سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :11

غريبن کي، سو پيسا به ڏي انهن کي، ۽ معافي به وٺ انهن کان – هِتي ڇا آهي؟

مالو- هنن وٽ به اوهين هلو، نه ته مون کي ..........

ساجن – (مالي کي) پنج روپيا ته ڏين ٿو، پر هنن شين تي جي پيسا لڳا آهن، سي ڪٿان ايندا جو ويچارا غريب واڻئي کان وينڊو وٺي اچن؟

مالو  سائين، شيون، پيسا ۽ ڇيلو هنن کي موٽائي ڏيو، ۽ وينڊو آءٌ گهران پيسا ڏيئي، ڪڍائي آڻي ڏيندس. (ڳچيءَ مان مالها لاهي هيٺ رکي ٿو.) اڄ کان پوءِ وري ڪٿي به ڀوپو ٿي ڪو نه ڌوڻندس، ۽ جيڪي منهنجا ڇاڙتا يا ٻيا ڀوپا آهن، انهن سڀني کي منع ڪندس..... پر معافي ڏيو!

پرتاب – بابا، چيم ڪو نه ته معافي گومي ۽ سندس زال اميديءَ کان وٺڻي پوندي! ۽ اوهان ملڪ کي

ڀرمائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري عام لوڪن جي اڳيان توبهه ڪر ته هنن جي دل

تان اهو اجايو جنن ۽ ڀوتن جو ڀرم لهي وڃي.

مالو – چڱو سائين، ائين به ڪندس.

پرتاب – چڱو، وڃ، ٻن هفتن کانپوءِ رامي جي گهر اچج، مان به اتي هوندس.

مالو – ها، سائين. (ائين چئي وڃي ٿو.)

ساجن- چڱو ڪيوَ. ڀوپي جو پٽ ٿيو آهي! هاڻي سندس ئي واتان ڪوڙ ٻڌي، من مانهو سمجهن!

پرتاب – ها، ادا، بدمعاشن غريبن جو آلهو تلهو چَٽ ڪري، ملڪ ۾ ٻارڻ ٻاري ڏنو آهي. ائين نه ڪريون ته ڪٿي ٿا سڌا ٿين. هاڻي جڏهين ماڻهو سندس منهن مان ڪوڙ ٻڌندا، تڏهين پاڻيهي پوري پير تي ايندا.

(ٻئي وڃن ٿا)

پردو نائون

رامي جو گهر

]رامو بيمار پيو  آهي. سڀيئي ويٺا آهن. پرتاب اچي ٿو.[

سڀيئي- اچو. پرتاب، ويهو. (پرتاب ويهي ٿو.)

پرتاب- ڪيئن، ڀائي گوما، پوڙهي جو ڪهڙو حال آهي؟

گومو – سائين، ڦوڪارو ڪونهي، بيماري وڌندي وڃي ٿي.

پرتاب – سو وري ڪيئن؟ هاڻي ته مالو ڀوپو به ڌوڻايوَ، ۽ چوڙيلڻ روبرو به چيو هو، جنهن کي اڄ ڪافي ڏينهن به ٿيا، اڃا به فائدو ڪونهي؟

گومو – سائين، اچي ڪا ڪَرم جي لڳي آهي، جو هڪڙي نه ٻي ڇڏي ئي نه ٿي.

پرتاب – (دل ۾) گاڏي آئي، پر چريا ڪو نه ويا! (گومي کي) بابا، هن کي آهي بيماري، جنهن جو ته اوهين ڪو علاج ڪريو ئي ڪو نه ٿا،

پوءِ چڱو ڀلو ڪيئن ٿيندو؟ ڀوت آيا ڪٿان؟ ڀوت ته دنيا ۾ آهن ئي ڪو نه! اهي ڀوپا ڪوڙا آهن، جي پيا اوهان کي ڦرين.

کينهرو – سائين، ڀوت ڪونه آهن؟ ته پوءِ تنهن ڏينهن وڻ مان آواز ڪيئن ٿي آيو؟

ڌارو – سائين، ڀوپا ڪوڙا هجن ته مالي کي ڪيئن خبر پيئي ته هنن جي گهرجي اڀرندي پاسي ڪنڊيءَ جو وڻ آهي؟

پرتاب – ڀائي، انهن ڳالهين جو اوهان کي پتو ڪو نه پوندو. پاڻيهي وقت تي سمجهندا. اوهين ماٺ ڪري هن جو ڪو علاج ڪرايو.

تماچي – سائين، پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ، مائي جيتان، گوگو، وغيره، سڀ

پڇيا، مالو ڀوپو به ڌوڻايوسين؛ ٻيو ڇا ڪريون؟

پرتاب – چريا، وري اهي پاٻو ۽پورو ويٺا ڪريو نه؟ ڇو نه ٿا ڊاڪٽر وٽ کڻائي وڃو!

جيئمل – سائين، ڏاڪدار وٺندو گهڻو؟

پرتاب – تنهن ڏينهن چيم ڪو نه ته ڪجهه ڪو نه وٺندو، بلڪه ماني به مفت کارائيندو.

مگهو- هِتي پنهنجا ڏَسَ پتا

 

ڪل ڪيا اٿئون، پر ڪجهه ڪو نه ٿيو. هاڻي هي به ڏس ڪري ته ڏسون: فائدو ٿيو ته واه، نه ته به گهران ڇا ويو؟ هرج ته ڪونهي، کڻي موٽي اينداسون، ڪيئن، گوما؟

گومو- ڀلي هلو، جيڪا اوهان جي مرضي.

پرتاب – ها، ها، وڃو، ضرور فائدو ٿيندو.

(رامي کي کڻي اسپتال ڏي وڃن ٿا. پرتاب موٽي ٿو.)

پردو ڏهون

اسپتال

]ڊاڪٽر ويٺو مريضن کي ڏسي ۽ دوائون ڏئي، ته ايتري ۾ رامي بيمار کي کڻي اچن ٿا[

گومو – (اسپتال جي در تي پٽيوالي کي ڏسي) سائين، اسپتال هيءَ آهي؟

پٽيوالو- ها، اها آهي.

مگهو- ڏاڪدار صاحب ڪٿي؟

پاتل، ڪرسيءَ تي ويٺو آهي.

تماچي – اسين اندر وڃن؟

پٽيوالو – ها، ڀلي وڃو.

(گومو ۽ تماچي، جتي لاهي، اندر گهڙن ٿا. ڊاڪٽر کي ڏسي، ٻئي ڄڻا نمي سلام ڪن ٿا.)

ڊاڪٽر – (سلام جو جواب ڏيئي) بابا، ڪيئن آيا آهيو؟

گومو – سائين، منهنجو پيءُ بيمار آهي، جنهن کي اٽڪل پندرهن ويهه ڏينهن ٿيندا. گهڻائي علاج ڪيا اٿئون، پر فائدو ڪونهي، تنهنڪري هتي کڻي آيا آهيون.

ڊاڪٽر – ڀلا ڪهڙو علاج ڪرايو اٿو؟

گومو – سائين، پاٻو، پورسو، چانڊ، مالهڻ، گوگو، سڀ پڇيا؛ نيٺ مالو ڀوپو به ڌوڻايوسين، پر ڦوڪارو ڪو نه ٿيو.

ڊاڪٽر – (عجب ۾) پاٻو، پورسو.... اهي ڇا آهن؟

پٽيوالو- سائين، هي اڻپڙهيل جاهل آهن، جي جنن ڀوتن جون ٿا

پٽيوالو- اندر ويٺو آهي.

ڌارو – سائين، مهرباني ڪري اسان کي ڏيکار.

پٽيوالو – (آگر سان اشارو ڪري) او... اهو – جيڪو مٿي اگهاڙو،  عينڪ
ڳالهيون ڪن. هنن جو انهن ۾ ويساهه آهي.

ڊاڪٽر – (ٽهڪ ڏيئي) چڱو، سمجهيم، بابا، بيمار کي وٺي اچو.

(رامي کي اندر کڻي اچن ٿا. ڊاڪٽر رامي کي چڪاسي ڏسي ٿو. گومو ۽ مگهو چوڌاري ڪيئن مريض، ماڻهو، ۽ڪٻٽن ۾ دوائن جون شيشون ڏسي، وائڙن وانگر پيا نهارين.)

ڊاڪٽر – (تپاسڻ بعد) بابا، هن کي گرميءَ جو اثر آهي. هي ڪاڙهي تتي جو ٻاهر نڪتو آهي، تنهنڪري بيمار ٿيو آهي، ٻيو ڪو جن ڀوت ڪونهي. مان دوا ڏيان ٿو، سا وڃي کيس پياريو. (شيشيءَ ۾ ٻه –ٽي دوائون ملائي ڏئي ٿو.) هن دوا مان روز ٽي وزن – صبح، منجهند ۽ شام ڏجو. سڀاڻي وري سمورو حال احوال ٻڌائجو.

گومو – ها، سائين.

(دوا وٺي، مريضن جي رهڻ واري ڪمري ۾ رامي سان گڏ ترسن ٿا. چوڻ موجب، ٽيئي دفعا دوا پيارين

ٿا. اهڙيءَ طرح، روز ڊاڪٽر کي حال احوال ٻڌائي، دوا آڻي پياريندا رهن ٿا. روز بروز رامو وڃي ٿو چاڪ ٿيندو. جلد ئي صفا چڱو ڀلو، اٿن جهڙو ٿئي ٿو.هي به ويچارا ڏاڍا خوش ٿين ٿا.)

گومو – مگها، پرتاب برابر سچ ٿي چيو ته ڏاڪدار وٽ وٺي وڃو! هيترا ڏينهن اسان ناحق پئي ڀوپن کان پاڻ ڦرايو. ٻين ڦريو سو ته ٺهيو، پر تنهن ڏينهن ڪيترو خرچ ڪري مالو ڀوپو ڌوڻايو، تڏهين به فائدو ڪو نه ٿيو. هتي ته پائي به خرچ ڪا نه ٿي، ۽ فائدو به ٿيو!

ڌارو – ها، ادا، پاڻ پڙهيلن جي ڳالهه مڃون نه ٿا، پر آهن اهي سچا. چوندا آهن ته علم واري جون آهن چار اکيون. اڳتي ڪو بيمار ٿيو ته وري ڪنهن ڀوپي کان ڪو نه پڇنداسون، وٺي اينداسون اسپتال ۾. ڏسو ته هتي ڪهڙا نه سـُک لڳا پيا آهن. اهڙا سک گهر به ڪو نه آهن.

مگهو  - هاڻي ڪاڪو به اٿي

ويهي سگهي ٿو، هاڻي هلو گهر. (رامي ڏانهن نهاري) ڪيئن، ڪاڪا، هاڻي ته چڱو ڀلو آهين نه؟ هلنداسون، گهر؟

رامو- ها، ابا، هاڻي بلڪل چاڪ آهيان، ڪا به پيڙا ڪانهي. هلو ته ڀلي هلو. (سڀيئي ڊاڪٽر وٽ وڃن ٿا.)

گومو – (ڊاڪٽر جي پيرن تي ڪِري) سائين، اوهان جا لک ٿورا، بابو چڱو ڀلو ٿيو، هاڻي اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي گهرين ڀيڙا ٿيون.

ڊاڪٽر- بابا، ٿورا وري ڇا جا؟ هتي ته روز ڪئين مريض پيا اچن ۽ وڃن. اهو اسان جو ڪم آهي. اڳتي ڪو بيمار ٿئي ته اجايو ڀوتن جي ڊپ ڪري ڀوپن کان پاڻ نه ڦرايو، هميشه ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو. ٻن ٽن ڏينهن جي دوا ڏيان ٿو، سا ڏيندا رهجو. هاڻي ڀلي وڃو.

(ڊاڪٽر کي سلام ڪري، رامي کي وٺي، موٽن ٿا.)

پردو يارهون

رامي جو گهر

]رامو چڱو ڀلو ٿي موٽي آيو آهي، ڪٽنب جا ڀاتي ۽ ٻيا پاڙي وارا کيس ڏسڻ آيا آهن[

ڪرمون – ڪاڪا،  ڪيئن؟ هاڻي ته چڱو ڀلو آهين نه؟

رامو – ها، ابا، هاڻي بلڪل چاڪ آهيان.

جيئمل ڪاڪا، ڪا ٿوري گهڻي پيڙا به ڪانهي؟

رامو – نه، بلڪل نه. پيڙا نڪو ٻيڙا. هاڻي پاڻ کي طبيعت ۾ اهڙو پيو سمجهان جو جيڪر جوانن سان ملهه وڙهان!

سڀيئي (کلي، عجب سان) هَل ڏوڪرا! کيمو – شڪرانا ڌڻيءَ جا، جو اوهين چاڪ ته ٿيا.

رامو – ڇو، اوهين آسرو پلي ويٺا هئا ڇا؟

ڪرمون- ٻيو نه ته.

جيئمل – ويچارن پڙهيلن جو

ڀلو ٿئي، جن صلاح ڏني، نه ته پاڻ نڪو ڏاڪدار وٽ هلون ها ۽نڪو ڪاڪو به چاڪ ٿئي ها!

(ويچاريون نينگريون، سوني ۽ موتان، ۽ ٻيا ڪٽنب جا ڀاتي رامي کي چڱو ڀلو ڏسي ڏاڍا خوش ٿين ٿا.)

تماچي- گوما، ڀلا ڏي خبر، ڇا خرچ ٿيو؟ حال احوال ته ڏي!

گومو – ادا، اسپتال ۾ وياسون، ڏاڪدار صاحب ڏاڍو چڱو ماڻهوهو. خرچ پائي به ڪا نه ٿي، اٽلو ماني به مفت ملندي هئي. مطلب ته سڀڪا سهوليت هئي. تڪليف جو نالو ئي ڪو نه هو. ڏاڪدار روز ڏسي دوا ڏيندو هو، سا پياريندا هئاسون. ڀڳوان ڪيو جو ڦوڪارو ٿي پيو.

جيمئل – تڏهين مالي ۽ ٻين

ڀوپن اجايو ٿي ڦريو؟ پرتاب سچ ٿي چيو ته ڀوت آهن ئي ڪو نه، پر اسان نٿي مڃيو. هاڻي پتو پيو اهي ته ڀوپا برابر ڪوڙا آهن.

گومو – ڀوپن کان ته ڀڳوان بچائي. اسان جو ته گهرئي ڦري چٽ ڪيائون. شل چَٽ ٿي مرن!  

(ايتري ۾ پرتاب ۽ ساجن به شين جي هڙ کڻي اچن ٿا.)

سڀيئي – (وڏيءَ اڪير سان) اچو پرتاب، اچو ساجن، ويهو. (هو ويهن ٿا)

پرتاب – ڀائي، رامو چاڪ ٿيو نه؟ (رامي ڏانهن ڏسي) ڪيئن، راما! تندرست آهين نه؟

رامو – (اٿي اچي پرتاب جي پيرن تي ڪِري ٿو) سائين، ڀڳوان ڀلو ڪري اوهان جو، مون کي نئون جنم ڏياريو اٿوَ. اوهين ڏاڪدار جي صلاح نه ڏيو ها ته آءُ ڪڏهين ڪو نه چاڪ ٿيان ها.

گومو – سائن، اسان غريبن تي وڏي مهرباني ڪيوَ، نه ته الاجي ڪهڙو

حال ٿئي ها.

(سڀڪو پيو پرتاب جا ٿورا مڃي.)

پرتاب – بابا، اها مهرباني منهنجي نه پر مالڪ جي اهي. مارڻ جيارڻ سڀ ڌڻيءَ جي وس ۾ آهي. اوهان تي ڀڳوان راضي ٿيو آهي، پر اوهين پيا ڀڄو. اجايو ڀوتن جي ڀرمن ۾ ڦاسجي پيا ڀوپن کان پاڻ ڦرايو. ڌڻيءَ کانسواءِ، ٻيو ڪنهن کي به نه مڃو ۽ نه ڪي ڪنهن جو ڊپ ڪريو.

ڌارو – برابر، سائين. هاڻي اسين به سمجهيا آهيون. (اتي مالو پنهنجن ٻن ڇاڙتن، سوني ۽ ڀيمي، سان اچي ٿو. اڳي هميشه مالها پيل هوندي هيس، پر اڄ ڪجهه ڪونهي. ڀڳل دل سان، ويٺلن مان ڪنهن چيو: ”اچو مالا!“ مالو ايندي شرط پرتاب جي پيرن تي ڪِري، هٿ ٻڌي، چوڻ لڳي ٿو-)

مالو – (اميديءَ وارو وينڊو اڳيان رکي) سائين، معافي ڏيو!

(سڀيئي ويٺل وينڊو ۽ مالي جي هيءَ حالت ڏسي، عجب مان

هڪ ٻئي کان پيا پڇن ته هي ڇا؟)

پرتاب – (مالي کي پيرن کان پري ڪري) ڀائرو، اوهين عجب نه کائو. ٻڌو ته ٻڌايانوَ. مالو تنهن ڏينهن هت ڌوڻيو هو ۽ چيائين ته رامي کي جن آهي، جنهنڪري اوهان کان هڪ ڇيلو، ڏهن ٻارهن روپين جون شيون ڪڍرائي، ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ رکائي آيو، ۽ ڪنڊيءَ مان چوڙيلڻ ٻولائِي ڏيکاريائين، جو اوهان سڀني سمجهيو ته برابر ڀوت آهي: پر در حقيقت سندس ڇاڙتو، ڀيمو، هٿرادو ويهاريل هو، جنهن ٿي چوڙيلڻ بڻجي جواب ڏنو! ڀوت ڪو نه هو. (ڀيمي ڏانهن ڏسي) ڪيئن، ڀيما، تون هئين نه؟

ڀيمو – ها، سائين،.

پرتاب – مون اهو رنگ ڏسي، پنهنجو ڀاءُ ساجن اتي ويهاري ڇڏيو هو. ماڻهن جي وڃڻ کان پوءِ ڀيمو ڪنڊيءَ تان لهي ڇيلو ڇوڙي، شيون کڻي روانو ٿيو، ته ساجن وڃي کيس پڪڙيو، ۽ وٽانئس ڇيلو ۽ شيون کڻي آيو. ڀيمي وڃي اها خبر مالي کي

ٻڌائي، جو آيو مون وٽ ته ”وينڊو ڪڍاڻي آڻي ڏيندس، ۽ آئيندي ڀوپو ٿي ڪو نه ڌوڻندس؛ مالها به ڪڍي کڻي اتي ڦٽي ڪيائين، ۽چوڻ لڳو ته ”مون کي معافي ڏيو.“ (مالها ڪڍي، سڀني کي ڏيکاري) ڪيئن، مالا، اها مالها تنهنجي آهي نه؟

مالو – ها، سائين.

ٻيا سڀيئي – برابر، برابر، اها مالها مالي جي آهي، اسين سڃاڻون ٿا.

پرتاب – پر مون کيس چيو ته معافي وٺ انهن کان، جن کي تو ڦريو آهي: تنهنڪري اڄ آيو آهي اوهان کان معافي وٺڻ. هن کان اڳ ڳالهه ڪريان ها ته اوهين مڃو ئي ڪو نه ها، تنهنڪري ماٺ ۾ رهيس. وڍيڪ خبر پاڻيهي مالو ٻڌائيندو.

(سڀيئي پرتاب جي ڳالهه ٻڌي، ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳن ٿا)

پرتاب – ڏٺوَ، ڀائي، ڀوپن جون لچايون! سوني جو تنهن ڏينهن هتي پئي مالي جي واکاڻ ڪئي، سو

به سندس سيکاريل ڇاڙتو هو!

(سڀيئي اهي ڳالهيون ٻڌي مالي تي ڦٽڪار وجهڻ لڳن ٿا، ۽ پرتاب ۽ ساجن جا ٿورا مڃين ٿا.)

مالو – (اٿي، سڀني جي اڳيان پنهنجو ڏوهه قبولي) ڀائي، پرتاب جيڪي چيو، سو سڀ سچ آهي. ڀوت دنيا ۾ برابر ڪو نه آهن. اسان ڀوپن اجايا ڀرم وجهي ڇڏيا آهن، جيئن ماڻهن کي ڦرڻ سولو ٿئي چوڙيلڻ ۽ ڪنڊيءَ جي ڳالهه ته مون کي مگهي ٻڌائي هئي. اڄ کان پوءِ آءٌ توبهه ٿو ڪريان ته وري ڀوپو ٿي ڪونه ڍوڻندس. پنهنجن ٻالڪن ۽ ٻين ڀوپن کي به منع ڪندس. هيءَ خطا برابر مون کان ٿي آهي، پر وري ائين نه ڪندس. مهرباني ڪري مون کي معافي ڏيو! (گومي جي پيرن تي ڪِري ٿو.)

(گومو – ڀائي، اسين ته آهيون پرتاب پٺيان؛  هو مرضيءَ وارو آهي، معافي ڏئي يا نه ڏئي، وس وارو آهي.

پرتاب – (سڀني کي) ڀائرو،

وينڊو مالي پنهنجي گهران پيسا ڏيئي ڪڍائي آڻي ڏنو آهي؛ ڇيلو منهنجيءَ اوطاق تي بيٺو آهي، وڃي وٺي اچوس؛ ۽ باقي شيون (هڙ کڻي) هي پيئون آهن؛ پنج روپيا روڪڙا به موٽائي ٿو ڏئي، سي به وٺو. جيتوڻيڪ مالو معافيءَ جو لائق ته ڪونهي،پر انجام ٿو ڪري ته آئيندي توبهه ڪيم، ۽ پاڻ ملڪ ۾ اهڙو پرچار ڪندس ته ڀوت ڪو نه آهن، ۽ ڀوپا ڪوڙا آهن؛ تنهنڪري کيس هيءُ دفعو معافي ڏيون ٿا. چوندا آهن ته مارئي کان پڏايو چڱو.

سڀيئي – سائين، جيڪا اوهان جي مرضي.

پرتاب- ڌارئي ۽کينهري کي) ڪيئن، ڀائي، هاڻي پتو پيوَ ته مالي کي ڪنڊيءَ جي وڻ جي خبر ڪيئن پيئي، ۽ ”چوڙيلڻ“ ڪيئن ٿي ڳالهايو؟ اڳئين دفعي جڏهين اسان اوهان کي ٿي سمجهايو، تڏهين اوهان تي انهن ڳالهين جو اثر اهڙو ٿي ٿيو،جهڙو پاڻيءَ تي ليڪو، يا چوپڙي

گهڙي تي پاڻيءَ جو ڇنڊو؛ پر هاڻي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا؟

ڍارو – ها، سائين، اوهان پڙهيلن جون آهن چار اکيون، برابر، علم کان سواءِ سڀ اوندهه آهي. هاڻي سمجهياسون ته سارو هٿرادو ٽڪساٽ هو.

پرتاب – جيئن مالي توبهه ڪئي آهي، تيئن اوهين به انجام ڪريو ته آئيندي جي ڪو بيمار ٿيو ته ڀوپي کان ڪڏهين به ڪو نه پڇندا، پر ڊاڪٽر وٽ ويندا، ۽ پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ ۽ گوگو، وغيره هٿراڌو ديوتائن جي پوڄا نه ڪندا. اهي اجايا ڀرم آهن. اهي اسان کي ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهن. بيمار ڪرڻ يا مارڻ انهن جي وس ۾ نه آهي، اهو ڌڻيءَ جي وس ۾ اهي.

سڀيئي – (وڏي آواز) اسين اهو انجام ٿا ڪريون ته آئيندي ڀوپن کان نه پڇنداسون، ۽ نڪو پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ ۽ گوگو جهڙن هٿرادو

ديوتائن جي پوڄا ڪنداسون.

پرتاب – ڀوپن جي لچاين بابت اڄ فقط هن ڳوٺ وارن کي پتو پيو، مگر ملڪ سارو اڃا بيخبر آهي. مالي کڻي توبهه ڪئي آهي، پر اڃا ٻيا ڪيترا اهڙا آهن، جن ٻارڻ ٻاري ڏنو آهي؛ تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته هڪ ڪانفرنس هن ڳوٺ ۾ سڏائجي، جتي نه رڳو مالو ۽ اوهين، پر ٻين ڳوٺن جا ماڻهو به شريڪ ٿين، ته انهن کي به سمجهائجي، جيئن هو به اوهان وانگر ڀرمن کان ڇٽي، اجايو ڀوپن کان پاڻ نه ڦرائين.

سڀيئي – ڀلي، سائين، اهو ته پاڻ چڱو ٿيندو!

پرتاب – چڱو. هفتي بعد ڪانفرنس گڏ ٿيندي! جتي (مالي ۽ ٻين کي) اوهين سڀ اچجو. ٻين ڳوٺن ڏانهن مان پاڻيهي پَتر (چِٺي) موڪليان ٿو.

(پرتاب ۽ ساجن وڃن ٿا. ٻيا به اٿن ٿا.)

 

پردو ٻارهون

ڪانفرنس

]پرتاب، ساجن، مالو ۽ سندس ڇاڙتا، ڳوٺ جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪيترا عيوضي اچي گڏ ٿيا آهن[

پرتاب – (اٿي) پيارا ڀائرو، هيءُ پهريون ئي موقعو آهي جو اسين ايترا اچي گڏ ٿيا آهيون. اوهان ۾ ڪيتري وقت کان وٺي ڪيترا اجايا رواج ۽ وهم آهن، جن بابت ٻئي ڪنهن دفعي ذڪر ڪندس. اڄ فقط چانڊ، مالهڻ، گوگو، جيتان، پاٻو، پورسو، وغيره، هٿرادو ديوتائن، ڀوتن جي ڀرمن ۽ ڀوپن جي لچاين بابت ڪجهه ٻڌائيندس. اسان ڪيتري وقت کان وٺي اوهان کي پئي ٻڌايو آهي ته پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ، گوگو، وغيره، اوهان کي ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهن. مارڻ، جيارڻ، بيمار ڪرڻ، وغيره ڌڻيءَ جي وس آهي. ڀوت دنيا ۾ ڪو نه آهن. ڀوپا ڪوڙا آهن. اهي اجايو ٿا اوهان کي ڦرين. مثال طور،

مان اوهان کي ڀوپن جي لچاين جي هڪ بلڪل سچي ڳالهه ٻڌايان ٿو، جنهن سان هتي ويٺلن مان به ڪيترن جو لاڳاپو آهي ۽ اهي به هن بابت پنهنجو آزمودو ٻڌائيندا. (رامي جي بيمار ٿيڻ، مالي جي ڌوڻڻ ۽ آئيندي توبهه ڪرڻ واري سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿو.)

مالو – ڀائرو، پرتاب جيڪي چيو، سو سورهن آنا سچ آهي. اسان برابر ٺڳيون ڪري هيترا ڏينهن پئي ملڪ ڦريو، پر اڄ کان پوءِ توبهه ڪيئسون! هاڻي ڪو بيمار ٿئي ته مون کي ڪوٺڻ نه اچو، پر بيمار کي ڏاڪدار وٺ وٺي وڃو ۽ اتي  وڃي دوا  ڪرايو.

سونو- مون مالي جي واکاڻ

برابر ڪئي هئي. ته اهڙو ڀوپو آهي ئي ڪو نه، پر اهو سڀ سندس سيکارڻ موجب ڪيو هوم!

ڀيمو- ڪنڊيءَ ۾  جن (چوڙيلڻ) ڪو نه هو، پر آءٌ هوس، مون ئي چوڙيلڻ بڻجي پئي جواب ڏنا ۽ پوءِ ڇيلو ڇوڙي، شيون کڻي، روانو ٿيس ته ساجن اچي پڪڙيو!

ساجن – پيارا ڀائرو، مان جيڪا ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ها، سا اڳي ئي ڀيمي ٻڌائي آهي. مان فقط ايترو چوندس ته هاڻي اوهان کي سڀ پتو پيو، آئيندي اجايو پنهنجا گهر نه ڦرايو.

(سڀيئي اهي ڳالهيون ٻڍي پاڻ ۾ پيا هڪٻئي کي چون ته ”مار، ڀوپن ته اجايو پئي ڦريو!“ سڀيئي مالي ڏانهن حقارت سان پيا نهارين.)

پرتاب – ڀائرو، هاڻي اوهان کي سمورو پتو پيو ته ڀوپا ڪهڙيون اٽڪلون ۽ ڇَل وَلَ ڪري اوهان کي ڦرين ٿا. آئيندي سمجهو، پاڻ نه ڦرايو ۽ انجام ڪريو ته ڪو به بيمار ٿيو ته

ڀوپن کان نه پڇنداسون، پر ڊاڪٽر وٽ وينداسون، ۽ پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ، گوگو وغيره هٿرادو ديوتائن جي پوڄا نه ڪنداسون ۽ گهرن ۾ جيڪي انهن جا ”ٿانَ“ ٺهيل آهن، سي ڊاهي ڇڏينداسون.

سڀيئي – سائين، جيئين اوهين چئو ٿا، اسين تيئن ڪنداسون: اهڙو پڪو انجام ٿا ڪريون ته  آئيندي ڀوپن کان نه پڇنداسون، ۽ هٿرادو ديوتائن جي پوڄا نه ڪنداسون!

(تاڙين جو ڦهڪو)

پرتاب – ڀائرو، اوهان کي اهڙي انجام ڪرڻ ڪري مان شاباس ڏيان ٿو، پر اڃا به هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻي آهي. اوهان ته انجام ڪيو، پر جيستائين ڀوپا ملڪ ۾ هوندا، تيستائين اوهين به انجام تي پورا رهي نه سگهندا. مان سمجهان ٿو ته هتي جيڪي ڀائر آيا آهيو، تن مان به ڪيترا ڀوپا آهن: مان انهن ڀائرن کي به چوندس ته هو به انجام ڪن ته آئيندي ڀوپا ٿي ڪٿي به نه ڌوڻندا.

(ڀوپن ۾ اچي ٿي ڦڦڙي پوي. پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳن ٿا. آخر اٺ ڏهه ڀوپا جي اتر حاضر آهن، سي نڪري اچن ٿا، ۽ مالهائون لاهي، پرتاب جي اڳيان رکي، انجام ڪن ٿا.)

(تاڙين جو ڦهڪو)

گومو – ادا، اهو ته سڀ ٺيڪ ٿيو، پر هڪ ڳالهه ٻڌو. اهو سڀ فائدو اسان کي پرتاب ۽ ساجن جي ڪري ٿيو آهي، سو به تڏهين، جڏهين اهي علم وارا آهن: تنهنڪري اسين اِهو انجام به ڪريون ته آئيندي پنهنجن ٻارن کي علم سکڻ لاءِ اسڪولن ۾ موڪلينداسون.

سڀيئي – بلڪل ٺيڪ. اهو ته ٿيو کير ۾ کنڊ! اڄ کان پوءِ سڀيئي پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ موڪلينداسون!

پرتاب – شاباس! باقي اها ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائڻ وارو هوس.

اهو ته پاڻ چڱو ٿيو جو اوهان خود ئي علم جو فائدو محسوس ڪري اهڙي رٿ آندي. مان ايترو چوندس ته جيترو ٿي سگهي، جلد پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪرايو.

سڀيئي – دير ئي ڪانهي، سڀاڻي کان ئي وڃي پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪرائينداسون!

پرتاب – مان وري به اوهان ڀائرن ۽ ڀوپن کي چوندس ته اوهين پنهنجن، انجامن تي قائم رهجو. مان ڌڻيءَ کي التجا ڪريان ٿو ته هو اوهان کي توفيق  ڏئي، جيئن اوهين پنهنجن انجامن کي پاڻي ڏيو. چڱو، هاڻي وڏي آواز سان سڀيئي چئو:

ڀوت ۽ ڀوپا برباد! علم زنده باد!

سڄي ميڙ جو آواز- ڀوت ۽ ڀوپا برباد! علم زنده باد!

(ڪانفرنس ختم ڪري، سڀيئي وڃن ٿا.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com