سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :17

اوهان انهن شعرن کي درج ڪيو آهي، جي ”المت بالتحية ام بڪر“ سان شروع ٿين ٿا، ۽ انهن جي چوندڙ تي لعنت ٿا موڪليو؛ مگر اوهان کي ڪير اهڙن خيالن وارو سمجھي ٿو؟ مون ته حاشا وڪلا ڪڏهن به اوهان جي متعلق اهڙو خيال نه ڪيو آهي، چنانچه اوهان کي اهڙن ڪفر ۽ الحاد جي شعرن بيان ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هئي.

خط جي آخر ۾ اوهان گوشت نه کائڻ جو هڪ ٻيو سبب به بيان ڪيو آهي ته اوهان جي سالياني آمدني ويهن دينارن کان ڪجھ زياده آهي، جنهن جو وڏو حصو اوهان جو نوڪر کڻي ٿو ۽ بقي اوهان لاءِ ٿورا پيسا بچن ٿا....۽ اهي لذيذ کاڌن تي ڪهڙيءَ طرح پورا ٿي سگھن ٿا. آءٌ هن سلسلي ۾ ”تاج الامراء“ کي لکي رهيو آهيان ته هو معقول انتظام ڪري، جيئن اوهان کي باقاعدي وظيفو ملندو رهي، ۽ اوهين ان تڪليف مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھو.

جيڪڏهن اوهين جواب ڏيو، ته پوءِ هن ڳالهه جو ضرور لحاظ رکجو ته مون کي مسجع ۽ مقفيٰ عبارت سان ڪابه دلچسپي نه آهي؛ منهنجو مقصد ته خيالات آهن، ۽ نه عبارت آرائي.                                               ـــ والسلام

جواب، از معري

جناب عالي مون کي ته پهريائين پنهنجي ڪم مايگيءَ ۽ لاچاريءَ جو اعتراف آهي. آءٌ هاڻي به دست بدعا آهيان ته الله تعاليٰ پنهنجيءَ رحمت سان مون کي نوازي. مون کي پنهنجي بي مايگيءَ جي باوجود اوهان جي استعداد ۽ قابليت جو پورو يقين آهي. آءٌ ته هڪ بيزبان جانور جي برابر آهيان، ۽ حيرت آهي ته اوهان جھڙا فاضل مون جھڙي گمراهه کان هدايت ڪيئن ٿا طلب ڪن! چند، جو رات- ڏينهن پنهنجي خالق جي اطاعت ۾ مصروف آهي، سو ڪنهن چوپائي کان مدد وٺي ٿو ڇا؟ هرگز نه. ويچاري چوپائي کي ڪهڙي مجال، جيڪو ڪنهن نديءَ يا نهر تي پاڻي پيئڻ وڃي ته فوراً ڪو شڪاري ان کي تير هڻي ختم ڪري ڇڏي! اوهان منهنجي ”حائيہ“ قصيدي جي ڪن شعرن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن شعرن ٻڌائڻ مان منهنجو مقصد فقط اهو هو ته آءٌ ڪيتريقدر متدين آهيان، ۽ آية ”من يهدالله......الخ“ بابت ڪهڙي راءِ رکان ٿو. ان قصيدي جو پهريون شعر هي آهي:

غَدوَتَ مريض العقل و الدين فالقني،

لتـــعليــم  اذبـــاء  الامــور  الصـحائح؛

۽ پوءِ شعر آهي:

فلا تا کلن ما اخرج المـاء ظالماّ،

ولا تبغ قوتاّ من غريض الذبائح.

(پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ شين کي ظلم ڪري نه کاءُ، ۽ حلال جانور جي تازي گوشت کي پنهنجي قُوت نه بناءِ.)

ڪهڙو ماڻهو انڪار ٿو ڪري سگھي ته پاڻيءَ وارا جانور سندن مرضيءَ جي خلاف پاڻيءَ مان ڪڍيا ٿا وڃن؟ جيڪڏهن بصيرت کان ڪم ورتو وڃي، ته حلال گوشت کي ترڪ ڪرڻ بُري چيز نه آهي. ڪن مذهبي ماڻهن هر زماني ۾ اهڙيون شيون ترڪ ڪيون آهن، جي حلال هيون.

و ابيض  امات  ارادت  ضريحه،

لاطفالها دون  الغواني الصرائح.

(۽ جانورن جو کير نه پيءُ، ڇاڪاڻ ته اهو سندن ٻچڙن لاءِ آهي، نه نازڪ اندام عورتن لاءِ.)

هتي ”ابيض“ جي معنيٰ ’کير‘ آهي. ظاهر آهي ته ٻڪريءَ جي ڦَر کي ذبح ڪرڻ ڪري ٻڪري ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون بيتاب رهي ٿي. ماڻهو نه صرف ان جو گوشت کائين ٿا، بلڪ ان جو کير به پاڻ لاءِ مخصوص ٿا بنائين، جو قدرت سندس ڦَر لاءِ خوراڪ بنائي آهي. جيڪڏهن ٻچي کي ذبح نه ڪيو وڃي، ۽ کير کان به پرهيز ڪئي وڃي، ته ڪهڙو گناهه آهي؟

جو شخص ائين ڪري ٿو، سو ائين نٿو چوي ته کير ۽ گوشت حرام آهن- هو ته ڦر تي ترس ٿو کائي، ۽ ائين ڪرڻ سان الله تعاليٰ جي مغفرت جو خواهان رهي ٿو. جيڪڏهن هي صحيح آهي ته الله پنهنجن نعمتن کي سڄيءَ مخلوقات ۾ برابريءَ سان ورهائي ٿو، ته پوءِ هنن بيزبان جانورن جو ڪهڙو قصور آهي جو هو خدا جي مهربانيءَ کان محروم رهن!

فلا تفجعنّ الطير  وهي غوافل،

بما وضــعت فالظلم شرّ القبائح.

(پکين کي ان وقت نه ستايو، جڏهن هو پنهنجن آنن ۾ مست هجن؛ ڇاڪاڻ جو ظلم تمام بري چيز آهي.)

نبيّ ڪريم رات جو شڪار ڪرڻ جي منع فرمائي آهي. هيءَ سندن حديث آهي: ”اقرو الطير في وکناتها“ قرآن شريف ۾ به ارشاد آهي ته ”اي ايمان وارؤ، احرام جي حالت ۾ جانورن کي نه ماريو؛ جيڪڏهن توهان مان ڪوبه ارادتاّ ماريندو، ته جانور جو اوترو ڪفارو ڏيڻو پوندس.“

معمولي فهم فراست وارو به هن ڳالهه کي سمجھي سگھي ٿو ته هو بلڪل حق بجانب آهي، جڏهن هو هر هنڌ جانور کي- توڙي کڻي اهو حلال هجي- مارڻ کان گريز ڪري، ۽ سمجھي ته ان ڪري خدا جي خوشنودي حاصل ٿيندي.

ودع ضربَ لانحل الذي بکرت لہ،

کواسب  من  ازهار  نبت  فوائح.

(۽ ماکي ڇڏي ڏي؛ ڇاڪاڻ جو ماکيءَ جون مکيون ان کي صبح سويل گڏ ڪنديون آهن.)

جڏهن مکيون شهد جي حفاظت ۾ جان ڏين ٿيون، ته پوءِ ان کان انسان جي احتراز ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هو مکين کي به حلال جانور جي برابر سمجھي ٿو (۽ سندن گڏ ڪيل ماکي هٿ ڪري ٿو)، جنهن کي عورتون تر وتازه ٿيڻ لاءِ کائين ٿيون. هن خيال جو ذڪر ڪيترن ئي شاعرن ڪيو آهي. ’ابو ذؤيب الهذلي‘ ماکي گڏ ڪرڻ جي باري ۾ چوي ٿو ته:

اذا لَسعتۡہ النحل لم يرج لسعها،

و خالفها  في بيت نوب  عوامل.

(جيڪڏهن ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي، ته به پرواهه نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو هوءَ ماناري جي طرف وڌندي وڃي ٿي.)

مشهور آهي ته حضرت علي (ڪرم الله وجہ) وٽ سَتُن جو هڪ ٿيهلو هوندو هو، جنهن کي هو مهر لڳائيندو هئا؛ مگر جڏهن روزو رکندا هئا، ته اُن کي مهر نه لڳائيندا هئا؛ اَنّ گھڻي هوندي به  ٿوري مقدار تي زندگي بسر ڪندا هئا، ۽ سڀ اَنّ خيرات ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ ٻئي عالم متعلق روايت آهي ته هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ”مون سڄي سال  ۾ پنجاهه هزار دينارن جو اَن گڏ ڪيو، ۽ خيرات ڪري ڇڏيم.“ انهن مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته انبياء ڪرام ۽ علماء عظام پاڻ ٿورو استعمال ڪندا هئا، ۽ گھڻو حاجتمندن کي ڏيندا هئا.

جناب جن هيئن به فرمايو آهي ته گوشت ترڪ ڪرڻ وارو قابل ملامت آهي. جيڪڏهن بغرض محال هيءَ ڳالهه مڃي وڃي، ته پوءِ هر شخص کي فرضي نماز کان سواءِ ٻي ڪابه نماز نه پڙهڻ گھرجي؛ ڇاڪاڻ جو اها هڪ جائي تڪليف آهي، ۽ خدا تعاليٰ تڪليف کي پسند نٿو ڪري. هيءُ چوڻ به بيجا نه ٿيندو ته امير ماڻهو مقرر زڪوات کان سواءِ ٻي ڪابه رقم خرچ نه ڪن- حالانڪ قرآن مجيد ۾ بار بار خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويئي آهي.

هيءُ هڪ جواب آهي، جو آءٌ ڏيئي ٿو سگھان؛ ۽ آءٌ جيڪڏهن پنهنجي سر اوهان جي سامهون هجان، ته به هن کان زياده ڪجھ نٿو چئي سگھان. منهنجون قوتون ته مضمحل ٿي چڪيون آهن، هٿن پيرن جواب ڏيئي ڇڏيو آهي- ايتريقدر جو آءٌ نماز واسطي به اُٿي نٿو سگھان، اها به ويٺي ئي ادا ٿو ڪريان- خدا رحم ڪري ڪاش، آءٌ ڪنهن لَڪڻ يا لٺ جي سهاري گھمي ڦري سگھان! [معريءَ پنهنجي ناتوانيءَ متعلق ڪيترا عربي شعر بيان ڪيا آهن.] منهنجو ته حال هي آهي جو هڪ دفعو سمهان، ته ڪنهن جي مدد کان سواءِ نٿو اُٿي سگھان؛ ۽ جڏهن ڪنهن به شخص جي مدد سان اُٿان ٿو ته هڏا، جن جي مٿان گوشت نالي طور به نه آهي، سي وڄن ٿا!

اوهان ’متبيءَ‘ جو شعر شهادت طور بيان ڪيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جو شخص مون جھڙي ڪم مايه ۽ بيوس انسان کان هدايت ٿو چاهي، اهو گويا ٻٻر کان ٻير گھُري رهيو آهي. جو ڪجھ اوهان کي مون واسطي حسن ظن آهي، اهو محض اوهان جي نيڪ نيتيءَ ۽ شرافت جو دليل آهي؛ ورنه ”من آنم کہ مي دانم“.

اوهان منهنجي روزگار وڌائڻ متعلق جو ڪجھ لکيو آهي سو پڻ اوهان جي نيڪ نفسيءَ جي علامت آهي. نه مون کي ڪنهن اضافي جي ضرورت آهي، نه سُٺن کاڌن کائڻ جي رغبت؛ بلڪ انهن کان گريز ڪرڻ منهنجي طبع ثاني بنجي ويئي آهي. پنجيتاليهن سالن کان مون گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو؛ ۽ هاڻي جھُور پوڙو اچي ٿيو آهيان، ان عادت کي ڇڏي نٿو سگھان. مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته ’تاج الامراء‘ بي نظير شخصيت جو مالڪ آهي. جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجيءَ قدرت سان حلب جي قلعي کي ۽ شام جي سڀني پهاڙن کي سون جو بنائي ۽ ’تاج الامراء‘ ان سون کي اهلبيت جي مدد ۾ صرف ڪري ۽ مون کي ڪجھ به نه ڏئي، ته به آءٌ خوش رهندس. مون کي ته هڪ قسم جو شرم محسوس ٿو ٿئي ته ’تاج الامراء‘ هيتري عرصي کان پوءِ مون کي اهل هوَس تصور ڪري! واه جي ڳالهه ٿئي، جو روز حشر ۾ سواءِ گوشت ترڪ ڪرڻ جي مون کان ٻي ڪابه پڇا نه ٿئي! [هتي ابوالعلاء مسجع عبارت متعلق معافي ٿو گھري، ڪيتريون ڳالهيون پيش ٿو ڪري، کيس خوب دعائون ٿو ڪري، ۽ ’ثعلبه بن صغير‘ جو هيٺيون شعر پيش ٿو ڪري:

ولربّ قومِ ظالمين ذوي شذي،

تغلي  صدورهم  بــهتر  هــاتر،

لد ظار تهم  علي  ماساءَ  هم،

وخسات  باطلهم  بحقِ  ظاهـر.

(ڪيترائي بدڪردار شخص هئا، جن جا سِينا ڪَوڙين ڳالهين سان اُڀري رهيا هئا؛ مون انهن جي غلط ڳالهين کي سچين ڳالهين سان دٻائي ڇڏيو.)

اوهان جھڙا عالم ۽ فاضل جيڪڏهن ارسطو سان مناظرو ڪن، ته هوند اهو به پريشان ٿي وڃي؛ ۽ جيڪڏهن افلاطون سان بحت ڪريو، ته يقيناً اهو به اوهان وٽ شڪست قبول ڪري. الله تعاليٰ شال پنهنجي شريعت کي اوهان جي بدولت تازو رکي، ۽ دين اسلام اوهان جي دليلن سان ترقيءَ تي پهچي- وحسبي الله ونعم الوڪيل.

(3)

خط پنجون: از داعي الدعاة

مون اوهان کان پوشيدو رهي اوهان سان خط وڪتابن ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن اوهان جا جواب به وڏن وڏن خطابن- مثلاً ’سيدنا‘ ۽ ’لرئيس‘، وغيره- کان خالي هجن. اسان جي خط وڪتابت جو دنياوي جاه و حشم سان ڪو به تعلق نه آهي. حقيقت ۾ آءٌ اوهان جي زهد ۽ تقوا سبب خيال ڪري رهيو هوس ته اوهان وٽان ان زهد جي دلائل ۽ اسباب ۾ ضرور ڪا نه ڪا چيز هٿ لڳندي؛ مگر افسوس جو حالات بدلجي ويا آهن....خبر نه آهي ته توهان اهو ڪيئن معلوم ڪري ورتو ته آءٌ ڪير آهيان، جو مون کي ’سيدنا‘ ۽ الرئيس‘ سان خطاب ڪرڻ شروع ڪيو اٿوَ! آءٌ ته ديني خواهه دنيوي اصول تي اوهان تي فائق نه آهيان. هن نئين تعلق مان منهنجو مقصد هو ڪجھ پرائڻ- جيڪڏهن مراد حاصل ٿئي ها، ته آءٌ شڪر گذار رهان ها.

واضع هجي ته آءٌ پنهنجي وطن کان دور دراز سفرن تي ويو آهيان. مصر تائين به سير ڪيو اٿم. مون اهل دنيا کي ٻن گروهن ۾ ڏٺو آهي: هڪ گروه پنهنجي مذهب جوايتريقدر دلدادو آهي، جو جيڪڏهن ان گروهه جا مقدس ڪتاب هيئن چون ته هاٿي اُڏامي رهيو هو، يا اُٺ آنا لاٿا، ته هو ’آمنا صدقنا‘ چئي ڏيندا- بلڪ پنهنجن مخالفن تي لعنت وجھندا ڀلا، اهڙن ماڻهن مان ڪهڙو فائدو؟ هنن کي ڪير سمجھائي ته جيستائين عقل رهبري نه ڪري، تيستائين شريعت تي ڪيئن هلي سگھبو؛ ۽ پڻ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو ابتدا عقل سان ڪئي وڃي، ۽ پوءِ عقل کان ئي گريز ڪيو وڃي!

جڏهن قسمت مون کي شام جي سر زمين ۾ آندو، تڏهن مون اتي اوهان جي علم وفضل جي شهرت ٻڌي، ۽ سڀني ماڻهن کي ان باري ۾ متفق ڏٺم؛ ليڪن اوهان جي مذهبي خيالات متعلق ماڻهن ۾ اختلاف ڏٺم، هر شخص اوهان جي عقائد متعلق پنهنجي پنهنجي جدا گانه راءِ پئي رکي. اتفاق سان، منهنجو گذر هڪ اهڙيءَ محفل مان ٿيو، جتي اوهان جو ذڪر خير هو. اتي آيل ماڻهو به هر قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. مون اوهان جي طرفداري ڪئي، ۽ چيو ته اهڙو زاهد سڀني شڪن کان بالا تر آهي. مون کي ته ڪامل يقين هو ته اوهان وٽ ڪي اسرار لُدني هوندا، جن کي اوهين عوام کان لڪائڻ ٿا چاهيو؛ ڪي اهڙيون به ڳالهيون آهن، جيڪي اوهان کي جھڪ جھڪ ۽ بڪ بڪ ڪرڻ کان بالاتر ٿيون بنائين. چنانچه جڏهن مون اوهان جو شعر ٻڌو-

غدوتَ مريـض والدين فالقني،

لتعلم انباء الامــور الصحائح،

ته منهنجي يقين جي انتها نه رهي. منهنجو خيال هو ته جنهن شخص جي هيءَ دعوا آهي ته اهو ماڻهو هر شخص کي- توڙي هو ڪيترو به فاضل هجي- قائل بنائي سگھي ٿو، ته پوءِ ڇو نه ’موسيٰ‘ وانگر اوهان جي ’طور‘ تي پهچي ڏسجي: هن تي ڪا تجلي هجي، ۽ آءٌ فخر ڪري سگھان ته مون کي هڪ اهڙي چيز هٿ لڳي آهي، جنهن کان ٻيا غافل آهن، ۽ جنهن جي متعلق چميگوئيون ڪرڻ جھل آهي! چنانچه ابتدا هڪ ننڍيءَ چيز سان ڪئي ويئي، ته جيئن آهستي آهستي اڳتي وڌجي؛ مگر اوهان ته هي جواب ڏنو ته اوهين منهنجي رهنمائي ڪري ئي نٿا سگھو! مون اوهان جي هن جواب کي اوهان جي نيڪ نيتي سمجھيو، ڇاڪاڻ جو وڏا ماڻهو پنهنجي وات سان پاڻ کي ’ميان مٺو‘ نه سڏيندا آهن.

بالآخر، اوهان جي ڳالهين سمجھڻ کان پوءِ، آءٌ هڪ نتيجي تي پهتو آهيان ته سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن منزل تي حيران ۽ پريشان آهن: ڪي چون ٿا ته نيڪ ۽ بد جو خالق خدا آهي؛ ان تي هڪ ٻيو اعتراض ٿو ڪري، ۽ پڇي ٿو ته آيا سفر جون مصيبتون ۽ اهي سڀ ڳالهيون جن کان نبي ڪريم پناهه گھري آهي، اهي نيڪ آهن يا بد- جيڪڏهن اهي نيڪ آهن، ته دعا ڪرڻ ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي؛ ۽ جيڪڏهن بد آهن مگر خدا جي مشيت مطابق آهن. ته پوءِ دعا ته اوتري بلڪ ان کان زياده بيسود آهي! اهڙي قسم جا ٻيا سوال آهن. مثلاً، امام حسن کي زهر ملڻ، يا امام حسين جو جام شهادت پيئڻ: جيڪڏهن هنن ٻنهي بزرگ امامن جو شهيد ٿيڻ چڱو هو، ته پوءِ قاتلن تي لعنت وجھڻ جو ڪو به سبب ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ ۽ جيڪڏهن هنن جو شهيد ٿيڻ خراب ڳالهه هئي، مگر مشيت ايزديءَ مطابق ائين هو، ته پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري ته قاتل بيگناهه آهن. جيڪڏهن ڪو چوي ٿوته نيڪ ڪم الله کان ٿين ٿا ۽ برا ڪم ڪنهن ٻئي کان، ته پوءِ ان جو جواب به خاموشي آهي. ان سان گڏ، اوهان ڪي ٻيون ڳالهيون ۽ ڪي ڪفر اميز شعر نقل ڪيا آهن؛ مگر مون کي ته اهڙن ماڻهن سان ڪو به واسطو ڪونه آهي. جڏهن هنن ماڻهن جي بحث مباحثي مان مون کي تسلي نه ٿي، تڏهن ته مون اوهان کان هيءَ ڳالهه پڇي هئي! منهنجين نظرن ۾ هنن جا قول ڪا به اهميت نٿا رکن- فقط اوهان جو عِند يوئي مطمح نظر هو، مگر افسوس جو اوهان ڪجھ به کُليءَ طرح نه ٻڌايو! مون اوهان کان گوشت ڇڏڻ جو سبب دريافت ڪيو هو؛ اوهان فرمايو ته ان مان جانورن کي ايذاءِ پهچي ٿو، جو اوهان کي ناپسند آهي. مون ان جي ترديد ڪئي، ۽ چيو ته خدا ڪن جانورن کي ٻين جانورن جي مٿان مسلط ڪيو آهي، چنانچه اوهان کي خدا کان زياده مهربان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. بعد ازآن اوهان ڳالهه بدلي ڇڏي، ۽ گوشت نه کائڻ جو عذر پنهنجي مفلسي ۽ تنگدستي ٻڌايو. جڏهن اوهان جي وظيفي جو گھڻو حصو نوڪر جي پگھار ۾ صرف ٿئي ٿو، تڏهن ان جي تلافيءَ لاءِ مون اوهان کي هڪ تدبير ٻڌائي ته آءٌ هڪ اهڙي شخص کي اوهان جي متعلق لکندس، جو ڪڏهن به احسان ڪري ان کي زبان تي نه آڻيندو آهي. اميد هئي ته ان جي وظيفي سان اوهان جو معاشي مسئلو ڪنهن حد تائين حل ٿي وڃي ها. مگر، افسوس جو اوهان ته ان کي به پنهنجي خط ۾ نامنظور ڪري ڇڏيو!

اوهان هي به لکيو آهي ته آءٌ اهڙي شخص جي مدد جو طالب آهيان، جو خود به حيران آهي. اهو شعر جنهن سان مون پنهنجي خط وڪتابت شروع ڪئي آهي، سو صرف اوهان جي مذهبي جوش وخروش جو مظهر آهي. باقي رهيو سوال ته ”ومن يهدالله....الخ“ جي معنيٰ ڇا آهي.

ان جي جواب کان اڳ، سمجھڻ گھرجي ته هن ۾ ٻه متضاد شيون آهن. جيڪڏهن ارشاد صحيح آهي، ته ڪوشش بيسود آهي.

ها!...اوهان هي به لکيو آهي ته خدا جي راز کي ڪو به ڄاڻي نٿو سگھي، سواءِ اوليائن جي اهائي چيز آهي، جنهن واسطي اسان درويزه گري ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته اسين اوهان جي عقل ۽ دين کي صحيح وسالم سمجھون ٿا- جھڙيءَ طرح شعر مان واضح آهي- ۽ اوهان جي مقابلي ۾ ٻين جو عقل ۽ دين ناقص ٿا سمجھون، ته پوءِ به وڏي ڳالهه هيءَ آهي جو اوهين اسان جي رهبري نٿا ڪري سگھو. يقيناً، هن معاملي ۾ جو ڪجھ اوهين خط ۾ لکو ٿا، اهو اوهان جي شعر کان گھڻو مختلف آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڇا ڪيو وڃي؟

اوهين هيئن به چئو ٿا ته پهرئين شعر جي معنيٰ ٻئي شعر سان پوري ٿئي ٿي- ته پوءِ ظاهر آهي ته عقل ۽ دين جو نقص گوشت، کير ۽ ماکيءَ جي استعمال ڪرڻ ڪري ٿيو آهي، لهذا ٻنهي جي تڪميل انهن شين کي ترڪ ڪرڻ سان ٿي سگھي ٿي: ليڪن واضع رهي ته عقل ۽ دين جي تڪميل انهن کي ترڪ ڪرڻ سان نٿي ٿئي: انهيءَ صورت ۾ ٻيو شعر پهرئينِ شعر جي معنيٰ کي رد نٿو ڪري، سگھي، جنهن جو صريح مطلب هيءُ آهي ته عقل ۽ دين جي تڪميل گوشت، کيت ۽ ماکيءَ جي استعمال سان ٿي سگھي ٿي.

اوهان لکيو آهي ته پاڻيءَ جا جانور خشڪيءَ تي اچڻ پسند نٿا ڪن، ۽ انهن کي کائڻ کان احتراز ڪرڻ ڪا بيجا ڳالهه نه آهي، خواهه اهي حلال ڇو نه هجن؛ ڪن مذهبي ماڻهن به هر زماني ۾ اهڙيون اهڙيون شيون پاڻ لاءِ حرام ڪيون، جي حلال هيون. ظاهر آهي ته بحر و بر ۾ انسان کان وڌيڪ ڪو به اهڙو جانور نه آهي، جو باوجود موت کي ناپسند ڪرڻ جي به مرندو آهي: هن کان اها ڳالهه ڪڏهن به گوارا نه ٿيندي آهي ته کيس ڪا چيز کائي، تڏهن به قبر ۾ ان کي ڪينئان کائن ٿا. جيڪڏهن هيءَ ڳالهه حڪمت واري آهي، ته پوءِ ته سڀني قسمن جا جانور هن حڪمت ۾ اچي وڃن ٿا؛ پر جي حڪمت کان خالي آهي، ته پوءِ غير ممڪن آهي جو صانع بيوقوف هجي، ۽ مخلوق عقلمند [معاذالله]. اوهان هي دليل به ڏنو آهي ته نبي ڪريم جن ايتري عبادت ڪندا هئا، جوکين پيرن ۾ لڦون پئجي وينديون هيون؛ ماڻهن جڏهن کانئن پڇيو، ته پاڻ فرمايائون ”افلاان اکونَ عبداّ شکورا“. زيربحث مضمون جو هن دليل سان ڪو به تعلق نه آهي. هڪ انسان نماز جي وقت جيتري نماز وڻيس پڙهي- فقط فرضن جي نماز ۾ گھٽ- وڌائي نٿو ڪري سگھي. ازان سواءِ، اها ’شرع‘ سان تعلق رکي ٿي، ۽ اسان جو بحث ’معقولات‘ سان آهي.

اوهان جو چوڻ ته قرآن جو حڪم آهي ته احرام جي حالت ۾ شڪار نه ڪريو- ان جو مطلب هيءُ آهي ماڻهو حلال شڪار کان به گزيز ڪن، ته جيئن کين تقرب اِلاهي حاصل ٿئي- ان متعلق منهنجو جواب هيءُ آهي ته خدائي ڪنهن چيز کي حلال يا حرام ڪري سگھي ٿو. اوهان هي به چيو آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجہ وٽ ڪي ماڻهو ڇُهارن جي مٺائي کڻي آيا، پاڻ اها نه کاڌائون ۽ پچيائون ته ’ڇا نبي ڪريم اها کائيندا هئا؟‘ ماڻهن چيو ’نه‘. هي دليل به اوهان جي حق ۾ نه آهي، بلڪ اوهان جي خلاف آهي؛ ڇاڪاڻ جو سڀني جو هن تي اتفاق آهي ته رسول اڪرم جن گوشت جو کائڻ ترڪ نه ڪيو، ۽ اوهان سڄي عمر گوشت کان ڪناره ڪش رهيا آهيو! ڪاش، اوهين عقلي دلائل کان ئي ڪم وٺو ها، ۽ شرع کي وچ ۾ نه آڻيو ها، هوند آءٌ به شرعي دليلن سان اوهان جي ترديد نه ڪريان ها، جن کان اوهين لازمي طور ڪجھ آزرده ٿيا آهيو. اوهين پنهنجي ناتوانيءَ جي هڪ ٻيءَ ڳالهه جو به ذڪر ڪريو ٿا.

اوهين شڪايت ٿا ڪريو ته اوهين نه ٻڌي سگھو ٿا، نه ڳالهائي سگھو ٿا. اهڙيءَ حالت ۾، اوهين به عجوبهء روزگار ۽ شهره آفاق آهيو. قسمت اوهان کي کڻي ڪيترو به ستايو هجي، مگر اوهان خود پاڻ تي پڻ ظلم ڪيو آهي. جيڪڏهن هنن تڪليفن برداشت ڪرڻ جي غرض ۽ غايت سعادت اُخروي آهي، ته فبها- پوءِ ته اوهان جوشعر به بلڪل مناسب آهي- پر جيڪڏهن حالت هن کان اُبتڙ آهي، ته پوءِ اوهين ته اجايو تڪليف پيا سهو، ۽ عمر عزيز ضايع پيا ڪريو. پوءِ، ان حالت ۾، ائين چوڻ کان رهي نٿو سگھجي ته جا دعوا اوهان شعر ۾ ڪئي آهي، سا بلڪل باطل آهي.

هنن سوالن ۽ جوابن مان منهنجي منشا صرف استفادو هو: جڏهن استفادي جي ڪا ڳالهه ئي نه هجي، ته پوءِ جواب ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟ مسجع عبارت کان گريز ان لاءِ هو، ته خيالات مقصود هئا- بيجا مغزماري ڀلا ڇو ڪجي! جيڪڏهن اوهان جون ادبي موشگافيون مطلوب هجن ها، ته اوهان جا ادبي ڪارناما ڪي گھٽ هئا ڇا؟ ڪاش، آءٌ اوهان جي پوشيده مذهبي خزانن کي ايترو ئي سمجھي سگھان، جيترو نظم و نثر جي ڪارنامن کي!

آءٌ اوهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو اوهان منهنجا خط پڙهيا، ۽ پوءِ جواب ڏيڻ جي تڪليف برداشت ڪئي. ان جو اعتراف ٿو ڪجي ته مون اوهان کي جيڪڏهن ڪو فائدو نه پهچايو آهي، ته نقصان ضرور ڪيو اٿم. الله ڄاڻي ٿو ته منهنجو مقصد جي علم و فضل مان ڪجھ استفادي ڪرڻ جو ئي هو، ۽ نه ڪو ٻيو.

ــ والسلام.

پروفيسر چيتن ماڙيوالا

دوستاڻو ناتو

(1801- 1820ع)

ارڙهين صدي، پنهنجي ڊوئِي پُوري ڪري، پوين پساهن تي اچي پهتي هئي، ۽ اوڻويهين صدي ڪَرَ موڙي، آلس لاهي، پنهنجي دور شروع ڪرڻ جي تکن سانباهن ۾ هڻي، ته انگريزن جي تازو کڙي ڪيل هندستاني سلطنت تي اُتر- اولهه کان ڪاهه جي خطري نئين سر منهن ڪڍيو. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ هندستان ۾ انگريزي ناظمن کي افغاني ڪاهه جي ڏر ڏڪايو هو، پر نئين صديءَ جي آغاز سان ئي، ساڳئي طرف کان، پهرين فرانسي ۽ اُن بعد روسي ڪاهه جي خطري، سندن آرام ڦٽائي، ننڊ حرام ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪارڻ ئي، ساري اوڻويهين صدي، هندستان ۾ انگريزي ناظم انگريزي سلطنت کي اُتر- اولهه کان ڪاهه کان بچائڻ لاءِ پختي بندوبست لاءِ مٿا کوهه ۾ مشغول رهيا. اوڻويهين صديءَ جي پهرين پنجويهين سالن ۾ انگريزن جيڪا نيتي اختيار ڪئي، سا ٻين پنجويهن سالن جي نيتيءَ کان نيازي هئي. پوين پنجويهن سالن ۾ انگريزن شروعاتي پنجويهن سالن کان اڳرائيءَ وارا اُپاءَ اختيار ڪيا. ٻنهي نيتين جو سنڌ تي گهاٽو اثر پيو. اُهو ڪهڙوم سو جاچڻ وٽان آهي.

جيتوڻيڪ ٽالپرن ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪلهوڙن کي جيتي سنڌ جو راڄ هٿ ڪيو ته به ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ سندن جند نه ڇڏي. هو پاڙيوارن حاڪمن کان مدد وٺي ميرن سان جنگيون جوٽيندو رهيو،  جيئن ڪنهن ريت حڪومت جون واڳون وري سندن هٿ چڙهن؛ پر ڀاڳ ڪين ڀرايس. آخرين ريت قسمت آزمائڻ خاطر، ميان افغان اميرن وٽ وڃي وات وڌو ته هُو پنهنجي حاڪم کي سندس واهر ڪرڻ لاءِ سنباهين. انهيءَ منٿ به هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ ڪابل جي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جي حمايت خاطر افغان لشڪر ڏياري موڪليو- جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته ڳچ ڀيرا، ڳچ لشڪر هوندي به، ميان ميرن سان پڄي نه سگهيو هو. هيل به هميشه جيان سارو ڪشالو ناڪام ثابت ٿيو. ٽالپر مير هر ڀيري سوڀارا بيشڪ ٿيا هئا، ته به هڪٻئي پٺيان ميان عبدالنبيءَ جي سازش تي سندن تازي هٿ ڪيل حڪومت تي ٿيندڙ هلانئن سندن ٻٻيون ئي منجهائي ڇڏيون. جيڪڏهن صديءَ جي آخر ۾ مير فتح علي خان انگريزن کي پنهنجين حدن ۾ واپاري بيٺڪن وجهڻ جي موڪل ۽ ٻيون سهوليتون ميسر ڪري ڏنيون، سو فقط اُتر- اولهه کان ڪاهه کي منهن ڏيڻ خاطر ۽ پنهنجي پاسي پختي ڪرڻ ڪاتر؛ پر جيئن ئي ميرن کي انگريزن جي ’مُلڪ پائڻ‘ واريءَ عادت جي خبر ٿي، تيئن هنن هڪدم کڻي هٿ ڀيڙيو، ۽ پهري سجاڳ ٿي ويا. آغا ابوالحسن جي لکڻ موجب، ”مير غلام علي خان کي ڊپ اهڙو ته ويڙهي ويو جو سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو هو، ۽ هُو مير فتح علي خان کي آزي نيزاري ڪرڻ لڳو ته ’جلد بجلد انگريزن جي ڪراچيءَ واري ڪوٺي اُکيڙڻ جا حڪم ڪڍيا وڃن، ڇو ته سياسي حالتون اهڙيون ته نازڪ بڻجي چڪيون آهن جو وڌيڪ وقت تائين اهڙيءَ ڪوٺيءَ جي جوابداري برداشت ڪرڻ پنهنجي وس کان ٻاهر آهي.‘“ ڪراچيءَ واري ڪوٺيءَ کي تالي لڳائڻ کان جلد پوءِ انـــگريزي گماشتي، مستر ’ناٿن ڪِرو‘، کي سنڌ جا وڻ صفا ڇـــڏڻا پيا؛ ڇاڪاڻ ته ميرن کي پنهنجي شهنشاهه، افــغانسان جي حاڪم، وٽان اهڙا حڪم آيل هئا ۽ هنن انهن جي هڪدم پيروري ڪري سندس تابع رهڻ کي انگريزن کي سرچايل رکـڻ کان صد بار بهتر سمجهيو. انگريز هــــهڙيءَ بعـيـزتيءَ جــو ســُور پي ويا، ڇاڪاڻ ته هُو انهيءَ ٽاڻي اهڙو تخمينو لڳائي ڪين سگهيا ته سندن لاءِ تنهن ويـــل سنڌ فـــتح ڪرڻ فائديمند هــئي يا نه- جيتوڻيڪ کين اهڙي قدم ۾ واهر جي آڇ به ٿي. ٽالپرن انگريزن جا ٽپڙ ته کڻايا، پر جلد ظاهر ٿي بيٺو ته هو کانئن ونءٌ وڃي نٿي سگهيا. اوڻويــهين صدي شروع مس ٿي ته ميرن کي اُلڪو ٿي بيٺو ته اجهــي ٿا افـــغان پنهنجي رهيل ڏَن چڪتو ڪرڻ ڪاڻ مٿن ڪاهي اچن. انهيءَ ڪارڻ هنن ايران جي شاهه ڏانهن مدد لاءِ واجهه وڌا. ايرانين، ميرن کي مدد موڪلڻ قبول ڪئي. جيستائين ميرن کــــي مدد رسي ئي رسي، تيستائين شاهه شجاع ڪابل جي حاڪم، سان سندن ٺاهه ٿي ويو (1803ع)؛ پر ايراني لشڪر گهران نڪري چڪو هو، تنهن ڪري مير صاحب اچي مُنجهيا ته ايرانين کي ڪهڙيءَ پَر واپس ڪجي. هو جو سندن مدد لاِ ڪٿا ڪــهي آيا هئا، سي بنا اجوري ڪٿي ٿي واپس وريا. انهيءَ خرچ کـان بچڻ خاطر ميرن کي هڪ عمدو تدارڪ سُجــهي آيو. سندن ويچار هو ته انگريزن سان دوستي ڳــنڍي ايـرانين کـي پنهنجي آٽي تان هيٺ لاهيون – ايرانين کي جنـــهن ويل خبر ملندي ته انگريزن ميرن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هــئا، ته هو ماٺ ميٺ ۾ موٽي ويندا. انهيءَ مراد سان، مير غلام عــلي خان، 1803ع ۾، بمبئي ڏي پنهنجو وڪيل چاڙهي موڪليو ته ”اسان سان اڳيون واپاري ناتو وري قائم ڪريو.“ گـــذريل چئن سالن ۾ (1800-1803ع ميرن انگريزن منيب مستر ’ناٿـــن ڪِرو‘ سان خط پٽ جو سلسلو جاري رکيو هو، جنهن مـــان ظاهر هو ته ميرن ۾ هروڀرو انگريزن سان ڦٽائڻ نٿي چـــاهيو. پر انگريز ته اندر ۾ پئي پوسريا، ۽ اهڙي وجهه جي اوسيڙي ۾ هئا ته موقعي مناسب مـيرن کي مـنهن واري ڏيـون. سنڌي وڪيل بمبئيءَ ته پهتو، پـر کـيس ڪو دل گهريو آءٌ ڀاءُ خير ڪو ميلو. ٻنهي ڌريـن وچ ۾ ڳالهيون هليون، جنهن ۾ انگريزن ميرن کان 1799ع ۾ هـــڪ لـک نـو هـزار سـت سؤ اوڻهتر روپين جي پاتل نقصان جي گهُر ڪئي. وڪيل کي اهڙي گهُـر قبولڻ جي ڪابه اجازت ڪانه مليل هئي؛ ڇو تـه مــيرن کي اهـڙو حق خواب خيال ۾ به ڪونه هو. سنڌيءَ وڪيل، حالتن مناســب، انهيءَ ڳريءَ چٽيءَ جي مخالفت ڪئي- خاص ڪـــري سوکـڙين پاکـڙين تي خرچ ڪيل رقم جي- پر انگريزن ميرن جي مــنشيءَ جي هڪ به نه ٻُڌِي، ۽ سنڌي وڪيل نــراس ٿـي موٽي آيو.

ميرن جي منشيءَ جي ساڻس ملاقات اڃا بمبئيءَ ۾ انگريزي ناظم جي دل تي تازي ئي هئي، هندستان ۾ انگريزي سلطنت تي ايران طرفان فرانسي ڪاهه جي ڊپ اچي کيس ورايو. ارڙهين صديءَ جي آخرين سال ۾، زمان شاهه خلاف ايران جي شاهه سان ڪيل مددي عهدنامي تي، انگريزن سُمهي ننڊ ڪئي- جيتوڻيڪ ايران پنهنجن دشمنن کي منهن ڏيڻ خاطر انگريزن کان چند دفعا فوجي مدد گُهري. پيٽر اعظم جي مشرق ۾ روسي سلطنت آڏڻ جي رٿ کي عملي جامي پهرائڻ ڪاڻ، روسي لشڪرُ ايران جي شاهه جي ملڪ جو ٽڪر ٽڪر ڪري ويو ٿي هڙپ ڪندو. ايرانين کي اهڙي اُميد اصل ڪانه هئي ته انگريز ڪو وقت سر سندن واهر ڪين ڪندا. پر عهدنامي ڪرڻ کان جلد ئي پوءِ انگريزن ايران کي سندن دشمنن خلاف باسيل مدد بنسبت پنهنجي ڀل محسوس ڪئي، ۽ جيئن ئي هندستان تي افغان ڪاهه جو ڊپ ڍرو ٿيو، تيئن ئي انگريزن ايران کان مدد لاءِ گهُرجي ڪابه پرواهه نه ڪري، مٿي کي ٽيڪ ڏيئي، بيپرواهه بالم ٿي، سياسي شطرنجي کيل ڏسڻ لڳا. مشهور تواريخ نويس ’ڪي‘ (Kaye) هن باري ۾ لکي ٿو ته ”يا ته انگريز پاڻ ۾ ئي پورا هئا، يا ته بيپرواهه؛ جنهنڪري ايران جي شاهه کي منهن ڏيڻ کان صفا نابري واري ويٺا“. ايران جو شاهه به اچي حيران ٿيو؛ انگريزن جي انجام تي ڀاڙي هن، 1799ع ۾ (جڏهن انگريزن ساڻس زمان شاهه خلاف عهدنامي ڪرڻ لاءِ ڏانهنس ماڻهو چاڙهي موڪليو هو)، فرانسي ايلچيءَ جي انهيءَ رٿ کي ٺڪرايو هو ته”فرينچ ۽ ايراني لشڪر گڏجي هندستان تي چڙهائي ڪري.“ ايران جو شاهه، انگريزن جي پُٺ ۽ پشتيءَ ڪارڻ، فرانسي سفارت کي ائين به چئي چڪو ته ”جيڪڏهن خود نيپولين پاڻ پنڊ طهران اچڻ جي ڪندو، ته هن کي به هن دنيا جي وچ ملڪ ۾ گهڙڻ ڪين ڏبو“. انهيءَ کُتي جواب ملندي به، فرانسي سفارت، ايران جي شاهه کي ريجهائي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيئن گُٿي.

ايران جو شاهه وڌيڪ وقت ترسي نٿي سگهيو- روس کان هر ويل نئينءَ سيکت جو خطرو کيس سخت ستائي رهيو هو. رپس سم 1800ع ۾ ايران کان جارجيا جو پرڳڻو کيسو هو؛ انهيءَ تي شاهه کي اهڙو غصو وٺي ويو، هن هلان ڪرارائي جارجيا جي روسي گورنر جنرل کي جيئرو قيد ڪري قتل ڪررائي ڇڏيو؛ تنهنڪري کيس سُجهيو پئي ته هن اُٻهري قدم جي موٽ ۾ کيس وڌيڪ ملڪ تان هٿ کڻڻو پوندو. ان ڪري، اهڙي نقصان کان بچڻ ڪارڻ، 1805ع جي پوري ٿيڻ کان اڳ، هن فرانس کان مدد گهُري. فرينچن کي ته اهڙو وجهه گهُربو هو! نيپولين انهيءَ ٽاڻي روس تي چڙهائيءَ جا سانباهه ڪري چڪو هو، ۽ سندس مرضي هئي ته ساڳئي دشمن تي ساڳئي وقت ٻن طرفن کان هلان ڪريان. ايران کان مدد لاءِ گهُر هن کي وقتائتي نينڍ نظر آئي، جنهنڪري هن هڪدم جنرل ڪارڊانيءَ جي صدارت هيٺ هڪ فرانسي وفد طهران چاڙهي موڪليو. جلد ئي ڪچو عهدنامو تيار ڪيو ويو، جنهن جو مقصد هو عام- دشمن روس جو خاتمو آڻڻ. فرانسي جنگي ماهر بنا دير جي ايراني فوج کي لڙائيءَ جي فن ۾ قابل بنائڻ ۾ جُنبي ويا. ايران ۾ فرانسي چُرپر، انگلنڊ توڙي هندستاني سرڪار جي بنهه ننڊ ڦٽائي ڇڏي. هنن ائين محسوس ڪيو ته جنرل ڪارڊانيءَ جي وفد جي هن ويل طهران وڃڻ جو فقط هڪ ئي مقصد ٿي سگهيو ٿي، ۽ سو اهو ته ايرانين سان گڏجي هندستان ۾ انگريزي سلطنت تي چڙهائي ڪجي- اهڙيءَ تجويز جي عملي جامي وٺڻ کي روڪڻ لاءِ کين کُڙي تپائڻي ئي پيئي. هن وقت ڪابه اهڙي ثابتي نٿِي ملي، جنهن جي آڌار تي هوند چئي سگهجي ته نيپولين کي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جو ڪو خيال هو. مصر ملڪ هٿ ڪرڻ ۾ سندس اهو منورٿ هو ته اها ايراضي پنهنجي تابع آڻي، يورپ ۽ هندستان وچ ۾ واپار ۾ رڪاوٽ وجهان، جنهن واپاري تي انگريز نه رڳو پيو تڳي، تونگر ٿي چڪو آهي. نيپولين جهڙي دورانديشي جنگي ماهر تي اها ڄڻ ٺٺولي ڪرڻ ٿيندي، جيڪڏهن انهيءَ اُفواهه تي ويساهه ڪبو ته هن سٺ هزار لشڪر اُٺن تي چاڙهي، عربستان جون ڀٽون اورانگهي ۽ بلوچستان جا جبل جهاڳي، هندستان تي حملي ڪرڻ جو اَٺسٺو ٻَڌو هو. اهڙو هوائي قلعو اَڏڻ، نيپولين لاِ گهٽ ۾ گهٽ نامڪن هو. نيپولين جي روپ ۾ واءَ ۽ واچوڙي موافق وک کڻڻ، يورپين لوڪن جا اوسان اهڙا خطا ڪري ڇڏيا هئا جو ڪهڙي به اڻٿيڻيءَ ڳالهه نيپولين لاءِ ممڪن پئي ليکي ويئي. نيپولين مصر ملڪ ته هٿ ڪري چڪو هو؛ ايران ڏانهن سندس موڪليل سفارت پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿي هئي؛ تنهنڪري ائين پئي سمجهيو ويو ته هاڻ ته نيپولين سولائيءَ سان ايراني لشڪر ساڻ ڪري، بلوچستان ٻرانگهي، هندستان تي حملو ڪري سگهندو. ظاهري طرح ته ائين پئي ڏٺو ته هندستان تي اِجها ڪي اِجها فرانسي ڪاهه ٿي ڪي ٿي. انهيءَ ڪارڻ، انگريز سرڪار، اهڙي انديشي کي منهن ڏيڻ لاءِ انگلنڊ توڙي هندستان ۾ ضروري اُپائن اختيار ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي. وقت گذرڻ سان حالتون وييون وڌيڪ مُنجهنديون: ”انگريزن جو سنڌوءَ جي هُن ڀر کان حملي جو انديشو، وقت پوڻ سان ويو ۽ وڌيڪ ڳوڙهو ۽ منجهائيندڙ ٿيندو.“ جولاءِ 1807ع ۾ نيپولين ۽ ورس جي زار الينگزينڊ وچ ۾ ٺاهه ٿيو، ۽ ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو ته ٺاهه جي شرطن ۾ هڪ قلم هندستان تي گڏ حملي بنسبت پڻ هو. هاڻ روس به انگريز جو کُليو دشمن بڻيو هو، ۽ امڪان هو ته روس افغانستان سان عهدنامو ڪري. افغانن جي مذهبي طور جوش ۽ جذبي سبب هندستان تي ڪاهه البت سمجهه ڀريو معاملو پئي لڳو، هن نيئن کاٽِي منصوبي ڪلڪتي ڪائونسل جي ميمبرن جون وايون ئي ولڙيون ڪري ڇڏيون، وچ ايشيا جون سياسي حالتون تمام تڪڙيون بدلجي رهيون هيون، ۽ انهن کي پوريءَ ريت منهن ڏيڻ جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جو ڪم نه هو. هاڻ هڪ دشمن کي منهن ڏيڻ جو سوال ڪين هو. افغانستان جي حاڪم جي پنهنجي سر هندستان جي ڪاهه جو، سندس خلاف اميرن جي بغاوت سبب، انديشو گهڻو ڍرو ٿي چڪو هو؛ پر، ڪنهن دشمني ڀائيبنديءَ (Confederacy) جي ساٿيءَ جي حيثيت ۾، منجهائنس پيدا ٿيندڙ خطري هڪ علحدي صورت ٿي اختيار ڪئي. تنهنڪري حالتن جي پوري مقابلي ڪرڻ لاءِ، ڏيهي حاڪمن سان نون عهدنامن ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي ويئي. پنهنجي خلاف سٽيل يورپي منصوبي کي چڱيءَ طرح ڌڪ ڏيڻ خاطر، هندستان ۾، انگريزي سلطنت لاءِ، هندستاني سرحد کان روسي سلطنت جي مشرقي سرحد توڻي ملڪن کي سياسي تعلقات جي شڪنجي ۾ سوگهو ڪرڻ بلڪل ضروري هو. لارڊ منٽو، هندستان ۾ انگريزي گورنر جنرل، انهيءَ ڪارڻ، فرنيچن کي برطانوي هندستان ۾ گهڙڻ کان ٻن بچاءَ حڪومتي ٽولن ٺاهڻ جو بندوبست سٽيو. اندرئين ٽولي ۾ سنڌونديءَ بيٺل حڪومتون اچي ٿي وييون- سنڌ، پنجاب، وغيره؛ ۽ ٻاهرئين تهه ۾ ايران، افغانستان، وغيره بدليل حالتن سبب، اها اميد پئي ڪئي ويئي ته ايران انگريز جو هاڻ لاچار پر ضرور ساٿ ڏيندو. روس ۽ فرانس جي جمبوريت مان ايران کي سخت صدمي رسڻ جو امڪان هو؛ ڇاڪاڻ ته روس- فرينچ گڏيل لشڪر ايران مان ئي لنگهي هندستان ۾ سولائيءَ سان ٿي پهچي سگهيو.

هندستان ۾ برطانوي گورنر جنرل سڀ ڳالهيون سوچي، سنڌ، پنجاب، افغانستان ۽ ايران ڏانهن سفارتن موڪلڻ جو ويچار ڪيو. پهرين سفارت سنڌ- درٻار ڏئي ئي رواني ڪئي ويئي، ۽ ان جو صدر ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن (Seton) مقرر ڪيو ويو. سنڌ سان عهدنامي جو منورٿ ساڳيو 1799ع واري ’ڪِرو‘ جي مُنيبيءَ وارو ئي هو- ته انگريزن کي پنهنجي دشمن جي چُرپر جي خاطر خواهه خبر جي سهوليت ملي، ۽ مير اهڙيءَ چُرپر جي خبر چار هٿ ڪرڻ بنسبت  ڏانهن سڻائو رخ رکن. سنڌ ڏانهن موڪليل ايلچي جولاءِ 1808ع ۾ حيدرآباد پهتو ۽ بنا دير عهدنامي بنسبت ڳالهيون شروع ٿيون، ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٻنهي ڌرين جو قبول ڪيل ستن قلمن وارو عهدنامو، انگريزي گورنر جنرل جي صحيح لاءِ ڪلڪتي روانو ڪيو ويو. هن عهدنامي موجب، انگريزن 1799ع ۾ سنڌ ۾ سٺل نقصان تان هٿ کنيو. عهدنامي جو مکيه شرط اهو هو ته گهربل سهنج سهوليت جي بدران انگريزن ميرن کي سندن دشمنن کي منهن ڏيڻ ۾ واهر ڪرڻ جو واعدو ڪيو؛ پر اهو ٻَنڌ ياڻ ته انگيزن کي هرگز ڪين ٿي آئڙيو- خاص ڪري جڏهن کين خبر هئي ته مير افغانستان جي تابعداري ختم ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا، ۽ ساڳئي وقت انگريز افغانن سان ٺاهه جو سَٺو سٽي رهيا هئا. تنهنڪري انگريزن لاءِ هڪ ئي حيلو هو ته ’ڊيوڊ سيٽن‘ واري عهدنامي تان ڦڙتي کائي ميرن کي نئين عهدنامي ڪرڻ تي ريجهائجي، جيئن انگريزن کي سنڌ ۾ سڀ گهربل سهولتون ملن پر موٽ ۾ کين ڪابه اهنجي جوابداري هموار ڪرڻي نه پوي، ۽ ميرن کي هر ڳالهه ۾ ٻڌل رکي پاڻ کي هر حال ۾ ڇٽل رکجي، ڊيوڊ سيٽن کي، ان ڪري، سپٽمبر 1808ع ۾ واپس گهرايو ويو ۽ سنڌ ڏانهن هڪ نئين ايلچيءَ موڪلڻ جي تياري ڪئي ويئي. هت اهو جاچڻ بلڪل ضروري آهي ته انگريزن جو ايلچيءَ کي واپس گهرائڻ ۽ سندس ڪيل عهدنامي کي رد ٺهرائڻ ڪيتري قدر واجب قدم هو. انگريزي نيتيءَ جي پٺڀرائيءَ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انگريزي ايلچيءَ تي هندستان تي فرانسي ڪاهه جو ڏر اهڙو ته غالب پئجي چڪو هو جو سنڌ- درٻار ۾ فرينچ ۽ ايراني ايلچي ڏسي هو بنهه دهلجي ويو، ۽ سندس متيون اهڙيون ته منجهي وييون جو هو محسوس ڪري نه سگهيو ته عهدنامي ۾ جيڪي مير صاحبن شرط وڌا هئا تن کي قبولڻ جي کيس اختياريءَ هئي يا نه؛ تنهنڪري هن جيڪو عهدنامو پنهنجيءَ سرڪار پاران ميرن سان ڪيو، تنهن ۾ اهڙا شرط به اچڻ ڏنائين جي انگريز پٽيءَ ڪين قبولين ها: انهيءَ ڪري، ڇاڪاڻ ته انگريزي ايلچيءَ کيس مليل هدايتن جو النگهن ڪري ميرن جو عهدنامو قبوليو هو، انگريزي اختياريءَ وارن کي اهڙي ايلچيءَ کي واپس گهرائڻ ۽ انهيءَ عهدنامي کي رد ڪرڻ جو حق هو. مگر، ڪي به اهڙيون ثابتيون ظاهر نه ٿيون آهن، جن مان خاطريءَ طور چئي سگهجي ته انگريزي ايلچي مليل فهمائشن کان ٻاهر ويو هو. تنهن کان سواءِ، هت اهو به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته سيٽن جي سفارش جو مطلب ئي هو افغانستان جي خلاف سنڌ سان عهدنامي ذريعي دوستي ڳنڍڻ. هندستان ۾ تنهن وقت انگريزي گورنر جنرل جي زال، بئرونيس منٽو، پنهنجي روزنامچي ۾ هيٺينءَ ريت لکي ٿي:

”ڪئپٽن کي حڪم مليو هو ته هو پهرين ميرن جي ملڪ ۾ هڪ انگريزي نائب جي رهڻ جي موڪل هٿ ڪري. اهو پهريون قدم هو، ٻيون سڀ ڳاليهون انهيءَ بعد ئي ڪرڻيون هيون. هيءُ قدم اسان جي آخرين مقصد- ته سنڌ جي حڪومت کي پنهنجي دشمن کان ڇني ڌار ڪجي، ۽ الڳ رکجي (۽ تنهن کان سواءِ ويجهي مقصد- ته دشمن جي چُرپر جي تصديق ڪيل خبر ميسر ڪرڻ لاءِ اُتي اڏو ٺاهجي)- لاءِ شروعاتي بلڪل ضروري قدم آهي.“

هن ويل انگريزن جا فقط ٻه دشمن هئا- ايران ۽ افغانستان، جن کي روس ۽ فرانس جي پشتي هئي- پر ’ٽلسٽ‘ جي ٺاهه (روس ۽ فرانس وچ ۾) ايران کي انگريزن سان دوستي ڳنڍڻ لاءِ مجبور ڪيو، تنهنڪري باقي رهيو افغانستان، جنهن تي انگريزن کي چوڪسي ۽ جاچ رکڻ جي ضرورت هئي. جيڪڏهن انگريزن سنڌ ۾ افغانستان جي مشغولين معلوم ڪرڻ لاءِ اڏي وجهڻ جي ميرن کان سهوليت ٿي گهري، ته ڇا ميرن کي ايترو به حق نه هو جو موٽ ۾ انهيءَ ساڳئي دشمن (افغانستان) خلاف انگريزي مدد جي هو اميد رکن! اوٽ- موٽ ۽ ڏي- وٺ تي ئي دنيا هلي ٿي: جيڪڏهن انگريزي ايلچيءَ ڏي- وٺ جي اصول تي ميرن کان سهولتون حاصل ڪري کين ضرورت ويل دشمن خلاف واهر باسِي، ته ان ۾ هن مليل هدايتن جو ڪهڙو النگهن ڪيو؟..... پر اهڙي ڏي- وٺ انگريزن جي چالباز نيتيءَ سان ٺهڪِي نٿي، ۽ انهيءَ ڪارڻ تي سيٽن جي قبوليل عهدنامي کي رد ڪرڻ جي ضرورت ٿي. ٻين ڪن عالمن جو رايو آهي ته سنڌ- درٻار ڏانهن موڪليل انگريزي ايلچيءَ عهدنامي ڪرڻ ويل کيس ڏنل فهمائشن تي پورو ڌيان پڪ ڪين ڏنو هو؛ ڇو ته اهو ناممڪن آهي ته انگريز ڪنهن به حالت ۾ سنڌ جي ڏن ڀريندڙ حڪومت کي سندن ڏن وٺندڙ حڪومت (افغانستان) خلاف مدد باسين. هيءُ دليل به حالتن سان اصل ڪين ٿو ٺهڪي. جنهن ويل انگريزن سنڌ ڏي ايلچي چاڙهي موڪليو، تنهن ويل سنڌ ۽ افغانستان وچ ۾ ڏن ڏيندڙ ۽ ڏن وٺندڙ وارو تعلق ته کين خواب خيال ۾ به ڪين هو. جيڪڏهن سچ پچ انگريزن سنڌ کي افغانستان جو تابعدار ٿي سمجهيو، ته هو ڏن وٺندڙ حڪومت جي موڪل ۽ اطلاع بنا ڪيئن ٿي ڏن ڀريندڙ حڪومت سان عهدنامي ڪرڻ خاطر ان ڏي سفارت موڪلي سگهيا؟ ڪئپٽين سيٽن کي سنڌ- درٻار ڏي موڪلي، انگريزن پاڻ ميرن جي آزاد هستيءَ جي ساک ٿي ڀري ۽ پٺڀرائي ٿي ڪئي؛ پر ستت ئي کين پنهنجي ڀل سُجهي آئي، جڏهن هنن افغانستان کي پاڻ ڏي سيرڻ جو خيال ڪيو. حقيقت ۾ انگريز سرڪار پاڻ ئي ڪيپٽن سيٽن جي عهدنامن لاءِ جوابدار هئي، ۽ نه ڪيپٽن سيٽن پاڻ پنهنجي شخصي حيثيت ۾. ڪهڙيءَ به ريت، انگريزن جو ميرن سان پنهنجي مقرر ايلچيءَ دواران ڪيل عهدنامي کي رد ٺهرائڻ وارو قدم جائز ٺهرائي نٿو سگهجي.

سنڌ ڏانهن نئين ايلچيءَ، مستر ’لڪولس هئنڪي سمٿ‘، کي سندس ڪم بنسبت چٽيون هدايتون ڏنيون وييون. هن کي سمجهايو ويو ته ڪنهن به حالت ۾ کيس اهڙو عهد نامو ڪين ڪرڻو هو، جنهن ۾ انگريزن تي ڪا خاص جوابداري يا بوجو پوي؛ تنهن هوندي به عهدنامو اهڙو ڪرڻو هو، جنهن ۾ انگريزن جو مطلب سڌ ٿي اچي- يعني پنهنجي دشمنن جي خبر چار لهڻ جي سهوليت، ۽ دشمنن جي سنڌ يا ان سان لاڳيتين حڪومتن ۾ چالبازين کي روڪڻ ڪاڻ طريقو ميسر ڪرڻ. پر جيستوڻي نئون وفد بمبئيءَ مان اُسهي ئي اُسهي، تيستوڻي هندستان تي فرانسي ڪاهه جو انديشو گهڻو لهي ويو؛ ڇو ته فرينچ لوڪ پنهنجن گهرو معاملن ۾ ئي مشغول هئا، ٻاهرين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ جي کين فرصت ئي ڪٿي هئي. تنهنڪري انگريزن به ڪجهه بود ڀري، ۽ پنهنجي ايلچيءَ کي ميرن کي هيسائي انگريزن کي عزت جي نظر سان ڏسڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي هدايت ڏني. نيئن ايلچيءَ کي ڏنل فهمائش مان ائين پيو نظر اچي ته ته ڪئپٽن سيٽن سان ميرن خاص آءٌ ڀاءُ ڪين ڪيو هو، ۽ انهيءَ ڪارڻ مستر سمٿ کي خاص هدايت ملي هئي ته انگريزن لاءِ سندن هندستان جي ڏيهي رياستن ۾ عزت واري حيثيت سنڌ- درٻار ۾ به برقرار ڪرارائي، ۽ ميرن جي پنهنجيءَ عزت بنسبت نشن ٽوڙڻ جو جوڳو يتن ڪري. راڄنيتيءَ جا به عجيب ۽ انيڪ رنگ آهن! جيستوڻي انگريزن کي فرنيچ ڪاهه جو ڊپ ٻوساٽي رهيو هو، تيستوڻي هو 1799ع ۾ پاتل نقصان جو حق پلڻ لاءِ به تيار هئا، ۽ ٿيل بيعزتي وسارڻ لاءِ منتظر (1803ع)؛ پر جيئن ئي سندن سلطنت تي ڪاهه جو خطرو دور ٿيو، تيئن ئي کين پنهنجي شان ۽ عزت جو خيال تري آيو. هٿ اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته اهڙو ڪوبه احوال ظاهر ڪين ٿيو آهي، جنهن مان پتو لهي سگهجي ته ميرن سيٽن صاحب کي عزت ڏيندي ڪا ڪسر ڇڏي هئي. ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪئپٽن سيٽن کي سڪ پيار ڪي قدر گهٽ مليو هجي؛ پر انهيءَ لاءِ ته ميرن وٽ عذر هڪيو حاضر هو. انگريزي اختياريءَ وارن به ته تازو ئي (1803ع) ميرن جي وڪيل جو پورو آدرستڪار ڪين ڪيو هو؛ پوءِ هو ڇو انگريزن سان عـهدنامي لاءِ خاص چاهه ڏيکارين- خاص ڪري جڏهن فرانسي ۽ ايراني ايلچي ساڻن دوستاڻي ناتي ڳنڍڻ لاءِ سندن درٻار ۾ اڳــي ئي لٿل هئا؟ سمٿ جي سفارت جي ڪاروائيءَ واري احوال مان ائين پيو لڳي ته ميرن جي درٻار جي رسم رواج مان ڪي غلط انومان ڪڍيا ويا هجن، جنهن ڪارڻ ئي هن غلط فهــميءَ منــهن ڪڍيو هجي.

سنڌ ڏانهن نئون مقرر ڪيل ايلچي، مسٽر سمٿ، پنهنجن ساٿين جي سنگ ۾، 27- اپريل 1809ع تي، ڀاريل جهاز ’ميريا‘ ۾ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ’ميريا‘ جهاز جي ساٿ ۾ ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جو ڪروزر، ’پرنس آف ويلس‘، پڻ سنڌ ڏانهن اَسهيو. مي مهيني جي نائينءَ تاريخ سارو اَٽالو منهوڙي جي پرينءَ ڀر اچي پهتو. اتي سفارتي جهازن لنگر هنيو؛ ۽ انگريزي وفد جو بورقو بندر تي آيو، ۽ ڪراچيءَ جي گورنر کي سفارت جي اچي سهڙڻ جو اطلاع ڏنائين. ساڳئي وقت هن ميراڻي گورنر کان آرڪاٽيءَ جي گهر ڪئي، جو جهاز آڻي بندر تي بيهاري. ڪراچيءَ جي گورنر ميرن جي حڪم اچڻ کان اڳ وفد کي بندر تي آڻڻ کان ناڪاري ڪئي، تنهنڪري ئي سفارت 16 مئي تي، سورهن توفن جي سلاميءَ هيٺ، اچي ڪراچيءَ لٿي. ڪراچيءَ ۾ وفد جي اچ وڃ ۽ لهه وچڙ ۾ خوب رڪاوٽون وڌيون وييون، ۽ مٿن سخت چوڪسي رکي ويئي- جيتوڻيڪ شهر جي گورنر جي شخصي ريت وفد ڏي روش دوستاڻي ئي رهي. ڳچ ڏينهن بعد، ميرن وٽان وفد کي نياپو آيو ته ’هو حيدرآباد اچڻ جي تڪيلف نه وٺن؛ بلڪ مير صاحب انهيءَ ڪم لاءِ آخوند محمد بقا خان کي ڪراچيءَ چاڙهي موڪلي رهيا آهن، جو سندن پاران هر ڳالهه جو نبيرو ڪندو،. پر ڇاڪاڻ ته انگريزي ايلچيءَ کي پنهنجي سرڪار جي عزت بالا ۽ برقرار رکڻ لاءِ خاص هدايت مليل هئي، تنهن عهدنامي بنسبت ڳالهيون چورڻ کان صفا نابري واري اُڪلائڻ لاءِ ميرن جي پاڻ بدران ماڻهوءَ مقرر ڪرڻ تي اعتراض اُٿاريو. جڏهن ميرن ڏٺو انگريزي وفد کانئن سواءِ ڪنهن ٻئي سان عهدنامي بنسبت ڳالهيون چورڻ کان صفا بابري واري ويٺو آهي، تڏهن لاچار حڪم ڪڍيائون ته سفارت ڀل حيدرآباد ڪهي اچي انگريزي وفد 10- جُون تي حيدرآباد ڏانهن اَسهيو، ۽ پنجن منزلن بعد اچي ننگر ٺٽي رسيو ٺٽي ۾ انگريزي سفارت جهونيءَ انگريزي ڪوٺيءَ واريءَ جاءِ ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. جهٽ ميرن وٽان پُرزو آيو ته انگريزي وفد کي حيدرآباد نيڻ ڪاڻ ميرن جي جهمپٽِي اچي رهي آهي، جيئن درياهه رستي مسافري سهنجي ۽ وندر ڀري ٿئي. انگريز اڃا ٺٽي ۾ ئي هئا، ته کين حيدرآباد نه وڃڻ لاِ ريهيو ريبيو ويو؛ پر هو پنهنجي فيصلي تان پٽيءَ ڪين هٽيا. انگريز ٺٽي ۾ ڳچ وقت ٽڪيا پيا هئا، جيستوئي ميراڻي جهمپٽي اچي؛ ۽ جڏهن اها اچي سهڙي. ته ساري سفارت ان ۾ ماپي ڪين سگهي، انهيءَ ڪارڻ ڪن کي خشڪيءَ رستي حيدرآباد وڃڻو پيو. ٻئي پارٽيون 8- آگسٽ تي اچي حيدرآباد سهڙيون. درٻار ۾ سندن واهه جي اُجيان ٿي- جيتوڻيڪ شروعات ۾ انگريزن سفارت جي درٻار ۾ ويهڻ جي بندوبست ۽ درٻار ۾ اچڻ مهل ڍنگ تي البت ٿوري گهڻي رد بدل ضروري ٿي. هتي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ڪهڙي ڪارڻ ميرن ۽ سندن مکيه عملدارن جي مرضي ڪانه هئي ته انگريزي سفارت ڪا حيدرآباد اچي. ’ڪرنل هينري پاٽنجر،‘ انگريز ايلچيءَ جو ٽيون نائب، پاڻ خود انهيءَ جو ٺيڪ سبب ٿو ٻڌائي: لکي ٿو ته ”ميرن کي انهيءَ اُلڪي اچي ورايو هو ته هيل اسين سندن ملڪ پس پيش ڳڙڪائڻ لاءِ نظر مان ڪڍڻ آيا هئاسين، تنهن ڪري هنن نٿي چاهيو ته اسين ڪو ملڪ ۾ ايترو اندر (حيدرآباد توڻي) وڌي اچون“. انهيءَ ۾ ميرن ڪا غلطي ڪانه ڪئي هئي؛ ڇو ته ڀاٽنجر پاڻ پنهنجي من جي مديءَ يا خيانت جي خيال هو هيٺئينءَ ريت ٿو ذڪر ڪري. ”انهيءَ جو ته اڳ ۾ ئي خيال ڪيو ويو هو ته ڪو اهڙو سبب ڳولهي ڪڍجي، جنهنڪري وفد جو ڪجهه حصو خشڪيءَ رستي ۽ ڪجهه حصو پاڻيءَ رستي حيدرآباد- درٻار ڏي وڃي سگهي، جيئن ملڪ جو گهڻي ۾ گهڻو واءٌ سٽاءٌ لهي سگهجي.“- ته ڇا، تڏهن انگريز ميرن جي ملڪ جي ڪَٿ ڪرڻ آيا هئا ڪيئن ته آخر اِهو لقمو سندن ڳڙڪائڻ لائق هو يا نه، ۽ هيءُ عهدنامي جو فقط ٻاهريون ڍونگ هو! تنهن کان سواءِ، انگريزي ايلچيءَ جي روش به آبائتي ڪين هئي: هن بي سبب ميرن کي هيسائڻ جي پئي ڪوشش ڪئي؛ هُو ميرن جي خط جو کين جواب ئي نه پيو ڏئي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال موجب ميرن جو خط انهيءَ وڏونهن ڀريل نوع ۾ لکيل هو، جنهن کي دٻائڻ جي کيس فهمائش ٿي هئي؛ ميرن کي خط لکندي، هو کين ’حضور‘ سڏڻ کان پيو هروڀرو ۽ بي سبب عار ڪري، جيتوڻيڪ سڀيئي ڏيهي حاڪم کين ائين ئي لکندا هئا؛ تنهن کان سواءِ، سمٿ صاحب هوڏ ٻَڌي بيٺو ته جڏهن انگريزي سفارت درٻار ۾ گهڙي، ته مير صاحب سندن آجيان ۾ اُٿي بيهن! ميرن سڀ ماٺ ۾ برداشت ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو انگريزن کان ڪجهه قدر ڊنا ٿي- انگريز ڪَڇ تائين پهچي چڪا هئا، ۽ ساڻن هٿ اٽڪائڻ جي حالت ۾ ميرن کي ڏيهي حاڪمن وٽان مدد ملڻ جي اميد به خير ڪا هئي؛ مورڳو انهن حاڪمن جي به دشمني پرائڻ جو امڪان هو، ڇاڪاڻ ته هو، ته انگريز هندستان ۾ ‎ ته اهڙو ته زور پئجي ويا هئا، جو سڀني ڏيهي حاڪمن کانئن ڪَن ٿي هنيو، ۽ ساڻڻ دوستيءَ جو ناتو ڳنڍڻ ٿي چاهيو. هيءَ بيهودي روش انگريزي وفد انهيءَ ڪري اختيار ڪري رهيو هو، جو هاڻ کين سنڌ سان عهدنامي جي ڪا خاص ضرورت ڪانه هئي- ڪم پئي ويل انگريز ميرن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ها. پهرينءَ ملاقات جي ٻئي ڏينهن انگريزي ايلچيءَ سندن لاءِ آندل سوغاتون ميرن ڏي ڏياري موڪليون، جن ۾ آرسيون، سونيون واچون، گهڙيال، بندوقون، پستول، دروبينيون، مخمل ۽ چُريل ڪپڙو يا ڇِيٽون وغيره هيون. ميرن جي ڪپڙي جي شوق ۽ ڄاڻ پڇاڻ جي سُڌ هَنڌين ماڳين مشهور هئي، ۽ اهي ڇيٽون سندن منهن تي هرگز ڪين ٿي پييون. ميرن کي اهي سوغاتون ڪين ٿي آئڙيون، ڇو ته ههڙيون ساديون سوکڙيون موڪلي دراصل سندن بيعزتي ٿي ڪئي ويئي. ميرن پهرين ته سوغاتون موٽائي موڪلڻ جو خيال ڪيو، پر پوءِ خيال آين ته سوکڙيون واپس ڪرڻ ٿيو موڪليندڙ (انگريز بهادر) جي گهٽتائي ڪرڻ، جا هنن واجب نه سمجهي، ۽ لاچار سوکڙيون سويڪار ڪيائون. جيئن عهدنامي جون ڳالهيون پيچيديون ٿينديون وييون، ته ميرن ڏٺو ته انگريزن کين سخت لاچاريءَ جي حالت ۾ لاهي وڌو هو. انگريزي ايلچيءَ کين صاف لفظن ۾ چيو ته ڪهڙيءَ به حالت ۾ انگريز کين افغانن خلاف ڪداچت مدد نه ڪندا. نه رڳو ايترو، پر جيڪڏهن پاڻ افغانن خلاف ڪو گوڙ بکيڙو ڪيائون، ته انگريز افغانن جي ئي حمايت ڪندا. تنهن کان سواءِ ميرن کي دڙڪو به ڏنو ويو ته جيڪڏهن هو انگريزن جي دشمنن سان رستو رکندا، يا انگريزن خلاف سٽون سٽيندا، ته انگريز افغانن تي زور آڻي به سندن رهيل کيل آزادي کي ختم ڪرڻ ۾ ويرم نه وجهندا. هي دٻاءَ ۽ دڙڪو انگريز هن ويل ميرن کي انهيءَ ڪارڻ ٿي ڏيئي سگهيا، ڇاڪاڻ ته انگريزن ۽ افغانن جو پاڻ ۾ عهدنامو ٿي ويو هو- ۽ سنڌ نالي ۾ ته اڃا افغانن جي ئي تابع هئي. لاچار، موجود ڪمزور حالت محسوس ڪري، ميرن انگريزي ايلچيءَ جي لکت وارو عهدنامو قبوليو. ان موجب، انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ دائما دوستي قائم ٿي، ۽ ميرن فرينچن کي پنهنجين حدن ۾ اچڻ کان روڪڻ جي ذميواري هموار ڪئي. اهو عهدنامو ميرن ۽ انگريزي ايلچيءَ 22 آگسٽ 1809ع تي صحيح ڪيو ، ۽ انگريزي گورنر جنرل، ان جي پٺڀرائيءَ ۾، 16- نومبر 1809ع تي ان تي پنهنجي صحيح وڌي. هيءُ عهدنامو ته ٻاهرئين ڏيک لاءِ ئي ڪيو ويو هو، ڇو ته ٻنهي ڌرين مان ڪنهن به ان تي پيروي ڪرڻ جي مرضي ڪانه هئي. انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ دائما دوستيءَ جو اهو نقلي ناتو، جو سن 1809ع ۾ شروع ٿيو هو، ٽيهه سال هلندو آيو. اهو ته ناشُدلي هو ته بلوچ ۽ برطاني پاڻ ۾ ڀائپي رکي سگهن. جنهن صورت ۾ هندستان تي فرانسي ڪاهه جو انديشو ڪافور ٿي رهيو هو، تنهنڪري انگريزن کي هاڻي ميرن سان گهاٽي رستي رکڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانه هئي- خاص ڪري جڏهن هنن ميرن کي جاهل ۽ اغماضي قوم ڪري ٿي ليکيو. هوڏانهن مير به انگريزن سان ناتي ڳنڍڻ ۾ ناراض هئا، جيتريقدر انگريز پاڻ- خاص ڪري اهڙيءَ طاقت سان، جنهن مان کين ڊپ هو؛ ۽ جنهن کين پنهنجي ايلچيءَ (سيٽن) جي ساڻن ڪيل عهدنامي کي رد ڪري ڪاوڙايو به هو؛ تنهن کان سواءِ کين اهو به ٿي سجهيو ته انگريزن سان ناتي ڳنڍڻ ڪري ڏکڻ- اوڀر طف سندن واڌ کي صفا ٻنجو اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ طرف انگريزن جو چاهه وڌندڙ هو: تنهن ڪري 1809ع وارو عهدنامو ڪنهن ڪم جو ڪين هو. تنهن هوندي به، سنڌ ڏي موڪليل انگريزي سفارتن پنهنجو مطلب سڌ ڪيو: هنن ميرن کي دڙڪائي، پنهنجن (انگريزن جي) دشمنن جي منصوبن ۾ حصي وٺڻ کان باز رکيو هو. تنهن کان سواءِ انگريزي سفارتن ٻيو به ڪارج سڌ ڪيو: سيٽن وارو عهدنامو رد ڪري، انگريزن افغانستان جي حاڪم کي قائل ڪرايو ته هنن سندس سلطنت قائم رکڻ ۾ واهر ڪئي هئي، نه ته ايراني ۽ فرانسي لشڪر جي مدد سان سنڌ جا مير سولو ۽ آڻي چيو سندس تابعداري ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ها. سيٽن، ميرن سان عهدنامو ڪري، فرينچن ۽ ايرانين کي سنڌ مان ٿُڏائي ڪڍيو؛ ۽ سندس واپس ورڻ تي، انگريزن، سندس ڪيل عهدنامور رد ڪري، ميرن کي دڙڪا ڏيئي سندن تابعداري قائم رکي هئي. هن قسم جي دليلبازيءَ ئي گهڻي قدر ڪابل جي شاهه کي انگريزن سان عهدنامي ڪرڻ ڏانهن مائل ڪيو هو. ان کان سواءِ، سمٿ واري وفد ٻيو به هڪ ضروري ڪم ڪيو: وفد جي ڳچ ميمبرن سنڌ- درٻار ۽ سنڌ ملڪ بنسبت بيان لکيا، جي هنن پنهنجيءَ سرڪار کي پيش ڪيا. ڪرنل هينري پاٽنجر جو ڪتاب، ”سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سفر“، انگريزي ايلچيءَ جي ٽئين نائب جي سنڌ ۾ پرايل آزمودي ۽ حاصل ڪيل خبرن جو حقيقي چِٽ ٿو چٽي، ۽ انهيءَ احوال انگريزن لاءِ سنڌ بنسبت خبر چار ۾ چڱي اهميت رکِي. سمٿ- وفد ’ميرن سان ڪهڙي روش وٺجي جو هو هميشه انگريزن جو ساٿ ڏين‘ بنسبت پڻ هڪ عمدو طريقو تيار ڪيو: ڏٺو ويو ته مير صاحب ٿوري ئي دڙڪي ۽ دٻاءَ تي ڍرا ٿِي ٿي ويا؛ تنهن ڪري جيڪڏهن انگريزن چاهيو ٿي ته سنڌ ۾ کين ڪهڙيون به سهولتون ملن، ته سندن ايلچين لاءِ ضروري هو ته هُو پنهنجي ڳالهه تي محڪم رهن، ۽ ڪنهن به حالت ۾ پنهنجيءَ ڳالهه تان تِر ماتر به نه مُڙن- پوءِ هُو پنهنجي گهُر ۾ غلط هجن يا صحيح. ڪرنل پاٽنجر هن دڙڪي ۽ دٻاءَ واري طريقي جو اسرار 1809ع ۾ اکئين ڏٺو هو، سو کانئس پَٽيءَ ڪين وسريو. هو جڏهن 1832ع ۾ انگريزن پاران سنڌ ۾ ايلچي مقرر ٿي آيو، ته هن سنڌ- درٻار ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو، ۽ ڪڏهن به ان جي فائدي وٺڻ کان عار ڪين ڪيو. نه رڳو ايترو، پر هُن پنهنجي نائبن کي به اهڙي ئي هدايت ڪئي، ۽ مٿين اختياريءَ وارن جو به انهيءَ ڍنگ جي فائدي ڏانهن ڌيان ڇڪايو. ڪرنل پاٽنجر جي اڳري هلت اختيار ڪندي به ميرن کي سندس لاِ خاص عزت هئي، ۽ هو کيس پنهنجو هڏ ڏوکي ۽ حمايتي ڪري ليکيندا هئا.

مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته سمٿ- سفارت سنڌ جي ميرن سان جيڪو 1809ع ۾ عهدنامو ڪيو، تنهن جِي ڪنهن به ڌُر کي ضرورت ڪانه هئي، انگريزن جو سنڌ سان 1820ع تائين ڪو خاص گهاٽو تعلق ڪين رهيو. 1818ع ۾ مرهٽِ جمهوريت کي ڪاپاري شڪست بعد ڪڇ طرف سندن ڌيان وڌيو. ڇاڪاڻ ته 1819ع ۾ ڪڇ جي مڙني رياستن انگريزن جي تابعداري قبولي، تنهن ڪري ڀُڄ ۾ انهيءَ سال کان انگريزي ايلچيءَ جي دائمي پيماني تي ڇانوڻي کڙي ڪئي ويئي؛ ان ڪري انگريزن جو زرو ميرن جي بنهه سرحد تي در کڙڪائڻ جيترو ويجهو اچي سهڙيو. هن خبر تي ميرن البت گهٻرايو. ڳچ عرصي کان ميرن پهه پئي پچايا ته هڪ هڪ ڪري ڪڇ جون رياستون ڳڙڪائي وڃجن، پر- جيسين لَلُو کڻي لٺ، تيسين ڪرهه وڃي اُجهامي- جيستائين مير پنهنجا سانباها ڪري تيار ٿين، تيستائين هڪ ڌڪ سان انگريزن کانئن سندن شڪار هٿان کسي ورتو.... مير صاحب ٺلهائي رهجي ويا. انگريزن سان سندن پڄڻ ڪين هو، تنهنڪري ويچارا سُور پِي ويهي رهيا. هيل تائين ميرن جو ڏکڻ- اوڀر سرحدي پرڳڻو پنهنجي ڦورو باشندن جي ڪارواين کان ناميارو ٿي چڪو هو- خاص طرح کوسا، جي ميرن جي ملڪ ۾ رهندا هئا، سي ڪڇ جي رياستن ۾ ڦرمار ڪرڻ جي خاطر لنگهي ويندا هئا، ۽ مرضيءَ موافق لڏا ڀري وري اچي سنڌ ۾ سرن وٺندا هئا. هاڻي جو ڪڇ جي رياستن انگريزي تابعداري قبولي هئي ته کوسن جي آزار کي ٻنجي ڏيڻ خاطر سرحد تي هنن پنهنجيون فوجي ڇانوڻيون لڳايون؛ تنهن کان سواءِ انگريزن ميرن کي 1809ع جي عهدنامي جي قلمن موجب واهر لاءِ لکيو. ميرن کوسن جي ڦرمار کي روڪڻ لاءِ انگريزن جي مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو، ۽ کوسن خلاف ڪجهه سپاهي سرحد ڏي چاڙهي مُڪا. سنڌي سپاهين، سنڌ جي حد ۾، انگريزي ڇانوڻيءَ جي بنهه سامهون اچي پنهنجا خيما کوڙيا. انگريزي فوجي دستن جي ڪپتان، ليفٽيننٽ ڪرنل بارڪلي، کي ائين خيال ۾ آيو ته سنڌي سپاهي کوسن کي سندن شرارت کان باز آڻڻ بدران کين هُشي ڏيئي رهيا هئا. اهو انهيءَ مان ظاهر ٿي ٿيو ته جيتوڻيڪ کوسن جا ڪجهه ماڻهو سنڌي ڇانوڻيءَ جي بلڪل نزديڪ ئي اچي منزل انداز ٿيا هئا ته به سنڌي سپاهين کين ڪي ڪين چيو. ’بارڪلي‘ جي ماڻهن انهيءَ رات کوسن تي هلان ڪرڻ جو ويچار ڪيو هو. جنهن رات مٿن وڃي مارو ڪيائون، ته قضا سان ڪي سنڌي سپاهي، جي کوسن جي بلڪل ويجهو هئا، سي به مارجي ويا؛ ڇو ته رات وڳڙي کين کوسن کان الڳ سڃاڻڻ مشڪل هو. سنڌي سپاهي انهيءَ تي ڇانوڻي ڦٽائي حيدرآباد موٽِي آيا ۽ سندن ڪپتان ميرن اها دانهن داخل ڪئي ته انگريز، عهدنامي جو النگهن ڪري، سنڌي سرحد ۾ ڪاهي آيا، ۽ راهه گناهه سنڌي سپاهي ماري وڌائون. ميرن کي اهي خبرو سُڻي مَٺيان لڳي، ۽ هنن ڪَڇ خلاف هڪ لشڪر چاڙهي موڪليو. سنڌي لشڪر ڀُڄ کان پنجاهه ميل مفاصلي تي ’لونا‘ جو شهر وڃي ولاريو، ۽ پسگردائيءَ واري ملڪ کي ڦرڻ ۽ اُجڙ ڪرڻ شروع ڪيو. انگريزي صدر- مڪان ۾ سنڌي لشڪر ڪَڇ ۾ دخل جي خبر جهٽ پهچي ويئي، ۽ سنڌين کي سيکت ڏيڻ خاطر، ليفٽينٽ ڪرنل ’اِسٽئنهوپ‘ جي اڳوڻيءَ هيٺ، لشڪر هڪدم روانو ڪيو ويو. ميرن جا ماڻهو انگريزي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي پٺتي موٽيا جو سمجهيائون ته ساڻن پڄڻ ڪونهي. بمبئي سرڪار ميرن کان سندن سپاهين جي ڪڇ جي ڪجهه ايراضين ڦرڻ ۽ اُجڙ ڪرڻ جو اَجورو گهريو. ميرن کي دڙڪو ڏنو ويو ته جيڪڏهن هو نقصان ڀري نه ڏيندا، ته انگريزي لشڪر سندن حدن ۾ پيهي ايندو. ميرن ٿيل چڙهائيءَ جي هڪدم بي دعوائي ظاهر ڪئي، ۽ ڀُڄ ۽ بمبئي ڏانهن وڪيل چاڙهي موڪليا ته انگريزي اختياريءَ وارن کي وڃي ٺاري اچن. انگريزي مرڪزي سرڪار به ان معاملي کي وڌائڻ ڪين ٿي چاهيو، جنهنڪري هنن ڪئپٽن ’سئڊليئر‘ جي صدار هيٺ مستر ’ڊبليو سائمي‘، ڊاڪٽر ’هال‘ ۽ ميجر ’ووڊ هائوس‘ جي سفارت، 1820ع ۾، سنڌ ڏانهن ڏياري موڪلي ته ميرن سان نئون دوستاڻو ٺاهه ڪري اچن. نئون عهدنامو جلد تيار ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو، جو انگريزي گورنر جنرل 10- فبروري 1821ع تي صحيح ڪري موڪليو. ميرن جي اقرار، ته هو کوسن جي ڪاررواين ۽ ڪارنامن تي بندش وجهندا، انگريزن کي خاص طرح خوش ڪيو. هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته جنهن ويل انگريزي ڪپتان ڀڄندڙ سنڌي سپاهين جو پيڇو ڪندو وڌي رهيو هو، ان وقت هن لاءِ بلڪل ئي آسان هو ته هو ميرن کي جبري شڪست ڏيئي، سنڌ ملڪ به انگريزي سلطنت سان لڳائي ڇڏي؛ پر انگريزي عالي سرڪار کي سنڌ پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جي تنهن ويل تمنا ڪانه ٿي ڏٺي هيءُ پهريون ڀيرو ڪين هو جو هنن لاءِ سنڌ هٿ ڪرڻ جو اهو سولو وجهه ٺهي آيو هو. کين اڳ ۾ به ڪجهه دفعا اهڙي آڇ ٿي هئي، جا هنن انگيڪار ڪين ڪئي هئي. سن 1800ع ۾ هڪ ڀاٽيي، کيمجي ڏونگرسيءَ، بمبئيءَ جي انگريزي گورنر، آنربل جو ناٿن ڊنڪن، کي لکيو هو ته جيڪڏهن انگريز چاهين ته هو سولائيءَ سان سنڌ هٿ ڪري سگهن ٿا، ۽ انهيءَ ۾ هو کين ٿالهي ٻَڌي مدد ڏيئي ٿي سگهيو- ۽ انهيءَ لاءِ هو تيار به هو. تنهن کان سواءِ 1809ع ۾، جڏهن نوجوان انگريزي ايلچيءَ، مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفنسٽن، افغانستان جي حاڪم شاهه شجاع کي ڪجهه پيسا ڏيئي کانئس سنڌ ڇڏائڻ جي رٿ جي خبر ڪلڪتي پهتي، تڏهن اها اُتي جي اختياريءَ وارن کِلي ٽاري ڇڏي 1820ع ۾ ٽيون ڀيرو سنڌ هٿ ڪرڻ جو سونو وجهه انگريزن وٽ سهڙي آيو، پر هيل به کين اهو ڪين آئڙيو. انهيءَ جو سبب لهڻ اوکو ڪينهي. سنڌ بنسبت انگريز سرڪار کي خاص يا پوري خبر ڪانه هئي. هنن، انهيءَ ڪري ائين سمجهيو هو ته سنڌ ڳڙڪائڻ ڪو سڻڀو لقمو ڪونهي تنهن کانسواءِ کين انهيءَ خيال به ٿي ورايو ته سنڌ هٿ ڪرڻ سان کين سنڌوءَ جي اتر- اولهه وارن ملڪن جي معاملي ۾ منهن وجهڻو پوندو، جنهن لاءِ هن ويل هو تيار ڪين هئا. انگريزي اعليٰ سرڪار سنڌ نه هٿ ڪرڻ بابت هيٺون عذر ظاهر ڪيو: ’سنڌ سان لڙائيءَ ڪرڻ جهڙيون اَڻ صلاح ڀريون تجويزون ڪي ڇڊيون ٿينديون؛ ڇو ته ڪاميابيءَ جي حالت ۾ موٽ اهڙي ڪا خاص ڦَلدائڪ نه ٿيندي، اُٽلو ڪي قدر نقصانڪار. ميرن جو ملڪ هٿ ڪرڻ لائق ناهي، ۽ اُن کي تابع رکڻ ۾ اسان کي سنڌوءَ جي پرينءَ ڀر وارن ملڪن جي سياسي سازشن، لڙائين ۽ اوسيڙي ۽ ڳڻتين ۾ حصو وٺڻو پوندو. ٿي سگهي ٿو ته هن کان پوءِ ميرن جو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ حالتون اسان کي مجبور ڪن، پر جيترو وقت انهيءَ ۾ ڍل وجهي سگهجي اوترو اسان لاءِ اِهو ساڃهه ڀريو قدم ٿيندو.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com