سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :3

احمد خان ”آصف“

ڏونگر ڏورمَ ڏور تنهنجيءَ ڪَڇَ ۾ آهه ڪوهيارو!

”ونحن اقرب“ آيت آئي، سوچي سمجهي پڙهه سٽ سا ئي،

ڳالهه اِها تَڪ تور- تنهنجيءَڪَڇَ ۾ آهه ڪوهيارو.

”آزڪر ڪم“ جو آهه اشارو، ياد سدا ڪر پُنهل پيارو،

چُستيءَ سان چَپَ چور- تنهنجي ءَڪَڇَ ۾ آهه ڪوهيارو،

صاف سدا رک سالم سينو، اندر بنائي ڇڏ آئينو،

ڪينو ڪلفت ڪور - تنهنجيءَ ڪڇ ۾ آهه ڪوهيارو،

”آصف“ سِڪ ۾ رهه سوڀارو، آريءَ سان رک دل جو آرو،

پاڻ پنهل تان گهور- تنهنجيءَ ڪَڇَ ۾ آهه ڪوهيارو.

نياز علي شاهه ”محسن“

او، نه ٿو دل تان لهين ڪو دم، ڙي سڄڻ!

مون کي تنهنجي سَر جو قسم، ڙي سڄڻ!

رب ڄاڻي، نڪا ٻي تات اٿم،

تنهنجي مٺڙي وائي وات اٿم،

جهڙو ڏينهن اٿم، تهڙي رات اٿم،

رڳو آهي اِهو ئي ڪم، ڙي سڄڻ!

جڏهن ايندي اڱڻ ۽ ملندين کِلي،

تڏهن تو سان اورينديس درد دلي،

ٿينديون اکيون ٿڌيون توسان محب ملي،

غم ڪو به نه رهندو غم، ڙي سڄڻ!

پنهنجي ”محسن“ کي نِت ياد هُجين،

رب سائين ڪري آباد هجين،

ڏک ڪو نه ڏسين، شل شاد هجين،

تنهنجيءَ ياد ۾ نڪري دم، ڙي سڄڻ!

پنهنجي ”محسن“ کي نِت ياد هُجين،

رب سائين ڪري آباد هجين،

ڏک ڪو نه ڏسين، شل شاد هجين،

تنهنجيءَ ياد ۾ نڪري دم، ڙي سڄڻ!

احمد خان ”اختر“

سِڪَ سوَز سينو ساڙيم، ڪر ڪو ڪرم ڪوهيارا – مرسل مديني وارا!

سائين، سگهو سڏايو، غمگين غمگسارا- مرسل مديني وارا!

پيرين پڄڻ پري پيو، همت نه هوت هيڻيءَ،

جهولن جهَڪن جي جهٻٽن، جهوريوم، جهَلَ نه جهيڻيءَ،

پرتئون پَساءِ، پريَم! نوري نوان نظارا- مرسل مديني وارا!

دردن دونهان دکائي، دل دمبدم دونهاٽيم،

آُڌما اندر ئي اڌميا، اوڌن اندر ئي آٽيم،

سڀ سور سِرَ سهيڙي، سيني سٿيام سارا- مرسل مديني وارا!

آهيم آسرو هيءُ، عربي (صلعم)، اجهو ئي آهين،

نرمل نڌر نوازيو، ”اختر“ اچي ايڏانهين،

هَڙَ هوتَ ويا هتائون، سانگا ۽ سڀ سهارا – مرسل مديني وارا!

علي بخش ”رضا“

راڻا، ڪارڻ رب، سار لهيج سپرين:

موٽ، مران ٿي مينڌرا.

راتيان ڏينهان روح ۾، آهه تنهنجي تات طلب:

ڪانگ اڏايان ڪيترا.

راڻا، ڄاڻا ڪينڪي، رٺين ڪهڙي سبب:

پرت پَسايا پيچرا.

آسروندي آهيان، ڪري شال ادب،

نينهن نڀايان ڏينهڙا.

”رضا“ ساري سي پرين، جن جو عشق عجب:

پرت ڀرايا پيرڙا.

محمد صالح سپيو

مون ته نماڻيءَ نجهري، شال سڄڻ اڄ ايندو

شال سڄڻ اڄ ايندو، الا، ورهه وڇوڙو ويندو.

هلنديس، ڪنديس هڪلون،

سـﺂ سـﺂ مون کي سو ڏيندو.......

ورنديس ويهنديس ڪينيڪي،

هو به ته اوري ايندو.......

ٿڪيس ڏوري ٿَرَ بَرَ کي،

هاڻي پنڌ مون کان ڪيئن ٿيندو..

”صالح“، منهنجو سَتَ سڱڻيو،

نيٺ ته مون کي نيندو! الا.....

وايون

موتي پرڪاش

موٽ کڻي، منٺار!

آهي تنهنجي تار، مئيءَ کي ملڻ جي.

واٽن تي ور ور واجهايان،

پيئي پُـڇان نت پار – آهي تنهنجي تار، مئيءَ کي ملڻ جي.

اکڙيون آتيون، من آ ماندو،

واندا ناهن وار- آهي تنهنجي تار، مئيءَ کي ملڻ جي.

جالڻ جيءَ کي پيئي جدائي،

دليون ناهيان ڍارا آهي تنهنجي تار، مئيءَ کي ملڻ جي.

دل جو لهرو آ لهر ۾،

باري آهن بار  آهي تنهنجي تار، مئيءَ کي ملڻ جي.

احمد خان ”آصف“

چارڻ چوريو چنگ، گوڙ متو گرنار ۾!

صدا سر جي ٿو هڻي آهي ڪواڙٻنگ- گوڙ مَتو...

ڌرتيءَ تي ڍڍڪو ٿيو،آُڀن تي آڙنگ- گوڙ مَتو...

ڏاڍو راءِ ڏياچ کي، راڳ ڏنو رس رنگ- گوڙ مَتو...

ڪوپي ڪنڌ ڪپي ڏنو، لرزيو ڪين للهنگ- گوڙ مَتو...

جهونا ڳڙهه جهونو ٿيو، جهري پيو جهرجهنگ- گوڙ مَتو...

”آصف“، هن اٻوجهه جو، آهه ننگيءَ تي ننگ – گوڙ مَتو...

گيت


شيخ اياز

ڪوئي ڀيد نه پائي

چنڊ جڏهن جهرڻي ۾ وهنجي، ڪڪريون دور هٽائي،

ڪنول ڪنول پنهنجن نيڻن ۾ ڪوئي ڀيد ڇپائي،

رات پُڄارڻ بڻجي هڪٻئي پٺيان ديپَ جلائي،

پاڻيءَ ۾ آڪاش سمائي،

نم تي پنڇي ڳائي:

منهنجي من کي هوريان هوريان جڳ سندرتا گهائي،

پاڻيءَ ۽ آڪاش ۾ تنهنجو پاڇو جو لهرائي،

مان پڪڙيان، هو پرڙا کولي اڏري پاڻ بچائي:

ڪوئي ڀيد نه پائي تنهنجو،

ڪوئي ڀيد نه پائي!

ايس . گل ”سپاهي

سارنگ آيو، تون نه آئين

سارنگ آيو، اڃا تون نه آئين، منهنجا يار پيارا، وو!

تنهنجي جدائيءَ ۾، اي جانب، ويس ڪيا مون ڪارا، وو!

گگ، ڌڌ - ڌڌ جا ڌڌڪارا، وڄون ڏين لامارا، وو،

ڪارا نيرا ڪڪر ٿي ظاهر، وسن پيا ويچارا، وو.

ڪَڻ ڪَڻ، ٽِڻ ٽِڻ، ٽِم ٽِم، ڇِم ڇِم، ڇوهن جا ڇٽڪارا، وو،

رم جهم جوها جام اچن ٿا، وڏ ڦڙين وسڪارا، وو.

وڄن ستارون بينون، متا ڇيرين جا ڇمڪارا، وو،

گويا ساز سرود سان آيو، گهوٽ اندر گلزارا، وو

ٻـُر ٻـُر سنهڙي بـُوند وسي ٿي، ڦـُڙ ڦـُڙ جا ڦوهارا، وو،

سيِم نڇاور ڪري پيو ڪو، ٻاهر گويا ٻپارا، وو.

بـُڙ بـُڙ بـُڙڪا، ٽپن ڪـُڏن ٿا، ڦوٽا ڦڙين وارا، وو،

ڦـِرن ڦـِر موٽيون، جهرن جهرموٽيون،لهرن لک لهوارا، وو.

سوسٽ واءَ جا، سَٽَ، ڪـُٽَ، واڄٽ، جهٽ پٽ جا جنسارا وو،

جِهر مِر جهٽڪا، ڪَڙ ڪڙ ڪٽڪا، وڄڙين ور ور وارا، وو.

آگم جيئن اڄ منهنجون اکڙيون وَسن پيون ڏيو وارا، وو،

تنهنجي هجر ۾ آهن ڀِنيون، هليا، هوتَ همارا! وو.

مور نچي ٿو،ل ڊيل اچي ٿي، ڪوئل جي ڪوڪارا، وو.

تاڙو تنواري، پيو پُڪاري، سائينءَ ڪيڙا سُڪارا، وو .

وه وا، ٿي وئي موج بهاري، وَس وَس، ڀيڄ ڀَٽارا، وو .

هاڻي هوتَ هلي آءٌ مون وٽ، ٿيڙا مينگهه ملهارا، وو .

سڀ کي مليو دل جو دلبر، مون سان پَرچ پيارا، وو ،

سڄڻ، ”سپاهي“ توکي ٿو ساري، اچ اچ، محب موچارا، وو .

قيمت ريجهواڻي، ”ڪمل“

مون کي تنهنجي تات

ڪاري ڪاري رات، ساجن، مون کي تنهنجي تات!

چنڊ ڇپايو پنهنجو چهرو، ٽِم ٽِم ڪري نه تارو،

اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اڄ آهي ڇانيو گهور انڌارو:

ڇا ٿيو گهور انڌارو، ساجن، ساهه آ توڏي سارو

تو لئه راهه تڪيندي شايد ٿي وندي پرڀات!..

 

نيڻ کڻي مان در تي بيٺي تو  لئه دور نهاريان،

سمجهين ٿو، هِت توبن ساجن ڪئن ٿي دم دم گهاريان:

ڪئن ٿي دم دم گهاريان، ساجن، تولئه ڳوڙها ڳاڙيان-

سچ پچ آهي اکين مان جاري برهه ڀِنل برسات...

 

هي آخر پيغام مُنجان ٿي هير جي هٿ، او راڻا!

مومل تنهنجي مفت مري ٿي، ڪر نه اجايا ماڻا:

ڪر نه اجايا ماڻا، ساجن، ڏي ته جواب ڪو، سياڻا!

موت پڄاڻا جي تون ايندين، ڪا نه ڪنديسانءِ بات!...

هري ”ناز“ ڪڪڙيجا

ڪين اڇا تون آئين

ڪين اڃا تون ساجن آئين، ڪين اڃا تون آئين!

سانوڻ جي رت ڪين وڻي ٿي،

دلڙي ٿڌڙا ساهه کڻي ٿي،

حالت پڻ غمناڪ بڻي ٿي: ڪين اڃا تون آئين!

تو لئه پيئ واٽ نهاريان،

ڳوڙها سـﺂ سـﺂ ويٺي ڳاڙيان،

دم دم ويٺي توکي ساريان: ڪين اڃا تون آئين!

رات سموري ويئي وهامي،

شمع جي ويئي جوت اجهامي،

پروانو ڀي ٿيو آرامي: ڪين اڃا تون آئين!

تو بن آهي دلڙي ماندي،

ياد سندءِ کان ناهيان واندي،

عمر گذاريان ڪئن هيڪاندي: ڪين اڃا تون آئين!

دل پنهنجيءَ ڪي ڪيئن پرچايان؟

آس ملڻ جي ڪيئن مان لاهيان؟

”ناز“، سندءِ ديدار ٿي چاهيان: ڪين اڃا تون آئين!

نظم

نياز“ همايوني

هو جي ويا، سو ويچارا....

(هڪ تاثر)

ڀيڄ ڀنيءَ جي سور سنواري، سکن جي ڪارڻ، هاءِ، آلا،

ڇپر ڇڏي ڪي ڇورا نڪتا، ٻوٽي ٻارڻ لاءِ، آلا!

اوسيئڙي ۾ ويٺا ڪيئي سو ڪهڙا ڏيئي ساهن کي،

ور ور جهاتيون پائي تڪيندا رهيا وين جي راهن کي.

هو جي ويا، سو ويچارا وڃي آئيءَ منجهه آڙيا،

ڄڻ ته پکيئڙا ولر کان وڇڙي ڦاهيءَ منجهه آڙيا.

پاسيرا ٿيا پاڇا، ليڪن وريا نه واهي رڻ پَٽ جا،

پوين جون ٿيون وايون ولڙيون، سانباها ٿيا پَٽ سَٽ جا.

پٿر ڪٽيندي، دل من هڻندي، ويچارا ائين ڦِسي پيا،

پانڌيئڙن جا پيرا ڄڻ ڪا چاڙهي چڙهندي کِسي پيا.

در در سئن هنيائون، ليڪن گهر گهر ۾ هو پنهنجو غم،

اهڙي حال ۾ ڪنهن کي پئي جو ڪو ئي ڪري ها ڪنهن جو غم.

ڪنهن نه ڪئي جو ڪهل انهن تي، ويڳاڻا ٿي منجهي پيا،

پيٽ کي پاهڻ ٻڌي، مٿي کي ٻانهون ڏيئي سمهي پيا.

سومهڻيءَ جو وڻجارا جو وريا ته خالي هٿين هئا،

ٿڌڙا ساهه ڀريائون، ڄڻ ڪي ڀاڳ انهن جا ائين هئا.

پورهيو نه ٿيو، ڄڻ بيگر ٿي، جا لنگهڻ ڪڍي ۽ وهي چڪا،

پئسي ڪارڻ پنهنجو رت ست ڳاڙي، ڳاهه ڳهي چڪا.

رات وهامي رت روئيندي ۽ اوندهه ساهه ڳچ ڳاڙيندي،

باک ڦٽي جيئن ڏائڻ وانگي پنهنجي ڄاڙي ڦاڙيندي.

ويچارن جا ڪنڌ ڪري پيا، ڦاٽن هانوَ، هليا ويا،

پويان ڀي ٿيا پورا، ڄڻ ڪي ڪکَ پن ڇَر ۾ هليا ويا.

هاءِ، هچارن سڌ نه لڌي ڪا، هاءِ، حياتيون ڪهي ويون،

سج ته گهڻا ئي اڀريا، ليڪن اونداهيون ايئن رهي ويون!

شيخ اياز

اُٿي ڳاءِ، پيارا!

 

وري ڪونج ڪَرڪي،

وري ڄاڻ ڄرڪي،

وري جوت جَرڪي،

اٿي، يارَ، ڪرڪي!

جڏهن رات آئي،

تڏهن تو، عطائي،

ڏياٽي جلائي،

ڪئي روشنائي.

وڃي ٿي وهاڻي،

جڏهن رات- راڻي،

نه تو تند تاڻي،

نه تو ساز ساڻي!

 

نه گهٻراءِ، پيارا!

نه ترساءِ، پيارا!

آُٿي ڳاءِ، پيارا!

پرينءَ لاءِ، پيارا!

”خواب“ حيدرآبادي

جائزو

رنگ و بوجون هي فضائون، آب و گل جون صورتون،

گلشن هستي ۾ آهن قيد جون ڄڻ زحمتون،

محفلن جون رونقون، حسن بتان جون شهرتون،

ڇا فريب آرزو جون ئي هيون سڀ رغبتون،

حمله آور حسن گل تي عشق جون ٿيون طاقتون،

باغبان حيران ته ڪيئن گلڙن جون آيون شامتون.

 

رزمگاهن ۾ نه آهن رعب و حشمت، جراتون،

خانقاهن ۾ ڪٿي فياض خصلت صورتون؛

درسگاهن ۾ ٿيون ڏسجن رقص جهڙيون بدعتون،

پاسبانن پڻ حرمخانن جون لاٿيون حرمتون:

جي بدلبيون ڪين هاڻي انجمن جون حالتون،

قسمتون روئينديون اسان تي نسل، ڏيندو لعنتون.

 

هاڻي ڪٿ فڪر و رموز ۽ حڪمتن جون وسعتون،

نفس ۾ پڻ ڪٿ حرارت، قلب ۾ ڪٿ حدتون،

سوز نغمن ۾ ڪٿي، ساز نفس ۾ جدتون،

ڄڻ لٿيون صبح وطن تي شام غم جون آفتون،

اڄ گلستان ادب مان منهدم ٿيون صورتون،

دامنِ گل ۾ وڃي ٿيون بلبلن جون تربتون.

 

مون ڳڻيون اڄ جي امامن جي ريا جون رڪعتون،

ڇا تهجد، فرض، ڇا واجب، نفل، ڇا سنتون،

آدميت جون رهيون جن ۾ نه هاڻي خصلتون،

جن جو ڪعبو بـُتڪدو، جن جون صنم سان صحبتون،

آخرت جي منڪرن دنيا ۾ ٺاهيون جنتون،

نيتون گردش ۾ جن جون، گردشن ۾ نيتون.

 

جي رهيا مرڪز تي علم و فن جي آهن ميگسار،

خام خم، مي بي اثر، بيڪيف جن جو پڻ خمار؛

خود پسنديءَ، خود نمائيءَ ۾ ٿيا آهن خوار،

سانگ ساقيءَ جو ڪري، ثابت ٿيا جي زهر دار؛

روح کي راحت، نه جن مان قلب کي ڪنهن پرقرار،

اهڙي محفل، اهڙيءَ دنيا کان ٿيڻ گهرجي فرار.

اڄ جي ليلاي ادب محتاج موتين ڪاڻ ٿي،

خود ويو وڪجي چنيسر، ڳهه سندو چِلڪو ڏسي؛

ڪيئن اجهامي ويئي ٻيجل جي اميدن جي بتي،

نور نيڻن جو نچوئي ماٺ پڻ سورٺ ڪئي؛

جيڪو طالب، سو ويو مطلوب سان پنهنجي ملي،

جنهن سڌون سڌڙيي ڪيون، مردار ٿي تنهن جي مِٽي.

شاعريءَ جي صنف اڄڪلهه ڇو خواري ٿي پئي،

علم تي نااهل طرفان ضرب ڪاري ٿي پئي،

ڪنهن جي حق تلفي به اڄ ايمانداري ٿي پئي،

اڄ خوشامد، چاپلوسي پڻ شعاري ٿي پئي،

لاشعوري ذهنيت اڄ شاهڪاري ٿي پئي،

محفلِ شعر و ادب ٻارن جي ٻاري ٿي پئي!

نياز علي شاهه ”محسن“

مون کي گوارا ڪونهي

اهڙيءَ دنيا ۾ رهڻ مون کي گوارا ڪونهي-

جنهن ۾ انسان ئي انسان جي ڪري ٿو تذليل،

جنهن ۾ شيطان جي حڪمن جي ٿئي ٿي تعميل.

اهڙيءَ دنيا ۾ رهڻ مون کي گوارا ڪونهي-

اهڙيءَ دنيا ۾، جتي حسن هجي بازاري،

اهڙيءَ دنيا ۾، جتي عشق هجي واپاري.

اهڙيءَ دنيا ۾ رهڻ مون کي گوارا ڪونهي-

جنهن ۾ انسان جي عظمت به نه آهي محفوظ،

جنهن ۾، اي ڪاش، شرافت به نه آهي محفوظ.

اهڙيءَ دنيا ۾ رهڻ مون کي گوارا ڪونهي-

اهڙي دنيا، جتي فنڪار جو فن آواره،

اهڙي دنيا، جتي ”محسن“ کي چون آواره.

اهڙيءَ دنيا ۾ رهڻ مون کي گوارا ڪونهي-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com