سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :18

مٿين بيان مان سنڌ ڏانهن انگريزن جي اوڻويهين صديءَ جي پهرين ويهن سالن ۾ روش ظاهر ٿئي ٿي. انهيءَ عرصي ۾ انگريزن کي ميرن جي ملڪ ڳڙڪائڻ جو بنهه خيال ڪين هو. انهيءَ سمي هندستان ۾ انگريزي سرڪار جي اها ئي ڪوشش هئي ته جيترو وچ- ايشيا جي سياسي معاملات کان دور رهجي اوترو بهتر. پر، چند سالن ۾ حالتون اهڙيون بدلجي ويون ۽ ڦِرڪو اهڙو ڦرڪو ويو، جو هندستان ۾ انگريزي سرڪار جي ناظمن کي پنهنجي اڳين جانشينن جي اختيار ڪيل نيتيءَ بلڪل ئي ڍلي لڳي، ۽ انهيءَ ڪارڻ هنن حالتن تي قبضي ڄمائڻ خاطر ڪجهه تڪڙا ۽ اڳرا قدم کنيا، جن جو سنڌ تي به گهاٽو اثر پيو.

سنڌ جو بنيادي ادب

سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه

”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ کي سنڌ جي اوائلي نثر ۾ بنيادي (Classical) حيثيت حاصل آهي. شروع شروع ۾، اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري، جڏهن سنڌي لپيءَ جوڙجڪ اڃا تجربي ۽ تجويز جي مرحلن ۾ هئي،- هيءٌ ڪتاب ان وقت پهرين پهرين لٿو ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. اصل قصو هنديءَ ۾ ’مُني ڌر‘ نالي منصف جو جوڙيل آهي، جنهن کي حافظ حاجي سيد ميران محمد شاهه اول، مٽيارين واري (1245- 9 130هه). سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

مرحوم سيد حافظ حاجي حڪيم محمد شاهه اول، مٽيارين جي مردم خيز خطي جي پيداوار آهي. شاهه صاحب مرحوم، جامع صفات شخص هو. نهايت ديندار ۽ پرهيزگار هجڻ سان گڏ، پنهنجي دور جو وڏو حڪيم ۽ حاذق هو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ وڏيءَ مهارت جو صاحب هو. اول ڪمشنر سنڌ جو مير منشي، پوءِ اسپيشل جج جو سرشتيدار ۽ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ٿيو. سرڪاري ملازمت جي انهيءَ دور ۾ انگريزي پڙهيو، ۽ قانون جي مطالعو پڻ ڪيائين. سندس همعصر وڪيلن مان حسن علي آفندي ۽ ديوان ڏيارا گدومل مشهور وڪيل هئا. خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي اشاري تي، وڪالت ترڪ ڪيائين، جنهن بزرگ فرمايو ته ”وڪالت ۾ ڪوُڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪرڻو ٿو پوي، اوهان جهڙي درويش- صفت شخص لاءِ مناسب نه آهي.“

شاهه صاحب وڏو عابد ۽ شب خيز شخص هو. دينيات ۽ حڪمت سان گڏ علم جعفر، نجوم ۽ رمل تي به کين چڱي دسترس حاصل هئي. شاهه صاحب جو سياست سان به تعلق هو. شاهه اسماعيل شهيد ۽ سيد احمد بريلويءَ جي پوئلڳن مان دهلي، لاهور امرتسر، عليڳڙهه ۽ اجمير وارن سان سندس ملاقاتون ٿيون هيون؛ انهن کان متاثر ٿي، شاهه صاحب انهن جي فڪر ۽ تحريڪ جو ڪم سنڌ ۾ ڪيو، سندس صحبت مان سندس عزيز ۽ شاگرد، علامه اسد الله شاهه قاضيءَ، خلافت جو بنياد وڌو.

شاهه صاحب ان ڪميٽيءَ جو به ميمبر هو، جا ڪميٽيءَ سنڌيءَ لپيءَ متعلق ويٺل هئي. هندن جي تقاضا هئي ته رسم الخط ديوناگريءَ ۾ هئڻ گهرجي، پر شاهه صاحب سليس نثر ۾ هيءٌ قصو لکي کين ٻڌايو ته سنڌي هن رسم الخط ۾ لکي پڙهي سگهجي ٿي؛ ۽ سنڌي ٻولي، عربي ۽ فارسي هندي ۽ سنسڪرت جي وڏن وڏن لفظن کان بچائيءَ، سليس انداز ۾ لکي سگهجي ٿي.

شعرو شاعريءَ ادب ڏانهن به سندن ڪافي توجهه رهيو آهي. پاڻ هڪ سنڌي- انگريزي ڊڪشنري به لکيائين، جا ڪمشنر جي لئبرريءَ ۾ اڄ تائين موجود آهي. نظم سان گڏ نثر ۾ به کين وڏي مهارت حاصل هئي. هي ڪتاب، ’سڌا توري ڪڌا توري‘، پاڻ سر بارٽل فرئير جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ تمام سليس ۽ دلنشين طرز ۾ ترجمو ڪيائون. ٻيو ڪتاب ’مفيدالصبيان‘ به سنڌيءَ ۾ آهي، ۽ ٽيون ڪتاب ’مفيد الطالبين‘ طلب تي آهي ۽ فارسيءَ ۾ آهي. ’مفيد الصبيان‘ سنڌيءَ جون ڪي ڪاپيون ڪمشنر جي لئبرريءَ ۾ اڃا تائين موجود آهن

شاهه صاحب. 1309 هه ۾ رحلت ڪئي. سندن پشت مان جناب سيد ميران محمد شاهه صاحب ’مير‘ سنڌي زبان جي هڪ پخته نويس مقاله نگار، شسته ۽ دلنشين انداز بيان جي مالڪ، قابل سياستدان ۽ قانوندان ليڊر جي حيثيت سان مشهور آهي.

’سڌاتورو- ڪڌاتورو‘ سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نهايت سهڻو نثري قصو آهي، جنهن جي ڏسڻ سان سنڌي زبان جي پراڻي ۽ عام طرز بيان ۽ اسلوب تحرير سان گڏ صرف ۽ نحو جي پراڻي سنڌي قاعدي جي خبر پوي.  ان سان گڏ، پراڻي رسم الخط ۽ ان جي اِنشاء اِملاء جو پڻ پتو پوي ٿو. ٺٽي جي مخدومن جي مشهور ’سنڌيءَ‘ کان پوءِ جنهن سليس ۽ شسته نثر لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ان ۾ هن قصي کي اوليت جو شرف  حاصل آهي- الفضل اللمتقدم. معلوم ائين ٿيندو ته اسان جي موجوده رسم الخط ۽ اسلوب نگارش ۽ ’سڌاتوري- ڪِڌاتوري‘ واري رسم الخط ۽ انداز بيان ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٿي ويو آهي. پراڻي نثر ۾ رواني ۽ شستگي، سادگي ۽ صفائي، نماڻائي ۽ سٻاجهائي زياده آهي. ان جي مقابلي ۾، موجوده نثر ۾ صوفي ۽ نحوي پختگيءَ سان گڏ رسم الخط ۾ به وڏو ڦيرو آيل آهي، ۽ انداز تحرير ۾ ذرا رنگيني ۽ تڪلف گهڻو آهي. عربي ۽ فارسي آميزش سان سنڌيءَ ۾ وسعت ۽ پختگي بيشڪ ٿي آهي، پر سلوڻي ۽ سهڻي ٻولي وري به اها آهي، جنهن کي اسين پُراڻي ۽ پهرين ٻولي سڏيون ته غلط نه ٿيندو، جا اسان جا وڏڙا وينجهار ۽ بزگزيدا عالم استعمال ڪندا هئا.

هن قصي کي ’مهراڻ‘ ۾ پيش ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته جي معيار ڪتاب دوباره ڇاپي هيٺ نه اچي سگهيا آهن، يا هن جي اشاعت جو ڪو ٻيو ذريعو نظر ئي نٿو اچي، تن کي ٻيهر شايع ڪري، زنده رکيو وڃي. ان سان گڏ،  اسان جا اديب ۽ طلباء، ههڙن ڪتابن کي هن دور جي ادبي ۽ فني ترقيءَ جي روشنيءَ ۾ پڙهي، پنهنجي ٻوليءَ جي ارتقا کي ڏسن، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. اسان جو ارادو آهي ته آئيندي ’مهراڻ‘ جي هر پرچي ۾ اهڙي قسم جو ڪو نه ڪو ڪلاسيڪي ڪتاب پيش ڪندا اينداسون.

هن قصي جي پڙهڻ وقت پڙهندڙن کي متروڪ لفظ نوٽ ڪرڻ گهرجي- خاص طور پهريائين ۽ پوئين بلاڪ ۾ آيل مضمون کي غور سان پڙهي، اعرابون جاچڻ گهرجن. نظر ايندو ته ان دور جا ڪاتب، عربي رسم الخط کان متاثر ٿي، ٺيٺ سنڌي لفظن تي به عربي قاعدي موجب حرڪات ۽ سڪنات ڏيندا هئا-

موجوده سنڌي نثر ۾ اهي اعرابون هاڻي اڪثر ڪري متروڪ ٿي ويون آهن. اسان هن قصي جو پهريون ۽ پويون صفحو هوبهو پيش ڪيو آهي، ۽ باقي مضمون مروج رسم الخط ۾ ڏنو ويو آهي؛ نفس مضمون اهو ئي رکيو ويو آهي. جو اصل ڪتاب ۾ موجود آهي. انهن ٻن صفحن ۾ رسم الخط جو ڪافي فرق ڏسي سگهجي ٿو. ڪتاب جي مُهڙ ۾ هيءَ عبارت آيل آهي، جا نقل ڪرڻ افاديت کان خالي ناهي:]

سُڌا تُورّي ڪُڌَا تُورّي جِيّ ڳَالِ

هِيُ ڪِتَاب قُصِّو سّبدِي ڪُبدِي  ٻُولِيَ ۾ پنڊت مَنِي ڌَرِ جُوڙئَوّ هَوّ تہ ٻَئي ڪَمشَنَر صاحِب بَهادُر سِنڌ جي حُڪم سَاڻُ، سِيِدَ مِيران مُحّمد شَاهه رَهَندَڙَ مَٽَارِنِ جي سِنڌِيَ وائِي ۾َ تَرجُمُونّ ڪِئُو.

ڪتاب ۾ آيل آڳاٽي رسم الخط جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:

آَوِين= اوهين؛ آنّي= ايئن؛ هِنيَّ= هيئن؛ وِئُو= ويو؛ نَؤءَ= نئون؛ آهين؛ جِيءٌ (جيون)= جُون؛ په= اُنَّ= اُنهن؛ اِيءٌ= اِهي؛ وِهُ= ويههُ؛ مَاڻُنِ= ماڻهن؛ تا= تان؛ کا= کان؛ سامُہءَ= سامهون؛ جيڪر(جيڪين)= جيڪي؛ تڏِهِ، جڏه= تڏهن؛ جڏهن؛ ٻِيءَ= ٻيون؛ سَڀڪہِ= سڀڪنهن؛ وَرِهه=ورهيه؛ تِهجِي= تَنهن جي؛ پَهراءِ= پهريائين؛ هُونوءَ= هونئن؛ هاڻِ= هاڻي؛ وَنيحهِ= وڃي؛ ڏِهُو= ڏيو (امر جمع)؛ پَڙِئُو= پڙهيو؛ آهِجي= اوهان جي؛ هِيرَّ= هينئر؛ اُٿِيڻُ- وِهَڻ= اُٿڻ- ويهڻ؛ اَسَاهِجُو= اسان جو؛ نِيهَبا= نياءٌ (انصاف)؛ ڀَلائوءَ= ڀَلايون؛ هٻيڪُو= هڪڙو؛ سِيءِ= سنئين (سڌِي)؛ هُوءَا= هُئا؛ ٿِئُو= ٿيو؛ ڳاَلِ= ڳالهه- وغيره.

مٿين مثالن مان چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ته رسم الخط جو ڪيترو نه فرق موجود آهي. ان کان سواءِ، ڪيترا متروڪ لفظ به هن قصي ۾ آيل آهن، جي اڄڪلهه استعمال نٿا ڪيا وڃن؛ انهن کي به پڙهندڙ حضرات نوٽ ڪري جاچين ته بهتر ٿيندو. اهو به نظر ايندو ته انداز بيان ۽ صرفي ۽ نحوي ترڪيبن ۾ به وڏو فرق آهي. مثال طور:

هن قصي ۾ آيل

هاڻي ڪيئن استعمال آهي

- ڌَڻيءَ ڀر ڊڄئون ڪم ڪندا هئا.

- هن ڳال جي وچوُر ڪيئن آهي.

- منشيءَ دفتر جي جو پڻ ڏوهه آهي.

- جنهن پاڻ سارَ ڪانه رکي.

 

- ان سببان منشي دفتر جو ٻه ميهنا پنهنجي ڪم کان نڪري وِهي.

- ڪڌا توري پنهنجي کوٽ ۽ ڊوهه جي سبب تي ٽي ورهيه بند ۾ رهِي ڏلا کڻي.

 

 

- ڌَڻيءَ جو خوف رکي ڪم ڪندا هئا.

- هن ڳالهه جي تفصيل ڇا آهي.

- دفتر جي منشيءَ جو پڻ ڏوهه آهي.

- جنهن پاڻ کي خبردار نه ڪئي

- ان ڪري دفتر جو منشي ٻن مهينن لاءِ پنهنجيءَ ملازمت کان خارج ڪيو وڃي.

- ڪڌا توري، پنهنجي کوٽ ۽ ڊوهه جي پاداش ۾، ٽي سال قيد ڪيو وڃي، ۽ کيس سخت پورهئي جي سزا ڏني وڃي.

اميد ته سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ محقق، سنڌي ٻوليءَ جي هن ٺيٺ ۽ سليس نثري شاهڪار جو مطالعو نهايت غور سان ڪندا؛ خاص طرح سان رسم الخط ۽ انداز بيان جي جهوني ۽ هاڻوڪي انداز ۽ معيار جو فرق جاچيندا. -غ م. گرامي.

..... اڀاڳي- سي ٻئي اهڙا بڇڙا هئا، جي ماڻهن سين رڳا ڊوهه ۽ رڳڙا ڪندا هئا؛ اِي پٽيءَ ڪين ڄاڻندا هئا ته ڪي هنن بُڇڙاين جي ڪنهن سامهون ڪا ورندي ڏيني ٿينديسون. ٿورن ڏينهن پڄاڻا انهين ٻنهي ڄڻن کي هٻيڪو هٻيڪو پُٽ ٿيو. سَمُهابي پنهنجي پٽ جو نالو ’سڌاتُورو‘ رکيو، ۽ اَمُهابي ’ڪُڌاتورو‘.

جڏهن آو ڇوڪر چئين پنجين- پنجين ورهين ڄمار جا ٿيا، تڏهن سمهابي پنهنجي بت کي بابَ پڙهڻ ويهاريو. جڏهن اُو ڇوڪرُ ستن ورهين جو ٿيو،  تڏهن سمهابي کي هيءَ ڳڻتي ٿي ته’مون کي تان پاڻ اُن جي سيکارڻ جيتري واندڪائي ڪانه آهي ۽ ڇوڪر جي سيکارڻ جي پڻ مهل اها آهي جيڪڏهن ان ۾ ڪا وسيلائي ڪِبي ته ڇوڪر ڄَٽُ ٿي پوندو، انهيءَ ڳالهه جو بار سدا منهنجي مٿي تي رهندو؛ ۽ ڏاهن چيو آهي ته جو مائٽُ پنهنجي وِياءَ کي لکڻ- پڙهڻ نه سيکاري‘، سو ڪَرَ اُن جو ويري آهي؛ پوءِ مون کي گهرجي ته ان جي پڙهڻ جي ڪا رٿ ڪريان. ۽ جي ڪنهن آخوند وٽ پڙهڻ موڪليندس، ته او ڏينهن لائيندو؛ نينگرُ پڻ ڪم ڪار ۾ ڀَڙُ  ڪين ٿيندو؛ پر هتي جو مڪتب آهي، ان ۾ آخوند ڀڙ آهي، ۽ گهڻي ڳَهنَ (خيال) سين پاڙهي ۽ لکائي ٿو، ۽ حال چال جون ڳالهيون پڻ سيکاري ٿو، تِتِ ڇوڪرُ نه ته پڙهڻ ويهاريان؛ پوءِ، اها رٿ ڪري، ڇوڪر کي پڙهڻ موڪيائين.

سڌاتورو، مڪتب ۾ وڃي، ٿورڙن ڏينهن ۾، بابنامو پڙهي ۽ ٻيا ڪتاب ڏسي، پاڻيهي سُرت وارو ٿيو، ۽ ڪيترن ئي اکرن ۾ لکپڙهه ڪرڻ لڳو. تڏهن آخوندَ، ان کي سُچيت ڄاڻي، ’اردو آدرس‘ – جو ڪتاب اُردو آهي- پاڙهي، اُردو ۾ پڻ محاورو ڪرايُس؛ ۽ ان جي دقت ۽ ڏاهپ ڏسيو، آخوند ۽ ٻين ماڻهن ئي چيو ته هيءُ ڇوڪر ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ لکپڙهه ۾ ڀَڙُ ٿي ويندو؛ ڏانهن لکيو آهي ته آرکَڻَ چڱائيءَ جا پهريائين پڌرا ٿا ٿين، ته هيءَ ڇوڪر پنهنجي راڄ ۾ چڱو مڙس ٿيندو- جيئن ته سَلو سِرڄندي ئي سمجهجي ته هيءَ وڻ وڏو ٿيندو؛ ۽ هيءٌ پَهڪو (پهاڪو) پڌرو آهي ته ’بَڙَ جا پَنَ اُڀرندي ئي سَڻڀا‘.

سُڌاتورو ٻن ٽن ورهين ۾ ليکي جي ڪتابن ۾، جَبرُ مقابلي ۽ ڌرتيءَ نروارَ ۽ علم هيئت ۽ چٽِن ۽ تاريخن جي ۾، ۽ ٻين علمن ۾، ڀڙ ٿيو. پڙهڻ جيءَ مهل ان جو اهڙو حال هو ته جنهن جنهن ٽوليءَ ڇوڪرن جيءُ سين دُوري هو. تنهن ٽولي کان سگهو ئي پنهنجي ٻڙپائي سين نڪريو مٿينءَ ٽوليءَ کي ٿي پهتو.

هيڪي ڏينهن ڪَلڪٽَر صاحبُ، دفتردارَ ۽ منصفَ ۽ فوجدارَ ۽ ٻئي عَملي سوڌو، ڇوڪرن جي پرک لاءِ اُن مڪتب ۾ آيو. انهيءَ مهل ڊيپُوٽي ڪلڪٽر ۽ ڪاردارُ پڻ هِڪيو هو. تڏهن، صاحبَ مٿئين، ڇوڪرن جي پرک وٺتي. پوءِ جيڪو ڇوڪر ته ڍرڙو هو ۽ هو. لکپڙهه تي چاههُ نه هوس، ان کي ڪوٺيو ٿي چيائين ته ”جيڪڏهن تو ڳَهنُ ڪري لکيو پڙهيو هو ۽ پنهنجي واڌارو ڏيکاريو هو، ته جيڪر توکي پڻ ڏاڻُ (انعام) مليو. ڏسُ، تنهنجيءَ ڍرڙائيءَ تنهنجي انعام کي جهليو! جيڪڏهن اڳتي دقت ۽ ڳهنُ ڪري پنهنجي علم جو واڌرو پرک مهل ڏيکاريندين، تان ڏاڻُ ملندءِ!“ ائين چئي، جيڪي ڇوڪرَ ڍرڙا هئا، تن کي ڌار ويهاريائين؛ ۽ جي ڇوڪر پرک ۾ ڀڙ نڪتا، تن کي گهڻي پيار سين ڪوٺي سڀن ماڻهن اڳيان ان جي ساراهه ڪئي، ۽ سمجهه پٽاندر سڀڪنهن کي ڪتابَ انعام ڏنائين. پر جڏهن انهن ڇوڪرن مان، جي لکپڙهه منجهه ڀڙ هئا، سڌاتوري جو نالو آيو، تڏهن ڪلڪٽر صاحب سڌاتوري کي چونڊي، پرک لاءِ، ڌار پنهنجيءَ درٻار ۾ ڪوٺي، چيو ته ”جيڪي پڇائون سڀ کان ڪيونسون، تن جي تو ورندِي چڱي ڊولَ ۽ سُوڌِي ڏني، ۽ اسين توکان گهڻو سَرها آهيون؛ پر ٻيون پڇائون تو رُڳي کان پڇنداسون“. تڏهن سڌا تورو، ڏاڍو سرهو ٿي، صاحبَ کي ۽ سرڪردن کي نمي سلام ڪري، صاحبَ سامهون ادب ساڻ بيٺو. تڏهن صاحب آخوند ڏانهن نهاريو ته ڪِي هن ڇوڪر کان پُڇ. پوءِ آخوند جيڪي پڇيو، ڇوڪر تنهن جي ورندي سِگههَ سِگهِي ڏني. وري صاحب بهادرَ پاڻ ٻَنيءَ  جي مَئڻ (ماپڻ) جو ڊولُ ۽ نقشي ٻنيءَ جي جوڙڻ جي واٽ پُڇِي، ۽ اَقليدس ۽ جَبرَ- مقابلي ۽ ٻين علمن ۾ پڇيو. شاباس ان ڇوڪر کي، ته سڀ ڪنهن هيڪي جي وراڻي سنئين ۽ پُوري ڏنائين. نيٺ جِي ڳالهه، ... ڪلڪٽر صاحب خوش ٿي ان جي واکاڻ ڪئي، ۽ ٻيو ڏاڻُ پڻ ڏنائين، ۽ چيائين ته ”جو ڇوڪر انهيءَ پرک ۾ ڀڙ نڪرندو، تنهن کي سرڪاري ڪم پڻ ملندو“ ائين چئي، ڪلڪٽر صاحب بنگلي ڏانهن ويو.

پوءِ سڌاتورو لکپڙهه ۾ ڏاڍو رنڀيل رهيو؛ ۽ ڪلڪٽر صاحب جي دل ۾ پڻ ان جي چاڙهڻ جو گهڻو ڳَهنُ (خيال) ٿيو. هيڪي ڏينهن، صاحب مٿئين، سڌاتوري کي جلانپور جي تپدار جي همراهيءَ لاءِ بيهاريو. سڌاتورو چيتَ گهڻي سين ڪم ۾ رهيو.

هيڪي ڀيري، ڪلڪٽر صاحبَ جلانپور جي تپدار کي حڪم ڏنو ته ”هتي نقشو ٻَنيءَ جو جوڙڻ مهل سنئون ۽ سُودو نه ٺهيو آهي، ان لاءِ توکي گهرجي ته ٻَنيُن کي مَئي،نئين سر نئون نَقشو سنئون ۽ سُوڌو جوڙي آءٌ، ۽ ان نقشي جيئن خَسرو پڻ ٺاهي آءٌ. انُ صاحب جي منهن تي ته آنهه ڪئي، پر پَنيُن جو مَئي (ماپي) نقشو جوڙڻ ڪِي اهڙو سهکو نه هو.

تپدارَ، مُنجهيل ٿي، پنهنجيءَ جاءِ تي اچي، مددگار (سڌاتورو، کي چيو ته ”هي ڪم ڪيئن ٿيندو، جو آءٌ ته مُور اِن ڪم ۾ اَڄاڻ آهيان، ۽ تون پُڻ نئون آهين! هاڻ ڪيئن ڪجي؟“ مددگار چيو ته: ”تون دلجاءِ ڪري ويهه. آءٌ ڀُونءِ مَئڻ ۽ نقشو جوڙڻ ڄاڻندو آهيان، ۽ اِن ڪم ۾ محاور گهڻو آهيم. ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان نقشو پڻ جُڙي پوندو، ۽ ٻَنِي پڻ ڪَڇجِي رهندي“.

نيٺ جي ڳالهه ته تپدار، دلجاءِ ڪري، مددگار جي ٻيلئَپي سين، نقشو ٻيءَ وار جلالپور جو جوڙڻ لڳو. جڏهن نقشو سؤ نمبر توڻي ٿيو، تان موهن سِنگ ضابط جي 101 ۽ 102 ۽ 103 نمبر جون ٻنيون ڪَڇ (ماپ) ۾ برابر لکيون (لکيل) هيون، پر اِهي ٽِئي ٻنيون ڍاڪي جون هيون*، ۽ خسري بارانيءَ جي ۾ لکجي پييون هيون. جڏهن مددگار ڀانيو ته خسرو جوڙي برابر ڪريان، ته موهن سِنگ ضابطّ اچي چيس ته ”ڌڻيءَ ڪارڻ پنج روپيا وٺُ، ۽ اهي ٽِئي ٻنيون جيئن منهنجي خسري ۾ لکيل آهن، اُوهين رهڻ ڏي“. تڏهن مددگار ورندي ڏني ته ”مون کان اهڙو کوٽُ نه ٿيندو؛ ۽ تون پڻ مَ ڪر“.

نيٺ جي ڳالهه ته تپدار، جوُف ۾ منهن وجهي، موهن سنگ کي آراڌو (علحدو) ڪوٺي، چيو ته ”جيڪڏهن مون کي ڏهه روپيا ڏين ته آءٌ تنهنجو ڪم برابر ڪري ڇڏيان“.

موهن سنگ، هن پهڪي (پهاڪي) تي ته چيو آِهن (اٿن) ته ’پاڻ‘ ڦُرائي به ڪم ڪڍجي‘ عمل ڪري، تپدار جو وات مِٺو ڪيو. پوءِ تپدار انهن ٻَنيُن جي حقيقت، جيئن موهن سنگ ٿي ڀانيو، لکي ڇڏي.

ڪن ڏينهن پڄاڻا مختيارڪار انهن ڳوٺن جي موٽي (وري) پَرتار (پڙتال) ڪئي، تان موهن سنگَ جي 101 ۽ 102 ۽ 103 جون ٻنيون، جي ڍاڪا هئا، خسري بارانيءَ جي ۾ لکيل ڏٺائين، تڏهن مخيارڪار موهن سنگ ءٌ تپدار ۽ مددگار کان ڪوٺي پڇيو ته ”هي ٿيو آهي؟“ نمبردار ۽ تپدار وراڻي ڏني ته ”مختيارڪار صاحبَ، هي اَينٺا (آئِٺا*) ڍاڪن جا هئا، پر ڀُل جي سبب بارانيءَ ۾ لکجي پيا“. مختيارڪار کي انهن جي چئي تي ويساهه نه ٿيو ۽ مدگار (سڌاتورو)  کي پڇيائين ته ”تون سچ چئو ته هيءَ ڳالهه ڪيئن هئي؟“ ان چيو ته ”جيتوڻيڪ چڱن ماڙن (ماڻهن) جي اِيءَ واٽ ناهي جو پاڻان وڏي جي گلا ڪن، پر پُڇا جي مهل سچ ڇڏي ڪوڙ ڳالهائڻ پڻ چڱو ناهي؛ پوءِ، مون کي جيتريءَ ڳالهه جي سڌ آهي تيتريءَ چوان ٿو ته جو اوهين هينئر تڪرار ٿا ڪريو، سو مون ۽ موهن سنگ (جي) وچ ۾ پڻ نقشي جوڙڻ مهل ٿيو هو. جيترو ڪيترو ته موهن سنگ مون کي پنج روپيا ڏيڻا ڪيا ته ’تون منهنجي اَينٺن ۾ گهيڙ- چاڙهه  مَ ڪر‘، پر مون اِيءَ ڳالهه چيتِ نه لائِي؛ ڌڻي ڄاڻي ته پوءِ موهنَ ڪِي پنهنجي آس پُوري ڪئي- ۽ ان کان وڌيڪ مون کي سُڌ ناهي“.

نيٺ جي ڳالهه ته گهڻيءَ ڳولا ڦولا کان پوءِ مختيارڪار چِٽو پروڙيو ته تپدار ڏهه روپيا وٺي ههڙي کُنڊائي ڪئي آهي؛ ۽ اِن ڳالهه جي چٽائي ڪلڪٽر صاحب ڏانهن لکي موڪلي. صاحبَ پاڻ اچي پنهنجي اکين سان ٻنيون چڱي ڊولَ ڏسي خسري سين ڀيٽ ڪئي، ته جو مختيارڪار لکيو هو سو برابر هو. نيٺ جي ڳالهه، صاحبَ، تپدار کي تپداريءَ کان ڪڍي، ان جاءِ مددگار (سڌا تورو) کي بيهاريو. اُو مددگار پنهنجي ڌيان ۽ چڱائيءَ سين ڪم ڪرڻ لڳو.

سُڌاتوري جي ڏينهن ۾ انهين ڳوٺن ۾ ڪڏهن ڪو جهيڙو ۽ رڳڙو ڪونه ٿيو، ۽ ليکي ۾ پڻ ڪڏهن ڪوڏيءَ جو وَلُ به ڪونه پيو. سڌاتورو، زميندارن جي چئي پٽاندر، نارَ ۽ ڍاڪا ۽ موڪون ۽ آڌاوان ۽ باراني ۽ ٻيون زمينون مقاطعو ڪريو ڏيندو هو؛ ۽ قسطا قسط رووپيا مقاطعيدارن کان وٺيو، پهريائين سرڪاري جي مُوڙي ڏيندو هو، ۽ پاڇي روپيا زميندارن جي حوالي ڪريو، ڪوڏيءَ ڪوڏيءَ جو ليکو سمجهائيندو هو. زميندارَ پڻ ان جو ڪم ڏسيو ڏاڍو راضي هئا، ۽ ان تي پنهنجي پٽن کان پڻ گهڻو ويساهه هونِ

ڪن ڏينهن کان پوءِ، جلالپور ۽ مِصري پور جي وچ ۾ دَنگ جو رڳڙو پيو. جلالپور جي ماڻهن جي پنهنجا اَينٺا چيا ٿي، مِصري پور جي ماڻهن پڻ ان تي پنهنجي دعوا ڪئي ٿي. پر، مصري پور جي ماڻهن هيڪي چالاڪي ڪئي جو چَمڙي ڪاردار کي ڪي لالچ ڏيئي، ان جي ڪاغذن ۾ پنهنجي ڳوٺن جي زمين ۾ اوهي ٻنيون لکائي ڇڏيون.

ڪن ڏينهن کان پوءِ، انهين ماڻهن جلالپور جي زميندار کي چيو ته ”اسان ۽ اوهان جي دنگ جو رڳڙو هونئن ڪين نبروندو؛ جيڪڏهن ڪارگار وٽ هلو، ته ان جي ڪاغذن مان سڀ ڳالهه سمجهجي“. جلالپور جا ماڻهو، ساڌو ۽ سچا هئا، تن مصري پور جي ماڻهن سين گڏجي وڃي ڪاردار کي چيو ته ”اسان جو رڳڙو اوهان جي ڪاغذن تي نبرندو؛ ۽ ڀلائي ڪري پنهنجي ايمان سين پاڻي پاڻي، کِير کِير ڌار ڪري ڏيو؛ ۽ ڪنهن جِي پاسِ مَ ڪجو“. پر ڪاردار ته رشوتي هو، ان جي وات کان چٽي ڳالهه نه نڪتي.

جلالپور جي ماڻهن ڪاردار جي منهن مان وڍيءَ جي باسَ سمجهي، ڪلڪٽر صاحب سين ان ڳالهه جي خبر ڪئي. صاحبَ مٿئين، ڊيپوٽي ڪلڪٽر صاحب کي، ان رڳڙي جي چٽائيءَ لاءِ اتي ڏياري موڪليو. ڊيپوٽي صاحب اتي وڃي ڏٺو ته هن رڳڙي جي گينداڙَ جو سبب ڪاردار جي حرامڙائي آهي؛ سا پروڙي، ان ڳالهه جي چٽائي ڪلڪٽر صاحب جي خدمت ۾ موڪليائين.

ڪلڪٽر صاحبَ، روبڪارُ ان رڳڙي جو ڏسي، ڪاردار کي ٽن ورهين جي ٽيپ ڏني.

 پر جڏهن سڌاتوري جي ڪامورائي ۽ ساڌوائي (سچائي) صاحب جي دل تي چِٽ ٿي رهي هئي، تنهن لاءِ ان کي ڪارداريءَ جي ڪم تي مقرر ڪري، هيءَ پلَ (منع) ڪيائينس ته ”چڱائيءَ ۽ مَندائيءَ جي پُڄاڻي ههڙي آهي ته ڪاردارُ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ سين جهليو، ۽ توکي پنهنجي چڱائي ۽ سچائيءَ جي برڪت سين ڪاردارُ ملي. سدا هيءَ خيال رکڻ گهرجي ته متان ڪائي ههڙي حرڪت اجائي توکي ڪڍائي! ۽ چڱن جا پارَ اڪثر هي آهن جو انهين جو قدر ۽ مرتبو ڏينهان ڏينهن وڌنڌو وڃي- ۽ درجي ۽ مرتبي جي لهڻ کان ماڻهو گهٽ ٿو ٿئي. هن پَل مان غرض هيءُ آهي ته تون پڻ ساڌوائيءَ ۽ چيت سين ڪم سرڪار جو ڪري، چڱن ۾ رهندو وڃ“. سڌا توري، هيءَ پَل ٻُڌي، ڪلڪٽر صاحب جي اڳيان هٿ ٻَڌي، چيو ته ”وس لڳندي مون کان اهڙي حرڪت نه ٿيندي، جنهن کان صاحب ڪي مَٺوراي، ۽ ڌڻيءَ جو ڏوهي ٿيان.“

- پڌرو هجي ته سُڌاتوري ننڍوپڻ ۾ جڏهن سعيو ۽ ڳَهّنُ ڪري علم پڙهيو، تڏهن ان کي علم جي ٻيلئَپي سين ڏسو ته، ڪهڙا درجا ۽ مرتبا ۽ ڌَنَ پڙپيا! ائين، جيڪو ڪو سُوڌي ۽ سنئين رستي هلندو، سو پنهنجيءَ دل- گهُرڀيءَ کي پهچندو.

مٿي ذڪر لنگهيو ته اَمُهابي جو پٽ ’ڪڌاتورو‘ هو؛ ۽ ان جا پارَ پڻ نالي جهڙا هئا. جڏهن ته ماڻهن جي ٻارن جو لکڻ ۽ پڙهڻ مائٽن جي ڏاکڙي تي ٻڌل آهي، ۽ اَمهابو ته پاڻ ڄٽ هو، سو پنهنجي پٽ کي پاڙهڻ ۽ پَلڻ ڪيئن سگهندو؟ پر جڏهن ڪم ڪار پيٽَ جي کان واند ٿيو ٿي، ان مهل پٽ کي وٺيو پڙهڻ لاءِ پاڻ وٽ ويهاريائين ٿي، ۽ ٻي ٽي اکر جي ياد هئس، سي ان کي سيکاريائين ٿي. ماڻهوءَ اي حال ڏسي ان کي چيو: ”تون ڀلا ڄٽ ٿئين سو ٿئين، پر هن ڇوڪر کي ڇاڪاڻ ٿو کارين؟ جي توکي پاڙهڻ جي اٽڪل ناهي، ته ڇوڪر کي ڪنهن وٽ پڙهڻ ويهار!“ ان، ماڻهن جي چئي پٽاندر، ڇوڪر کي پڙهڻ ويهاريو. ڇوڪر پڻ لکپڙهه ۾ ڪي سُچيت ٿيو؛ فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪي ڪم ڪرڻ جهڙو ٿيو. پر، ماءُ پيءُ جي محبت کان، البته موڳو هو- جيئن شيخ سعديءَ ”گلستان“ ۾ چيو آهي:

عاقبتِ گُرگ زاده گُارگ شود،   گرچہ بآدمي بزرگ شود.

(بگهڙ جو بچو نيٺ بگهڙ ٿئي، جيتوڻيڪ ماڻهن سين پالجي.)

ڪڌاتوري کي ان ٿورڙي علم تي ايترو هٺ ۽ وڏائي هئي جو ڪنهن کي پاڻ برابر نٿي ڄاتائين، ۽ ٻيون پڻ سهسين ڪوجهايون ۽ بڇڙايون ان ۾ هيون- جهڙو ڪوڙ ڪرڻ، ۽ چوري، ۽ جُوا رهڻ، ۽ بڇڙن ماڻهن سان اٿڻ- ويهڻ، ان جو ڪم هو. جِت ڇوڪر ههڙو، مائٽ ههڙا، تت چڱ- ماڻهوئپ ڪيئن ٿيندي؟ جو پاڻ ڪوڙو ۽ کوٽو هوندو، ۽ ٻار ٻچا ان جا بڇڙا ۽ اَپَلِيا (نافرمان) هوند، ان جي گهر ۾ هوندِ ۽ وڏ- ماڻهوئپ ڪي ڪين ٽِڪندي.

ڪن ڏينهن کان پوءِ اَمهابو مري ويو. جيڪي ان جي گهرجون وَٿون هيون، سي سڀ ڦَرجي وييون، ۽ سڀيئي بارُ ڪُڌاتوري جي مٿي تي آيو. ويچارو، گهر جي کاپِ کان مُنجهيل ٿي، هينئن (دل) ۾ چوندو هو ته ’پورهئي ڌاران حال چال گهرجِي اُهکِي ٿِي: جي گهر ڇڏي ٻاهر وڃي نوڪري ڪريان، ته گهر ڦَٽي پوندو؛ جيڪڏهن ڪنهن ڊول سين هتي ڪا جاءِ ملي وڃي، ته چڱي آهي- ڪيئن ته ڪلڪٽرن ۽ فوجدارن جون ڪچهريون هتي پڻ آهن، ۽ انهن ۾ وڏا ڪاموران ۽ ننڍن جي گهرج پڻ ٿيندي هوندي: ايءَ چيت ڪري علمي جي ماڻهن کان پڇڻ لڳو ته ”اوهان جي دفتر ۾ پنجن- ڏهن روپين جي نوڪريءَ جي ڪا جاءِ ٺلهي آهي؟“ ”اُنهين ماڻهن ڳالهه سُڻي چيو ته ”اوهين پاڻ اهڙا وڏا ماڻهو هئا، جو ڏهن – ويهن روپين مهيني جا نوڪر چاڪر اوهان وٽ هئا، سو اوهان کي ههڙيءَ نوڪريءَ جي ڪهڙي تانگهه! ۽ ههڙي پورهئي مان اوهان ڇا پوُري پوندو؟“ ڪڌاتوري شوڪارو ڀري چيو ته ”اُو ڏينهن لنگهي ويا، هينئر ته جيڪڏهن ڏار، (دال) لاءِ لوڻ ملي، تان پڻ وڏي ڳالهه!“ ڪڌا توري ڪچهريءَ جي ماڻهن کي، پنهنجي اڀرائيءَ جون ڳالهيون سڻائي، پاڻ سين سنگتي ڪيو. پوءِ وجهه ڏسي، هيڪي (هڪڙي) ڏينهن ڪلڪٽر صاحب وٽ عريضي ڪئي ته ”اي سائين، آءٌ آسريدار آهيان ته سائين ڪا پنهنجي پَروش ڪري؛ .. ۽ ڪم ڪارَ، لکپڙهه سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جي، ۾ ڀَڙ آهيان.“ صاحب، ايءَ عريضي سُڻي، چيو ته ” جيڪڏهن فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڀڙ آهي، ۽ ڪم هلائڻ جو به ڀڙ آهي، تڏهن ڇهن روپين ميهني تي [کيس] منشيءَ دفترَ جو مددگار بيهارجي- ۽ اڳتي، ان جي ڪم سارو [پگهار] وڌيڪ ٿيندي.“

ڪڌاتورو، صاحبَ جي چئي سارو، مددگاريءَ جي ڪم ۾ ڇهن مهينن توڻي اهڙو دل سين رهيو، جو ان جو ڪم ۽ ڳهن ڏسي منشي دفتر جو ڏاڍو راضي ٿيو؛ ۽ ڪڌا توري تي اهڙو ويساهه هوس جو ڀانيائين ٿي ته هيءُ وڏو ماڻهو آهي،  ۽ ڪائي حرڪت ان کان نه ٿيندي-  جيئن ته منشي دفتر جو گهڻو تڻو ڪم سرڪاري ريءَ ڳڻتيءَ ان جي حوالي ڪندو هو.

ڪن ڏينهن کان پوءِ،... هڪڙو سنگي ڪڌاتوري جو، ’ڏُهاج‘ نالي، بڇڙائين ۽ اؤنٿرائين پنهنجين کان گهر تڙ کان نڪري، ڪيترائي ڏک ۽ دفتون ڪڍي، ڦُٽي کُسي، مَٿرا جي شهر ۾ آيو، جڏهن سڻائين ته سندس سنگتي ڪڌاتوري ڪلڪٽري جي ڪچهري ۾ نوڪر ٿيو آهي، تڏهن ڏاڍو سَرهو ٿيو؛ ۽ چيائين ته ’مون هيترا ڏينهن ناحق اجايا وڃايا؛ هاڻ، جي ڌڻي گهريو ته بخت ساڻي ٿيو ته، هيڪي ڌوٻئي ڍول (ڪنهن نه ڪنهن طرح) ڪڌاتوري جي ٻيلئَپي سين ڪا نوڪريءَ جي واٽ ٿي پوندي!‘

نيٺ جي ڳالهه ته جيئن تيئن رات لنگهائي، پرڀات جو ڪڌاتورو پڻ گهڻيءَ اُڪير سين ان کي گڏيو- سو ڪوهه (ڇو) ته ٻن جي پاڻ ۾ نئين ياراني نه هئي، بلڪ انهين جي [دوستي] گهڻن ڏينهن کان هلي آئي هئي؛ ۽ دوستيءَ جو سبب هيءُ هو ته اي ٻئي بُڇڙائيءَ ۽ لچائيءَ ۾ هڪجهڙا هئا. پر جڏهن، هيڪي ٻن ڀيرن گڏجڻ پڄاڻا، ڏُهاج پروڙيو ته ڪڌاتوري جي ٻيلپيءَ سين نوڪري ڪين ملندي، تڏهن ان ڪڌاتوري کي چيو ته”ڪي ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد آهينئي، جو توکي به پهريائين جُوا جي وڏي سَڌَ هئي؟“ ڪڌاتوري چيو ته ”اُو ڏينهن لنگهي ويا؛ هينئر ته ايتري به ويرم ناهي جو ذري توڻي دل وندرائجي!“ ڏهاج چيس ته ”جيتوڻيڪ تون ڪچهريءَ ۾ هيتري دقت ٿو ڪرين، تان پڻ ڪا وڌيڪ پيدائش ڪانهي؛ ۽ مون اهڙي ڪمائيءَ جي واٽ ڪڍي آهي، جنهن مان پاڻ ٻنهي جي حال چال چڱي ڊولَ پيئي ٿيندي.“

نيٺ هر ڳالهه ته ڏهاج پنهنجيءَ جاءِ ۾ جُوا جو نقشو جوڙيو؛ ۽ ڪڌاتوري کي گهڻيءَ تعظيم ۽ سڳورائيءَ سين نيئي ويهاري، ويهه- پنجويهه روپيا کَٽايائين، ۽ چيائينس ته ”توکي هيترا روپيا ڪچهريءَ ۾ ته ٽن مهينن ۾ پڻ هوند ڪين مليا“ ۽ ٻن- ٽن ڏينهن ۾ ڪڌاتوري کي اهڙو شوق ٿيو جو ڪچهري پڻ ڇڏي، ڏيهاڻي ڏُهاج جي گهر اچي راند ڪري!

غرض ته ڪڌاتوري پڻ ڳچجيترا روپيا گڏ ڪيا؛ ۽ ڏهاج جي گڏ اُٿڻ- ويهڻ منجهان ان جي سمجهه پڻ گهٽ ٿي.

چڱن چيو آهي ته بُڇڙن جي گڏ اُٿڻ – ويهڻ مان جيتوڻيڪ کَٽيو (نفعو) هوءَ، تان پڻ ان کان پاسي هئڻ چڱو آهي: ناڻي خرچڻ سين جيتوڻيڪ ماڻهو وِلهو ٿئي، پر به آرکڻَ بڇڙا ڪين ٿين؛ پنهنجي پرينءَ جي اُڪير ۾ جيتوڻيڪ دل گهٽ ٿئي، پر به ان جي ڳالهه زبان تي آڻڻ نه گهرجي: جي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏيڻ جي پهچ نه هوءَ، ته پينار کي مِٺين موچارين ڳالهين سين راضي ڪرڻ چڱو زور آهي: ڪنهن جون موچارايون لڪائي، بُڇڙايون پڌريون ڪرڻ چڱيون نه آهن: چڱن ڪم ۾ ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي جِند وڃائي، پر به چڱائي نه ڇڏي.

ڏهاج ڄاتو ته ڪڌاتورو مون کان ڊڄي ٿو. تڏهن ڪڌاتوري کي چيائين ته ”مون کي تنهنجي لهڻي جا پيسا گهڻا ڏيڻا آهن. هِڪيِ ته ڏيڻ جي واٽ پڻ ڪانهي، ۽ ڏيڻ ڌاران ته لهندا به ڪين. جيڪڏهن تون منشيءَ دفتر جي کي منهنجي پارت ڪرين ته هيڪو ماڻهو ڏهاج نالي اسان جو پاڙوسي آهي، ۽ ڪم ڪار ڪچهريءَ جي ۾ ڀڙ آهي، ۽ هينئر بي ڪمو ويٺو آهي، ڀانئي ٿو ته اُميدوار ٿي ڪم ڪريان؛ جڏهن ڪا جاءِ واندي ٿئي، تڏهن منشي دفتر جو منهنجي يادگيري ڪي ڪلڪٽر صاحب کي پارت ڪري. تنهن ۾، نوڪري ملي يا نه ملي، پر به ڪي اُتان آڻيون توکي ڏيندو وڃان.“ نيٺ جي ڳالهه ڪڌاتوري منشي دفتر جي وٽ وڃي ان جي واکاڻ ڪئي. منشي دفتر جي، ڪڌاتوري جي سُڻي، چيو ته او سڀاڻي اچي دفتر ۾ ڪم سکي ۽ ڪڏهن سَجههُ ڏسي ڪلڪٽر صاحب وٽ پڻ ”اُن جي ڳالهه ڪندس“. پوءِ ڏهاج ڪچهريءَ ۾ اچي منشي جي چئي پٽاندر ڪڌاتوري سين ڪم ڪرڻ لڳو.

ڪن ڏينهن کان پوءِ موهن سنگ ضابطَ، جلالپور جي، پنهنجي ڳوٺن مان ڪيولرام آسامي موروثيءَ جي هٿ ڪڍڻ لاءِ، ڪلڪٽر صاحب وٽ ڪوڙي دانهن ڪئي؛ ۽ ان ’نَبودي لعل‘ کي، جو لُچائي ۽ کُنڊائيءَ ۾ ڀڙ هو، پنهنجي پاران وڪيل ڪيو.

جڏهن ضابطَ جي عريضي ڪلڪٽر وٽ پڙهي، تڏهن صاحب حڪم ڏنو ته هن رڳڙي جي ڳالهه منشي دفتر جو لکي. منشيءَ دفتر جي ڪُڌاتوري کي ڪوٺي چيو ته ”هن جهڳڙي جي ڳالهه سچي لکي اچ.“

نبودي لعل هيءَ ڳالهه سڻي ڏاڍو خوش ٿيو ته هن رڳڙي جي ڳالهه لکڻ ڪڌاتوري جي حوالي ٿي- ۽ ڪڌاتورو ته ڏهاج جو ڏاڍو يار آهي! پوءِ ڊوڙي ڏهاج کي وڃي چيائين ته ”تو ۽ ڪڌاتوري جي پاڻ ۾ ياراني آهي؛ جيڪڏهن ڪا پارت ڪرين، ته اسان جو به ڪم ٿئي ۽ اوهان جو به وات مٺو ٿئي- يعني ڪڌاتوري کي رڳو ايترو چتاءِ ته هينئر ڳالهه نه لکي؛ پوءِ رات جو آءٌ ۽ موهن سنگ اوهان جي جاءِ تي اچي ڪڌاتوري کي گڏباسون‘ پوءِ اتي جيڪا رٿ ٺهرندي، اونئن ڳالهه لکي ته چڱي آهي“. ڏهاج ڏٺو ته ’رڳو ڳالهين ۾ پيسا ٿا ملن، ڪڌاتورو منهنجي چئي کان ٻاهر مُور ڪين ويندو- ان ڳالهه تي پير کوڙڻ گهرجن!‘ ڏهاج ايءَ رٿ ڪري ڪڌاتوري کي وڃي چيو ته ”اڄ هيءَ ڳالهه نه لک،-  ۽ اُن مان تنهنجو به وات مٺِو ڪندس!“

نيٺ جي ڳالهه ته ڏهاج ڪڌاتوري کي اهڙيون ڳالهيون سُڻائي، رڳڙي جي لکڻ کان جهيلو. ٿورڙيءَ رات لنگهڻ پُڄاڻا، موهن سنگ ۽ نبودي لعل ۽ ڏهاج ۽ ڪڌاتورو- سڀ ڏهاج جي گهر گڏ ٿيا. نبودي لعلَ ڏهاج ۽ ڪڌاتوري کي چيو ته ”اوهين اسان کان ويهه روپيا وٺو، پر ڳالهه اهڙيءَ طرح لکو، جيئن ڪيلرام جو هٿ ڳوٺن مان نڪري وڃي.“ ڏهاج ڪڌاتورو کي چيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن جو پاڻ کان مطلب ٿئي ته ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي!“ ڪڌاتورو جُوف جي چُوس ۾ ڦاٿو؛ ۽ ٻئي ڏينهن، ڪچهريءَ ۾ وڃي، موهن سنگ جي دل وٽان ڳالهه لکي، منشيءَ دفتر جي کي ڏنائين. منشيءَ دفتر جي به، اڻڏٺي، پنهنجي اَوءَ ڳالهه ڪلڪٽر صاحب کي ڏني. جيهر (جنهن مهل) صاحبَ مٿئين اُوءَ ڳالهه ڏٺي، ان مهل ڪيولرام آساميءَ جو مختيارڪارُ رام روپ نالي هِڪو (هڪڙو) هو، ان هٿ ٻڌي چيو ته ”اي سائين منهنجا، ايءَ ڳالهه ڪُوڙي لکي آهي؛ جيڪڏهن سائين نياءُ ڪري ته سعد آباد جي مختيارڪار کان هن رڳڙ جي سمجهه ڪڍي، ۽ ان جي خبر سارو نيم نچوڙ ٿئي. صاحب مختيارڪار جو چيو مڃي، سماچار لکڻ لاءِ سڄيءَ ڳالهه جا پارَ سعدآباد جي مختيار ڏانهن لکي موڪليا.

مختيار ڪار ’سڌاتوري‘ کي اڳواڻ وانگي ڪوٺي چيو ته ”جڏهن هيءَ ڳالهه جلالپور سين لڳل آهي ۽ تون اڳي جلالپور جو تپدار ۽ ڪاردار هُئين، تڏهن هيءَ ڳالهه، جيئن سچي هوءَ اونئن، لکي ڏي ته ڪلڪٽر صاحب ڏي لکي موڪليان“.

سڌاتورو پرڳڻي جي حال کان چڱي ڊولَ واقف هو؛ تنهن جلالپور جا ڪاغذ ڪڍي تپدار ۽ ساکِيَن (شاهدن) کان پڇي، ڳالهه سڄي سمجهي، جيئن سچي هئي تيئن لکي، دفتر جي ڳالهه کي ڪوڙو ڪري ڏنو.

جڏهن آوءَ سماچار ڪلڪٽر صاحب ڏٺي، تڏهن، ٻنهي ڳالهين جو ويڇو چڱي ڊولَ پروڙي، منشيءَ دفتر جي کي چيائين ته ”جنهن رڳڙي جي اوهان وچُور لکي هئي، تنهن رڳڙي جي مختيارڪار پڻ وچُور لکي آهي؛ پر ٻنهي ڳالهين ۾ وڏو ويڇو ٿو ڏسجي، تنهن جو ڪهڙو سبب آهي؟“ منشيءَ دفتر جي چيو ته ”سائين، مون ان ڳالهه جي وچور ڪڌاتوري کان لکائي، پنهنجي اڻڏٺي، ائين ئي آڻي سائينءَ کي ڏني هئي- ان سببان ويڇو پروڙايو ڪين سگهان ٿو“. تڏهن صاحب چيو ته ”هن ڪاغذن کي موٽي ڏسي لکي ڏي ته هنن ٻنهي مان ڪهڙي ڳالهه سچي آهي“.

منشيءَ دفتر جي، صاحب جي حڪم سين، جلالپور جي ڪاغذن مان ڏسي پروڙيو ته دفتر جي ڳالهه سڄي ڪوڙي ۽ ڊوهه آهي، ۽ مختيارڪار جي ڳالهه سچي آهي! اِت ته هاڻي منشي دفتر جو ڳڻتيءَ ۾ پيو ته ’هاءِ هاءِ، مون ڪڌاتوري تي اجايو ويساهه رکيو، ۽ ان جي کوٽائيءَ کان منهنجيءَ ڳالهه ۾ پڻ نِهارَ پيئي! ڀلا، هينئر ته جيڪا ٿيڻي هئي، سا ته ٿي رهي، هاڻ جهڙو حال آهي تهڙو صاحب کي سُڻائڻ گهرجي‘.

منشيءَ دفتر جي ڪلڪٽر صاحب کي........

 

”مهراڻ“ جا موتي

 

”جو ماڻهو حڪومت ۽ اَمارت لاءِ پاڻ کي آڇي ٿو، اهو نااهل آهي، ان کي نه ڏيو.“        - حضرت محمد صلعم

”پنهنجي منتظم ۽ حاڪم جي بيجا نافرماني نه ڪريو- پوءِ ڀلي ته هو اوهان کي باهه ۾ ٽپي پوڻ جو حڪم ڏئي.“

 - حضرت محمد صلعم

”گهڻيون قومون تباهه ٿي ويون،- ان ڪري جو هنن عمل اصل نٿي ڪيو؛ اجائي پُڇ- پُڇ گهڻي ٿي ڪيائون.“

                                 - حضرت محمد صلعم

”اوهان کي اهڙا جيئرا جنازا ڪيئي هلندي نظر ٿا اچن، جي اصل ۾ مري چڪا آهن.“              - قرآن شريف

”ڪنهن جي منهن تي خوشامد ۽ تعريف ڪرڻ کان وڌيڪ چڱو آهي ته سندس گلو ڇريءَ سان وڍي ڇڏجي.“

 - حضرت محمد صلعم

”غلط ۽ بيجا خوشامد ۽ تعريف ڪندڙ جي وات ۾ مٽيءَ جو ٻُڪ وجهڻ بهتر آهي، ان کان جو اها خاموش ٿي ويهي ٻڌجي.“              - حضرت محمد صلعم

”پنهنجي امير ۽ حاڪم جو حڪم مڃو- پوءِ ڀلي ته اهو ڪارو حبشي هجي، سندس چپ ٿلها هجن، ۽ مٿو ڊاک وانگر ڦٽل ۽ بيڊولو هجي.“ حضرت محمد صلعم

”’دين‘ جو مفهوم آهي- انسانذات جي خيرخواهي ڪرڻ، انهن لاءِ نصيحت ڪرڻ، ۽ کين چڱي عمل جي تبليغ ڪرڻ.“              - حضرت محمد صلعم

”پيشه ور ۽ هنر مند جا کهرا، هٿ، نازڪ اندام ماڻهن جي نرم هٿن کان وڌيڪ افضل آهن، ۽ مون کي وڻن ٿا.“    

- حضرت محمد صلعم

”جو ماڻهو گهڻو ٿو ڳالهائي، پڪ ڄاڻو ته فڪر کان محروم آهي.“       - حضرت محمد صلعم

”زبان هڪ آهي، ان لاءِ ته ٿورو ڳالهائجي؛ ۽ ڪَنَ ٻه آهن، ان لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ٻڌجي.“        - حضرت ابوبڪر رضه

”پنهنجيءَ زبان کي غلط نموني ۾ استعمال ڪرڻ، دل جي ڪَجيءَ ۽ گمراهيءَ جو دليل آهي.“ حضرت عمر رضه

”پنهنجيءَ زبان کي درست نموني ۾ سکو ۽ ان کي درست نموني ڳالهايو- تان ته اوهان ۾ ذهني پختگي ۽ اخلاقي بلندي پيدا ٿئي.“          - حضرت عمر رضه

”هرڪو مڃي ٿو ته، جلدي يا دير سان، هر بُرائيءَ جي ڪانه ڪا سزا ضرور ملي ٿي؛ پر عجب اهو آهي ته ان مڃڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ گناهه ۽ غلطيءَ ڪرڻ کان بچڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي وڃي ٿي.“ - حضرت عثمان رضه

”پنهنجن پيٽن کي جانورن جي گوشت جو قبرستان بنائڻ انسانيت نه آهي.“     - حضرت علي رضه

”ڳئونءَ جي کير ۾ شفا آهي، پر ان جي گوشت ۾ مرض آهي.“           - حضرت محمد صلعم

”اي ارجن! حق ۽ باطل جي لڙائيءَ ۾ مٽي مائٽيءَ جي تعلق کي نه ڳولڻ گهرجي، ڇا لاءِ ته حق ڪڏهن به باطل جو مائٽ نٿو ٿي سگهي.“                 - سر ڪرشن

”ناڪامياب انسان اهو آهي، جو خطرناڪ غلطين ڪرڻ جي هوندي به نڪو ٿو سمجهي ۽ سکي، ۽ نڪو تجربو ٿو حاصل ڪري.“                - البرٽ هبارڊ

”ناڪاميءَ جا هزارين اسباب ڳڻي وڃڻ ڏاڍا سولا آهن، پر پنهنجي غلط ڪاريءَ متعلق عذر پيش ڪرڻ ۽ پوءِ تلافيءَ جي ڪوشش ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي.              - ڪپلنگ

”اگر اوهان کي پنهنجي اعتماد تي يقين آهي، ته پوءِ ٻين جي اعتماد تي يقين جو پيدا ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي.“- والٽير

”جو شخص جاڳڻ کان پوءِ رڳو پنهنجي نيڪناميءَ ۽ شهرت کي ڏسي ۽ ٻڌي پيو ٿو خوش ٿئي ۽ واجهائي، اهو گويا جاڳيو ئي ڪونه آهي.“                - والٽير

”هڪ نا اهل ۽ جاه پسند شخص کي مٿي ويهارڻ، انسانيت لاءِ دردناڪ عذاب آهي.“                        - ڪلاڊرين

”نيڪنامي اگر مرڻ کان پوءِ نصيب ٿئي، ته پوءِ مون کي اهڙيءَ شهرت جي ضرورت ئي نه آهي. - مارشل

”شهرت ۽ ناموريءَ جي ڳولا احمق ۽ نا اهل ئي ڪن ٿا؛ مستحق ماڻهن کي ته شهرت پاڻ اچي ٿي ڳولي لهي.“ - پوپ

”شهرت ۽ ناموريءَ جي فهرست ۾ اهڙا گهڻا شهرت يافتا ڳڻي سگهجن ٿا، جنهن کان شهرت خود شرمسار آهي.“

- وليم

”جي اُوچي مقام تي بيٺا آهن، تن کي طوفانن ۽ اونداهين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ خبردار رهڻ گهرجي.“ - شيڪسپيئر

”ڪوبه نسل تيستائين خوشحال نه سمجهڻ گهرجي، جيستائين سندس هر فرد اهو نه سمجهي ته زمين ۾ هر هلائڻ به اهڙوئي شريف ۽ عزت ڀريو ڪم آهي، جهڙو نظم لکڻ.“                                - واشنگتن

”زراعت، خدا جي پيارن بندن جو پاڪيزه پيشو آهي.“

- حضرت محمد صلعم

”پنهنجيءَ پنهنجيءَ پسند جو نالو رکيو ويو آهي ’فيشن‘؛ پر ٻين جي پسند کي چئبو آهي ’فيشن جي خلاف هلڻ‘!“

- آسڪرو وائلڊ

”اوهين چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان سان محبت ڪن، ته پوءِ پنهنجين غلطين ۽ ڪوتاهين کان مدد وٺو.“ - بلورلٽن

”ڀلا، ڪنهن جي ڪوتائين کي جاچڻ ۽ ڳولڻ کان وڌيڪ بد ترين ڪوتاهي به ٿي سگهي ٿي ڇا؟“ - ڪامل جبران

”سڀ کان وڏي ڪوتاهي آهي- پنهنجي ڪوتاهيءَ کان اڻڄاڻ هجڻ.“                    - ٽامس

”سچ پچ ته اسين زور پنهنجن دوستن کي، پنهنجن چڱاين جي بدران، پنهنجين ڪوتاهين ۽ غلطين سان ئي خوش ٿا ڪريون.“                   - روزويلٽ

”خوف ڪا شي نه آهي، پر هڪ تنبيهه ضرور آهي.“

- اسٽيگل

”زندگيءَ ۾ ڪنهن به چيز کان خوف کائڻ جي ضرورت ڪانه آهي؛ رڳو ان کي سمجهڻو آهي.“     - ميري ڪيوري

”پنهنجي پاڻ ۾ اجائي خوف جي پيدا ڪرڻ سان، وحشت، دهشت، ۽ پريشانيءَ جو پيدا ٿيڻ، عام غلطي آهي؛ ان مان ناڪامي پيدا ٿئي ٿي؛ ان ڪري ئي زندگي هڪ قسم جو مذاق بنجي وڃي ٿي، ۽ مايوسي به اهڙي غلط ۽ بيجا خوف مان پيدا ٿئي ٿي.“                     - ڊيوڊ سيسبري

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

”اسان کي پهريائين پاڻ سڃاڻڻ گهرجي ته اسين ڇا آهيون، ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي: پاڻ کان پڇون ته:

- ڪريون ٿا اسين گهر ۾ سڀني کي محبت؟

- ڪريون ٿا اسين پاڙي واري غريب تي ديا؟

- ڪريون ٿا اسين رستي ۾ پيل بيمار جو بلو؟

اسين ته ڏسون ٿا ته ڪتا، ڪانوَ ۽ ڪُڪڙ ڪيئن نه ڏک سک ۾ هڪٻئي جو سڏ ٿا اونائين.... اسين سچ ته انهن جانورن کان به پري آهيون! سڏايون ٿا پاڻ کي ’اشرف المخلوقات‘ پر ڪم اٿئون پسُن کان به بدتر! چوڌاري، ٺڳي، ڦُرمار، ٻين جا حق دٻائڻ ۽ بليڪ مارڪيٽ لڳي پيئي آهي. تنهن ڪري، اچو ته پاڻ ٺاهيون: دکين، ڏکين، ۽ پکين جي خدمت ڪري، پنهنجو فرض پاليون؛ پنهنجا ڳوٺ ۽ شهر اَڏيون، جتي ڦل ڦول هجن، باغ بسُتان هجن، صاف پاڻي هجي،.... ۽ هر هڪ کي علم ملي. ائين ڪرڻ سان ملڪ کي هَريو ڀريو، آسودو، آباد ۽ شاد ڪري سگهنداسون.

”ڪيترن رهبرن پنهنجو سڀڪجهه- تن، من ۽ ڌن- قربان ڪري، ديش کي اَڏيو آهي. جيڪي ودياليه ۽ پبلڪ سنسٿائون ڏسون ٿا، انهن سڀني لاءِ ڪن انسانن ضرور پنهنجو رت ست ڏيئي قرباني ڪئي هوندي، تڏهن ته اهي سنسٿائون ٺهي سگهيون آهن!

.......... اچو ته اسين به ڪجهه نه ڪجهه اَڏيون!“

[علامه آءِ. آءِ. قاضي جي هڪ تقرير تان ورتل؛ چونڊيندڙ حبيب الحسن، حيدرآباد، سنڌ]

”سڀئي قومون جي هاڻوڪيءَ بهتر حالت کي رسيون آهن، سي ماڻهن جي ڪيترين ئي پيڙهين جي خيال پچائڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪري، انهيءَ وڏي مطلب جي پوري ڪرڻ ۾، هر قسم ۽ درجي جي اڻورچ ۽ تحمل وارن پورهيتن، زمين جي آبادگارن، کاڻين ڳوليندڙن، نئين صنعت پيدا ڪندڙن، جهوني صنعت ڳولي ڪڍندڙن، ڪارخانن هلائڻ وارن، ڪاسبين، هنر وارن شاعرن، حڪيمن، ۽ ملڪ جي مدبرن- انهن سڀني مدد ڏني آهي. هڪڙي پيڙهي پيءَ جي ڪمائيءَ تي عمارت اڏيندي ويئي آهي، ۽ انهيءَ طرح جيئن پوءِ تيئن ان کي مٿي چاڙهيندا ويا آهن. هي سچا پورهيت، جي گويا سڌاري جا ڪاريگر آهن، تن جي پشت به پشت محنت ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪتو ته ڪاريگريءَ، علم ۽ هنر ۾ خراب ۽ گڙٻڙ جهڙيءَ حالت مان سهڻي ترتيب پيدا ٿي- ۽ انهيءَ طرح، سڀائي دستور موجب، جيڪا قيمتي جائداد اسانجن وڏن پنهنجيءَ محنت ۽ سياڻپ سان ٺاهي هئي، سا ورثي ۾ اسان کي ملي. اها انهيءَ لاءِ اسان جي قبضي ۾ ڏني ويئي ته انهيءَ کي وڌايون، ۽ وري پنهنجن وارثن لاءِ نه رڳو گهٽائڻ ڌاران ڇڏيون، پر سڌريل حالت ۾ ڇڏيون.“

[شمس المعاءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب ”خود ياوري“ تان ورتل؛ چونڊيندڙ عبدالستار ميمڻ (بي. اي) حيدرآباد، سنڌ]

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

موهن ڪلپنا

اَکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن

(24-28 ڊسمبر 1958ع: يونيورسٽي ڪمپائونڊ، بمبئي)

پس منظر:

ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ تلاءٌ، تلاءَ نهر، نهر ندي، ۽ نديءَ نديءَ ساگر ٿئي ٿو: هڪ ندي ساگر اڳيان ڪجهه ڪونهي؛ هڪ نهر نديءَ اڳيان، هڪ تلاءٌ نهر اڳيان، ۽ هڪ ڦري تلاءٌ اڳيان ڪجهه ڪونهي- پوءِ به ڦڙيءَ تلاءٌ، ۽ ان ريت نديءَ نديءَ ساگر آهي!

جڏهن آزاديءَ جي ديوي پنهنجن چپن تي ورهاڱي جو درد ڀريو گيت کڻي آئي، تڏهن لکين سنڌي، پنهنجي جننيءَ جنم ڀوميءَ تان بنياد کان اُکڙجي، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، وڻ مان ٽاريون، ٽارين مان گل، ۽ گلن مان پنکڙيون پنکڙيون ٿي، جا بجا پکڙجي ويا. تماشبينن ائين ٿي سمجهيو ته جي بنياد کان اُکڙيا، سي ڇُٽا. ڪنهن ائين نه سوچيو ته گلن ۾ ٻوُر ۽ ٻوُر ۾ ٻج به ٿيندو آهي، ۽ اُهو ٻج پنهنجي وڪاس لاءِ وارث رُوپ لاءِ، نوان بنياد وجهي سگهندو آهي. ائين، ڄڻ يُگن جي گهريءَ ننڊ مان ڪوئي ’گوبند مالهي‘ اُٿيو، ڪوئي’ڪيرت‘ ۽ ڪوئي ’اُتم‘ اُٿيو، جنهن ڪنهن ’ملڪاڻيءَ‘ يا ’ضيا‘ کي سڏ ڪيو..... ديپ مان ديپ جليو، ته ديپاولي ٿي ويئي! نراشاواد جي انڌڪار جي ڪاري پردي کي چيري، ’شاهه‘ ۽ ’سچل‘ ۽ ’ساميءَ‘ جا سنديش کڻي، ڪوئي ’شيام‘ آيو، ڪوئي ’سڳن‘ آيو، ڪوئي ’آنچل‘ آيو، .... ۽ اِئين، ڪنهن ’رام‘ جي ’جهُولي لال‘ ۾ ’سنڌوءَ‘ پاڻ کي ’گنگا‘ جي ڪنارن ۾ پاتو!

ساگر جي ڪناري تي بيهي، ڏسبو اَن لهرن کي آهي، سوچبو اُن جي وسعت تي آهي؛ ۽ جتي آسمان سمنڊ کي ڇُهي ٿو. جهانڪي صرف اُتي پائبي آهي. ان مهل اهو نه سوچبو آهي ته هن سمنڊ ۾ گهڻن ندين جو پاڻي آهي: اُتي ته منظر ڏسي، متاثر ٿي، هليو وڃبو آهي. بمبئيءَ جي سملين ۾ پنجيتاليهن سنڌي شهرن ڪالونين ۽ ڪئمپن جون سنڌي تهذيبي نديون اچي گڏ ٿيون- منظر سڀني ڏٺو. متاثر هرڪو ٿيو- بمبئيءَ جي ’سنڌي ساهت منڊل‘، سنڌونگر جي ’سنڌي ساهت سڀا‘ پيدا ڪئي؛ ۽ اِئين اجمير، دهلي، ناگپور، جيپور، وغيره ۾ انيڪ سڀائون وجود ۾ آيون. پوءِ بمبئيءَ ۾ ليکڪ- سميلن ٿيڻ لڳا. ڊسمبر 1957ع دهليءَ ۾ پهريون اکل ڀارت ساهت سميلن ٿيو، جتي ڀارت جي هڪ سؤ ڊيليگيٽن ڀاڳ ورتو. بمبئيءَ ۾ 24 ڊسمبر تائين ٻيو اکل ڀارت سنڌي ساهت سميلن ٿيو، جنهن ۾ ڀارت جي پندرهن سؤ ڊيليگيٽن بهرو ورتو. بمبئيءَ جي مڪئنيڪل زندگيءَ ۾ اِنڊلٺ جي رنگن جي خوبصورتي ڀرجي ويئي. آڱرين تي ڳڻپ ۾ ايندڙ چند عالمن کي ڇڏي، سنڌيءَ جي سمورن لکيڪن، شاعرن، فلم اداڪارن، اِسٽيج اداڪان، نرتڪارن، چترڪارن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن، مفڪرن ۽ دانشورن، عملي بهرو ورتو، ۽ انيڪ غير سنڌي ڪلاڪارن ۽ عالمن مکيه مهمان ٿي ڀاڳ ورتو- ۽ اِئين، بمبئيءَ جي پٿرائِين زمين تي سنڌي ٻوليءَ، ساهت تهذيب ۽ تمدن جي زنده باد جو نعرو لکيو ويو.

سميلين جو مهورت:

اکل ڀارت سنڌي ساهت جو مهورت ٻڌر 24 ڊسمبر 1958ع تي، بمبئيءَ يونيورسٽيءَ جي باغ ۾، ڀارتي سڀيتڪ ۽ وگيانتڪ کوجنا و ڀاڳ جي وزير، ديس پر ديس مشهور بنگالي ۽ انگريزي ليکڪ، پروفيسر همايون ڪبير ڪيو. پروفيسر ڪبير، مادري ٻوليءَ جي ويا کيا ڪندي، سنڌين جي علم ۽ عقل، تهذيب ۽ تمدن جي خوب تعريف ڪئي. هن ديس، کنڊ ۽ سنسار جي ادبي توڙي سياسي زندگيءَ تي ڇاپ لڳائڻ جو هڪ صحيح طريقو ٻڌايو. هن چيو:

”دنيا ۾ گهڻائيءَ وارن کي اڪثر ڪوبه لهر يا لوڏو نه رهندو آهي. ٿورائيءَ وارا انهن مٿان صرف تڏهن ڇانئبا آهن، جڏهن اهي انداز(quantity) کان وڌيڪ، گُڻ (quality) تي زور ڏيندا آهن- اهي تخليقي توڙي کوجناتمڪ ڳالهين ۾ اڳري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌي ليکڪن کي به کپي ته هو اوچي معيار وارو ساهت پيدا ڪري، پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب جو وڪاس ڪن، ۽ ائين ٻين ٻولين ۽ تهذيبن تي به پنهنجو رنگ چاڙهين.“

شريمتي سچيتا ڪرپالاڻيءَ پنهنجي تقرير هڪ معياري چرچي سان شروع ڪئي. هن چيو ته ”ائين ٿي سگهي ٿو ته شايد ڪرپالاڻيءَ جيءَ جو مانُ رکي ئي توهان مون کي سميلن جو سڀاپتي ڪيو آهي- جيڪڏهن سو سميلن ۾ اچي ها، ته بهتر ٿئي ها.“

عورت مڙئي عورت- چاهي هوءَ دانشور هجي، چاهي رواجي موٽي سمجهه رکندڙ- ڳالهه ڳالهه ۾ پنهنجي پتيءَ جو ذڪر نه آڻي، ائين ٿي نٿو سگهي؛ البت ان جو ڍنگ مختلف ٿيندو آهي. سچيتا ڀيڻ نهايت سهڻي ڍنگ سان چيو: ”جيتوڻيڪ ديس جي وسيع ميدان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هن سنڌ جا وڻ ڇڏيا، ته به پنهنجي مٺي ٻوليءَ لاءِ هن جو ذوق ۽ شوق بنهه ڪين گهٽيو آهي: شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو اڃا به وٽس قدر آهي؛ اڄ به سنڌي ڪافي ٻڌندي هو جهومي اٿندو آهي!“

ائين آهي ته هرڪو ’آچاريہ ڪرپالاڻي‘ نٿو بڻجي سگهي. ليڪن، ڪير آهي جو پنهنجيءَ امڙ جي لولين کي وساري ٿو سگهي؟ ڪير آهي جو اهي گيت ڀُلائي ٿو سگهي، جي هن شهر يا ڳوٺ جي نديءَ ڪناري، يا ڪنهن وڻ جي هيٺان، يا مندر ۽ ٽڪاڻي ۾ ٻڌا آهن، ٻڌايا آهن؟- چاهي اهو آچاريه ڪرپالاڻيءَ جهڙو وڏو ماڻهو ئي ڇو نه هجي! آچاريه پاڻ به پنهنجي سنديش ۾ چيو آهي ته: ”مون کي افسوس آهي جو توهان جي سميلن ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو آهيان“. سميلن جي تاريخي اهميت جو جائزو وٺندي، هن چيو آهي ته ”مان اميد ٿو ڪريان ته توهين ضرور اهڙيون ڪي رٿون رٿيندا، جن مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت کي هر طرح مدد ملندي“. تاريخ جي ڄاڻ کي خيال ۾ رکي، وڌيڪ چيو آهي:

”ائين نه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سرڪار ڪنهن ٻوليءَ کي پنهنجي وڌان يا جوڙجڪ ۾ جاءِ نه ڏيندي، ته ان ٻوليءَ جو واڌارو ٿي ڪين سگهندو: اهو واڌارو ته اهي ڪري سگهن ٿا جي انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ۽ ڪم ڪار ڪن ٿا- سڀ کان وڏي مدد ته ليکڪ ٿا ڪري سگهن! اميد ته ليکڪ پيدا ٿيندا، جي اهڙا ڪتاب لکندا، جن جو مزو صرف اُن ٻوليءَ ۾ ئي پڙهڻ مان ملي سگهندو- جيئن شيڪسپيئر، ترجمي پڙهڻ کان، انگريزيءَ ۾ پڙهڻ ۾ وڌيڪ مزو ڏئي ٿو. جي سنڌي ليکڪ به اهڙو ساهت پيدا ڪندا، ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي.“

ٻه ڏينهن پوِءِ، هڪ ادبي مجلس ۾، مشهور اُردو انگريزي ليکڪ، خواجه احمد عباس، به ساڳي ڳالهه چئي ته ”جيئن ڪنهن به ملڪ جو وڌان ڪا ٻولي تخليق ڪري نٿو سگهي، تيئن اهو ڪا ٻولي ناس به نٿو ڪري سگهي.“- گويا اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ته ڪا ٻولي تسليم ٿيل آهي يا نه. پروفيسر همايون ڪبير به جڏهن گُڻ (quality) تي زور ڏئي ٿو، تڏهن اَن مان به ساڳيو مقصد بر صواب ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ اسان جي هڪ شاعر ساٿيءَ، شيخ اياز، سنڌ جي عظيم شاعر ’شاهه‘ جو سنڌي ڪلام اُڙدو شعر ۾ ترجمو ڪيو آهي؛ ان تي ڪن صاحبن جو خيال آهي ته جيڪڏهن شاهه وغير کي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندا، ته ڌاريا چوندا ته ’هاڻ سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، توهين پنهنجو ادب اُڙدوءَ ۾ به پڙهي سگهو ٿا!‘ اهو ڪم فهميءَ جو يگانو مثال آهي. اڙي، جيڪڏهن شاهه اُڙدو پڙهندڙن کي اِهو لوڀ نٿو ڏئي ته هو اُن کي سنڌيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ يتن ڪن، ته پوءِ شاهه ’شاهه‘ ڪيئن ٿيو؟ ۽ جڏهن ترجمي ڪرڻ وارو شيخ اياز جهڙو قابل سنڌي ۽ اڙدو شاعر آهي، ته پوءِ اهڙو لوڀ سڀني کي ٿيندو- جيڪڏهن پڙهندڙن کي ٿورڙو به ادبي ذوق آهي. مهاڪوي ’ٽئگور‘ جي اڻڇپيل ”گيتانجليءَ‘ تي نظرثاني ڪندي، عاليٰ! شاعر ’يِيٽس‘ کان دانهن نڪري ويئي هئي ته ’جا چيز ڌاري ٻوليءَ ۾ ايترو رسُ ڏيئي سگهي ٿي، سا اصل ۾ ڇا هوندي!‘ انگيزيءَ ۾ ’والميڪي‘، ’ويد وياس‘ ۽ ’ڪاليداس‘ کي پڙهي، دنيا جا سيڪڙو عالم ڀارت ۾ سنسڪرت ٻوليءَ سکڻ آيا هوندا! سنسڪرت ٻوليءَ ته ڀارت جي ڪنهن به حصي ۾ ڳالهائي نٿي وڃي؛ جيڪڏهن اُها ڪٿي ڳالهائي ويندي هجي ها، ته پوءِ اُها انگريزيءَ کان وڌيڪ نه، ته اُن جيترا پاٺڪ ضرور حاصل ڪري ها. ائين ڪونهي ته سنڌي ليکڪ اهو نٿا ڄاڻن، ليڪن هڪ ڳالهه آهي: مهاڪاويه ڪيئن لکجي، اهو ڄاڻڻ سولو آهي، لکڻ آسان نه آهي. پوءِ به اهڙي ڪوشش هرڪو ڪري ٿو. ائين آهي ته شيڪسپيئر يا ٽئگور جهڙا اديب پيدا ڪرڻ ۾ يُگ لڳن ٿا؛ ليڪن ڪير ٿو ڄاڻي ته اُهو يُگ ايندڙ آهي، يا هلندڙ؟ ٽئگور جي يگ ۾، ٽئگور جي ساڳئي گهر ۾، ڪوئي ’شرت چندر‘ به ته پيدا ٿيو آهي! ڊوسٽو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ، ۽ ٽالسٽاءِ ۽ گورڪيءَ جي دورن ۾ انيڪ يگ ڪونه گذريا آهن. هڪ ئي وقت، فرانس ’رومين رولان‘ ۽ اِنگلنڊ ’جارج برنارڊ شا‘ پيدا ڪري سگهيو آهي. سنڌي ليکڪ، مجموعي توڙي اِنفرادي طور، سنڌي سماج کي پنهنجي تنظيم توڙي ساهت سان يڪ محاذ ۽ مالامال ڪري رهيا آهن: پنهنجي سماج تي هو پنهنجي ڇاپ هڻي چڪا آهن؛ باقي ديس، کنڊ ۽ سنسار رهيل آهي. مگر اِئين آهي ڇا ته هنن قلم ٽوڙي ڇڏيو آهي؟ چوندا آهن- جتي اُميد هوندي آهي، اُتي اُن جو رستو به هوندو آهي. آچاريه ڪرپالاڻيءَ خود پنهنجي سنديش جي آخر ۾ چيو آهي:

”مون کي اِهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته ملڪ جي ورهاڱي بعد به جڏهن سنڌين کي گهڻي تڪليف سهڻي پيئي، پنهنجو وطن ۽ گهر ۽ جائداد ڇڏڻي پيئي، ۽ سڀني قسمن جا ڪشت ڏسڻا پيا، تڏهن به، ڪن نوجوان ليکڪن سنڌي ساهت کي نه وساريو، ۽ پنهنجي سرجوشيءَ سان هنن سنڌي ٻوليءَ جي شيوا ڪئي.“

ان ريکا تي، ڪجهه عرصو اڳ، خواجه احمد عباس به چيو هو:

”اِها برابر وڏي ڳالهه آهي ته اوهان سنڌ ۾ پنهنجو گهر، زمين، مليڪت وغيره ڇڏي آيا آهيو، مگر اصل ۾ اوهان پنهنجي سچيءَ ملڪيت کي پنهنجي سيني ۾ آندو آهي؛ ۽ توهان جي اُها مليڪت آهي- توهان جا هي ڇيڄ ۽ جهُمر، توهان جا بهراڻا، توهان جا لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪٿائون.“

اُن کان به ڪجهه عرصو اڳ، اسان جي وچ ۾ اچي، مشهور اردو ليکڪ ۽ قابل فلمي اداڪار بلراج ساهنيءَ چيو هو:

”مان پنجاب کان آيو آهيان، توهين سنڌ مان آيا آهيو. مگر، مان چوان ٿو: پنجاب منهنجي سيني ۾ آهي، پنجاب منهنجي ماءُ مون کي خون ۾ ڏنو آهي. ٺيڪ اِئين سنڌ توهان جي سيني ۾ آهي، سنڌ توهان جي خون ۾ آهي!“

آچاريه ڪرپالاڻي سنڌي تحريڪ کان دور رهندي به نوجوان ليکڪن جي تخليقي ۽ تنظيمي قوتن جو اندازو لڳائي سگهيو آهي. آچاريه ڪرپلاڻيءَ جي ڪر ڪرڻ بعد، سچيتا ڀيڻ به چيو: ”پنهنجي ٻوليءَ ۽ سڀيتا کي زندهه رکڻ لاءِ اوهان کي جفاڪشي، الفت ۽ اُتَڪنٺا جو مون کي احساس آهي. اوهان جي اها هلچل ڀارت جي نئين سجاڳيءَ جو ثبوت آهي.“

اسان جي ئي چيل ڳالهه اسان کي ٻڌائيندي چيائين: ”اوهان کي ياد رکڻ جڳائي ته ڪنهن به ٻوليءَ جو قائم رهڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ، اُن ٻولي ڳالهائيندڙن جي سنگهٺن ۽ پختي ارادي تي ئي مدار ٿو رکي.“ هن اسان جي هلچل تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو: ”سنڌين جي هيءَ پرجوش هلچل ملڪ ۾ علَم سجاڳيءَ ۽ سرجوشيءَ جو حصو آهي..... مون ٻڌو آهي ته پرڌان منتري نهروءَ هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي وڌان ۾ آڻڻ جي تحريڪ هلائڻ کان باز اچڻ جي صلاح ڏني آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اِها صلاح اوهان کي ڪافي زور دارسببن ڪري ڏني ويئي هوندي. ٿي سگهي ٿو جڏهن ديس اڳيان ٻيا گهڻا اهم مسئلا حل ٿيڻ خاطر حاضر آهن، تڏهن پرڌان منتري ڪنهن به واد- وواد ۾ پوڻ نٿو چاهي. مان پڻ اوهان کي وينتي ڪنديس ته اوهين سندس صلاح مڃيو، ۽ پنهنجو تحرڪ ڪجهه وقت تائين مهمل ڪريو؛ موزون وقت ايندي ئي ڀل پنهنجي گهُر وري جاري ڪجو. مون کي پڪ آهي ته ٺيڪ وايو منڊل ۾ اوهان جي ٻوليءَ قائم ڪرڻ واريءَ ڪوشش جو پورو قدر ٿيندو، ۽ اوهان جي گهُر قبولي ويندي.“

سچيتا ڀيڻ آزمودگار سياستدان آهي، ان ۾ شڪ ڪونهي؛ مگر ان ۾ به ته ڪو شڪ ڪونهي ته اسان جو تحرڪ، لوڪشاهي سڌانتت پٽاندر، جوڙ جڪي ۽ اهڙي موزون وقت آڻڻ جي ڪوشش آهي، جنهن وقت اسان جي ٻولي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ داخل ڪئي ويندي کير جو سڙيو، لسيءَ کي به هڪ تازو ڦُوڪون ڏيئي پئيندو آهي- شري نهروءَ ۽ شريمتي سچيتا جي اها صلاح ان چوڻيءَ جو هڪ تازو مثال آهي. شري نهروءَ ۽ شريمتي سچيتا ڀيڻ کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سهجيون ۽ پرسپر سهڪار، سنڌي سڀيتا جي پرمپرا آهي. سنڌي سينو سپر ڪري، اٿي بيهي لڙي به سگهن ٿا، مگر اُن جي ضرورت ڪٿي آهي؟ پنهنجي جمهوري ديس ۾، صرف چار هٿ کڻڻ سان اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃي سگهون ٿا: اسين صرف اُن وقت کي آڻڻ ٿا چاهيون، جڏهن مٿي کنيل هٿن جي ڳڻپ شروع ڪئي ويندي. اسين ڄاڻون ٿا ته اسان جي ٻوليءَ، ساهت، تهذيب ۽ تمدن کي ڪير به ناس ڪري نٿو سگهي؛ مگر اسين چاهيون ٿا ته اهڙو وقت اچي، جڏهن ائين چوڻ جي ضرورت نه رهي. ۽ اسين چئون ٿا، ان مان ظاهر آهي ته اسين سنڪٽ ۾ آهيون، ۽ سڀاويڪ اسين ان سنڪٽ کي منهن ڏينداسين- جو اسين ڏيئي رهيا آهيون.

اسان جي تحرڪ کي جيئن ڪو به غلط نه سمجهي، اهو خيال ۾ رکي ئي، اکل ڀارت ساهت سميلن جي آجيان- سڀا، سميلن جي سامهون ٽي آدرش رکيا هئا، جن کي سميلن جي سواگت- ڪاميٽيءَ جي چيئرمن، بمبئيءَ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، شري ٽِي. ايم. آڏواڻيءَ، ساڳئي ڏينهن، معزز مهمانن ۽ ڊيليگيٽن جو سواگت ڪندي، سڀني جي اڳيان رکيو: (1) سنڌي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنسڪرتيءَ جي رکيا ۽ واڌارو؛ (2) ٻين ٻولين جي ڀاشا- وگيانين، ودوانين، ليکڪن، شاعرن ۽ ڪلاڪارن سان گهاٽو سٻنڌ؛ ۽ (3) هندي ٻوليءَ جو وڪاس، جيئن اُها گهرج ۽ ضرورت پٽاندر سنڌي شبد- ڀنڊار مان سهائتا وٺي.

شري ٽي. ايم. آڏواڻيءَ سنڌيءَ ٻوليءَ جي وسعت ۽ مائيداريءَ تي ڳالهائيندي چيو: ”اسان جي ٻوليءَ جو نسل اُتم، اسان جي ٻولي رچنائن سان پُر، ۽ سنسڪرت جي خزاني سان مالامال آهي. انهيءَ باري ۾ مان اعليٰ جرمن عالم ڊاڪٽر ’ٽرمپ‘ جو رايو سَندَ طور پيش ٿو ڪريان. هن صاحب، هڪ سؤ ورهيه اڳ سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ لکي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي سيوا ڪئي آهي. فرمائي ٿو: ’سنڌي ٻوليءَ نج سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي، ۽ اُتر هندستان جي ڪنهن به ٻوليءَ کان وڌيڪ، ڌارين اثرن کان آجي آهي. سنڌي هاڻوڪي مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ بنگاليءَ کان پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي آهي، ۽ نحوي بناوتن جو خزانو اهڙيءَ ته حفاظت سان سانڍيو اٿس، جو سندس ڀينر جيڪو اُتس ريس ڪن.‘ اٺين شيڊول ۾ درج ٿيل چوڏهن ٻولين وانگر، سنڌي به يقيناً هنديءَ جي وڪاس ۾ واهر ڪندي. سنڌي ٻوليءَ کي پارسيءَ ۽ عربيءَ جهڙين اعليٰ ادبي ٻولين وڌيڪ مائيدار ڪيو آهي. اُن کي نهايت وسيع شپڌ- ڀنڊار آهي، يا ڪيتن قسمن جون نحوي بناوتون آهن. اُن جي آئيويٽا ۾ ’152‘ اکر آهن، جو عدد هندستان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي آئيويٽا ۾ نه آهي.“

شري ٽِي. ايم آڏواڻيءَ ٻه ٻيون به مکيه ڳالهيون چيون:

(1) جڏهن اسين ڀارت جي جدا جدا ڀاڱن ڏانهن لڏي آياسين،  تڏهن مون کي اها شنڪا هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت کي ڪو آئيندو آهي مون کي نهايت خوشي آهي جو اسان ۾ ڪيترا نوجوان اديب پيدا ٿيا آهن، جن اعليٰ ڪتابن جي ترجمن ۽ نثر توڙي نظم ۾ اصلوڪين رچنائن معرفت سندي ساهت جو خزانو وڌايو آهي.

(2) اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪَڇين، خواجن ۽ ميمڻن کان سواءِ ڀارت ۾ ڏهن کان ٻارهن لکن تائين نرواسي آهن، جن جي مادري زبان سنڌي آهي؛ سڀني اسڪولن ۽ سنڌين جي برپا ڪيل ڪاليجن ۾ سنڌي پاڙهي وڃي ٿي؛ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ بي. اي. آنرس تائين سنڌي منظور ڪئي آهي؛ مگر، سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جي لحاظ کان، اسان جو وسَڻ تيسين پُورن نه چئبو، جيسين سنڌي ٻوليءَ کي ٻين وانگر تسليم نه ڪيو ويو آهي: اسين سنڌي تيسين پاڻ کي ڀارتي يونين سان دلي طرح مليل نه سمجندا سين!

نماءَ جو مهورت:

ساڳئي ڏينهن، منجهند مهل، سميلن جي پرڌان شريمتي سچيتا ڪرپالاڻيءَ سنڌي دستڪاريءَ، ساهت ۾ چتر- ڪَلا جو نماءٌ ڪيو. نماءٌ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ جي ڪنووڪيشن هال ۾ ڪيو، جو پورن چئن ڏينهن تائين کليل هو، ۽ جنهن ۾ جدا جدا اسٽالن ۾ هٿ سان ٺاهيل رانديڪا، گُڏيون ۽ ٻيون شيون، هٿ سان لکيل مُلهائتا ادبي ڪتاب، دستاويز ۽ جهونا توڙي نوان، نين ڌارائن وارا چتر هئا. جهونن دستخطن جا ليکڪ آهن- رشي ديارام، ديوان ڪوڙومل، ۽ سائين دلپت. ڪي تصويرون اِلائچين جي کَلُن، ۽ ڪي ننڍڙن ڪوڏن، ڪکن ۽ سپيءَ جي ٻِيڙن مان به ٺهيل هيون. موئن جي دڙي مان هٿ آيل هڪ پُتلو، ٻه سؤ سال اڳ هٿ سان لکيل ’گيتا‘، ۽ ڏکڻ آفريڪا جي جيل وارو، گانڌيجيءَ جي آڱرين جي نشانن وارو، تاريخي پوسٽ ڪارڊ به رکيل هو. هٿ سان لکيل ڪتابن ۾ ’سهج ڪوش‘ خاص ذڪر جي قابل آهي. نماءَ ۾ اڳئين زماني جي رهڻي ڪهڻيءَ جون ڪيتريون چيزون، اڳين سنڌين سان مشاهبت رکندڙ پُتلا وغيره هئا، جن جي مٿان پراڻي ڍنگ جون پوشاڪون چڙهيل هيون. شاهه لطيف ۽ سسئيءَ جا پتلا نماءٌ جو ڄڻ مرڪز هئا. هزارين نوان توڙي پراڻا ڪتاب ۽ گيتا جا بيشمار ترجما نماءَ رکيا ويا هئا. هڪڙي پاسي، شاهه عبداللطيف کان پرسرام ’ضيا‘ تائين، ڪيترن ئي شاعرن ۽ مفڪرن جون تصويرون ٽنگيل هيون، جن جي اوسي پاسي لال پردن تي سنڌ جي اعليٰ شاعرن جي شعر جون معياري سٽون لکايون وييون هيون. هن نماءَ مان سنڌ جي پراچين توڙي نئينءَ تهذيب جي جهلڪ ٿي ملِي، جنهن جا اَنيڪ فوٽا ڪڍيا ويا؛ گورنمينٽ آف انڊيا جي انڊين نيوز و ڀاڳ وارن اُن جي فلم به ڪڍي.

عيوضين جو ميڙ:

ٻئي ڏينهن صبح جو، ساڍي ڏهين بجي، ڪي. سي. ڪاليج جي ’راما واٽو مل هال‘ ۾ ڊيليگيٽن جو ميڙ ٿيو، جنهن جي صدارت شري جئرامداس دولترام ڪئي. هن چيو ته ”هن سميلن دواران هڪ نئين يڌ جو آرنڀ ٿي رهيو آهي. سنڌي جاتيءَ اڳيان مشڪل مسئلو اِهو آهي ته ’ڀارت اندر پنهنجو سَومان قائم رکندي، مرهٽن گجراتين وغيره جي وچ ۾ رهندي، پنهنجي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنسڪرتيءَ کي ڪيئن سلامت رکجي‘. ٻي ڳالهه، ته اسان کي پنهنجي اِتهاس جي نئين سر کوجنا ڪرڻ کپي. جيڪڏهن اها کوجنا نه ڪئيسين، ته هڪ وڏو خال رهجي ويندو، جنهن جا نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا- اسان جو پوءِ سَومان قائم نه رهندو.“

شري جئرامداس پوءِ سنڌي جاتيءَ جي اِتهاس جا ڪيترا ورق ورائيندي، ان جو وارث- روپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ اوڙيسا، اَنڌرا، ڪيرالا، آسام، بهار وغيره پرانتن جي ساهتيه ۽ اِتهاس جي ڄاڻن جا مثال ڏيئي، سڀني کي اِهو ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اِتهاس جي نئين سر کوجنا ڪري اُن مان پريرڻا پائڻي آهي،- ان لاءِ سنڌي نوجوانن اڳيان اهڙو سامان ۽ سامگري موجود ڪري رکڻ گهرجي.

ٻئي ڏينهن، 26 ڊسمبر، صبح جو ساڍي نوين بجي، ساڳئي هنڌ، ڊيليگيٽن جو ميڙ ٿيو، جتي لمبي بحث مباحثي بعد ڪل پنج ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

پنجن ٺهرائن مان پهريون ٺهراءٌ مکيه هو، جنهن ۾ 17 فقرا، ۽ جنهن ۾ اهي سموريون مکيه طلبون سمايل آهن، جن ذريعي اسان جي سنڌي ٻولي، ساهت ۽ سڀيتا وڪاس جي سهڀاونا آهي.

مکيه ٺهراءٌ

هي ٺهراءٌ نوجوان ليکڪن جي تحريڪ جي اڳوان، بزرگ عالم، پروفيسر ايم، يو. ملڪاڻيءَ پيش ڪيو، جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ ڀارت جي چاليهن عالمن پنهنجا نالا ڏنا. ٺهراءَ ۾ چيل آهي ته- سنڌي ٻوليءَ کي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ شمار ڪيو وڃي، ۽ ان شيڊول ۾ آندل ٻين ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪيو وڃي؛ ڇاڪاڻ ته اُکڙيل سنڌي حياتيءَ جي پنرواس لاءِ اهو قدم ضروري آهي.

- جتي جتي سنڌي گهڻائي ۾ هجن اتي سنڌي ٻولي پراديشڪ ڀاشا جي روپ ۾ سويڪار ڪيو وڃي.

- راجسٿان ۽ ٻين راجين سرڪارين کي هدايت ڪئي وڃي ته سنڌين کي پنهنجي ماتري ڀاشا ۾ تعليم وٺڻ کان محروم نه رکيو وڃي.

- سنڌي ڪتاب ڇپائيندڙن کي هند سرڪار ۽ راجيه سرڪاريون مالي مدد ڪن، جيئن هو ڪاليجن لاءِ گهربل ڪتاب ڇپائي سگهن.

- ’نيشنل بوڪ ٽرسٽ‘ واري پروگرام ۾ سنڌي ڪتابن کي پڻ جوڳي جڳهه ڏني وڃي.

- کوجنا ۽ اوچيءَ تعليم لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي همٿايو وڃي.

- جن يونيورسٽين جي حدن اندر سنڌي گهڻائيءَ ۾ آهن، تن يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي کوجنا بابت خاص وڀاڳ کولڻ گهرجن.

- دکن ڪاليج ۾ جتي ٻولين جي کوجنا جو ڪم ٿي رهيو آهي، بمبئيءَ سرڪار کي سنڌيءَ لاءِ گرانٽ ڏيڻ گهرجي.

- پنج سالي يوجنا جي ساهت ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي جوڳي جاءِ ڏني وڃي.

- سنگيت ۽ ناٽڪ آڪادميءَ کي به، ساهتيه آڪادميءَ جيان، سنڌي سنگيت ۽ ناٽڪ جي واڌاري لاءِ، سنڌيءَ کي پنهنجي پروگرام ۾ جاءِ ڏيڻ کپي.

- سنڌي ڪلاڪارن کي ريڊيو تي وڌيڪ وڌيڪ وجهه ڏنو وڃي.

- راڄدانيءَ ۾ پرجاوادي ڏينهن جي جشن ۾ بمبئيءَ، راجسٿان ۽ دهليءَ جي سنڌي ڪلاڪارن کي به بهري وٺڻ جو وجهه ڏنو وڃي.

ٻيو ٺهراءٌ

. هيءٌ ٺهراءٌ ڊڪشنريءَ ڇپائڻ بابت آهي، جنهن ۾ داني پرشن کي اپيل ڪيل آهي ته هو سنڌي ساهت جي کوجنا جي ڪاريه ۾ پيسي جي مدد ڪن.

 ٽيون ٺهراءٌ

هن ٺهراءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي ٻار ننڍي هوندي کان سنڌيءَ ۾ تعليم وٺن، ان لاءِ ٻال- مندر ۽ لئبرريون کوليون وڃن.

ڇوٿون ٺهراءٌ

هن ۾ سنڌي عوام کي اپيل ڪيل آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٻولي سيکارين، جيئن هو پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائي سگهن.

پنجون ٺهراءٌ

هن ٺهراءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’سنڌي ساهت سميلن‘ نالي هڪ دائما سنسٿا کڙي ڪئي وڃي؛ ۽ جيسين اُها سنسٿا ٺهي، تيسين سميلن جي هاڻوڪي ڪرمچاري ڪاميٽي ڪاروبار هلائي، ۽ رٿيل دائما سنسٿا لاءِ جوڙجڪ وغيره بحال ڪري. ايندڙ سال سميلن جي بيٺڪ ناگپور ۾ سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

آخر ۾ شري جئرامداس چيو ته هن سميلن ۾ جيڪي ٺهراءَ بحال ٿيا آهن، تن تي اسين هڪدم عمل ڪنداسين؛ اُميد اٿم ته اسين جلد بجلد اِن لاءِ مناسب قدم کڻنداسين.

ڪلچر پروگرام:

رنگ- ڀوَن ۾ تاريخ 25 ۽ 26 ڊسمبر شام جو ڪلچرل پروگرام ٿيا. پهرئين ڏينهن پروگرام لوڪل ڊيليگيٽن لاءِ کليل نه هو؛ اُن ڏينهن لوڪل ماڻهن کي خاص دعوتون موڪليون ويئون هيون.

پروگرام ڪٿڪ نرتيه جا ٻه سُندر اِسم رکيا ويا هئا. سنڌي لرتيڪن، ڪماري ڪمون ڇڳاڻيءَ ۽ ڪماري راڻي ڪرنا، پنهنجي ڪٿڪ نرتيه سان حاضرين کي خوب متاثر ڪيو. سنڌي لاڏي، جهمر، بهراڻيءَ ڪافين جي عوام تي خوب اثر ٿيو. سازن ۽ تالُن جي لَي جي پڙاڏن ۾ ڄڻ سموري فضا جهومي رهي هئي. پروگرام جي شروعات سرڳواسي شاعر پرسرام ’ضيا‘ جي ڪلام- ”زنده رهي اسان جي سنڌي زبان پياري“ سان ٿي. سهڻي- ميهار واري حصي ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ، مهراج چمن، ايشور جاگيردار ۽ پدو تولاڻيءَ ڀاڳ ورتو. سنگيت ۾ ڪماري سروج ريجهسنگاڻي، نرملا ساپرو، ڪلا ڪرپالاڻيءَ، ۽ موتيهار ڀائرن بهرو ورتو. موتيهار ڀائرن جي ڀڳت به خوب رنگ لاتو. مهاڻن جو ناچ ۽ ماسٽر چندر جو پروگرام به ڪافي دلچسپ هو. سنڌي ناٽڪ، جو ميشرس ديپڪ آشا ۽ سندس پارٽيءَ پيش ڪيو، حاضرين جي هلڪي مُوڊ سبب چڱو ڪامياب ويو- جيتوڻيڪ ناٽڪ بنهه غير معياري ۽ اداڪاري ۽ ڪلاچي درشٽي معمولي هئي. ناٽڪ ۾ سنڌي جا چونڊ ڪلاڪار ديپڪ آشا، ڀندو آڏواڻي ۽ ڪان موهن- ڪم ڪري رهيا هئا، مگر جيئن ته رٿا توڙي گفتگو جي خيال کان بلڪل ڪمزور هو، ان ڪري ڪنهن به ڪلاڪار کي اداڪاريءَ ۾ پاڻ موکڻ جو موقعو نه مليو. ناٽڪ ۾ جيڪڏهن ڀڏو آڏواڻي نه هجي ها، ته شايد ماڻهو اڌ مان اُٿي هليا وڃن ها.

 ٻئي ڏينهن پروفيسر هاسانند جادوگر، پنهنجي آدرشي ٽوٽڪن ۽ تڪبنديءَ وارن گفتن ۽ تجنيس خطيءَ جا رنگ ڀري، پنهنجي شخصيت ۽ فن سان خوب نباهيو. هن صاحب هٿ جون ڪرامتون ڏيکاريندي اُنهن ماڻهن تي مذيدار طنز ڪئي، جي فخر سان چوندا آهن: ’اسان جا ٻار ته سنڌي ڄاڻن ئي ڪونه... اسان جا ٻار ڪانوينٽ ۾ پڙهندا آهن‘!

ڪلچرل پروگرام جي زبردست ڪاميابيءَ جو ڪارڻ، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل سنڌيءَ جا تمام ڪلاڪار آهن، جن، موقعي جي نزاڪت وڌائڻ خاطر، سَون ميلن تان ڪهي، پروگرام ۾ اچي ڀاڳ ورتو. پروفيسر رام پنجواڻي ۽ گوبند مالهي خاص طور داد جا مستحق آهن، جن اهڙو پروگرام پيش ڪيو.


* ڍاڪي جون ٻنيون: نارَ تي آباد ٿيندڙ زمينون (ڍاڪو= نارُ).

* آئٺو= گاهه جي لاءِ زمين جو ريجايل ٽڪرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com