هڪدم اٿيو ۽ ان جي پويان هلڻ لڳو ۽ کيس گهر تائين ڇڏي آيو. دوستن ڏٺو ته کيس هڪ پير ۾ جتي هئي ۽ ٻيو پير جتي کان سواءِ هو، ڇو ته استاد جي آداب ۾ کيس جلدي اٿڻو پيو ۽ جتي پائڻ ڀُلجي ويو. پاڻ هي ادب ان ڪري ڪيائين ته استاد پاڻ کي مڃرايو هو. هاڻ هن وقت اسان وٽ گهڻا مولوي ميرحسن آهن؟ اسان رسمي طور تي ادب ته ڪري رهيا آهيون، پر دلي طور تي ادب نٿا ڪريون، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪري رهيو آهي ته، ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو ڊگري طور تي ملي ته وڃي ٿو، پر ان سان ڪا نواڻ نه ٿي اچي، جيڪا تعليم ملڻ گهرجي ها، سا نٿي ملي. صرف رٽو هڻائي سبق ياد ڪرائڻ، تعليم نه آهي. تعليم ته اندر جي تبديليءَ جو نالو آهي، روين جي تبديلي، مڪمل معلومات هجڻ جو نالو آهي.

واصف علي واصف فرمائي ٿو ته، استاد ”علم نه ٿو ڏئي، علم جي پياس ڏئي ٿو، جي اُڃ (طلب) ملي وڃي ته، علم خود هلي اچي ٿو.“ يعني پياس- اُڃ ايتري ته طاقتور شيءِ آهي، جو جيڪڏهن اوهان علم جا طلبگار، اُڃارا آهيو ته پوءِ اوهان ان جي لاءِ ڪتاب به خريد ڪندا، ورڪشاپن ۾ هليا ويندا. هن جي لاءِ سفر به ڪندا. ان جي لاءِ اسڪالرشپ جي به پڇا ڪندا، هن لاءِ هجرت به ڪندا، هن جي لاءِ وڏي کان وڏي قرباني به ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا ۽ هن  کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيادل به هلندا. جيڪڏهن گهوڙي کي اُڃ لڳي ۽ ان کي ڏهه ماڻهو پڪڙين تڏهن به هو گهوڙي کي پاڻي پيئڻ کان روڪي نٿا سگهن، وري جي گهوڙي کي اڃ نه هجي ته ۽ ڏهه ماڻهو هن کي زبردستي پاڻي پيارين تڏهن به هُو نه پيئندو. اڄ به جيڪڏهن اوهان قابل استاد بڻجي ويو ته ماڻهو اوهان کي اکين تي ويهاريندا، اڄ اوهان پنهنجو مقام ٺاهڻ جي لاءِ تيار ٿيو، ته دنيا توهان آڏو جُهڪڻ جي لاءِ تيار هوندي، پر جيڪڏهن اوهان اهو طئي نه ڪري سگهو ته جيتري مرضي اوهان جا اسڪيل وڌي وڃن، هن سان ڪو به فرق نه پوندو.

مولانا روم کان ان جي آخري ايامن ۾ ڪنهن پڇيو ته، ”اوهان دنيا مان وڃي رهيا آهيو.“

پاڻ جواب ڏنائون، ”مان دنيا جي مَسَند کان لهندس ۽ دلين جي مَسَند تي ويهندس.“

ڪيترو وڏو استاد هو، جنهن کي يقين هو ته، مون کي دنيا مان وڃڻ جي ڪا پرواهه نه آهي، ڇو ته جيڪو مون ڪم ڪيو آهي، ان جي ڪري ماڻهو مون کي دلين ۾ ويهاريندا. هيءُ ايترو ته وڏو سچ هو جو اٺ سئو سالن کان پوءِ علامه اقبال جهڙي شخصيت به چئي ڏنو ته، ”مان اقبال نه هجان ها، اگر رومي منهنجو استاد نه هجي ها.“ اوهان جي اندر هڪ اهڙو پيارو انداز ضرور هجڻ گهرجي، جو ٻار جي دل کي ڀلو لڳي ۽ کيس لڀائي.

سڀ کان پهريون پاڻ کي مڃيو، جڏهن پنهنجي نظر ۾ پنهنجو مقام ٺهي وڃي ته پوءِ زمانو به اوهان جي مقام جو قدر ڪندو، جي اوهان پنهنجي نگاهن ۾ قابل قدر نه آهيو ته دنيا ۾ به اوهان جو قدر نه ٿيندو. جڏهن استاد 8 کان 1 بجي وارو هوندو ته پوءِ هو پنهنجو مقام بڻائي نٿو سگهي، جڏهن به هن کي ٽيلنٽ (قابليت) ٿيندي، ته پوءِ هو پنهنجو مقام پاڻ ٺاهي ويندو. هي واحد پروفيشن (ڌنڌو) آهي جو پنهنجي مٿان چوويهه ڪلاڪ طاري رکڻو پوي ٿو. دنيا ۾ اچڻ وڃڻ ڪو به مسئلو نه آهي. هي هر مخلوق سان ٿي رهيو آهي، دنيا ۾ موثر هجڻ مسئلو آهي.

ابتدا ۾ جڏهن به گاڏي رڪجي ٿي، ته ڌِڪي سان ئي هلي ٿي. دنيا جي ڪا به گاڏي جيڪڏهن هڪدم سان تيز رفتار پڪڙي ته پوءِ اها هلي نه سگهندي. اهڙيءَ طرح ٻار کي رستي تي آڻڻ جي لاءِ ڌڪي جي ضرورت پوي ٿي ۽ ڪيترائي ٻار هن ڌڪي جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن. ٻارن جي ڪنن ۾ هي آواز اچڻ گهرجي ته ”تون ڪري سگهين ٿو، بس ٿورڙي همت کپي.“ ان لاءِ اوهان صرف استاد نه بڻجو بلڪ، پنهنجي اندر ڪو اهڙو فن پيدا ڪيو، جنهن سان ٻار متاثر ٿين، ڇو ته فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي، ميٿ تمام آسان آهي، جي استاد متاثر ڪرڻ وارو هجي، جي استاد متاثر ڪرڻ وارو نه آهي ته پوءِ دنيا ڀر جا آسان ترين مضمون به ماڻهوءَ لاءِ ڏکيا ٿي پون ٿا.

اخلاق:

ٻار، استاد کان علم بعد ۾ وٺي ٿو، پهريان هُو استاد جي اخلاق کان متاثر ٿئي ٿو. استاد جو ورتاءُ تمام سخت ٿئي ٿو، جڏهن ته مضمون تمام سٺو هوندو آهي، جڏهن استاد جو مضمون سٺو هوندو ۽ اسين استاد سٺي اخلاق جا مالڪ نه هونداسين ته، ٻار سٺي مضمون کي به خراب سمجهندو. سڀ کان پهريان اسان استاد کي اخلاق ۾ سٺو ٿيڻو آهي ۽ سٺي اخلاق جو مطلب هي آهي ته، اوهان جا جيڪي مسئلا ۽ تڪليفون آهن، انهن کي گهر جي صندوق ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻار کي اخلاق سان پيش  اچو، ٻار کي ان سان ڪوبه غرض نه آهي ته، اوهان ڪيڏا پريشان آهيو، ان جي سامهون ته صرف هڪ استاد آهي، جنهن کي ٻار کي پڙهائڻو آهي. ڪڏهن به پنهنجي ذات جا غم، ڏک، تڪليفون ٻار تائين نه پهچايو، ڇو ته هو اوهان کي آئيڊيلائيز ڪري ٿو. جي اوهان پنهنجا ڏک ٻارن سان سَليندو ته هو اوهان جي شخصيت کي ڪمزور سمجهندو ۽ گڏوگڏ پنهنجي مضمون کي به ڪمزور ڪري ڇڏيندو.

آمريڪا ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ مريض کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو ۽ پوءِ سڀني گروپن جي مريضن کي هڪ ئي دوا ڏني وئي. ڏٺو ويو ته، سڀ کان پهريون اهي مريض ٺيڪ ٿيا، جن جو معالج سٺي اخلاق وارو هو، جنهن مان هي نتيجو نڪتو ته، دوا کان وڌيڪ اخلاق سٺي صحت جو ضامن بڻجي ٿو. اسان جو ذهن يقين جي بنياد تي هلي ٿو، اسان قدم به هن يقين جي بنياد تي کڻون ٿا. هيٺ زمين آهي يا نه آهي. جيڪڏهن اوهان تي ٻار جو يقين ناهي ته ٻار اوهان کي متاثر ڪندڙ استاد نه سمجهندو.

واعدو پورو ڪريو:

اوهان قابلِ اعتبار بڻجو، اوهان جي شخصيت اهڙي هجي جو اوهان تي مڪمل اعتماد ڪري سگهجي. اوهان جي شخصيت تي، اوهان جي ڳالهه ٻولهه تي، اعتماد ڪري سگهجي. ماڻهن کي وعدي تي پورا لهڻ وارا انسان پسند آهن. ڪوڙ جي لاري لڳائڻ وارا فرد ڪنهن کي به پسند نه آهن. ٻار کي ڏيکاريو ته اوهان ۾ ڪردار آهي. غور ڪريو ته اسان جو پيارو حبيب صلي الله عليہ وآلہ وسلم ڪنهن سان واعدو ڪندا هئا ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪندا هئا. هڪ واقعو آهي ته ڪنهن شخص پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي ڪنهن جاءِ تي بيهاري عرض ڪيو ته: ”سائين ڪجهه وقت کان پوءِ هت ملون ٿا.“ همراهه کان ڳالهه وسري وئي، پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سڄا سارا ٽي ڏينهن اتي بيٺا رهيا. انڪري ته کيس خبر هئي ته استاد جي لاءِ واعدو وفا ڪرڻ ڪيتري وڏي شيءِ آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته، ”انا معلم“ مون کي دنيا ۾ استاد ڪري موڪليو ويو آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کان وڌ ڪو استاد ٿي نه ٿو سگهي.

اسان به هڪ استاد جي حيثيت سان واعدو وفا ڪرڻ سکون. ٻارن کي ڪجهه چئون ته ان کي ثابت به ڪريون. هڪ ڪلاس ۾ حاضريءَ جو رجسٽر نه ٿي مليو. ٻارن ان کي ڪٿي لڪائي رکيو هو. استاد قسم کڻي چيو ته، اگر توهان مون کي ٻڌايو ته، مان توهان کي ڪجهه به نه چوندس، هڪ ٻار قسم تي يقين ڪندي هٿ مٿي کنيو ۽ چيو ته، ”سائين اهو الماريءَ جي مٿان پيو آهي“، استاد اهو رجسٽر کنيو، ان کان پوءِ ٻار کي مار ڏني، ڇا هن اهو صحيح ڪيو؟ ٻار جي ذهن ۾ استاد جي لاءِ هي تاثر ويٺو ته هيءَ اها مخلوق آهي، جيڪا ادب جي لائق ناهي؟ ادارو هجي، معاشرو هجي، گهر هجي، يا اسڪول، انسان پنهنجي جاءِ پاڻ ئي ٺاهي ٿو. هڪ صاحب کي ڪنهن ڪجهه چيو، ان کي ڪاوڙ آئي، ان بداخلاقيءَ سان هن کي جواب ڏنو، ان تي ٻئي شخص هن کي ايترو ماريو جو سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا. حضرت شيخ سعدي رحه فرمائي ٿو ته، ”ڪاش پنهنجي زبان تي قابو هجي ها ته اڄ تنهنجو هيءُ حال نه هجي ها.“ انسان جي زبان، انسان جو اخلاق، انسان جي شخصيت کي مقبول بڻائي ٿو يا ڪيرائي ٿو.

منصوبه سازي:

استاد هڪ سٺو منصوبه ساز ٿئي ٿو، جي اسان منصوبه سازيءَ جي عادت پنهنجي زندگيءَ ۾ داخل ڪريون ٿا ته اسان جا ڪافي مسئلا پاڻمرادو ئي حل ٿيڻ لڳن ٿا. هيءَ هڪ عادت آهي. هي بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن روز وهنجڻ، صاف ڪپڙا پهرڻ، اگر ڪنهن کان ڪا قيمتي شيءِ ملي ته اسان ان کي سنڀالي رکون ٿا. اهڙي طرح قدرت به اسان کي وقت (ٽائيم) ڏئي ٿي، ”جيڪا انتهائي قيمتي شيءِ آهي.“ انڪري اسان وقت جي منصوبه بندي ڪريون. جيڪا سٺي شيءِ ٿئي ٿي، ان کي جوڙي ڪري استعمال هيٺ آڻڻ گهرجي. اوهان کي ليڪچر تيار ڪرڻ جي حوالي سان، پنهنجي سيلف مئنيجمنٽ جي حوالي سان، پنهنجي زندگي جي حوالي سان پلان ڪريو.

اڄڪلهه ماڻهو ڪافي پڙهيل لکيل آهن، پر ان جي شخصيت ۾ بهتري نه آئي آهي. انهن جي تعليم گهڻي ٿي وئي آهي، پر هو پاڻ تحت السراءِ ۾ پهچي چڪا آهن، جڏهن تعليم گهڻي هجي ۽ اندر خلا رهي جيئن ”اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ٻئي جي ليکي ملڪ جو والي.“، ”منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس.“ هن جو مطلب اهو آهي ته، بهتري نه آئي آهي. صرف ڊگريون وٺڻ ڪمال نه آهي. اندر ڪجهه نه ڪجهه هجڻ ڊگري کان وڏي شيءِ آهي. ان جي اهميت سڃاڻو، ڇو ته هيءَ شيءِ اوهان کي اضطراب ڏانهن کڻي وڃي ٿي ۽ اضطراب ٻڌائي ٿو ته اوهان زنده آهيو.

ڪنهن ٻار کي ننڍو نه سمجهيو:

جتي اوهان پڙهائي رهيا آهيو، سو علائقو رهڻ جي لحاظ کان ننڍو ئي ڇو نه هجي، پوءِ غريبن جا ٻار ڇو نه هجن، اوهان انهن کي ننڍو نه سمجهيو، معمولي نه سمجهيو. خبر ناهي هُو ڪيڏو وڏو انسان بڻجي وڃي. ڇو ته مَنهنِ مان ئي وڏا انسان بڻجن ٿا. دنيا جا وڏا وڏا نالا ڏسو ته اهي اهڙي طرح ننڍن گهرن ۽ مشڪل حالتن مان نڪتا آهن. انهن فيصلو ڪيو هو ته پاڻ کي ثابت ڪرڻو آهي، جي اوهان ڪنهن فرد کي ڏسڻو آهي ته ان کي اهميت ڏيو. هي ڪڏهن به نه ڏسو ته هن جو گهر ڪهڙو آهي. جي اوهان ان کي اهميت نه ڏيندا ته اوهان زيادتي ڪندا. پڙهائڻ جو مطلب علم ڏيڻ نه آهي، هن کي ان جي نگاهن ۾ ايترو معتبر ڪري ڇڏيو جوان جي دل چوي مون کي ڪجهه ڪرڻو آهي.

اهل ٿيو:

ڪافي ملڪن ۾ هٿيارن جو لائيسنس ملڻ آسان آهي، پر پڙهائڻ جو لائيسنس ملڻ مشڪل آهي. ان جو سبب هي آهي ته هٿيارن سان ايترا ماڻهو مرندا جيتريون گوليون هونديون. پر هڪ استاد، پوري قوم کي تباهه ڪري ٿو ۽ ايترن ماڻهن کي ماري ٿو جنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي. نا اهل استاد، ٻارن کي پڙهائيندو ته ايندڙ نسل تباهه و برباد ٿي ويندا. ٻاهر جي دنيا ۾ استاد جي معنيٰ آهي موٽيويشن يعني ’ذهني آمادگي ڏيڻ وارو‘، ذهن کي تيار ڪرڻ وارو‘، انهن استاد جي معنيٰ کي ئي بدلائي ڇڏيو. جي استاد کان موٽيويشن نٿي ملي ته پوءِ اهو استاد نه آهي. استاد کي لائيسنس ڏيڻ وقت، جيڪي شيون چيڪ ٿين ٿيون، انهن مان هڪ موٽيويشن (ذهني آمادگي) به آهي. استاد جي وسيلي ٻارن جي سوچ ۽ رويي جو انداز بدلجڻ گهرجي، استاد ان جي لاءِ موٽيويٽر بڻجڻ گهرجي. استاد ٻارن کي موٽيويٽ (ذهني طور تيار ڪرڻ) ڪري ٿو ته ٻار استاد کي ياد رکندا، هو استاد جو قدر ڪندا ۽ استاد جي ڳالهه جو اثر وٺندا.

ٻارن کي خواب ڏيکاريو/ ڏيو:

جنهن ٻار جي پڙهائي ۾ دل نه لڳي، هو پڙهائيءَ کان بيزار ٿي پوندو ۽ ڀڄي ويندو. ان جو صرف هڪ ئي سبب هوندو آهي ته، انهن ٻارن کي خواب نه هوندا آهن. جڏهن به ماڻهو وڌيڪ ڪم ۽ وڌيڪ محنت ڪري ٿو، ته ان جو ڪو نه ڪو جواز به ضرور هوندو، ته هو ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪري ٿو. ٻارن کي خواب ڏيو، جڏهن ٻارن کي خواب ملندا ته انهن جي وڌڻ تي دل چوندي. اوهان ٻارن کي چئو ته اوهان ڊاڪٽر بڻجي سگهو ٿا. انجنيئر بڻجي سگهو ٿا. ليڊر بڻجي سگهو ٿا. دنيا ۾ خواب (اميد) راڄ ڪن ٿا. فرد  راڄ نه ٿا ڪن. خوابن جي وڌيڪ زندگي ٿئي ٿي، خواب ڏيکارڻ وارن جي زندگي گهڻي ٿئي ٿي. شاهه لطيف، علامه اقبال، مولانا رومي ۽ ٻيا عالم خواب ڏيڻ وارا استاد هئا. انهن خواب ڏنو، انڪري هُو اڄ تائين زنده آهن.

ليڊر/اڳواڻ:

استاد کي هڪ سٺو ليڊر هئڻ گهرجي، جي استاد ليڊر (اڳواڻي) نٿو ڪري، خود مثال نٿو بڻجي، ان جو مثال ٻارن جي سامهون نه آهي، ته پوءِ ٻار به مثالي نه بڻبا. ليڊر اهو هوندو آهي، جو اڳواڻي ڪري، جو سڀ ڪنهن کي گڏ وٺي هلي. هُو انجڻ ٿئي ٿو، باقي سڀ گاڏا ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن جي زندگيءَ ۾ استاد اچي ۽ اهو فرد اُتي جو اُتي ئي رهي ته هن جو مطلب آهي ته استاد نه آهي، استاد ته انسان کي فرش کان کڻي عرش تي پهچائي ٿو. يعني فرش مڪين کي عرش مڪين بڻائي ٿو. هن ملڪ ۾ سبجيڪٽ پڙهائڻ وارا گهڻا آهن، پر متاثر ڪرڻ وارا استاد گهٽ. جنهن ڏينهن استاد متاثر ڪرڻ وارا ٿيندا ته ان ڏينهن ملڪ ۾ انقلاب ايندو. انقلاب ايئن نه ٿو اچي سڀ محڪما، سڀ شعبا استاد ٺاهي ٿو. هي واحد ڌنڌو آهي، جنهن وٽان پڙهي ڪو ٻار ڊاڪٽر، ڪو سائنسدان، ڪو آرمي آفيسر ڪو جج بنجي ٿو. ڪنهن کي استاد ئي بڻجڻو آهي. ڪو پروفيسر بڻجي ٿو، ٻار ڪٿي نه ڪٿي فٽ ٿي وڃي ٿو. جي استاد ٺيڪ آهي ته جيڪو به ان وٽ ايندو پوءِ هو ڪمال تي پهچندو. ارسطو، سڪندر جو اتاليق هو، هن سڪندر کي سڪندر اعظم بڻايو. سڪندر اعظم چوندو هو ته پيءُ مون کي پيدا ڪيو، پر ارسطو مون کي سڪندر اعظم بڻايو.

استاد جو احترام:

جي اوهان پنهنجي استادن جو احترام ڪريو ٿا ته اوهان جي ڏسندي ڏسندي ٻيا ماڻهو به احترام ڪرڻ لڳن ٿا. ماڊرن ڪلچر پوري روايتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هڪ استاد آهي، ان وٽ جي پڙهڻ وڃ ته هو اوهان کي هيرو بڻائي ڇڏيندو. مان ان وٽ ويس، منهنجي پهريون دفعو ان سا ملاقات ٿي ته مون ڏٺو ته ٻن ٻارن ادب سان استاد جا هٿ چميا. مون کي وڏي تڪليف ٿي ۽ وڏو عيب لڳو. وقت گذريو مان ان کان پڙهڻ لڳس. ان جي شخصيت،  محبت ڪمال جي هئي. هو مون کي وڌ کان وڌ وقت ڏيندو هو. آچر جي ڏينهن به گهرائي وٺندو هو. جڏهن نتيجو آيو ته مان يونيورسٽي ۾ ٽاپ ٽين ۾ هيس. مان مٺائيءَ جو دٻو وٺي اتي پهتس. خبر ناهي ڇا ٿيو، مون بي اختيار ان جا هٿ چمي ورتا. مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته احترام اهو ٿيندو آهي جو دل سان ڪجي. جڏهن ڪنهن کي چيو وڃي ٿو ته استاد ۽ ماءُ پيءُ جو احترام ڪندا ڪريو، ان جو احترام ڪڏهن به دل سان نه ٿيندو. اگر دل ۾ احساس هوندو ته احترام به ٿيندو. اسان سڀ کان وڏي زيادتي اها ڪئي آهي ته اسان استاد جي احترام کي خود ختم ڪيو آهي. ان جو نتيجو هي نڪتو آهي ته اڄ جو استاد تمام ڀليون ڳالهيون ٿو ڪري، پر اهي ڳالهيون دل تي اثر نٿيون ڪن. انڪري ته استاد دل ۾ رکڻ جي لائق نه آهي، جنهن ڏينهن استاد اسان لاءِ معتبر هوندو، ان جي ڳالهه به قابلِ اعتبار ٿيندي ته پوءِ کيس قول ۽ فعل ۾ هڪ جهڙو ٿيڻو پوندو.

استاد هڪ قائد:

استاد هڪ ريل جي انجڻ جيان ٿئي ٿو، ان ۾ هيٺيون خاصيتون هونديون آهن.

1. منزل تي رسائڻ، منزل تائين وٺي اچڻ:

انجڻ ريل کي منزل تائين پهچائيندي آهي، جنهن کي خود منزل جي خبر نه هوندي. هو منزل تي پهچائي به نه ٿو سگهي. جي اوهان کي پنهنجي منزل جي خبر ناهي ته پوءِ اوهان جن ٻارن کي پڙهائي رهيا آهيو، انهن جي به ڪا منزل نه هوندي. جنهن انسان کي پنهنجي منزل جي خبر آهي. هو پنهنجو ڪم عبادت جيان ڪندو. جيڪو ٻار اوهان وٽ پڙهڻ جي لاءِ آيو آهي، قرآن و حديث جي موجب ان جي تربيت ڪريو. هي اوهان جي منزل آهي.

2. آخري دٻي کي به گڏ وٺي هلبو:

ڪلاس ۾ اهڙا ٻار ضرور ٿين ٿا، جيڪي پڙهڻ وارا نه هوندا آهن. ڪجهه اهڙا هوندا آهن، جن کي گهر ۾ پڙهڻ وارو ماحول نٿو ملي. ڪن کي ڪاوڙ گهڻي ٿي اچي. هي سڀ آخري دٻا هوندا آهن. ليڊر اهو ٿيندو آهي، جو آخري دٻي کي به ساڻ وٺي هلي. ٽاڪ منجهند ٻنپهرن ۾ مديني شريف جي گهٽين ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ آلہ وسلم هڪ عورت سان ڳالهائي رهيا آهن، جيڪا اڌ چري آهي، هڪ صحابي رضه اچي چوي ٿو يا رسول الله صلي الله عليہ آلہ وسلم هي ته پاڳل آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ آلہ وسلم جن فرمايو، ”جي مان هن جي ڳالهه نه ٻڌان ته باقي ڪير ٻڌندو؟“ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ آلہ وسلم جن پاڳل عورت تي به رحم ڪيو. هڪ ليڊر موجب ته، ”مون کي کوٽا سڪا هلائڻ اچن ٿا.“ ليڊر جو ڪمال هي ٿئي ٿو ته هو پوري ٽيم تيار ڪري ٿو، ۽ کوٽن سڪن کي به هلائي ٿو، جي اوهان کوٽا سڪا هلائڻ جا اهل آهيو ته پوءِ اوهان ليڊر آهيو.

3. باهه ۾ خود پوي ٿو، دٻن کي کائڻي نٿي پوي:

اوهان ڪڏهن پنهنجي والدين کي ڏٺو آهي ته هو ڪيئن مصيبتن سان ٽڪرائجي اوهان کي نپائين ٿا، ڪڏهن پيءُ جي محنت کي ڏسو، ڪيئن محنت ڪري حلال رزق ڪمائي ٿو ۽ اوهان جي روزيءَ جو بندوبست ڪري ٿو، جي اوهان ذميدار آهيو، تڪليف کڻو ٿا، پوءِ اوهان انجڻ آهيو. هڪ صحابي پاڻ ڪريم صلي الله عليہ آلہ وسلم جن جي بارگاهه ۾ اچي عرض ڪيو: يا رسول الله صلي الله عليہ آلہ وسلم مان پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌو آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ آلہ وسلم جن پنهنجو پيٽ مبارڪ ڏيکاريو، ٻه پٿر ٻڌل هئا. وڏو مثال هي هوندو آهي ته اوهان خود مثال بڻجي وڃو.

4. متعين راهه تي هلڻ:

زندگيءَ ۾ جيڪو به ڪرڻو آهي، ان جي پهرين منصوبه بندي ڪريو، اوهان جو چاهيو ٿا، ان کي اڄ کان ئي لکي ڇڏيو. شيخ سعدي رحه فرمائين ٿا: ”ڪڏهن به الله تعاليٰ کان گهرڻ لڳو ته پنهنجي اوقات کي ڏسي ڪري نه گهرجي بلڪ الله پاڪ جو شان ڏسي ڪري گهرجي.“ جي اوهان کي ڏهن سالن کان پوءِ ڪا شيءِ حاصل ڪرڻي آهي ته ان جي لاءِ منصوبه بندي هئڻ گهرجي، نه ته هي ڏهه سال ضايع ٿي ويندا، اوهان دنيا ۾ ڪٿي به هليا وڃو. ان کان وڌيڪ سهڻي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هر ڏينهن پنج دفعا سڏيو وڃي ٿو: ”فلاح جي طرف اچو.“ هي رستو ڪاميابيءَ جو رستو آهي.

5. خوداري:

خوداري جو مطلب آهي، ڪنهن جو محتاج نه هجڻ، آزاد هجڻ. هونئن ته انسان، الله تعاليٰ جو محتاج آهي. ”ڇو ته رب پاڪ غني آهي ۽ اسان ان جي در جا فقير.“ پر اهو نه ٿئي ته انجڻ پنهنجي دٻن جي محتاج هجي. بلڪ دٻا انجڻ جا محتاج هجن. جي هلندڙ ريل کان انجڻ کي هٽايو وڃي ته دٻا پوءِ به هلندا رهن ٿا. انڪري ته انجڻ جي رفتار ايتري پيدا ڪيل هوندي آهي، جو دٻا ڪجهه گهڙين جي لاءِ هلندا رهن ٿا. جان ميڪموئل ليڊرشپ تي تحقيق ڪئي ۽ چيو ته ”سچ هي آهي ته دنيا ۾ ڪوئي هڪ عام ”فيڪٽر“ اهڙو نه آهي، جنهن تي ڪابه ڪمپني، زندگي، ارادو يا ملڪ قابلِ تعريف بڻجي وڃي“ پر جيڪڏهن اوهان کي هڪ شيءِ رکڻي پئي ته اها هڪ شيءِ آهي ”ليڊرشپ“! حضرت علي المرتضيٰ رضه فرمائين ٿا ته ”هڪ سئو رڍن جو لشڪر هجي، جي ان جي امامت شينهن ڪري رهيو هجي، ته رڍون پاڻ کي شير سمجهنديون ۽ سئو شيرن جو لشڪر هجي، ۽ ان جي امامت رڍ ڪري ته سئو شير به رڍون بڻجي وڃن ٿا.“ دنيا ۾ اهي خاندان ترقي ڪن ٿا، جن جا امام سٺا ٿين ٿا.

6. هر انسان استاد ٿي نٿو سگهي:

80 سيڪڙو استاد اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي علم سان نا انصافي ڪن ٿا. ڇو ته انهن وٽ پڙهائڻ جي مهارت نٿي ٿئي. اهي حقيقي محقق نه آهن. هو ڪوشش نٿا ڪن، حوصله افزائي نٿا ڪن، مثبت نٿا ٿين. ”ٿانوَ مان اهو ئي نڪرندو جو ان ۾ وڌو ويو هجي، لڻبو اهو ئي جو پوکيو هجي. ان جو سبب هي آهي ته جيڪو فرد پڙهائڻ جي لاءِ رکيو وڃي ٿو، اهو قابل نه ٿو هجي. صرف پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪرڻ سان ڪو استاد بڻجي. پڙهائڻ جو مطلب آهي سيکارڻ، ڪلاس کي ڪنٽرول ڪرڻ، ڪلاس کي اهڙي طرح پڙهايو وڃي جو پنجن ڪلاڪن جي خبر ئي نه پوي. يورپين جي ٻارن جي لاءِ ان جو استاد ”رول ماڊل“ ٿئي ٿو. اسان وٽ اڄ به رٽا سسٽم رائج آهي، جنهن جو رٽو سڀ کان سٺو آهي، اهو ئي ”گولڊ ميڊل“ ماڻي ٿو. ڪا ضمانت ناهي، ڪو به ”اي ڪيو“ ناهي، ڪا صلاحيت نه آهي، ڪا مهارت نه باقي ڊگرين جا انبار، اسان جي ملڪ ۾ ”انٽرنشپ“ عذاب آهي. هن کي ماڻهو بد دلي سان ڪن ٿا. ڪنهن ڇا خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي: ”ماڻهو ڪم مان ٿڪجي ٿو، محبت مان نه.“ جنهن کي ڪم سان محبت آهي، سو ٿڪجي نٿو سگهي. هن دنيا ۾ تعليم تي سڀ کان وڌيڪ ڪم پنهنجي ”رويي جي تنظيم“ يعني رويي جي تبديلي تي، ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مغربي دنيا ۾ گريجوئيشن کانپوءِ ٻار پنهنجو مضمون تبديل ڪري سگهي ٿو، هت نٿو ڪري سگهي. يورپ ۾ ماسٽر جي ڊگري کان پوءِ ايم. فل ڪنهن ٻئي مضمون ۾ به ڪري سگهجي ٿي. اهي چون ٿا، ”جي شوق آهي ته ان کي پورو ڪريو.“ استاد ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. استاديءَ جا ڪجهه راز ٿين ٿا جيڪي هن سري هيٺ ڏجن ٿا.

1. سٺي استاد جو پهريون راز:

دنيا جو ڪو به طالبِ علم صرف مضمون پڙهڻ نٿو اچي، دراصل هو هڪ تعليمي اداري يا هڪ استاد وٽ ان لاءِ اچي ٿو ته استاد يا ادارو ان کي هي يقين ڏئي ٿو ته ”تون ڪجهه ڪري سگهين ٿو.“ مسئلو هي آهي ته اسان جا سڀ استاد تمام سٺو پڙهائين ٿا. گهڻي محنت ڪن ٿا. پر ٻار کي يقين نٿا ڏين ۽ ان حقيقت کي ڀلجي ٿا، وڃن ته سڀ کان پهريون نمبر يقين جو ٿئي ٿو. دماغ جو نه. اوهان ٻار کي اهو يقين ڏياريو ۽ کيس چئو ته: ”پٽ، جي اوهان پنهنجي صلاحيتن تي يقين ڪندؤ ته اها ئي صلاحيت اوهان کي آسمان جي بلندين تي پهچائيندي.“ ته پوءِ اوهان ٻار تي دنيا جو سڀ کان وڏو احسان ڪريو ٿا.

هڪ سٺي استاد کي ٻار جي اندر محنت تي يقين ڪرائڻو پوي ٿو. ان کي چوڻو پوي ٿو ته، ”پٽ تون پنهنجي محنت تي يقين ڪر.“ جڏهن ٻار کي پنهنجي محنت تي يقين ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ هن جي پڙهڻ تي دل ٿئي ٿي. جڏهن هن جي دل پڙهڻ سان لڳي وڃي ته پوءِ کيس پڙهڻ جي لاءِ چوڻ جي ڪا ضرورت نه ٿي پوي. هن کي پوءِ ٻاهرين مدد يا ذهني آمادگيءَ جي ڪا ضرورت نه ٿي پوي. جڏهن هن جي ذهني آمادگي ٿي وڃي ٿي، ته هو پڙهڻ لڳندو، پوءِ هو ٻار، عام ٻار کان نڪري لائق ۽ فائق ٻار بڻجي پوي ٿو.

ٻار کي ٻيو يقين رب جي ذات جو ڏيارڻ ضروري آهي ته ”پٽ تون رب تي يقين رک، هن جي ڪرم تي يقين رک.“ اڄ تائين ڪنهن جي محنت رائگان نه ٿي آهي. هڪ چوڻي آهي ته "Struggle is a key of Success" ”محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.“

”همٿِ مردان مددِ خدا“ جڏهن به ڪو شخص وڌڻ لاءِ محنت ڪري ٿو، ڪوشش ڪري ٿو ته قدرت ان جي معاونت ڪري ٿي. (ان ڪري چيو ويو آهي ته ”پورهيت خدا جو دوست آهي) قدرت ان جي لاءِ رستو ٺاهڻ شروع ڪري ٿي ۽ منزل هن جي انتظار ۾ هوندي آهي. هڪ حديث شريف جي موجب، ”الله تعاليٰ ان جو ساٿ ضرور ڏئي ٿو جو ثابت قدم رهي ٿو. پنهنجي شاگرد لاءِ هي ڪم ضرور ڪريو ته ان کي سبجيڪٽ پڙهائڻ کان علاوه، جيڪي شيءِ اوهان کي ڏيڻي آهي. سا آهي ”يقين“ جي اوهان ٻار جي اندر يقين پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ته پوءِ اوهان عام استاد نه آهيو بلڪ اوهان هڪ موثر استاد بڻجي وڃو ٿا.

2. سٺي استاد جو ٻيو راز:

دنيا جا ڪافي گهٽ ماڻهو هي ڳالهه ڄاڻين ٿا، ته جڏهن اوهان کي اڳتي وڌڻو هوندو آهي. يا اوهان کي ڪنهن مقام يا منزل تي پهچڻو هجي ته ان لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته هن کي ڪوئي مقصد هجي، جي اوهان جي زندگيءَ جو ڪو مقصد آهي ته پوءِ اوهان عام انسان نه آهيو، پوءِ ”اوهين دنيا جا خوشقسمت ترين انسان آهيو.“ هن معاملي تي تحقيق ٿي ۽ پوءِ رپورٽ به پڌري ڪئي وئي. ان ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته تحقيق هي ٻڌائي ٿي ته دنيا جي 97 سيڪڙو ماڻهن وٽ ”مقصد حيات“ نه ٿو ٿئي ۽ دنيا ۾ صرف ٽي سيڪڙو ماڻهن وٽ مقصد حيات ٿئي ٿو. هي هڪ سيڪڙو ماڻهو پوري دنيا تي راڄ ڪن ٿا. اهي ئي امير هوندا آهن ۽ اهي ئي غير معمولي ترقي ڪن ٿا. هي پنهنجي شعبن ۾ ٽاپ تي اچي وڃن ٿا. ستانوي سيڪڙو ماڻهو ساري زندگي ان ٽن سيڪڙو وارن جي لاءِ ڪم ڪندا رهندا آهن.

جي اوهان ٻارن کي مقصد ڏئي سگهو ٿا ته پوءِ اوهان عام استاد نٿا رهو پر مقصد ڏيڻ جي لاءِ هي به ضروري آهي ته ڇا؟ اوهان وٽ ڪو مقصد آهي، مسئلو هي آهي ته اسان جي اڄ جي استاد وٽ ڪو به مقصد نه آهي. جي هن کان پڇيو وڃي ته توهان ڇو پڙهائي رهيا آهيو ته هو جواب ڏئي ٿو، ”پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن کي پالڻ جي لاءِ. هن وٽ چند  پئسن جو مقصد هوندو آهي، هو پنهنجي کيسي خرچ جي لاءِ پنهنجي زندگي گذارڻ جي لاءِ هڪ ڏهاڙي وار مزدور واري سوچ رکي گهران نڪري ٿو. ان ڪري نسلن جي تبديلي هن جي تعليم ڏيڻ سان ممڪن نه آهي.

جي اوهان مؤثر استاد ٿيڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي سڀ کان پهريون ڪم هي ڪرڻو هوندو ته پنهنجي زندگي کي بامقصد بنايو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد بنائي ڇڏيو ٿا ته ان بامقصد زندگيءَ جو شعور اوهان جي شاگردن ۾ ويندو. جن انسانن کي اوهان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا ڪنهن ٻي سطح تي پڙهائي رهيا آهيو، انهن کي مقصد سان روشناس ڪرايو، انهن کي ٻڌايو بي مقصد زندگي بيڪار آهي. بي مقصد زندگي حيوانن جي زندگي آهي. انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته "A man with no aim is not a man" ، انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان خوبصورت مقصد هي آهي، ته هو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد تلاش ڪري. پوءِ ان مقصد لاءِ پاڻ پتوڙي جو انسان پنهنجي مقصد جي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، هو پنهنجي مطلوبه مقام ۽ منزل تائين پهچي ئي وڃي ٿو.

مؤثر استاد بڻجڻ جو راز هي آهي ته ان وٽ ڪو مقصد ضرور هوندو، گڏوگڏ هو ٻارن کي به ان مقصد سان روشناس ڪرائي. هو ٻارن کي ٽارگيٽ ڏئي ننڍا ننڍا ڪم ڏئي، انڪري ته ٻارن کي شروع کان ئي عادت پئجي وڃي ته اسان کي زندگي صرف ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال گذارڻ لاءِ ناهي. بلڪ ڏينهن هفتن ۽ مهينن کي ڪنهن مقصد جي تحت گذارڻو آهي.

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، "Man is not made for defeat, a man can be destroyed but not defeated" لطيف سائين چواڻي ته،

”ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جن مهڻو.“

انسان، استاد شڪست لاءِ ناهي پيدا ٿيو، سندس ڪردار مري مڃائڻ وارو آهي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به انسان جي وڏ ماڻهائپ ان اڏولتا تي ئي ٻڌل آهي، ته هو ڀاڙي ٿي ميدان مان نٿو ڀڄي، پر مڙس ٿي مهاڏو اٽڪائيندي تڪليف کي ڀليڪار چوي ٿو. هن دنيا ۾ انسان جو مقصد جاکوڙ، کاهوڙ ۽ کناکيڙ ڪرڻ آهي. پوءِ جيڪو به جدوجهد جي ميدان ۾ ڀاڙي ٿي نٿو ڀڄي، سوڀ تنهن جو مقدر بڻجي ٿي.

3. سٺي استاد جو ٽيون راز:

دنيا جو هر انسان ترقي ڪرڻ چاهي ٿو، اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، اوهان ڪنهن کان انٽرويو ڪريو ۽ پڇيو ته ڇا هو ترقي ڪرڻ چاهي ٿو؟ هو طالب هجي، ماءُ هجي، پيءُ هجي، استاد هجي، يا بزنيس مين هجي، هن جو زندگي جي ڪنهن به شعبي سان تعلق ڇو نه هجي. هو اعتراف ڪندو ته هو ترقي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پر ان کي ترقي ڪرڻ جي سڀ کان وڏي راز جي خبر هوندي آهي. اهو راز هي آهي ته دنيا ۾ ترقي صرف اهي ئي ماڻهو ڪن ٿا جو ٻين سان هلڻ ڄاڻن. مسئلو هيءُ آهي ته اسان هڪ فرد سان گڏ نٿا هلي سگهون ته پوءِ وڏي ٽيم ٺاهي ڪيئن هلي سگهنداسين. اسان تعلق ٽوڙڻ تي اچي وڃون ٿا ۽ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ پنهنجي سڳن سان به ناراض ٿي وڃون ٿا. جي اسان کي پنهنجي والد سان هلڻ ٿا چاهيون ته والد صاحب به نٿو وڻي. اسان پنهنجي خاندان کي، پنهنجي گهر کي، پنهنجي فيملي کي، رشتيدارن، پاڙي وارن، علائقي وارن، شهرن وارن ۽ پنهنجي ملڪ وارن سان گڏ هلي نٿا سگهون، ته پوءِ اسين ترقي ڪيئن ڪري سگهنداسين.

جيڪڏهن هڪ شخص وڏي فيڪٽري هلائي رهيو آهي ۽ ان فيڪٽريءَ ۾ ٽي هزار ملازم آهي، ته انهن ٽن هزار ملازمن کي هلائڻ جو وڏو سبب هيءُ آهي ته، هو انهن ٽن هزار ملازمن سان گڏ هلي سگهي ٿو. جي اوهان کي گڏ هلڻ اچي ٿو ته، پوءِ اوهان هڪ موثر استاد بڻجي سگهو ٿا. اوهان ٻين جي ڪم اچو ٿا ۽ معاوضي جي پرواهه نه ٿا ڪريو، بلڪ هيءُ سوچيو ٿا ته هيءُ منهنجي محنت ٻارن تي نه پر پنهنجي پاڻ تي آهي ۽ هي تمام ساٿ در اصل منهنجي ڪاميابي آهي. هيءُ مون کي اڳتي وٺي وڃن ٿا، ته پوءِ يقين ڪريو ته ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي. مسئلو هيءُ آهي ته، ٻار ڏسن ٿا ته اسان جو استاد اسان کي گڏ وٺي نٿو هلي. هُو اسان کي ننڍن ننڍن گهرو ڪم، هوم ورڪ تي ذليل ۽ خوار ڪري ٿو. انهن جي دل نه ٿي چوي ته ڪو هُو استاد جي عزت ڪن. هُو صرف پنهنجي نمبرن جي ڪري استاد جي عزت ڪن ٿا، پر دل سان احترام نٿا ڪن. احترام ۽ محبت هميشه دل ۾ هوندي آهي. انسان اهڙي فرد سان حب نه ٿو رکي، جو ڪنهن ٻي جي ڪم نه اچي. اهوئي مزاج اسان جي معاشري ۾ نظر اچي ٿو، اهي ئي ٻار سڀاڻي وڏا ٿي ڪري پوليس وارا بڻجن ٿا، استاد بڻجن ٿا، پروفيسر بنجن ٿا، سائنسدان بڻجن ٿا. جت به نظر اچن ٿا، گڏ هلڻ وارن مان نه ٿا هجن. جڏهن اسان ماضيءَ ۾ نگاهه وجهون ٿا ته خبر پوي ٿو ته انهن کي دور طالب علمي ۾ اهڙو مزاج مليل هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه استاد جو شاگرد کي گڏ کڻي نه هلڻ جي سبب ڪري ٿيو آهي.

4. سٺي استاد جو چوٿون راز:

جي اوهان دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ته اوهان کي هيءَ ڄاڻي حيراني ٿيندي ته انسان جي تاريخ ۾ ڪامياب ترين ماڻهو، موثر ترين ماڻهو، دنيا جا ڪامياب ترين استاد، ڪامياب ترين دانشور دراصل ڪردار وارا ماڻهو هئا. اڄ جي استاد وٽ مضمونن جي ياداشت واري ڊگري آهي. پر ان وٽ ڪردار نه آهي. جڏهن ڪردار نه هوندو آهي، ته پوءِ زندگي تمام ٿوري ٿي ويندي آهي. هي ان زندگيءَ جي ڳالهه آهي جو وڏن استادن کي نصيب ٿئي ٿي. سقراط زهر جو پيالو سامهون رکي ٿو مسڪرائي ٿو، ان جي ڀرسان بيٺل شخص پڇي ٿو، ”تون مرڻ وارو آهين ۽ کِلي رهيو آهين، هُو چوي ٿو ته، ”منهنجي زندگي تمام گهڻي آهي، ها انڪري نه هيءَ منهنجي زندگي نه آهي، منهنجي زندگي ته منهنجي افڪار جي زندگي آهي. منهنجي سوچ جي زندگي آهي، منهنجي چيل جملن جي زندگي آهي. اهي سمورا درس جيڪي مون رستن تي، چونڪن تي ۽ اسڪولن ۾ ڏنا هئا. هي ڪيئي هزار سال پڙهايا ويندا.“ اڄ دنيا ۾ فلسفي جو ڪوئي شاگرد ممڪن ئي ناهي جو فلسفي جي ڊگري سقراط کي پڙهڻ بغير وٺي سگهي.

هيءُ ڪمال هوندو آهي هڪ وڏي استاد جو، جڏهن به ڪردار هوندو، زندگي وڌي ويندي. اهو ئي راز، اهو ئي دانشور. اهو فهم، جڏهن حضرت بابا بلي شاهه کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته، هو هڪ ننڍو مصرع چئي ڏئي ٿو:

”بلهي شاهه، ايسي مرتا نهين........ گور قبر پيا ڪوئي اور“

بابا بلهي شاهه جو فڪر مئو ناهي ۽ مري وڃڻ وارا ختم ٿين ٿا. پر فڪري ماڻهو هر حال ۾ دلين ۾ زنده رهن ٿا ۽ استاد کي به ايئن ئي هجڻ کپي، هن وٽ فڪر هجي ته هُو ڪڏهن به نه مرندو.

5. سٺي استاد جو پنجون راز:

اسان جي ملڪ ۾ ڊگرين جي ڀرمار آهي، پروفيسر هزارين، استاد به ڪافي تعداد ۾، پر جڏهن اوهان انهن کي ڳولڻ وڃو ٿا، ۽ ڏسو ٿا ته انهن وٽ پڙهڻ جي صلاحيت نه آهي ته اوهان حيران ٿي وڃو ٿا. انهن وٽ پي ايڇ. ڊي جون ڊگريون ته آهن، هو ڊاڪٽر به آهن، پرفيسر به هوندا. انهن ماسٽر به ڪيو هوندو پر انهن ۾ پڙهائڻ جي صلاحيت بلڪل بنهه. ڇا هيءَ عجيب ڳالهه نه آهي، ته اوهان ٻيڙي اهڙي ملاح جي حوالي ڪريو ٿا جو ٻيڙي هلائڻ ئي نه ڄاڻي. ڇا عجيب ڳالهه نه آهي، ته اوهان هڪ الماري ٺاهڻ چاهيو ٿا پر ڊکڻ کي اها ٺاهڻ ئي نه ٿي اچي. ڇا عجيب ڳالهه نه آهي ته هڪ ڊاڪٽر وٽ اوهان وڃو، اهو چوي ته ڊگري مون وٽ آهي، پر مان علاج نٿو ڪري سگهان. ڇو ته مون کي خبر ئي ناهي دوا ڪيئن لکي ويندي آهي. ڇا عجيب ڳالهه نه ٿيندي جو اوهان لوهار وٽ وڃو ۽ ان کي ڪم چئو، هو چوي ته مان لوهار ته آهيان، پر ڪم نه ٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي مون کي اچي ٿو، ته پوءِ اسان وٽ جيترا ڌنڌا ۽ شعبا موجود آهن، ان جا ماهر موجود نه آهن.

اسان جي ملڪ جو الميو هيءُ آهي ته اسان جي استادن کي هن راز جي خبر آهي ئي نه، ته جيستائين انهن کي ڳالهائڻ جي صلاحيت نه آهي کين پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ نٿي اچي. انهن کي پنهنجي ڳالهه منتقل ڪرڻ نه ٿي اچي. انهن جو لب و لهجو وڏن استادن جيان نه آهي. انهن جو اندازِ بيان سٺي استاد جيان نه آهي، انهن پنهنجي آواز ۽ باڊي لئنگئيج تي ڪم نه ڪيو آهي، جنهن اهو سکيو ئي ناهي ته ڪهڙي طرح سمجهائجي. انهن اهو سکيو ئي نه آهي ته ڪيئن ڪم ڪيو وڃي، جيئن ڳالهه ٻار جي ذهن ۽ دل ۾ ويهجي وڃي. انهن کي اها خبر ئي نه آهي ته، جي ڳالهه سمجهائڻ جي صلاحيت هجي ته ڪلاڪن جو ليڪچر منٽن ۾ پورو ٿي ويندو. جي هي راز انهن کي نه ايندو ۽ ٻار هن جي ليڪچر کي نه سمجهندا ته پوءِ ليڪچر پورو ٿي پوندو. ڪلاس ۾ ويٺل ٻارن کي ننڊ اچڻ لڳندي. استاد پيو پڙهائيندو ۽ ٻار ٻين شرارتن ۾ لڳا پيا هوندا. ان جو سبب هڪ ئي آهي ته اڄ جو استاد ٻار کي مصروف نٿو رکي سگهي. جڏهن به توهان کي جوڙڻ اچي وڃي ٿو ته پوءِ توهان عام استاد نه ٿا رهو، بلڪ مؤثر ترين استاد بڻجي وڃو ٿا.

6. سٺي استاد جو ڇهون راز:

جيڪڏهن ڪنهن استاد کان پڇيو وڃي ته توهان ڇو پڙهائي رهيا آهيو ته عموماً هي جواب ملي ٿو ته منهنجا ڪجهه ڏينهن گذري ويندا. ان کان پڇيو ويندو آهي ته ڇا هن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ هو جواب ڏئي ٿو، مون کي ان جي خبر نه آهي جنهن استاد وٽ ويزن (Vision) ئي نه آهي، ان کي اندازو ئي نه آهي، ان جي اڄ جي محنت ڪيترن نسلن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جنهن وٽ خواب ئي نه هجن، هي ننڍڙو اوزار جنهن کي توهان پڙهائڻ چئي رهيا آهيو، جنهن کي اسان جي معاشري ۾ تمام ننڍو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. هيءَ قومن کي ٺاهي ٿو، نسلن کي ٺاهي ٿو ۽ اچڻ وارن نسلن کي سنواري يا بگاڙي ٿو.

نيپولين چيو ته، ”جي هڪ استاد هڪ نسل کي پڙهائي، ٻئي کي پڙهائي، ٽئين کي به پڙهائي ته پوءِ ان کي گولي هڻڻ گهرجي.“ ان جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪو ٽن نسلن کي متاثر ڪري ڇڏي، دراصل هو ٽن نسلن کي متاثر نٿو ڪري، بلڪ هُو ڪيئي زمانن کي متاثر ڪري ٿو. معذرت سان اسان جو استاد هڪ نسل کي به متاثر نٿو ڪري سگهي. ان جو سبب هي آهي ته هن جو ويزن (Vision) آهي ئي ڪو نه. هن کي پنهنجي محنت تي يقين آهي ئي ڪونه. شايد هڪ خودڪش حمله آور سوين انسانن جي جان وٺي ٿو، پر استاد مؤثر ۽ قابل نه آهي ته هو سو نسلن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو. ماڻهو استاد کان پڙهڻ اچن ٿا، هُو رٽو لڳرائي ٿو. ماڻهو هن کان علم وٺڻ اچن ٿا، هُو نشان لڳائي ٿو ته هتان کان هيستائين ياد ڪري ڇڏيو. هو پنهنجي مضمون کان ٻاهر نٿو نڪري. ان وٽ نه زندگي ٿئي ٿي ۽ نه هو زندگي ڏئي سگهي ٿو. ان جي اندر ڪو رنگ ٿئي ٿو ۽ نه ٻارن جي اندر رنگ ڀري سگهي ٿو، هڪ لاش جيان ڪلاس ۾ اچڻ، ڪم ڪرائي ڇڏڻ ۽ گهر هليو وڃڻ. هي تعليم نه آهي.

Vision وارو انسان هميشه زنده انسان ٿئي ٿو ۽ هميشه جذبي وارو هوندو آهي. ان جي اندر هڪ بجلي ڊوڙي رهي هوندي آهي ۽ اها ئي بجلي هو ٻارن کي ۽ اڳلي نسل کي منتقل ڪري ٿو. هو چوي ٿو، مان ڪافي نه آهيان، مون جيان ڪافي ماڻهو گهرجن، هو پنهنجي علم کي، پنهنجي عقل کي، پنهنجي شعور کي ٻين ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. هُو اهڙو ڪمال جو انسان هوندو آهي جو هو شڪر گذار بڻجي وڃي ٿو ۽ شڪرگذاريءَ جي سڀ کان بهترين تعريف هي آهي ته، ”اوهان کي جيڪو الله تعاليٰ ڏي، اوهان جيڪڏهن ان ۾ ٻين کي شامل ڪيو ته پوءِ اوهان شڪر گذار انسان آهيو.

جيڪڏهن اوهان وٽ رزق آهي ۽ اهو توهان پاڻ ئي کائي رهيا آهيو ته پوءِ توهان شڪر جي اعليٰ درجي تي فائز نٿا ٿي سگهو. اوهان پنهنجي رزق ۾ ٿورڙو حصو ٻين کي ڏيڻ شروع ڪريو. هيءُ عملي شڪر آهي، اوهان کي الله تعاليٰ علم ڏنو آهي، اوهان پنهنجو علم ٻين کي ڏيڻ شروع ڪريو. هي توهان جي علم جو عملي شڪر آهي. الميو هي آهي ته اڄ جي استاد وٽ مسئلا ايترا آهن، جو هو علم ورهائڻ جي بجاءِ رزق جي فڪر ۾ وهائي رهيو آهي. عجب معاملو آهي، جنهن جو ذمو رب کنيو آهي، ان لاءِ اسان پريشان آهيون ۽ جيڪا ذميواري انسان تي آهي، ان کي مڃائڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون، رزق جون ذمو مالڪ تي آهي ۽ محنت جو ذمو پنهنجي مٿان آهي. اسان محنت کان نه لنوايون ٿا، باقي روزيءَ لاءِ پريشان.

هو پورو سال ٻار کي خوف ۾ مبتلا رکي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته ڪجهه به نه ٿيندو. هُو پنهنجي پريشانيون، فڪر، ڊپريشن ٻارن ۾ ورهائي ٿو. پوءِ اهو ئي ٻار سڀاڻي جو محروم باشندو بڻجي معاشري جو محروم فرد بڻجي وڃي ٿو. پاڪستان کي هڪ ٻيو محدود فرد ملي وڃي ٿو. پوءِ اسان هن مان توقع رکون ٿا ته هو شاهين بڻجندو. ڀلا هو بغير تربيت جي شاهين ڇا خاڪ بڻجندو.

7. سٺي استاد جو ستون راز:

اوهان ڪنهن سٺي بيڪريءَ ۾ وڃو ٿا، اتي وڃي ڏسو ٿا ته هڪ سٺو ڪيڪ رکيو آهي. اوهان ان کي کائو بعد ۾ ٿا. سڀ کان پهرين هي ڏسو ٿا ته هي ڪيترو نه خوبصورت آهي. هي ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿو لڳي. ڏسڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هي وڏو ذائقيدار هوندو. اوهان پيسا ڏئي ڪيڪ گهر کڻي اچو ٿا، ان جي نفاست ٻڌائي ٿي ته ڪيڪ سٺو هوندو. ذائقيدار هوندو. هي بعد جي ڳالهه آهي ته هُو سٺو نڪري ٿو يا خراب. سڀ کان پهريون اسان جي اک ڏسي ٿي هيءَ شيء سٺي آهي يا نه، ڪيڪ جي طرح اسان کي به ماڻهو اهڙي طرح ڏسي رهيا هوندا آهن.

اڄ جي استاد جو سڀ کان وڏو الميو هيءُ آهي ته هو ڏسڻ ۾ ئي سٺو نٿو لڳي. هو پنهنجي حليي ۾، لباس ۾، انداز ۾، بوٽن پائڻ ۾، اٿڻ ويهڻ ۾، کائڻ پيئڻ جي انداز مان استاد نٿو لڳي. دنيا جا مؤثر ترين استاد مهذب ماڻهو هوندا آهن. انهن کي کائڻ پيئڻ جي تميز هوندي آهي. کين پهرڻ جي تميز هوندي آهي. هلڻ چلڻ جي تميز، انهن کي ڳالهائڻ جو ڍنگ هوندو آهي. اوهان ڪڏهن به هيءُ شيون پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪري ته ڏسو، ماڻهو اوهان سان محبت ڪرڻ لڳندا. اوهان وٽ ويهڻ چاهيندا، ماڻهو اوهان سان وقت گذارڻ چاهيندا، ماڻهو هن خواهش جو اظهار ڪندا ته توهان اسان کي ٿورو وقت ڏيو. ماڻهو اوهان جو تذڪرو سٺي انداز ۾ ڪندا. اڄ جي استاد جو هيءُ مسئلو آهي ته هُو هڪ بهترين ڪاٽن جو وڳو پهري ٿو ۽ پيرن ۾ جوگر بوٽ پائي ٿو. ٻارن کي هُو فٽ بال جو کيڏاري وڌيڪ لڳي ٿو. هڪ مؤثر استاد نٿو لڳي. ٻار مضمون بعد ۾ پڙهي ٿو، پهريون استاد جو حُليو ڏسي ٿو. يقين ڪريو صرف ڪلاس ۾ ئي نه، استاد ڪاڏي وڃي رهيو آهي، ڪنهن محفل ۾ هجي، ايستائين جو سودو سلف وٺڻ لاءِ بازار ۾ هجي، هو اگر سٺو استاد آهي ته پنهنجي چال ڍال ذريعي ٻڌائي ڇڏي ٿو ته هو هڪ استاد آهي.

جي اوهان جا ننڍا ننڍا معاملا سٺا آهن، عمدا آهن ته اوهان مؤثر انسان آهيو. جيڪڏهن اوهان مؤثر انسان آهيو ته مؤثر استاد به ٿيندا، ڪافي سالن کان پوءِ جڏهن ٻار وڏا ٿي ويندا ته توهان کي ضرور ياد رکندا. هو مڙي ڏسندا، هُو مهذب انسانن جي فهرست ۾ اوهان کي شمار ڪندا، هُو چوندا ته واقعي هڪ انسان، اسان کي استاد جي روپ ۾ مليو هو، جيڪو وڏو شائسته هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org