سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :33

مومل راڻو

آيو ڪامل ڪاڪ تي، دلبر ڌوڪاري

عاشق ويل اچڻ جي، سا ’ٽيم‘ هليو ٽاري

تيلانـﮧ مون ڀيڻ سمهاري ڀرسان، اديون اوتاري

سو ڄاڻان راڻو ريب ڏسي ويو، در تان ديداري

پوءِ بديون طعنا بي انصاب جا، مون تي ور رکيا واري

مونکي ڪا ڪل پيئي ڪانڪا، ته ڪو هيئن ٿو لکيو ليچاري(1)

سو سوڍو سک وٺي ويو، ڏيئي ڏيکاري

سو وارث ولهيءَ ڪاڪ کي من اچي اجاري

ٿئن اها اپاري، هاڻي کڻي معافي ڏئينم مينڌرا(2).

هيٺين بيت ۾ يوسف ”قبر“ جو بيان ڪيو آهي ته:

ماڳ ناريو مومل، پئي راڻي لاءِ ريهون ڪري

سا ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾ ٿي ڪري سڏ سوڍل

ڪرهو واري ڪاڪ تي، سگهو موٽين شل

مون گهر توسان مينڌرا ڪا ڇنڊي موچاري محفل

سي يار گڏبا، يوسف چئي، مهندان مقابل

تتي پوندئي ڪل، جتي خان پڇندئي خبرون

ڪاپاتي

ستياس سنجهيئي، اورڻ اٿياس ئي ڪينڪي

مون ولهيءَ وساري ڇڏيو، وکر سو ويهي

ڪوڙيءَ ڪِتو ڪينڪي، ارٽ اڳيئي

هوءَ آڌيءَ اسور اٿيون هيون سرتيون سڀيئي

آءُ، جوسب جاڳيس ڪينڪي، رات وهامي ويئي

ارٽ ڪتيان ٿي اڀرو، پره ڦٽيء پيئي

مالڪ مڙيئي، شل منهنجو اڻ تريو اگهائيي.

2. اڻ تريوئي اگهائيندو شل پورهيو پورهيت جو

سنجهي سر پر من ۾ مونکي سعيو هئو سو

اورڻ وقت آڌيءَ جو، مون ولهيءَ ڪنان ويو

هئي جاڳي هٿ هنيوم ته جو پس ڪم ڪميڻي ڪيو

اڇندي ئي اسور جو مون ارٽ آندو هو(1)

ڪريان ڪاپو، ڪنبان گهڻو، مونکي تنهنجو تاڳاتو

ڪتي ڪتبو ڪيترو پره ڦٽيءَ کان پوءِ

آتڻ البت ايترو آ ٿورو گهڻو ٿيو

سوئي صاب پيو، جو هن اڄاڻنديءَ اوريو.

عمر فقير موندو

عمر فقير پٽ صديق جو، پاڙو اسحاق پوٽا موندرا، ويٺل وانءِ لڳ کارڙي، جنهن سان سنه 1951ع ۾ اسان جي ڪنڀار واڙي (ڪراچي) ۾ ڪچهري ٿي. ان وقت سندس عمر اسي سال کن هئي، پنهنجا هيٺيان بيت ٻڌايائين جي اسان قلمبند ڪيا.

الف رکيوم اوڏڙو ميم منهنجي من

پير منهنجو پادشاه جنهن جا ڏاني ڏيـﮧ سڄن

هليو تنهن حبيب کي، ٿا سوين سلام ڪن

مُنهن مڍا محب پرين جا، مون کي شال ملن

اڪير منهنجي ارواح کي سندي سڳورن

جي ٿا پڇن پير پِريان جا سي موران ڪين منجهن

من اندر جا مَشال منهنجا کوليا در دوسن(2)

پڃيرو پاڪ رسول جو مون کي پسايو پرين

هيڏو گُن گوليء سين ڪيو منهنجي محبوبن

جن کي وحدت وائي وات ۾ سي ٻي نه ٻولي ڪن

جن کي دين ڪلمون دل تي، سي ٿا ايڏو رخ رکن

الهندي تان، عمر چئي، ٿي اچي بوند ڀلن

سي نيڪ نِگهي نورَ ڌڻي، مون کي نيندا ڀلارا بهشتن

مونکي به رتو رتن، جي مون کٽي ڏٺا کُنڀ تي.

ـــــ

کٽي ڏٺام کُنڀ تي ڏنئون رڱ رتولين رات

مون  جي من کي مشاهدو لڳو، هنئڙي طلب تات

قلب ذڪر ڪاٻارو، ٻي وحدت وائي وات

بيهان ڪيئن ڀَلن ڌاران وڃان سڳورين جي ساٿ

اُڪنڊي آهيان، عمر چئي، جيءَ ڀلي جي جات

جن ڏنوم ڏيج ڪلمون ڏات، سي مون کٽي ڏٺا کنڀ تي.

کٽي ڏٺام کُنڀ تي، هو سونهڻو رنگ سندون

ڏيئي ريهه رڱ مان اچي روح رتوم

قلب من قريبن ري، ڇوڙي ڇيڪ ڇڏيوم

عطر مشڪ عنبير ڪنان سرهو واس سرئوم

جن دوسين دلاسيوم، سي مون کٽي ڏٺا کنڀ تي.

اسماعيل موندرو

اسماعيل پٽ ڪريم ڏنو پٽ اسماعيل، پاڙو اسحاق پوٽا موندرا، ويٺل کارڙي، لڳ ’کجيء واري وانء‘. سنه 1962ع ۾ ساڻس اسان جو مارڪو ٿيو. ان وقت سندس عمر 65 سال کن هئي. پنهنجا چيل بيت ٻڌايائين جن مان ’سسئي‘ ۽ ’مارئي‘ جي سُرن مان هيٺيان بيت نموني طور قلمبند ڪيا ويا.

سر سسئي

1. ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو آرياڻي اڙٻنگ

تنهن سين لکيا هئام لوح جا ڪي اصل سندا انگ

جنم جاد رک جتن جي، اِها ڍاري سندي ڍنگ(1)

ان جو چلڻ چاڙهي، هلڻ هاڙهي، اهو راه

بلوچان رَئزِنگ (2)

سي هلن رَلين، ڇلن ڀلَين، چوٽ وٺيو چؤنگ

ان اوٺيئڙن جي، اسماعيل چئي، هُئي توڙ کان

ڊگهي تنگ(3)

سي هاڙهي پٻ هڱور جو، پرور لهندا پتنگ

ٿين روبرو اهي رئزنگ، ته آءٌ پاريان ٻول ٻروچن سين.

2. پاريان ٻول ٻروچ سين، منهنجا هئا اڙٻنگ آرياڻي

پُرج پيادي پنڌ تي اهو رند وٺي راڻي

ڪوڏ ڪچهري ڪيچين سان هُئي روز هِي ريهاڻي

سا ڪيئن پهچي پنهون کي جنهن کي ڏنائون نه

آخر ڏينهن اهڃاڻي

ڇڏيائون ڇوڙي ڇپر ۾ ڪري منجهه برن بيباڻي

سي سيليِن ٽَلِين سونهڻا، سونهي تن ڏاگهن ڏَرِڏائي

تن جي ڊگهي ميزل، پاڻُو پري، پٻ ڪنان پَراڻي

جي اهو ساجن مليو ته ڪر سوڀ ٿِي، کٽيوءِ ننگ نهاڻي

من الله ورُ آڻِي، ان اسونهينءَ جو اسماعيل چئي.

مارئي

1. سانبي ساريو سومرا، سانبيئڙا ساريام

ڦَر ڦٽا ات مارن جا سي ڇيلا ڇيڪ ڇڏيام

هيء ويندي رهندي ڪينڪي هت پيچ پنهوارن پيام

دم نه ڌاري، گهَڙي نه گهاري، هت ٿيم ڏوٿي ڏاڏاڻام

گنديون پوتا انهيءَ گهوٽ جا ڪري اَٻاڻا اوڇيام(1)

پيء ٻنهي جو هيڪڙو اها مصلحت ماء ڏنيام

تڏهين عمرڪوٽ ۾، اسماعيل چئي، پڻ ويسر

ويهي ڪيام(2)

ڪنهن ڪُل پاريان، ڪين وساريان، نڪي

ويڙهيچا وسريام

غم ڏک گوندر گهوريان، جڏ اچي سوين سک ساڻي ٿيام

ٿينِ سکيا سانگ سندام، من ڪا ساعت گهاريان

وڃي سک جي.

ـــــ

 

باب ايڪيهون

 

لس ٻيلي جا باقي شاعر

 

لس ٻيلي جي باقي شاعرن مان اسان جي مراد اهي شاعر آهن جي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي خاندانن، شاعر نم جي قبيلي، سنياسياڻي پاڙي جا رونجهن، برادين، باکڙن ۽ موندرن مان نه آهن. انهن باقي شاعرن مان صفر مڱڻار، موسى ڪنڀار، مينهن پالاري، سؤڃي لنگهي، نوت بلوچ، وريي گڊي ۽ ڪن ٻين شاعرن جا ڪي بيت، مٿين بابن ۾ جدا جدا جاين تي نقل ٿي چڪا آهن.

لس ٻيلي جي سرزمين، شاعريءَ جي نقطـﮧء نظر کان نهايت زرخيز آهي؛ زياده ڳولا ۽ تحقيق سان ٻين ننڍن وڏن شاعرن جو به پتو لڳائي سندن ڪلام هٿ ڪري سگهجي ٿو. مثلاً ٻڍڙي شيخ الله ڏني جي بيان موجب، سؤڃو بنديچو ۽ سؤڃو مڱڻهار ٻئي شاعر هئا ۽ ٻئي ڪبير شاه جا ٻالڪا هئا، مگر اسان کي سؤڃي مڱڻهار جو فقط هڪ بيت(1) هٿ آيو ۽ سؤڃي بنديچي جي ڪابه جنس ملي نه سگهي. اسان مڱيي براديي جو وريي گڊي سان سوال جواب قلمبند ڪيو آهي(2) ۽ انهيءَ کان سواءِ مڱيي براديي جو فقط هڪ بيت نقل ڪيو آهي(3). مگر مڱيي جي سالي، خميسي براديي، خبر ڪئي(4) ته شهر لياريءَ ۾ جمن براديو، ڄام ڪمال خان جو ملهه، جنهن کي جمن ڳنوار به سڏيندا آهن، انهيءَ وٽان ۽ موندرن ۽ ٻين سگهڙن وٽان جي انهيءَ تر ۾ آهن، مڱيي جا گهڻا بيت ملي سگهندا. مطلب ته شعر ۽ شاعريءَ جي لحاظ سان لس ٻيلي جي سرزمين برک جو گهر آهي: جيترو منجهس نهاربو اوترو گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو.

هن حقيقت جو ثبوت اسان کي پنهنجي پوءِ واري جستجو مان مليو. ڪتاب جي پهرئين مسودي مڪمل ٿيڻ بعد تاريخ 7 سيپٽمبر 1950ع تي، لالو کيت ڪراچيءَ ۾، ميان الله بچائي سمي جي اوطاق تي هڪ نابينا سگهڙ، پسند پٽ ڪوڙو ذات باکڙو، سان اسان جو مارڪو ٿيو جنهن ۾ پسند فقير پوئين دور جي ڪن نالي وارن شاعرن مثلاً يوسف موندري، وٽ پاکڙي، مينهن وسائي شهڪ ۽ شاعر پنيي جا بيت ٻڌايا جي اسان کي اڳ لس ٻيلي جي سفر ۾ ملي نه سگهيا هئا. ان بعد، ڪتاب جو پهريون مُبيَّضو پريس ۾ وڃي چڪو هو جو تاريخ 5 مارچ 1951ع تي ڪنڀار واڙي ۾ ميان نبي بخش موندري سان ملاقات ٿي، ۽ سندس معرفت ميان حاجن موندري، بچي فقير چني، علي محمد فقير مڱڻار جهڙن سگهڙن وٽان يوسف موندري، پارپيي ۽ لس جي ٻين شاعرن جا ڪي نوان بيت مليا. ان کان پوءِ (مرحوم) ميان حاجي سليمان موندري جي معرفت شيخ ميان حاجي جمن سان صدر ۾ مارڪو ٿيو ۽ وٽانئس خاص طرح شيخ حمر جا ڪي نوان بيت مليا. انهيءَ سڄي مواد کي ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ شامل ڪيو ويو.

ان کان پوءِ به اسان سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ڪي قلمي ذخيرا مطالع ڪيا، ۽ ٽي ڀيرا لس ٻيلي ڏانهن سفر ڪيو ۽ هر ڀيري اڳين توڙي ٻين شاعرن جا نوان بيت مليا. ڪم از ڪم درجن کن نون شاعرن جو مواد مليو، جنهن کي هن ٻئي ڇاپي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هيٺ انهن جملي باقي شاعرن جو ذڪر ڪري ڪتاب جي هن آخري باب کي پورو ڪريون ٿا.

ملان محمد صديق: هيٺيان بيت قلات جي خان محراب خان (ثاني) جي شهادت (نومبر 1839ع) ۾ وڍَ جي سردار ولي محمد مئينگل جي بهادري سان وڙهڻ بابت چيائين(1)

1. ڪهيا ڪلڪتي مان هليا سي جوان

ڪنهن عمل تي آيا بدو بي ايمان

انگريچي عالم ۾ قول نيايا تانه

ٺهڪيا وڃي ٺُل سان ويري وجهي دام

اُتي سيئي سڏ ڪيا جتي دارون لائي دام

بانشو بحري مير بهادر آيو سان ايمان

مُنهڙو مور نه موڙيو عهدي تنهن اخوان

تنهن سر ڏيئي سانهه، رتو ڪوٽ قلات جو.

2. رتو ڪوٽ رت منجهان کٿوريءَ سان خان

عطر منجهس اڳرو دُهرا ڏنائين دان

انگهيو ٿنڀ آمي جو غازي ڌڻي گام

حورن ڏنس هٿڙا لانئُون ڏيئي لام

فلنگ ڏسي فڪلئين، آئين نه عيسى خان

حرفي ٿئين حاڪم جو توڙان کاڌءِ طعام

سر چاڙيو سينهه تي، ولي محمد وريام

ڪوڏ رڱايا ڪپڙا شـﮧ- غازي گل غلام

پيئي ڪوڪ قلات ۾ سڄي روم ۽ شام

گلا پئي گورن تي، چڙهي ڪوٽ ڌڻين تي ڪانه

ميڙو پسن مان، مشعلو محمد ڄام جو.

3. پڪو ڪوٽ قلات جو ڪنهين نه ڪاهيو

بَدُو هي: بر ڏان ڪو الــٰهي آيو (1)

خان کنوڻ ٻڌي سورهيه ڪيو سعيو

ميڙي ۾ محراب خان سان جهيڙي جُهڙ لايو

بوتا ڳرو بار جو نئي عهدين انگهايو

اهو رڻ رڱايو، ڪلو ڪوٽ ڌڻين جو.

مير مينگل مڙي آيا هڙده سي هزار

پکيڙيائون پٽ ۾ چوپڙ وجهي چوتار

راند وڌائون رڪ جي جهيڙي منجهه جهونجهار

ڍارو اتي ڍاريو، ولي محمد پنهنجي وار

وڌون ڏيئي وينجهار، آندي ڪثر ڪوٽ ۾.

براد: شيخ ميان غلام حسين چيو ته: براد لس جو شاعر هو. ا.هه. براد غالباً آڳاٽو ٿي گذريو. شيخ سائينداد جي ڪتاب مان براد جا هيٺان بيت هٿ آيا جن مان سمجهجي ٿو ته براد بيشڪ لس جي اعلى شاعرن مان هو.

حڪمت ۽ دانائي

صورت ڦڪي سرت ريءَ، جئن طعام ڦڪو ري لوڻ

ڦڪا گهميرا هاج ريءَ، جيئن ڦڪي گندي ري صابوڻ(2)

ڦڪي فقيري علم ري، جئن واري منجهه پروڻ

جي ٿي ڏجيس ڌوڻ، ته هو اڳيئي زرِڻي.

ــــــ

سڪندي سڪ م سکڻي، گهوريس ڪن گهڻي

اٿيارينديس هاج لاءِ پٺيءَ هٿ هڻي

ڏيندا ڪين کڻي، چوندا مال مڙيئي تنهنجو(1)

گني سپرين

1. گني پرين گن جا گنوتي گن ساڻ

ڪن گن جي هاج هٿن سين ڄاڻن گن جو ڄاڻ

ان وٽ گن جو باغ، براد چئي، هڻن گن جو ٻهڳڻ ٻاڻ

تنهن گني ساجن ساڻ، آهينم گڏيئي ڳالهيون گن جون.

2. سرها پرين صحبتي، آهين سرهائي سرهاڻ

ڪن سرهي هاج هٿن سين ڄاڻن سرهو ڄاڻ

تن وٽ سرهو باغ، براد چئي، آ خوب کٿوريءَ کاڻ

تنهن سرهي ساجن ساڻ، آهينم سرهيون ڳاهيون ساه جون.

نوت بلوچ: شاعر نوت بلوچ جو هڪ بيت اسان هن کان اڳ نقل ڪري چڪا آهيون (1). انهيءَ بيت جي بيهڪ توڙي هيٺين بيت جي خيالي خواه لفظي سٽاء مان ثابت ٿئي ٿو ته نوت هڪ اعلى شاعر هو. افسوس جو سندس وڌيڪ بيت دستياب نه ٿي سگهيا.

عاقل بي عقل پاڻ ۾ سنگتي ڪين سونهن

هو ڳهڻو ڳالهه ڪندو، توري ڪنهن طلبن

هو پؤنس پٽيءَ تي ايئن اچي، جئن مانجهي ملهه وڙهن

وري اڇلون سندس اهڙيون، جهڙيون کڙهه کيٽيون ڪن(2)

ٽوهه هنداڻي ساڳي جاءِ مٽيا نه ملوڪن

لوڻ ۽ مصري گڏي، وڪيا نه واپارين

ڪي سرت ڀريا سمجهن، ان نقطي کي نوت چئي.

مينهن پالاري: شاعر مينهن ذات جو پالاري هو. ڪن رواين جي چوڻ موجب جبل جو، يعني سنڌ ڪوهستان جو هو. مينهن پالاري ۽ مينهن مڱڻهار جي بيتن جي گڏجي وڃڻ جو ڪافي امڪان آهي. هيٺيان بيت سڀني رواين جي راءِ موجب مينهن پالاري جا آهن. مارئيءَ جي سر مان مينهن جا هيٺيان بيت احمد شاه جي بيتن جي تتبع ۾ چيل ٿا ڀانئجن.

سر مارئي

اڄ پڻ بوند بهار، عمر اباڻي پار ڏي

سرڪن سرتيون سنبهيو، روڪن پاسي ويڙه ولار

چرڪن چهرا چاڳ چڱن سين، مرڪن منجهه ملار

ڪرڪن مان ڪڙن منجهه ساڻيهه جاءِ سنگهار

جي آهن اهڙا اجهيدار، تن ويڙهيچن ويجهي ٿيان.

اڄ اباڻي پار ڏانهن ڏس اٿي ڏکڻي(1)

ميوا کائن، مينهن چئي، ماروئڙا مکڻي

ماکيان مٺي ڀائيان ان چَهمَڪ جي چکڻي

تون جي راءِ ڪرين رکڻي، ته وڃي ويڙهيچن ويجهي ٿيان.

اڄ اباڻي پار ڏانهن بوندون ٿيون برسن

پنهواريون پکين ۾ پنهنجي ورين سين وهسن

تنين کي تل جيتريون شل ميرايون م رسن

هو به تڪ ڏيئي ترسن، آءُ به ويڙهيچن ويهي ٿيان

نوري

نينهن نوازي نورئين وچ ٻانهن ونگيون

جهمڪ، جهاٻا، جهالاران، ان وٽ سونهن سنگيون

بتڪ، بخمل، بافتا ان وٽ روپ رنگيون

ملڪ مهاڻيءَ کي بخشيو ڏيئي داتا دان دنگيون

لٿيون توڻ تنگيون، ٿيون مرڪن مڇيء واريون

مرڪن مڇيءَ واريون جي سمي سيباڻيون

نورئين کي ناز جون ملن پل پل پرهاڻيون

هڪ مينڍين ڦل، مينهن چوي، ٻيا ڏر سونهن ڏاڻيون

ٻيون ڀي رائن وٽ راڻيون، پر نورئين جهڙي ناه ڪا.

نورئين پنهنجي ناز سين هئي لاکيڻي لال

تنهن منجهه تماچي رکي، ڪا عشق جي احمال

تان هو بالڪل باسي ڪينڪي پنهنجي پسيو جوت جمال

پر ماڻهن وڌي هس من تي، ڪاجا سرت سنڀال

تڏ محبت منجهه، مينهن چوي، ٿئڙي خوب خوشحال

ڪيڙي نينهن نهال، آڻي گادي وهاري گندري.

مينهن وسايو شهڪ: شاعر مينهن- وسايو رياست لس ۾ شاه نوراني جي لڪ لڳ ”ڳڙه جي ڍوري“ جو ويٺل هو. سگهڙ پسند فقير نابينا سندس ڪيترائي بيت ٻڌايا. سر مومل راڻي جي بيتن ۾ شاعر مينهن وسائي اڪثر آخرت جو  ذڪر ڪيو آهي مثلاً:

مومل جي مجليس جي سرت سڀائي هياءِ

نڪا سپر سپرين، کيڙي ڪانه کنياءِ

مرد اتي، مينهن وسايو چئي، گاروڙي گڏباءِ

پڪ اتي پيندياءِ، جت ٿيندوءِ پگهر پيتيء وچ ۾.

پنيو: سگهڙ پسند نابينا پنيي جا بيت ٻڌايا جن مان اسان هڪ بيت نموني طور قلمبد ڪيو. پسند فقير چيو ته: پنيو جبل جو هو. ڀانئجي ٿو ته هي شاعر سنڌ ۽ لس ٻيلي جي سرحد تي ڪوهستان جو ويٺل هو.

سڃي ۾ وڃ سسئي! ٿا نئن- ور نانگ سڄن

پيري ڄام پنهونءَ جي ٿيون ڪوراڙون ڪڏن

وجهيو وات ولين ۾، لينڊرا ڇيو لڏن

پڪا پن، پنيو چئي، چوڻيهريون چڻن

سو الک سينهن جو، پُري ويٺو پٻن

سور سونڊ پڇنڊين تتي، سره سڱ هڻن

جت سهن لايو ساٽوڙو، ۽ پکي اڃ مرن

انان پري آهن، سيڻ سندياءِ سسئي*.

مير ٻرو: مير پٽ مُري جو ٻرو، سنگهر جو ويٺل هو. ڄام عالي جي وقت جو شاعر هو، ۽ 1900ع ڌاري گذاريائين. سندس بيتن جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرڪ هڪ سالڪ شاعر هو.

مومل

ڪاڪ لڪيون ڪاڪ جون، سامي ڪاڪ سندياس

راڻا ڳالهيون راول سين، آءٌ واٽين ويڻ ڪنداس

کيلن وانگي کيل چڱا، مٿي پڙلا پيا پَونِداس

نڪري مرد ميدان ۾، عاقل اُڀينداس

مومل اکيون، مير چئي، ثابت سي پسنداس

اندر چاڪ چڪنداس، من منجهه روز مِجيج جا.

 سسئي

جيڏيون جهڙائي هئا ڪاڪيون ڪرهه سندان

تن جا پير دڦوڙا، ڳلين ڳاڙها اچا ڳاٽ اٺان

نڪن ناڪيليون، سرواڻن سيليون، موتي مهاران

جهڳ مڳ جهانء جهلن جي، ڳچيءَ ڳل- کوڙ ڳتان

مزل ڇوها، مير چئي، هيٺ ڪنواٽ هيان

دلبر ٻولي دل جي، مان سمجهي ڪانه سگهيان

نه ته جاڳي پاس جتان، سج اڀاريان سرتيون.

ــــــ

هيڪر وت ڏٺووَ، جيڪر جانب جيڏيون

ته ڪر ڪشالو ڪيچ ڏي، قربئون هوند ڪيووَ

مِٽ مسافر، مير چئي، جِي هو ساهيڙيون سدووَ

ته پاڻهي هوند پيوو، پَرور منهنجي پنڌ جو.

مارئي

چيٽ ڦُٽو وڻ موريا، پڪا ٻيرن ٻير

عادت چونڊڻ ان جي، آهي هنئين چڱي هير

ماڙيءَ مٿي، مير چئي، قيد وهندي ڪير

ساڻيهه منجهه سوير، وڃي وطن واڙا جوڙيان

چيٽ ڦُٺو وڻ موريا، پڪا لعل ليهار

اڄ اباڻي پار تي، وٺا مينهن اَپار

منهنجي اڄ ملير ۾، ڪن پاڙيچون پچار

من نه وندري، مير چئي، ڌڻوليين کان ڌار

ساريم سي سنگهار، وڃي جهڙ وسايم جن سين.

 

ڪتڻ جي ڪار

اڳي ڪين ڪتيوم، مون ويهي ڏينهن وڃائيا

سَڳٽ مان سرتيين جي، چرعو ئي ڪين چوريوم

سڻي سڏ صرافن جو، آرٽ وڃي آندوم

پئي ڏَڏو ڦِڏو ڏوريان، سائين صاب وجهندوم

تُسي توريندوم، محل مَراڙي مير چئي.

گدڙ سان سوال جواب

مير

بکيا مرون بَر جا، گدڙ غضب ڪيوء

سڃاتو اٽو ’سونَ‘ جو، نڀاڳا نيوءِ

ڪارو منهن ڪيوءِ، تو ڪوڙهيا کڻي ويُون ڪنجري.

گدڙ

مير! ’سونَ‘ ۽ تنهنجي سڱ جو، جي مونکي پوءِ سماء

ته رکئهِ مونکي الله، آءٌ ڪونه کڻان هوند ڪنجري.

مير

وَٽون واٽوڙين جون، تون ٿو لُچ لهين

ٽَپَڪي تي ٽَهين، سو مون سين مَ ڳالهاءِ مير چئي.

گدڙ

ٻهَ ٽي ڏينهن ٻچن سين، مون آهن ڏک ڏٺا ڏر

پنڊي ڏٺيام پٽ ۾، سا مون گهِرِي آندي گهر

هاڻ مير! مناسب ڪر، نه ته وڌ گهٽ ڪري وڙهنداسين.

مير

جي وڌ گهٽ ڪري وڙهندين، ته آءٌ پورا ڏيندو سان پار

تنهنجو چائو آهي چوريءَ سين، ٻي آهيَئِه بک ڏني ڏاتار

مٿي تي ميار، تون ٿو اڳي کڻين ذرا پُچا زالين جا.

گدڙ

سانئِر آهين سکرين جو، تون مير ملاحظو ڀانءِ

آءٌ آهيان سکر سيالين ۾، منهنجو آهي چڱن سين چلاءِ

رکندو مونکي الله، ان ذري پُچين زالين جي کان (1)

مير

ڪوڙا ڪُليون ڪُرٽڻا، گانڊو گلار!

پيرهاڻ پانڌيڙين جا وڃي کڻيو کَڏهارا

ڦِڪا ڦَشارا، تون ڪيئن مرن جو مٽ ٿئين؟

گدڙ

مير! رک پنهنجي سائنري سنگهر ۾ آهي جتي تنهنجي جاءِ

مون آهي سوئي ڳالهه سندياءِ ته تون ٿو ڀڳــٖـين تان بيت ڏنئين.

مير

جي ٿو ڀڳين تان بيت ڏين، ته تون ان کان اڳرو ڪونه آهين (2)

جي پَوئي ڪلَ ڪُتين جي ته تون سَٿَو ڪونه سهين

تون جو ٽَپڪي تي ٽهين، سو مون سان مَ ڳالهاءِ مير چئي.

گدڙ

سونهين واٽ سنگهر جي، ڪڏهن آءٌ اُملهي ايندوس

چم تنهنجا چورئه، آءٌ کلون سڀ کيندوس

ناز منجهان نيندوس، شُوسِي تنهنجون شيڪڻون.

مير

جي شُوشِي نيندون شيڪڻيون، ته پوندي ڪُتين کي ڪَل

چڙهندين وَر ’وانچ‘ جي، اها آهي اُمهاڙي اَجهل(3)

کُسي ويندايهَ کل، ٿوٿا ڏيندين ٿوهرين ۾.

گدڙ

اونداهي اڌ رات جو، آءٌ لونگهو لنگهيندوس

وانچ ڳَنان ويندوس، آءٌ پُترندوس پاڙي ۾.

مير

جي پُترندين پاڙي منجهه، ته مڙس کڻي مڙندايَه

پوءِ ڏَس ڏَمر جا ڏيندايهَ، مَس وري وَڃين مِٺڙيءَ تي.

گدڙ

هاڻ پرچي مير تون پاڻ سڃاڻ، اسان ڏي اچي

اَٺ وقت ٿي ويا آهن، گدڙ جي ٻَٺ ٻَچي

هاڻي جي وسهين منهنجي سُخن سچي، ته آءٌ اوڏو ڪونه

ڦرندوس اوهان کي.

مبارڪ گونگو: مبارڪ پٽ ڪنڊو پٽ ناٿو پاڙو ’آدم رئيس‘ گونگا، ويٺل سَماند (لياري کان اتر 5 ميل کن) سنه 1900ع-1905ع ڌاري گذاري ويو.

سڄڻ کي سنيهو

منهنجو هاڻ مبارڪ چئي، ڏجان سنيهڙو ساري

آڻيج پرين اسان ڏانـﮧ والي وطن واري

گڏجي ٻول، گنگو چئي، من پرينءَ منهنجا پاري

ته لڱين چندن چاڙهي، روح منهنجو راس ٿئي.

مومل راڻو

مبارڪ مومل راڻي جو قصو جوڙيو، جنهن مان هيٺيون بيت نموني طور مليو(1)

سوڍي سنگتي سڏيا ٻيا جي ٻيلي يار

سي ويٺا ڪاڪ ڪنڌيءَ هئا ڌرئون ڌارو ڌار

راڻو رفيقن کي ٿو سمجهائي سؤ وار

ته مومل جي مذڪور جا ٿا ڏاڍا پون ڏڪار

تنهن ڪئين مرد منجهائي جهليا، سڪندر جهڙا سردار

موتي جڙيا منڌ کي، ٻيا سونا آهن سينگار

سا هار وجهي هوشيار ٿئِي منڌر رکي مَڻ- تار

تنهن ٻارهن گل ٻاجهٽ کي هئا ڪارهن گل قطار

تخت هيٺان تنهن جي کٽ رتي رنگدار

ويس واڃائيء وَجَههَ سهڻا، پَرِينِ جهڙا پار

مور، مبارڪ، ڍرڪن ڊيلون ڪن طوطِيءَ جا تنوار

رکن راڻو روح ته من ۾، ڪن پنجئي وقت پڪار

پندرهن هزار پورب پاران سامي آيا سردار

ڀَلا گهوڙا، اُٺ اُني سين، آيا ڪوڏيا وچ قطار

تن جي چِٽ رِڪيبن چڱا چڙهيا نُهِن اُبتا نار(1)

دُئار، دنبچيون، ڪانٽن ڪَشا، سونهن بالا تنگ ڀتار

مُڇون مکيارڻا، سونهن سينا بند، ٻي جاوا ڳين لاک لڳار

ڪڻيون ڪڻيارا، هنڌ هَني تي، بَهدُر ڏين بسيار

جهلينِ جَنبيا، بڇينِ ڀالا، چؤرنگ چيلهه ڪٽار

هٿ ڪمانون، ڪڇ تراريون، ڍال ڪُلهي تي ڍار

اهي سڀ مومل موهي جهلئا لکين لک هزار

ٻئا جي سوين هڻن سَتار، ته به سُر سمجهيئي ڪونه ڪو.


(1) ليچاري= اوچتو پڪڙي (ليچارڻ= اوچتو جهلڻ)

(2) يعني ٿي (ٿئن) اها خطا اتفاقي (اپاري).

(1) اڇندي ئي= اٿندي ئي

(2) مثال= مشعل

(1) جنم= سدائين

(2) رئزنگ= سهڻو

(3) تنگ= منزل

(1) اٻاڻا= پنهنجا

(2) ويسر= دير

(1)’آگ اجهامي ڪين اندر جي- الخ‘، ص ص 95-96

(2) ڏسو مٿي ص ص 118-119

(3) صفحو 97

(4) اها ڳالهه سنه 1946ع جي آهي.

(1) هي بيت نهايت منڌل هئا جن کي ڪوشش ڪري سلجهايو ويو آهي.

(1) برڏان= رڻ کان

(2) گهميرا= گهمرا- ڦيرا (م)

(1) هن بيت جي روايت ناقص آهي.

(2) ڏسو مٿي ص 109

(1) يعني ڏکڻان مينهن آيو.

* جڏهن هي ورق ڇپجي رهيو هو (1950ع) تڏهن ميان دوست محمد، ڪمپازيٽر الوحيد پريس ۽ ساڪن ميرپورساڪرو، جو هن ڪتاب جو ڪم ڪري رهيو هو، تنهن هيٺين بيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو جو مٿئين بيت سان ملي ٿو:

سڃي وڃ م سسئي! نئين نئين نانگ سڄن

آرڙ اوطان ۾، ٿيون ڪوراڙيون ڪڙڪن

رڇ بگهڙ ڀولڙا، ٿا وانر وايون ڪن

ڳاڙه ڏينڀو ڏيهه ۾، ٿا چيلاٽا چهٽن

تينهان پوءِ سڄن، پکا ڄام پنهونءَ جا.

(1) پچ، ٻچا= ڪپڙا (م)

(2) بيت ڏين= بيت ڏيان (م)

(3) وانچ= ڪتي جو نالو

(1) راوي جمڙو خاصخلي ويٺل لياري.

(1) نار= نال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org