سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :13

(1) تسليم ۽ رضا جي طريقي ۾ امن ۽ سلامتي آهي:

خواهي ڪه خدا ڪار نڪو با توڪند

يا هرچه رضائي او دران است بڪن

ارواح و ملائڪ همه رو با توڪند

يا راضي شو هر آنچه او با تو ڪند

( جيڪڏهن تون چاهين ته خدا تنهنجا سمورا ڪم ٺاهيندو رهي ۽ عالم بالا تو سان مهربان رهي، تون يا ته پنهنجو ڪم خدا جي حڪم مطابق ڪر يا خدا جي هر ڪم تي پنهنجو مٿو اطاعت ۾ جهڪاءِ.)

(2) محبت زبردست طاقت آهي، آفتاب عالمتاب وانگر ان جو اثر عالمگير آهي:

مـﮧ و مهر دلبر چون تابان شود

چون رخشان ڪند رخ ز شرق آفتاب

چه باڪ اربود خصم باڪين و تاب

زحل خواه گو تاب و خواهي متاب

(محبوب جو چنڊ ۽ سج جڏهن ته چمڪڻ لڳي، ته پوءِ دشمن جي دشمنيءَ کان ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي، جڏهن مشرق کان چمڪندڙ سج نڪري اچي ته زحل ”منحوس تارو“ چمڪي يا نه چمڪي، سڀ برابر آهي.( چمڪي يا نه چمڪي، سڀ برابر آهي.)

(3) فڪر فردا يا غم ماضي عقلمندن جو شيوو نه آهي:

غم نا آمده خوردن نبود شيوهء عقل

وقت رادان ڪه در آني و غينمت شمرش

گربدين نڪته ڪه گفت ابن يمين ڪارڪني

و آنچه بگذشت ازان هم نڪند عاقل ياد

ز آنڪ از پيش تو آهنم گذران است چوباد

نگذرد بر تو زماني ڪه نباشي دلِ شاد

(جا ڳالهه اڃا نه ٿي آهي ان تي غم کائڻ عقل جو شيوو ناهي، ۽جيڪي گذري چڪو آهي تنهن کي ياد ڪرڻ به عقلمندن جوڪم نه آهي؟ زمانو ته بس حال ئي آهي، ان کي غنيمت ڄاڻ، ڇاڪاڻ ته هو به تنهنجي سامهون هوا وانگر لنگهي رهيو آهي؛ جيڪڏهن تون ابن يمين جي هن نڪتي تي عمل ڪرين، ته توتي ڪڏهن به اهڙو وقت نه ايندو، جڏهن توکي غم ڪرڻو پوي.)

(4) دنيا دم گذر آهي، هت دل نه لڳائجي، پر وقت جو قدر ڪريو:

با خبر باش ڪه دنيا گذران است، اي دل

خيز ڪاين خوابگـﮧ بيخبران است، اي دل

هريڪ از برگِ بنفشه ڪه دمه از دلِ خاڪه

خالِ مشڪين رخِ سيمبران است، اي دل

شاخِ سنبل ڪه سر از جيب زمين بر دارد

بعد عنبر شڪن خوش نظران است، اي دل

وقت درياب ڪه بس ڪاسهء سرهاي ملوڪ

تفته در ڪارگـﮧ ڪوزه گران است، اي دل

(هوشيار رهه جو دنيا اچڻي وڃڻي آهي. اٿ، جو هيءَ دنيا غافلن جو خوابگاهه آهي. بنفشي جو پن مٽيءَ مان اڀري ٿو، اهو ڪنهن حسين چهري جو حسين تِر آهي (جو مرڻ کانپوءَ مٽيءَ ۾ مٽي ٿي گڏجي ويل آهي.) سنبل جون ٽاريون جيڪي زمين تي پکڙيل آهن، اهي سهڻن جا خوشبودار زلف هوندا. وقت کي غنيمت ڄاڻ، جو سوين بادشاهن جون کوپريون ڪنڀرن جي نهائين ۾ سڙي چڪيون آهن.)

(5) تعليم ۽ تربيت ڪم ذات جي خصلتن کي بدلائي نه ٿيون سگهن:

هرڪه دراصل بد نهاد افتاد

ز آئڪه هرگز به جهد نتوان ساخت

دون نوازي مڪن ڪه مي نشود

هر ڪه را دورِ چراخ جامي داد

بيد را گر به پرورند چو عود

هيچ نيڪي از و مدار اميد

از ڪلاغ سياه، بازِ سفيد

در ضيا هيچ ذره چون خورشيد

با بصارت نگشت چون جمشيد

بر نيايد نسيمِ عود از ييد

(جن جو بنياد خراب هجي، تن مان ڀلائيءَ جي اميد نه رک، ان لاءِ ڪيتري به ڪوشش ڪئي وڃي، ڪاري ڪانوَ کي سفيد باز ٺاهي نه سگهبو. ڪمينن کي نوازڻ ڇڏي ڏي، جو سج جي روشنيءَ کان ذرو سج بڻجي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪنهن کي جام هٿ لڳي وڃي ته هو جمشيد نه ٿو بڻجي، بيد جي وڻ کي جيڪڏهن عود وانگر پرورش ڪرين، ته به ان مان عود جي خوشبو نه ايندي.)

(6) زماني جي انقلابن کان هرگز متاثر نه ٿيڻ گهرجي؛ امارت، غربت ۽ ذلت، سڀ خدا جي حڪم سان حاصل ٿين ٿا، هن جي حڪم تي شاڪر رهو:

اي دل اگر زمانه بصد غم نشانده است

بنشين و صبر ڪن ڪه صبوري دوائي است

با پيل زنده پشه چو پهلو همي زند

گرجان بباد برد هدالحق سزائي اوست

گرڪار عاقلي نرود ير رهِ صواب

ازوي مبين ڪه آن نه ز فڪر و خطائي اوست

در جاهلي به منصب و جاهي رسد مگوئي

ڪان مال و منصب از مدد و عقل ورائي اوست

چون ڪار بابه جهد ميسر نمبي شود

آن زيبد از ڪسي ڪه خردره نمائي اوست

ڪز ڪار نيڪ و بد نشود شاد و مضطرب

داند ڪه هرچه هست بحڪم خدائي اوست

(جيڪڏهن توکي زماني سوين غم پهچايا آهن، ته به صبر کان ڪم وٺ، ان جو علاج فقط صبر آهي. زندهه هاٿيءَ سان جيڪڏهن مڇر وڙهڻ لڳي، ته يقيناً هن کي جان کان هٿ ڌوئڻا پوندا. جيڪڏهن عقلمند کان ڪم نه بڻجي، ته ائين نه سمجهه ته هيءَ ڳالهه هن جي بيوقوفيءَ ۽ نالائقيءَ سبب ٿي آهي؛ يا جيڪڏهن ڪو جاهل بلند مرتبي تي پهچي وڃي، ته هي خيال نه ڪر ته ان ۾ هن جي عقلمنديءَ کي ڪو دخل آهي. جيڪڏهن ڪوشش سان ڪجهه نه ٿو ٿئي، ته بهتر هي آهي ته عقل کان ڪم وٺو. نيڪ ۽ بد کان پريشان نه ٿي، ائين سمجهه ته جيڪي ٿي رهيو آهي، خدا جي حڪم سان ٿئي ٿو.)

(7) دست تمنا کي دراز نه ڪرڻ ۾ عزت آهي:

بر هر ڪه عطا پاشي، باشي تو امير او

و آنڪس ڪه نياز خود بردي نڪني عرضه

و ز هر ڪه جـُستي، گشتي تو اسير او

گرشاهِ جهان باشد، باشي تو نظير او

( تون جنهن تي احسان ڪندي، ان جو سردار بڻجي ويندين، ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو احسان کڻندين ته ان جو قيدي ٿي پوندين. جيڪڏهن تون پنهنجون گهرجون ڪنهن اڳيان پيش نه ڪندين، ته پوءِ  تون روي زمين جي بادشاهه جي برابر آهين.)

(8) بلند همتي انسان کي سرخرو بنائي ٿي:

هر چن روزگار ڪند پست مرد را

رزقت چو از خزانهء خالق مقدر است

بنشين به عزت از پيء ڪاري و صبر ڪن

از همتِ بلند نه شايد بڪاستن

دون همتي بود ز در خلق خواستن

تا پيش ڪس نبايدت از پائي خاستن

(توکي زمانو ڪيترو ئي ڪيرائي، پر عالي همتيءَ کي هٿان نه ڇڏ. جڏهن ته تنهنجو رزق خدا جي خزاني مان مقرر آهي، ته پوءِ ان لاءِ در در ڀٽڪڻ پست همتي آهي. عزت سان هڪ هنڌ ويهي صبر کان ڪم وٺ، تا ته توکي ڪنهن جي اڳيان بيهڻو نه پوي.)

 

(9) خود داري کان ڪم وٺو، پر مفت ٻئي ڪنهن سان نه وڙهو:

مرد با يد ڪه هرڪجا باشد

بطريقي رود ڪه مردم را

همه ڪس را ز خويش بداند

سر و زر در طلب نهد آنگـﮧ

عزت خويشتن نگـﮧ دارد

سرموئي از خودي نيا زارد

هيچ ڪس را حقير نشمارد

تا مگر دوستي بدست آرد

(ماڻهوءَ کي گهرجي ته جتي به هجي، پنهنجي عزت جو خيال رکي. اهڙيءَ چال سان هلجي، جو ڪنهن کي تِر جيتري به تڪليف نه پهچي. سڀ کي پاڻ کان چڱو ڄاڻجي، ڪنهن کي به پاڻ گهٽ نه ڄاڻجي. هر وقت جان ۽ مال جي قرباني ڪرڻ لاءِ تيار رهجي، شايد ان طرح ڪو سچو دوست ملي وڃي.)

 

(10) صبر کان ڪم وٺي زندگي گذارجي، حرص ۽ تڪبر کان پرهيز ڪجي:

هرگز نه لايق است ز بهر دو روزه عمر

يا از براي يک شڪم نان نيم سير

آزاد باش و فارغ و قانع ز بهر آنڪه

مغرور جاه و نعمت دنيا شود ڪسي

گردد رهينِ منت انعام هرخسي

دل در خدائي بند مجو آرزو بسي

(ٻن ڏينهن جي زندگيءَ لاءِ دنيا جي نعمتن تي آڪڙ ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. نه وري هي مناسب آهي جو ٻن مانين ڪاڻ ڪنهن بيوقوف جو احسان خريد ڪجي. آزاد ۽ قانع ٿي زندگي گذار، ۽ خدا کانسواءِ ڪنهن سان دل نه لڳاءِ.)

(11) روپين گڏ ڪرڻ جو صحيح مقصد ڪهڙو آهي:

از براي دو چيز جويد و بس

يا از و سر بلند گرد د دوست

و آنڪه مي جويد و نمي داند

چيده باشد بمسڪنت خوشـﮧ

مرد عاقل جهان پـُر فن را

يا ڪند پائمال دشمن را

ڪه غرض چيست مال جُستن را

داده زان پس بباد خرمن را

(انسان ٻن ڳالهين لاءِ روپيا گڏ ڪري ٿو: يا ته دوستن کي نوازي يا دشمن کي ڪيرائي. ليڪن جيڪي روپيا تون جمع ڪرين، پر نه ڄاڻين ته انهن جو ڇا ٿيندو. هو بيوقوف ذلت سان سنگ چونڊي ٿو، ۽ وري ٻنيءَ کي برباديءَ لاءِ ڇڏي وڃي ٿو.)

(12) زندگيءَ جي حقيقي لذت هيءَ آهي ته انسان آزاد رهي ۽ کيتي ڪري:

گر ترا گنج ِ سيم و زر بايد

دهقنت پيشه گير و قانع شو

من بگويم ڪه چيست تد بيرش

تابه بيني ڪه چيست تاثيرشِ

 

(جيڪڏهن تون سون ۽ چانديءَ جو خزانو گهرين ٿو، ته اچ مان توکي ٻڌايان: کيتي ڪر ۽ قانع رهه، پوءِ ڏس هن جون برڪتون.)

 

(13) اميرن ۽ مالدارن اڳيان هٿ ٻڌي خذمت ڪرڻ کان هارپ جي آزاد زندگي بسر ڪرڻ بهتر آهي:

ز قطع راه دراز امل غني نه شوي

يڪي دو گاؤ بدست آوري و مزرعهء

و گر ڪفاف بمعشيت بنا شدت زان نيز

هزار بار ازان به ڪه بامداد پگاه

بر آستانِ قناعت مگر مقام ڪني

يڪي امير و دگر را وزير نام ڪني

روي و نانِ جوي از جهود دام ڪني

ڪمر به بندي و برچون خودي سلام ڪني

(اميد ۽ تمنائن جي ڊگهيءَ دنيا ۾ رهڻ سان تون مالدار ٿي نه سگهندي، ان جو طريقو فقط قناعت آهي. ٻه ڍڳا پال، هڪڙي جو نالو رک امير ۽ ٻئي جو وزير، ۽ جيڪڏهين ان سان به تنهنجو گذارو نه ٿئي، ته وڃي يهوديءَ کان جَوَن جي ماني قرض طور وٺ: انهن سمورن ڪمن کان هزار درجا بهتر آهي ته، صبح ۽ شام ڪمر ٻڌي پاڻ جهڙي ڪنهن ماڻهوءَ کي سلام ڪري.)

(14) ڪاشتڪاريءَ سان انسان کي عزت ۽ آزادي حاصل ٿئي ٿي:

پادشاهي نزدِ اهل معرفت آزادگي است

هرڪه بندءَ آرزو بڪشاد از دل پادشاست

ره بمعني برڪه در صورت بهم دوني

ازيڪي ريزد لشڪر و از يڪ زبهر بو رياست

ڪنج عزلت گير و دهقاني ڪن اي ابن يمين

تابداني ڪانچه ميڪارميش در نشو و نماست

(ڄاڻن جي نظر ۾ آزادي بادشاهيءَ ۾ آهي، پر جنهن ايندڙ زماني جو غم ڇڏيو  اهو بادشاهه آهي. حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته ڏسڻ ۾ بانس ۽ ڪمند جون ٻئي صورتون هڪجهڙيون آهن، پر هڪ مان کنڊ جڙي ٿي ۽ ٻئي مان رڳو تڌا جڙن ٿا. اي ابن يمين! سڀ سان قطع تعلقات ڪري، هارپ جو ڪم شروع ڪر، تا ته توکي خبر پوي ته تنهنجو ٻج ڪهڙا رنگ آڻي ٿو.)

 

(15) سوال لاءِ هٿ ڊگهيرڻ سان عزت حاصل نه ٿئي ٿي، پوءِ کڻي اهو ڪهڙو به عالم فاضل هجي:

مردِ آزاده درميان گروه

گرچه خوشخو و عاقل و داناست

محترم آنگهي تواند بود

ڪه زيشان بمالش استغناست

و آنڪه محتاج خلق شد خوار است

گرچه در علم بو علي سياست

( ڪو ماڻهو کڻي ڪيترو به خوش اخلاق ۽ عقلمند هجي، باعزت تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن  ڪنهن اڳيان هٿ نه ڊگهري، ۽ جنهن خلق اڳيان هٿ ڊگهيريو، اهو ذليل آهي، خواه اهو علم ۽ فضل ۾ بو علي سينا ڇو نه هجي.)

(16) سادي زندگي گذارڻ ۾ وڏو لطف آهي:

ڪنجي و همدمي و ڪتابي و خوردهء

از بهرِ ستر عورت و جامه و خرقهء

از بهرِ دفع تشنگي از پارهء سفال

حلوا و مرغ و تره اگر نيست گو مباش

وجـﮧ ڪفاف اگر بڪف آيد ز دهقنت

از بهرِ ذوقِ نفست ز تاج و سرير بـﮧ

از اطلسِ مذهب و شعر حرير بـﮧ

آب مباحِ سرد ز جام عصير بـﮧ

صحت چو هست از همه نانِ فطير بـﮧ

نزد خرد ز خدمت شاه و وزير بـﮧ

(هڪ ننڍي جهوپڙي، هڪ رفيق حيات ۽ ڪتاب ۽ معمولي آمدني، اهي شيون تخت ۽ تاج کان بهتر آهن. ضرورت مطابق ٿورا ڪپڙا، ريشم ۽ زربفت کان بهتر آهن. پاڻي پيئڻ لاءِ مٽيءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن سان ٿڌو پاڻي پيئجي، ڇلڪندڙ شراب کان بهتر  آهي. جيڪڏهن حلوو ۽ مرغ مسلم کائڻ لاءِ نه آهن ته نه سهي، پر جيڪڏهن تندرستي هجي ته خميري نان چڱو. جيڪڏهن توکي هارپ ڪندي ماني ملي ته عقل جي نظريي سان شاهه ۽ وزير جي چاڪريءَ ڪرڻ کان بهتر آهي.)

(17) شاعر کي پنهنجين ڪوتاهين ۽ خامين جو پورو احساس آهي. هو خدا کان گناهن جي معافي گهري ٿو:

ايزدا! مستحقِ عفو تو ام زانڪِ من بنده را گناه بسي

(اي خدا! مان تنهنجي رحم جو مستحق آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا گناهه بيشمار آهن.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com