سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :4

ميوو خان ”موج“، لغاري

منهنجي توبهه

هڪ دفعي ڪنهن ڪار ڪم سان ٿيو ڪراچيءَ ۾ وڃڻ،

شهر جي محلات ماڙين کي ڏسي حيران ٿيس؛

ڇو نه رب مون کي ڏنو ههڙو مڪان، آيم خيال،

رشڪ مان اهڙيءَ رهائش واسطي خواهان ٿيس.

خوش نصيبان جن کي ٿي آهي هي آسائش نصيب،

هر طرح جي نعمتن سان خوب مالا مال ٿيا،

سي به آخر مون ئي جهڙا آدمي آهن، مگر،

مان سدا مسڪين، پر هي صاحبِ اقبال ٿيا!

ڪا به ڳڻتي، فڪر ڪو هرگز هنن ماڻهن کي ناهه،

دائما آزاد ۽ بيفڪر، فرحان، مالَ مست:

ڪيئن نه خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ، خوش خرم رهن؟

تنگدستيءَ  ۾ اسين گهاريون هميشه حالَ پست!

اڻمئي مايا هنن ميڙي مهيا آهه ڪئي،

آهه ڌن دولت وٽن پنهنجيءَ ضرورت کان وڌيڪ،

۽ ميسر عيش عشرت جا اٿن سامان سَوَ،

هي پَريون ڪُهه ڪاف جون، تن سان حياتيءَ جون شريڪ.

ڪا مجال آهي جو ڪڏهين پير ڪو پٽ تي به ڏين،

دائما حاضر سواريءَ واسطي ڪارون رهن؛

چهل قدميءَ جي به ڪن تفريح موٽر ۾ چڙهي،

جي وڃن سير و سياحت لئه، هوائيءَ ۾ وڃن.

يا خدا، هڪڙا نوازي، ٻيا وري محروم ڪياءِ،

هيءَ ٻه اکيائي ته تنهنجي شان جي شايان نه هئي!

ڇا هو، جي مون کي به ڏين ها مال مايا هن طرح،

ڪا ڪمي تنهنجي خزاني ۾ ته مان ڀانيان نه هئي!

دل جو دل ۾ پهه پچائيندو ذرا اڳتي وڌيس،

هيڏي هوڏي ڪنڌ ڦيريندي، اکيون کولي ڏٺم:

ڪيترا محتاج ۽ معذور، لنگڙا، واٽ تي،

گهر نه تڙ، اوهي نه واهي ري اجهي اولي ڏٺم.

اک ڪنهن جي ناهه، ڪنهن جي ٽنگ،ڪنهن جي ٻانهن ناهه،

وقت سارو ٿي وين، هي هي ڪندي، آهون ڪندي:

تَن مٿي ليرون لٽا، اوڇڻ رلي رلڪو به ڪو نه،

حال کان بيحال هئا، دل درد جون دانهون ڪندي.

 

ڪيترين بيمارين جا ڪيترا تن ۾ مريض،

ڪو وٽن ويٺو نٿي، ڪو ئي پڇڻ وارو نه هو:

پيسي پيسي جا سوالي، پيا اشارن سان گهرن،

سوَ پئي آيا ويا، ليڪن ڏيڻ وارو نه هو!

جيئن اهو منظر چٽائيءَ سان نظر منهنجي چڙهيو،

ڌڙ سڄو ڌڙڪڻ لڳي ويو، ڏيل ۾ ڏڪڻي پئي،

تن ضعيفن جي ضعيفيءَ، ناتوانيءَ کي ڏسي،

جان ويئي جان مان، بيجان منهبنجي جان ٿي.

جڏهن ڏٺم جڏڙا، چيم، مون کي ڏني مولا پناهه،

جو ڪيم ڪفرانِ نعمت، سو ستت محسوس ٿيم،

ڏاڍو نادم ٿيس، ندامت جي پسيني ۾ پسي،

پنهنجي بوالهوسيءَ تان پاڻهي پاڻ تي افسوس ڪيم.

خود بخود خالي خيالي خواهشن کان ٿيس خفا،

ڏک ٿيم جو پنهنجي مسڪينيءَ تي ڪجهه آرهو ٿيس؛

تندرستيءَ جون هزارين نعمتون مون کي مليون،

پنهنجي ڪامل هن نظام زيست تي سرهو ٿيس.

پير، هٿ، اکيون، سڀئي عضوا سلامت مون مليا،

پنهنجو ڪاروبار سرانجام ٿئي پنهنجي هٿان،

ڪي مدد منهنجيءَ جا خواهان، ڪي وٺن مون کا صلاح،

اوکي سوکيءَ ويل ڪن سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهان.

 

ڀينرون ڀائر، برادر، کير پٽ، گهر گهاٽ، راڄ،

آهه سنگت ساٿ سالم، باوفا، ٻيو ڇا کپي؟

دين ۽ ايمان، عزت، آبرو، بخشيا خدا،

الفتِ آلِ محمد ٿي عطا، ٻيو ڇا کپي؟

يا الاهي، آهه تو مون کي نوازي ڪيو نهال،

دم حياتيءَ جا ٿا گذرن هر طرح آرام سان:

هي محل ماڙيون، هي مايا مال گهرجن ڪينڪي،

منهنجا مولا، منهنجي توبهه، منهنجي گيسي، منهنجي بان!

غزل

شيخ اياز

ڪُنج ويران وسعت ايام ۾،

سايه مهتاب پنهنجي جام ۾!

مون شفق مان ٿي ڇِنا سور جمُکي،

هو جڏهن آيو نقاب شام ۾.

ڪنهن نه ڄاتو، خوگر پرواز جي

عمر گذري آرزوي دام ۾!

هاءِ، سو پل، ٿي ڏسي خود کي جڏهن

زندگي آئينه انجام ۾!

هي شفق ۾ آشيان، هي سرد واءُ،

اڄ ته اڏري آ سرءُ جي شام ۾!

شب پرستو! ننڊ مان جاڳ، ڏسو،

آفتاب آيو اسان جي جام ۾!

ڪجهه ته هو جودار تي ڊوڙي ويس،

زندگي گذري پئي آرام ۾

شاعرِ سرمست آهيان، گرچه هان

سرمد و منصور عرف عام ۾.

راز ناهي ڪو به ”رازيءَ“ ۾، ”اياز“

مون ڏٺو جو ”حافظ“ و ”خيام“ ۾

گل حسن ”گل“

فدا عاشق ڪي شمع حسن جانانه به ڇو نه آهن،

رکن جي جان جي پروا نه، پروانه به ڇو نه آهن.

مصيبت، فاقعه و تشنه لبي تي ڀي رهي راضي،

ڪندا سر راه حق ۾ پنهنجي نذرانه به ڇو نه آهن.

مڪان کان لامڪان پهچي، مجسم، هڪڙي لحظي ۾،

سفر شاهه امم جا اهڙا شاهانه به ڇو نه آهن.

حياتِ جاودان حاصل ٿا ڪن عشاق صادق، ڏس،

مرڻ کان بعد تن جا زندهه افسانه به ڇو نه آهن.

ڪري خدمت خرد جن جي هميشه، عقل پابوسي،

سي خرقه پوش ويرانن ۾ مستانه به ڇو نه آهن.

نٿا اڻڄاڻ اڄ صراف ڄاڻن جن جي قيمت کي،

جهان جي موج  ۾ موتين جا سي دانه به ڇو نه آهن.

اي مرغِ دل، نه ڏس تون عارضِ گل، واٽ وٺ پنهنجي،

جو دامِ حسن ۾ ٿيا قيد فرزانه به ڇو نه آهن.

فلڪ جي هن ڪبودي رنگ تي انجم جي زينت کان،

رخِ سيمين تي زيباتر سيه دانه به ڇو نه آهن.

متاعِ زندگي، ”گل“، دارِ فاني لئه نه ضايع ڪر،

اڃا تنهنجي رهڻ لئه ٻيا ڪي ڪاشانه به ڇو نه آهن.

”ذوالفقار“ راشدي

دلين جي کيت ۾ جذبن جي پوک اسري ٿي،

دلاورن ۾ جڏهن تنهنجي ڳالهه نڪري ٿي.

اکين جي آڏو اچن ٿا بهار جا منظر،

تصورات جي جهوليءَ ۾ سونهن سنجري ٿي.

هزارين روح مٺيون، ٿا وٺن گلابن کان،

هوا هلي ٿي ته موسم اڃا به نکري ٿي.

وري به پنهنجي بهارن جي ڀروسي جيتيو،

وري به پنهنجي بهارن جي بوءِ پڪري ٿي.

اسان جي ڀاڳ بنائڻ  ۾ ايڏي ويسر ڇو؟

اسان جي حال تي هر ڪنهن کان دانهن نڪري ٿي.

اچا خيال، مٺا خواب ۽نوان جذبا

حسين سوچ، ڄڻ چنڊ رات اڀري ٿي.

اوهان جي دل جي ضرورت جي آهي ڪهڙي وهي؟

اسان جي گهرج جوانيءَ کان پار اڪري ٿي.

هزار بار اسان کان خمار خائف ٿيا،

هزار بار خمارن ۾ جان نجهري ٿي.

جهان ڪيئي اميدن جا ناس ٿي ويڙا،

ڄمي ٿي نئن ڪا تمنا ته آهه نڪري ٿي.

ڳرن ٿيون ميڻ جيان الفتون، الائي ڇو،

غمن جي تابَ تي پيارن جي ياد پڄري ٿي.

اسان جو ذهن لتاڙيو هزارها صدمن،

اسان کي پهچ، جو خود تنهنجي ڳالهه وسري ٿي!

حافظ محمد احسن

دغا جنهن جي رهي دل ۾، سو دلبر ڪين ٿي سگهندو،

جو خود گمراهه هوندو، ٻئي جو رهبر ڪين ٿي سگهندو.

سوا ديدار جي لڳندي دوا دارو نه ڪا هرگز.

مريضِ عشق ڪنهن حالت ۾ بهتر ڪين ٿي سگهندو.

فراقِ يار ۾ جو عاشق غمدل گذاري ٿو،

وصالِ مه لقا ڌاران سو خوشترڪين ٿي سگهندو.

سٺم سر تي جي تڪليفون، ڪريان سي ڪيتريون ظاهر،

شاڪاياتِ صنم لئه پورو دفتر ڪين ٿي سگهندو.

رخِ انور اڳيان شمس و قمر جي ڇا مجال آحي،

ٻيو ڪو حسن ۾ دلبر سان همسر ڪين ٿي سگهندو.

الف قد يار کي تشبيهه ڇا سان مان ڏيان، يارو،

مثال قامت دلبر صنوبر ڪين ٿي سگهندو.

اشاري ساڻ ابروءَ جي ڪري ٿو قتل لک عاشق،

برابر يار جي ابرو سان خنجر ڪين ٿي سگهندو.

مسخر دل ڪئي دلبر انهيءَ جادو بيانيءَ سان،

ٻئي ڪنهن منتريءَ کان اهڙو منتر ڪين ٿي سگهندو.

پيارج پر ڪري ڪي جام تي اڄ جام، اي ساقي،

جو تشنه لب کي پورو هڪ ٻه ساغر ڪين ٿي سگهندو.

محبت عشق ۾ هڪدم ٺهي ويو شعر هيءُ، ”احسن“،

سوا عشقِ صنم، ٻئي ۾ هي جو هر ڪين ٿي سگهندو.

”سليم هالائي

ڇڏي تڙپائي ٿو مون کي خيالِ گلستان ڪڏهين،

هو دل جو عنچهء اميد خندان بي گمان ڪڏهين،

صنم اڳيان مون سجدن جو ڏنو هو امتحان ڪڏهين،

هو منهنجو سر، ۽ سهڻي جو هو سنگِ آستان ڪڏهين.

رهيو آهي، نه رهندو رنگ هڪڙي تي جهان ڪڏهين،

بهار آهي ته ڪڏهين باغ ۾ آهي خزان ڪڏهين.

خوشيءَ جا گيت ڳايا عندليب خوش بيان ڪڏهين،

اهائي خوش بياني ٿي سندس آه و فغان ڪڏهين.

خدايا، پورو ٿيندو دردِ دل جو داستان ڪڏهين،

دلِ تشنه محبت جي شڪايت جو بيان ڪڏهين؟

نه رهندو دائما هڪجهڙو رنگِ آسمان ڪڏهين.

فلڪ نامهربان آهي ته ٿيندو مهربان ڪڏهين.

وري ايندو ته پيغام نشاط جاودان ڪڏهين،

مٺو محبوب منهنجو ٿيندو مون وٽ ميهمان ڪڏهين.

وري مشرق کان ايندو جهومندو ابر روان ڪڏهين،

گلستان ۾ بهار ايندي، هيل ويندي خزان ڪڏهين

ڪيو جيئري نه منهنجي قدر ڪو ان نڪته دان ڪڏهين،

ٿئي من موت کان پوءِ ڪنهن نموني قدردان ڪڏهين.

ڪمندِ زر ڪيو جي قيد مرغِ بيزبان ڪڏهين،

قفس جي قيد کي هرگز نه چئبو آشيان ڪڏهين.

جي هيءَ دل مضطرب آهي ته هو پڻ بيقرار آهي،

نه ٿي آهي، نه ٿيندي بي اثر آهه و فغان ڪڏهين.

هي تارا، چنڊ ۽ڪتيون به ڌرتيءَ تي هئا روشن،

ڏٺي آهي مون اکين سان زمين خود آسمان ڪڏهين.

نشو جيڪو مليو محبوب جي مخمور چشمن مان،

اهو آڻي نه ٿو هرگز شرابِ ارغوان ڪڏهين.

هلي منزل به ايندي اهه ڪڏهين راهگيرن وٽ،

سرِ منزل ئي ڀٽڪي ويندو آهي ڪاروان ڪڏهين.

جي بنجي ٿا اچن رهبر اهي ئي ٿا ٿين رهزن،

خدارا دوست کي ڀي ڪر نه پنهنجو رازدان ڪڏهين.

”سليم“ غمزده ڳولي ٿو ڪنهن ديوار جو سايو،

هوجنهن تي رات ڏينهان سايه زلف بتان ڪڏهين.

 

رشيد ”ارشد“

يا شبِ غم يا صبح طرب،

پنهنجو پنهنجو ذوقِ طلب.

ڪونهي جيڪو بنده رب،

مون کي تنهن سان ڇا مطلب.

گلشن هو يا پڃرو هو،

آهه اڃا هي غور طلب

توکي ناڪافي دنيا

مون کي ڪافي هڪڙو رب.

سڏ جلدي اهلِ دل کي،

واجهائي ٿي راهه طلب.

تنهنجن ديوانن اڳيان

اهلِ خرد سڀ مهر بلب.

”ارشد“ کي جو ماٺ لڳي،

تنهنجو هوندو ڪو ته سبب.

شير ”هاتف“

تنهنجا چپڙا چمي ڪو ڏسي،

هن صراحيءَ مان پي ڪو ڏسي.

عشق خوددار ٿيندو وڃي،

حسن جي بيڪسي ڪو ڏسي.

عشق ڇا ڇا ڪري ٿو سگهي،

منهنجو محبوب ٿي ڪو ڏسي.

ڪير ڄاڻي بهاريءَ جو ڀاڳ،

چشمِ گل جي نمي ڪو ڏسي.

ڇا حقيقت هتي عرشن جي،

پاي ساقي چمي ڪو ڏسي.

غيرت گل پڪاري پئي،

زخم دل جئن کلي ڪو ڏسي.

جنتن کي پڇي ڪير ٿو،

منهنجي دل ۾ رهي ڪو ڏسي.

چشم ساقي جي اعجاز کي،

هوش وارو اچي ڪو ڏسي.

اڄ ته ”هاتف“ به هوندو ضرور

رنگِ محفل هلي ڪو ڏسي.

 

امداد حسيني

قربِ جانان ۽ شام، ڇا چئجي!

هر نظر ڄڻ پيام، ڇا چئجي!’

ميڪدي جو نظام، ڇا چئجي!

مان ئي هڪ تشنه ڪام، ڇا چئجي!

ياد ڪنهن کي رهي ٿو صبحِ بهار؟

تنهنجي زلفن جي شام، ڇا چئجي!

تون نه آهين ته ڪيئن نه پيو چمڪي،

چنڊ جو انتقام، ڇا چئجي!

آءٌ جاڳان پيو، يا خواب آهي؟

تنهنجو مون سان ڪلام، ڇا چئجي!

اڄ ته ڏسجي ها رنگِ ميخانه،

منهنجي هٿ ۾ به جام، ڇا چئجي!

ڪاش، هن کان اڳي مران ها، دوست،

تنهنجا چپ، منهنجو نام، ڇا چئجي!

هاءِ، پيغام يار جي بدلي،

هي اجل جو پيام، ڇا چئجي!

نه شڪايت، نه غم، نه کل، نه خوشي،

عشق جو هي مقام، ڇا چئجي!

بيوفا کان وفا جون اميدون،

منهنجو سوادي خام، ڇا چئجي!

ڪالهه هڪڙو به پل پري نه ٿئين،

اڄ پري کان سلام، ڇا چئجي!

ايڏو ”امداد“ سرڪش و مغرور،

تنهنجي درد جو غلام، ڇا چئجي!

سليم ڳارهوي

چشم تان آب سڪائڻ ٿو گهران،

درد کي دل ۾ دکائڻ ٿو گهران

حال جي ڳالهه ٻڌائڻ ٿو گهران،

ياد ماضيءَ جي ڀلائڻ ٿو گهران.

اڄ وري ان کي مڃائڻ ٿو گهران،

 بخت پنهنجي کي بنائڻ ٿو گهران.

رات جي بات وساري بلڪل،

ڏينهن سان نينهن نڀائڻ ٿوگهران.

زندگي زندهه دليءَ سان ٿي ٺهي،

مرڪ سان لڙڪ لڪائڻ ٿو گهران.

اڄ نئين ناز سان نازڪ ٿو اچي،

راه ۾ روح وڇائڻ ٿو گهران

ان جي الفت جو نئون شيش محل،

دل جي دنيا ۾ بنائڻ ٿو گهران.

دوست ڇيڙي ٿو غزل پاڻ، ”سليم“

من جي مرليءَ کي وڄائڻ ٿو گهران.

 

نياز علي شاهه ”محسن“

مون ڪئي بيغرض محبت آهه،

منهنجي پَر ۾ اها عبادت آهه.

گرچ آهي، ته پاڻ کان ئي اٿم،

مون کي ڪنهن کان به ڪين نفرت آهه.

مون ته ذڪرِ وفا ڪيو آهي،

تون ٿو سمجهين ته هڪ شڪايت آهه!

او سڄڻ، بس، ائين ئي سمجهه کڻي،

منهنجي عزت به تنهنجي عزت آهه.

منهنجي غم جو نه ڪر تون غم، ڍولڻ،

ڇو ته غم ڀي خدا جي نعمت آهه.

منهنجي هر شعر ۾ خدا جو قسم،

منهنجي دل جي سڄي حقيقت آهه.

تنهنجو ”محسن“ اڳي به، هاڻي ڀي،

تنهنجي پنهنجي ئي، دوست، دولت آهه

علي محمد ”مجروح“

فصل گل جا ڪيترائي قافلا گذري ويا،

دل ۾ ياد جا ڇڏي نشتر، پري نڪري ويا.

هن دلِ ويران ۾ ٿا ارمان رهن اهڙيءَ طرح،

ڄڻ پکيئڙا شام آيا، صبح جو اڏري ويا.

تو ڪرم ڪهڙا ڪيا، دنيا ڪيا ڪهڙا ستم،

ڳالهيون رهجي ويون، ۽ ڏينهڙا گذري ويا.

جيڪي گذريا تنهنجي زلفن جي معطر ڇانوَ ۾.

قهر آهي، سي حسين لمحا به اڄ وسري ويا.

وصل ڪهڙو، ڪهڙي الفت، ڪهڙو غم، ڪهڙو خيال،

سڀ فسانا حضرتِ ”مجروح“ کان وسري ويا.

تاج بلوچ

اڄ ڪٿي ڪونج آهه ڪرلايو،

مون کي ڀي ڪنهن جي ياد تڙپايو

تنهنجي اکڙين جي مرڪ تان صدقي،

بس، اهو آهه منهنجو سرمايو.

شوخ چهري کي بي نقاب ڪري،

ماه ڪامل کي ڇو ٿا شرمايو

زلفِ پُرخم کي، يارَ، سينگاري،

ڇو ٿا زنجيرپا کي تڙپايو!

عشق جي پرخلوص ڪم عقليءَ،

حسن کي ڇا نه آهه سمجهايو!

بي مروت وفا مان ڇا ڄاڻن،

سنگ سان پنهنجوسر نه ٽڪرايو!

من ڪو سهڻا سبق پرائي وٺن،

مرِگ عاشق جي ڳالهه ورجايو.

”تاج“ زير نگين حسن آهي،

بنده پرور، وري ته فرمايو!

محمد علي ”جوهر“

فضاي دهر کي ناسازگار سمجهان ٿو،

خصومتِ فلڪِ فتنه بار سمجهان ٿو.

عجيب ڪمشڪش زيست هر نفس ۾ آهه،

حياتي موت سان ڄڻ همڪنار سمجهان ٿو.

مه و نجوم ڇا،ارض و سما ٿيا ناساز،

عجب مخالفتِ روزگار سمجهان ٿو.

زرا معاف ڪريو، سچ چوڻ ڏيو، يارو،

دماغ جي به رکڻ دل ۾ بار سمجهان ٿو.

دل و دماغ، نظر خواه فڪر آ پابند،

قدم قدم تي ڇو بندش هزار سمجهان ٿو.

وڃان وٺي مان ڪٿي هيءَ دلِ پراگنده،

دماغ ۾ به ته چڪر هزار سمجهان ٿو.

کڻي ٻڌاءِ تون راهِ نجات، اي همدم،

سفر هي پنهنجو ڏکيو ڏاڍو يار سمجهان ٿو.

ڏسان خزان کي ٿو، بربادين جي فڪر ۾ آهي،

۽ اشڪبار اکين مان بهار سمجهان ٿو.

سدائين وقت نه ڪنهن ساڻ ساٿ ڏيندو آهه،

هميشه وقت کي بي اعتبار سمجهان ٿو.

فريد فرد نه آهيان مان ”جوهر“ خسته،

هتي ته بزم سڄي دلفگار سمجهان ٿو.

علي بخش ”رضا“

سچا عاشق آهي، جي سور سوريتين سان لائيندا،

وڄائي نيهن جي نوبت، برهه کي ڀل ڀلائيندا،

اسان جئن درد وارا درد جا دونهان دکائيندا،

محبت جي ڪڏي ميدان ۾ سي مچ مچائيندا.

محبت ۾ ڪڏهن ڪن ماٺ، يا ڪن قرب کان ڪوڪون،

عجب رنگن سان سهڻا رمز ريبڻ جي رهائيندا.

ڏکن ڏاڍيون ڪيون مون سان ڏنگايون ڏوجهرا آهن،

رهن جي وصل جا طالب، سي ڏاڍا وس هلائيندا.

سياڻا يار سي سمجهون، جي رانجهن سان رهائن رس،

رڳي دم ۽ دلاسي تي جڏو جيرئو جياريندا.

دلارام دامَ دانائيءَ جي پاتو آ ”رضا“ کي پيچ،

لڳو جن نينهن جو ناتو،نڀايو پيا نڀائيندا.

قطعا

”خواب“ حيدرآبببادي

عروج سائنس

(1)

ٿي جهان جي باغ ۾ آهي چمن بندي نئين،

باغبان انداز بدلايو، روش پڻ ٿي نئين:

جنهن جوثاني ڪو نه ٿيو تاريخِ عالم ۾ اڃا،

عالم بالا ۾ ٿي تزئين انسان جي نئين.

(2)

بزمِ نظر ۾ اهلِ هنر جو ظهور ٿيو،

پروانه وار شمعِ نظر جو ظهور ٿيو.

تسخيرِ ڪائنات مبارڪ، سفر سعيد،

منزل ملي، مالِ سفر جو ظهور ٿيو.

جهومي ٿي چشمِ شوق ۾ دنياي علم و عقل

خوش آئينده سفر جي خبر جو ظهور ٿيو.

آتش فشان کي روحِ بهاران نصيب ٿيو،

شاخِ چمن ۾ اهڙي ثمر جو ظهور ٿيو.

ڇا رهروانِ شوق، ڇا سرگرميءَ سفر،

بي خضر راهرو  جي سفر جو ظهور ٿيو.

علم و عمل جي ڏات سان جنهن کي نوازي رب،

ڪنهن جي نه هو ٿو ذات ڏسي يا حسب نسب.

 (1)

نفس نفس ۾ ٿو ڀريل هوا هوس جي ڏسان،

نفس حريص، هوس جو غلام ٿيو آهي،

نظر نظر ۾ چمن، ۽ چمن چمن ۾ نظر،

بشوقِ ديد، قفس ۾ مقام ٿيو آهي.

(2)

منتشر ٿو ڏسان شيرازه بزمِ هستي،

ذهنِ انسان ٿيو مائل بزوال و بستي.

آدمي آدمي کان ٿو ڏسان اڄڪلهه بيزار،

حرص انڌي جي قيادت ۾ ڏسان ٿو بستي.

(3)

هو حسن ۽ هي عشق، ٻئي شعله و شبنم،

هن عشق جي صدقي ئي ٺهيو حسن جو عالم،

ٿئي ها نه اگر حسن، نڪو عشق هجي ها،

پيدا ئي پو ٿئي ها نڪا جنت، نه جهنم.

(4)

مون اڄوڪي انجمن جي بيرخي آهي ڏٺي،

جاي عبرت آهه، حلقن ۾ ڏسان ٿو هڪ هٽي،

ٿو ڏسان جنهن کي اهو ٿو پاڻ کي سمجهي بلي!

آبرو سمجهيم انهيءَ ۾، مون متل محفل ڇڏي.

 

شبير ”هاتف“

(1)

منهنجي نيڻن کي تنهنجو غم گهرجي،

تنهنجي دامن کي چشمِ نم گهرجي:

پاڻ ٻئي هڪٻئي جا حاجتمند،

پاڻ کي هڪٻئي جو دم گهرجي.

(2)

دلڙي ويچاري درد کان ماندي،

منهنجو محبوب اڄ بهم گهرجي؛

چشم ديوانه وار فرضِ راه،

ڪو سعادت ڀريو قدم گهرجي.

”امداد“ حسيني

(1)                                                                            (2)

ڇا ڏنو ڪنهن جي پيار، ڇا چئجي؟

تو سڄي رات ڪو نه ڳالهايو.

ڇڏ، دلِ بيقرار، ڇا چئجي!

دل جي حالت، اي يار، ڇا چئجي؟

ياد جا زخم، زهرِ غم، شبِ هجر،

ويجهو هوندي به دور دور رهين،

شڪوا آهن هزار، ڇا چئجي؟

وصل ۾ انتظار، ڇا چئجي!

(3)

(4)

تنهنجي معصوم حسن کي، جاني،

تنهنجي ڳاڙهن ڳلن کي ڇا چئجي؟

گلستان يا بهار، ڇا چئجي؟

تنهنجي سنهڙن چپن کي ڇا چئجي؟

وقت جو ڏاڍو انتظار آهي،

ياد آهن هزار تشبيهون،

آهين ڪالهوڪو ٻار، ڇا چئجي؟

ليڪن، اي دوست، من کي ڇا چئجي!

(5)

(6)

مون گلن کي به کلندي آهه ڏٺو،

مد تون ٿي ويون، اکيون نه کليون،

هاءِ، تنهنجي کلڻ کي ڇا چئجي!

دلِ عاشق جو حال ڇا چئجي:

موجون ملنديون ڏٺم ڪنارن کي،

هِن جهان جو، نه هـُن جهان جو فڪر،

تنهنجي منهنجي ملڻ کي ڇا چئجي!

آهه ڪنهن جو خيال، ڇا چئجي!

(7)

(8)

خوب هو جذبه ”انارڪلي“،

گل نه بلبل، چراغ ۽ نه پتنگ،

منهنجي قربانين کي ڇا چئجي!

 آهه ڪنهن جو مزار، ڇا چئجي:

قبرِ ”نورجهان“ سـُجهي ٿي، مگر،

قبرِ ”نورجهان“ هجي شايد،

دل جي ويرانين کي ڇا چئجي!

بادشاهن جو پيار ڇا چئجي!

نياز علي شاهه ”محسن“

(1)

دام الفت کڻي پکيڙيون ٿا،

حسن وارن کي خوب ڇيڙيون ٿا؛

ٻيو ته سڀڪجهه لٽائي ويٺاسون،

باقي نوڙت، ”نياز“ ميڙيون ٿا.

(2)

سرهئو باقي بچت، سو ڀي ڪيم توتان نثار،

او سڄڻ، هاڻي رهيو مون وٽ ڪو نذرانو نه آهه؛

صفحهء هستي تان ميٽائي سگهي جنهن کي جهان،

تنهنجي منهنجي عشق جو سو، يار، افسانو نه آهه.

(3)

جيڪي دل ۾ اٿئي، ٻڌاءِ، اي دوست،

مون کان ڪجهه ڪينڪي لڪاءِ، اي دوست،

جي نباهڻ نٿو  پڄئي ته ٺهيو،

ها، مگر ڪر نه واءِ واءِ، اي دوست!

”تاج“ بلوچ

(1)

(2)

صرف هڪ عارضي خوشيءَ جي عوض،

درد آميز داستان نه ٻڌو،

دائمي درد و غم پرايو مون:

حال ناقابلِ بيان نه ٻڌو؛

ڪجهه ته ڏي داد، گردشِ دوران،

روڄ راڙو ڪٿي مچي نه پوي،

هر مصيبت ۾ مسڪرايو مون.

نه ٻڌو، منهنجو داستان نه ٻڌو.

(3)

غربت ۾ جواني به وڏو آهه زوال،

انسان سان انصاف جو اڀري ٿو سوال:

هي انگ اگهاڙا ته لڪائي ٿا سگهون،

پر پيٽ بکئي جو ئي فقط آهه ملال.

احمد خان ”آصف“

ڏسڻ ۾ مرد لک آهن، مجاهد مرد ڪو ڪو آهه،

جو سرجي بازي لائي ڏئي ٿو، اهڙو فرد ڪو ڪو آهه؛

نظر ڦيرائي، ”آصف“، چار سو باغور جاچي ڏس،

ٿيا بيدرد بي انداز، پر همدرد ڪو ڪو آهه.

رباعيون

امداد حسيني

سهڻل جا سينگار

(مسلسل رباعيون)

(1)

(2)

قدر پورو، ڀرون ڀونر، ڊگهارا ڪارا وار،

اکين ۾ عجب شوخي، ادائن ۾ خمار،

پيشاني چٽي چنڊ کان، ڳاڙها رخسار،

چهري تي نئين صبحِ درخشان جي بهار،

نڪ سهڻو سنها چپ، وڏيون ڪاريون اکيون،

ڳل تنهنجا گلابن کي پيا شرمائين،

الله جي قدرت جو تون آهين، شهڪار،

لاشڪ ته جوانيءَ جا ٿيا هي آثار.

(3)

(4)

هٿ ميندي رتل، ٻانهن ۾ چوڙين جي بهار،

هي وار گهنڊيدار، عطر ۾ ڳوهيل،

زلفن ۾ سُرها تيل، بدن خوشبودار،

هي ڏند ته ڄڻ نور جا موتي پوتل،

پيرن ۾ پيل ڇير، ڪنن ۾ جهمڪا،

اکين ۾ ڪجل، سينڌ سڌي، ڳورو رنگ،

سهڻي کي ڏسو، ڪيڏا سونهن ٿا سينگار!

عنبير سان هي جسمِ مقدس ڏوتل!

(5)

(6)

اکين ۾ ڪئين دُنگ مئي جا ڀريل،

هي چهرو ٺهيو صبح مان ۽ رات مان وار،

واسينگ جيان وار ڪلهن تي وريل،

چپ ڄڻ ته پَتي گل جي، ۽ نڪ انب جي ڦار،

رفتار ڏسي ڊيل پئي شرمائي،

قدر سرو مان ۽ برق منجهان نيڻ ٻئي،

پيشاني تي قنديل ڪروڙين پريل،

هر انگ مان هڪ قوس و قزح جو اظهار.

(7)

(8)

اکڙين کي ڏسي دشت جو اَهُو وسري،

راتين جي جواني ٿئي وارن تان نثار،

زلفن کي ڏسي مشڪ جي خوشبو وسري،

چهري جي اڳيان صبحِ درخشان لاچار،

آواز تان ماکيءَ جا ڪئين مڻ قربان،

هن مرڪ تان ڪَليُن جو تبسم قربان،

صورت کي ڏسي مصر جو جادو وسري،

هر ڪنهن کي سندءِ يادِ معطر سان پيار.

(9)

(10)

منهن تي ايئن وارن جي سياهيءَ جو پلاند،

سيني ۾ سوين ”سنڌو“ جا طوفان لڪل،

ڄڻ چنڊ ٿو ڪڪرن سان ڪري رات جو راند؛

ڄڻ آئي،اجها آئي، اجها آئي اٿل:

اکين ۾ مئي به رهي ۽ کنوڻ پڻ چمڪي

لڙهندي ٿي وڃي ڪيئن نه رئي جي ڪشتي،

هت باهه ۽ پاڻي به رهن ٿا هيڪاند.

بيدار ٿيا ذهن ۾ نغمات سـُتل.

(11)

(12)

چولي تي چِٽا چِٽ، ۽ گنديءَ روپا گـُل،

ڳائين ته فضائون به هم آواز رهن،

هن حسن کي ڏسندي ئي مچن هرجا هـُل،

شرمائين ته بيتاب تمنائون ٿين،

پوشاڪ سڄي سرخ، مٿس هٿ جو ڪم،

ڳالهائين ته موتين جون ٿين ورکائون

وارن ۾ ڪئين ونگ پيل، چوٽين ڦـُل،

مـُرڪين ته ٿا لحظي ۾ لکين درد لهن.

(13)

(14)

هن حسن دلاويز جا هي رنگ ۽ ڍنگ،

اي ماه لقا، ماه وش و ماه جبين،

انسان ڇا، الله به خود آهي دنگ:

تون آهين حسين ذهن جي تخليقِ حسين:

تعريف سندءِ سونهن جي ٻيو ڪير ڪري؟

جيڪو به ڏسي توکي، سڄڻ، هڪ ڀيرو،

شاعر جا خيالات به هت آهن تنگ!

الله جي قدرت جو ٿئي تنهن کي يقين.

(15)

”بهزاد“ ۽ ”گويا“ جي بلنديءَ خيال،

”سيفو“ جو سخن، ”شاهه ڀٽائي“، جو ڪمال،

”خيام“ جا اشعار، ۽ ”حافظ“ جو غزل،

سڀ وسري ويا،ڪ تنهنجو ڏسي حسن و جمال!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com