سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:14 

عثمان فقير کوسو

 

 

 

غزل

ائين يار آهيون ته يارن جي هٿ ۾،

رهي جيئن ڪو رانديڪو ٿو ٻارن جي هٿ ۾.

 

ڪڏهن قرب جي ڪانه قيمت گهري سون،

رهيا مفت آهيون، پيارن جي هٿ ۾.

 

ڪڏهن ڪنهن تي منهنجو ستارو چڙهيو نه،

مقدر هو قيدي، ستارن جي هٿ ۾.

 

وساءِ ڪاڇو مولا اچن محب موٽي،

بنا وس نه وس ڪو، سنگهارن جي هٿ ۾.

 

ڪا ترقي به ڪنهن شيءِ ۾ ڪيئن ٿي سگهي ها،

سڄو ڪم هو جاهل، ادارن جي هٿ ۾.

 

سدائين ڏکن ۾ امڙ سنڌ آهي،

رهي ٿي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي هٿ ۾.

 

کپي پنهنجي مڙسي سان جيون گذارڻ،

سٺو ناهي رهجي، سهارن جي هٿ ۾.

 

نڪي سک امن ڪو، نه خوشحالي ڪائي،

وطن آ اچي ويو، قهارن جي هٿ ۾.

 

رکي آس عثمان هئي جن گلن ۾،

اهي گل آهن بهارن جي هٿ ۾.

 

مليو يار مون سان بهارن جي رقص ۾،

رهيو رات مون وٽ هو تارن جي رقص ۾.

 

گهڙيون خوبصورت لڳيون ٿي هي ڏاڍيون،

هيو گڏ هو مون سان پيارن جي رقص ۾.

 

اکين جي اکين سان ڳهُجي هئي ڪچهري،

اکين ٿي چيو ڪجهه اشارن جي رقص ۾.

 

حجابن جا پردا ڇڏيا هن هٽائي،

چميو مون به چهرو هو وارن جي رقص ۾.

 

رکي ڪنڌ ڪُلهي تي رُنو مون ٿي هر هر،

پائي ڳل ڳراٽيون ميارن جي رقص ۾.

 

پيا ڳل اسان جا اي ’عثمان‘ کوسا،

وهي لڙڪ هليا قطارن جي رقص ۾.

 

گيت

 

رکيم ڇو اميدون اوهان ۾ وفا جون،

نظر ڇو نه آيون، ادائون جفا جون.

 

نگاهن کان ڪيڏي وئي آ خطا ٿي،

وري دل به منهنجي پئي ڪيڏي ڀلجي،

هيون صاف ظاهر نشانيون خفا جون.

 

سڃاڻپ جي مون کي نه هئي پرک ڪائي،

ڏسي سونهن خالي ويس دوکو کائي،

تڏهن پيو ٿو ڪٽيان گهڙيون هي سزا جون.

 

مهانگي وئي پئجي تنهنجي مون کي ياري،

اٿئي ’عثمان‘ جي ڏاڍي دل آزاري،

آهن تنهنجي دل ۾ سوچون سڀ دغا جون.

 

مرتضيٰ جمالي

 

 

 

 

غزل

ياد تنهنجي اچڻ روز جي ڳالهه آ،

درد حد کان وڌڻ روز جي ڳالهه آ.

 

رات جو تنهنجي تصوير تنها تڪي،

منهنجو روئي پوڻ روز جي ڳالهه آ.

 

ٿي نه مون کان سگهي آ شڪايت ڪڏهن،

غم جدائي سهڻ روز جي ڳالهه آ.

 

مرتضيٰ بعد سجدي دعا ۾ پرين،

ربّ کان توکي گهرڻ روز جي ڳالهه آ.

 

غزل

تون ئي منهنجي صنم شاعري شاعري،

عشق توسان اٿم شاعري شاعري.

 

جت هجان ٿو هجين مون سان تون ساڻ ٿي،

وهه وا تنهنجو سنگم شاعري شاعري.

 

گيت وايون غزل بيت تنهنجا تنهنجي،

آهي دلڪش نظم شاعري شاعري.

 

نينهن توسان لڳو جو اچانڪ ته هي،

دل پٿر ٿي نرم شاعري شاعري.

 

رات آڌي ۽ مان هڪ شمع ٿي جلي،

تو سِوا ٻيو نه ڪو شاعري شاعري.

اُداس لُنڊ

 

 

 

 

 

 

خواب ۾ پئي ڏٺم حُور ڪمري اندر،

اک کلي هڪڙو هيس مُور ڪمري اندر.

در کي تالو هڻي مان ستو هيس مگر،

ڪيئن آيا گهڙي سُور ڪمري اندر.

وقت کي گهرج آ اُٿ هلون دار ڏي،

رات آيو هو منصور ڪمري اندر.

روشني جي اگر جي ضرورت پئي،

خود جلائي ڪندس نُور ڪمري اندر.

عشق منهنجي جو نوحو چون درد ٿا،

روز هوندو آ عاشور ڪمري اندر.

وقت مون کان کسي زندگي جو مزو،

۽ ڪري وئين ڇڏي جهور ڪمري اندر.

تو مسيحا اچڻ ۾ گهڻي دير ڪئي،

دم ڏنو نيٺ دل چُور ڪمري اندر.

 

غزل

 

زندگيءَ جو ڇا الم لکان،

ڪهڙو ڪهڙو ويهي غم لکان.

دوست تنهنجا ڇا ستم لکان،

هر ستم کي ٿو ڪرم لکان.

مون تي قوم جو به فرض آ،

صرف توتي ڇو صنم لکان.

شاعريءَ ۾ پنهنجو آ وڌيو،

روشنيءَ طرف قدم لکان.

بيت وايون گيت درد ۾،

۽ غزل مان دم بدم لکان.

هڪ جنم ٻيو جنم ته ڇا،

قوم تي جنم جنم لکان.

اک ڀِنل اُداس جي ڏسي،

دل چيو کڻي قلم لکان.

 

وائي

 

وهندڙ اک جا نيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

وڌا جيڪي وقت هن،

پيرن ۾ زنجيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

تنهنجي طعنن جا پرين،

کُتل دل ۾ تيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

ڏنا آهن عشق جي،

منهنجي من کي چيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

ماڻهو ماڻهو ٿو پُڇي،

آهين ڇو دل گيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

پنهنجي جيون جي پرين،

اُجڙيل هي تصويرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

گهڻا گهاءُ اُداس کي،

جسم جهيرون جهيرَ،

ڪنهن کي ڪنهن کي مان ڏسيان.

 

بيت

 

سپنا ٿيندا ساڀيان پنهنجا دير سوير،

هلندي هلندي پير منزل ماڻيندا پرين.

دوست آءُ چپ هُيس سڄڻ جيئن آيو،

ڳوڙهن ڳالهايو منهنجي نيڻن ۾ اچي.

ڪڪر ڪاڇي ۾ وسو ڪائي ڪهل ڪري،

وڃو مهر ڪري منهنجي ماروئڙن جي.

اهڙو ڪن سلوڪ ٿا مونسان مون دلبر،

پٽي منهنجا پر اُڏرڻ آڇن پوءِ ٿا.

 

محمد ايوب جوڻيجو

 

 

 

غزل

 

هن جي عشق ۾ يَر مان صفا يار وٺجي ويس،

دنيا ۽ دين کان ڄڻ مان صفا يار ڪٽجي ويس.

 

نگاهون نينهن هن جي جون لڳيون سڌيون منهنجي دل ۾،

جليا جيرا جگر بُڪيون فراق ۾ ته ڦٽجي ويس.

 

الائي! ڪيئن اوچتوئي اوچتو اڙجي ويس يَر مان،

پتوئي ڪونه پيو مون کي ڌڪ انهيءَ سان ڌڪجي ويس.

 

بچايو دوستو! مون کي هن مرضِ محبت کان،

دوا دارون ديدار هن جو قرب انهيءَ ۾ ڪسجي ويس.

 

نينهن نانگ نسورو ۽ عشق آگ اٿئي ”ايوب“،

سڙي منهنجو بدن سارو ڏنگ انهيءَ سان ڏنگجي ويس.

 

چاهت چورا چنگ،

محبت وڌا ونگ.

 

ڇاکئون هنن ساڙيا،

هي ٻيلا ۽ جهنگ.

 

مارون منهنجي ملڪ جا،

جوان اٿئي اڙٻنگ.

 

موالي مڪان تي پيا،

گهوٽن ويٺا ڀنگ.

 

جت شهر آباد هئا،

اتي اُڏرن پيا ڪنگ.

 

پنهنجن پنهنجن جا،

الا بند ڪيا لنگ.

 

”ايوب“ وطن خاطر،

آڇيا پنهنجا انگ.

 

غزل

 

يارن جو هِين يار تون،

اکڙين جو هِين ٺار تون.

 

پنهنجن هٿن سان اچي،

پريت جو پيالو پيار تون.

 

سهڻن کان سهڻو هِين تون،

سهڻن جو هِين سردار تون.

 

پاڻ کان ڪر نه پري مون کي،

ويهه ويجهو اچي منٺار تون.

 

اکيون اکين سان ملائي تون،

”ايوب“ کي ائين نه مار تون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org