سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :4

افسانا

1. ’شمع ٻاريندي شب...‘     - ثميره زرين

2. بيوفا ڪير                  - رشيده حجاب

3. مانيءَ ڳڀو (فئنٽسي)              - جمال رند

4. ’بک بڇڙو ٽول...‘                - غلام رباني

5. ليلي- مجنون                       - سنڌيڪار: مراد علي ’اختر‘

ناٽڪ

1. انصاف                      شيڪسپيئر

                                سنڌيڪار: محبوب علي جوکيو

لوڪ ڪهاڻي

1. ٽي ڀائر                           محمد ابراهيم جويو

”اديبن لاءِ اعليٰ شخصيت ۽ بلند ڪرداريءَ جي اشد ضرورت آهي؛ ڇاڪاڻ ته معمولي ۽ پست دل- دماغ وارو ماڻهو ڪڏهن به اعليٰ خيال ۽ بلند تخيل پيش نٿو ڪري سگهي. ڪابه قوم تيستائين پُر وقار طور زنده رهي نٿي سگهي، جيستائين اها پنهنجي ادب ۽ پنهنجن اديبن جي سرپرستي نه ڪندي رهي- ليڪن، ٻئي طرف، اديبن کي به پنهجين زميدارين جو احساس رکڻ ضروري آهي. علم ادب جو هيءُ جديد دور اڄڪلهه جي اديبن کي سوچڻ سمجهڻ ۽ پنهنجي وقت جي مسئلن جي ڳوُڙهي مطالعي جي دعوت ڏئي ٿو؛ ان ڪر اديبن کي بنا سوچ ويچار جي قلم کڻڻ نه کپي، بلڪ کين اها ئي چيز لکڻ گهرجي، جنهن کي علم ۽ ادب ۾ واقعي ڪو اضافو سڏي سگهجي.

”اديب جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ آهي ته هو زندگيءَ جون حقيقي مسرتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هو جيستائين شين جي حقيقت کان پاڻ روشناس نه هوندو، تيستائين ٻين کي به حقيقت شناس بنائي نه سگهندو. جيڪڏهن ڪنهن اديب ۾ اها صلاحيت ۽ اها نظر پيدا نه ٿي آهي، ته هو ڪنهن لافاني ادب جي تخليق نٿو ڪري سگهي. ادب ۾ هيءُ نه ڏسڻ کپي ته ڪهڙي اديب ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، يا ڪنهن مسئلي تي هن ڪهڙي خيال آرائي ڪئي آهي، بلڪ ڏسڻو هيءُ آهي ته خود اهو اديب ڪهڙو آهي، ۽ هن جو ادب سندس ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو يا نه.“

- محترم اي. ڪي. بروهي

ثميره زرين

شمع ٻاريندي شب…

هن آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺو، پکڙيل وار، سُڄيل اکيون، ڳلن، تي ڳوڙهن جا نشان… هوءَ ويران اکين سان پنهنجي عڪس کي بنا ڪنهن جذبي جي گهورڻ لڳي- ائين، ڄڻ پاڻ کي نه پر ڪنهن ٻئي جي تصوير کي ڏسندي هجي ڏسندي، وري هن جي ويران اکين ۾ لڙڪ تري آيا، هن بيدليءَ  سان پنهنجا وار کوليا، ۽ ڦڻي هٿ ۾ کڻي، وري رکي ڇڏي.

هن دريءَ کان ٻاهر آسمان ڏانهن نهاريو، جتي شفق جي سُرخ آڳ کي رات جي سياهي آهستي آهستي ڍڪي رهي هئي.

دروازي مان زبيده کيس چيو: ”ادا احمد موڪلائڻ آيو اٿئي.“

هن پوتيءَ جي پلؤ سان ڳوڙها اُگهيا، ۽ چپن تي مرڪ به آندائين… ته احمِد اندر لنگهي آيو.

احمد کي ڏسي، هن جون اکيون وري ڪاري بادل جيان پاڻيءَ سان ڀرجي ويئون. احمد کي ڪجهه خفگي وٺي ويئي. کيس مٿاڇري تسلي ڏيندي چيائين: ”چري! روئين ڇوٿي، خدا مڙيوئي خير ڪندو.“

هن جي اداس صورت ۽ ويران اکيون ڏسي، سندس دل جي ڪنهن ڪُنڊ مان هن لاءِ همدردي جاڳي اُٿي. ’ويچاري…!‘ هن سوچيو، هن وٽ سندس سندس جذبن جي موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ، سواءِ ’ويچاري‘ لفظ جي ٻيو هو ئي ڇا!

گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو هو. ٻاهران احمد – ماءُ کيس سڏ ڪيو: ”بانو، گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو آهي؛ اچ، ماني پچاءِ-.“ اڄ سندس آواز مان غم- گاڏڙ خوشي ظاهر ٿي رهي هئي- هوءَ خوش هئي، جو احمد هيترن سالن پڄاڻان وٽس آيو هو؛ ۽ ڏک هئس، جو هُو وري وڃي رهيو هو… ۽ پوءِ به الائي ڇا ٿئي- اپيل منظور ٿئي يا احمد جيل موڪليو وڃي…!

موڪلائڻ وقت سڀني جون اکيون سانوڻ جي برسات جيان وسي رهيون هيون؛ ۽ اُنهن وسندڙ اکين کي ڏسي، احمد جي اکين ۾ به آلاڻ اچي ويئي- هنن جي ڏک جي ڪري نه، بلڪ پنهنجي تاريڪ آئيندي جو تصور ڪري. هو ڳوڙهن ۽ دعائن ۾ تحفو کڻي هليو ويو. سندس ماءُ وري جهورنگارڻ لڳي، ۽ بانوءَ جا آنسو سرديءَ جي برسات جيان چپ چپ وسندا رهيا.

اَماس جون راتيون هيون؛ مٿي، آسمان تي ستارا جهلمل ڪري رهيا هئا. آلين اکين سان، هوءَ آسمان کي گهُورڻ لڳي. چمڪندڙ ستارن جيان، هن جي دل ۾ چمڪندڙ تمنا هئي. مگر هينئر وٽس ڇا هو…! هن به ڪي خواب ڏٺا هئا، هن به تصور ۾ ڪو محل اڏيو هو… ۽ خواب ڪير نٿو ڏسي؟ دليون ۽ دماغ ته اميريءَ- غريبيءَ جي فرق کان آجا هئا؛ اميرن جون دليون محل، ۽  غريبن جون دليون جهوپڙيون؛ اميرن جا آنسو موتي، ۽ غريبن جا ڳوڙها پاڻي هئا- ائين ته ڪونه هو دليون ته سڀني جون مول هيون. آنسو ته سڀني جا موتي هئا. پوءِ، هن به ڪو خواب ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ ها، هن به ڪو خواب ڏٺو هو؛ ۽ اُنهيءَ نفيس نازڪ خواب کي، جنهن کي هوءَ تمنائن جي رنگ سان، ننڍپڻ کان ئي، انڊلٺ جيان سنواريندي آئي هئي، ان کي امينه ٽوڙي ڇڏيو هو… هوءَ، سندس خواب جو ڀيانڪ تعير بڻجي، هن جي اڳيان اچي بيٺي هئي.

هونئن ته بانو احمد جي سؤٽ  ئي هئي، مگر احمد پنهنجي زندگيءَ جو جيڪو تصور ڪيو هو، اَن ۾ هن بانوءَ کي خاندان جي سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ خوش ۽ چنچل ڏٺو هو. ۽ اها خوشي ۽ چنچلتا، سواءِ دولتمنديءَ جي قائم رکڻ ممڪن نه هئي. انهيءَ خيال کي سامهو رکي، گاسليٽ جي بتيءَ تي راتين جو پڙهي ۽ ڏينهن جو پيءُ جي دوڪان تي ڪم ڪري، احمد تعليم حاصل ڪئي هئي- پوءِ بانوءَ کي پنهنجو ڪيو هئائين. ان وقت خاندان ۾ ڪيترين جون دليون رشڪ جي باهه ۾ جلي اُٿيون هيون، ته بانوءَ کي ڪهڙو نه لائق گهوٽ ملي ويو! خاندان ۾ جتي ٻين کي انگريزيءَ جا ٻه چار حرف مس ايندا هئا، اُتي احمد پنهنجين ڪوششن سان تعلقي جو صاحب بڻيو ويٺو هو.

غريبيءَ کان پوءِ حاصل ٿيل دولتمنديءَ سان گڏوگڏ، هن جو پهريون پيار به ڪامياب ٿيو هو. هو، ان ڪري، پاڻ کي دنيا جي خوشي نصيب انسانن مان سمجهندو هو. بانوءَ، جنهن جي خوبصورتي ڪنهن ماهر سنگتراش جي ڪمال جو نمونو هئي، سا هن جي اُميدن جو مرڪز هئي. هنن جي زندگي مسرت جي جهولي  لُڏندي هئي هڪ دفعي بانوءَ کي رڳو موسمي بخار ٿي پيو، جنهن  ۾ هوءَ ڪجهه بي آرام ٿي- ته احمد جي نيڻن مان ننڊ حرام ٿي ويئي هئي  ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ هو خوش ٿي ويئي هئي، مگر اهي ٻه چار ڏينهن احمد ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ هن تي ڏکن ۽ ڳڻتين جا پهاڙ ڪري پيا هئا. هن جي ماءُ وري بانوءَ کي ماءٌ- پهرئين آچر تي ڪنهن آخوندياڻيءَ کان نظر جو ڪارو ڌاڳو پڙهائي آڻي پاتو هو. تڏهن سندسن ڳوريءَ ٻانهن ڏانهن ڏسي، احمد مرڪي چيو هو: ”بانو، هيءٌ ڇا پاتو اٿئي؟“ ”…ڇا؟“ ”هيءَ…“ او..!... هيءٌ نظر جو ڌاڳو؟ … اما پاتو آهي. ”۽ ڪنهن جي انهيءَ نظر جي ڌاڳي کي نظر: لڳي وڃي ته…!“

۽ پوءِ، ٻنهي جا ٽهڪ خاموش فضا ۾ گونجي اُٿيا هئا.

…. ۽ پوءِ، ڏسندي، ڏسندي احمد جون نگاهون، مُڙي، امينه جي نيڻن ۾ اٽڪي ويئون هيون.

اِها خبر جڏهن خوشبوءَ جيان اندر حويليءَ جي گهرن تائين پهتي، تڏهن ڪيتريون ئي معنيَ ڀريون! اکيون بانوءَ مٿان پوڻ لڳيون؛ جن مان گهڻين ۾ حاسدانه خوشيءَ جي جهلڪ هئي، ۽ بلڪل ٿوريون نگاهون بانوءَ جي حسين جوانيءَ تي رحم ۾ ڀرجي بانوءَ ڏانهن کجي وينديون هيون- بانو، جيڪا زندگيءَ جو داءٌ، کٽندي هارائي ويٺي هئي. ليڪن، احمد جي پيار ۾ مست بانوءَ اُنهن معنيٰ خيز نگاهن ۽ سُس پُس کي ذهن ۾ ئي ڪونه آندو. ’منهنجو سمورو پيار احمد لاءِ آهي، ۽ هن جي محبت مون لاءِ؛ اسان جي وچ ۾ ٻيو ڪو اچي ئي ڪونه سگهندو‘- کيس اِهو بانور هو. پر، جڏهن احمد جي بدلي ٻيءَ جڳهه ٿي، هو کيس ڇڏيو هليو ويو، ۽ امينه سندس ڪڍ اوڏانهن هلي ويئي، تڏهن هن جو اکيون کُليون. ليڪن پوءِ به، هن اُن جو سڄو جوابدار امينه کي سمجهيو- ڄڻ ته احمد هڪ معصوم ٻار هو.

امينه سندن ئي پاڙي ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ رهندي هئي. بظاهر سندن خاندان شريف هوندو هو؛ ليڪن سندن ٽهڪن مان سُهاڳڻين کي پنهنجن سڏڪن جو آواز ايندو هو؛ ۽ سندن ڳلن جي سرخيءَ ۾ کين پنهنجن اُمنگن جي خون جو رنگ نظر ايندو هو. اُنهيءَ خاندان جي امينه، بانوءَ  جي به مُرڪ کسي کيس لڙڪن لڙيون ڏنيون هيون.

اُهو احمد، جيڪو پهريائين امينه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندو هو. اڄ هڪوار ان ڏانهن ڏسندي هن جون نگاهون هاڻي بانوءَ ڏانهن مُڙڻ کان ٿي پڙِ ڪڍي بيٺيون هيون. جيستائين هن بانوءَ کي حاصل نه ڪيو هو، تيستائين کيس انهيءَ گل جي تمنا رهي، ۽ ڪنهن ٻيءَ صورت جو قصور به نٿي ڪيائين؛ پر جڏهن بانو سندس تمنائن جي جهوليءَ ۾ ڪِري، تڏهن ان جي خوشبوءَ سنگهي هن ڀَونري جي دل ڀرجي ويئي، ۽ هو ٻئي پاسي هليو ويو. امينه جو ڪردار سڄي پاڙي ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪين هو، تڏهن به احمد جي اکين تي پٽي اچي ويئي هئي.

امينه جڏهن احمد کي پنهنجن زنجيرن ۾ پوريءَ طرح جڪڙي ڇڏيو، تڏهن بانوءَ جي دل روئي اُٿي. بهار جي مند، هن کي سڏي وري هلي ويئي هئي، ۽ هوءَ اُنهيءَ گذريل بهار کي پڪاريندي رهجي ويئي.

بانوءَ کيس سمجهائي ٿڪي، ليلائي ٿڪي، پر احمد تي ڪوبه اثر نه ٿيو. هن تي ته کين شراب جو نشو چڙهي ويو هو، جنهن سندس هوش حواس کي ڄمائي ڇڏيو هو. پوءِ احمد جي بدلي ٿي. هو اوڏانهن هليو ويو، ۽ سندس ڪڍ امينه به اوڏانهن هلي ويئي، ان کان پوءِ ڪيتريون موڪلون آيون ۽ گذري ويئون، ليڪن بانوءَ جو رُٺل راڻو ڪاڪ- ڪنڌيءَ نه آيو. سندس ماءُ پيءُ، جن کي پنهنجي هڪڙي پٽ احمد ۾ هزارين اميدون هيون، تن کي هو نا اميديءَ جو ناسور ڏيئي ويو- وري نه واپس آيو، ۽ نه گهر ڪجهه پيسو ڏوڪڙ ئي موڪليائين.

پٽ جي ڏک ۾ رحيم جا ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. سندس پٽ ايڏو ته لائق بڻيو هو، جو سڄي خاندان ۾ رحيم جو ڳاٽ اوچو هوندو هو. هينئر اُهو ئي احمد، ڪيڏو نه نالائق بڻجي پيو هو! هونئن ته هوَ اڄ به مختيارڪار بڻيو ويٺو هو، ليڪن خالي مختيارڪاريءَ جي احساس سان ته زندگيءَ جو سک حاصل نه ٿيڻو هو. کيس ته اڄ به جسم تي اُهي ئي ڪورا ڪپڙا هوندا هئا، ۽ نصيب ۾ اها ئي دال- ماني هئي. هينئر منجهس اُها همت ڪين هئي، جو اڃا آڪهه جا بار کڻي سگهي. احمد کيس پيريءَ ۾ مدد ڏيڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڏک سان ئي اڌ بيمار ڪري ڇڏيو هو. ٻن ڌيئرن، زال ۽ پاڻ سان گڏ جڏهن کيس بانوءَ جو پيٽ به پالڻو پوندو هو، تڏهن هن کي احمد تي ڏاڍا خار اچي ويندا هئا- جڏهن اهڙا نمونا وٺڻا هئس، ته بانوءَ کي ڇو ذليل ڪيائين؟ خواهه مخواهه هن کي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي راهه ۾ رولڻ،… ڪيڏي نه نالائقي هئي! جيڪڏهن کيس امينه سان پيچ اٽڪائڻو هو، ته پهرين سڌو سنئون ان سان شادي ڇو نه ڪيائين؟ پيريءَ ۾ کيس مدد ڏيڻ جي بجاءِ، هو بانوءَ جي کاڌي جو بار به مٿس وجهي، نڪري ڀڳو هو. ’نالائق ڪٿي جو!‘ رحيم ڪاوڙ ۾ اچي کيس بدشد ڳالهائيندو هو. وڌندڙ گرانيءَ جي ڀُوت اَنسانن کان، سواءِ بک جي تدارڪ جي، ٻيو سڀڪجهه وسارائي ڇڏيو هو.

روز روز جي گَهپي ڏسي، نيٺ بانو پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي. سندس ماءُ ڊپٽي صاحب جي گهر ماني پچائيندي هئي. ماڻهو رحمدل هئا، تنهن ڪـري اجورو چڱو ڏيندا هئس؛ مگر تڏهن به سندس سکڻن هـڏن جي هيءٌ ڪمائي، هـن بُـحراني زمـانـي ۾، چـئن ڀاتـين جـي بار کـڻڻ کـان قاصر هئي.

بانوءَ جي پيءَ کي گهڻن ڏينهن کان بلڊ پريشر ٿي پيو هو، جيڪو پوريءَ دوا نه ڪرڻ سبب روز بروز وڌندو ٿي ويو. سندس ماءُ ان لاءِ دوا جو اڌورو بندوبست ڪري ٿَڪي، پر هن کي ذرو به فائدو ڪين پيو. ڏکن به صرف هن جوئي گهر ڏٺو شايد! سندس هڪ جوان پٽ مليريا جي معمولي بخار ۾ مري ويو هو، ٻئي کي ٽي. بي. ٿي پيئي هئي- جنهن ڏي اڃا نه موت ٿي آيو، ۽ نه وري صحت- ۽ مڙس کي بلڊپريشر جي بيماري! هڪ بانو ئي هئي، جنهن جي سک کي ڏسي کيس ڪجهه آرام هو؛ ۽ هوءَ گهر گهر پورهيو ڪري، پنهنجي بيمار پٽ ۽ مڙس لاءِ کاڌو مهيا ڪندي هئي.

جڏهن احمد بانوءَ کي ڇڏي امينه ڏانهن هليو ويو، ۽ بانو وٽس ناڪان نامراد موٽي آئي، تڏهن هن جون ويران ۽ خشڪ اکيون وري آليون  ٿي ويئون هيون….. خدا ڪٿي هو؟ ڪنهن هن کي ڏس نٿي ڏنو، نه ته جيڪر هوءَ وڃي انهيءَ خالق جو دامن پڪڙي چوي: ’هيءَ منهنجي قسمت هڪ دفعو وري ته ڏس!... هن ۾ سياهيءَ رنگ ايڏو ڇو پلٽيو اٿئي؟…. مون کي منهنجي حصي جي بهار ڇو نه ڏني اٿئي؟… تو جهڙي ماهر نقاش جي هٿان، منهنجيءَ تصوير تي اهو محروميءَ جو رنگ ڪيئن هارجي پيو!... ۽ پوءِ، تو اهو ناقص نقش، بيڪار سمجهڻ بجاءِ، دنيا جي نگارخاني ۾ ڪئين موڪلي ڇڏيو؟… منهنجي قسمت هڪ دفعو وري ته ڏس!... تون پنهنجن شاهڪارن جي تڪيمل ۾ ايتريون خاميون ڪيئن ٿو ڇڏي ڏين؟… تون ڪهڙو نه عجيب نقاش آهين- ڪهڙو نه عجيب!؟ سندس اکيون، وسي وسي، وري خشڪ ٿي وينديون هيون؛ ۽ هوءَ وري نئين سر قسمت کي همت سان شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندي هئي. ليڪن… هر دفعي کيس قسمت وٽان- قدرت وٽان ڇا ملندو هو….!

ورهاڱي جي دور ۾، جڏهن بک جي بلا شهرن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهي پيئي، تڏهن هنن کي نهنجو خانداني نالو ۽ ناموس سنڀالڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. چور بازاريءَ جي ڄاڻن ته پنهنجين عمارتن جون ڀتيون به سونيون ڪري ڇڏيون هيون، مگي ڪيترن ئي گهرن جون مٽيءَ جون ديوارون به ڪِري پيون. اُنهن گهرن مان هر هڪ خوشحال ۽ سُکيو ستابو گهر هن جو به هو، جنهن جون ديوارون جهُڪي آيون هيون؛ ۽ ان جي پناهه ۾ رهندڙ زندگيون، حيران پريشان، ڪڏهن اُنهن ڍرڪندڙ ڀتين ڏانهن ۽ ڪڏهن نيري آسمان ڏانهن پئيون تڪينديون هيون، جتي اڃا سندس پرهه ڦٽيءَ جي روشنيءَ جو پتو به ڪين هو. روز نئون سج هنن لاءِ بک جو مسئلو کڻي ايندو هو، جنهن کي هو ڏيئن- ٻريءَ- مهل تائين، هڏن جو رت ست ڏيئي، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڪيترو نه مشڪل هو اهو مسئلو، جنهن کي دنيا جا وڏا وڏا عالم ۽ مفڪر به سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندي سلجهائي نه سگهيا هئا! هر سال ڀرپور فصل لهندا هئا؛ هر سال بک وڌندي رهندي هئي…. تڏهن هو سوچيندا هئا.-ڪاش، پاڻي ئي انسان جي زندگيءَ لاءِ ڪافي هجي ها!

جڏهن هن سچائيءَ مان ڪجهه نه پاتو- جڏهن سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ هنن چئن ڀاتين جو پيٽ دال- مانيءَ سان به نه ڀري سگهي- تڏهن هن بي ايمانيءَ جو سهارو ورتو. ڊپٽي صاحب جي گهر هوءَ، عرق پيئڻ جي بهاني سان، ناسي رنگ جي شيشيءَ ۾ پاڻيءَ ڍڪ وجهي ويندي هئي. عرق جي بهاني، اهو پاڻيءَ پي، موٽڻ مهل اُنهيءَ شيشيءَ ۾ گيهه ڀري ايندي هئي؛ ۽ جيڪا ماني ملندي هيس، ان کان وڌيڪ جيتري کاڌي جي چيز پڄي سگهندي هيس، برقعي ۾ لڪائي کڻي ايندي هئي.

هڪ دفعي ته کي مالڪياڻيءَ ڏسي به ورتو. ان وقت سندس چهرو خوف کان ائين ٿي ويو هو، جهڙو سرءٌ جو پِيلو پن! پر پوءِ ملڪاڻيءَ کي، سندس خوف ڏسي، مٿس رحم اچي ويو. هن سوچيو هو- بُک ڪهڙي نه بُري چيز آهي، جنهن جي تيز وهڪري ۾ انسان جو اخلاق ڪک- پن جيان لڙهي ٿو وڃي!‘ بانوءَ جي ماءُ جي غيرت ۽ شرافت ڪنهن کان لڪل ڪين هئي… ليڪن هن جي انهيءَ ڪردار تي گندگي ڪنهن اُڇلي هئي…؟ مالڪياڻيءَ کيس ڪجهه نه چيو؛ ۽ هوءَ ٿڙڪندڙ قدمن سان گهر هلي ويئي هئي. سياري جي سخت سرديءَ ۾ به هن جي پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو هو-، آهستي آهستي، هن جي دل مان ايترو خوف به نڪري ويو.

هن بي ايماني ڪئي، تڏهن به هن جي آڪهه سک سان نه پلجي سگهي. رزاق وٽ رزق جي ڪمي هئي، يا شايد غريبن جا پيٽ ايڏا وڏا هئا جو ڪنهن به صورت ۾ ڀرجي نٿي سگهيا.

ڪجهه ته مڙيو ئي هو- نه ته ائين ڇو ٿئي ها…..!

بانوءَ جو پيءُ، سڀ کان مايوس ٿي، نيٺ هڪ پِير تي وڃي پيو؛ ۽ وپنهنجي لاءِ صحت يا موت جي دعا گهرندو رهيو. بانوءَ جي ماءُ کان ماني پڄندي هئي، اها کيس صبح شام اتي ڏيئي ايندي هئي. هو ٻاڏائيندو رهيو… ڪيڏيون مندون لنگهي وييون، پر نه کيس صحت ملي، ۽ نه موت. پهرين هن زندگيءَ سان پيار ڪيو هو؛ پر جڏهن زندگيءَ هڪ سختگير مالڪ جيان کيس ذري ذري تي تڪليفون ڏنيون، تڏهن هن موت کي پيار ڪرڻ شروع ڪيو….. پر موت به ته وٽس نه ايندو هو! هن جيڪي چاهيو، سو کيس مليوئي نٿي- ائين ڇو هو؟… سندس ڪابه تمنا پوري نٿي ٿي!- هن جي جذبي ۾ صداقت ڪين هئي ڇا...؟

هو، پنهنجي عاجز زندگيءَ کان تنگ ٿي، بار بار خودڪشيءَ جو خيال ڪري چڪو هو- جنهن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هڪڙو نوڙيءَ ٽڪر ئي ڪافي هو. کيس هِيري جي ڪڻي ته کائڻي ڪانه هئي، جو موت هن لاءِ مهانگو ٿئي. مگر، هر دفعي مولوين جا وعظ ياد اچي کيس روڪي ڇڏيندا هئا ته خودڪُشي هڪ عظيم گناهه آهي، جنهن کي خدا هرگز معاف نٿو ڪري؛ کيس ڪڏهن به جنت نه ملندي، ۽ سدائين کيس جهنم ۾ جلڻو پوندو! هو ڊڄي ويندو هو- ’جڏهن خود زندگيءَ جي آڳ جهنم جيان جلائي رهي آهي، تڏهن موت کان پوءِ به جيڪڏهن انهيءَ آڳ ۾ جلڻو پيو، ته…..؟ سندس روح ڪنبي ويندو هو. اها زندگي ڪيتري نه سخت هئي- ۽ ڪيتري نه گران! اهائي زندگي اڃا هڪ ڀيانڪ بلا جيان کيس چنبڙي پيئي هئي.

عيد جي موڪلن تي سهاڳڻين جا گهوٽ جڏهن پرديس کان سوکڙيون وٺي ايندا هئا، جڏهن سهاڳڻيون پنهنجن هٿن ۾ مهندي رچائينديون هيون، جڏهن سندن ڏند ۽ چَپ مِسيءَ ۽ مساڳ سان رنگيل رهندا هئا، ۽ جڏهن سندس وارن ۽ ڪپڙن مان خوشبوءَ جون هٻڪارون فضا ۾ پکڙجي وينديون هيون، تڏهن بانوءَ جي ويران اکين ۾ آنسن جا چراغ جلي اٿيندا هئا. ڪيئي عيدون آيون ۽ گذري ويئون، پر نه بانوءَ جو رٺل راڻو آيو، ۽ نه هن جي زندگيءَ ۾ بهار آئي. هوءَ پنهنجي گهر جي ننڍڙيءَ دريءَ مان انهيءَ رستي کي منتظر اکين سان پيئي تڪيندي هئي، جتان هن جو راڻو دور ديس هليو ويو هو…. پر سندس ڏوهه ڪهڙو هو، جنهن جي اها سزا هئي- اهو سوچيندي سوچيندي، هن جون اکيون ڳوڙها ڳاڙڻ لڳنديون هيون.

هڪ ڏينهن جڏهن هن ٻڌو ته احمد امينه سان نڪاح ڪيو آهي، تڏهن سندس رهي سهي اميد به ختم ٿي ويئي. احمد جا ماءُ پيءُ غم ۽ غصي کان ڪڏهن رنا ٿي، ته ڪڏهن کيس پاراتا ٿي ڏنائون- احمد کين پيريءَ ۾ خوار خراب ڪري لائُون به لڌيون، ته ڪنهن سان!

بانو….! جنهن جي شاديءَ تي ڪيترين سهاڳڻين کي مٿس رشڪ آيو هو، پر هينئر اهي ئي سندس قسمت تي افسوس ڪرڻ لڳيون. بانو، جنهن جهڙي دلربائي سڄي خاندان مان ڪنهن ۾ ڪين هئي، اُنهيءَ، امينه جي سانوريءَ رنگت، معمولي منهن مهانڊي ۽ چلوليءَ چال کان شڪست ڪيئن کاڌي!... ’رُوپ روئي، ڀاڳ کائي‘- سچ ته بانوءَ جو روپ روئي رهيو هو، ۽ امينه جي قسمت مُرڪي رهي هئي. بانو ’چراغ خانه‘ هئي ۽ امينه ’شمع محفل‘- ٻيو ته سبب ئي ڪونه هو.

بانو اڪثر سوچيندي هئي ته سندس پاڪيزگي ئي انهيءَ شڪست جو سبب بني هئي. جيڪڏهن هوءَ به امينه جيان هجي ها، ته اڄ شايد هيئن روئڻو نه پويس ها. نيڪ سيرتيءَ مان کيس ڇا مليو هو؟ خوبصورتيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيو هو؟… هن جي دل چوندي هئي ته جيڪر هوءَ انهن معتبر عالمن ۽ مفڪرن جو گربيان پڪڙي چوي- جيڪي عورت کي گلن جهڙي خوبصورت ۽ خوشبوءَ جهڙي پاڪيزه پسڻ چاهيندا آهن- ته اوهين جو عورت کي پنهنجي مرد جي محبت تي ثابت قدم رهڻ جي تلقين ڪندا آهيو، ... ته پوءِ ڇو احمد منهنجي گلن جهڙي سونهن ۽ پاڪيزگيءَ جي سڳنڌ ڇڏي، ڪَنڊن کي چاهڻ لڳو آهي؟ ٻڌايو ... ڇا اوهين عورتن کي به اهڙي اختيار جي اجازت ڏيئي سگهو ٿا؟ ٻيءَ حالت ۾ اوهان جي پنهنجو پاڻ متعلق ڇا فتوا ٿيندي؟... اوهين به ته مرد آهيو... لطافت تي ڪثافت کي ترجيح ڏيڻ وارا- ليڪن، ... اها ڪوڙي تلقين ڇا لاءِ؟... اهي اجايا وعظ ڇو..؟

بهار ايندي هئي، ۽ گذري ويندي هئي؛ پر احمد کي نه اچڻو هو، نه آيو، بانوءَ جي ويران زندگي ويران ئي رهي. جڏهن هوءَ سڄي سڄي رات ستارن کي تڪيندي پرهه ڪري ڇڏيندي هئي، ته هن جي ماءُ جي دل خوف جا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. ڪاش، احمد ڏسي سگهي ها ته سندس پيار ۾ پاڳل بانوءَ جا ڪهڙا حال هئا! هار سينگار کان بي نياز، غم غلطان بانوءَ کي حويليءَ جون عورتون ڏسنديون هيون، ته سندن دلين مان سيسراٽ اُڀري ويندا هئا. اُف، دل به ڪهڙي نه عجيب چيز آهي- هينئر هوءَ وري ڪهڙيءَ روايتي محبت کي زندهه ڪري رهي هئي…!

هڪ سال ٻيو به گذري ويو. احمد امينه سان گڏ مزي جي زندگي گذاري رهيو هو ۽ بانو… اڃا به اُنهيءَ ويران رستي تي پنهنجي رُٺل راڻي جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺي هئي.

اوچتو خبر ملي- احمد رشوت وٺندي پڪڙجي پيو! پڪڙيو به وري سڳ سوڌو، سو پاڻ بچائڻ جو ڪو حيلو ئي ڪونه هليس. نوڪري هلي وئيس، مٿس ڪيس داخل ڪيائون ماءُ پيءُ جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي! رُٺو ئي رهي، پر خوش هجي- هنن جي به اهائي تمنا هئي. پوڙهو رحيم،…پٽ جي مدد لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهڻو ئي ڀٽڪيو، پر بيسود.

ڪورٽ ۾ ڪيس لاءِ حيدرآباد ويندي، احمد رستي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ ماءُ وٽ لهي پيو، واپس ويندي سڀني کي روئندو ڏسي، هڪ لمحي لاءِ کيس پنهنجي سنگدليءَ جو احساس ٿيو.

بانوءَ کي چوڻ لڳو: ”هينئر ڏسان… جڏهن تنهنجون دعائون مون کي جيل کان ڇڏائين!“ ڪيڏي نه اُڇاترائي هئي سندس آواز ۾- ڄڻڪ زبردستيءَ ڳالهائيندو هجي!

”منهنجون دعائون ته آهن ئي اوهان لاءِ…“ ائين چوندي، بانوءَ کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو.

احمد موٽي ويو. مايوسيءَ کان گهٻرائجي، هن وري اَنهيءَ زخمي اميد جو دامن پڪڙيو. جيڪا سندس تمنائن جي خون ۾ رنڱي پيئي هئي. انهي ۾ به خدا جي ڪا حڪمت هوندي… متان قدرت منهنجي قسمت بنائڻ لاءِ هو کيڏ کيڏيو هجي‘- هن سوچيو. مسلسل روئڻ ڪري سندس اکيون جلي رهيون هيون. هيءَ به ڪهڙو نه عجيب آڳ هئي، جنهن تي پاڻيءَ به تيل جو ڪم ڪيو ٿي! احمد، اچي، وري سندس زخمن ۾ نئون روڳ ڀري ويو هو.

بانوءَ ته احمد کي صرف گهر ويٺي ٿي دعائون ڪيون، پر امينه پنهنجي احمد کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هوءَ وڪيلن ۽ ججن کي في به ڪهڙي نه نرالي ڏيندي هئي...! ليڪن، احمد زندان جي زنجيرن کان بچي نه سگهيو، ۽ کيس اڍائي سالن جي سزا اچي ويئي.

اڍائي سال...! احمد جي ماءُ پيءُ جا ستل سُور وري جاڳي اُٿيا. پٽ جي ساڻن بيپرواهي ايتري ڏکوئيندڙ نه هئي، جيتري هن کي تڪليف رسڻ جي کين تڪليف ٿي. کين محسوس ٿي رهيو هو ته احمد جي رسايل تڪليف کان خود احمد جو ڏکوئجڻ هنن لاءِ روح فرسا هو. پوڙهي پيءُ وسؤن ڪين گهٽايو. پٽ کي بچائڻ لاءِ هن ڪيئن پانپرا ڪيا، گهڻيئي هٿ هنيا، پر قانون جي قضا کي هو روڪي نه سگهيو. ماءُ ويچاريءَ... جڏهن ڪنهن کان قيدين جي حالت جو ٻڌندي هئي، تڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو سندس جگر چٻاڙي رهيو هجي. امينه ڪڏهن ڪڏهن احمد سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندي هئي. واري سان، مٺائي ۽ ٻيون کاڌي جون پسنديه چيزون هوءَ کيس ڏيئي ويندي هئي. امينه سان ملي احمد جا ڏک ڪافور ٿي ويندا هئا، ۽ سوچيندو هو- ’بانوءَ جون سَکڻيون دعائون ڪهڙي ڪم جون... هينئر ته امينه جي همت ۽ محبت ئي ڪم اچي رهي آهي!‘ ان وقت هن کان وسري ويندو هو ته اُهي ونگ جيڪي بانوءَ کي هن وٽ جيل ۾ اچڻ کان روڪيندا هئا، سي سندس ئي وڌل هئا- جن کي محسوس ڪندي، بانوءَ ۽ بانوءَ جهڙين ڪيترين جون همتون ڳوڙها بڻجي وهي وينديون هيون.

احمد کي جيل ۾ رهندي ٻه سال گذري ويا. بانوءَ جي اداسيءَ ۽ سندس پوري جذبي سان احمد کي دعائون ڪرڻ کي ڏسي، پاڙي واريون ته مٿس حيران هونديون هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ماءُ کي به هن جي پاگل محبت تي روئڻ اچي ويندو هو. بانو، پنهنجي خوبصورتيءَ سان گڏ، ڪهڙي نه تاريڪ قسمت کڻي آئي هئي! جنهن کيس پراڻيءَ جتيءَ جيان اُڇلي ڦٽو ڪيو هو، اُن کي هوءَ ڪيتري نه شدت سان ياد ڪري رهي هئي-! کيس اداس ڏسي، هڪ دفعي ماڻس کيس ڏک مان چيو: ”الا، ڪهڙو نه نڀاڳو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تنهنجو پلؤ احمد سان اٽڪيو! ڪمبخت اسان کي سورن ڏيڻ لاءِ ڄائو هو... ننڍي ئي موت نه نهوڙيس!“ بانوءَ ڳوڙهن ڀريون اکيون مٿي کڻي چيو؛ ”امان، آءٌ ٻڍاپي ۾ تنهنجي مٿان بار پئي آهيان، تڏهن ٿي اهي پاراتا ڏينم. ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن کي پٽڻا ڏيڻ کان مون کي نه ڏين ته جيڪر آءٌ مري وڃان...!‘ سيني جو سمورو سوز سندس نڙيءَ ۾ اچي گڏ ٿيو هو گهڙي کن ماڻس کيس گم سم ڏسندي رهي. پوءِ ٻئي گلي ملي روئڻ لڳيون...’هن جي دل هينئر پنهنجي وس ڪٿي آهي!‘ ماڻس سوچيو.

مند ته بهار جي هئي، پر هوا سرءٌ جهڙي ٿي لڳِي. رحيم در جي ٻاهران ويٺي حقو پيتو. غفور ڊوڙندو آيو- ”چاچا، ... او چاچا! ادا احمد کي سڀاڻي جيل مان آزاد ڪندا!‘

”هان! ...سچ؟... يا الله، تنهنجا لک لک شڪر!“ انتهائي خوشيءَ رحيم جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا ٻئي ڏينهن سوير ئي هو غفور کي ساڻ ڪري، پٽ کي وٺڻ لاءِ سينٽرل جيل پهچي ويو. ڳچ جيترا گلن جا هار وٺي، ڏاڍي انتظار مان وڃي وڏي دروازي وٽ بيهي رهيو. ڪجهه دير بعد سپاهي احمد کي ٻاهر وٺي آيا. کيس ڏسي، رحيم جون اکيون آليون ٿي ويون.

هي ڪهڙو حال ٿي ويو احمد جو...! منهن جا هڏا پئي ڏٺس، رنگ ئي ڦري ويو هوس: اها شڪل شباهت، جنهن امينه کي مٿس هر کائي وڌو هو، سا هاڻي ڪٿي هئي- جيل هن جو حُليوئي بدلائي ڇڏيو هو. رحيم جوش مان وڃي کيس ڀاڪر پاتو. احمد ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هو هڪ جيل مان آزاد ٿي ٻئي ڏانهن منتقل ڪيو ويو هجي. اميته اڃا نه آئي هئي، ۽ اُن کان اڳ ۾ رحيم اچي ويو هو.. ان ڪري هيتري وقت کان پوءِ آزاد ٿيڻ جي احمد کي ذرو به خوشي ڪانه ٿي هئي. پيءُ کيس گهر وٺي آيو. ماءُ احمد سان روئي ملي، ته احمد رُکائيءَ سان پاڻ کي هن جي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. ماڻس به ائين ئي محسوس ڪيو. ’او خدا... احمد اصل ائين ٿي ويو!‘ هن جي دل ڄڻ رت روئڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com