سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :8

وليم شيڪسپيئر                              [ناٽڪ]

سنڌيڪار: محبوب علي جوکيو

انصاف

ڪلاڪار: ائنٽونيو، بئسينيو، شائلاڪ، ڊيُوڪ، پورشيا، نيرسيا گرئٽينيو، ۽ سئليريو.

واقفيت- ائنٽونيو ۽ بئسينيو ٻه گهرا دوست آهن. بئسينيو، ’پورشيا‘ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. پورشيا جو شرط آهي ته جيڪو شخص سونَ، چانديءَ ۽ ٽِينَ جي ٽن پيتين مان اها پيتي چونڊيندو جنهن ۾ سندس فوٽو پيل آهي، تنهن سان هوءَ شادي ڪندي. بئسينيو وٽ ايترو پيسو ڪونهي، جو ٺاٺ ڪري وڃي اُتي لهي. هو ائنٽونيو کان قرض گهُري ٿو. هُن وٽ به روڪ پيسو ڪونهي. پنهنجي پياري دوست بئسينيو کي مدد ڪرڻ لاءِ، هو هڪ يهودي واپاريءَ ’شائلاڪ‘ کان قرض وٺي ٿو. شائلاڪ، ائنٽونيو کان دستاويز لکرائي ورتو آهي ته ’جيڪڏهن مقرر ڪيل عرصي اندر پيسا واپس نه ڪندين، ته پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان دل جي ويجهو اڌ پائونڊ گوشت جو ڪپڻ ڏيندين.‘ ائنٽونيو قبول ٿو ڪري، جو پڪ اٿس ته انهيءَ عرصي ۾ قرض ادا ڪري ويندس. بئسينيو ڪامياب ٿيو، ۽ پورشيا سان شادي ڪيائين. اتي کيس خبر پيئي ته ائنٽونيو قرض ادا ڪري نه سگهيو، ۽ شائلاڪ مٿس اڌ پائونڊ گوشت لاءِ ڪورٽ ۾ دعوا ڪئي آهي؛ هو ان ڪري هڪدم اتي اچي ٿو. پويان پورشيا وڪيل جو ويس ڪري، ۽ سنديس نوڪرياڻي ڪلارڪ جو ويس ڪري، ڪورٽ ۾ اچن ٿيون، ۽ ڪيس کٽن ٿيون.

[ڏيک: وينس ۾ عدالتخانو- ڊيوڪ، آئنٽونيو، بئسينيو، گرئٽينيو ۽ سئليريو موجود  آهن.]

ڊيوڪ: ائنٽونيو حاضر آهي؟

ائنٽونيو: جي حضور، بندو حاضر آهي.

ڊيوڪ: ائنٽونيو، مون کي تنهنجي حال تي رحم ٿو اچي، جو توکي هڪ بيرحم ۽ ڪٺور دل جي دعوا هيٺ گهرايو ويو آهي. هو هڪ حيواني جِيوُ آهي، جنهن جي دل رحم ۽ ٻاجهه کان بلڪل وانجيل آهي.

ائنٽونيو: سرڪار، مون ٻڌو آهي ته حضور جن نوازش فرمائي ڪافي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجي دستاويز تان هٿ کڻي؛ پر جيئن ته هو هوڏ ٻڌي بيٺو آهي، ۽ ڪنهن به نانوني طريقي سان هن جي بيرحم ۽ حسد ڀريل چنبن مان ڇٽڻ محال آهي، تنهنڪري مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته هن جي ڏاڍ ۽ حيواني روش جا جيڪي به نتيجا نڪرن، سي صبر ۽ شڪر سان ڀوڳڻ لاءِ تيار رهان.

ڊيوڪ: وڃو، ۽ يهوديءَ کي حاضر ڪريو.

سئليريو: حضور، هو به در تي هڪيو حاضر آهي، ۽ اچي ٿو.

(شائلاڪ اندر اچي ٿو)

ڊيوڪ: جاءِ ڏيو ته هو منهنجي اڳيان ٿي بيهي. شائلاڪ، مون کي هنن سڀني دوستن کي يقين آهي ته تون رڳو ظاهري طرح انهيءَ بيرحميءَ واري دعوا کي چهٽيو پيو آهين، پر آخر ضرور ڪا رحم واري روش ڏيکاريندين، جا تنهنجي هن ظاهري روش کان بلڪل مختلف هوندي. اسان کي اها به قوي اميد آهي ته تون نه فقط هن غريب ڏتڙيل واپاريءَ جي بدن مان هڪ پائونڊ گوشت ڪپڻ کان باز ايندين، پر ساڳئي وقت رحم جي جذبي هيٺ هن جي قرض جو ڪجهه حصو به معاف ڪندين. جيڪڏهن رحم ڀريءَ نگاهه سان ڏسندين، ته هن اهڙا ته ڳرا گهاٽا پاتا آهن جو ههڙو شاهوڪار واپاري به بلڪل ڪنگال ٿي ويو آهي. هن مسڪين جي بيوسيءَ ۽ رحم جهڙيءَ حالت تي سختدل ۽ ڪٺور انسان ته ڇا پر حيوان، جيڪي رحم ۽ قياس ڪرڻ مورڳو سکيل ئي ڪونه آهن، تن جي دل به ڀِڄي پوندي. يهودي، اسان کي اميد آهي ته تون ضرور ڪو تسلي بخش جواب ڏيندين.

شائلاڪ: حضور، مون ته سائين جن کي پنهنجي ارادي کان اڳ ئي واقف ڪري ڇڏيو آهي: مون قسم کڻي ڇڏيو آهي ته هن دستاويز وارو ڏنڊ ضرور وٺندس! جيڪڏهين اوهين مون کي انصاف پلئه نه وجهندا، ته اوهان جي آزاد حڪومت جي قانون جي ڇا ناموس رهندي؟ اوهين پڇڻ گهرندا هوندا ته آءٌ هڪ پائونڊ گوشت جو ٽُڪر ٽن هزارن پائونڊن جي بدران وٺڻ ڇو ٿو پسند ڪريان.......... پر آءٌ ان جو سبب ٻڌائڻ نٿو چاهيان: اوهين ائين کڻي سمجهو ته منهنجي گهر ۾ ڪُئا آهن، ۽ آءٌ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ ٽي هزار پائونڊ ڏيئي رهيو آهيان.......... سمجهيؤ! ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي سوئر جو آواز ٻڌڻ نه چاهيندا آهن؛ ڪي اهڙا آهن، جي ٻلي ڏسي ڪاوڙ ۾ پاڳل ٿي پوندا آهن؛ ۽ ڪي وري سازن کي پسند نه ڪندا آهن؛ جڏهين اسان جا جذبات تيز ٿي ويندا آهن، تڏهين اهي اسان جي عقل تي غالب پئجي ويندا آهن، ۽ پوءِ اسين انهن جذبن هيٺ ڪن شين کي پسندا ڪندا آهيون ۽ ڪن کي نه: جهڙيءَ طرح انهن وٽ ڪوبه مضبوط ۽ موزون سبب ڪونهي ته هو ڇو سوئر جو آواز يا ٻليءَ جي شڪل يا سازن جو وڄڻ پسند نٿا ڪن، ۽ جهڙيءَ طرح هو اهو به سمجهائي نٿا سگهن ته ڇا جي ڪري هو انهن شين جي ڏسڻ سان پيدا ٿيل ڪاوڙ کي جيتي نٿا سگھن، اهڙيءَ طرح آءٌ به اوهان کي کولي نٿو سمجھائي سگھان- بلڪ سمجھائڻ ئي نٿو چاهيان- ته مون کي ڇو ائنٽوينو لاءِ حقارت آهي، ۽ ڇو آءٌ اها بيسود دعوا ڪري رهيو آهيان..........هاڻ سمجھيو! بئسينيو.- پٿر دل يهودي، انهي ڪڌي ڪم لاءِ اهو ڪو موزون سبب ڪونهي.

شائلاڪ.- آءٌ توکي ڪو پنهنجي سببن سان راضي ڪرڻ لاءِ ٻڌل ته ڪونه آهيان!

بسينيو.- ڇا، ائين آهي ڇا ته جنهن شي کي نه چاهجي، تنهن کي ناس ڪري ڇڏجي؟

شائلاڪ.- ڀلا جنهن کي ڌڪاربو آهي، تنهن کي ناس ڪرڻ جي خواهش نه ٿيندي آهي ڇا؟

بسينيو.- ناپسنديءَ مان هروڀرو اهڙي خواهش پيدا ڪانه ٿيندي آهي.

شائلاڪ.- ڇا، تون چاهيندين ته نانگ هڪ کان وڌيڪ دفعا توکي ڏنگي؟

ائنٽونيو (بئسينيو کي).- ڪجھ خيال ته ڪر ته هڪ يهوديءَ سان ڳالهائي رهيو آهين! تون سمنڊ جي ڪناري تي بيهي اُڀرندڙ ڇولين کي حڪم سان ماٺو ڪري سگھين ٿو، تون هڪ شڪاري جانور کي شڪار ڦٽي ڪرڻ لاءِ مڃائي سگھين ٿو، تون جبلن تي اڀرندڙ وڻن ٽڻن کي سخت هوا ۾ جھولڻ ۽ آواز ڪرڻ کان روڪي سگھين ٿو، يا تون ٻيو ڪوبه سخت ۽ ناممڪن ڪم ڪري سگھين ٿو،- پر هن جي پٿر دل کي ڪهڙن به دليلن سان پگھرائي نٿو سگھين! تنهنڪري، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري يهوديءَ کي منهنجي لاءِ وڌيڪ نه ليلاءِ، ۽ ڇڏ ته اهو ڏنڊ ڀري ڏيان....ڀل هو پنهنجو حق حاصل ڪري.

بئسينيو.- شئلاڪ، ٽن هزارن پائونڊن جي بدران ڇهه هزار پائونڊ وٺ!

شائلاڪ.- اهي ته ڇهه هزار آهن، پر ڪيتري به رقم ڏيو تڏهين به قبول نه ڪندس....مون کي پنهنجو حق گھرجي!

ڊيوڪ.- جيڪڏهين تون پاڻ اهڙو بيرحم ٿيندين، ته ٻين مان ڪهڙي رحم جي اميد رکي سگھندين؟

 شائلاڪ.- جڏهين آءٌ ڪو سزا جوڳو ڪم ئي ڪونه ٿو ڪريان، ته پوءِ سزا جو خوف ڇو رکان؟ اوهين پنهنجن زرخريد غلامن- مردن ۽ عورتن- کي گڏهن، ڪتن ۽ خچرن وانگر وهائيندا آهيو، سو به فقط انهيءَ ڪري ته اوهان انهن لاءِ پيسا ڀريا آهن: ڇا آءٌ اوهان کي عرض ڪريان ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي؛ ۽ پنهنجن ڌيئن ۽ پُٽن سان پرڻايو وڃي؛ کين آرام ڏيندڙ بسترن تي ليٽايو وڃي، ۽ انهن کي پاڻ جھڙا عمدا کاڌا کارايا وڃن! ان لاءِ اوهين ضرور اهو جواب ڏيندا ته هو اوهان جي زرخريد ملڪيت مثل آهن. اهڙيءَ طرح، آءٌ به اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون به اهو گوشت جو ٽڪر ڳري بها ڏيئي ورتو آهي، جنهن جي آءٌ گهر ڪري رهيو آهيان: اهو منهنجو حق آهي، ۽ آءٌ ضرور وٺندس! جيڪڏهين اوهين ناڪار ڪندا، ته پوءِ لعنت آهي اوهان جي اهڙي قانون تي- سمجهبو ته وينس جي قانون ۾ انصاف آهي ئي ڪونه! آءٌ انصاف لاءِ کڙو آهيان........... ڇا مون کي انصاف پلئه نه پوندو؟

ڊيوڪ: پنهنجي اختيارين موجب، آءٌ هن ڪيس کي تيستائين مهمل ٿو ڪريان، جيستائين ماهر وڪيل ’بئليريو‘ اچي، جنهن کي اسان هن ڪيس جي سلسلي ۾ گهرايو آهي.

سئليريو: حضور، ڪو قاصد بئليريو وٽان خط کڻي آيو آهي، ۽ اوهان سان ملڻ چاهي ٿو.

ڊيوڪ: اندر وٺي اچوس.

بئسينيو: دوست، دل نه لوڙهه، تسلي رک. تون رت جو ڦڙو وهائين، تنهن کان اڳ آءٌ يهوديءَ کي پنهنجو سمورو رت، گوشت ۽ هڏا ڏيندس.

ائنٽونيو: آءٌ هن دنيا ۾ ائين آهيان، جيئن بيڪار رڍَ ڌڻ ۾، تنهنڪري آءٌ ئي مرڻ لائق آهيان. جيئن پڪل ميوو ٻين ڪچن ميون کان اڳ ڇڻدو آهي، تيئن مون کي توکان اڳ مرڻ گھرجي. منهنجا همدرد دوست، بهتر آهي ته تون زنده رهين، ۽ منهنجي قبر تي ڪجھ ياد لاءِ لکين.

(’نيريسا ڪلارڪ جي ويس ۾ اندر داخل ٿئي ٿي.‘)

ڊيوڪ.- اچو، اچو. اوهين بئليريو وٽان آيا آهيو؟

نيريسا.- جِي حضور؛ بئليريو اوهان کي سلام چيا آهن. (خط ڏئي ٿي.)

بئسينيو.- ڇو، شائلاڪ، چاقوءَ کي اهڙي شوق سان تکو ڪري رهيو آهين؟

شائلاڪ.- ڏيوالي ڪڍندڙ جي گوشت ڪپڻ لاءِ!

بئسينيو.- چمڙي تي نه، پر پنهنجيءَ کَل تي تکو ڪرينس! جھڙو تنهنجو ڪُهنو ڪِينو تکو آهي، اهڙو ڪوبه ڌاتو يا جلاد جي ڪُهاڙي تکي نه هوندي. ڇا، اسان جو ليلائڻ تو ۾ ٿورو به رحم پيدا ڪري نٿو سگھي؟

شائلاڪ.- نه، اوهان جي سڀڪا اٽڪل بيڪار آهي.

گرئٽينيو.- لعنت هجي توتي، بيرحم ڪتا! ناحق هن ملڪ جي قانون توکي  هِت رهڻ ڏنو آهي! آءٌ، تنهنجي اهڙي چال ڏسي، يوناني فيلسوفن جي انهيءَ اعتقاد کي مڃڻ تي مجبور ٿو ٿيان ته برابر حيوانن جا روح انسان جي بوتي ۾ جنم وٺن ٿا. مون کي يقين ٿو ٿئي ته تو ۾ به ڪنهن خونخوار بگھڙ جو روح پيل آهي: جڏهين ڪنهن بگھڙ کي ماڻهن کي ستائڻ سبب ٽنگي ماريو ويو، تڏهين ان جو روح تنهنجيءَ ماءُ جي ناپاڪ پيٽ ۾ اچي تنهنجي بوتي ۾ داخل ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته تنهنجون خواهشون ۽ لاڙا سڀ شيطاني، خونخوار ۽ لالچ ۾ ڀريل آهن.

شائلاڪ.- تون اجايو پنهنجن ڦڦڙن کي پيو ڏکوئين. تون دستاويز وارو حق ميٽي نٿو سگھين. پنهنجي عقل جي پر گھور لهه، نه ته لاعلاج ٿي پوندين. مون کي انصاف گھرجي!

ڊيوڪ.- بئليريو هن خط ۾ هڪ نوجوان ماهر وڪيل جي سفارش ٿو ڪري- اهو ڪٿي آهي؟

نيريسا.- هو اوهان جي حڪم جي انتظار ۾ ٻاهر در تي موجود آهي.

ڊيوڪ.- بيشڪ اچي، اوهان مان ڪجھ وڃن، هن کي وڏي عزت ۽ مان سان اندر وٺي اچن. تيسين بئليريو جو خط پڙهيو وڃي.

ڪلارڪ.- (خط پڙهي ٿو) ’سائين جن کي نيڪ روشن هجي ته جڏهين اوهان جو خط پهتو، تڏهين آءٌ ناخوش هوس. ان وقت مون وٽ روم جو مشهور وڪيل ملاقات لاءِ آيل هو. مون هن کي شائلاڪ ۽ ائنٽونيو جي ڪيس کان چڱيءَ پر واقف ڪري ڇڏيو آهي. اسان گڏجي ڪيترائي ڪتاب اٿلايا آهن، ۽ آخر کيس پنهنجيءَ راءِ کان واقف ڪيم. آءٌ هن جي قابليت ۽ ماهريت جي ساراهه ڪري نٿو سگھان. منهنجي عرض ڪرڻ تي هن  صاحب، اوهان جي حڪم جي پوئواريءَ لاءِ، منهنجي بدران ڪورٽ ۾ اچڻ قبول ڪيو آهي. مون کي قوي اميد ته اوهين هن کي ننڍو ڏسي عقل ۾ به گھٽ نه سمجھندا. اوهان کي يقين ٿو ڏيارن ته مون اهڙو قابل انسان ڪونه ڏٺو آهي. آءٌ هن کي اوهان جي خدمت ۾ موڪليان ٿو، ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو پنهنجيءَ قابليت جو پاڻ ثبوت ڏيندو.

ڊيوڪ.- اوهان ڊاڪٽر صاحب جوخط ٻڌو.......اجھو، اُهو وڪيل صاحب به اچي ويو.(پورشيا وڪيل جي ويس ۾ داخل ٿئي ٿو.) ڀلي ڪري آيا. اوهين ڊاڪٽر صاحب وٽان اچي رهيا آهيو؟

پورشيا.- جِي حضور.

ڊيوڪ.- اسين ڏاڍو خوش ٿيا آهيون، جو اوهين اچي ويا. تشريف رکو. اوهين هن ڪيس کان چڱيءَ پر واقف هوندا.

پورشيا.- جي حضور، ڪيس کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته شائلاڪ ۽ ائنٽونيو ڪٿي آهن.

ڊيوڪ.- اهي ٻئي حاضر آهن.

پورشيا.- اوهان جو نالو شائلاڪ آهي؟

شائلاڪ.- جي، منهنجو نالو شائلاڪ آهي.

پورشيا.- ڪيس ته عجيب نموني جو داخل ڪيو اٿؤ.........ليڪن قانون موجب ته اوهين حق تي آهيو! ڪيئن، ائنٽونيو، اوهان کي ته پڪ هوندي ته اوهان جي جان جو کي ۾ آهي؟

ائنٽونيو.- جي حضور، هن جي دعوا موجب آءٌ جوکي ۾ آهيان.

پورشيا.- اوهين قبول ٿا ڪريو ته هيءَ اوهان جي صحيح آهي؟

ائنٽونيو.- جي حضور، آءٌ قبولدار آهيان.

پورشيا.- ته پوءِ شائلاڪ کي رحم کائڻ گھرجي.

شائلاڪ.- پر رحم کائڻ لاءِ مون کي ڪير مجبور ته ڪري نٿو سگھي!

پورشيا- ٺيڪ آهي، رحم لاءِ ڪنهن کي مجبور ڪونه ڪيو ويندو آهي. جھڙيءَ طرح آسمان مان بارش ٿي وسي، اهڙيءَ طرح انساني دل مان به ٻاجھ جو مينهن وسندو آهي. هن ۾ ٻِٽِي چڱائي آهي- هڪ رحم آڻيندڙ لاءِ، ۽ ٻيو ان لاءِ جنهن تي رحم آندو وڃي. جيڪي پڄنديءَ وارا آهن. تن لاءِ ته خاص هيرو آهي. بادشاهه لاءِ، سندس تاج کان به وڌيڪ سهڻو ٿو لڳي. حڪومت جو دٻدٻو ته فقط ماڻهن کي ڊيڄاري ٿو، ۽ فقط زمين تي اختياري ٿو ڏيکاري؛ پر رحم جو تخت رُوح ۾ سجايل رهي ٿو، ۽ دنيوي اختيارين کان اعليٰ آهي. رحم هڪ خدائي صفت آهي: جيڪو بادشاهه رحم ۽ ٻاجھ ڀريءَ نظر سان انصاف ڪري ٿو، سوڄڻڪ ان صفت ۾ بادشاهن جي بادشاهه سان مشابهت رکي ٿو. سو، شائلاڪ، جيتوڻيڪ تون انصاف طلبي رهيو آهين تنهن هوندي به، توکي ويچار ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهين سڀڪو انصاف جي گھُر ڪري، ته ڪير به سزا کان بچي ڪونه سگھي. رب کان اسين رحم جي دعا ٿا گهرون، ۽ اها دعا اسان کي به ٻين تي رحم آڻڻ سيکاري. هي جو مون عرض ڪيو آهي، سو ان لاءِ ته تون هن قانوني پر بيرحميءَ جي دعوا تان هٿ کڻين. پر، جيڪڏهن تون پوءِ به پنهنجي حق جي گهُر تي زور آڻيندين، ته ڪورٽ کي ضرور ائنٽونيو جي خلاف فتوا ڏيڻي پوندي.

شائلاڪ.- هر ڪا ٻڪري پنهنجي ڦاهي، ٽنگبي... آءٌ فقط قانون کان پنهنجو حق ٿو طلبيان. پورشيا.- ڀلا، ائنٽونيو قرض ادا ڪرڻ جي لائق نه آهي ڇا؟

بيسينو.- اجهي، پيسا ته حاضر آهن- سندس قرض کان به ٻيڻا پيسا. جيڪڏهين اهي به نه وٺي، ته ڏهوڻي رقم ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان......۽ آءٌ پنهنجي جان ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندس. جيڪڏهين کيس ڪجهه به قبول نه آهي، ته چئبو ته سندس نيت کوٽي آهي. اوهين، نوازش فرمائي، قانون کي موڙي، هن ظالم ۽ بيرحم انسان کي انهيءَ بد ارادي تان هٽايو. ڀل ته ائين مناسب نه ڄاتو وڃي، پر ان مان گهڻو فائدو ۽ چڱائي آهي.

پورشيا.- اهو ناممڪن آهي: وينس ۾ ڪابه اهڙي طاقت ڪانهي، جا پاس ڪيل قانون کي رد ڪري سگهي. اهو هڪ اهڙو خراب مثال قائم ٿي پوندو، جنهن مان اڳتي هلي ڪافي خرابيون پيدا ٿينديون؛ تنهنڪري اهو ناممڪن آهي.

شائلاڪ.- بيشڪ، انصاف جي ڳالهه ڪئي اٿوَ! ڪهڙن لفظن ۾ اوهان جي ساراهه ڪريان!

پورشيا.- مهرباني ڪري اهو دستاويز ته نظر مان ڪڍڻ ڏجو.

شائلاڪ.- حاضر، اجهو هي آهي.

پورشيا.- چڱو، توکي ٽيڻي رقم ٿا آڇين.

شائلاڪ.- آءٌ  ته رقم وٺڻ کان قسم ڪيئن ڀڃندس!

پورشيا.- چڱو، ته قانون موجب يهودي ائنٽونيو جي دل جي ويجهو هڪ پائونڊ گوشت جو ٽڪر ڪپي سگهي ٿو!... پر، شائلاڪ، رحم آڻ، ٽيڻي رقم کڻي قبول ڪر، ۽ اجازت ڏي ته دستاويز کڻي ڦاڙيون.

شائلاڪ.- جنهن وقت مون کي حق ملي وڃي، تنهن کان پوءِ هن کي ڦاڙي سگهو ٿا.

ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اوهين بلڪل دانا، ماهر ۽ انصاف پسند وڪيل آهيو؛ اوهين قانون ۾ گهڻو ماهر آهيو- آءٌ اوهان کان انصاف ٿو گهران، جنهن جا اوهين رکپال آهيو... فتوا صادر ٿئي!

آءٌ پنهنجي سر جو قسم کڻي ٿو چوان ته انساني زبان ۾ اهڙي طاقت ئي ڪانهي، جا مون کي هن ارادي تان ٿيڙي سگهي!

آئنٽونيو.- آءٌ به ڪورٽ کي عرض ٿو ڪريان ته فتوا ملي.

پورشيا.- ته پوءِ... اوهين پنهنجي ڇاتيءَ کي چاقوءَ جي جهيرن جهلڻ لاءِ تيار رکو.

شائلاڪ.- ٺيڪ آهي، انصاف پسند ڊاڪٽر صاحب!

پورشيا.- قانون چوي ٿو ته دستاويز وارو لکيل عيوضو ورتو وڃي.

شائلاڪ.- ٺيڪ آهي! اوهين عمر جا ننڍا ۽ عقل ۾ ڪيترو نه اعليٰ آهيو!.

پورشيا.-  تنهنڪري، انئٽونيو، پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪر.....

شائلاڪ.- هائو، دستاويز ۾ به ائين لکيل آهي... نه، سائين، ’دل جي بلڪل ويجهو‘- اصل هوبهو اهي لفظ آهن.!

پورشيا.- ٺيڪ آهي. گوشت تورڻ لاءِ تارازي آندي اٿوَ؟

شائلاڪ.- سڀڪجهه تيار آهي.

پورشيا.- شائلاڪ، ڀلا پنهنجي خرچ تي ڪو ڊاڪٽر ته گهرايو، متان ائنٽونيو گهڻي رت ڏيڻ ڪري مري وڃي.

شائلاڪ.- دستاويز ۾ ته ڊاڪٽر گهرائڻ جو شرط ئي ڪونهي!

پورشيا.- ائين ته برابر ڪونهي؛ پر اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، بهتر آهي ته خدا جي واٽ ۾ اهو خرچ ڪر.

شائلاڪ.- دستاويز ۾ جو اهي لفظ نه آهن، تنهنڪري ائين نه ڪري سگهندس!

پورشيا.- ڪيئن، ائنٽونيو، توکي به ڪجهه چوڻو آهي؟

ائنٽونيو.- آءٌ بلڪل تيار آهيان. بئسينيو، آخري هٿ ملاءِ... خدا حافظ. غم نه کاءُ؛ آءٌ  ڪو تنهنجي ڪري هن آپدا ۾ ڪونه ڦاٿو آهيان، مون تي ته قدرت راضي آهي. عام طرح سمجهيو ويندو آهي ته جنهن جي قسمت ڦِٽندي آهي، تنهنجي عمر وڌندي آهي- انهيءَ لاءِ ته ڀل پنهنجي آخري غريبي حالت ۾ ضعيفي ۽ نا اميدي ڏسي- آءٌ ته هنن ڏکن کان ڇٽي پوندس، جو اڳ ۾ ئي جان ٿو ڏيان. پنهنجيءَ زال کي مبارڪون ڏج، ۽ منهنجي موت جو قصو سڻائج.... هن کي اهو به ٻڌائج ته اسان جي پاڻ ۾ ڪيتري دوستي ۽ محبت آهي. منهنجي مُئي پڄاڻا منهنجي نيڪي ڪج. تون رڳو منهنجو احوال ٻڌائجانس، پوءِ ڀل پاڻ ويچاري ته اسان جي پاڻ ۾ ڪيتري نه گهري دوستي آهي. توکي ضرور منهنجي دوستيءَ وڃائڻ تي افسوس ٿيندو؛ پر آءٌ ان لاءِ ڏک ڪونه ڪندس... جيڪڏهن هو منهنجي ڇاتيءَ تان گوشت ڪوريندو، ته آءٌ به خوشيءَ سان اهو قرض ادا ڪندس!

بئسينيو.- ائنٽونيو، منهنجا دوست، آءٌ پنهنجيءَ زال کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو سمجهان ٿو، ليڪن پنهنجي زندگي، زال ۽ دنيا جي سڀڪا شي گڏي، تنهنجيءَ جان کان وڌيڪ قيمتي ڪونه ٿو سمجهان: آءٌ اهي سڀ شيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن تنهنجي زندگي هن شيطان کان بچي سگهي...!

پورشيا.- جيڪڏهين تنهنجي زال هت موجود هجي ها، ۽ تنهنجا اهي لفظ ٻڌي ها، ته ضرور ڏک ٿئيس ها.

گرئٽينيو.- مون کي پڻ زال آهي، جنهن کي آءٌ گهڻو پيار ڪريان ٿو؛ پر آءٌ به چاهيان ٿو ته ڀل اها مري بهشت ڏانهن رواني ٿئي، ۽ اُتان ڪنهن زبردست طاقت جي وسيلي هن ڪميڻي جو ارادو مَٽائي!

نيريسا.- چڱو ٿيو جو زال جي عدم موجودگيءَ ۾ ٿو اهي ٻوليون ٻولين، نه ته جيڪر گهر ۾ گهوٽالو پئجي وڃيئي ها!

شائلاڪ.- (پنهنجي منهن) ڏسو ته عيسائين جو پنهنجين زالن سان ڪيترو نه پيار آهي! بهتر آهي ته عيسائين کي ڇڏي، ڪنهن رديءَ ۾ ردي يهوديءَ کي نياڻو ڪجي! (ڏاڍيان) اجايو وقت ٿا وڃايو،... مهرباني ڪري جلد ڪيس فيصل ڪريو!

پورشيا.- ائنٽونيو جو هڪ پائونڊ گوشت تنهنجو آهي... ڪورٽ ۽ قانون اهو توکي ٿو ڏياري!

شائلاڪ.- بيشڪ، بيشڪ انصاف پسند آهيو!

پورشيا.- ۽ بيشڪ تون سندس ڇاتيءَ مان هڪ پائونڊ گوشت ڪپي وٺ- ڪورٽ ۽ قانون اهو توکي ٿو ڏياري!

شائلاڪ.- واه جو انصاف ڪيو اٿوَ! ائنٽونيو، اچ، تيار ٿيءُ ..!

پورشيا.- هڪ ٻي ڳالهه آهي... هن دستاويز موجب توکي رت جو هڪ ڦُڙو به ڪونه ملندو- صاف لفظ آهن ته ’گوشت جو پائونڊ‘. وٺ پنهنجو دستاويز، گوشت ڪورينس،... پر گوشت ڪورڻ سان جيڪڏهين رت جو هڪ ڦڙو به وهائيندين، ته وينس جي قانون موجب تنهنجون سڀ زمينون - ۽ مال هيءَ حڪومت ضبط ڪري وٺندي!

گرئٽينيو.- واه واه! ٺيڪ انصاف ڪيو اٿوَ!

بيشڪ قابل آهيو! ڪيئن، شائلاڪ اهو انصاف آهي نه!

پورشيا.- تون قانون ڏسي سگهيس ٿو. جيئن ته تون پورو انصاف طلبي رهيو آهين، تنهن ڪري يقين رک ته توکي پورو انصاف پلئه پوندو- جيڪا تنهنجي خواهش آهي، تنهن کان به وڌيڪ!

گرئٽينيو.- ڏس، يهودي، برابر ماهر وڪيل آهي نه؟

شائلاڪ.- ٺهيو، آءٌ وڃان ٿو... ٽيڻي رقم ئي کڻي ڏيو، هن کي آزاد ڪريو!

بئسينيو.- خاموش! يهوديءَ کي انصاف ملندو! بس ڪريو، اُٻهرائي نه ڪريو؛ هن کي اُن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو-

گرئٽينيو.- يهودي، برابر انصاف پسند جج آهي نه!

پورشيا.- چڱو هاڻي گوشت ڪپڻ لاءِ تيار ٿيءُ. رت جو ڦڙو به نه وهائج،- ۽ نه وري گوشت جي رتي گهٽ يا وڌ ڪپج! جيڪڏهين هڪ رتي به گهٽ- وڌ ڪوريندين، ۽ ڪانٽي جي سُئي وار جيتري به هڪ پاسي ويئي، ته موت جي سزا ملنديئه...!

گرئٽينيو.- وه واه! دانيال وارو انصاف! هاڻ پُٽَ ڏي منهنَ

پورشيا.- ڇو، دير ڇوٿو ڪرين؟ پنهنجو حق وٺ!

شائلاڪ.- مون کي پنهنجي پوري رقم ئي ڏيو، ۽ مون کي ڇڏي ڏيو...!

بئسينيو.- رقم ته تيار آهي، وٺ...

پورشيا.- هن ته رقم وٺڻ کان کليل ڪورٽ ۾ انڪار ڪيو آهي؛ هن کي انصاف گهرجي، يعني دستاويز وارو لکيل حق-

گرئٽينيو.- وه واه! ماهر وڪيل آيو آهي!.... واه ڙي يهودي، جو اهو لفظ سيکاريئه!

شائلاڪ: ڇا، مون کي پنهنجي رقم به ڪانه ملندي؟

پورشيا.- توکي پنهنجو حق ملندو- جنهن ۾ تنهنجو به جوکو آهي.

پورشيا.-  چڱو، پيسا به آيا آئنٽونيو کي-

خدا پڄندس... آءٌ وڌيڪ بحث ڪونه ڪندس...!

]پردو ڪِري ٿو.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com