سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :11

تنهن وچ ۾ پڙها گھمي ويا ۽ شاهي اعلان ٿي ويا ته جيڪو بادشاهه سلامت جو نڪ بچائيندو، تنهن کي بادشاهه سلامت جي وڏهر ڌيءُ جو سڱ ۽ اڌ بادشاهيءَ جو انعام ۾ ملندو.

بادشاهه جي نڪ بچائڻ لاءِ شاهي حڪيمن طبيبن پنهنجي علم عقل جا جيڪي ڪرتب ۽ ڪمال ڏيکاريا، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڦڪيون لپريون، ڪک ڪاڙها، سيڪ ۽ مالشون- مطلب ته طبابت جي طريقن ۽ حڪمت جي حيلن هلائڻ سان ڪنهين ڪين گھٽايو، پر هيڏانهن هيءُ نڪ نَؤد هجي، جنهن تي ڪنهن ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه ٿئي- ڇپ هنيو، ڍير بڻيو، جتي هو اتي پيو رهيو. اوسي پاسي، ديس پرديس جا ويڄ ڪويڄ، حڪيم نيم حڪيم به بادشاهه جي وڏهر ڌيءُ ۽ اڌ بادشاهيءَ جي انعام جا اعلان ٻڌي اچي گڏ ٿيا- هر ڪو پنهنجي پيو هلائي. ڪو پيو چوي ته ”ڏنڀيوس!“ ڪو پيو چوي ته ”وڍيوس!“ مطلب ته بادشاهه جا ڏسو ته رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ پيا پون- چي، ”انهيءَ کان ته هن نڪ نالائق کي مرڳوئي وڍي ڇڏيو ته جند ڇٽيم!“ ڳالهه ته هونئن ئي وسان ويئي پيئي هئي، پر ويتر جو تتا ڪاڙها ۽ مٿان پيا مينهن، سو ڪَهَڄر ۽ ڪِسمري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا هي نامدار نڪ اچي ڪِنا ٿيڻ شروع ٿيا. ڪير، جو هنن جي ويجھو وڃي! وٺي جو بدبوءِ نڪتي ته ماڻهن جا ساهه مٺ ۾ اچي ويا. سوِن ڪوهن تان سرڻيون ۽ ڳجھون ڍونڍ جي ڌپ تي ڍري پييون، ۽ لامارا ڏيئي، لاڳاپا لاهي، مچرڪا ڪري مٿانِ ويهي رهيون. حڪيم طبيب سڀ هٿ ڪڍي پري ٿي بيهي رهيا- چي، ”حاڪمن جا هي نڪ ڪجھ وڍيا آهن، باقي به بنهه پاڙان پٽجي وڃڻ کپن- ٻيو ڪو انهن جو علاج آهي ئي ڪونه؛ پر ڇا ڪجي، اها به پڪ ڪانه ٿي پوي ته وڍجڻ کان پوءِ بس ڪري اُتي ئي بيهي رهندا يا وري نئينءَ سنئينءَاٿي وڌڻ شروع ڪندا: وڏي ڳالهه ته هن معاملي جو ترت ڪو تدارڪ نه ٿيو، ته ويئي ويٺي سڄو ملڪ وڏيءَ ڪنهن وبا ۾ وٺجي ويندو!“

جڏهن صورتحال بنهه اچي اِتي بيٺي، تڏهن وڏي ڀاءُ ويچار ڪيو ته بادشاهه ۽ وزير جي هنن نحوست ڀرين نڪن جو ڍونڍ مرڳو ملڪ ئي ٿو نهوڙي نئي، سوڌيڪ سستي ڪرڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي- جي مهل آهي ته هيءَ آهي، هٿان ويئي ته هميشه لاءِ افسوس جا هٿ ملڻا پوندا. اهو ويچار ڪري، پرمار پکين جون چهنبون، چنبا ۽ هڏيون جيڪي وٽس بچيون هيون، تن کي ڪڻڇيءَ ۾ ساڙي سوڪ ڪري، ڪُٽي، پيهي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان سان پڙيون جوڙيائين، ۽ شرم ٻوٽيءَ جي ڏانڊين ۽ پنن کي ڇانءَ ۾ سڪائي، ساڳيءَ طرح پيهي، ڇاڻي، انهن مان ڪک ٺاهيائين؛ ۽ پوءِ ننڍن ڀائرن کي ڪن ۾ ڪا ڳالهه ٻڌائي، ڪيڏانهن انهن کي اُماڻي ڇڏيائين، ۽ پاڻ وهنجي سنهجي، سٺا ڪپڙا پائي، سهي سنبري، سڌو وڃي بادشاهه جي روڳي نڪ جي مٿان بيٺو- چي، ”هن جو علاج آءٌ ڪندس! عالي سرڪار جو نامدار نڪ هاڻ ليڪا لنگھي، بنهه پري وڃي پيو آهي- آئنده جيئن وڍبو، تيئن وڌندو ۽ ڪنو ٿيندو، ۽ هِن جي هٻُس مرڳو سڄي ملڪ جو ساهه قبض ڪندي. آءٌ نه بادشاهه جي وڏهر ڌيءُ جو گھوريو آهيان، نه سندس اڌ بادشاهيءَ جو- منهنجو شرط بس هيءُ آهي ته بادشاهه سلامت مون سان ٻه گھڙيون خلاصيون ڳالهائي... پوءِ جي هن جو نڪ موٽي پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي نه اچي بيهي ته منهنجي سر ڦاسي! هي ڳالهه ٻڌي، بادشاهه سلامت، اٻڙڪو کائي، وات ڦاڙي، جيئن ئي ڪو شاهي اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو، تئين وڏي ڀاءُ، چپڙي ڪري، شرم ٻوٽيءَ جو ڪک، چپٽيءَ ۾ جھلي، کڻي هن جي نِڙيءَ۾ اڇلايو! شرم ٻوٽيءَ جو بادشاهه جي نڙيءَ سان لڳڻ، ۽ هن جي نڪ جو، منهن ويڙهي، پوئين پير ڀڄڻ- پٽا ڏيئي وٺي پوئتي لُوهي ڪيائين...لِڪڻ جي جاءِ نه لڀيس، ڀانئي ته زمين ڪٿي ڪا جاءِ ڏئي ته پورجي وڃان! اِتي وڏي ڀاءُ کي وري ڪا ٻي ڳالهه سُجھي آئي، سو ڇا ڪيائين، جو انهيءَ ئي مهل ورائي کڻي پرمار واري پڙي ڪڍيائين، ۽ پڪو منهن ڪري اُتي جو اُتي بادشاهه جي اڌ کلئي وات ۾ ان کي ڇنڊي ڇڏيائين. بس پوءِ ته پرمار جي پُڙي بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اڃان پري پَئي ئي ڪانه، ته هن جي نڪ نامراد اهائي وٺي کڻي الهه توهار ڪئي- گھڙيءَ ۾ وڃي ساڳيا پٽ جھليائين! معاملي جي هيءَ صورت ڏسي، وٺي جو حضور بادشاهه نئين سر اوناڙ ڪيو، ته حال ته يڪيءَ اُٻائيءَ ۾ پئجي ويو، ۽ جيئن ئي ساهَه ڪجھ موٽ کاڌيس، تئين جھلي جو ٻي رڙ ڪيائين، ته ڀانءِ ته ڇت ٿي ڦاٽي- چي، ”اڃا بيٺا آهيو! منهنجو نڪّ جي بچائڻو اٿو، ته ڀڄي پري ٿيو- آءٌ هن حڪم سان خلاصو ڳالهائيندس!“

بس حڪم جي دير هئي- امير وزير، ماڻهو ڇيڻهو، نوڪر چاڪر هٽي پري ٿي بيهي رهيا، ۽ تخليو ٿي ويو. تنهن تي وڏي ڀاءُ جھُڪي، بادشاهه جي منهن ۾ نهاريو....۽ ڪو وقت ته هن جي منهن ۾ اِئين ئي نهاريندو رهيو.....۽ ائين هن ۾ نهاريندي نهاريندي، جڏهن بادشاهه جي اکين جا دوڏا ڊپ ۾ بنهه ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ تي اچي بيٺا، تڏهن، ڪڙو آواز ڪري، بادشاهه کي چيائين ته ” بادشاهه سلامت، سڃاڻين ٿو آءٌ ڪير آهيان؟  آءٌ هتان جوئي هڪڙو، جھڙو تهڙو، انسان آهيان- اُهو جنهن کان تو ڪجھ کسي ورتو آهي.... مون کان ۽ منهنجن ڀائرن کان تو ڇا کسيو آهي، تنهن جو ڪو ويچار ڪر!“ هيءُ گفتگو بادشاهه جي ڪنن تي اڃا پيوئي مس، ته بادشاهه جي وائي تُم......نه ساهه هيٺ نه ساهه مٿي، سڪرات ۾ اچي ويو، هُلو پيو لڳيس! هوڏانهن وڏي ڀاءُ ويچاري سمجھيو ته بس شيءَ وڃي ڌڻين کي پهتي! سو ڏاڍو ارمان ٿيس، ۽ اهڙو اچي ڊنو، جو بنهه ساهه سُڪي ويس، ۽ ماٺڙي ڪري، هٽي، پري ٿي بيهي رهيو.

پر چوندا آهن ته بادشاهن جا ساهه ڏاڍا ڏکيا ويندا آهن- ستن دريائن، ستن جبلن ۽ ستن سمنڊن کان به پري ديوَ آهن، جي سندن ساهه سنڀاليو ويٺا آهن، ۽ اتان جڏهن ڪو ڪنهن بادشاهه جو ساهه کڻي، آڻي بنهه هن جي سامهون نپوڙي، تڏهن وڃي سچ پچ هن جو ساهه نڪري! سو، هي بادشاهه به، دير دير کان پوءِ، رڦي رڦي، نيٺ سامت ۾ آيو، ۽ اکيون کولي، وڏي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”ميان ڳجھارتن ۾ نه ڳالهاءِ.....منهنجو حال ڪونهي.....منهنجي نڪ جو ڪو بلو ڪر!“ اِتي وڏو ڀاءُ به ڪجھ بود ۾ آيو، ۽ مُڇن کي تاءُ ڏيئي ۽ ڪنڌ ۾ ور وجھي، چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت، تنهنجي نڪ جو بلو هاڻ ڳالهين سان ٿيندو- جي ٻڌڻيون اٿيئي، ته ڌيان ڏيئي ٻڌ! تون مون کي ڪونه ٿو سڃاڻين، پر آءٌ توکي سڃاڻان ٿو. آءٌ اهو آهيان جنهن کان خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر کسي، تو پنهنجي هٿ ڪئي آهي. مون جھڙن ٻين کان، منهنجن ڀائرن کان، تو پورهئي جي بينسري ۽ ناڻي جي ڳوٿري کسي، پاڻ وٽ رکيون آهن- اِهي اسان جون چيزون پهرين اسان کي موٽائي ڏي، پوءِ تنهنجي نڪ جي علاج جو ذمو مون تي...نه ته هيءُ تون ۽ هو تنهنجو نڪ، جيئن آهيو، تيئن ڳنڍيا پيا هڪٻئي سان ڳن ڏيو!“

اِتي هُن جا ننڍا ڀائر، جيڪي هن کان موڪلائي، راتو واهه، ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا، سي به اوري پري جا ماڻهو ساڻ ڪري، اچي بادشاهه جي محلات جي چوڌاري گھيرو وجھي، بيهي رهيا- چي، ”پهرين اسان جون ملڪيتون موٽن، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“ بس حشام ماڻهن جا اچي مڙيا. گڏجي، وٺي جو دنبهَو هنيائين، ته سندن آوازُ وڃي عرشين لڳو.

بادشاهه جا سپاهي ۽ پهريدار، جيڪي بادشاهه جي نڪ جي رکواليءَ لاءِ ملڪ ۾ چونڪيون جھليو بيٺا هئا، تن کي جو اصل ڳالهه جو پتو پيو، ته انهن به ڪَنَ ڪيا- چي، ”ڳالهه ته برابر آهي: ملڪ جو پورهيو، ملڪ جي دولت ۽ ملڪ جو سک ته سڀ کان اول آهن. بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير اِهي سڀ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺا آهن- پهرين اِهي آزاد ٿين، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“ مطلب ته بادشاهه ويچاري لاءِ هاڻ ٻي ڪا واهه ڪانه رهي. لاچار منهن ڪڙو ڪري، زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيس، ۽ هڪَ هڪَ ڪري ڌڻين جون شيون ڌڻين کي موٽائي ڏنائين... پوءِ بازَن کان بچيل کُٿل ڳيرڙي وانگر هن جون اکيون پورجي ويون، ۽ ٻَئي هٿ پنهنجي نڪ ۾ وجھي، چپڙي ڪري، هڪڙي ڪنڊ جھلي ويهي رهيو- چي، ”هاڻ ڀلا منهنجي هن نڪ جو ڪو علاج ٿيندو...! ۽ جي ٿي سگھي، ته منهنجي وزير جي نڪ جو به ڪو علاج ٿئي...!

نڪن جي علاج جي ته هاڻ ڪا خاص مشڪل ڪانه هئي: وڏو ڀاءُ شرم ٻوٽيءَ جي چپٽي ڀري بادشاهه جي وات ۾، ۽ چپٽي ڀري وزير جي وات ۾ وجھڻ ويهي رهيو....۽ ٿيندي ٿيندي، ٿوري گھڻي ڏينهن، بادشاهه والا جاهه ۽ وزير باتدبير جا نسي ويل نڪ نيٺ خير سان موٽي اچي پنهنجين ساڳين جاين تي سهڙيا. وڏي ڀاءُ پنهنجي وسان ڪين گھٽايو ته هي عالي نسبَ نڪ ڪنهن طرح پنهنجي بُڻائتي شڪل شبيهه وٺي بيهن ۽ منجھن ڪا آڏائي ابتائي رهجي نه وڃي، سو ڏاڍيون انهن جون، بنهه وار کان به سنهيون، ماپون ورڇون ڪيائين- ۽ اُن لاءِ هن کي ڪيترا ڀيرا پرمار جي پڙبن جو استعمال ڪرڻو پيو-۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ان ۾ هو آخر سورهنِ آنن جا پورا سورهن آنا ڪامياب به ٿيو، ۽ انهن کي ٺپي ٺاهي، گھڙي جوڙي، نيٺ اهڙو اچي بيهاريائين، جوڏسڻ وارا هڪ کان ويهن اکين سان انهن کي ويهي ڏسن، ته به سهي نه ڪري سگھن ته اهي ڪڏهن ڪنهن پاسي بتال ٿي ويا هئا:پر افسوس، جو بادشاهه سلامت ۽ وزير نيڪ تدبير کي ويندي پڇاڙيءَ تائين ڳالهه ويسهه ۾ ڪانه ويٺي ته ڪو سندن نامدار نڪ، ايڏي رولڙي کان پوءِ، وري اچي پنهنجين پورين جاين تي براجمان ٿيا هوندا. سو ان ڏينهن کان پوءِ، هو پنهنجن نڪن جو ڏاڍو خيال ڪرڻ لڳا....اُهي ته اُهي، پر کانئن پوءِ، سڀ بادشاهه ۽ سڀ وزير، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن ۽ ڪٿان جا هجن، پنهنجن نڪن جي ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن- ڪو وڍ يا ڪا رهڙ رهنڊ ته پري رهي، پر انهن تي ڪو ڪک به هو ڪونه سهن؛ هميشه هنن کي اِها لڳل هوندي اهي ته پاڻ کڻي سڄا گند ۾ لنبجي وڃن، پر ڪنهن طرح سندن نڪن کي ڪا مَرُ نه لڳي؛ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ته سندن نڪ سلامت آهن، هو هميشه  اهڙا اعلان ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا آهن ته سندن نڪ امانت باسلامت وٽن موجود آهن- باقي پرائيءَ ماريءَ کان پرهيز  هِي بادشاهه ۽ هِي وزير نه سکيا سو نه سکيا.... البت هو پنهنجي ڪڙم جا ويري نه آهن، سو پرمار پکيءَ کي حرام ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڊني ڊپ کان ان کي ڪونه کائين!

خير، اها ته ٿي بادشاهن ۽ بادشاهن جي وزيرن جي نڪن جي هڪڙي عام ڳالهه، پر خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا هي ٽي ڀائر بادشاهه ۽ وزير جي هنن نابڪار نڪن جي هيڏيءَ ساريءَ مروڙ ۽ مرامت کان نيٺ واندا ٿيا.....۽ ڪم از ڪم هيءُ ڀيرو ته هِنن هائُن کان ڪنهن طرح پنهنجي پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر هَڻي ڌُڻي وڃي هٿ ڪيائون- ۽ سچ ڪري پڇو ته هيترين ڳالهين ۾ هنن جو اِهو هڪڙو انصاف ئي بس آهي!

پوءِ سڀ ماڻهو جيڪي اتي اچي گڏ ٿيا هئا، تن سان گڏجي، اسان جا هي ٽيئي ڀائر، کلندا ٽهڪ ڏيندا، نچندا ڳائيندا، وڏي شان شوڪت سان اُٿي اتان روانا ٿيا، ۽ سڄي واٽ اوسي پاسي جي ماڻهن سان ملندا، حالِي احوالِي ٿيندا، انهن کي خير خوشيءَ جون خبرون ڏيندا، منزلون ڪندا، نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي درياءَ جي ڪپ سان پنهنجي نئين ٻڌايل شهر ۾ پهتا.

اُتي جو پهتا، ته بس نئين سر عيدون ٿي ويون. ماڻهو اچي مڙيا، پڙ کڻي ڪڍيائون. دهلن جا ٽاهُو ۽ شرنائين جا واڄٽ وڄي ويا، ديڳيون چڙهي ويون، خير خيراتن جي هونگ لڳي ويئي، ڏونڪا، جھُمريون، راڳ روپ، ملاکڙا ۽ قسمين قسمين رانديون- مطلب ته چؤڌاري سانگ رچي ويا ۽ هر هنڌ مجرا مچي ويا، ۽ ڪي ڏينهن خدا جا ته ماڻهن کي کيل تماشي ۽ خوشيءَ کان سواءَ ٻي ڪا ڳالهه ياد ئي ڪانه هئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ سڀني کي سڏي، سامهون ويهاري، چيو ته ”ادا، خوشيون به آهن پورهئي سان- پهرين پورهيو، پوءِ خوشي- هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون! هيڏا ٽَڪر ٽڪي ۽ ڪشالا ڪڍي، جو هي چيزون نيٺ وڃي هٿ ڪيون اٿئون، سو رڳو ويهي ٺينگ ٽپي ۾ وقت وڃائڻ لاءِ نه، پر پنهنجي آئيندي جي اَڏڻ ۽ ڪنهن سکئي ساهه کڻڻ لاءِ- وهندڙ اڏ به چڱي ۽ بيٺل سمنڊ به گھوريو- سو اچو ته بسم الله ڪري ڪم ۾ هٿ ڳنڍيون. هاڻ ته ٻئِي ڪنهن لاءِ پاڻ کي ڪمائڻو ڪونهي، جيڪي ڪنداسون سو پنهنجي لاءِ. ويٺي شينهن به بک مرن، سو ويهڻو پاڻ کي ڪونهي. بس، هاڻي، جو جتان جو آهي، سو اُتي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي. جيڪو جيترو ڪمائيندو، اوترو اهو کڻندو. سست ۽ ڪم چور جي پاڻ وٽ هاڻي جاءِ ڪانهي. جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي- هوءَ زمين ۽ هي اوهين، وڃي خدا کي سنڀاري وجھوس برڪت جو هٿ. ياد رکو، جيسين زمين اوهان جي آهي، تيسين سڀ ڪجھ اوهان جو آهي: زمين اوهان جي نه رهي، اوهان جو ڪجھ نه رهيو!“

وڏي ڀاءُ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، انهيءَ ئي مهل سڀ اٿي کڙا ٿيا، ۽ هڪ هڪ ٿي، جيڪو جتان آيو هو، اهو اوڏانهن هليو ويو، ۽ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، هڪ مَنو ٿي، هرڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کا لڳو. ڀائرن جون هي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سڄي ملڪ جا ماڻهو، ڪَرَ موڙي، سجاڳ ٿي، اٿي ويهي رهيا. پنهنجو پاڻُ سڃاڻي، ڳالهيون ڳڻي، جيترو جنهن کان پنهنجي وس پُني ٿِي ٿٻي سگھيو، ان کان به سوايو ڪم هر ڪو پنهنجي بِلي ڪري بيهي رهيو. هڪڙو پورهيو آزاد، ٻي زمين پنهنجي، ۽ ٽيون وري ڪم جو هيج-بس پوءِ ته، ڏسندي ڏسندي، ملڪ جي ائين ڪايا پلٽجي ويئي، ڄڻ ڪا ڳالهه ٿي ڪَيئِي! ڌرتيءَ ڀٽاريءَ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ساڳيا پنهنجا ساوڪ ۽ سرهاڻ جا ويس کڻي ڍڪيا، ۽ چؤدري ڀرين ڀڳين فصلن ۽ گاهن جون گلزاريون لڳي ويون. اَن پاڻي، ڪپڙو لٽو، گھر گھاٽ، کير مکڻ- مطلب ته هر شيءَ جا انڇر لڳي ويا. ڪيڏانهن ويئي بک ته ڪيڏانهن ويئي بيماري، ڪيڏانهن ويو ڏڪار ته ڪيڏانهن ويا ڏک ڏولاوا! ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سک ۽ سڪار جو وارو وري ويو، سڪل مُنهن سَرهاڻ ٿي ويا ۽ دلين جا ڪومائل گل ٻيهر ٽِڙي، اکيون کولي ۽ مُرڪندڙ منهن مٿي کڻي بيهي رهيا، ۽ بهار ڀريل زندگيءَ هڪ ڀيرو وري پنهنجي امرت رس سان ملڪ کي نئين سر جياري ڇڏيو.

...........پوءِ چون ٿا ته انهي ملڪ جي ماڻهن وٽ جيسين اُن پيار جي پدمڙي کان مليل، اُهي ٽي سوکڙيون، يعني پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر، سلامت رهيون، تيسين سندن ملڪ ۾ سُڪارئي سُڪار رهيو ۽ وري ڪڏهن به ڏک ڏڪار جي پيٽ-بُکيِ ۽ ڏندن وهاٽيل ڏائڻ موٽي وٽن ڪانه آئي.

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي ۾ هِن عجب اسرار!
 

’پورهيو،‘ ’ناڻو،‘ ’سک‘ ٿيا ڀائر،
’سرت ۽ ڏاهپ‘ تن سينگار.
 

سج چنڊ ڌرتي، هوا ۽ پاڻي،
جي تون پورهيت، تنهنجا يار.
 

”جيڪو پوکي سوئي کائي،“
حقَ جي، حقُ، هيءَ اَلَلۡڪار.
 

نياز ۽ نيڪي، امن ۽ راحت،
پيار جا هي سڀ ٿيا اپڪار.
 

پورهيو، پيار ۽ عدل جي گڏجن،
ٿين سڀن جا ٻيڙا پار.
 

اچو ته سڀئي گڏجي ڳايون،
”پورهئي جي جئه جئه جئڪار!“
 

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!
پورهئي  ۾  هِن  عجب  اســـــرار!

3

1. فيلسوفن کي خطاب       - علامه آءِ. آءِ قاضي

2. سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ       - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

3. دانائن جا خط              - واءِ. ايس. طاهر علي

4. دوستاڻو ناتو                - پروفيسر چيتن ماڙيوالا

5. سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه        (سنڌ جو بنيادي ادب)

6. ’مهراڻ‘ جا موتي          - ادارو

7. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا       

8. علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

        1. اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن   - موهن ڪلپنا

        2. آل پاڪستان رائيٽرس ڪنوينشن  - ادارو

        3. سنڌي راڳ ڪانفرنس             - ادارو

          4. سنڌي لوڪ ادب اسڪيم       ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

9. تبصرا

10. ”آديسي اُٿي ويا...“

”هي بلڪل درست آهي ته ’ديو مالا‘ جڏهن خارجي صورت ٿي اختيار ڪري ۽ لفظن جي قالب ۾ ٿي پلٽجي، تڏهن اهو لفظي جسم ئي کيس شعور ٿو عطا ڪري؛ پر ديو مالا جو روح آهي تخليقي رجحان، جو ان احساس کي اڀاري ٿو، ۽ ان سان گڏ اجتماعي لاشعور کي به ظاهر ڪري ٿو- اهو ئي سبب آهي جو ديو مالا جو وجود تمام نوع انساني ۾ هر دور ۾ نظر اچي ٿو. ”جڏهن انسان ديومالاجي تخليقي صلاحيت کان محروم ٿي وڃي ٿو، تڏهن گويا سندس تعلق  پنهنجيءَ ’آنا‘ جي تخليقي قوت کان ڪٽجي ٿو وڃي.

مذهب، شاعري، لوڪ گيت، توڙي جنن ڀوتن، پرين ۽ پکين جون آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون- سڀ ان هڪ قوت تي ئي مدار رکن ٿيون. ’زونگ‘ جو خيال آهي ته تصورات، تخليق ۽ تخريب- يعني ڪنهن فنڪار جي تخليقات ۽ ان جي مقابلي ۾ هڪ منتشر هجوم جي جنون-  ٻنهي کي تحريڪ ڏين ٿا.

”اهي ئي دفينا آهن، جن مان نوع انسان هميشه پئي تحريڪ حاصل ڪئي آهي. انهن چشمن مان ئي انسانن پنهنجن ديوتائن توڙي دئيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن کان سواءِ انسان گويا انسان ئي نه رهي ها! لهذا، ’زونگ‘ جي خيال ۾، ’لاشعور‘ رڳو تهخانو ڪونه آهي، جنهن م ماڻهو پيا گند اڇالائين، پر اهو ’لاشعور‘ انسان جي تخليقي ۽ تخريبي روح جو سرچشمو آهي.“

- فريڊ افورڊهم

[’زونگ‘ جي نظريات تي تبصرو، ”ليل ونهار“ تان، شڪريي سان]

فيلسوفن کي خطاب

[هيءَ افتتاحي تقرير، جا عاليجناب علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب مدظلہ، وائس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي، ’پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس‘ جي پنجين اجلاس (منعقده 18 مارچ 1958ع، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد) ۾ ڪرڻ فرمائي آهي، ۽ جنهن جو سنڌي ترجمو محترم شفيع محمد صاحب ميمڻ، ريڊر شعبهء تعليم، سنڌ يونيورسٽي، ڪيو آهي، شڪريي سان شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا.           - ادارو]

معزز خواتين ۽ حضرات! مون تي پهريائين ڪم رکيو ويو هو ته آءٌ هن اداري ۾ احبابِ سوفيا sophia) = حڪمت) ۽ فيلسوف حضرات جو استقبال ۽ مرحبا ڪريان، پر آخر ۾ هن اجلاس جو افتتاح (inauguration) به منهنجي ذمي ڪيو ويو. منهنجي ته مرضي ڪانه هئي ته ڪو اهو بارگران پنهنجن ڪلهن تي کڻان- خاص ڪري ان حالت ۾ جو قديم توڙي جديد فلسفي متعلق منهنجي فال (augury) ڪا اهڙي نه آهي، جنهن کي چڱي فقط يا اميد افزا سڏجي. ڇاڪاڻ ته رڳو سَو سال اڳ جڏهن انگلنڊ جي هڪ مفڪراعظم فلسفيانه مسائل تي قياس آرائي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تڏهن انهيءَ وقت جي فليسوفن سخت رنجش ۽ ناراضپو ڏيکاريو: انهيءَ ناراضپي جو سبب فقط اهو هو، جو هن صاحب ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ فلسفي جي ڪا خاص تعليم ڪانه ورتي هئي! توهين سمجھي سگھو ٿا ته آءٌ ڪنهن ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهيان- هيءَ اها مايه ناز هستي هئي، جنهن کي ’هر برٽ اسپينسر‘ (Herbert Spencer) ڪري سڏين ٿا. انهيءَ جي باوجود، وقت جي تقاضا آهي ته جيڪي مشڪل مسئلا انسان ذات کي حيران ۽ پريشان ڪري رهيا آهن، تن جي حل ڳولڻ لاءِ هر فرد پنهنجيءَ وسعت آهر ڪوشش ڪري، ۽ بني نوع انسان ۾ جيڪو فتنو ۽ فساد، عناد ۽ تضاد آهي، تنهن کي دور ڪري. آءٌ اوهان جي اڳيان انهيءَ ڪري حاضر ٿيو آهيان ته ٻه چار کليل لفظ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان- پوءِ کڻي اوهين انهن کي ’فلسفيانه‘ سمجهو يا ’غير فلسفيانه.‘

اهو به هڪ دور هو، جڏهن مذهب فقط چند پادرين جي ميراث هئي، ۽ سياست تي فقط بادشاهن ۽ انهن جي ماتحت چند اميرن جو قبضو هو؛ جڏهن برهمڻن ۽ خانداني اميرن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه مندر ۾ گھڙي سگھندو هو ته نڪي ديوتائن جو درشن ڪري سگھندو هو- ادنيٰ درجي جي ماڻهن کي ته مجال ئي ڪا نه هئي جو مقدس مندر جي ويجھو به وڃي سگھن! هاڻي ته اهو پادري طبقو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پنهنجي طاقت ۽ توانائي وڃائي چڪو آهي. امير طبقي جو به ساڳيوئي حال آهي. پر فلسفي جا پراڻا داعي ۽ مبلغ اڃا ان تي پنهنجو قبضو ڄمايو ويٺا آهن: جيستائين ڪنهن شخص افلاطون ۽ ڪانٽ، ارسطو ۽ هيگل، شوپنهار ۽ نيطشي کي خراج عقيدت پيش نه ڪئي آهي، تيستائين هن کي مجال ئي نه آهي جو هو فلسفيانه مسئلن متعلق پنهنجي لب ڪشائي به ڪري سگھي! ڇا، هڪ رواجي انسان کي ايتري آزادي آهي جو هو فلسفي کي ويجھو به وڃي سگھي؟ ڇا، فلسفي جي بنيادي مسئلن ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن آهي؟ جيڪڏهن آهي، ته پوءِ فلسفي جي حامين کي گھرجي ته جيڪي مسئلا ڪارلائل (Carlyle) پيش ڪيا آهن، تن کي قبول ڪن. صاحب موصوف جي نظر ۾ حسب ذيل مسئلا فلسفي سان تعلق رکن ٿا: ”آءٌ ڇا آهيان؟“ ”هيءَ ڪائنات جنهن ۾ آءٌ رهان ٿو سا ڇا آهي؟“ ”زندگي ڇا آهي؟“ ”موت ڇا آهي؟“- ”آءٌ ڇا ۾ عقيدو رکان؟“ ”مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“

هتي مناسب آهي ته انهن ذريعن جو به ذڪر ڪجي، جيڪي ڪارلائل جي نگاهه ۾ مذڪور مسئلن جي گره ڪشائي ڪري سگھن ٿا. صاحب ممدوح جي نظر ۾ انهن ’پيچيده مسئلن‘ جو حل نه اوچن آسمانن ۾ آهي، ۽ نه ستارن ۾؛ نه يوناني متنازع فرقن جي لفاظيءَ ۾، ته نه سندن ”لفظي دليلبازيءَ“ ۾؛ نه يهودين جي مبهم روايتن ۾، ۽ نه اوائلي عربن جي بي معنيٰ رسمي صنم پرستيءَ ۾. هاڻي اچو ته انهيءَ تي غور ڪريون، جنهن کي ڪارلائل يونانين جي ’لفظي دليلبازي‘ سڏي ٿو- جيتوڻيڪ رابرٽ بِرفو (Robert Briffault)، يونانين جي تحسين ڪندي، سندن لفاظي فلسفي کي ”جذبه استعمال عقل“ Passion for rationalism)) سان موصوف ٿو ڪري. برفو چوي ٿو ته ”يونانين کي قياس آرائي، استدلال، مناظري ۽ مباحثي سان بي پناهه عشق هوندو هو. سياسي نظرين ۽ حڪومت جي مسئلن تي بحث مباحثي جو اصل مقصد قانون سازي نه هو، بلڪ فقط تنقيد ۽ اختلاف راءِ جو اظهار- حتاڪِ اهو رواج سندن زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ سرايت ڪري ويو. يونانين کي فصاحت ۽ بلاغت سان خاص الفت هئي، پر دليلبازي سندن فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ بي بها زيور هئي. استدلال ۽ قياس جا ته ڪوڏيا هوندا هئا. دليلبازي ۽ بحث مباحثو سندن مقبول ترين وندر هوندي هئي. مناظرو فقط مناظري خاطر ڪندا هئا. يوناني مقرر جي محبوب ترين مشق اها ئي هوندي هئي ته هو منطقي دليل ذريعي ڪو نُڪتو ثابت ڪري، ۽ وري ٻئي ڏينهن پنهنجي منطقي استدلال سان ساڳئي ثابت ٿيل نُڪتي کي باطل ڪري ڏيکاري. استدلال جي بيماري منجھن گھَر ڪري ويئي هئي. اهي فقط منطق تائين محدود رهيا، ۽ عقلي تفڪر جي اصليت ۽ ماهيت کي پهچي ڪو نه سگھيا. فطرت ۽ ڪائنات تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي گھرائين کي پهچڻ کان قاصر رهيا. تفتيش، تجسسّ ۽ تجربن جي طريقن کان بي بهره رهجي ويا. انهيءَ ڪري، سائنس جو علم کانئن ڇڏائجي ويو. تاريخي نقطه نگاهه کان، يونانين ڪو سائنسي دور جو آغاز نه ڪيو آهي. سائنس جو حقيقي دور پوءِ رونما ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته يونانين کي حقيقت دانيءَ لاءِ- جنهن تي سائنس جو بنياد آهي- ڪو امنگ ئي ڪونه هو. نه منجھن حقائق جي اصليت لهڻ لاءِ ڪو جنون هو، ۽ نه وري حق جي صحيح مقصد کي عيان ڪرڻ لاءِ منجھن ڪا تڙپ موجود هئي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com