سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :21

باب ارڙهون

هاڻ جين ۽ڪاسيٽيءَ جو، ستين جي آستان مان ٻاهر نڪرڻ جو ٿورو احوال ڪنداسون. هو ٻئي ڄڻا انهيءَ آستان  ۾ ڀريا ست سال خير جا رهيا. پوءِ جين سمجهيو ته هينئر گهڻا سال ٿي ويا آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪو خطرو ڪونهي، ۽ٻيو سمجهيائين ته ڪاسيٽي هاڻ وڏي ٿي آهي، تنهنڪري اندر وڍيڪ ترسڻ هن ڇوڪريءَ کي اجايو قيد ڏيڻ آهي: اهي ويچار ڪري، هو ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتا ۽ هڪ جاءِ ڀاڙي تي ڪري وڃي اتي رهيا.

آستان ۾ رهي، ڪاسيٽيءَ چڱو علم پرايو هو. هوءَ لکندي پڙهندي هئي، ۽ جين کي ”بابا“ ڪري سڏيندي هئي. شام جو هو گڏجي گهمڻ نڪرندا هئا. وقت تي هو ديول ۾ ويندا هئا، ۽ڏکين بکين جي چڱي پرگهور لهندا هئا – جيئن مٿئين باب ۾ چيل آهي. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جو ڀاڙو جيڪو کين مليو ٿي، تنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. هو مرڳو اهڙيءَ ڄار ۾ وڃي ٿي ڦاٿا، جنهن مان وري عمر ڀر ٻاهر نڪرڻ مشڪل هو. پر ڌڻي تعاليٰ جي مهربانيءَ ۽ پنهنجي هوشياريءَ سان، جين پنهنجي جند ڇڏائي ٻاهر نڪتو.

گهر پهچڻ سان هو ڪاسيٽيءَ کي گڏيو، جنهن سندس شڪل ڏسي، رڙ ڪري پڇيو ته ”بابا، اوهان کي ڇا ٿيو؟“ جين نماڻائيءَ سان چيس ته ”ڌيءَ، مان بلڪل چڱو ڀلو آهيان، تون فڪر نه ڪر.“ خير، ائين چئي، هو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ستو، ۽ڪاسيٽيءَ وڌيڪ سوال ڪو نه پڇيس. ڪجهه ڏهاڙا خير سان گذريا ۽ اهڙو ڪو ٻيو اتفاق ڪو نه ٿيو.

هوڏانهن نوجوان ميريس کي خوشي ٿي ته بهادري ڪري مون خونين کي پڪڙايو، ۽ هن سکر ماڻهوءَ ۽ سندس سهڻيءَ ڌيءَ جي حياتي بچايم. پر هن جي دل تي هڪڙو داغ رهجي ويو: ڏسڻ سان ئي هو ڪاسيٽيءَ جي نينهن ۾ ڦاٿو هو، سو هوءَ هاڻ کانئس وڃائجي ويئي. هن دل ۾ چيو ته ڪهڙو ڏينهن ٿيندو جو مان انهيءَ ڇوڪريءَ کي وري ڏسندس. جيئن ويا ڏينهن گذرندا، تيئن ميريس به نااميد ٿيندو ويو. هن سمجهيو ته پئرس شهر اٿاهه لڳو پيو آهي، جنهن ۾ سوين هزارين غرق ٿيو وڃن، سو هن ڇوڪريءَ جو پتو پوڻ محال آهي.

رنگيءَ جا رنگ نرالا  آهن. هڪڙي ڏينهن ميريس، شام جي وقت، شاهي باغ ۾ سير ڪندي هڪ ڊاک جي منهه وٽان اچي لنگهيو. پريان ٻه ڄڻا بينچ تي ويٺل ڏسي، دل ۾ چيائين ته هي مون اڳي ڪنهن هنڌ ڏٺا ته آهن. بينچ اڳيان ويجهو لنگهيو، ۽ ڇوڪريءَ کي ڏسڻ سان سندس دل تڪڙي هلڻ لڳي ۽ ٽپا ڏيڻ لڳي. سڃاتائين ته اها ساڳي ڇوڪري آهي. ڪاسيٽيءَ به کيس ڏٺو، پر هن انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ خيال ڪو نه ڪيو. ميريس ٿورو پرڀرو ٻئي بينچ تي وڃي ويٺو. دل ۾ چيائين ته هاڻ ضرور هنن جو ڏس پتو ڪڍڻو آهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو ٻه ڄڻا اٿيا ۽ ڪجهه پنڌ ڪيائون، ته ميريس به اٿيو ۽ آهستي آهستي سندن ڪڍ لڳو. ائين، اٽڪل ڪري، هن سندن رهڻ جي جاءِ ڏٺي.

پوءِ هو هر روز شام جو باغ ۾ ويندو هو، ۽ هنن ٻن جي واٽ ويهي واجهائيندو هو. ڪاسيٽيءَ کي رڳو پريان لڪچوريءَ ڏسي به سندس روح کي راحت پيئي ايندي هئي. هوڏانهن ڪاسيٽيءَ به هن کي گهڻو ڏٺو ڪيو، سو اندر ۾ هن کي به ميريس لاءِ ڇڪ ٿي. هوءَ به هن کي ڏسي خوش ٿيندي هئي. اهڙيءَ ريت، هو ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي پيار ڪندا هئا؛ پر پاڻ ۾ اڃا اکر به ڪو نه ڳالهايو هئائون. ميريس هنن جي گهر وٽان لڪچوريءَ انهيءَ مراد سان ايندو ويندو هو ته من هوءَ مون کي ڪنهن ڏينهن خلاصو گڏجي؛ پر اهڙو وجهه ڪو نه مليس.

هڪ ڏينهن شام جو جين شهر ۾ ڪنهن ڪم ويو ۽ ڪاسيٽي پنهنجي بنگلي جي باغ ۾ اڪيلي پئي گهمي. ميريس کيس پريان ڏٺو. هن جي ڇاتي دڪ – دڪ ڪرڻ لڳي. پهريائين ته همٿ نه ٿيس جو اندر گهڙي وڃي ڳالهائيس؛ پر سمجهيائين ته اهو وجهه نه وڃائجي. سو دل جهلي اندر گهڙيو ۽ معافي وٺي هن سان ڳالهايائين. ڪاسيٽي هن کي ڏسي اندر ۾ خوش ٿي، پر ٻاهران هن زنانو حياءُ ڏيکاريو. پوءِ هنن پنهنجي دل جو حال اوريو. اوڏيءَ مهل، مٿي آسمان ۾ تارن پئي ڄڻ مٿن مشڪيو، ۽ هيٺ باغ ۾ گلن ڦلن به پئي مٿن چغليون هنيون.

باب اڻٽيهون

انهيءَ ملاقات کان پوءَ هو ڪلچوريءَ گڏبا هئا، جين، ميريس کي شاهي باغ ۾ ڏٺو ڪيو هو، باقي کيس وڌيڪ کڙڪ ڪانه پيئي.

ٿورا مهينا گذريا ته پئرس ۾ ڳرو فساد ٿيو، ۽ رعيت ۽ شاهي لشڪر جي وچ ۾ لڙائي ڪرائي رعيتي راڄ شروع ڪجي ۽ ٻي ڌر هئي بادشاهي راڄ جي فائدي ۾. ميريس پهرينءَ ڌر جو طرفدار هو؛ ۽ انهيءَ ڪم ۾ مکيه بهرو وٺندو هو. هو لڙائيءَ جو ڏاڍو ڪوڏيو هو. جنگ جو سڏ ٻڌي سهي، ته هڪدم تيار. بندوق کڻي گولين جي وسڪاري ۾ گهڙي پوڻ ته هن لاءِ هڪ راند هئي. گولين جي وسڪاري هيٺ وڙهڻ، ڄڻ ته هن لاءِ ڦوهاري هيٺ سنان ڪرڻ هو.

هڪ ڏينهن لڙائيءَ به لڙائي لڳي. آڌيءَ رات جو وقت هو، ۽ جين به گوڙ شور ٻڌي ٻاهر نڪتو هو. پريان هڪ چوڪر ڊوڙندو ڏٺائين، جنهن کانئس سندس گهر جو پتو پڇيو. جين چيس ته ”ڪا چٺي آندي اٿيئي ڪيئن؟“ ڇوڪر جواب ڏنو ته ”هائو؛ پر اها ته ڪنهن زال لاءِ آهي، ۽ نه مرد لاءِ.“ جين چيس ته ”ها، تون اها مون  کي ڏي ته مان پاڻيهي پهچائيندس.“ ڇوڪر چٺي ڏيئي واءَ وانگر رفو چڪر ٿي ويو. پوءِ جين چٺي پڙهي، جنهن ۾ لکيل هو: ”منهنجي موڪلاڻي اٿيئي. توکي هيءَ چٺي ملندي، اوڏيءَ مهل منهنجو روح تو وٽ حاضر هوندو-ميريس.“

چٺيءَ پڙهڻ سان جين مٿان ڄڻ ته وڄ ڪري! هن جي ليکي ته جهڙيءَ طرح سندس لاءِ سڄيءَ دنيا ۾ مائٽ ۽ عزيز فقط ڪاسيٽي هئي، تهڙيءَ طرح ڪاسيٽيءَ لاءِ به رڳو پاڻ هوندو. هن کي ميريس ۽ هن ڇوڪريءَ جي ناتي جي اصل پرجهه ڪا نه هئي. هينئر اوچتو نه رڳو سندن صحبت جي سڌ پئيس، پر چٺي مان اهو به ثابت ٿيس ته هنن جو پاڻ ۾ ڪيترو نينهن آهي.

پهرين خيال آيس ته ”هان، ڪاسيٽي، جنهن کي مون ظالمن کان ڇڏايو ۽ هيتري جفاڪشي ڪري، بلڪه پنهنجي جان به جوکي ۾ وجهي، پالي وڏو ڪيو ۽ نوڪرياڻيءَ مان ڦيرائي راڻي بنايو، سا ساڳي ڪاسيٽي ٻئي ڪنهن کي پيار ڏيئي انهيءَ شخص سان پرڻجي ويئي ته مون لاءِ دنيا ۾ ڪهڙو مزو رهيو! مان هاڻي اچي پير مرد ٿيو آهيان؛ ڪو به مٽ مائٽ، يار دوست يا ٻار ٻچو ڪو نه اٿم، سو وڌيڪ جيئڻ مان مون کي ڪهڙو واد ايندو!“ انهيءَ خوديءَ جي خيال کيس ڏاڍو بيزار ڪيو. هن پاڻ کي دلاسو ڏنو ته ”هن چٺيءَ مان ظاهر آهي ته اِهو نوجوان جنگ جي ميدان ۾ آهي، جتي سندس مري وڃڻ جو گهڻو امڪان آهي: جي ائين آهي ته پوءِ ڪاسيٽي هميشه مون وٽ رهندي، ۽ مان مرڻ وقت تائين خوش گذاريندس.“ اتي وري ٻيو خيال آيس: دل ۾ چيائين ته ”هيلتائين مون رڳو پنهنجي سک جو ويچار ڪيو ۽ نه ڪاسيٽيءَ جو. اها ٿي خودي، جا مون کي ضرور ناس ڪرڻ کپي. مان جيئان ئي هن ڇوڪريءَ جي صدقي ٿو، سو مون کي ته پاڻ ان جي سک جو ويچار ڪرڻ کپي!“

ائين چئي هو امالڪ جنگي پوشاڪ پهري، بندوق کڻي، لڙائيءَ تي ويو ۽ ميريس جي طرفدارن کي مدد ڪرڻ لڳو. نهايت جوش ۽ هوش سان لڙيو. بادشاهي ڌر جا گهڻيئي سپاهي ماريائين ۽ قيد ڪيائين. انهن قيدين ۾ هڪ شخص هو، جنهن کي جين هڪدم سڃاتو. اهو هو – مشهور، پوليس جو انسپيڪٽر، جئورٽ بهادر! جين پنهنجا قيدي لشڪر جي مهندار اڳيان آڻي حاضر ڪيا. انهيءَ سردار، جئورٽ جي شڪل ڏسي، حڪم ڏنو ته ”انهيءَ نمڪحرام جاسوس کي هڪدم بندوق جي منهن ۾ ڏيو!“ اتي جين وڌي آيو ۽ ادب سان سلام ڪري سرڪردي کي چيائين ته ”سائين، منهنجو عرض آهي ته انهيءَ قيديءَ جي ٻانهن مون کي ڏيو ۽موڪل ڏيوم ته جيئن وڻيم تيئن ڪريانس.“ مهندار جئورٽ جي ٻانهن کڻي جين جي حوالي ڪئي. جئورٽ سمجهيو ته هاڻ ڄاڻ مئس، ڇو ته هي ضرور پنهنجو وير وٺندو. پر عجب اهو ٿيو جو جين جئورٽ کي لشڪر کان ٻاهر وٺي ويو، جتي پستول آسمان ۾ ڇوڙي، کيس صفا ڇڏي ڏنائين! جئورٽ پنهنجو سر سلامت وٺي گهر موٽيو. پر انهيءَ ڳالهه ڏاڍو پريشان ڪيس ته ڪينَ جهڙو قيدي ويهي مون جهڙي پوليس انسپيڪٽر تي ڪهل آڻي ۽ کيس جيءَ دان ڏئي. چيائين، تنهن کان گولي هڻي ماري ڇڏيم ها ته اهو بهتر هو!

جين،  جئورٽ کي جيءَ دان ڏيئي، ويو ميريس جي ڳولا ۾. پڇائي پڇائي، نيٺ هن جو پتو ڪڍيائين. ڏٺائين ته پريان هو مست هاٿيءَ جيان بيٺو لڙي. هن کي اک ۾ رکيو، اڳڀرو وڌيو ته ڇا ڏسي ته دشمن جي گولي تز ميريس جي ڇاتيءَ ۾ لڳي، ۽ هو ڦان ٿي پٽ تي ڪريو. جين، لشڪر لتاڙي، گولين جي وسڪاري مان لنگهي، آخر وڃي ميريس وٽ پهتو. هڪدم هن کي هنج ۾ ويهاري نبض ڏٺائين ته اها بيهي ويئي هيس. تڏهين به چيائين ته متان ساهه ذرو هجيس؛ سو هن کي اتان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تجويز سوچڻ لڳو. سامهون دشمن جو لشڪر بيٺل هو، جنهن مان لنگهڻ محال هوس.

ويچار ڪندي، هڪ رمز سجهي آيس. پئرس شهر هيٺان گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هزارين ڪسيون ۽ گٽر جوڙيل آهن، جن مان پاڻي نڪري ”سين“ نديءَ ۾ وڃي پوندو آهي. جين پنهنجي ڀر ۾ زمين تي هڪڙو لوهه جو دروازو ڏٺو، جنهن مان هيٺ ڪسيءَ ۾ وڃڻ جو رستو هو. هن سمجهيو ته انهيءَ کانسواٰءِ بچاءَ جي ٻي ڪا به واٽ نه آهي. سو، همٿ ٻڌي، ميريس کي ڪلهي تي کڻي، لوهه جو در پري ڪري، هيٺ اوڙاهه ۾ گهڙي پيو. اندر بنهه اوندهه انڌوڪار هو. هن نه ڪجهه ڏٺو ٿي، نه ٻڌو ٿي. نڪا ڪا اندر هوا ئي هئي. ڪٿي ڪٿي ڪو روشنائيءَ ۽ هوا لاءِ گذارو هو. جين چيو ته جي هيءُ جوان اڳي ئي نه مئو آهي ته هاڻ ضرور پران تياڳيندو، ۽ ساڻس گڏ منهنجو به لاشو گم ٿيندو. اٽڪل هڪ ڪلاڪ ائين انهيءَ خوفناڪ ڪسيءَ مان هو هلندو ويو. ڪسيءَ جي ڇت هيٺڀري هئي، تنهنڪري هن کي ڪنڌ جهڪائي ٿي هلڻو پيو. ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد ڀانيائين ته وسامان ٿو ۽ وڌيڪ هلڻ جي طاقت ڪا نه رهي اٿم. تڏهين به هن جوڌي جوان همٿ نه هاري ۽ کن ساعت ڪنڊ ۾ ويهي آرام ڪيائين ۽ کيسي ۾ روٽيءَ ٽڪر پيل هوس، سو ڪڍي ويهي کاڌائين. اتي خيال پيس ته ڏسان ته هن جوان جو نالو نشان وغيره ڪهڙو آهي. کيسا ڦولهيندي چوپڙي هٿ لڳيس، جنهن جي هڪ پني تي هيئن لکيل هو: ”منهنجو نالو ”ميريس پانٽمرسي“ آهي. منهنجو لاش منهنجي ناني کي، گهٽيءَ ۾، 6 نمبر واري گهر ۾ پهچائجو.“

اهو ڪاغذ ساڻ سوگهو ڪري، هو اٿيو ۽ وري پنڌ پيو. هيلتائين پيرن هيٺ سخت زمين هيس، پر هاڻي پاڻيءَ ۽ گپ مان هلڻو پيس. هو هلندو هليو ته پاڻي ويو چڙهندو، تان جو گوڏي تائين اچي پهتس. انهيءَ هيڪاري وڌيڪ ساڻو ڪيس. اڃا ٻه – چار قدم وڌيڪ هليو ته پير ويس گپندو. گپ به ڪا چور گپ هئي – جيئن پير ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪري، تيئن وڃي وڌيڪ گپندو. آخر پاڻي ڳچيءَ تائين، ۽ گپ گوڏن تائين آيس. ڊپ لڳس ته هاڻ پڪ منهنجي پڄاڻي ويجهي آئي آهي. ٻڏي مرڻ، باهه ۾ سڙڻ، يا جنگ جي ميدان تي وڙهي ساهه ڏيڻ سولو آهي، پر زمين هيٺ، ڪسين ۾، گندي پاڻيءَ ۽ گپ ۾ ٻوساٽجي مرڻ، سو ٿيو جيئري نرڪ ڏسڻ. جين پنهنجي اپائيندڙ کي ياد ڪري چيو ته ”اي ڌڻي، تون ئي منهنجي واهر ڪر ۽ مون کي ههڙي موت کان بچاءِ. مارڻو هجيئي ته ڀلي ماريم، پر هن دوزخ کان ڇڏائينم. ههڙي موت ڪري منهنجو روح پيو ڀٽڪندو.“ اِتي هڪ سخت پٿر تي پير لڳس، جنهن کي زور لڳائي، هن پنهنجو سڄو بدن مٿي کينچي ورتو. پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ وير هن ٿاٻو کاڌو، ۽ گوڏن ڀر زمين تي ڪِري پيو.

اتي پري کان روشنائي ڏسڻ ۾ آيس، ۽ پيٽ ۾ ساهه پيس. سمجهيائين ته اهو ٻاهر نڪرڻ جو دروازو آهي. هلندي هلندي، آخر هو اتي پهتو. پر ڇا ڏسي ته اهو لوهه جودروازو قابو بند آهي ۽ اتان نڪرڻ محال آهي. هي شينهن مڙس به نااميد ٿيو، ۽ سمجهڻ لڳو ته شايد ڌڻيءَ جي به اها ئي مرضي آهي، سو ان کي ياد ڪري، اِتي ئي پران ڏجن. پر اِتي هن کي ڪاسيٽيءَ جي يادگيري اچي پيئي. هٿ ٻڌي، وري به پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪيائين ته ”يا خدا، هوءَ ويچاري ڪيڏانهن ويندي؟“

هن جو ائين چوڻ، ۽ مدد جو پهچڻ. ڪنهن شخص ڪلهي تي هٿ رکي چيس ته ”يار، اڌو اڌ!“ جين پٺي ورائي انهيءَ ماڻهوءَ کي جاچي ڏٺو، ۽ هن کي سڃاتو. هو ساڳيو هوٽل وارو ٿينارڊيئر هو، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. هو رهزن جيل مان ڀڄي وڃي انهيءَ ڪسيءَ ۾ لڪو هو، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. هو رهزن جيل مان ڀڄي وڃي انهيءَ ڪسي ۾ لڪو هو، جتان آڌيءَ رات جو ٻاهر ڦرمار ۽چوريءَ لاءِ نڪرندو هو. جين ته کيس يڪدم سڃاتو؛ پر هو جين کي ڪين سڃاڻي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو سڄو منهن گپ سان ٿڦيو پيو هو. ٿينارڊيئر چيس ته ”يار، هتان ٻاهر ڪيئن نڪرندين؟“ جين وراڻي ڪا نه ڏنيس، جنهن تي ڪسيءَ جي چور وري چيس ته ”اڌ و اڌ ڪرين ته آءٌ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ جين چيس ته ”مون کي سمجهاءِ ته تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي.“ رهزن چيو ته ”يار، تو جو هن ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي، سو ضرور ڪنهن لالچ تي: هاڻ جي ڦر جو اڌ ڏينم ته دروازي جي ڪنجي مون وٽ حاضر آهي!“

ائين چئي، هن پتلون جي کيسي مان ڪنجي ڪڍي ڏيکاريس. اها ڏسي چين سرهو ٿي، ۽ دل ۾ چيائين ته نيٺ ڀڳوان منهنجي ٻڌي. چور دروازو کولي چيس ته ”هاڻ حساب لاهه.“ جين کي کيسي ۾ ٿورا پيسا پيل هئا، سي ڪڍي ڏنائينس. اهي وٺي هن سوگها ڪيا، پر ايترو چيائينس ته ”خون به ڪو ڳريءَ آساميءَ جو ڪرين ها، هن مان ڇا وريو!“ اوڏيءَ مهل هن لڪچوريءَ ميريس جي ڪوٽ مان ڪئنچيءَ سان هڪ ٽڪر ڦاڙي ورتو. پوءِ هن کي ٻاهر ڪڍي، پاڻ اندر ئي رهيو.

ٻاهر نڪرڻ سان جين ٿڌو ساهه کنيو، ۽ مالڪ جو شڪر مڃيو. پوءِ نديءَ جي ڪناري تي ويهي، ٻڪ ۾ پاڻي ڀري، ميرس جي منهن تي وڌائين. هن جوان اکيون ڪو نه کوليون، پر ساهه کڻڻ لڳو. جين ٻيو ٻڪ به ڀريو ۽ اڃا مٿان وجهڻ تي هوس ته ڪنهن شخص ڪلهي تي اچي هٿ رکيس. جين چيو ته هيءَ وري ڪهڙي بلا! انسان مٿان آفتون به، ٻَڌي ڪري، هڪٻئي پٺيان ڪاهيو اچن. جين سڃاتو ته اهو شخص ساڳيو، سندس ڪرمن جو ويري، جئورٽ هو، جنهن کي پاڻ ٿورا ڪلاڪ اڳي جيءَ دان ڏنو هئائين. جين امالڪ پاڻ ڄاڻائي چيس ته ”ها، مان ساڳيو جين والجين آهيان. تون بلاشڪ مون کي قيد ڪر، پر منهنجو هڪڙو سوال آهي. هيءُ جوان لڙائيءَ ۾ زخميون آهي، مون کي موڪل ڏي ته هن کي سندس گهر پهچائي اچان.“ جئورٽ گاڏيءَ واري کي سڏي، هنن ٻن کي چاڙهي، ميريس جي ناناڻي گهر ڏانهن ويو. اتي پهچڻ سان جين در کڙڪائي، نوڪر کي سڏي، ميريس کي اندر کڻائي ويو. جئورٽ موڪل ڏنيس ته تون بيشڪ اندر وڃ، مان تولاءِ ٻاهر بيٺو آهيان. ٿوريءَ دير کان پوءِ جين موٽي، جان اچي ڏسي ته جئورٽ ٺهي ئي ڪو نه!

اهو پوليس نوڪر به هڪ عجيب انسان هو. هن کي خيال ٿيو ته منهنجو فرض آهي ته هن ماڻهوءَ کي پڪڙي عدالت ۾ رجوع ڪريان؟ پر هوڏانهن انسانيت چيس ته انهيءَ ماڻهوءَ تنهنجي جان بچائي، سو ان کي ڪيئن ٿو ڦاسائين. اهي خيال ڪندي، هو ”سين“ نديءَ وٽان اچي لنگهيو، ۽ درياهه ۾ ٽپو ڏيئي آپگهات ڪيائين.

باب ويهون

هوڏانهن ميريس جي ناناڻي گهر واءِ ويلا مچي ويئي. رڌا ديگڙا چلهين تان لهي ويا. نانس، ماسيس، ۽ خود نوڪرن جي دلين کي سخت صدمو رسيو. هنن ڊاڪٽر گهرايو، جنهن ڏٺو ته بندوق جي گولي فقط پاسريءَ ۾ لڳي اٿس، جتي وڏو گهاءُ ٿيو آهي؛ ڳچيءَ  جي هڏيءَ کي به ضرب پهتل آهي ۽ مٿي تي پڻ ترار جا گهاءَ اٿس. انهن زخمن ڪري هو بلڪل ضعيف ٿي ويو هو. ملم پٽي ۽ دوا درمل ڪئي ويئي، پر تڏهين به هو ڪيترا ڏينهن بيهوش پيو هو. باقي، ڪڏهين ڪڏهين سو ان بيهوشيءَ جي حالت ۾ ”ڪاسيٽي – ڪاسيٽي“ ڪري پيو پڪاريندو هو.

چار مهينا گذريا، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر اميد ڏيکاري ۽ چيائين ته هاڻ خطرو ڪونهي، پر اڃا به هن جي خورش ۽ خبرداري ٿيڻ گهرجي. اها حالت به اٽڪل ٻه مهينا هليس. ميريس پوءِ سوجهيءَ ۾ آيو، ۽ ڪاسيٽيءَ جو نالو ريل ڇيل زبان مان نڪرڻ بند ٿيس؛  باقي سندس روح سڄو انهيءَ ڏانهن هو.

هڪ ڏينهن نانس چيس ته ”هاني تون مڇيءَ بدران ڦيري گوشت کاءُ ته ڪي ٻل به ٿئيئي ۽ هلڻ جهڙو ٿين.“ ميريس اها ڳالهه قبول ڪئي، پر هن هڪڙو عرض ڪيو. پر ئي مڙس دل ڀرايس ۽ چيائينس ته تون لاحجاب ڳالهه ڪر. تڏهين هن جوان چيو ته ”مون کي ڪيئنبه ڪاسيٽيءَ جو پتو ڪڍائي ڏيو!“ پير مرد چيس ته ”پتو اسان کي اڳي ئي آهي. اها تنهنجي ڇوڪري هتي هر روز مرد جي پوشاڪ ۾ ايندي آهي، ۽ تنهنجو حال احوال وٺي ويندي آهي.“ حقيقت ۾ اهو جين والجين هو، جو روز هن جي پڇا ڪرڻ ايندو هو. ميريس خوشيءَ وچؤن ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو، ۽ ناني تي زور لاتائين ته مون کي هڪواريءَ هن جي شڪل ڏسڻي آهي، سو ماڻهو موڪلي گهرايوس. اها ڳالهه قبول پيئي، ۽ ڪاسيٽي جين سان گڏ اچي حاضر ٿي. ٻئي سڪايل پاڻ ۾گڏيا. ميريس جي ناني، جين کان ڪاسيٽيءَ جو سک گهريو، جو هن خوشيءَ سان ڏيڻ قبوليو. ٻنهي گهرن ۾ مڱڻي جون واڌايون وري وييون ۽ شادمانا ٿيا. ميريس جي ناني چيو ته ”مون وٽ وڏي اِملاڪ ڪانهي، باقي جيسين آءٌ جيئروآهيان، تيسين منهنجين اکين تي ٿڌا: هيءُ سندن ئي گهر آهي، ڀل مالڪ ٿي رهن.“ جين چيو ته ”ڪاسيٽيءَ کي ڇهن لکن روپين جي ملڪيت اهي، جا هن وقت مون وٽ امانت رکيل آهي.“ ائين چئي، هن کيسي مان نوٽن جا ٿلها ڪڍي، ڳڻي، ميز تي رکيا. ائين به چيائين ته ”اها ملڪيت ڪنهن سندس ويجهي عزيز کيس ورثي ۾ ڇڏي آهي.“

جلد ئي ڪاسيٽيءَ ۽ ميريس جي شادي ٿي، ۽ٻنهي کي نئين حياتي ملي، جين وٽن هر زور ويندو هو ۽ کين خوش ڏسي پاڻ به پيو ٽڙندو هو. ڪاسيٽي ته هن کي دستور موجب ”بابا، بابا“ ڪري سڏيندي هئي، پر ميريس پڻ هن کي ساڳئي نموني سڏڻ لڳو. بيماريءَ مان ڇٽڻ ۽ پنهنجي دل جي مراد حاصل ڪرڻ تي ميريس کي وڏي خوشي ٿي؛ پر هن کي هڪڙو ڏک رهجي ويو. جنهن شخص هيڏي قرباني ڪري سندس جان بچائي، تنهن  جو کيس اڃا پتو ڪو نه مليو هو! هن انهيءَ شخص جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر ڪٿان به ڏس ڪو نه مليس.

ڪاسيٽيءَ کي پرڻائي سکي ڪري، جين گهر موٽيو، پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي، دربندي، ڪٻٽ مان بجڪو ڪڍيائين. انهيءَ ۾ ڪنهن ننڍي ٻار جا ڪپڙا پيل هئا. ڀانيو ٿا ته اهو ڪهڙو ننڍو ٻار هو، جنهن جا ڪپڙا جين ههڙيءَ طرح ساهه سان سانڍي رکيا هئا؟ اهي ساڳيا ڪپڙا هئا، جي ڪاسيٽي ڏهه ورهيه اڳي پائيندي هئي، جڏهين هوءَ هوٽل ۾ نوڪرياڻي بيٺل هئي! ڪپڙا ڪڍي، جين اکين تي رکي چميا. هن کي اڳيون يادگيريون پييون ۽ من ڀرجي آيس. ههڙو شير مڙس، ائين روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو جو ڄڻ ته دل ٿي ٽـُٽيس.

باب ايڪيهون

شاديءَ جي ٻئي ڏينهن جين ميريس وٽ ويو، ۽چيائينس ته ”مون کي توسان خلاصي ڳالهه ڪرڻي آهي.“ ميريس هٿ وٺي چيس ته ”بابا، اچو، ويهو، اوهين خوش آهيو؟ ڪاسيٽيءَ اوهان جي لاءِ خاص ڪوٺي تيار ڪرائي رکي آهي، اوهين ضرور هتي اچي رهو. ڪاسيٽي ٿي چوي ته اوهان کي موڪل ڪا نه ڏبي.“ جين نرمائيءَ سان چيس ته ”سائين، مرضي اٿم ته اوهان کي ٻڌايان ته مان اڳيون قيدي آهيان!“ ميريس اهي لفظ ٻڌي ڇرڪ ماريو. هو اها ڳالهه سمجهي ڪين سگهيو. ڀانيائين ته شايد خواب ٿو لهان. جين وري چيس ته ”سائين، مان اوڻيهه ورهيه جيل ۾ هوس. پوءِ ٻيو دفعو گناهه ڪرڻ ڪري مون کي جنم ٽيپ ملي. هن وقت آءٌ بنديخاني مان ڀڳل قيدي آهيان.“

اهو احوال ٻڌي، ميريس کي ڊپ وٺي ويو. هن جون ٻه به وييون، ڇهه به وييون. شاديءَ جي خوشيءَ ۾ اوچتو اچي وگهن پيس. دانهن ڪري، جين کي چيائين ته ”مون کي توهين سڄي حقيقت ٻڌايو. توهين برابر ڪاسيٽيءَ جا والد آهيو يا نه؟“ جين چيس ته ”نه، منهنجي ڪاسيٽيءَ سان ڪا به مائٽي ڪانهي. مون کيس ڏهه ورهيه اڳي ڏٺو. هوءَ ڇورڙي هئي، سو مون کيس نپائي وڏو ڪيو. هاڻ هوءَ توهان جي آهي. اهي ڇهه لک روپيا مون وٽ سندس لاءِ امانت رکيل هئا، سي مون اوهان کي پهچائي ڏنا. ڪٿان اها امانت مليم، تنهن جو وڌيڪ احوال نه پڇوم.“

ميريس هي حال ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو. ڏاڍي ڏک ۾جين کي چيائين ته ”توهان مون کي هيءَ سڀ ڳالهه ڇو اچي ٻڌائي؟ توهان کي ڪنهن زور ته ڪو نه ڪيو هو؟“ جين وراڻي ڏنيس ته ”اها ڳالهه برابر آهي ته مون کي ڪنهن زور ڪو نه ڪيو، پر تڏهين به مان پاڻ کان ته بچيل ڪو نه آهيان.مان اشراف ماڻهو آهيان. مان اشراف ماڻهو آهيان، ۽ مون کي اها البت سڌ آهي ته پنهنجو فرض ڇا آهي. مان پاڻ کي تنهنجي اڳيان نيچ ڪندس. تڏهين پنهنجي اندر ۾ مانُ پائيندس. مان بيشڪ قيدي آهيان، پر اهو قيدي، جو پنهنجي وويڪ کي مڃيندو آهي. ڇا، مان ”جين والجين“، ڪو ٻيو ڪوڙو نالو اختيار ڪري، اوهان جي اشراف آڪهه ۾ رهي پاڻ لڪايان! نه نه، اها ٿيڻي نه آهي. ڪو ٻيو مان جهنم ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان، باقي اهو ڪم مون کان قيام ڪين ٿيندو. سمجهو ته مان ماٺ ماٺ ڪري اوهان جي گهر اچي ٿو سکي ٿيان؛ توهين مون کي ”بابا – بابا“ ڪري ٿا سڏيو، ۽ اسين گڏ گهمڻ ڦرڻ ٿا وڃون ۽ ميز تي گڏ ويهي ٿا کائون؛ پوءِ ڪنهن ڏينهن اوچتو سڏ ٿو ٿئي ته ”جين والجين اِتي آهي؟“  ۽ پوليس اندر اچي ٿي مون کي گرفتار ڪري: پوءِ اوهين هوند ڇا ڪريو؟ انهيءَ ڳالهه جو مون کي جواب ڏيو. هاڻ ڏسندا ته منهنجي ڳالهه واجبي آهي. اوهين شال سدائين خوش هجو، ۽ وڌو ۽ ويجهو، اها ئي منهنجي دعا آهي.“

اتي ڪاسيٽي اچي سهڙي، ۽ مشڪي چوڻ لڳي ته ”مان شرط ٿي ٻَڌان ته اوهين ٻئي ملڪي ڳالهيون ويٺا ڪريو.“ ميريس چيس ته ”نه، اسين خانگي ڳالهه ويٺا ڪريون.“ تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي. پوءِ جين ميريس کي عرض ڪيو ته ”اها ڳالهه ڪاسيٽيءَ سان نه ڪندا، ڇو جو هوءَ سهي ڪين سگهندي.“ ميريس انجام ڏنو ۽جين کي چيائين ته ”توهان امانت جا پيسا سڀ برابر موٽائي ڏنا آهن، انهيءَ ايمانداريءَ جي ڪم لاءِ اوهان کي ڪجهه انعام ڏيڻ گهرجي. جيڪي گهرو، سوڏيانوَ.“ جين چيس ته ”سائين، اوهان جي مهرباني.“ وڃڻ وقت هن ٿڌو ساهه کڻي ميريس کي سوال ڪيو ته ”مون کي موڪل ملي ته مان ڪڏهين ڪڏهين اچي ڪاسيٽيءَ جي شڪل ڏسان.“ ميريس چيس ته ”چڱو، توهين ڀلي هر روز اچجو.“

باب ٻاويهون

ٿورا ڏينهن گذريا ته ميريس وٽ هڪ شخص آيو، ۽ اچي چيائينس ته ”سائين، مون کي اوهان جوهڪڙو ڳجهه آهي، جو پيسن تي وڪڻڻ ٿو چاهيان.“ ميريس اهو ڳجهه پڇيس، جنهن تي هن چيو ”سائين، اوهان جي گهر هڪ شخص رهندو آهي، جو چور ۽ خوني آهي. انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجو نالو ڦيرائي، ڊوهه ڪري، اوهان سان مائٽي ڳنڍي آهي، ۽ اوهان جي خاندان ۾ داخل ٿيو آهي. هن جو نالو ”جين و الجين“ آهي.“ ميريس چيو ته ”اها ته مون کي اڳي ئي خبر هئي.“ اهو ٻڌي هو شخص البت ڍرو ٿيو؛ پر وري چيائين ته ”مون کي هڪڙو ٻيو به ڳجهه آهي، جي انعام ڏيو ته ٻڌايانوَ.“ ميريس ته انهيءَ شخص کي هڪدم سڃاتو، سو هن کي کليو کلايو چيائين ته ”ڪمبخت، مان توکي چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان. تون اهو ساڳيو بدمعاش آهين،  جنهن پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هڪ بيڏوهي، رحمدل، سخي ڏاتار جو خون ٿي ڪيو، جو تنهنجيءَ مدد لاءِ آيو هو! تون ”ٿينارڊيئر“ آهين. مون کي جين والجين جي سموري خبر آهي. انهيءَ شخص هڪ نامدار ميئر، ”مئڊلين“ کي ڦريو، ۽ تازو هڪ جئورٽ نالي پوليس انسپيڪٽر جو خون ڪيو.“ ٿينارڊيئر چيو ته ”سائين، توهان جو وات ۾ گلاب، انهن ڳالهين ۾ اوهين ڀليا آهيو، جين،مئڊلين کي ڪو نه ڦريو: ”مئڊلين“ نالو به جين ئي پاڻ تي رکيو هو! ٻيو به جين جئورٽ جو خون ڪو نه ڪيو، مگر هـُن پوليسيءَ آپگهار ڪيو.“ ميريس انهن ڳالهين جي ثابت گهريس، جنهن تي هن کيسي مان ٻه اخبارون، جن ۾ اهي ٻئي ڳالهيون لڳل هيون، سي ڪڍي ڏيکاريس.

اخبارون پڙهي، ميريس جو منهن سـَرهو ٿيو. هن دل ۾ چيو ته ”مار، هي ”جين“ ته ڪو مهاسنت ٿو ڀانئجي! هو ساڳي ”مئڊلين“ آهي، جنهن ساري ملڪ کي سائو ڪيو هو! هيءَ ساري ملڪيت تڏهين سندس آهي، ۽ ٻاهران ٿو چوي ته اها ڪاسيٽيءَ لاءِ مون کي امانت مليل هئي. هئورٽ کي خون ڪرڻ بدران، اٽلو هن جي حياتي بچايائين! هي ڪم انسان جا نه چئبا، پر ڪنهن ديوتا جا چئبا“.... ”هو ڦورو، لوٽو ۽ خوني نه آهي، پر ڪو فرشتو آهي!“ پڇاڙيءَ جا لفظ هن البت ڏاڍيان چيا، سي ٻڌي، ٿينارڊيئر چيو ته ”سائين، هو برابر ڦورو لٽيرو آهي. انهيءَ جي ثابتي به مون وٽ موجود آهي. تازو فساد واري ڏينهن، هڪ شخص، شهر جي هڪ گٽر ۾، رات جي وڳڙي ۾، ڪنهن خونيءَ کي ڏٺو، جنهن جي ڪلهي تي هڪ جوان جو لاش هو. ان شخص، رمز ڪري، فوتيءَ جي ڪوٽ مان ٽڪر ڪپي ورتو. اهو شخص مان پاڻ هوس، ۽ هو خوني اهو ساڳيو جين هو! مون کي پڪ آهي ته فوتي ڪو ڀاڳيو مسافر هو، جنهن کي زر جي لالچ تي انهيءَ جين پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي خون ڪيو.“ پوءِ هن کيسي مان ڪوٽ جو ٽڪر ڪڍي ميز تي رکيو.

ٽڪر ڏسندي ئي، ميريس ٽپو ڏيئي اٿيو، ۽ ڪٻٽ مان هڪڙو ڪوٽ کڻي آيو، جنهن تي اها ڦاٽل چتي رکيائينن ته برابر ملي آئي، چيائينس ته ”اي ڪمبخت، اهو تو وارو فوتي ڀاڳيو مسافر ته آءٌ پاڻ هوس! هان، ڏسي هيءُ ڪوٽ، ته ساڳيو آهي يا نه؟“

هيءُ حال ڏسي، ٿينارڊيئر حيران ٿيو، ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته ”اڄ ته ٽي داڻيون وڌيون اٿم. سڄي محنت ئي برباد!“ ويتر تپرس تڏهين لڳيس، جڏهين ميريس خانو کولي، نوٽن جو ٿهو ڪڍي، منهن تي هڻي، چيس ته ”تو جهڙو ٺوڳي، چور، حرامخور ٻيو ڪو نه لڀندو. تو جين جهڙي فرشتي کي خوني ٺهرايو، پر وڏو خوني ته تون آهين. مان جيڪر ڦاهيءَ تي چاڙهيانءِ، پر معاف هجيئي، توکي فقط هڪڙي ڳالهه ٿي بچائي: تو واٽرلوءِ جي جنگ ۾ منهنجي مرحوم والد جي جان بچائي هئي؛ جيتوڻيڪ اهو ڪم تو ڪهل پئي يا انسانيت ڪري ڪين ڪيو، پر هن ڦٽيل سپاهيءَ کي ڦرڻ جي لالچ تي ڪيو هوءِ. هاڻ ٽر منهنجي منهن تان!“

هن رهزن کي ٻاهر اماڻي، ميريس ماسيٽيءَ ڏانهن ڊوڙندو ويو. سڏ ڪري چيائينس ته ”ڪاسيٽي، منهنجي حياتي هن پاڻ بچائي! مان ڪهڙو نه بيشڪر ۽ بدبخت چئبس!“ ڪاسيٽي ته ڳاالهه اصل ڪين سمجهي سگهي. پوءِ ميريس گاڏي گهرائي، ۽ هو ٻئي ڄڻا جين جي گهر ويا. واٽ تي ميريس ڪاسيٽي کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته ڪيئن جين پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، کيس ڪلهي تي چاڙهي، زمين جي هيٺيان، اونداهيءَ ۽ خوفناڪ ڪـُنڀي نرڪ  مان سلامت ٻاهر ڪڍيو: وري انصاف سندس نه وڃائبا، جو ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍي اٿس!

هيءُ احوال ٻڌي، ڪاسيٽيءَ کي به عبرت لڳي ۽ هن جي دل ۾ جين لاءِ اڳي کان به وڌيڪ پيار ۽ عزت پيدا ٿي. جين جي گهر پهچڻ سان ڪاسيٽي ڊوڙي وٽس ويئي، ۽ چيائينس ته ”بابا، اوهين هيترا ڏينهن ڪٿي هئا؟ ڇو، اسان سان رٺا آهيو ڪيئن؟“ جين ڇرڪ ماري اٿيو، ۽ آهستي چيائين ته ”ڪاسيٽي، تون آهين؟ منهنجا ڌڻي، نيٺ تنهنجا شڪرانا!“ ميريس ڳوڙها ڳاڙي، سڏڪا ڀري چيو ته ”بابا!“ جين تنهن تي چيو ته ”تڏهين تون به مون کي معاف ٿو ڪرين؟ ڪاسيٽي، مون ڀانيو ته مان وري تنهنجو منهن ڪو نه ڏسندس، پر ڌڻي مهربان آهي.“

ميريس جو من اچي ڦاٽو. هن روئي چيو ته ”ڪاسيٽي، ٻڌين ٿي! هي مون کان معافي ٿو گهري! هن منهنجي جان بچائي ۽ توسان ملايو، هن پاڻ قربان ڪيو: جي مان ساري حياتي هن شخص جي پيرن تي پئي نوڪر ٿي رهان، ته به ٿورو. ڪاسيٽي، هن ۾ سڀڪو گڻ موجود آهي. هي انسان نه آهي، بلڪ ديوتا آهي!“ اتي جين روڪيس؛ پر ميريس چيو ته ”اوهان اٽلو پاڻ تي تهمتون رکي، پاڻ کي ڏوهي ٺهرايو. توهان مون سان اها ڳالهه ڪا نه ڪئي ته مان ”مئڊلين“ هوس، ۽ مون تنهنجي جان بچائي ۽جئورٽ کي پڻ جيءَ دان ڏنم؟“ جين وراڻي ڏني ته ”جي مان اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌايان ها ته اوهين ضرور مون کي پنهنجي گهر ٽڪايو ها، ۽ ان مان جو خراب نتيجو نڪري ها، تنهن بابت مون اوهان کي اڳي ئي واقف ڪيو آهي.“

ميريس چيس ته ”هاڻ اسين اوهان کي هتي وڌيڪ ٽڪڻ ڪونه ڏينداسين. اوهان کي زوريءَ به وٺي هلنداسين.“ جين چيو ته ”سڀاڻي مان نه هن جاءِ ۾ هوندس، ۽ نه اوهان وٽ.“ ڪاسيٽيءَ کيس هٿ کان جهلي اٿارڻ جي ٿي ڪئي، ته ڏسي ته هٿ ٺري برف ٿي ويا اٿس. رڙ ڪري چيائين ته ”بابا، اوهان کي ڇا ٿو ٿئي؟“ جين مشڪي وراڻي ڏني ته ”مان هينئر موڪلائڻ وارو آهيان. جيڪر هن کان اڳي ئي ڌڻيءَ وٽ وڃي پهچان ها، پر هڪواريءَ تنهنجي شڪل ڏسڻ جي آس هيم، ۽تنهنجن مٺڙن ٻولن ٻڌڻ جي پياس هيم. هاڻ به تون مون سان ڳالهاءِ، ته تنهنجا ٻول ٻڌي منهنجي روح کي راحت اچي.“

اهو حال ڏسي، هنن خيال ڪيو ته پادريءَ کي سڏجي ته اچي پڇاڙيءَ جي پرارٿنا ڪري؛ پر جين چين ته ”منهنجي اڳيان پادري هميشه حاضر آهي – اجهو هو سامهون بيٺو آهي!“ پوءِ هنن ٻنهي کي ويجهو ڪري، مٿي تي هٿڙو گهمائي، کين آسيس ڪرڻ لڳو. چيائين ته ”شال اوهينن ٻئي سدائين خوش هجو! ڪاسيٽي، توکي يادگيري آهي ته ڪيئن جهنگ ۾ مون توکان ڏول اچي ورتو هو! تو کي پنهنجي گـُڏي ياد پوي ٿي ڪين نه؟ هاڻ مان توکي تنهنجيءَ مرحوم ماءُ جونالو ٻڌايان ٿو: هن جو نالو ”فنٽائين“ هو. اهو تون ڪڏهين نه وسارج. اهو نالو وٺي، تون هميشه پيرن ڀر ڪِري دعا پنج. ويچاريءَ اٻلا ڏاڍيون سختيون سٺيون. هن توکي پنهنجي ساهه سان سانڍيو. ڌڻيءَ تنهنجو نصيب چڱو ئي ڪيو. مان هاڻي انهيءَ جهان جي مالڪ وٽ ٿو وڃان. ٻچا، اوهين پيار ۽ محبت سان هلجو. ڪڏهين ڪڏهين مون کي به ياد ڪجو. منهنجي هاڻ آخرين موڪلاڻي ٿو. شال خوش هجو!“ ائين چئي، هن سچي سورمي، ٻنهي جي مٿن تي هٿ رکي، پڇاڙيءَ جو پساهه کنيو.

”مهراڻ“ جا موتي

§         ”اوهان ۾ هڪ اهڙي جماعت هئڻ گهرجي، جيڪا نيڪيءَ جو حڪم ڪري ۽ براين کان منع ڪري.“ – قرآن شريف

§         ”عاقل اهو آهي، جو ٻن ڀلاين ۽ ٻن بـُراين ۾ تميز ڪري سگهي؛ ٻن ڀلاين مان بهتر ڀلائي چونڊي سگهي، ۽ ٻن براين مان بدتر برائيءَ کان پاڻ بچائي سگهي.“ – امام جعفر صادق عه.

§         جيئن ڪيترا ماڻهو ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ کلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تيئن ڪيترا ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجيءَ جهالت کي لڪائڻ لاءِ ٻين کي تعليم ڏيڻ جو ڍنگ اختيار ڪندا آهن.“ – آسڪر وائلڊ

§         ”جيستائين جنگ کي صرف بڇڙو سمجهيو ويو آهي، تيستائين ان جي دلڪشي قائم آهي، پرجڏهن اسين ان کي ذليل سمجهڻ لڳنداسين، تڏهن اها خود بخود ختم ٿي ويندي“ – آسڪروائلڊ.

§         ”عقل ۽ فڪر جي خلاف بدعتون هڪ ئي غلط سرچشمي کان نڪرن ٿيون ۽ هڪ ئي مقصد رکن ٿيون – يعني ته پهرين انسان جي دل ۽ دماغ کي ۽ پوءِ ان جي جسم کي ملوڪيت جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي وڃي. اهو رڳو هن لاءِ آهي ته هڪ آزاد دل ۽ دماغ وارو انسان ڪڏهن به غلاميءَ کي قبول ڪري نه سگهي“ – ڪائونٽ.

§         ”بيحد طاقت وارو شخص به ايترو طاقت وارو هرگزا نه ٿو ٿي سگهي جو هميشه مالڪ بنيو رهي، جيستائين ڪ هو پنهنجيءَ قوت کي حق ۽ اطاعت جي فرض ۾ نه بدلائي سگهي. قوت هڪ جسماني  شي آهي؛ ۽
آءٌ سمجهي نه ٿو سگهان ته ان جي اثر مان ڪهڙو اخلاقي نتيجو پيدا ٿي سگهي ٿو. زور سان زير ٿيڻ، رضامنديءَ جو نه، مجبوريءَ جو ڪم آهي؛ وڌ ۾ وڌ ان کي مصلحت تي مبني ٺهرائي سگهجي ٿو. پوءِ اهو فرض ڪهڙو؟ ڪنهن جو پنهنجي آزاديءَ تان دستبردار ٿيڻ، انسانيت تان دستبردار ٿيڻ جي برابر آهي - ۽ اهڙيءَ صورت ۾ هو انسانيت جي حقن تان ئي نه، پر ان جي فرضن تان به دستبردار ٿي ويندو. اهڙي شخص جي لاءِ، جو هر چيز تان دستبردار ٿي وڃي،  ڪو به معاوضو ممڪن نه آهي. اهڙي دستبرداري انساني فطرت جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته ارادي سان آزاديءَ کي خارج ڪري ڇڏڻ جي معنيٰ پنهنجن عملن مان سموري اخلاق کي خارج ڪري ڇڏڻ.“ – روسو.

§         ”انصاف“ انسانذات جو پيءُ، ۽ ”آزادي“ ان جي ماءُ آهي: هڪ غلط حڪومت انهن ٻنهي جي قاتل ٿئي ٿي. مظلوم رعيت کي هڪ يتيم ۽ لاوارث ٻار تصور ڪريو، جو جهالت ۽ غفلت جي ننڊ ۾ سـُتل آهي. اديب ۽ مفڪر انهن جا سمجهدار ۽ سجاڳ ڀائر آهن، جي کين جاڳائڻ ۽ جابر حڪومت کان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجيون زندگيون قربان ڪن ٿا.“–ڪائونٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com