سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :7

غلام نبي مغل

ڪارو تِر

ماني کائيندي کائيندي اوچتو هن جي اک مانيءَ جي هڪ سڙيل،ننڍڙي، گول داغ تي وڃي کتي. ماني هئي ڪڻڪ جي، رنگ هوس اڇو- اهو ڏسي، گلڻ جي دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳي. نوران جي گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا پائنچا، اڇيون اڇيون ٽنگيون، ساڄيءَ ٽنگ جي بـُڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تِر ياد اچڻ لڳس. گرهه نڙيءَ کان هيٺ ئي نه ٿي لٿس، ماڳهين کائڻ بدران ڪلهوڪي ڳالهه ياد اچڻ لڳيس.

نوران جي گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا پائنچا، اڇيون اڇيون ٽنگون، ساڄيءَ ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تِر سندس ليٽڻ جوانداز... دلو ڀر ۾ رکيو هو، هڪڙي ٽنگ گوڏي تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل، ٻي ڪناري تي ڇٻر تي رکيل، اکين ۾ ڪجل، سينڌ نڪتل،، ڦڻي ڪيل، ڳاڙها چپ، جن تي مرڪ- بس، ڳالهه هئي اها، جنهن گلڻ کي پريشان ڪري ڇڏيو. مڙس جي ماني زهر ٿي پيئي. آخر هوبه انسان هو. لوڏي ڳالهه ته نوجوان به هو. نوران کيس ڏاڍي وڻڻ لڳي هئي. گلڻ پاڻ حيران هو ته ”هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي! نوران، جنهن کي مون ڪنڌ ورائي ڪين ڏٺو، سا هينئر ڇو دل ۾ سمائجي وئي آهي؟“ سوچيندي سوچيندي گلڻ رڳوانهيءَ ڳالهه کي پهتو ته ”ٻيلي، نوران جي ڪاري تِر مون کي پاڻ تي چريو ڪري ڇڏيو آهي!“

هن کي ائين گم سم ڏسي، ماڻس چيس، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ماني به نه ٿو کائين!“ ايتري ۾ پڻس به ڪنهن ڪم سانگي اچي نڪتو، تنهن اهو ٻڌي چيو، ”ماني اٿس ڍءُ تي ۽ موچڙو آهي گهٽ، سو ڇو ڪين ٿيندو سڪيلڌو؟ آءٌ پيو ڏسانس، جي ڏسي ورتومانس، ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندو سانس!“

پڻس بڪ شڪ ڪندو هليو، پر هيءُ همراهه ماڳهين منهن سُڄائي اٿي کڙو ٿيو. ماڻس ابا پٽ ڪندي رهي، پر هو ٻڌي ڪٿي ٿو. بوڇڻ رکيائين ڪلهي تي، جتي وڌائين پير ۾، ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي گهران نڪري ويو.

گهران ته نڪتو ڪاٺين ڪرڻ لاءِ، پر سيني ۾ باهه جي ڄڀي لڳي پيئي هيس، سا ڪٿي ٿي آرام ڪرڻ ڏئيس، ايتري ۾ ڏٺائين ته لطيفان، پيرن ۾ ڇير پيل، ڇم ڇم ڪندي، ڪچا ٻير کائيندي پيئي اچي. گلڻ گهڻيئي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت هن کان بچان، پر اڳيان هوءَ به ڪا استاد گڏيس؛ ماڳهين اڳ وٺي اچي بيٺس.

”ڪيڏانهن پيو وڃين، گلڻ ؟“ لطيفان ڏاڍي ناز وچان پڇيس.

”شهر“ گلڻ آهستي جواب ڏنس.

”منهنجي لاءِ ڇا آڻيندين؟“

”هن ڀيري پيسو خير ڪو آهي، باقي....“

”باقي باقي ڪجهه نه، رڳو هڪ ريشمي رومال، عطر جي شيشڙي، ۽ ڪجهه سوپاريون ضرور وٺي اچجانءِ!“

”ائين چئي هوءَ پنهنجن ٻڪرين جي ڌڻ ڏانهن ويئي هلي، ڇاڪاڻ ڇو ماڻس اچي ات سهڙي هئي.

”رومال، ۽ عطر! منهن به اٿس رومال ۽ عطر جهڙو!“ گلڻ پاڻ ئي پاڻ کلڻ لڳو. جيئن پئي اڳيان وک کنائين، تيئن سندس خيال وڌيڪ ڊوڙندا ويا. گلڻ کي وري نوران جو تِر ياد اچڻ لڳو. ڪارو تر! گلڻ کي هڪ کٽڪو ٿيڻ لڳو: شايد نوران ساڻس سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪري، ڇو جو هن کيس ڪهڙي نه خراب نموني ڇڙٻيو هو. ويچاريءَ ڪيترا نياپا پڻ موڪليس، پر هن ڪنڌ ورائي به ڪونه ڏٺس. هن کي ته بس لطيفان جي لنـﺂن لڳي پيئي هئي.

لطيفان!

”لطيفان، نوران کان وڌيڪ سهڻي آهي. لطيفان جي چپن ۾ گلاب جي گلن جهڙي تازگي آهي. سندس گول گول وڏيون اکيون، وڏي پيشاني، گلابي رنگ واري ساڄي ڳل تي تر... پر نوران جي اڇيءَ اڇيءَ، سنهڙن سنهڙن وارن سان ڀرپور بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تِر، لطيفان جي ڳل جي تِر کان وڌيڪ ڪشش رکي ٿو. نوران جو تِر... تِر ته ڪونهي، ڄڻ ڪنهن ريگستان جي وچ ۾ مٺي پاڻيءَ جو چشمو!“

لطيفان کي گلڻ سان محبت هئي، ۽ محبت به ڇو نه هجي؛ ٻنهي جي شاديءَ جي ڳالهه ذري گهٽ پڪي هئي. پر هاڻ گلڻ کي افسوس ٿيڻ لڳو هو.

انهن خيالن ۾ گلڻ اڳيان وڌندو رهيو. ڪهاڙي ڪلهي تي، بوڇڻ چيلهه ۾ ٻڌو پيو هوس. پر سڀني خيالن جو مرڪز هو نوران جو ڪارو تر!

هلندي هلندي، گلڻ کي ٻيهر هيٺان نوران ڏسڻ ۾  آئي، گلڻ ته ڄڻ وري نئين سر سندس سونهن تي اَڪن ڇڪن ٿي پيو. هوڏانهن هن به، ٻير کي ٽيڪ ڏيو، ڪچڙا ٻير اهڙي انداز سان پئي کاڌا جوگلڻ ڄڻ ڪـُسجي ويو. پاڻ کي گهڻو ئي روڪيائين، دل کي آٿت ڏنائين، پر همراهه آخر وڃي اڳيان بيٺس.

”ڪير؟ گلڻ! هتي آيو آهين؟ لطيفان ٻيلي ۾ اَٿئي!“

”تون به مون تي چٿرون ٿي ڪرين!“

”مان ڪير آهيان جو توتي چٿرون ڪنديس.“

اهو ٻڌي، گلڻ ٿڌو ساهه ڀريو.

”ٿڌا ساهه پيو ڀرين، ڇو، لطيفان ڪو ٻيو وڃي ڳوليو آهي ڇا؟“

”گهڙيءَ گهڙيءَ لطيفان جو نالو ڇو ٿي وٺين؟“

”ٻيو ڪنهنجو وٺان؟“

”انهيءَ جو، جا منهنجين اکين ۾ توکي ڏسڻ ۾ ايندي.“

ايتري ۾ هڪڙي ڇيلي اچي نوران سان راند ڪرڻ لڳي. راند ڪندي ڪندي، سندس سٿڻ جو پائنچو گوڏي تائين مٿي کڄي ويو. بس، گلڻ گهريو ئي اهو ٿي- اها ئي اڇي اڇي ٽنگ، بڪيءَ جي وچ ۾ چمڪندڙ ڪارو تر! اهو ڏسي، نوران شرمائجي ويئي ۽ جلدي پائنچو هيٺ ڪري ڇڏيائين.

شام ٿيندي ويئي، گلڻ ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي گهر ڀيڙو ٿيو. بس، پوءِ ته ماڻس تي باهه ٻاري ڏنائين ته ڪيئن به ڪري نوران سان شادي ڪرائنم.

”مئا، مون کي بدنام ٿيڻو آهي ڇا؟ هوڏانهن ڪالهه به لطيفان جي ماءُ انهيءَ ڳالهه کي چوريو هو!“

”چئينس ته ڌيءَ رکي پاڻ وٽ، اسان کي گهرج ناهي. تون اڄ ئي نوران جي گهر وڃ.“

”ڪو ڳهيلو آهين!...“

”بس، جيڪو آءٌ چوان ٿو، سو سمجهه پٿر تي ليڪ آهي.“

ويچاريءَ ماءُءٌ کي اچي آنڌ مانڌ ٿي ته هاڻ ڇا ڪري. هوڏانهن پٽس تڻ تپائي ڇڏيا هئس. مڙس سان ڳالهه چوريائين، سو ته اڳي ئي ڪو ڀريو ويٺو هو. ماڳهين ڪهاڙي ڪلهي تي رکي چوڻ لڳو، ”اڃا ڪٿي ڳالهه آهي. اڃا ته پنڌ به آهي، پري ۽ ڀري به آهي ڳري سڀاڻي چوندءِ ته پوري ڳوٺ سان پرڻاءِ! آءٌ چوان ٿو، هن حراميءَ کي اصل گهران تڙي ڪڍي ڇڏينس! اجايو چئن ۾ بڇڙي ٿيندينءَ.“ ماڻس جا ته اهو ٻڌي ٺپ ئي ٺري ويا. پر هوڏانهن گلڻ به اٿندي ويهندي ٿي وڙهيس. آخر جيجل جي روح ڇڪي ڏني، سو هڪڙي ڏينهن لنگهي ويئي نوران جي گهر. ٿوري دير ترسي، وري جو گهر آئي ته گلڻ کي ڏسندي شرط چيائين ته ”ابا، مبارڪون هجنئي، اڳينءَ خميس تي مڱڻو اٿئي نوران سان!“ گلڻ اهو ٻڌي اصل خوشيءَ منجهان ٽپا ڏيڻ لڳو، ۽ ”واه ڙي اما، واه!“ چئي کڻي ڀاڪر پاتائينس.

لطيفان جو ٻڌو ماڳهين خميس تي مڱڻو، سو ويچاريءَ جا ته طاق ئي لڳي ويا. گهڻئي هٿ هنيائين، گلڻ کي آزيون نيزاريون ڪيائين، پر گلڻ ته ڪنڌ ورائي به ڪين ڏٺس.

اڃا مڱڻي ٿئي مهينو کن به نه لنگهيو هو، ته گلڻ وري ماءُ تي باهه ٻاري ڏني ته اڳين چنڊ تي شادي ٿئي.

شاديءَ کي ٻه هفتا گذري چڪا هئا. گهوٽ ۽ ڪنوار، ٻئي خوش. ماءُ، پٽ کي خوش ڏسي پئي صدقا ڪڍيا. گلڻ جا ڏينهن عيد مثل هئا، ۽ راتيون ته سندس خوابن جوتعبير هيون.

نوران جي اڇيءَ اڇيءَ بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر تر ته ڇا، سڄي ساري نوران ئي هميشه لاءِ سندس ٿي چڪي هئي. گلڻ انهيءَ وچ ۾ تِر کي ڪيترائي ڀيرا ڏسي چڪو هو. ڪڏهين ته نوران کي چوندو هو، ”نوران، ننڍي هوندي جيڪومون توکي ساڄيءَ ٽنگ ۾ پٿر هنيو هو، انهيءَ جو نشان ته ڏيکارو.“ نوران، مشڪي، ڏاڍيءَ نزاڪت وچان سٿڻ جو پائنچو مٿي کڻندي هئي ته گلڻ پٿر جي نشان کي ته ڏسندو ئي ڪو نه هو، پر اڇيءَ بڪيءَ تي سنهڙن وارن جي وچ ۾ ڪاري تِر کي ڪيتريءَ دير تائين ڏسندو رهندو هو. نوران هن کي ائين گهوريندي ڏسي پڇندي هيس، ”ڇا پيو ڏسين؟“ گلڻ کي ڄڻ ڪو ننڊ مان هوشيار ڪري ڇڏيندو هو، ۽جلدي چوندو هو، ”نه نه، ائين پئي ڏٺم.“ اهو ٻڌي، نوران ماٺ ٿي ويندي هئي، ۽ گلڻ کي ڏاڍيءَ حيرت سان ڏسندي هئي.

هڪڙي ڏينهن گلڻ منجيءَ تي ويٺو هو. لسيءَ جو لوٽو، ٻاجهر جي ماني اڳيان رکي هيس، نوران هيٺ ويٺي هٿ منهن ڌوتو. منهن ۽ هٿ ڌوئي، نوران پير ڌوئڻ لڳي. جيئن نوران سٿڻ جو پائنچو مٿي کنيو، ته گلڻ جي نظرن  اڳيان  وري  به اڇيون اڇيون ٽنگون، ۽ ساڄيءَ ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تِر اچي ويو. گلڻ جون اکيون وڃي تِر ۾ کتيون. وري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين- ماڻس بيٺي هئي، نه ته اٿي وڃي تِر چميس ها. ايتري ۾ نوران گوڏن تائين ٽنگون ڌوئڻ لڳي.

گلڻ کي اهو ڏسي ڏاڍو عجب لڳو ته اهو تِر پاڻيءَ پوڻ ڪري هڪ داغ وانگر ميٽجي ويو-

”اڙي، هيءُ ڇا؟“

”جي-“ نوران ڏانهنس ڏسي چيو.

”هيءُ تِر ڪيڏانهن ويو؟“

”تر؟ هيءُ ته هٿرادو هو. آءُ ڪجل سان ٺاهيندي آهيان-“

”ڇو؟“ گرهه گلڻ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

”بس، مون کي وڻندو آهي. لطيفان جي پنيءَ تي مون تر ڏٺو هو، اهوڏسي آءٌ به ٺاهڻ لڳيس.“

اهو ٻڍي، گلڻ ويچاري جون متيون مـُنجهي ويون، ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته ڇا ڪري. اڃا گلڻ اتي ئي ويٺو هو، ته ڏٺائين ته نوران سامهون کٽ تي ويهي، ڪجل سان وري به پنهنجيءَ اڇيءَ اڇيءَ ٽنگ جي بڪيءَ جي وچ ۾ ساڳيو تر ٺاهڻ لڳي.

علي بابا

نه ته ساڻ هلن ٿا سيِر ۾

”پروفيسر، پليز!پروفيسر، پليز! منهنجيءَ ڀيڻ جي زندگيءَ جو سوال

آهي. هن کانسواءِ منهنجو ڪير به نه آهي. جيڪڏهن هن کي ڪجهه ٿي ويو ته مان پاڳل ٿي ويندس!“ سراج روئندڙ آواز ۾ چيو.

سڄڻ سارن ٻن سون روپين جو سوال هو، تنهنڪري پروفيسر اياز ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. آخر هن پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”مون کي توسان همدردي آهي، سراج. مگر، افسوس،مان تنهنجي مدد نه ٿو ڪري سگهان. ويهن- پنجويهن روپين جي ٻي ڳالهه هئي، پر...“

پروفيسر اياز اڳتي به ڪجهه ڳالهائيندو رهيو، مگر هو انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٻڌي سگهيو. سندس اکين مان چڻنگون نڪري رهيون هيون، ۽ هو سوچي رهيو هو: ”ڇا، هي اهوئي پروفيسر آهي، جو ٿوري دير اڳ زندگيءَ جي فلسفي تي ليڪچر ڏيئي رهيو هو؟ ڇا، اهي ٺلهيون ڪتابي ڳالهيون هيون، حقيقت جو منجهن رنگ ڀري نه ٿو سگهجي؟“ سندس ڪنن ۾ پروفيسر اياز جو آواز گونجي رهيو هو: ”اوهين هن ڍوڙ ڌڌڙ جي گولي تي پنهنجي قيمتي زندگيءَ جو ڳچ وقت گذاري چڪا آهيو. هن ڪائنات کي اوهين غور ۽فڪر جي نظرن سان ڏسندﺂ ته زندگيءَ جو سارو راز اوهان تي عيان ٿي پوندو. زندگيءَ جي ساري حقيقت منجهيل ڍيريءَ جيان ڇڙوڇڙ ٿي کلي پوندي. ڇا، توهان ڏ‎ٺونه آهي ته ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ کان پهرين توهان کي قبرستان مان گذرڻو پوندو آهي. اوهين ٽرين ۾ هجو، ٽانگي ۾ هجو، يا پيدل هجو، پهرين موت ۽ پوءِ زندگيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. دنيا جي انهن عبرتناڪ منظر مان به اسين سبق حاصل ڪري سگهون ٿا. دنيا جو ذرو ذرو هڪ وڏي معنيٰ هڪ وڏي حقيقت رکي ٿو، ۽ اسان جي راهه ۾ هڪ بهترين رهبر جو ڪردار ادا  ڪري ٿو. جيڪڏهن اسين پنهنجين اکين تان حرص ۽ هوس جا پردا لاهي، دنيا جي کليل ڪتاب تي ذهن ۽ اندر جون اکيون ڍرينداسين، ته پنهنجي مقصد حيات جي منزل تائين پهچي وينداسين؛ نه ته هڪ انڌي جيان انهيءَ موت جي واديءَ ۾ ڀٽڪندا رهنداسين، ۽ آخر ٿڪي ٽٽي ائين مري پونداسين، جيئن بيابان ۾ رُڃ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي هڪ پياسو آخر مري ويندو آهي. هيءَ جيوَت هڪ امتحان آهي. اسان کي رات جي اونداهيءَ ۽ ڏينهن جي سوجهري ۾ انهيءَ موت جي واديءَ کي پار ڪرڻو آهي. زندگيءَ جو شهر ڪو ايترو پري ڪونهي. دنيا جو هر نظارو، هر شيءِ اسان جي راهرو آهي. علم جي اجهاڳ سمنڊ ۾ ادب جي ڪشتي ڪناري ڏانهن وڌندي پيئي وڃي. لهرن جو اسان سان ساٿ آهي، ته ڪنارو پاڻيهي ويجهو اچي سگهي ٿو. ڏسو، ڪنڌيءَ جي ڪکن زندگيءَ جي تند تنوارڻ شروع ڪئي آهي. شاعر منجهن جو رنگ رچيو آهي، تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو:

”ٻـُڏندي ٻـُوڙن کي، ڪسي هاتڪ هٿ وجهن،

پسو لڄ، لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن،

توڙي ڪنڌي ڪن، نه ته ساڻ هلن سيِر ۾!“

اسان جو سهڻو شاهه، زندگيءَ جو ڪيڏو نه وڏو شاعر هو! ڪيتري نه حقيقت چٽيل آهي سندس ڪلام ۾! زندگيءَ جو سارو راز انهن سٽِن ۾ سمايل آهي. اسان جي زندگيءَ جو مقصد صرف هڪٻئي جي مدد ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اسان جي ڪنڌيءَ جي ڪمزور ڪکن وانگي ڪنهن جي واهر ڪرڻ جي پهچ ڪانهي، اسين ڪنهنجي مدد ڪري نه ٿا سگهون، ته اسان کي ان ڏکويل دل سان همدردي ضرور جتائڻ گهرجي. انهيءَ ۾ ئي اسان جي جيون جي جوت آهي، ۽ اِها ئي اسان جي زندگي آهي.“ هن اجهيل اجهيل نظرن سان پروفيسر اياز ۾ ڏنو. ”ڇا، اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون هيون، جي پروفيسر ٿئيٽر جي اداڪار وانگي ادا ڪيون؟ هاڻ انهن سان سندس ڪو به واسطو ڪونهي؟ ڇو، ائين ڇو آهي؟“ سندس اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ پيدا ٿي ۽ هو هڪدم ڀڙڪي ويو:

”جيڪڏهن هڪ زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ توهان جي ٽجوڙيءَ مان ٻه سو رپيا به نه ٿا نڪري سگهن ته پوءِ توهين زندگيءَ جي فلسفي تي ايڏا ليڪچر ڇو ٿا ڏيو؟ توهين زندگيءَ جي مسئلي تي ايڏي تنقيد ڇو ٿا ڪريو؟ پوءِ توهين زندگيءَ جا ترجمان ڇو آهيو؟ ادب کانسواءِ به  دنيا هلي سگهي ٿي. زندگيءَ جو چڪر رڳو اقتصاديات ۽ سائنس تي به هلي سگهي ٿو. اسين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي به، قوم جي خذمت ڪري، پيسا ڪمائي سگهون ٿا!“

”بس ڪر، سراج!“ پروفيسر اياز ڪاوڙ مان زور سان ميز تي ڌڪ هڻندي چيو. ”تو ادب جي باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي آهي. تنهنجوخيال بلڪل غلط آهي. اها ادب جي ئي طاقت آهي جو اڄ ڍرتي پنهنجي محور تي بلڪل صحيح گردش ڪري رهي آهي؛ ادب اقتصاديات ۽ سائنس تي حاوي آهي؛ نه ته هوند قيامت کان پهرين ئي سائنس جا آلا ڪائنات کي پنهنجي باهه ۾ گهيري ڇڏين ها، دنيا جي گردش درندگيءَ جورقص هجي ها، ۽ اڄ هتي هڪرو انسان به موجود نه هجي ها. ادب جي وجود مان ئي گوتم، ڪرسن چندر، ابراهام لنڪن، ٽئگور ۽ شاهه جهڙا روح ڌرتيءَ تي اچن ٿا، جيڪي زندگيءَ کي نئون نور عطا ڪريو ڇڏين. اها ادب جي ئي طاقت آهي، جنهن لوممبا جي مزار تان گل اڏائي،ساريءَ دنيا جي فضا کي سرهاڻ بخشي ڇڏي آهي. ادب سڀني علمن جو روح آهي. توکي ادب کان منڪر نه ٿيڻ گهرجي.“

”مون کي توهان جي ليڪچر سان ڪا به دلچسپي ڪانهي، پروفيسر صاحب مان توهان جو ليڪچر نه ٻڌڻ آيو آهيان.“ سراج تلخ آواز ۾ چيو. سندس انهيءَ گستاخيءَ تي پروفيسر اياز جون اکيون ٻاهر نڪري آيون، ۽ هن ڪاوڙ مان زور سان ميز تي ڌڪ هڻندي چيو، ”بي ادب، گستاخ! نڪري وڃ، گيٽ آئوٽ!“

سراج هڪ نظر سان سندس لال پيِلو چهرو ڏسي مُسڪرايو، ڄڻ چئي رهيو هو، ”ڇا، پروفيسر، اها ئي همدردي آهي هڪ ڏکويل انسان لاءِ توهان جي دل ۾؟ ڇا، اها ئي جيون جي جوت آهي؟ ڇا، اها ئي زندگي اهي، پروفيسر!“

جڏهن هو پنهنجو اداس چهرو کڻي ٻاهر نڪتو، ته کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ واقعي سندس ٽي . بيءَ . جي مريضه ڀيڻ مري ويندي- حالانڪ ڀيڻ ته ڇا، هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ سندس ڪو ويجهو مائٽ به نه هو. هن جڏهن هوش سنڀاليو هو ته پنهنجو پاڻ کي يتيمخاني ۾ پاتو هئائين، ۽ جنهن ماحول ۾ هن جنم ورتو هو، تنهن کيس هڪ منطقي دل ڏيئي ڇڏي هئي. ننڍپڻ کان ئي هو تمام ذهين ۽ بيڊپو هو. هو هر وقت عجيب عجيب ڳالهيون سوچيندو رهندو هو، جي سندس عمر جي لحاظ کان تمام  وڏيون هونديون هيون. کيس اڪثر پنهنجي باري ۾ خيال ايندو هو ته هو يتيم ڇو آهي؟ يتيم ڪٿان ٿا اچن؟ انهن جا ماءُ پيءُ ڇو ڪونهن؟ استاد هر وقت کين حرامي ڦر ڇو ٿو چوي؟ ۽ پنهنجي ماءُ – پيءُ جي غلطيءَ تي هو مسڪرائي ڏيندو هو. اهڙيون ڳالهيون سوچي، هڪ عجيب لاوارث مسڪراهٽ سندس چهري تي اچي ويندي هئي. يتيمخاني ۾ جمعي جي ڏينهن گوشت جو وارو ايندو هو، ته پنهنجي پياليءَ ۾ هڪ ننڍڙي ٻوٽي ڏسي هو سوچ ۾ پئجي ويندو هو  ته هيءَ ٻوٽي اڪيلي ڇو آهي؟ هيترا سارا چندي جا پيسا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ هيترو  سارو گوشت ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ پوءِ کيس انهن يتيمن جو خيال اچي ويندو هو، جي چئن چئن ٻارن جا پيءُ هئا، ۽ سندس دل مان هڪ آه نڪري ويندي هئي. هڪ ڀيري ته هن انهيءَ ڳالهه تان استاد جي مار به کاڌي هئي. جڏهن  ملڪ جي جشن جي موقعي تي يتيمخاني ۾ مٺائي ورهائي ويئي، ته پنهنجي حصي جو اڌ لڏون ڏسي هن رڙ ڪئي:

”سائين“ هيءُ اڌ لڏون ڇو آهي؟ سڄا سارا ٽي ٽوڪرا ڪيڏانهن ويا؟“

”چپ ڪر، بي ادب! صاحب جي گهر موڪليا اٿم.“ سندس استاد ڪاوڙ مان وراڻيو. ”مگر، سائين، صاحب يتيم ٿورو ئي آهي!“ هن چيو.

بس، پوءِ ته استاد جو ڏنڊو هو، ۽ سندس پـُٺا، يتيمخاني ۾ سندس دل گهٽجن لڳندي هئي. پنهنجن يتيم ساٿين جا اداس چهرا ڏسي، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا، ۽ هن تي عجيب وحشت جو عالم طاري ٿي ويندو هو. سندس دل چاهيندي هئي ته يتيمخاني جي اداس ڪوٺڙيءَ مان نڪري ڀڄي وڃي- تمام پري. مگر نه ڄاڻي ڇو، هو ائين نه ٿي ڪري سگهيو.

هڪ دفعي جڏهن هڪ وزير يتيمخاني جو معائنو ڪرڻ آيو هو، ته هن تقرير ڪندي چيو، ”توهين قوم جو روشن مستقبل آهيو. توهان کي ئي پنهنجي ملڪ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو آهي.“ انهيءَ ڏينهن، نه چاهيندي به، هن کان هڪ عجيب حرڪت ٿي ويئي. هن هڪدم پنهنجو چولو مٿي کڻي، سڪل پاسريون ڏيکاريندي چيو هو؛ ”سائين، هيءُ ڪو هاءِ اسڪول نه، يتيمخانو آهي. هتي ته بکن کان کنڀڙاٽيون ئي سڙيو وڃن!“ انهيءَ ڏينهن استاد نه صرف کيس بيد جي لڪڻ سان مار ڏني، بلڪه يتيمخاني مان ئي ڪڍي ڇڏيو هو- ڇاڪاڻ ته هو تمام گهڻو سمجهدار ٿي ويو هو، يا ته وري چريو، يتيمخاني مان نڪري کيس ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ سندس يتيميءَ جو دور ختم ٿي ويو هو. ڪجهه ئي ڏينهن جي رلڻ پنڻ کان پوءِ کيس هڪ شريف ماڻهوءَ پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. سندس هيءُ مالڪ نهايت. ئي مهربان ماڻهو هو. وري جو هن کي سندس اعليٰ ذهنيت جي خبر پيئي، ته هن کيس پنهنجن ٻارن سان گڏ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏايو. کيس کاڌو به پنهنجن ٻارن جهڙو ئي ڏيندو هو. جڏهن سندس اڳيان ڀريل ٻوڙ جو پيالو ايندو هو، ته پنهنجن يتيم ساٿين کي ساري، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا. نه ڄاڻي ڇو، سندس مالڪ جا ٻار انهن يتيمن وانگي کيس ڀانئيندا ڪو نه هئا. جڏهن کيس پنهنجن يتيم ساٿين جي ياد ايندي هئي، ته هو تمام ملول ۽ اداس اداس ٿي ويندو هو، ۽ سندس قدم فوراً يتيمخاني ڏانهن کڄي ويندا هئا.

هڪ ڏينهن جڏهن هو پـُو پوءِ جي بيماريءَ جو ٻڍي يتيمخاني ۾ ويو، ته کس خبر پيئي ته شموءَ کي اولاد جي هڪ سڪايل عورت پاڻ سان گڏ وٺي ويئي آهي. تڏهن سندس نظرون ننڍڙي پو پوءِ جي گلاب جهڙي ڪومايل چهري ڏانهن کڄي ويون، ۽ هو ڳوڙهيءَ سوچ ۾ پئجي ويو ته آخر اهي اولاد جون سڪايل عورتون وڏن ۽تندرست ڇوڪرن کي ڇو ٿيون پسند ڪن؟ پو پوءِ، ادريس ۽ ملڪيمان جي يتيمي ڇو نه ٿي ختم ٿئي؟ انهن کي ماءُ جو پيار ڇو نه ٿوملي؟ سندس اڳيان لقمان ۽ حڪيم جا چهرا گهرجي ويا، جن کيس ٻڌايو هو ته هو نوران ٻائيءَ ۽سرداران ٻائيءَ جي خذمت ڪندا آهن، ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه.

هو پنهنجي مالڪ جي گهر ۾ تمام خوش هو. کيس ڪڏهن محسوس ئي ڪو نه ٿيندو هو ته هو ڪو هن گهر ۾ نوڪر آهي يا يتيم آهي. مالڪياڻي به کيس پنهنجن ٻچن جيترو ئي گهرندي هئي. جڏهن صبح جو کيس جـُتيون پالش ڪندي ڏسندي هئي، ته هڪدم ڪاوڙجي چوندي هئي، ”سراج، تون هن گهر ۾ نوڪر نه آهين. تون هلي اسڪول جي تياري ڪر، مان پاڻيهي ٿي جـُتيون پالش ڪري وٺان.“ هو ذرا بيمار ٿيندو هو ته فوراً ڊاڪٽر اچي ويندو هو. کيس ڪپڙا ۽ بوٽ به ”گل“ جهڙ ائي پهرڻ لاءِ ملندا هئا. سندس هر قسم جو خيال رکيو ويندو هو، ۽ هر موقعي تي مٿس ائين ظاهر ڪيو ويو ته هن گهر ۾ سندس حيثيت ”گل“ ۽ ”نازليءَ“ جيتري ئي هئي. پر، تنهن هوندي به، هو پنهنجي نوڪراڻيءَ عادت کان باز نه ايندو هو.  هو روزانه، گهرجي هر قسم جي ڪم ڪار کانپوءِ، شام جو گل ۽ نازليءَ کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. رات جو يارهين يارهين بجي تائين پاڻ به پڙهندو هو ۽ هنن کي به پڙهائيندو رهندو هو. هو گهر جو هڪ فرد بڻجي ويو هو. سندس يتيمي ختم ٿي ويئي هئي. (هُو) هر وقت خوش خوش رهندوهو. هن کي اهو سڀ ڪجهه ملي ويو هو، جنهن لاءِ هميشه يتيمخاني ۾ سندس اُتما سڏڪندي ۽ تڙپندي رهندي هئي. هاڻ ڪو کيس پٽ ڪري پڪاريندو هو. هاڻ سندس ماءُ هئي، جا کيس ”ابا“ ڪري پڪاريندي هئي. کيس ڀاءُ ڀيڻ جي قربت ملي ويئي هئي، جي روزانو وڙهي وڙهي ساڻس پرچندا هئا. جڏهن هو هر سال پهرئين يا ٻئي نمبر سان امتحان پاس ڪندو هو، ته اوڙي پاڙي ۾ مٺائي ورهائي ويندي هئي. جڏهن مالڪياڻي کانئس پڇندي هئي ته ”ابا، اهو ته ٻڌاءِ ته تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين، ته هو پنهنجيءَ دل ۾ هڪ عجيب جهر جهري محسوس ڪندو هو. سندس دل بي اختيار چاهيندي هئي ته ”ماءُ“ جي پيرن جي خاڪ ٿي وڃي. سندس وقت خوشين سان گذرڻ لڳو. خدا کيس يتيم ڪري به، دنيا جي هر نعمت عطا ڪري ڇڏي هئي.

صبح جو جڏهن هو ٺهي ٺڪي آئيني جي سامهون ايندو هو، ته پنهنجو پاڻ کي بلڪل بدليل پائيندو هو. هو پنهنجي عڪس ۾ يتيم سراج کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو هو، مگر اها تصوير ته بنهه ڌنڌلائجي ويئي هئي – انهيءَ جي جاءِ هڪ شوخ، صحتمند، خوبصورت ڇوڪري گهيري ڇڏي هئي، جنهن جي سر تي پيءُ جو سايو هو، ماءُ جو پيار ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي قربت هئي. هر خوشيءَ کان جهومڻ لڳندو هو، ۽ آئيني ۾ مسڪراهٽون پکڙجي وينديون هيون.

مگر سندس اهي خوشيون گهڻيءَ دير تائين قائم نه رهي سگهيون. جيئن جيئن هن محسوس ڪيو ته هو وڏو ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن سندس سٻاجهڙي مالڪ جون نظرون کيس بدلبيون نظر ايون. هو تمام وڏو ٿي ويو هو. نازلي ته سندس اڳيان اچي شرمائجي ويندي هئي. سندس اڳيان اچي، هن جو رنگ ئي سرخ ٿي ويندو هو. نازلي پاڻ به ته وڏي ٿي ويئي هئي. مالڪ کيس پٽ ڪري پاليو هو، ۽ مالڪياڻي به کيس غير ڪري نه سمجهندي هئي. مگر هنن کي دنيا وارن سان به ته منهن ڏيڻو هو! هاڻ هو هڪ نوجوان هو، ۽ غير مرد، سندس مسڪراهٽون، تحليل ٿي، اداسيءَ ۽ فڪر جي ليڪن ۾ بدلجڻ لڳيون. هو هر وقت ڪجهه ڪجهه اجهيل اجهيل رهڻ لڳو.

هڪ رات جو، نازليءَ جي سورهين سالگره جي موقعي تي، هو سڄو ڏينهن گهر جي ٺاهه ٺوهه کان ٿڪي ٽٽي اچي پنهنجي بستري تي ڪريو، ته کيس پنهنجي سٻاجهڙي مالڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو هوريان هوريان ڪنهن کي چئي رهيو:

”.....مگر مون هن کي ٻچن وانگي پاليو آهي. مان هن کي ڪيئن چوان؟ هن جي دل تان ڇا گذرندو! نه نه، اهو مون کان نه ٿيندو؟“

”مگر اسان کي دنيا وارن سان به ته منهن ڏيڻو آهي! اڄ ڏٺئه ڪو نه ته جڏهن نازليءَ کي گلن جو هار ڳچيءَ ۾ پاتو هئائين، ته مٽن مائٽن جو ڪهڙو حال ٿيو هو. وري نازلي به ته هن کي پسند ڪرڻ لڳي آهي. نه ڄاڻي، ڪهڙي ذات، نه ماءُ نه پيءُ! اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻ...“ اهي سندس ”ماءُ“ جا لفظ هئا. کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن شيهو و گهاري سندس ڪنن ۾ وجهي ڇڏيو هو. غم جي شدت کان، هن ڏندن سان پنهنجون آڱريون زخمي ڪري ڇڏيون. هو هڪ سپنو ڏسي اٿيو هو. سندس ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، سڀ ڪجهه لٽجي ويو هو. هن ديوار سان سر ٽڪرائي ٽڪرائي رنو. اوچتو هن جي دل ۾ هڪ عجيب جذبو اڀريو، ۽ هو ميز جي خاني مان پنو پينسل کڻي خط لکڻ لڳو: ”منهنجا سٻاجهڙا سائين، اڄ صبح جو مون کي نه پائي، شايد اوهان جون سٻاجهڙيون اکيون روئي ڏين. اڄ صبح تائين مان توهان کان تمام پري ٿي ويندس. جي توهين مون يتيم کي پيءُ جو پيار ڏيئي سگهو ٿا، ته منهنجون به ته ذميواريون آهن. مون کي توهان جي عزت، ماءُ جي لڄ، ۽ ڀاءُ ۽  ڀيڻ جي مستقبل جو به ته خيال رکڻو آهي! اڄ مون کي دنيا توهان سڀني کي وڇڙڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پر مون کي ڪنهن کان به شڪوو نه آهي- پنهنجيءَ قسمت سان به نه. يتيم هوندي به، منهنجي دل ماءُ- پي ۽ ڀيڻ – ڀاءُ جي پيار سان مالا مال آهي. مان توهان سڀني جي ياد کنيو، هڪ نامعلوم منزل ڏانهن وڃي رهيو آهيان، ۽ جتي به رهندس، پاڻ کي توهان جي پيرن جي خاڪ سمجهندس- توهان جو ادنا ٻانهو، سراج.“

خط ميز تي رکي، پنهنجا ڪتاب ۽ ڪپڙا سوٽ- ڪيس ۾ وجهي، هن روئندڙن نظرن سان سڄي گهر تان الوداعي نظر ڦيرائي- جنهن ۾ سندس يتيمي ختم ٿي هئي، جنهن ۾ سندس ٻالڪ اوستا پروان چڙهي هئي، جنهن ۾ سندس ماءُ – پيءُ، ڀيڻ – ڀاءُ ستل هئا. اڄ هو انهن سڀني کي ڇڏي وڃي رهيو هو. هڪ نامعلوم منزل ڏانهن سندس قدم کڄي رهيا هئا.

نئين شهر ۾ اچي، هو ڪجهه ڏينهن وائڙن وانگي چڪرائجي ويو. ڪيترن ڏينهن جي لڳاتار آواره گرديءَ کان پوءِ کيس هڪ معمولي هوٽل ۾ منشيءَ جي نوڪري ملي ويئي. هڪ نئين دوست جي ڪوشش سان کيس هڪ ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي هئي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اڄ هو سيڪنڊ ايئر جو طالبعلم هو.

اڄ صبح جو، ڪاليج ويندي، جڏهن هو هڪ يتيمخاني وٽان گذريو، ته سندس جسم جا وار ئي ڪانڊارجي ويا هئا. پوهه جي سرديءَ ۾، اتر جي هوا ۾، سامهون ويٺل ٿڌين قميصن ۾ ڏڪندڙن يتيم ٻارن کي ڏسي، سندس جسم ئي ڏڪي ويو هو. کيس پنهنجو زمانو ياد اچي ويو هو، ۽ مٿس وحشت طاري ٿي ويئي هئي. جڏهن هو نيم پاگلپڻ ۽ بيخوديءَ جي عالم ۾ ڪاليج پهتو، ته پروفيسر اياز ليڪچر ڏيئي رهيو هو. جنهن کي ٻڌڻ جو هن جي ڏکويل دل ۾ تاب نه هو. هن سوچيو، ”جڏهن اسان جي زندگيءَ جو مقصد صرف ٻين جي مدد ڪرڻ آهي، ته پوءِ هيءَ غريبي، هيءُ افلاس ڇو آهي؟ پوءِ اهي يتيم سرديءَ ۾ ڇو ٿا مرن؟ رُکا ٽڪر ڇو ٿا کائين انهن کي سهارو ڇو نه ٿو ملي؟ سندس دل ۾ انهن وڏن وڏن ڪتابن ۽ ليڪچرن خلاف باهه ڀڙڪي ويئي. ”زندگيءَ جي وڏن وڏن اديبن، ترجمانن ۽ نقادن جي هوندي ائين ڇو آهي؟ انهن جون باريڪ بين نظرون غريبن جي بکايل پيٽن، بيمار جسمن ۽ يتيمن جي ڪوٺڙين تي ڇو نه ٿيون پون؟ جڏهن کين پهرين موت ۽ پوءِ زندگي نظر اچي ٿي، جڏهن زندگيءَ جي مقصد صرف ٻين جي مدد ڪرڻ آهي، ته پوءِ ائين ڇو آهي؟“ هن پروفيسر اياز کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو انهن اجاين ڳالهين ۾ وقت نه وڃائي. ڪير ٿو انهن ۾ حقيقتن جو رنگ ڀري؟ اهو ئي سبب هو جو اڄ هو پروفيسر اياز وٽ ٽي . بيءَ . جي مريضه جو ڀاءُ ٿي ويو هو- ۽ جا ڳالهه هن سوچي هئي، سا ئي ٿي. پروفيسر کيس مايوس ڪري ڇڏيو هو. کيس اهي ليڪچر، اهي ڪتاب، سڀ فريب ئي فريب نظر اچي رهيا هئا- مسلسل فريب. کيس ڪاليج جي ديوارن کان ئي نفرت ٿي ويئي هئي. اڄ هن پنهنجيءَ دل جي ”پروفيسر“ کي به ماري ڇڏيو هو. ”پروفيسر!“ مگر اڄ نه سندس ڪا ماءُ رهي هئي، نه ئي پروفيسر ٿيڻ جو خيال. انهيءَ پروفيسر کان ته سندس شرابي ۽ جواري غنڊو دوست سٺو هو، جنهن کيس مئٽرڪ جي امتحان لاءِ فيءَ جا پيسا ڏنا هئا – جنهن کيس ابراهام لنڪن ٿي بڻائڻ چاهيو- جو کيس ”لنڪن، ڪري سڏيندو هو.

ٻئي ڏينهن جڏهن هو پنهنجي شرابي دوست سان گڏ آواره گردي ڪندي هڪ گھٽيءَ مان گذري رهيو هو،  ته سندس اڳيان هڪ دل هلائيندڙ منظر اچي ويو. هڪ مڪان کي باهه لڳي رهي هئي. ماڻهو جمع ٿي، تماشائين جيان ڏسندا ٿي رهيا. هڪ ماءُ جي جگر جي ٽڪري کي به باهه پنهنجن شعلن ۾ گهيري ڇڏيو هو. مگر ڪير هو، جو ننڍڙي ساهه کي بچائي ها؟ڪير هو، جو ماءُ جي ٻرندڙ دل کي پاڻيءَ جو ڇنڊو وجهي ها؟ ماءُ جي دلدوز رڙين ساريءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان کي هِلائي ڇڏيو هو. هوءَ روئي روئي فرياد ڪري رهي هئي ته ”مون کي ڇڏيو ته مان  به سڙي مران!.... منهنجي جگر جو ٽڪرو، منجهين اکين جو نور، منهنجي دل جو سرور!... هاءِ، ڪو منهنجي لعل کي بچائي! ڪو مون ماءُ جون دعائون کٽي!“ ماءُ جي سڙيل دل جون دانهون ٻڌي، سندس دلير شرابي دوست ۾ به ڪا تبديلي نه آئي. هو پاڻ به ٻڌندو رهيو. ڪير هو، جو باهه جي شعلن سان زندگيءَ جي بازي لڳائي ها؟

انهيءَ وقت هڪ ”بازيگر“ ميدان ۾ آيو، ۽ هڪ ئي ڇلانگ سان موت جو دروازو لتاڙي ويو. باهه سندس رستو روڪي نه سگهي، شعلا کيس جهلسائي نه سگهيا، دونهون کيس ڳڙڪائي نه سگهيو: هو باهه سان کيڏندو، شعلن کي پنهنجيءَ راهه تان هٽائيندو، دونهين ۾ وڌندو رهيو. موت جي منهن مان، هن ننڍڙي ساهه کي بچائي ورتو! موت هارايو، زندگي سندس  ڀاڪر ۾ هئي، سراج حيرت جي پتلي جيان انهيءَ زندگيءَ جي بازيگر کي ڏسندو رهيو... اهو گوءِ کٽڻ وارو، پروفيسر اياز ئي هو! اهو ئي نوراني چهرو، اها ئي پروقار مسڪراهٽ، اهائي گنڀيرتا. هو محويت جي عالم ۾ کيس ڏسندو رهيو. کيس هوش تڏهن آيو،جڏهن سندس شرابي دوست کيس ٻانهن مان جهلي گهليو. هن هڪ ئي سَٽَ سان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي: ”تون مون کي غلط رستي تي وٺي وڃي رهيو آهين. ڪاغذ جي پتن تي بيوقوف بازي لڳائيندا آهن، مان زندگيءَ جي بازي لڳائيندس! مان ”پروفيسر“ ٿيندس- زندگيءَ جو سچو ترجمان. مان دنيا کي اوندهه مان ڪڍي، روشني ڏيکاريندس.“هن پڪي عزم سان چيو، ۽پنهنجي شرابي دوست کي اتي ئي حيران پريشان ڇڏي، تيز قدمن سان گهٽيءَ جي موڙ تان غائب ٿي ويو.

گوورڌن محبوباڻي

منهنجا ڀاڳ، هن جا ڀاڳ

 

موهن جا شرارتي لفظ منهنجن ڪنن ۾ ٻري رهيا هئا- ”ڀاڳن وارو آهين، يار!“

مون ڇرڪ ڀري، پنهنجي هٿ ڏانهن نهاريو. لڳم ته هٿ ملائي زور ڏيڻ وقت، موهن منهنجن پنجن ئي آڱرين مان رت ست ڪڍي ورتو هو. سندس معنيٰ ڀري مرڪ ۽ ٻين دوستن جا ٺٺوليءَ ڀريا ٽهڪ اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ چُڀي رهيا هئا.

”ڀاڳن وارو آهين، يار!“ ان بعد هڪ ٿڌو شوڪارو، هڪ معنيٰ ڀري مرڪ، هڪ هلڪي کنگهار، ۽ انيڪ بيهودا ٽهڪ!

مون هٿ وڌائي ميڪ اپ واريءَ پليٽ ۾ وڌو. سوچيم، ليڊ پائوڊر (Lead powder) جي ٿڌيءَ پاڻيٺ ۾ ڀل پنج ئي آڱريون ڄمي برف ٿي وڃن!

سـُشِما سچ چيو هو، ”ڪاليجي ڇوڪرا جهنگلي ٻِلا  آهن: ڏانهن مرڪي نهار ته منهن تي رهنڊون پائڻ شروع ڪندا.“

مون کلي ورجايو هو، ”شايد ان ڪري ئي تون خود ٻليءَ وانگر منهن ۾ گهنڊ وجهي ڪاليج ۾ گهمندي آهين!“

”بس ڪر، ڳالهائڻ نه اچي، ته نه ڳالهائجي!“

جواب ۾ مون صرف ٽهڪ ڏنو هو.

پر هاڻ مان خود سوچي رهيو هوس. ڪاش، منهنجي ساڄي هٿ جون پنج ئي آڱريون ڄمي برف ٿي وڃن- بلڪل بيجان، پٿر! موهن انهن آڱرين ۾ ڪو زهر ڀريو هو، جوڌيري ڌيري منهنجيءَ نس نس ۾ ڦهلجي رهيو هو.

مون کي خبر ڪانهي ته سشما ڪيڏيءَ مهل ”گرين روم“ ۾ گهڙي آئي. مون صرف سندس گهنگهرن جهڙو مٺڙو آواز ٻڌو:

”ڪا ڪوتا جوڙي رهيو آهين؟“

”نه.“

”باقي پندرهن منٽ آهن. منهنجو ميڪ اپ نه ڪندين؟“

”نه.“

هوءَ بت بڻجي. يڪ ٽڪ مون ڏانهن نهاريندي رهي. همت نه ٿيم جو سندس نظر سان نظر ملائي سگهان. سَٽ ڏيئي ٻاهر وڃڻ ٿي چاهيم، جو ٻانهن پڪڙي چيائين، ”چندروءَ! هيءَ ڇا ؟“

جواب ۾ مون صرف اڇل ڏني. سندس هٿ ڇڏائجي ويو، پر ريڊليڊ (red lead) جي پياليءَ، اٿل کائي، منهنجن سفيد ڪپڙن کي رنڱي وڌو. لال لال داغ! گويا موهن منهنجيءَ شرافت ۽ اٻوجهائيءَ جو خون ڪري وڌو هو.

ٻه ڪلاڪ پوءِ-ڊسمبر جي سرديءَ سبب بدن ۾ سياٽ پئجي رهيو آهي. مان انهن ئي ڪپڙن سان گهر ۾ آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو آهيان. سشما، منهنجن گوڏن تي ڪنڌ رکي، روئي روئي ساڻي ٿي پيئي آهي. مان ڇا ڪريان؟... نهايت جذباتي آهيان. هوءَ به بيحد ڏکڻي آهي. جاڳان مان به پيو، ۽ هن کي به ته ننڊ اچڻي ڪانهي. آخر مان ئي هار مڃي سندس منهن مٿي کڻان ٿو. چنڊ جهڙو، نرمل، سندر چهرو، ڳوڙهن سبب آلو آلو ۽ ڳاڙهي رنگ سبب داغ داغ ٿي ويو آهي. مون هيءُ ڇا ڪيو؟ سشما جا دٻيل سڏڪا مون کي ڄڻ ڌونڌاڙي رهيا آهن. مس مس چپ چرن ٿا: ”سشما، گهر وڃ. امي تنهنجو انتظار ڪندي هوندي.“

سڏڪن سان گڏ وري لڙڪن جي ورکا به شروع ٿي وڃي ٿي، مان جئن جئن سندس ڳوڙها ٿو اگهان، تئن تئن سندس چهرو وڃي ٿو داغ داغ ٿيندو. گلو صاف ڪري، وري ساڳي ڳالهه دهرايان ٿو: ”گهر وڃ نه، سشما! امي انتظار ڪندي هوندي.“

سشما روئي به ٿِي، ڳالهائي به ٿي: ”هاڻ مان توسان اصل نه ڳالهائينديس! تون ائين ڀڄي ڇو آئين؟“

خبر ناهي، اندر مان ڪهڙي اڇل آئي جو بي روڪ ٽوڪ چئي ڏنم: ”سشما، تون روپوان ته اڳ به هئينءَ، هاڻي جوان به ٿي چڪي آهين!“

سشما وائڙن جيان منهنجو منهن تڪڻ لڳي. جهيڻي آواز ۾ چيم، ”توکي خبر آهي، سشما، ماڻهو ڇا ٿا چون؟.... ٻڌ، اڳتي مان تنهنجو ميڪ اپ نه ڪندس.“

سشما مون کي هلڪو جهوٻو ڏنو. ٻيءَ کن هوءَ مون کان دور کڙي ٿي مون ڏانهن گهوري رهي هئي. ان نگاهه ۾ ڇا هو؟

مون گهٻراهٽ مان چيو، ”مان...“

”تون بيوقوف آهين... بنهه ڇَسو!“ ۽ وڄ وانگر وراڪو ڏيئي، هوءَ ڪمري مان نڪري ويئي.

مان سچ پچ بيوقوف آهيان. مون کي اهڙي ڳالهه- نه نه، اهڙو ويچار به ڪرڻ نه گهربو هو. اڳ مون ڪڏهن به اهڙو ويچار نه ڪيو هو. پر اڄ موهن جي هڪ ئي سٽ منهنجي هردي ۾ سمايل سموريءَ سندرتا، سموريءَ پوترتا کي نچوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو.

ڏيڍ سال کن اڳ به سشما اهڙي ئي جوان ۽ روپوان هئي، تڏهن به مون سندس ميڪ اپ ڪيو هو. سندس هٿ پڪڙي، کيس سهارو ڏيئي، ”چنڊ جي ڏوليءَ“ تي ويهاريو هوم. ”رات پرڀات“ واري نرتيه (ناچ) ۾ هو ”رات جي راڻي“ بڻي هئي. چوطرف سندس سهيليون تارن جو ويس ڪري بيٺيون هيون. منهنجي اشاري تي ”چنڊ جي ڏوليءَ“ جون رسيون ڇڪيون ويون هيون. گرڻين جي هلڪي چيڪاٽ سان سشما به مٿي کڄڻ لڳي هئي، جو اوچتو هراس وچان هن وٺي رڙيون ڪيون. ڪجهه گهڙين لاءِ اسٽيج تي ڄڻ ڪولاهل مچي ويو. نوڙيون ڍريون ڪيون وييون، ۽ سشما ٽپ ڏيئي اچي منهنجيءَ گود ۾ پيئي. ڦولن جهڙي تَن تي ڄڻ ماڪ وٺي هئي! هراس وچان، هن اهڙي ته زور سان منهنجي گلي ۾ ٻانهون وڍيون هيون جو کن پل لاءِ منهنجو ساهه به روڪجي ويو هو.

وايو منڊل جي تناءَ کي دور ڪرڻ لاءِ، کيس اسٽيج تي ويهاريندي، پهريائين مون کليو هو، ۽ پوءِ سندس سرتين. اندوءَ ته سندس کاڏي جهلي چيو هو، .”مئي، ڀاڳن واري آهين!“

بلڪل ساڳي سٽ! ساڳي معنيٰ ڀري مرڪ، ساڳيا ٽهڪ! ليڪن انهن ٽهڪن، ان مرڪ، ان سٽ ۾ گويا امرت هو. ۽ موهن؟... پر موهن ائين ڇو سوچيو؟ سشما سان منهنجو سٻنڌ ته نهايت پراڻو آهي. سالن کان هوءَ منهنجي پاڙي ۾ رهي ٿي. سندس ٻِماڙ وارو ڪمرو منهنجي ڪمري جي بلڪل آمهون سامهون آهي. وچ ۾ صرف ڇهه فوٽ ويڪري گهٽي آهي- صرف ڇهه فوٽ!

اوهين ضرور پڇندا ته ”سشما تنهنجي ڇا لڳي؟“

مان ڍونگي ناهيان، ۽ نه وري ڍونگي ٿيڻ چاهيان ٿو، پر تڏهن به مان چپ رهندس.

اوهين ٻيهر سوال ڪندا، ”ڇا، سشما تنهنجي پريتما ٿئي؟“

مان چوندس، ”نه.“

”..... ڀيڻ ٿئي؟“

”بلڪل نه.“

”..... ساهيڙي ٿئي؟“

”هرگز نه!“

”... تڏهن؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com