سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :12

جيڪڏهن رابرٽ برفو کي يونانين جي ڏورانهن سوَٽن- يعني هندي آرين- جي طرز بيان جي بخوبي خبر هجي ها، ته جيڪر هو انهن جي لفاظي بحثن کي ’جذبه استعمال عقل‘ جي برعڪس چوي ها. جن اپنشدن جو مطالعو ڪيو هوندو، انهن کي معلوم هوندو ته جنهن کي عقليت (rationalism) سڏيو وڃي ٿو، سو دراصل فن استدلال هو، جنهن جا نه صرف ’سوفسطائي‘ فيلسوف دلداده هئا، پر سقراط خود شيدائي هو. هن مان صاف ثابت ٿو ٿئي ته انساني نسل جيئن زندگيءَ جي مختلف حياتياتي دورن مان ترقي ڪندو آيو آهي، تيئن سندس ذهني نشو و نما ۽ ارتقا پڻ ٿيندو رهيو آهي. جيئن هڪ ننڍڙو ٻار هلڻ سکندو آهي، ۽ فقط هلڻ خاطر ئي هلندو آهي، ۽ ائين ڪرڻ ۾ ئي کيس خوشي پيئي ايندي آهي- اگرچ قدم قدم تي هو ڌڪا به پيو کائيندو آهي- تئين، ان زماني ۾، انسان جي بانڀڙا پائيندڙ ذهن کي به جڏهن پنهنجيءَ قوّت استدلال جو احساس ٿيو ته اهو به، بحث خاطر ئي، بحث ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو- اهو نه سوچيائين ته انهيءَ بحث مان نفعو يا نقصان ڪهڙو ٿيندو. برفو جي چوڻ مطابق، ”اهوئي سبب آهي جو انهيءَ دور جي ماڻهن زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪا نه ڪئي، ۽ نه وري اهي ڪن خاص نتيجن تي پهتا. جيڪڏهن اهي ڪن نتيجن کي پهتا به آهن، ته صرف سندن وجداني جھلڪن جي ڪري، ۽ نه تحليلي ۽ عقلي دليلن جي رستي- جيئن افلاطون جي ڪن خاص نظرين مان ظاهر آهي.“ افلاطون جيڪڏهن ڪي اهم ڳالهيون چيون آهن، ته فقط شاعر جي حيثيت ۾- اگرچ گاهي گاهي شاعرن جي شڪايت به ڪئي اٿس. مگر، افلاطون فليسوف جي حيثيت ۾ فقط لفظن جو ڀنڊار آهي، جنهن مان ڪو به مسئلو حل نٿو ٿئي.

قديم فلسفو گھڻو ڪري وجداني، فرضي، ظني ۽ وهمي آهي. قديم منطق جي حالت به ساڳي آهي. ٻيو ته ڇڏيو، پر انهيءَ زماني جي نام نهاد استقرائي منطق جي به حالت ساڳي آهي.

اهو ڪتاب جنهن حڪمت ۽ فلسفي جي عالَم ۾ انقلاب آندو، سو قرآن شريف آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته ”اُهي، بنيادي حقائق کي ڄاڻڻ کان سواءِ، ’حقيقته القصويٰ‘ متعلق وهم ۽ گمان کان ڪم وٺن ٿا، جھڙيءَ طرح ايام جاهليت ۾ ڪيو ويندو هو.“ اڳتي هلي قرآن شريف ايمان وارن کي حڪم ٿو ڏي ته ’بنيادي حقائق کي معلوم ڪرڻ لاءِ اوهين عالم طبعيات، انساني نفس ۽ انساني تاريخ جو گھَرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪريو؛ انهيءَ تجسّس ۽ تفحص کي جاري ۽ ساري رکو؛ ۽ انهيءَ مطالعي ۽ مشاهدي مان نتيجا اخذ ڪريو.‘ وري ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ آهي ته ’ماڻهن کي گھرجي ته دنيا جو بخوبي سير ۽ سياحت ڪن، ۽ معلوم ڪن ته ”اِيداع خلق“ ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي.‘ قرآن شريف اهو به حڪم ٿو ڏي ته خدا جي ذات متعلق جا بيسود قياس آرائي ۽ ظن پروري ڪئي وڃي ٿي، سا بند ٿيڻ گھرجي. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو انسان پنهنجيءَ جستجوءَ کي جاري رکيو. البت، گذريل ٽن سَو سالن جي زهره گداز محنت ۽ مشقت، ڪوشش ۽ ڪاوش بعد به فلسفيانه قياس آرائي سانئس جي بنيادي حقائق تي مبني نه رهي: مابعد طبعيات جي عالم ۾ جيڪي تلاش ۽ تجسس جا قديم طريقا هئا، سي ئي قابض رهيا، ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ فلسفو مرده ٿي چڪو آهي- ان جي حالت هڪ بوسيده لاش جي مثل آهي. اهو فلسفو جو سائنسي حقائقن تي مبني هجي، تنهن ته اڃا جنم ئي ڪو نه ورتو آهي!

هتي مناسب آهي ته ثبوتيت (Positivism) جو به ذڪر ڪجي. آگست ڪومت (August Comte) هڪ وڏي خدمت ڪئي آهي، جو انسان کي ياد ڏياريو اٿس ته ’پراڻي تخيل تي مبني دين خارج الوقت ٿي چڪو آهي، ۽ سائنس ان جو نعم البدل آهي.‘ جيتوڻيڪ انهيءَ چوڻ ۾ هو درست آهي، تاهم هن کان هڪ سنگين فروگذاشت ٿي آهي. صاحب موصوف هن ڳالهه تي زور ئي ڪونه ڏنو آهي ته سائنس جي مطالعي جو مقصد آهي ته ڪي حقيقتون ڳولي لهجن، جن جي بناء تي فلسفو پنهنجا نتيجا اخذ ڪري سگھي، ۽ اهي اقدار جيڪي فقط مذهبي عقيدت جي بنياد تي قبول ڪيا وڃن ٿا، تن جي لِمَ تائين پهچڻ ۾ فلسفو مدد ڪري سگھي. آخرين شارح دين (نبي صلعم) جي نظر ۾ فلسفي جو مقصد آهي ته مذهبي عقيدت جي تصديق عقل ۽ بُرهان جي ذريعي ٿئي- يعني ته دين خودبخود فلسفو بنجي پوي. پر اها نوبت اڃا ڪانه پهتي آهي؛ ڇاڪاڻ ته فلسفو، برفو جي خيال مطابق، ’رسميت‘، ’شيخيت‘ ۽ ’سيادت‘ جو غلام بنجي پيو آهي. اها به حقيقت آهي ته فلسفي رسيمت ۽ سيادت جي ڪري ڏاڍو سَٺو آهي. رسمي طرز تخيل، سرد مهريءَ ۽ قوميت پسنديءَ فسلفي جي ترقيءَ ۾ هڪ آهني ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي. فسلفو معمولي انسان جي پهچ کان پري ٿي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته فلسفي جا پيشوا، ذاتي تفريق جي بناءِ تي، ٻئي ڪنهن کي به فلسفي جي دائري ۾ داخل ٿيڻ نٿا. ڏين. وري جو فلسفي کي مرسوم، مخصوص ۽ ثقيل اصطلاحي لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهن ته ويتر مسئلن کي منجهائي وڌو آهي. زندگيءَ جا مسئلا اڳي ئي مشڪل آهن، تنهنڪري انهن کي حل ڪرڻ لاءِ سادگيءَ ۽ سلاست کان ڪم وٺڻ گهرجي.

جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته فلسفو عام مروج ٿئي ۽ عام ماڻهو پنهنجن عقيدن کي عقلي ۽ علمي صورت ڏيئي سگهن، جيڪڏهن اسان جو مقصد آهي ته تعليم عام ٿئي ۽ علمي روشني هرهنڌ پکڙي، ته هيءُ وقت آهي جو اسين فلسفي جي بنيادي مسئلن جي تشڪيل ۾ انقلاب آڻيون، ۽ انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ آسان ۽ سولا نمونا ايجاد ڪريون، جيئن اسين سائنسي تحقيقات جي بنياد تي فلسفيانه نتائج اخذ ڪري سگهون. پوءِ اها حقيقت چاهي الاهيات، فلڪيات يا طبعيات سان واسطو رکندڙ هجي، يا طبقات حياتيات، زمان و مڪان يا فوق الزمان سان.

موجوده وقت ۾ جيڪو نفاق ۽ فساد آهي، تنهن جا ٻه مکيه سبب آهن: پهريون ۽ سڀ کان اهم ترين سبب هيءُ آهي جو اسين اهو فلسفو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جو موجوده سائنسي تحقيقات تي مبني ۽ ان جي مطابق هجي؛ ٻيو ته اسان جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، تنهن سان پنهنجي ذهني ۽ عملي زندگيءَ کي همرڪاب نه رکيو اٿئون، جو اهو علم خود انهن اقدار کي جيڪي اسان فقط بطور عقيدت قبول ڪيا آهن، بخوبي ثابت ڪري سگهي. فلسفي جي تجديد ئي اهو ڪم انجام ڏيئي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان جي خواهش آهي ته اهڙي قسم جي فضا پيدا ٿئي، ته اسان کي گهرجي ته اسين باهمي تفريق، تنگ ذهنيت ۽ قومي مفادات کي ترڪ ڪري، حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون: موجوده وقت ۾ سالميت ۽ ديانتداريءَ جي ضرورت آهي. اها صداقت ۽ ايمانداري نه فقط اسان جي شخصيت کي سالميت بخشيندي، بلڪ ساريءَ انسان ذات ۽ ڪائنات کي متحد ڪري ڇڏيندي. انهيءَ ڳالهه تي شايد اوهان کي عجب لڳي ته انهيءَ سالميت ۽ صداقت (integrity) جو اتحاد (integration) سان ڪهڙو واسطو آهي: اهو اتحاد ئي دراصل فلسفي جو هڪ اهم مقصد آهي. ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي جو اسان جي آباء ۽ اجداد جي ٻوليءَ ۾ wholeness (سالميت) کي healthiness (صحت) ۽ holiness (تقدس) سان مترادف ڪيو ويو آهي! فلسفي جو مقدس مقصد اهو آهي ته افراد، بني نوع انسان ۽ ڪائنات جي هر طبقي ۾ اتحاد آڻي، منجهن ايتري تنظيم ۽ وحدت ثابت ڪري، جيئن اهي سڀيئي هڪ نظر اچن، اها ئي جوابداري اوهان فيلسوف حضرات تي عائد ٿئي ٿي.

شل الله تعاليٰ اوهان کي تيزيءَ سان انهيءَ راهه تي گامزن ڪري!

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ        [قسط پهرين]

سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ

[هي مضمون گذريل ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس (22- 23 آڪٽوبر، 1950ع، لاڙڪاڻو) ۾ پڙهيو ويو، ۽ ڪانفرنس جي ڪارروائي ”تحفہ لاڙڪاڻه“ ۾ ڇپيو هو، جنهن کي ذرا وڌيڪ وضاحت ۽ حوالن سان سوڌي سنواري، ’مهراڻ‘ ۾ اشاعت لاءِ ڏجي ٿو. مضمون نهايت وسيع آهي، ۽ ان تي هڪ مستقل ڪتاب جي ضرورت آهي؛ البته هي مضمون آئنده تحقيق جا ڪي اهم پهلو قدري روشن ڪري ٿو.

سنڌي ٻوليءَ تي تاريخي تحقيق اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به تسلي بخش پايي تي نه پهتي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ جانچ ۽ جستجو اڃا اڌوري ۽ اڻپوري آهي، ته به ججهي انداز ۾ موجود آهي. يورپي عالمن سان واٿن (Wathen)، ايسٽوِڪ (Estvick)، لِيچ (Leech)، بَرٽَن (Burton)، ٽرمپ (Trumpp)، گولڊ سمڊ (Goldsmid) ۽ گريئرسن (Grierson) سنڌي ٻوليءَ جي گرامر توڙي لغت تي مفيد معلومات مهيا ڪيا آهن. سنڌي اديبن مان خاص طور مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ آنجهاني ڀيرومل سنڌيءَ جا گرامر لکيا آهن. ازان سواءِ، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين صاحبن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي گاهي بگاهي مضمون پئي لکيا آهن. هن سلسلي ۾ ٽرمپ ۽ گريئرسن جون سنڌي گرامر ۽ لغت تي تصنيفون سڀني ۾ معياري آهن.

هن مضمون ۾ انهن اڳين فاضلن جي ڪيل تحقيق جو لب لباب پيش ڪرڻ به فائدي کان خالي نه ٿئي ها. حالانڪ اهو ڪم ڪنهن حد تائين مسٽر ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ سرانجام ڏنو آهي. مگر تحقيق جي دائري کي ذرا وسيع ڪرڻ جي خيال کان هن مضمون ۾ ڪوشش ڪري ڪي نيون حقيقتون واضع ڪيون ويون آهن، ۽ انهن جي بناءِ تي ڪي نوان نُڪتا، نوان خيال ۽ انوکا نظريا پيش ڪيا ويا آهن. مثلاً: هڪ خاص نظريو جو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو نروار ڪيو ويو آهي، اهو هيءُ ته ”سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي.“ در حقيقت انهيءَ خواهه ٻين نظرين مان هرهڪ جي پٺڀرائيءَ واسطي هڪ مفصل علمي ۽ تنقيدي بحث جي ضرورت آهي، مگر ان لاءِ هن مختصر مضمون ۾ گنجائش ناهي. اميد آهي ته محقق اديب هت پيش ڪيل نظرين ۽ ضمني دليلن کي پنهنجو پاڻ ورجائيندا، ۽ پنهنجي ذاتي تحقيق جي بناءِ تي علمي نظريا قائم ڪندا.

سهوليت جي خيال کان، هن مضمون کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) قديم دور، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده خاڪي جو اڃا نالو نشان به ڪونه هو؛ (2) بنيادي دور، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خاڪي جي تشڪيل ٿي؛ (3) تعميري دور، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري هاڻوڪيءَ لغوي ۽ ادبي منزل تي پهتي؛ ۽ (4) موجوده دور، جنهن مان سنڌي ٻولي گذري رهي آهي، ۽ پنهنجو مستقبل قائم ڪري رهي آهي ـــــ ن. ب]

1. قديم دور (600 ورهيه قبل مسيح کان

500 ورهيه بعد مسيح)

(الف) 600 ورهيه قبل مسيح: سنڌ جي اوائلي ٻولي ۽ سنسڪرت

قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ وارو زمانو آهي، جنهن کي ’سنڌ جي ٻوليءَ يا ٻولين وارو دور‘ چئي سگهجي ٿو. ان وقت سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون ضرور هيون، مگر ”سنڌي ٻولي“ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ آهي، سا اڃا ناپيد هئي. هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻوليءَ يا ٻولين تي آريائي، سامي ۽ داردي ٻولين جو اثر پيو.

سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو، ۽ اُن بعد پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو. منهنجي نظريي موجب، هي سراسر غلط آهي ته سنڌي ٻولي ڪو سنئون سڌو ’سنسڪرت‘ مان نڪتي. هن غلط فهميءَ جا ٻه ٽي ڪارڻ آهن. اول ته لسانيات جا يورپي عالم، پنهنجي ابتدائي ۽ اجنبي تربيت موجب، هن اثر هيٺ رهيا ته هندستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آهن. انهيءَ گمان سندن هندستاني زبانن جي جانچ پڙتال تي اثر وڌو. هنن هر زبان ۾ سنسڪرت جي عڪس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرت مان نڪتل لفظن جي بناءِ تي، هنن سنڌيءَ کي سنسڪرت مان نڪتل قرار ڏنو. سنڌي صرف- نحو جي نرالي ۽ ڳُوڙهي سِٽا- جا هن ٻوليءَ کي سنسڪرت خواهه ان جي پوٽين توڙي ڏهٽين کان ممتاز ڪري ٿي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ جدا اصليت ۽ مستقل حيثيت ڏئي ٿي. توڙي ٻوليءَ جون ٻيون ’انفرادي خصوصيتون‘، تن کي انهن يورپي محققن، مستثنات (exceptions) جو نالو ڏيئي، ٽرڪائي ڇڏيو. ازان سواءِ انهن محققن جيڪي دليل دلائل سنڌيءَ جي سنسڪرت سان نسلي نسبت بابت ڏنا آهن، تن مان گهڻا ظني آهن؛ باقي جيڪي علمي آهن، سي به تنقيد جا محتاج آهن، ۽ اڃا زنده تحقيق طلب آهن. ٻيو ڪارڻ، سنڌيءَ جي سنسڪرتي نسل واري نظريي جو، اسان جي هندو ڀائرن جون لکيتون آهن، جن جي اڪثريت هن خيال جي وڏي تائيد ڪئي؛ مگر انهن لکيتن جي حيثيت صرف تبليغي آهي، ۽ نه علمي ۽ حقيقي. ٽيو ڪارڻ، سنڌيءَ جي سنسڪرتي نسل جو، هڪ عام غلط فهمي آهي ته سنڌي ٻولي يا ته سنسڪرت مان نڪتي يا ته عربيءَ مان: جنهن صورت ۾ عربي زبان ٻاهران آئي، تنهن صورت ۾ سنڌي ٻولي پڪ سنسڪرت مان نڪتي هوندي؛ ۽ اڪثر مسلمان صاحبن کي وري هيءُ حسنِ ظن آهي ته سنڌي ٻولي عربيءَ مان نڪتل آهي.

هن قديم دور جي علمي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن وقت آريائي قومون اول اول هندستان ۾ داخل ٿيون، ان وقت اسان جي هاڻوڪيءَ سنڌ جو هيٺيون ڏاکڻيون حصو (لاڙ ۽ ٿر) شايد سمنڊ هيٺ آيل هو؛ سنڌو درياءَ جو دو- آبو (ڊيلٽا) به مٿي وچَ سنڌ ڌاري هو؛ اوائلي آرين جون جيڪي بيٺڪون ٿيون، سي هاڻوڪي سنڌي خطي ۾ نه بلڪ سنڌونديءَ جي مٿئين ڀاڱي ۾ پنجاب واري ڪناري جي آسپاس ٿيون، ۽ درياءَ جي انهيءَ خطي کي ئي ”سنڌو“ نالو ڏنائون. ان بعد، اهي آريائي قومون اُڀرندي طرف وڌيون. گنگا- جمنا دو آبي ۾ سندن مستقل قيام جي دور ۾ ئي سنسڪرت زبان آهستي آهستي جڙي راس ٿي. ملتان کان ڪشمير واريءَ ايراضيءَ جون اهي ئي ساڳيون اصلي ٻوليون رهيون، جي هن خطي ۾ مسلسل لڏ پلاڻ سببان پنهنجي طور تي ڦرنديون گهرنديون رهيون. انهيءَ لڏ پلاڻ مان ’ايراني- آرين‘ جي هندوستان طرف هجرت هڪ اهم واقعو هو، جنهنڪري هتي جي ٻولين تي قديم ايراني ٻوليءَ جو به اثر پيو.

سرزمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي الهندي وارن ملڪن مان آيا، ۽ انهن سنڌو درياءَ جي الهندي ڪناري واريءَ ايراضيءَ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. سندن تمدن جي انتهائي ترقيءَ ’موئن جي دڙي‘ واري تهذيب جي صورت اختيار ڪئي. موئن جي دڙي جي آثار قديم جي انڪشاف مان قطعي ثبوت ملي ٿو ته سنڌ جو هي قديم تمدن، مغربي ’دريائي تمدنن‘ يعني ته دجله ۽ فرات دريائن جي سُمير ۽ بابلي تمدن جو ساٿياري آهي(1)؛ ازان سواءِ اهو سنڌ جو قديم تمدن هڪ قسم جو ’سامي تمدن‘ آهي ۽ نه آريائي(2). انهيءَ قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا ’سامي- صفت‘(3) زبان هئي، جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبان هئي. انهيءَ ٻوليءَ جا مسخ شده نشان ’موئن جي دڙي‘ مان لڌل مهرن تي موجود آهن. غالباً بابلي زبان جا الفاظ- جهڙوڪ ’مڻ‘، ’ڪنجهو‘ ۽ ’هنجهه‘- سنڌيءَ ۾ هن اوائلي دور ۾ داخل ٿيا، ۽ ان بعد سنسڪرت ۾ رائج ٿيا.

انهيءَ دور واري سنڌ جي هن ’سامي- صفت‘ زبان جي سٻند جو امڪان هڪ طرف ايراني زبانن سان، ته ٻئي طرف ’ملتان کان ڪشمير‘ وارين ٻولين سان (جن تي خود ايراني زبانن جو اثر پيو) نظر اچي ٿو. ازان سواءِ هندستان جي اُتر- اولهه وارن پهاڙي لڪن مان به اتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان ملتان تائين رهندڙ ماڻهن سان، اصل- آريائي قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمد و رفت سببان، تعلق رهيو، جنهنڪري هن سڄي اتر- اولهه خطي تي داردي ٻولين جو پڻ اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري، ملتاني ۽ سنڌي ٻولين جو رنگ ڍنگ ٻين هندي- آريائي ٻولين کان نرالو ٿيو، ۽ انهن ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي. ڌيان طلب نُڪتو هي آهي ته هن قديم دور ۾، جنهن وقت گنگا- جمنا دوآبي جي اردگرد سنسڪرت پنهنجون ابتدائي ۽ آخري منزلون طي ڪري رهي هئي، ۽ اتي جون پراڪرت زبانون ان جي زير اثر وڌي ويجهي رهيون هيون، ان وقت ’ڪشمير کان سنڌ‘ واري خطي جي لساني نوعيت جداگانه هئي. اهو خطو پهريائين ’هند- ايراني‘ ۽ پوءِ ’هند- آريائي‘ ۽ ’داردي‘ زبانن جو آماجگاهه رهيو.

سنسڪرت پنهنجي ڪلاسيڪي (پراڻن واري) قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي، ۽ ان جي زير اثر عوام جون ٻوليون پنهنجو اوائلي پراڪرتي دور ختم ڪرڻ واريون هيون. سنڌ ۾ انهيءَ ڪلاسيڪي سنسڪرت، توڙي اوائلي پراڪرت، جي اثر جي نه پهچ هئي ۽ نه گنجائش؛ ڇو ته انهيءَ ساڳئي وقت سنڌ جي موئن جي دڙي واري دريائي تمدن جي ’سامي- صفت‘ زبان سنڌ ۾ رائج هئي. ان بعد سنڌ تي تقريباً 600 ورهيه قبل مسيح تائين جيڪو اثر پوندو رهيو، سو ڪشمير- ملتان واري خطي مان داردي ٻولين جو، ۽ نه سنسڪرت جو. انهيءَ ڪري ئي، بنيادي طور، سنڌي ٻولي داردي ٻولين سان قريب تر رهي(1). داردي ٻولين ۾ ٻن حرف علتن جي وچ ۾ ايندڙ ’ت‘ مٽجي نٿي؛ اها ’داردي‘ خصوصيت اڃا تائين ”سنڌو ماٿر وارين ٻولين“ [سنڌي، لهندا، پنجابي (لهندا جي اثر هيٺ) ۽ ڪوهستاني] ۾ موجود آهي. انهن ٻولين ۾ ’پِيتو‘، ’لاتو‘، ’ڪيتا‘، ’سِيتا‘ وغيره مروج آهن، حالانڪ ٻين هند- آريائي ٻولين ۾ اهي الفاظ ’پيا‘، ’لايا‘، ’کِيا، ’سِيا‘ بنجي چڪا آهن(1). سنڌ کان ڪشمير تائين ’سنڌو- ماٿر وارين ٻولين‘ ۾ ’اسين‘، ’اسان‘، ’اسي‘، وغيره مشترڪ الفاظ ”اَسمي“ مان نڪتل آهن، ۽ نه سنسڪرت ”ويوئم“ مان (جنهن سان انگريزي لفظ ’We‘ به لاڳاپيل آهي). اهو لفظ، ’اَسمي‘، سنسڪرت کان اڳ يا سنسڪرت واري زماني جي پراڪرت جو آهي، جنهن کي جيڪڏهن ’پروٽو- پراڪرت‘ (Proto- Prakrit) چئجي ته مناسب ٿيندو. بهرحال، اهڙا الفاظ ’سنڌو- ماٿر وارين ٻولين‘ جي مشترڪ مگر سنسڪرت کان جداگانه سرچشمي جو پتو ڏين ٿا.

(ب) 600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح:

سنڌ جي ٻولي ۽ پالي پراڪرت

آڳاٽي قديم دور بعد، اسين پوئين قديم دور (600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح) تي اچون ٿا. هي هند جي پراڪرت ٻولين جو ٻيو دور آهي. سنڌ جي ٻوليءَ تي جنهن پراڪرت جي اثر جو امڪان نظر اچي ٿو، سا ’پالي‘ زبان هئي، جنهن جو اثرائتو دور هندستان ۾ تقريباً 600 ورهيه قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو. لڳ ڀڳ انهيءَ زماني بعد ئي سنڌ تي ٻاهران هندستان جي مذهبي خواهه سياسي اثرات جي شروعات ٿئي ٿي؛ ٻڌ ڌرم جو پرچار، توڙي جين (چندرگپت) ۽ ٻڌ حاڪمن (اشوڪ ۽ ڪنشڪ) جو سياسي اقتدار، مختلف وقتن ۾ ٿوري يا گهڻي عرصي لاءِ، ان بعد شروع ٿيو؛ تنهنڪري پالي ۽ ٻين ’ٻئي دور وارين‘ پراڪرت زبانن جو اثر سنڌ جي ٻوليءَ تي ممڪن نظر اچي ٿو. مگر، پراڪرت ٻولين ۽ خاص طرح پالي زبان جو اثر ڪيتري قدر سنڌ جي ٻوليءَ تي پيو هوندو، انهيءَ لاءِ تاريخ ڏانهن نظر ڪرڻ گهرجي.

پالي زبان جو عروج تقريباً (600 ورهيه قبل مسيح) مهاتما ٻڌ جي زماني سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ زماني ۾، توڙي ان کان گهڻو پوءِ اَشوڪَ جي حڪمرانيءَ (تقريباً 250 ورهيه قبل مسيح) سوڌو، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي پرچار جو تاريخي ثبوت ڪونه ٿو ملي. اَشوڪ جي مذهبي پرچار جي ڪابه لکيت سنڌ ۾ موجود ڪانهي. سنڌ جي ويجهي ۾ ويجهو اَشوڪ جون لکيتون شايد شهباز ڳڙهي ۽ مانسهره وارريون آهن، جيڪي پالي ٻوليءَ جي مقامي محاوري (dialect) ۾ اُڪريل آهن. ڪَند ٿيل محاوري مان سمجهجي ٿو ته اشوڪ جي ڏينهن ۾ خود پالي پراڪرت اتر- اولهه هندستان جي مقامي محاورن جي قالب ۾ بند ٿي چڪي هئي. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو اثرائتو پرچار ان کان چار سؤ ورهيه پوءِ، ٻي صدي عيسويءَ ۾، ڪوشان گهراڻي جي دور ۾ شروع ٿيو.

عيسوي سن 50 ڌاري، ڪوشان شاهه ’ڪَنشڪ‘ جي ڏينهن ۾، اشوڪ جي خالص ٻُڌ مَتي ’هِنايَن‘ تي ’مَهاين‘ پنٿ غالب پيو، جنهن موجب ظاهري ڪرياڪرم ۽ پاٺ پوڄائن زور ورتو. مهاتما ٻُڌ جي ذاتي  وسلن  ۽  ٽَڳن،  توڙي  سندس

’سئي وهار‘ (بهاولپور) مان لڌل

’بُختي پالي‘ محاوري ۾ ڪنشڪ جي ڏينهن جو ڪتبو

(محڪمہ آثار قديمہ پاڪستان جي شڪريي سان)

آستانن ۽ تَڪين تي پُوڄا واسطي ٺُل ۽ دقَل (Stupa)، منارا ۽ مندر بنيا. اهي ٺُل ۽ دقل مهاين پنٿ جا نروار نشان هئا. سنڌ ۾ ٻُڌڪا ٽَڪر، مير رُڪن جو ٺُل، ڏيپر گهانگهري جو ٺُل، ڪاهُوءَ جي دڙي ۽ موئن جي دڙي جا ٻُڌڪا مندر، انهيءَ مهاين پنٿ جا پڪا ثبوت آهن. سنڌ جي مهاين پنٿ جو پرچار شايد ڪنشڪ جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو هجي؛ مگر گمان غالب آهي ته هن پنٿَ سنڌ ۾ ڪنشڪ جي ٽين پيڙهيءَ جي حاڪم واسو ديو جي ڏينهن ۾ اٽڪل ٻيءَ صديءَ ڌاري زور ورتو(1). واسو ديو جا جيڪي سِڪا ’موئن جي دڙي‘ جي مٿئين سطح واري ٻُڌ کنڊرات مان لڌا آهن، تن موجب سنڌ ۾ ڪوشاني سياسي اقتدار (جنهن تي مذهبي پرچار جو گهڻو دارومدار رهيو) جو زمانو ’ٻي صدي عيسوي‘ قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

جيڪڏهين مهاين پنٿ جو پرچار پالي پراڪرت ۾ تسليم ڪجي، ته چئي سگهجي ٿو ته پالي پراڪرت جو اثر سنڌ جي ٻوليءَ تي اٽڪل ٻي صدي عيسويءَ کان شروع ٿيو. مگر سوال آهي ته جنهن پالي محاوري ۾ اهو پرچار ٿيو، ان جي لساني ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ اسان مٿي بيان ڪيو آهي ته اشوڪ جي شهباز ڳڙهي- مانسهره واريءَ لکيت مان معلوم ٿئي ٿو ته 250 ورهيه قبل مسيح ڌاري پالي پراڪڪرت مقامي محاورن جي قالب ۾ تبديل ٿي هئي. ان کان چار سؤ ورهيه پوءِ ته انهن پالي محاورن ۾ ويتر وڌيڪ تبديل آئي هوندي. گويا، جڏهن پالي ٻولي خود پنهنجي آخري پراڪرتي دور مان لنگهي رهي هئي ۽ ان جا محاورا (dialects) مڪاني ٻولين سان خلط ملط ٿي پنهنجي اصليت وڃائي رهيا هئا، ان وقت جي ڪنهن ’مخلوط پالي محاوري‘(1) ۾ مهاين پنٿ جو پرچار سنڌ ۾ ٿيو. هن قياس جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته سنسڪرت جو اثر جيڪو هن پاليءَ محاوري جي واسطي سان سنڌي ٻوليءَ تي پيو هوندو، سو اڪثر ’دخيل لفظن‘ جي صورت ۾؛ ڇو ته پاليءَ جو مخلوط پراڪرتي محاورو صرف- نحو جي لحاظ سان بذات خود سنسڪرت کان گهڻو پري هٽي چڪو هوندو. البت سنسڪرت مان مشتق (derived) الفاظ جنهن به صورت ۾ سنڌ جي ٻوليءَ ۾ جذب ٿيا، سي سرزمين سنڌ ۾ ساڳيءَ صورت ۾ باقي رهيا، ۽ اڄ تائين باقي آهن. جيئن ته مهاين پنٿ سنڌ ۾ ٻي صدي عيسويءَ کان وٺي ستين صديءَ جي آخر تائين جاري ساري رهيو، انهيءَ ڪري سمجهجي ٿو ته هن عرصي ۾ ئي سنڌ جي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان مشتق لفظن جو وڏو ذخيرو مليو.

پالي پراڪرت جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي خاص طرح مذهبي پرچار رستي پيو؛ ڇو ته ڪوشان گهراڻي جو سياسي اقتدار سنڌ تي ڪو ٿوروئي وقت رهيو. سياسي اقتدار ذريعي حڪمرانن جي ٻوليءَ جو رعايا جي ٻوليءَ تي گهڻو ڪجهه اثر پوي ٿو. مگر هن ساڳئي دور جي سياسي تاريخ ڏيکاري ٿي ته پاليءَ کان وڌيڪ ايراني، يوناني، ترڪي ۽ داردي ڳالهائيندڙ قومن جو سنڌ تي سياسي غلبو رهيو. هيٺ انهن ٻولين جو عرصيوار خاڪو ڏجي ٿو، جن جي ڳالهائيندڙن جو سنڌ تي سياسي غلبو رهيو.

ٻولين جو عرصيوار خاڪو

آڳاٽي ايراني ٻوليءَ جو اثر

520- 515 قبل مسيح، فتح دارا اول

5- صدي ق. م

4- صدي ق. م

يوناني ٻوليءَ جو اثر

325- 326 قبل مسيح، فتح سڪندر

3- صدي ق. م

2. صدي ق. م

195- 150 قبل مسيح، بلخ جي يوناني حاڪمن جي فتح

ترڪي ۽ داردي ٻولين جو اثر

150- 120 قبل مسيح، ساڪا ۽ سٿين جون ڪاهون

1- صدي ق. م

پالي پراڪرت جو اثر

40- 50 مسيحي، ڪوشان شاهه ڪنشڪ

ترڪي ۽ داردي جو اثر

120/160- 200 م، پارٿين جون ڪاهون

20- صدي م. ق

پوئين ايراني ٻوليءَ جو اثر

ساساني تسلط

3- صدي م

4- صدي م. هياطلہ

ترڪي ۽ ايرانيءَ جو اثر

470- 480 م، سفيد هَن

5- صدي م.

531 م، خسرو نوشيروان

ملڪي ٻوليون

6- صدي م.، راءِ گهراڻو

7- صدي م.، برهمڻ گهراڻو

مٿئين تاريخي خاڪي جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته پاليءَ کان سواءِ هن عرصي ۾ ايراني، يوناني، ترڪي ۽ داردي ٻولين به سنڌ جي ٻوليءَ تي پنهنجو اثر وڌو هوندو، ۽ ان جي سِٽا ۽ ساخت ۾ تبديل آندي هوندي.

هاڻي سوال آهي ته هن سڄي قديم دور جي تاريخي ۽ لساني ماحول جو سنڌي ٻوليءَ تي ڪهڙو ۽ ڪيتريقدر اثر پيو؟


(1) جان مارشل: محڪمهء آثار قديمه هند، ساليانه رپورٽ، 27- 1926ع.

(2) ”غير آريائي تمدن“ (A Non-Aryan civilization)- ڏسو اسٽار رچرڊ جو ڪتاب Indus Valley Pottery ڇپيل پرنسٽن يونيورسٽي، پرنسٽن، آمريڪا، 1941ع.

(3)  سرياني، عبراني، حبشي ۽ عربيءَ کي علم لغات جي اصطلاح ۾ ’سامي زبانون‘ سڏيو ويو آهي. ’سامي- صفت‘ يعني انهن ٻولين جهڙي.

(1) “Sindhi, on the contrary, claims a much more clear relationship to the Dardic languages (which influenced it from northern side) being protected from the East by the desert of Western Rajisthan.” (Grierson: Linguistic Survey of India, Vol. VIII, P.1)

)1( Grierson: Linguistic Surrvey of India, Vol. I, Part I, P. 141.

(1) واسو ديو جي حڪمرانيءَ جو عرصو مبهم آهي: ڪن سندس حڪمرانيءَ جو دور پهرين صدي عيسوي ڄاڻايو آهي، ته ڪن وري ڏيڍ سؤ سالن کن پوءِ.

(1) بهاولپور کان 16 ميل ڏکڻ- اولهه طرف ٻڌ جي قديم مندر ”سُئي وِهار“ مان هٿ آيل ٿالهيءَ تي عبارت ’پالي جي بُختي محاوري‘ (Bacterian Pali) ۾ لکيل آهي، حالانڪ ڪنشڪ جي ڏينهن جي آهي (ڏسو ”بهاولپور رياست جو گزيٽيئر“، جلد XXXVI-A، پنجاب گزيٽيئر سلسلو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com