سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:8 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

مياڻي جي جنگ جو سپهه سالار

مير شهداد خان ٽالپر

 

هزهائينس سرڪار بلند اقتدار مير شهداد خان ٽالپر ابنِ سرڪار مير نورمحمد خان ٽالپر، خميس جي ڏينهن تاريخ 4 ماهه ربيع الثاني 1238هه مطابق 19- ڊسمبر 1822ع جي سرڪار عظمت مدار مير ڪرم علي خان ٽالپر جي عهدِ حڪومت ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ تولد ٿيو. سندس سجعون حسبِ ذيل پيش ڪجن ٿيون:

خاکپائـ مرتضيٰ شهداد خان

                          1249هه

ارجمند ازيارئي ختم الرسل شد درجهان

خاڪِ نعلينِ اميرالمومنين شهداد خان

                                       1240هه

سربلند از فضل حق پيوسته باشد درجهان

خاکپائـ مصطفيٰ و مرتضيٰ شهداد خان

                                        1257هه(1)

تعليم ۽ تربيت:

مير شهداد خان ٽالپر جي شاهي رسم و رواج مطابق پرورش ٿي. پاڻ شاهاڻي ۽ علمي ماحول ۾ اک پٽيائين، جتي هر وقت شاعرن، عالمن، اديبن جون علمي ۽ ادبي محفلون جاري ۽ ساري هيون. ان سان گڏ مير صاحب هڪ بهادر ۽ نيڪ انسان هو. سندس خاندان علم و فضل، شجاعت و سخاوت، عزت و دولت ۽ انهيءَ نوع جي ٻين صفتن سان مالامال هو.

دستور مطابق مير شهداد خان ٽالپر جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته سندس تعليم لاءِ ۽ فارسي ۽ عربيءَ لاءِ ٻه ايراني ماهر استاد مقرر ڪيا ويا جن جي اڳيان مير شهداد خان ٽالپر زانوئي تلمذ تهه ڪري پهرين قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ ديني ۽ دنيوي علمن ۾ پڻ فارغ التحصيل ٿيو.

مير شهداد خان ٽالپر کي گهوڙي سواري ۽ تيراندازيءَ جي سکڻ جو ننڍي هوندي کان ئي ذوق شوق هو، جنهن ۾ فن جي ماهر استادن کان پڻ تربيت حاصل ڪئي، بعد ۾ هن فن جا جوهر ڏيکاري، دادِ تحسين حاصل ڪندو رهيو.

مير صاحب جي شخصيت:

مير شهداد خان ٽالپر جي شخصيت مجموعي طور تي نهايت دلڪش هئي. هُو غيرمعمولي مدبر، سليقي مند، عالي دماغ، مستقل مزاج ۽ الولعزم هو، پاڻ نهايت ئي ملنسار ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، کيس ڪنهن به قسم جو تڪبر ۽ غرور نه هوندو هو. مير صاحب وٽ جڏهن به ڪي مهمان ايندا هئا ته انهن جي خاطر تواضع پنهنجي روايتي انداز سان ڪندو هو. نشي يا اهڙي ڪنهن به شيءِ جي عادت نه هئس، بلڪ نشيدار شين جا نالا به ٻڌڻ گوارا نه ڪندو هو، سندس طبعيت نهايت حساس ۽ ماٺيڻي هئي ۽ هُو صلح پسند انسان هو. پاڻ صاف گو، سياڻو، چڱين عادتن وارو، ڳالهائڻ جو فهميدو، ملائڪ صفت ۽ اخلاق و مروت جو سراپا پُتلو هو. جنهنڪري مير نصير خان ٽالپر کيس گهڻو پيار ڪندو هو. پاڻ علمي ۽ ادبي طبعيت رکڻ سان گڏ سياسي بصيرت جي پڻ پرک رکندو هو. بلڪه پنهنجي بزرگن وانگر اسلامي علوم ۽ فنون ۽ تاريخ سان خاص دلچسپي هُئس، پاڻ دريا دل، سخي، فيض رسان ۽ غريبن جو رکپال هو. هن پنهنجي وس آهر علم و ادب کي پروان چڙهائڻ ۽ ان جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون سي قابلِ ذڪر ۽ لائقِ تحسين آهن. اهلِ علم ۽ اهلِ قلم جي سرپرستي ۽ نگراني، سندس موروثي ورثو هو. اهوئي سبب هو جو سندس محفل هر وقت عالمن، شاعرن، اديبن، فاضلن ۽ انشاء پردازن سان سينگاريل هوندي هئي، جيڪي نظم ۽ نثر جي ذريعي انعام ۽ اڪرام حاصل ڪندا هئا. مير شهداد خان انهن مان ڪيترن کي ماهوار وظيفو به ڏيندو هو. سندس ذاتي دلچسپين جي ڪري حيدرآباد جو گوشو گوشو علم ۽ ادب جو مرڪز بنجي ويو.

مير شهداد خان جي شادي خانه آبادي، مير غلام حسين خان ٽالپر جي دختر نيڪ اختر سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه فرزند- مير امير علي خان ٽالپر ۽ مير علي شير خان ٽالپر(2) تولد ٿيا. مير صاحب جي گهر واري فالج جهڙي موذي مرض ۾ تاريخ 7 ماه ربيع الثاني 1276هه جي ٽنڊو غلام حسين (موجوده لطيف آباد نمبر-9) ۾ وفات ڪئي.(3)

مير شهداد خان جي مصروفيت:

مير شهداد خان ٽالپر روزي ۽ نماز جو پابند هو، صبح جو سوير اُٿي ضروريات کان فارغ ٿي صبح جي نماز پرهڻ کان پوءِ قرآن مجيد جو دور ڪري، مير نصير خان جي درٻار ۾ اچي ويهندو هو، جتي ساڻس ملاقات ڪري حڪومتي ڪاروبار کي نهايت احسن طريقي سان هلائڻ ۾ سندس معاونت ڪندو هو. شام جو پاڻ پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي خاص نوڪرن سان حيدرآباد شهر جو سير ڪندو هو، ان کان پوءِ مغرب ۽ عشاء جي نماز کان فارغ ٿي رات جو شعر و شاعريءَ جي محفل ۾ شرڪت ڪندو هو، جتي ان وقت جا عالم ۽ شاعر پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪري، دادِ سخن حاصل ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ان محفل ۾ شعر و شاعري ۽ علم و ادب تي پڻ ڪافي بحث ۽ مباحثا ٿيندا هئا، اهي محفلون رات جو ڪافي دير تائين حيدرآباد جي قلعي ۾ برپا ٿينديون هيون. جڏهن مير شهداد خان پنهنجي عزيزن سان قيد ٿي ديارِ غير ڏانهن ويو تڏهن اتي به علم و ادب جي محفلن ۾ شرڪت ڪندو هو.

مير شهداد خان جي پوشاڪ شاهاڻي ۽ تمام سهڻي هوندي هئي. پاڻ وجيهه شڪل و شباهت جو مالڪ هو ۽ هميشه چست نظر ايندو هو.

ٽالپر حاڪمن ۽ شهزادن کي علم و ادب سان نهايت شغف هوندو هو، هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر کان روايت آهي ته مير صاحبن کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو اهڙو شوق هوندو هو جو جيڪڏهن ڪنهن مير صاحب کي ڪو نئون قلمي ڪتاب عرب يا عجم مان يا ڪنهن ٻي هنڌان ڪو کڻي اچي ڏيندو هو ته مير صاحب اهو ڪتاب پنهنجي ڪتبخاني ۾ رکندا هئا.(4)

مير شهداد خان ٽالپر به پنهنجي موروثي ورثي کي برقرار رکندي، ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ جو نهايت شوق هوندو هو. هن شهزادي به ڪيترائي ڪتاب لکرائي پنهنجي خانداني ڪتبخاني جي زينت ۾ واڌارو ڪيو، جن ۾ قرآن مجيد، تفسير ۽ شعراء ڪرام جا ديوان ۽ تذڪره وغيره قابلِ ذڪر آهن.

مير نورمحمد خان ٽالپر 1255هه مطابق 1840ع ۾ جڏهن وفات ڪئي، تڏهن سرڪار فيض آثار مير محمد نصير خان ٽالپر تخت نشين ٿيو، ۽ هن به مير شهداد خان کي پنهنجي حڪومت ۾ شريڪ ڪيو.

مير نورمحمد خان ٽالپر وفات وقت وصيت ڪئي ته سندس حصي وارو ملڪ سندس ٻن فرزندن- مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان ۾ هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، پر ڪن نوڪرن جي کِٽ پِٽ سبب ٻنهي ڀائرن ۾ اڻبڻت وڌي ويئي ۽ معاملو وڃي فيصلي تي رسيو، مير شهداد خان جو طرفدار سندس چاچو مير محمد نصير خان ٽالپر ۽ مير حسين علي خان جو طرفدار سندس مامو مير صوبدار خان ٽالپر ٿيو.(5) نيٺ ميجر جيمز آئوٽرام(6) وچ ۾ پئي فيصلو ڪيو ته ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ٺهي وڃن ۽ هڪٻئي کان پڻ قرآن تي لکائي وٺن ته ملڪيت وارو معاملو امينن جي فيصلي جي مطابق ڪرايو ويندو ۽ آخر ان فيصلي ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڀائرن کي ڀري درٻار ۾ سڀني مير صاحبن جي اڳيان ڀاڪر پارائي پرچايو ويو، ۽ آخر ۾ سندن والد مير نورمحمد خان جي وصيت مطابق ملڪيت جو ورهاڱو ٿيو.(7)

ڇانوڻيءَ تي حملو:

سن 1840ع ۾ ڪرنل هينري پاٽنجر(8) جي بدلي ٿي ۽ سندس جاءِ تي ميجر جيمز آئوٽرام کي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ وري سال 1841ع ۾ ميجر سر جيمز آئوٽرام بيمار ٿي واپس هليو ويو، سيپٽمبر سن 1842ع جي سرچارلس نيپئر(9) کي پوني مان بدلي ڪري سنڌ جو نئون شاهي سفير مقرر ڪيو ويو ۽ کيس مڪمل انتظامي ۽ جنگي اختيار سونپيا ويا. تاريخ 3- سيپٽمبر 1842ع جي چارلس نيپئر ممبئيءَ مان ”زنوبيا“ نالي بحري جهاز جي ذريعي نڪتو ۽ 10- سيپٽمبر 1842ع جي ڪراچي ۾ اچي پهتو، جتي پهچڻ سان سلامي وٺندي سندس پير اتفاقاً زخمي ٿي پيو،(10) جنهنڪري هن ڪجهه ڏينهنِ لاءِ ڪراچيءَ ۾ آرام ڪيو ۽ تاريخ 19- سيپٽمبر 1842ع ۾ هيءُ شان ۽ مان سان حيدرآباد پهتو، حيدرآباد ۾ پهچڻ تي خوشامدين سندس شاندار استقبال ڪيو، جن ۾ مير صاحبن جا مصاحب به شامل هئا، پر هِنن خوشامدين، جنرل نيپئر جي دل ۾ ڪابه جاءِ پيدا نه ڪئي ۽ هُو پنهنجي مقصد جي ڪاميابي ڏانهن (يعني سنڌ کي فتح ڪرڻ) متوجهه رهيو. جيئن ته هن جو پير ڦٽيل هو، انڪري درٻار اهڙي هنڌ ٺاهي ويئي، جتي کيس ڏاڪڻ چڙهڻ جي تڪليف نه ٿئي، هن پنهنجي درٻار ۾ مير صاحبن کي گهرائي پهرين ملاقات ۾ کين زير بار ڪيو. ان زماني ۾ برٽش سرڪار مير صاحبن سان ڪيل سڀ پراڻا عهدنامه ختم ڪري، مير محمد نصير خان ٽالپر تي سياسي دٻاءَ وجهڻ لاءِ ڪئپٽن اسٽينلي هٿان نيپئر هڪ نئون عهدنامو موڪليو، جنهن جا شرط هي هئا:

(1) سنڌ جي سڪي جي هڪ پاسي راڻي وڪٽوريا جي تصوير هجي، (2) ڪراچي، ٺٽو، شڪارپور، سبزل ڪوٽ ۽ جيڪي انهن شهرن سان متصل زمينون هونديون سي انگريز عملدارن کي ڏنيون وڃن، (3) درياء جي ٻنهي ڪنارن تي هڪ سؤ گز زمين انگريز عملدارن کي ڏني وڃي، (4) سڀ ڪنهن طرح جون ڍلون ۽ مال متاع محصول انگريزن تان معاف ڪيو وڃي.

مٿئين عهدنامي، مير صاحبن، خصوصاً مير محمد نصير خان ٽالپر، جيڪو ان وقت سنڌ جو والي هو، کي بيقرار ڪري ڇڏيو. هنن عهدنامي تي صحي ڪرڻ لاءِ پئي غور ڪيو ته سرچارلس نيپئر هڪ پڌرنامي جي ذريعي ”سنڌ حڪومت“ کي خبردار ڪيو ۽ ان کان سواءِ وقتاً فوقتاً کين تاڪيد سان خط به لکيائون، پر افسوس جو ٽالپر حڪومت ۾ نااتفاقي هئي ۽ مير صاحب، ڪنهن به هڪ صلاح يا مشوري تي متفق نه ٿيا. تنهن کان پهرين مير صوبدار خان ٽالپر ابن مير فتح علي خان ٽالپر جو مير محمد نصير خان ٽالپر سان پنهنجي حصي وٺڻ لاءِ تڪرار لڳو آيو ۽ هو انهن پنهنجن خرخسن واري خيال ۾ ئي محو رهيو، ان وقت ميجر آئوٽرام سنڌ کان ٻاهر هو.(11)

هاڻي نيپئر ميرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ واري پاليسي تي عمل ڪري، هن دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته مير صاحبن جي رهيل کوهيل اجتماعي قوت کي ختم ڪري ڇڏجي، سو هن مٿي لکي ميجر آئوٽرام کي ٻيهر سنڌ ۾ گهرائي ورتو، جو هُو سنڌي ٻولي پڻ ڄاڻندو هو. بهرحال 1843ع تي ميجر آئوٽرام ٻيهر حيدرآباد ۾ ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو ۽ ميرن به سندس اچڻ تي کيس سوکڙيون موڪليون، پر هن رڳو مير صوبدار خان جون سوکڙيون ورتيون ۽ ٻين مير صاحبن جون سوکڙيون موٽائي واپس ڪيائين. جنهن تي مير صاحبن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سمجهي ويا ته مير صوبدار خان، مير علي مراد خان وانگر نيپئر جي هدايت مطابق هلندڙ آهي، سو متان ساڳئي نموني کين نقصان رسائي.

مٿئين عهدنامي، مير صاحبن کي بلڪل بيوس ڪري ڇڏيو هو، سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مير صاحبن جا شڪارگاهه هئا، جن تان کين هٿ کڻڻو پيو. سِڪن تي شڪل جي مُهر هڻڻ شرعِ محمدي خلاف هئي. ٽالپرن کي مٿين شرطن کي منظور ڪرڻ لاءِ بلڪل ٿورو وقت ڏنو ويو. المختصر مير محمد نصير خان ٽالپر، ميرزا خسرو بيگ(12)، محمد يوسف خدمتگار(13) ۽ غلام علي خان نظاماڻي کي چارلس نيپئر ڏي موڪليو، جن جنرل کي چيو ته مير صاحب آخري عهدنامي جي شرطن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر مير صاحبن جي مرضي آهي ته جنرل جي وچ ۾ پوڻ تي پهرين مير رستم خان ٽالپر کي سندس حق ڏياريو وڃي. ميرزا خسرو بيگ گفتگو دوران نيپئر کي چيو ته مير رستم خان ٽالپر سان جيڪا عقوبت ڪئي وئي آهي ۽ سندس جيڪا حق تلفي ٿي آهي، تنهن لاءِ حيدرآباد جي مير صاحبن کي نهايت افسوس ٿيو آهي، سو هاڻي جيڪڏهن انگريز حيدرآباد ۾ آيا ته بلوچ به انهن تي اگهاڙيون تلوارون کڻي نڪري پوندا، بلوچن جي جنگ ڪا رواجي جنگ نه آهي ۽ اِها به توکي پڪ هجي ته سنڌ ڪو حلوو نه آهي، جنهن کي تون سولائي سان ڳڙڪائي ويندين؟(14) مذڪوره واقعي کي سيد احسان علي شاهه(15) ابن سيد ثابت علي شاهه پنهنجي مياڻي جي مرثيه ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:

مير مومن مرتضائي مصطفيٰ جو ديندار

حر حسين ابنِ علي جو دائما نر نامدار

ها امير وزير جنهن جي در تي دائم بي شمار

خاص خدمتگار ۽ ديوان ڪي مختارڪار

تنهن روانا ڪيا وڪيل وزير عاقل بي نظير

ميرزا خسرو ۽ خدمتگار يوسف ٻئي امير.

*

سي رکي هڪ ٻي جي مرضي ٿيا دلاور دوستدار

مير رستم(16) کي به چائون هل اسان سان ٿي تيار

مصلحت ميرن سان تنهنجي پڻ ڪريو اي ڪامگار

سي به پنهنجي مصلحت ۾ مونس آهن غمگسار

ساڻ رستم کي وٺي آيا اچي ڪيائون ســــــــــــلام

مير صاحب جي اڳيئون احوال سارو ڪيئون تمام.(17)

سر چارلس نيپئر، ميرزا خسرو بيگ کي چيو ته آءٌ پاڻ لڙائي ڪرڻ آيو آهيان ۽ هاڻي ڏسبو ته بلوچن جون تلوارون ڪيئن ٿيون انگريزي توبن ۽ بندوقن جي گولن جي وسڪاري کي منهن ڏين. مون ميجر آئوٽرام کي حيدرآباد موڪليو آهي ته نئين عهدنامي بابت جيڪي ڪجهه مير چون سو سڌي طرح مون کي رپورٽ ڪري.(18)

تاريخ 6 محرم الحرام 1259هه مطابق 6- فيبروري 1843ع ڇنڇر جي ڏينهن، ميجر آئوٽرام ۽ ليفٽيننٽ برائون ۽ ڪجهه ٻيا آفيسر (تقريباً 150) سولجرن سميت حيدرآباد جي ريزيڊنسي ڪئمپ ۾ آيا. ميجر آئوٽرام نئون عهدنامو ميرن کي پيش ڪيو. مير صاحبن چيو ته پهرين مير رستم خان ٽالپر جي پڳ کيس موٽائي ڏني وڃي، پر غلام محمد لغاري ۽ بختيار خان لغاري ٻئي، مير محمد نصير خان ٽالپر کي انگريزن جي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا. ان کان سواءِ مير غلام شاهه شهواڻي (جيڪو ٽنڊي عالم خان جي ٽالپرن جو سردار هو) ۽ خان محمد خان ماڻڪاڻي (ٽنڊي غلام علي وارن جو وڏو) جيڪي مير محمد نصير خان ٽالپر جا صلاحڪار هئا، تن پڻ انگريزن سان مير صاحب کي جنگ ڪرڻ جي صلاح ڏني. هوڏانهن آخوند محمد بچل متعلوي(19) ۽ نواب محمد خان ٺوڙهو، ٽالپر جنگ جي خلاف هئا.

ان عرصي ۾ نيپئر حيدرآباد ڏانهن ايندي، واٽ تي حيات خان مريءَ کي سندس 25 مکيه ماڻهن سان گرفتار ڪري مشهور ڪيو ته حيات خان وٽان، حيدرآباد جي مير مير محمد خان جي بلوچن جي نالي حڪم نامو هٿ آيو آهي ته اهي سمورا بلوچ ننڍا وڏا 9- فيبروري 1843ع تي مياڻي جي ميدان ۾ اچي گڏ ٿين. مٿين واقعي کان پوءِ بلوچن ۾ اهڙو تاءُ پيدا ٿيو جو، بلوچن جي لشڪر، انگريزن جي ڇانوڻي (جتي هينئر حيدرآباد جي صدربازار آهي) تي حملي ڪرڻ ۽ ميجر آئوٽرام کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، پر ميجر آئوٽرام دورانديش هو، سو سڀ ڪجهه سمجهي ويو ۽ سياڻپ ڪري درياء جي ڪپ تي ونٽري بندر (انگريزي ڪئمپ) تي پهتو، جتي هر وقت انگريزي آگبوٽ تيار بيٺل هوندا هئا. ميجر آئوٽرام عملي سوڌو سلامتي سان جهاز ذريعي، جتي نيپئر منزل انداز هو، اوڏانهن وڃي رهيو هو. ان بعد 15- فيبروري سن 1843ع جي بلوچن جي لشڪر انگريزي ڇانوڻي تي ڀرپور حملو ڪري ڇانوڻيءَ کي باهه ڏني، جنهن ۾ ميجر آئوٽرام جي بدران ڪئپٽن اينس مارجي ويو.(20) ميجر آئوٽرام قانوناً سرچارلس نيپئر کي رپورٽ ڪئي، جيڪو ان وقت هالا ۾ موجود هو، نيپئر هن واقعي جو ذميوار مير شهداد خان ٽالپر کي ڪيو، هيءُ واقعو انگريزن لاءِ جنگ جي نغاري تي پويون ڏؤنڪو هو، جنهن جي آواز جو پڙاڏو تاريخ 17- فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان ۾ ٻڌڻ ۾ آيو.

ڇانوڻيءَ کي باهه ۽ ڪئپٽن اينس جي قتل کان پوءِ نيپئر هڪدم پنهنجي سپاهه (جيڪا ٻه هزار اٺ سؤ سپاهين ۽ ٻارهن توبن تي مشتمل هئي) کي حيدرآباد تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو. مير محمد نصير خان ٽالپر، مير شهداد خان ۽ مير رستم خان کي جڏهن انگريزي فوج جي اچڻ جي خبر پئي، تڏهن هي به پنهنجو لشڪر وٺي انگريزن جي مياڻي جي ميدان جي ويجهو اچي سامهون ٿيا. ان وقت محمد يوسف خدمتگار، مير صاحبن کي چيو ته انگريزن جو ڪثير لشڪر آهي، تنهنڪري هوشيار رهجو.

هن خبر جي ٻڌڻ سان ئي ميرن پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته چوڪس ٿي انگريزي فوج کي روڪين، پر هڪ به بلوچ ان تي عمل نه ڪيو، ۽ 17- فيبروري (جمع جي ڏينهن) 1843ع جي، سج اُڀرڻ بعد مياڻي جي ميدان ۾ 8 بجي جنگ جو طبل وڳو، توبن ۽ بندوقن جي ڇُٽڻ سان جانباز بهادر بلوچن نهايت بيڊپائي سان دشمنن جي گولين جو پئي مقابلو ڪيو. بهرحال لڙائي ساڳي ڏينهن عين جمع جي نماز کان ڪجهه وقت اڳ ختم ٿي، جنهن ۾ مير محمد نصير خان ٽالپر جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ انگريزي فوج کي فتح نصيب ٿي. اهڙيءَ طرح مير صاحبن جي حڪومت سان گڏ سنڌ جي آزاديءَ جو آفتاب پڻ غروب ٿي ويو.

لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ مير محمد نصير خان، مير شهداد خان ۽ مير رستم خان فقط ارڙهن ماڻهن سان حيدرآباد جي قلعي ۾ واپس آيا، ته کين نيپئر جو نياپو مليو، ته جيڪڏهن سڀاڻي صبح جو مير محمد نصير خان، مير شهداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير رستم خان هتي مون وٽ نه ايندا ته حيدرآباد کي گهيرو ڪري قلعي کي زمين دوز ڪيو ويندو. بهرنوع ٻئي ڏينهن مير محمد نصير خان، مير شهداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير رستم خان انگريزي ڇانوڻي ۾ ويا. ميجر آئوٽرام سندن استقبال ڪيو ۽ کين پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي آيو، چند منٽن کان پوءِ نيپئر ساڳي تنبوءَ ۾ آيو. مير صاحبن پنهنجون تلوارون کولي نيپئر کي ڏنيون، جن کين موٽائي ۽ کلي چيائين ته هي سموري روئداد گورنر جنرل ڏانهن رپورٽ ذريعي موڪليان ٿو، پوءِ 25 ڏينهن اندر جيڪو اتان حڪم ايندو، تنهن جي بجا آور ڪندس، تيسين توهان دريا جي ڪپ تي ونٽري بندر وٽ انگريزي ڪئمپ ۾ ترسندؤ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نيپئر، مير محمد نصير خان ۽ ٻين مير صاحبن کي ڪئمپ مان وٺي، درياء جي وچ ۾ بيٺل جهاز تي سوار ڪري ان جي چوڌاري ٻيا انگريزي پهريدار جهاز بيهاريائين.

تاريخ 19- اپريل سن 1843ع جي گورنر جنرل وٽان حڪم آيو ته مير صاحبن کي ممبئيءَ موڪليو وڃي، جنهن بعد نيپئر پهرين مير محمد نصير خان، مير حسين علي خان، مير شهداد خان، مير محمد خان، مير يار محمد خان(21)، مير رستم خان کي سندن ڏهن نوڪرن سميت ممبئيءَ موڪليو، ان بعد ٻي کيپ ۾ مير حسن علي خان، مير عباس علي خان(22)، مير فتح علي خان(23) ۽ مير محمد علي(24) کي ممبئيءَ موڪليو، هي سمورا مير 2- مئي 1843ع تي ممبئي پهتا، جتي ممبئيءَ جي گورنر کين پهرين پنهنجي رهائشگاهه ۾ رهايو ۽ بعد ۾ مالابار جي ٽڪريءَ تي موڪليو، جتان پوني ۽ ساسور ويا. اتي کين چيو ويو ته هي توهان جي دائمي رهائشگاهه آهي. ليڪن مير محمد نصير خان نهايت ڪاوڙ جي چيو ته آءٌ ڪلڪتي وڃي لارڊ ايلنبرو سان روبرو ملندس، پوءِ جيڪو فيصلو ڪري، بهرڪيف مير صاحبن کي ڪلڪتي ڏانهن اُماڻيو ويو، جتي لارڊ ايلنبرو ساڻن نهايت شانائتي نموني ملاقات ڪئي ۽ پوءِ دمدمه ۾ کين رهايو ويو.

مير شهداد خان جي سورت ۾ الڳ نظربندي:

سنڌ جي فتح ۽ مير صاحبن جي گرفتاري کان پوءِ نيپئر، گورنر جنرل لارڊ ايلبنرو کي لکي مير شهداد خان ٽالپر کي ٻين مير صاحبن کان جدا سورت جي قلعي ۾ تن تنها نظربند ڪري رکايو. ڇو جو نيپئر کي اها ڪاوڙ هئي ته مير شهداد خان تاريخ 15- فيبروري 1843ع جي انگريزي ڪئمپ تي حملو ڪري ڪئپٽن اينس کي قتل ڪري، ڪئمپ کي باهه ڏني.(25) مير محمد نصير خان ٽالپر، راڻي وڪٽوريا کي پنهنجي ڪيل درخواست جي آخري حصي ۾ مير شهداد خان متعلق لکي ٿو ته:

”اسان کي قيد ڪري پهرين ممبئيءَ موڪليوو ويو، ان کان پوءِ ساسور ۽ اُتان پوءِ مير شهداد خان کي به اڪيلو سورت ڏانهن موڪليو ويو. سال کن گذرڻ کان پوءِ اسان کي به ڪلڪتي ۾ آندو ويو جتي هاڻي اسين رهون ٿا.“(26) ان کان سواءِ مير محمد نصير خان پنهنجي فارسي منظوم سفرنامي جي پوئين حصي ۾ مير شهداد خان بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي.

مير شهداد خان جي سورت مان گورنر کي درخواست:

مير شهداد خان کي سمورن مير صاحبن کان الڳ ڪري اڪيلي سر پهرين ممبئيءَ جي قلعي ۾، ۽ پوءِ سورت جي قلعي ۾ رهايو ويو. جتي ڇهن مهينن گذرڻ بعد حسبِ ذيل درخواست ممبئيءَ جي گورنر صاحب کي ڪيائين، جنهن جو متن هن ريت آهي:

”ان نامدار ذوي الاقتدار تي مخفي ۽ پوشيده ناهي ته منهنجي والد بزرگوار مير نور محمد خان ٽالپر ڪهڙيون ڪهڙيون نه مشقتون سرڪار جي خيرخواهي لاءِ ڪيون هيون. چند ڏينهن ٿيا ته مون کي پهرين ممبئيءَ جي قلعي ۾ ۽ پوءِ ڇهه مهينا سورت جي قلعي ۾ آڻي ويهاريو ويو آهي، جيئن ته آءٌ چوندو رهيس ته مون کي ساسور جي ڳوٺ ۾ منهنجي قريبن وٽ اتي پهچايو وڃي. مگر اڃا تائين ان جو جواب باصواب مون کي نه مليو آهي، جنهنڪري منهنجي بيقرار دل کي، نه ڪنهن قسم جو قرار آهي ۽ نه آرام آهي.

اميد آهي ته اسان سڀني سنڌ جي اميرن کي توهان جلدي پنهنجي وطن پهچائيندو، ۽ انهيءَ باري ۾ نواب گورنر جنرل صاحب بهادر ۽ ملڪهِ معظمه انگلستان کي پڻ پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪنداسين، جيئن ته آءٌ توهان جي نهايت شفقت ۽ مهرباني واري سايهء ۾ گذاريان پيو ۽ ان سان گڏ پڻ دعائون به ڪريان پيو.

هاڻي آءٌ نهايت عاجزي، ڪمال نيازمندي سان عرض ڪريان ٿو ته مون کي انگلستان وڃڻ جي اجازت ڏيو ۽ ان سان گڏ لنڊن ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ آگبوٽ پڻ منهنجي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ته، جيئن ملڪهء انگلستان جي حضور پهچي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيان. مون کي يقين آهي ته توهان مون تي الطاف و عنايات ڪرڻ ۾ دريغ نه فرمائيندا ۽ هن عريضي جي جواب ڏيڻ سان سرفراز ۽ ممتاز ڪرڻ فرمائيندا.“(27)

(محرره 27 ماه آڪٽوبر 1843ع از مقام سورت)

                       (براصل صحي)

                   مير شهداد خان ٽالپر

بهرنوع مير شهداد خان جي درخواست تي گورنر صاحب غور ڪرڻ بعد مٿس سورت ۾ ڪئپٽن اينس جو (اٺ سالن جي عرصي ۾) مقدمو هلايو.

مير شهداد خان ٽالپر سورت جي قيدخاني ۾ تنِ تنها مقيد هو، جڏهن سندس والده ماجده بيبي جندو (جيڪا فاتحِ سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي دخترنيڪ اختر هئي) کي خبر پئي ته سندس وڏو فرزند مير شهداد خان ٽالپر کي ٻين مير صاحبن کان جدا ڪري سورت ۾ نهايت تڪليفن ۽ اذيتن سان نظربند ڪيو ويو آهي، تڏهن هن بيبيءَ به لکپڙهه جي رستي وڏا احتجاج ڪيا، پر جڏهن اهي سڀ حيلا ۽ وسيلا اجايا ثابت ٿيا، تڏهن لاچار بيبي جندو کي ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پيو، يعني هوءَ انگريزن کان لڪائي پنهنجي فرزند مير شهداد خان ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون وغيره موڪلڻ لڳي، مگر اهي بار بار نوڪر، جيڪي اُهي سوکڙيون پاکڙيون کڻي ويندا هئا پڪڙجي پوندا هئا. مثلاً هڪ ڀيري محبوب نالي خدمتگار کي بيبي جندو هڪ ٿيلهي ۾ ٽي هزار سونيون مهرون، هڪ سوني مُٺي سان لڪڻ، جنهن جي اندر جواهرات پيل هئا، سو ڏنو ته هُو سورت کڻي وڃي مير شهداد خان کي ڏئي اچي ۽ هوڏانهن ڪن نمڪ حرام نوڪرن، نيپئر کي رپورٽ ڪئي ته محبوب نالي خدمتگار مير شهداد خان ڏي ڪجهه سامان کنيو پيو وڃي، اسان کي شڪ آهي ته ان ۾ ڪي مخفي خط به آهن، تنهنڪري ان کي پڪڙي ان جو جهاڙو ورتو وڃي. جنهن تي نيپئر پنهنجي پوليس فورس کي حڪم ڪيو ته محبوب کي گرفتار ڪري، سندس جهاڙو ورتو وڃي، جهاڙو وٺڻ کان پوءِ ڏسن ته هڪ سيل ٿيل پيتي مان مير شير محمد خان ٽالپر ڏانهن وري لڙائي ڪرڻ بابت خط ۽ ٻيو سونيون مهرون وغيره نڪتيون پڇا ڪرڻ تي محبوب ٻڌايو ته سون ۽ خط مون کي ميرزا خسرو بيگ  ڏنو آهي ۽ جڏهن ميرزا خسرو بيگ کان پڇا ٿي ته هن چيو ته مذڪوره سامان مون کي بيبي جندو ڏنو آهي، پر منجهس ڇا ڇا هو، سا مون کي ڪابه خبر نه آهي. جڏهن بيبي جندو کان پڇا ٿي تڏهن هن بيبيءَ جواب ڏنو ته سون ۽ جواهرات برابر مون موڪلڻ لاءِ ڏنا آهن، ليڪن مير شير محمد خان وارو خط ۽ سيل ٿيل پيتيءَ جي، مون کي ڪابه خبر نه آهي.(28)

اهڙو ٻيو به واقعو آهي، پر ان کان اڳ اهو چوڻ ضروري آهي ته مير شهداد خان ٽالپر هڪ شهزادو هو ۽ امن و امان جي عالم ۾ پلجي وڏو ٿيو هو، جنهن ڪڏهن به قالين کان سواءِ پٽ تي به پير نه رکيو، سو اڄ سورت جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو انگريزن جون سختيون سهي پئي ڏک ڏٺا. ان سبب جيڪا سندس والده ماجده بيبي جندو سان حالت ٿي هوندي سا اولاد وارا ئي سمجهي سگهن ٿا. آخر هڪ ڏينهن بيبيءَ کان رهيو نه ٿيو ۽ هن کي هيئن به ڪرڻو پيو، يعني پٽ جي خوراڪ لاءِ چانورن جي ڳوڻ ۾ اٺ هزار سونيون مهرون لڪائي موڪليائين، پر اِها ٻوري به پڪڙجي پئي ۽ نيپئر نيٺ بيبيءَ کي خط لکي موڪليو ته مون کي تنهنجي مادري محبت جو احساس آهي ته تنهنجو پُٽ اڪيلو سورت ۾ مقيد آهي، ليڪن اهو گورنمينٽ ائين ڪيو آهي ۽ تون پنهنجي پٽ ڏي ڪنهن به ماڻهو جي چوڻ تي ڪابه شيءِ نه موڪل، جا قانون مطابق هڪ قيديءَ ڏي توکي موڪلڻي ناهي.(29)

مير شهداد خان جو ڪيس مان باعزت بري ٿيڻ:

انگريز، مير صاحبن تي ڪيتريون ئي جفائون ڪندا آيا، پر هِنن ڪڏهن به صبر جو دامن هٿن مان نه ڇڏيو ۽ پنهنجي ربّ پاڪ جي آسري تي پنهنجي رهائي ۽ بي گناهيءَ لاءِ اپيلن تي اپيلون ۽ درخواستن تي درخواستون ڪندا رهيا ته من ڪڏهن هيءُ ظالم انگريز اسان جو انصاف ڪندا. نيٺ 5 سالن جي گذرڻ بعد تاريخ 20- مئي 1848ع جي هڪ عدالت قائم ٿي، جنهن ۾ مير شهداد خان تي ڪيس هليو ۽ لارڊ ڊلهائوزي ڪيس جي تحقيقات ڪري کيس بيڏوهي ثابت ڪري، رِها ڪيو.(30) ڪئپٽن ايسٽوڪ، مير شهداد خان جي سورت ۾ تنها قيد ٿيڻ ۽ مذڪوره ڪيس جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته:

”مير نورمحمد جي وڏي پٽ شهداد خان کي سورت جي قلعي ۾ هڪ معمولي ڏوهاريءَ وانگر قيد ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿس اِها تهمت هئي ته هن ڪئپٽن اينس کي قتل ڪيو هو، آخر گورنر جنرل کيس بچاءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. 20- مئي 1848ع تي ڪورٽ منعقد ٿي، جنهن جي اڳيان مقدمو هلايو ويو ۽ پوءِ کيس عزت سان بري ڪيو ويو. اهو اٿوَ انگريزن جو انصاف! پنج سال هڪ قيدي شهزادي کي معمولي ڏوهاريءَ وانگر جيل ۾ رکي ۽ پوءِ کيس باعزت بري ڪرڻ جي سزا ڏني وئي. انهيءَ کان پوءِ کڻي هيءُ ماڻهو سندن جند ڇڏين ها، پر نه. سورت جي قلعي مان ته سندس جند ڇُٽي، پر وري به کيس پنهنجي گهر کان گهڻو پري بنگال جي اڻوڻندڙ ۽ گندي هوا ۾ اُڇلايو ويو. ظلم جي به هڪ حد ٿيندي آهي، ۽ هي انگريزي ظلم جو هڪ آخرين نمونو هو، جو انهيءَ شهزادي جي خلاف استعمال ڪيو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته مير شهداد خان فقط ڪي مهينا جيئرو رهيو ۽ پوءِ مري ويو.“(31)

بعد ۾ مير شهداد خان کي پنهنجي وطن (سنڌ) ڏانهن وڃڻ بدران وري به ڪلڪتي ۾ بِنا ڪنهن سبب جي ٻين مير صاحبن سان ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير حسين علي سان پڻ نظر بند ڪري رکيو ويو.

مير شهداد خان جا طور طريقا:

مير شهداد خان سخي ۽ درياء دل هجڻ جي باوجود غيور به هو. هڪ ڀيري ڪلڪتي ۾ پاڻ پنهنجي خريد ڪيل مور گاڏي ۾ چڙهي گورنر جنرل ڏانهن پئي ويو ته وچ رستي تي سندس گاڏي جي اڳيان ڪا ٻي گاڏي هئي، جنهنڪري کيس وڃڻ ۾ دير پئي ٿي. مير صاحب پنهنجي نوڪر (گاڏي هلائڻ واري ڊرائيور) کي چيو ته اڳيان گاڏي واريءَ کي چئو ته گاڏي پري ڪري ته اسين جلدي نڪري وڃون، مگر اڳيان واري گاڏي ۾ هڪ يورپين آفيسر ويٺل هو، جنهن کان هڪ ته مير صاحب جو نوڪر ڊنو پئي ته ٻيو اهو يورپين آفيسر شراب جي نشي ۾ ڌُت هو، ۽ جواب ڏنو ته ملڪ جا حاڪم اسين آهيون، تنهنڪري منهنجي گاڏي اڳيان هلندي. مير شهداد خان جواب ۾ پنهنجي نوڪر کي حڪم ڏنو ته انهيءَ يورپين آفيسر جي گاڏي مٿان پنهنجي گاڏي هلائي نڪري اڳيان ٿي. (مير صاحب جي گاڏي سان 2 گهوڙا ٻڌل هئا). نوڪر حڪم مطابق يورپين آفيسر جي گاڏي جي مٿان گاڏي چاڙهي اڳيان ڪئي ۽ پٺيان يورپين آفيسر پنهنجي گاڏيءَ مان ڪِري پيو، جنهنڪري سندس ٻانهن به ڀڄي پئي. جڏهن گورنر جنرل کي هن واقعي جي خبر پئي تڏهن انهيءَ يورپين آفيسر کي ڌمڪائي چيو ته تون نوڪر ۽ هُو وري به بادشاهه، سو ڪيئن ٿي مقابلو ڪيو، توکي اِها سزا هجي.

مير شهداد خان جي هڪ انگريز سان ملاقات:

مير شهداد خان جي اخلاق ۽ آداب، سندس رهائي ۽ وري نظربندي ۽ انگريزن جو ميرن سان ناروا سلوڪ جو ذڪر انهن انگريزن پڻ پنهنجي تصنيفن ۾ ڪيو آهي، جن سندس موروثي سلطنت کي هضم ڪيو هو ۽ سندن مال و اسباب کي به لُٽيو هو، جنهن وقت مير شهداد خان ڪئپٽن اينس جي قتل واري ڪيس مان باعزت بري ٿيو ته کيس سورت کان ڪلڪتي آڻڻ لاءِ هڪ بحري ٻيڙي ۾ سوار ڪيو ويو ته اتي سندس ملاقات هڪ انگريز (جيڪو ان وقت تمام وڏي عهدي تي فائز هو) سان ٿي، هُو به اتفاق سان ڪنهن ڪم سانگي انهيءَ ٻيڙي ۾ سوار ٿيو هو. مير شهداد خان ۽ ان انگريز جي وچ ۾ تقريباً ٻه ڪلاڪ ملاقات ٿي، جنهن جو ذڪر ڪئپٽن ايسٽوڪ پنهنجي ڪتاب ”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ“ ۾ ڪيو آهي. ان انگريز جو بيان آهي ته:

” مير شهداد خان سان منهنجي گفتگو اهڙي طرح ٿي جهڙو هڪ اوپٽو ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. حالتن موجب مون کي ٻه ڪلاڪ اسٽيمر تي رهڻو پيو، ۽ جيئن ته هُو مون کي هڪ عزت وارو خوش پوشاڪ ڏيهي ماڻهو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، انڪري مون ساڻس ملاقات ڪرڻ گهري. مون کيس وڃي سلام ڪيو، جنهن جو هن نهايت فهميدي نموني سان، جو اوڀر جي ملڪن جي عام عادت آهي، سلام جو جواب ڏنو. جيتريقدر مون کي يادگيري آهي ته مون کانئس سندس سفر متعلق پڇيو ۽ پوءِ اسان ٻنهي ٻاڦ جي طاقت ۽ ان تي هلندڙ مشينن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. آخر هن مون کان پڇا ڪئي ته هينري پاٽنجر ڪڏهن موٽي ايندو؟ هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاٽنجر سندس ۽ سندس خاندان جو دوست آهي، انڪري کيس ساڻس ملاقات ڪرڻ جي وڏي خواهش آهي. هن مون کان سنڌ بابت ۽ پڻ مير علي مراد خان بابت ڪي سوال به ڪيا، جيئن ته آءٌ ڪلڪتي ۾ رهيو هوس ۽ ميرن کي سوار ٿيندي ڏٺو هوم، انڪري وري ڪلڪتي بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. هن پوءِ مون کان پڇيو ته سرچارلس نيپئر ڇا ڪري رهيو آهي ۽ سندس باري ۾ چيائين ته هُو هڪ بهادر جرنل آهي، هن اهو خيال ظاهر ڪيو ته سرچارلس نيپئر هڪ سٺو ماڻهو ٿي سگهي ها، جيڪڏهن کيس هتي جي ماحول جي خبر هجي ها ۽ ماڻهن جي ٻوليءَ، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن کان واقف هجي ها، ساڳيءَ وقت کيس اِها به خبر ڪانه هئي ته ميرن جا ڪهڙا  حق آهن، نه ته هُو ڪڏهن به ساڻن اهڙي هلت نه ڪري ها. هينري پاٽنجر يا ٻين ڄاڻو معزز حضرات وانگر جيڪڏهن کيس ماحول جي خبر هجي ها، ته هو ڪڏهن به سندس خاندان کي نقصان نه پهچائي ها. اهو هُو اسان جي گفتگوءَ جو متن، مون کي ياد آهي ته آءٌ انهيءَ مير جي برداشت جي جذبي ۽ سخاوت تي حيران ٿي ويو هوس، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اهڙي جرنيل جي ساراهه ڪري رهيو هو، جنهن سندن حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو، ٿي سگهي ٿو ته کيس (سر چارلس نيپئر کي) به انهيءَ رواداري جو احساس ٿيو هجي.“(32)

مير شهداد خان جي وفات:

مير شهداد خان ٽالپر آخر ۾ ڪلڪتي ۾ دم ۽ کنگهه جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو، ڪيترن ئي ڊاڪٽر علاج ڪيو، مير صاحب به بار بار پنهنجي صحت لاءِ ڪيترن ئي شعرن ۾ الله پاڪ کان دعا گهري آهي. آخر هن تاريخ 8 ماهه محرم الحرام 1274ع مطابق 28- آگسٽ 1857ع جي عين جواني جي عالم ۾ 36 سالن جي عمر ۾ دمدمه ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي ميرزا حسن علي عرف آغا بزرگ المتخلص به ”وفا“(33) جي چيل قطع هيٺ پيش ڪجي ٿي:

باخرد گفتم نيا لوده چه بود

گفت طرفِ دامنِ شهداد خان

--

گفتمش خونِ دل دريا و کان

گفت اين در گردنِ شهداد خان

--

گفتمش ماهر ڪه بُد درفنِ نظم

گفت اين فن بُد فن شهداد خان

--

گفتمش دستِ قضا برباد داد

گفت آري، خرمنِ شهداد خان

--

گفتمش گنجي بزير خاک چيست

گفت واويلا تنِ شهداد خان

--

گفتمش جنت نميدانم کجا ست

گفت جنت مسکنِ شهداد خان

--

گفتمش داني وفا سالش چه گفت

گفت آه از مردنِ شهداد خان(34)

مير شهداد خان ٽالپر جي وفات کانپوءِ سندس ننڍي ڀاءُ مير حسين علي خان لاش کي هڪ سال لاءِ بطور امانت جي دمدمه ۾ دفنايو. ان کانپوءِ لکپڙهه ڪرڻ سان ۽ اجازت ملڻ بعد لاش کي حيدرآباد سنڌ موڪليو ويو، جتي ڪليڪٽر صاحب جي روبرو ميرن جي قبن واري ٽڪريءَ تي سندس اَباڻي قبرستان ۾ والد مير نورمحمد خان ٽالپر جي پهلو ۾ دفنايو ويو. سندس لوح مزار تي هيٺيون ڪتبو ڪنده ٿيل آهي:

”تاريخ وصال مرحوم مير صاحب مير شهداد خان تالپر عليہ رحمہ، هفتم ماهِ محرم 1274هه.(35)

حوالا:

1.                   

پير حسام الدين شاهه راشدي، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، انجمنِ تاريخ سنڌ ڪراچي، حيدرآباد 1981ع ص 282.

2.                  

مير علي شير خان ٽالپر جي ولادت تي محمد يوسف خدمتگار هڪ قطعِ تاريخ لکي، جنهن جا چند بند هيٺ ڏجن ٿا:

تبارک الله ز انصافِ خالقِ بيچون

برآمده ز ثنايش زبانِ ناطقه لال

--

به مير صاحب شهداد خان عظيم الشان

ڪه دست او به سخاوت بڪسب بحر نوال

--

به فال نيک خجسته اختري نکو فرزند

عطا نمود خداوندِ ايزدِ متعال

--

زلطفِ حق چو علي شير نامِ نامي اوست

بحفظ شير خدا باد در همه مہ وسال

3.                  

مير حسين علي خان ٽالپر، يادِ رفتگان، قلمي.

4.                  

ميرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي، ٽالپرن حاڪمن جا علمي ڪارنامه، ”مهراڻ جون موجون“، مرتب: پير سيد حسام الدين شاهه راشدي، پاڪستان پبليڪيشن، ص 34.

5.                  

سرڪار حشمت مدار مير صوبدار خان ابنِ مير فتح علي خان ان وقت ڄائو، جڏهن سندس والد موت جي بستري تي (يعني 9- محرم 1217هه) پويان پساهه کڻي رهيو هو. سندس سجع هئي:

صوبدارِ جهان ز فتح علي

مير صوبدار خان متعلق ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته، ”مير صوبدار خان شڪل جو موچارو آهي، هن جو اُٿڻ ويهڻ پُرتڪلف آهي، پر هن تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو هو. هو لاشڪ ضعيف طبع ماڻهو آهي.“ (سنڌ جي درٻار، ص 60)

مير صوبدار خان فارسي زبان جو قادرالڪلام شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي، سندس تخلص مير هو، پاڻ 14- رجب المرجب 1262هه جو ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين.

6.                  

ميجر سر جيمز آئوٽرام 29- جون 1803ع ۾ پيدا ٿيو، 16 سالن جي عمر ۾ هندستاني فوج ۾ شامل ٿيو. 1820ع ۾ هو ممبئيءَ جي فوج ۾ ايجوٽنٽ مقرر ٿيو. 1825ع کان 1832ع تائين هن جي ماريل شينهن جو تعداد 191 ٿي ويو، هي پوليس ۽ فوج جي متعدد عهدن تي فائز رهي، 1838ع ۾ جنرل لارڊ ڪين جو مشير ٿيو ۽ ممبئيءَ جي فوج سان گڏ قنڌار، غزني ۽ ڪابل ويو. 1839ع ۾ هن ڏکڻ افغانستان جي مهم ۾ حصو ورتو. 1839ع ۾ سنڌ جو پوليٽڪل ايجنٽ مقرر ٿيو، 1843ع ۾ هن مياڻي جي جنگ ۾ انگريزي لشڪر جي مردانه وار حفاظت ڪئي، جنهن جي صلي ۾ کيس ليفيٽنٽ ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو. 11- مارچ 1863ع تي انتقال ڪيائين. (تازه نواءِ معارڪ، فارسي، ص 898)

7.                  

ڪيپٽن ايسٽوڪ، ”نئين مصر جا پراڻا ورق“، مترجم: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص 228.

8.                  

سر هينري پاٽنجر 1789ع ۾ ڄائو ۽ 1806ع ۾ ممبئيءَ جي فوج ۾ شامل ٿيو، سن 1808ع ۾ هن کي پهريون ڀيرو سنڌ موڪليو ويو. ۽ 1889ع ۾ هن کي ٻيهر سنڌ ۾ اماڻيو ويو. 1848ع کان 1854ع تائين هي مدراس جو گورنر رهيو. 18- مارچ 1856ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان“ جي سفرنامي جي نالي سان لکيل آهي.

9.                  

سر چارلس نيپئر 10- آگسٽ 1782ع ۾ پيدا ٿيو، 1794ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. 1799ع ۾ سر چارلس جيمزڊف جو مددگار ٿيو. 1841ع ۾ هندوستان آيو، 1842ع ۾ هن کي سنڌ ۾ سفير مقرر ڪيو ويو، هي هڪ آزمودگار، شوخ طبع، تند مزاج ۽ دل جو ڪٺور سپاهي هو. 29- آگسٽ 1853ع ۾ سندس لاڏاڻو ٿيو.

10.              

لطف الله بدوي، ”تذڪرهء لطفي“، ڀاڱو ٻيو، آر.ايڇ.احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص 42.

11.               

ايضاً، ص 43.

12.              

ميرزا خسرو بيگ، اصل گرجستان جو رهاڪو. ميرزا خسرو بيگ طب جو به ماهر هو. مير ڪرم علي خان کيس پنهنجي اولاد وانگر پاليو، 1860ع جي وفات ڪيائين.

13.              

محمد يوسف ولد محمد صالح ذات جو منگواڻو هو، جڏهن پاڻ هفتي کن جو ڄاول هو، تڏهن مير غلام علي خان ٽالپر کي مير مير محمد خان ٽالپر ڄائو. ان جي کير پيئڻ لاءِ محمد يوسف جي والده کي مقرر ڪيو ويو. مير صاحب سان گڏ محمد يوسف جي پڻ پرورش ٿيڻ لڳي. حيدرآباد ۾ هاڻوڪو ”ٽنڊو يوسف“ سندس نالي تي ٻڌل آهي. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مير صاحبن جا ديرا اتي وڃي رهايائين. ديوانِ يوسف ۽ مثنوي ماه و مشتري سندس تصنيفون آهن.

14.              

ميرزا عباس علي بيگ، مقالو، مير محمد نصير خان ٽالپر جعفري ماهوار ”نئين زندگي“، جولاءِ 1986ع، ص 24.

15.              

سيد احسان علي شاهه ابنِ سيد ثابت علي شاهه، سيوهڻ ۾ ڄائو. 1244هه ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان، سيد ثابت علي شاهه جي فرزند، سيد امداد علي شاهه ۽ سيد احسان علي شاهه کي سڄي ڪٽنب سميت سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن ۾ جايون ڏئي رهايو. سيد احسان علي شاهه پنهنجي پيءُ وانگر هڪ بهترين شاعر هو. سيد احسان علي شاهه به سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر جي درٻار جو خاص مقرب هو ۽ پنهنجي اشعارن سان ميراڻي درٻار کي رونق پذير ڪندو هو. سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي، پنهنجي مشهور منظوم تصنيف ”يوسف زليخا“، (ص 47) ۾ سيد احسان علي شاهه متعلق لکي ٿو ته، ”سيد ثابت علي جو فرزند سيد احسان علي شاهه قابل ۽ گويا هو، جو سڀ ڪنهن ڳالهه جي مثال تي قرآن شريف جي آيت ۽ حديثِ نبوي، مثنوي جو بيت ۽ پيءُ پنهنجي ثابت عليءَ ۽ ڀٽائي صاحب جو بيت چوندو هو.“
سيد احسان علي شاهه تخلص ”احسان“ جو گهڻو ڪلام ڪافي وقت گذرڻ جي باوجود ناياب ٿي ويو آهي. سوائي مياڻي جي مرثئي يا شهر آشوب جي.

16.              

مير رستم خان ابنِ مير سهراب خان 1820ع ۾ مسند تي ويٺو. 1843ع ۾ خيرپور ڇڏي، حيدرآباد آيو، جتان انگريزن کيس قيد ڪري پوني وٺي ويا، جتي 1846ع ۾ وفات ڪيائين.

17.              

مياڻي جو مرثيو (جنگنامو) قلمي، ملڪيت، سيد اعجاز علي شاهه ابنِ سيد ثابت علي شاهه ثالث، ميرن جا قبا، حيدرآباد.

18.              

ميرزا عباس علي بيگ، مقالو، مير محمد نصير خان ٽالپر جعفري، ماهوار ”نئين زندگي“، جولاءِ 1986ع، ص 24.

19.              

آخوند محمد بچل، مٽيارين جي آخوندن مان هو، سندس والد جو نالو آخوند محمد صالح هو، آخوند محمد بچل فارسي ۽ عربي جو ماهر ۽ ديني دنيوي علمن ۾ يگانو هو. شعر و سخن جو شوقين هو، سندس تخلص ”انور“ هو. فنِ انشاء ۾ استاد هو. اَنشاء جي مهارت سبب مير محمد نصير خان سڀئي اهم ۽ نازڪ مراسلا هن کان ئي لکرائيندو هو، آخوند محمد بچل، مير محمد نصير خان جو استاد هو. جڏهن مير محمد نصير خان ٽالپر تخت نشين ٿيو ته آخوند صاحب استاد مان ڦري مشير خاص ۽ معتمد ٿيو.

20.             

هن ڏوهه ۾ مير شهداد خان ٽالپر جي خاص خدمتگار محمد پٽ ڏتي کي به شامل ڪيو ويو، جنهن کي انگريزن حيدرآباد جي قلعي جي دروازي وٽ ڦاسي ڏني ۽ باقي ٻين همراهه بلوچن کي قلعي جي ٽڪريءَ هيٺان حيدرآباد اسٽيشن واري پاسي ڦاسيون ڏنيون ويون.

21.              

فريئر نامي جو مصنف، مير يار محمد خان ابنِ مير مراد علي خان حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ 21 رمضان 1279هه ۾ وفات ڪيائين. هي ٽالپر  خاندان جو هڪ بهترين نثر نويس هو، هن فريئر نامو لکي ٽالپري تاريخ کي ايران تائين روشناس ڪرايو.

22.             

مير عباس علي خان ٽالپر ابنِ مير محمد نصير خان ٽالپر، لقب سرڪار شوڪت مدار هو، پاڻ شاعر هو ۽ تخلص ”مومن“ هوس. سندس فارسي ديوان هو جيڪو سندس فرزند مير عبدالحسين خان سانگي جي وفات کان پوءِ گم ٿي ويو. البته سندس هڪ مثنوي ملي ٿي، مير عباس علي خان 1849ع ۾ ڪلڪتي ۾ هڪ انگريز خاتون معروف به بيبي بلقيس سان شادي ڪئي. (ڪلياتِ سانگي، ص 3) پاڻ 28 سالن جي عمر ۾ 8 رجب 1273هه جي ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين.

23.             

مير فتح علي خان ثاني ابنِ مير صوبدار خان ٽالپر.

24.             

سرڪار ذوالاقتدار مير محمد علي خان ٽالپر ابنِ صوبدار خان 14 صفر 1243هه ۾ ڄائو، پاڻ شاعر هو ۽ تخلص ”بهرور“  هوس. پهرين رجب 1278هه جو ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين، سندس تصنيفن ۾ ٻه مثنويون: (1) داستانِ رزم نادر شاهه، (2) رزم نامه شير، گهڻو مشهور آهن.

25.             

مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، ”تڪملهء مقالات الشعراء“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 160

26.             

ڪپئٽن ايسٽوڪ، ”نئين مصر جا پراڻا ورق“، مترجم: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص 403.

27.             

مير اشرف علي، ”تاريخِ افغانستان و سنڌ“، ممبئيءَ 1845ع، ص 313.

28.             

”دي هسٽري آف جنرل“، سر چارلس نيپئر، وليم نيپئر، لنڊن 1858ع، ص 395.

29.             

ايضاً، ص 396-395.

30.             

مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، ”تڪملهء مقالات الشعراء“، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص 160.

31.              

ڪئپٽن ايسٽوڪ، ”نئين مصر جا پراڻا ورق“، ص 321-322.

32.             

ايضاً، ص 324-323.

33.             

ميرزا حسن علي عرف آقا بزرگ تخلص ”وفا“، ٽالپرن جي دور جو قادرالڪلام ۽ صاحبِ ديوان شاعر هو ۽ سندس درباري شاعر به هو. مير حسين علي خان ٽالپر پنهنجي تصنيف مناقب علوي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس نالو ”ميرزا بزرگ عرف سيد حسن علي خلف سيد مير علي المشهور به موئين قلم“ لکيو آهي. ديوانِ حسين (اردو) ۾ به ميرزا بزرگ جي تصوير چٽيل آهي. هي اصل شيراز جو رهاڪو هو، ۽ ٽالپرن جي علم جي قدرداني جي هاڪ ٻڌي سنڌ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو.

34.             

”تڪملهء مقالات الشعراء“، ص 762-763.

35.             

هن مقالي کي لکڻ لاءِ مان سنڌ جي مشهور تاريخدان، محقق ۽ اديب، مرحوم ميرزا عباس علي بيگ صاحب جو انتهائي ٿورائتو آهيان. جنهن جي ڪتبخاني مان راقم گهڻو استفادو حاصل ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org