سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري

صفحو :1

ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

خاندان جو سربراهه

 

وزيراعظم

نواب ولي محمد خان لغاري

 

اسان جو شاعر

 

نواب فقير ولي محمد خان لغاري

 

 

مهاڳ

           سنه 1952ع ۾ مرحوم نواب گل محمد خان لغاري تاجپوري سان واقفيت ٿي، ۽ سندس علم دوستي، اخلاص ۽ محبت هن ابتدائي واقفيت کي دوستي جي درجي تي پهچايو. گل محمد خان عمر رسيده بزرگ ۽ نوابن جي خاندان مان هڪ باشعور فرد هو. کيس ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر کان وٺي سنڌ ۾ پنهنجي خاندان جي سربر آورده سردارن جي سياسي عظمت، علمي ۽ ادبي لياقت، قومن ۽ راڄن جي خذمت ۽ ذاتي نيڪي ۽ شرافت جو احساس هو. انهيءَ ڪري هو سندن ڪارنامن کي بطور تاريخ جي قلمبند ڪرڻ جي خواهان هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ خاندان جو شجرو ۽ ٻيا ڪافي ڪجهه معلومات پڻ گڏ ڪيا هئائين. جڏهن بنده جي ساڻس آشنائي ٿي ته ترغيب ڏنائين ته هي ڪم آءُ پنهنجي ذمي ڪريان. سندس محبت کان ۽ ڪم جي تاريخي اهميت کان متاثر ٿي مون سندس آڇ خوشي سان قبول ڪئي. ان بعد سندس رفاقت ۽ صحبتن ۾ هن خاندان جي ٻين بزرگن، خصوصاً نواب حاجي شفيع محمد خان مرحوم، نواب عرض محمد خان ۽ نواب حاجي محمد علي خان سان ملاقات ٿي ۽ سندس وساطت سان ٻين صاحبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. انهن سڀني صاحبن جي مدد ۽ معاونت سان هن خاندان بابت تاريخي ۽ علمي مواد جمع ٿيندو رهيو ۽ اهو سلسلو خاص موقعن جي مناسبت ۽ فراغت مطابق چئن پنجن سالن تائين جاري رهيو.

سنه 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان جڏهن فقير نواب ولي محمد جي ڪلام کي سهيڙڻ جو ڪم بنده جي سپرد ٿيو ته مرحوم نواب گل محمد خان انهي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. فقير صاحب جو ڪلام جو پاڻ اُتاريو هئائين سو منهنجي حوالي ڪيائين، ۽ پڻ محترم حاجي اُميد علي خان ۽ محترم بهاول خان سان ملايائين، جن وٽ فقير صاحب جي ڪلام جا آڳاٽا اُتارا موجود هئا. انهن صاحبن به مهرباني ڪري ڪلام جا اُهي مجموعا منهنجي حوالي ڪيا.

قضا الاهي جو اسان جي محب ۽ محسن نواب گل محمد خان تاريخ 28 ربيع الاول 1375هه (1955ع)  ۾ وفات ڪئي، ۽ هي ڪم جنهن جي شروع ڪرائڻ ۾ سندس خاص هٿ هو، تنهن جي تڪميل کان اڳ هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.

نواب گل محمد خان جي وفات  بعد حاجي محمد علي خان هن ڪم جي تڪميل لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ خاندان جي حالات جمع ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏنائين. فقير نواب ولي محمد جي ڪلام ۽ سوانح جي سلسلي ۾خاص طرح محترم بهاول خان وڏي مدد ڪئي. وڏن بزرگن مان نواب عرض محمد خان ۽ مرحوم حاجي شفيع محمد خان وٽان خانداني تاريخ بابت مستند حالات مليا. حاجي درويش محمد خان، حاجي اُميد علي خان، نوراحمد خان ۽ عبدالعلي خان پڻ هن سلسلي ۾ وقت بوقت پئي مدد ڪئي. انهن جملي صاحبن جو آءُ شڪر گذار آهيان جو سندن تعاون سان ئي هن خاندان جا حالات قدري تفصيل سان جمع ٿي سگهيا آهن ۽ پڻ فقير نواب ولي محمد خان جي سوانح ۽ ڪلام کي سنواري پيش ڪيو ويو آهي. محترم مرزا عباس علي صاحب (ٽنڊو آغا) جو شڪريو جنهن وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري جي ناياب تصوير مهيا ڪئي.

ڪلام جا مجموعا

فقير نواب ولي محمد جي ڪلام جي هيٺين نسخن جو پتو پوي ٿو:

(الف)  سنه 1322هه ۾ فقير نواب ولي محمد خود پنهنجو ڪلام گڏي ڪري هڪ مجموعي جي صورت ۾ پنهنجي هٿ اکرين قلمبند ڪيو. اهو اصلي مجموعو گُم ٿي چڪو آهي پر اُن تان جو ٻيو نسخو نقل ڪيو ويو، ان جي آخر ۾ اصلي نسخي جي خاتمي واري هيٺين عبارت لکيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته فقير صاحب خود پنهنجو ڪلام لکي گڏ ڪيو ۽ ان جو نالو ”واعظ العشاق“ رکيائين:

همين کتاب واعظ العشاق تصنيف فقير حقير اضعف عبدالله ولي محمد فقير لغاري مريد درگاهه حضرات صاحبان صوفي القادري دام برکاتہ بتاريخ 19 -ماه ربيع الاول 1322هه (باتمام رسيد) ليکن بخذمت جميع صاحبان اهل دل عرض است کہ اگر کدام سهوي يا خطائي دزين کتاب بنظر درآيد اَنرا بذيل عفو بپوشند يا اصلاح بکنند.

(ب)  اصلي نسخي تان هي نسخو اڌ کن خود فقير نواب ولي محمد  لکيو ۽ باقي اڌ ٻئي ڪنهن اُتاريو.

(ج)  حاجي اُميد علي خان جو مجموعو جو مٿئين نسخي (ب) تان هدايت علي فقير نجفي 1349هه ۾ اُتاريو. ان جي آخر ۾ ڪاتب طرفان هي عبارت ڏنل آهي:

”از کلک حقير پر تقصير عاصي ازلي خادم الفقراء محمد هدايت علي تخلص تارک فقير قوم قريشي علوي المعروف تونيہ فقير رهندڙ لعلو فقير تونيہ تعلقه واره ضلع لاڙکانہ. ماده تاريخ ’فضيلت ڪده‘.

      1349هه

(د) حاجي غلام حسين خان (بن حاجي فتح محمد خان بن حيدر علي خان) جي ڪتابڙي جنهن تي فقير نواب ولي محمد کيس پنهنجي هٿ اکرين پنهنجا بيت ۽ ڪلام لکي ڏيندو هو (جنهن جي هڪ صفحي جو عڪس ’مقدمي‘ ۾ فقير صاحب جي هٿ لکيل وظائفن جي بياض جي عڪس بعد ڏنو ويو آهي). هن ڪتابڙي ۾ 50 کن ڪلام ۽ ٻيا بيت ڏوهيڙا سنه 1290هه ڌاري جا قلمبند ٿيل آهن.

)هه) بهاول خان جو مجموعو جو اصل نسخي (الف)، فقير صاحب جي وقت ڪتابڙي (د)، ۽ هدايت علي نجفي واري نسخي (ج) تان اُتاريل آهي.

(و) مرحوم نواب گل محمد خان وارو نسخو جو بهاول خان واري مجموعي جو نقل آهي ۽ ان ۾ ڪي ٻيا متفرق اشعار پڻ شامل آهن.

انهن مجموعن جي مطالعي ۽ ڀيٽ جي بناء تي فقير نواب ولي محمد جو ڪلام سهيڙي سنواري هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪي ڪافيون، جي قلمي ذخيرن کان ٻاهر هيون يا پوءِ مليون سي ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنيون ويون آهن.

فقير نواب ولي محمد جو تعلق سنڌ جي لغاري نوابن جي انهيءَ خاندان سان هو جنهن ٽالپوري عهد ۾ توڙي پوءِ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا. ان ڪري مناسب سمجهيو ويو ته مقدمي ۾ هن خاندان جي تاريخ تي تفصيل سان روشني وڌي وڃي. خود فقير نواب ولي محمد جي سوانح ۽ ڪلام جو ذڪر هن تفصيلي مقدمي جو آخري باب آهي.

 

 

 

 

سنڌ يونيورسٽي خادم العلم

      9 ذوالقعده سنه 1387هه نبي بخش

      (9 -فيبروري 1968ع)

 

باسمہ تعالي

مــــقــدمـــہ

الف-تاجپور جي لغاري نوبان جو خاندان

        سنڌ جي هن مشهور خاندان جي شروعات سندن وڏي ڏاڏي مڱن خان سان ٿئي ٿي، جنهن جو شجرو هن طرح آهي(1):  مير مڱڻ خان بن توربند بن لڌڏو بن صيفل بن صَفل بن پهلوان بن عالي بن پاهڙدين بن ادينڪ بن محمد بن حسن بن آسيب بن شامي بن شاه بن گل حسن بن پيروز بن حيران بن رند بن جلال خان بن بجار بن مهر علي بن اميد علي بن جعفر بن ايسوع بن محمد بن مخدوم هاني ڪيچ مڪراني بن الهداد بن نوتڪ بن هارون بن علي مهر ذيل بن مخدوم صاد بن ناظر بن شافع بن عبدلله وادوي بن عبدالجليل وادوي بن عبدالخالق وادوي بن يوسف وادوي بن امڪان وادوي بن آرنج وادوي بن هاشم بن عبدالغفور بن يزد وادوي بن ينل وادوي بن بزدار بلوچ وادوي بن حمزه بن مالڪ بن دينار بن محمد بن احمد بن عبدالصنم بن حسر بن رڪعہ بن عبدالڪعبة بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف بن قُصّي بن ڪلاب بن مُرة بن ڪَعب بن لؤويّ بن غالب بن فِهر بن مالڪ بن اَلنّصر بن ڪنلنة بن خزيمة بن مڊرڪہ بب الياس بن مضر بن نِزار بن معّد بن عدنان بن ادد بن مُقَّوَّم بن ناحور بن تيرح بن يُرب بن يشجب بن راعو بن فالخ بن عيبر بن شالخ بن اَرفخشد بن سام بن نوح بن لمڪ بن متوشلخ بن اخنوخ يعني ادريس بن برد بن مهليل بن قينن بن يانش بن شيث بن حضرت آدم صفي الله.

        مڱن خان:  مڱن خان اصل ۾ ’ڪوهستان جمال الدين جو رهاڪو هو، جتي اڄ تائين لغارين جي ’ٽڪر ڪوه‘ سندس نالي مشهور آهي. هو پاڻ لغارين جي ’بوزدار‘ قبيلي مان هو، ۽ جڏهن جوان ٿيو، تڏهن رند روو بوزداري مان لڏي اچي ’سري‘ ۾ ميان غازي خان مرڙاڻي وٽ رهيو. جنهن  وڏي عزت سان کيس پاڻ وٽ رهايو. ڪجهه وقت بعد ميان غازي خان کان رخصت وٺي لغارين جي چوٽي ۾ آيو، جتي لغاري سردارن ڀائرن وانگر کيس پاڻ وٽ رهايو. مڱڻ خان اتي ’ياقياڻين‘ لغارين مان شادي ڪئي ۽ پنهنجو جدا ڳوٺ ٻڌايائين جو اڄ ڏينهن تائين ’چوٽي‘ ۾ ’بستي مير مڱڻ خان‘ جي نالي سان موجود آهي.

 

        ’چوٽي‘ ۾ لغارين جي راڄ ۾ رهڻ ۽ اتي جي راهه ۾ رسم اختيار ڪرڻ سان مڱڻ خان پڻ پاڻ کي ’بوزدار‘ جي بدران ’لغاري‘ سڏايو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو دودو خان رکيائي. دودو خان هڪ لائق شخص هو، جنهنڪري ”ڄام“ جي لقب سان هو ’ڄام دودو خان‘ سڏجڻ لڳو. مڱڻ خان توڙي سندس پٽ ”ڄام دودي خان“ ٻنهي چوٽيءَ ۾ وفات ڪئي.

 

 

 

ڄام دودي خان جي اولاد جو سنڌ ۾ اچڻ: ڄام دودي خان جي پهرين شادي ’باقياڻين‘ لغاري سان ٿي جنهن مان کيس الهيار خان ڄائو. ان اهليه جي وفات بعد سندس ٻي شادي ميان بلوچ خان جيئنداڻي ٺوڙهي ٽالپر (جو ميان غازي خان جي نوڪري ۾ هو ۽ لغارين جي پاڙي ۾ويٺل هو) جي پٽ ميان لانگہ خان جي نياڻي سان ٿي، جنهن مان کيس هوت خان ڄائو.اهڙيءَ طرح مڱڻ خان جي اولاد (لغارين) ۽ ميان بلوچ خان جيئنداڻي ٽالپر جي اولاد (ٺوڙهن ٽالپرن) جي وچ ۾ سڱابندي ۽ رشتي جي شروعات ٿي، جا اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.

        سنڌ ۾ پهريئاين پهريائين ڄام دودي خان جا پٽ، الهيار خان ۽ هوت خان سنه 1131هه/1718ع ۾ آيا. ان وقت ميان يارمحمد ڪلهوڙن جي اسرندڙ طاقت جو اڳواڻ هو. مير چاڪر خان بن مير شهداد خان جي معرفت ٻنهي ڀائرن ميان صاحب جو سلام ڪيو. ميان صاحب کين عزت ڏني ۽ نوڪري جي آڇ ڪئي جا هنن قبول ڪئي. بروقت، ٻارهن سؤ جريب زمين پنو، مڪان اوٺڪي، (ديهه پاڪ سنگهار، تعلقو ٽنڊوالهيار) ۾ سندن گذران ۽ آسايش لاءِ منظور ٿي ۽ کين ’چوٽي‘ مان سنڌ ۾ اچڻ لاءِ صلاح ڏني وئي، جا ٻنهي ڀائرن قبول ڪئي، ۽ هو اهل عيال وٺي اچڻ لاءِ واپس ’چوٽي‘ ڏانهن روانا ٿيا.

        سفر جي دوران هو سرحد غازي خان ۾ اچي سندن دوست وليداد خان مرڙاڻي وٽ مهمان ٿيا. وليداد خان سان ان وقت ڪنهن ٻي ڌر جي جنگ هئي، جنهن جو ٻڌي هوت خان به وليداد خان طرفان جنگ ۾ شريڪ ٿيو. ۽ دوستيءَ جو ناتو نباهي شهيد ٿيو.  الهيار خان پوءِ ’چوٽي‘ ۾ رهي پيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ان بعد سندس پٽ اهل عيال ساڻ ڪري سنڌ ۾ اچي هميشه لاءِ سڪونت پذير ٿيا.

        الهيار خان جي شادي لانگہ خان بن بلوچ خان جيئنداڻي ٺوڙهي ٽالپر جي گهران ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ، شير خان ۽ مير خان ٿيا. هي ٻئي ڀائر پنهنجي والد جي وفات بعد ’چوٽي‘ مان لڏي سنڌ ۾ آيا، ۽ شير خان پنهنجو ڳوٺ موجوده شهدادپور (ضلعو سانگهڙ) شهر کان پنج ميل اوڀر طرف اچي ٻڌو، جتي اڄ ڏينهن تائين ”ڳوٺ شير لغاري“ سندن نالي سان موجود آهي. شير خان کي پنج پٽ ٿيا: دودو خان، جهان خان شهعلي خان، بلوچ خان ۽ ماڻڪ خان. مير خان کي فقط نياڻي ٿي. جنهن جو سڱ مير شهداد خان (وڏي) جي ڀاءُ سان ٿيو. شير خان جو اولاد اڃا تائين سندن ڏاڏي جي ٻڌل ڳوٺ شير خان لغاري ۾ رهي ٿو. وفات بعد شير خان، شاهپور چاڪر لڳ مير شهداد خان (وڏي) ۽ سندس پٽ مير چاڪر خان جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو، جتي سندس تربت ۽ قبو هن وقت تائين موجود آهن.

هوت خان شهيد جو اولاد

        هوت خان شهيد کي ٽي پٽ ٿيا: وڏو حيدر علي خان وچٽ غلام محّمد خان، ۽ ننڍو جلال خان. هنن ڀائرن جڏهن پنهنجي والد جي شهادت جي ٻڌي تڏهن وڏو ڀاءُ حيدر علي خان، وليداد خان مرڙاڻي جي خبر ڳوٺ ويو جتي پنهنجي پيءُ جي تربت جوڙائي، واپس اچي سڄو احوال پنهنجي ڀائرن کي ٻڌايائين. پوءِ ٽيئي ڀائر سنه 1140هه/1727ع ۾ ’چوٽيءَ‘ مان اهل عيال ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن روانا ٿيا ۽ موجوده سنجهوري تعلقي ۾ شهر جهول جي نزديڪ ’اڀيور‘ جي ڀرسان اچي پنهنجو ڳوٺ ٻڌائون.

        ٽالپور اميرن سان وابستگي: هوت خان شهيد جي پٽن سنڌ ۾ اچڻ بعد ڪلهوڙن حڪمرانن جي ٽالپور اميرن سان وابستگي پيدا ڪئي ۽ انهن وٽ نوڪري شروع ڪيائون.

        حيدر علي خان پنهنجن پٽن فتح خان ۽ گل محمّد خان سان گڏ مير صوبدار خان جي خدمت ۾ رهيو ۽ پنهنجي ٻن ننڍن ڀائرن غلام محمّد خان ۽ جلال خان کي مير بجار خان وٽ نوڪريءَ ۾ ڇڏيائين. جڏهن حڪومت ٽالپورن اميرن جي هٿ ۾ آئي تڏهن هنن ڀائرن جو اولاد پڻ وڏي اقبال کي پهتو. حيدر علي خان، غلام محمد خان ۽ جلال خان، ٽيئي ڀائر وفات بعد مير شهداد خان وڏي جي قبرستان ۾ (لڳ شاهپور چاڪر، تعلقه شهدادپور) مدفون ٿيا، جتي سندن قبرون اڄ ڏينهن تائين موجود آهن.


(1) هي شجرو مڱڻ خان کان وٺي عالي تائين مرحوم حاجي فتح خان جي زباني بيان ٿيل آهي ۽ هن قبيلي جي پنهنجي خانداني روايت موجب مستند سمجهڻ گهرجي. پاهڙدين کان وٺي اڳتي آخر تائين ڏنل شجري جي روايت جو دارومدار ’ڪوهستان بوزدار‘ جي قبائلي روايت تي آهي جا مرحوم فقير نواب غلام الله کي اتي وڃڻ وقت مقامي بلوچن کان ملي. انهيءَ روايت جو پويون حصو، يعني عبدالمطلب کان حضرت  آدم تائين،اسان عربي نسبنامي موجب درست ڪري لکيو آهي، مگر مجموعي طور سان بوزدار قبيلي جي اها روايت لغاري قبيلي جي ٻين پاڙن جي روايت کان مختلف آهي (ڀيٽيو ’ڪليات حمل‘ ۾ ڏنل ’سير ڪاڻي‘ پاڙي جي روايت) البت، هن روايت ۾ هڪ خاص دلچسپ نڪتو هيءُ آهي ته ٻين پاڙن جي نسبنامي جون روايتون نبي صلعم جن جي چاچي حمزه بن عبدالمطلب سان ملن ٿيون، مگر هيءَ روايت ’حمزه بن مالڪ بن دينار‘ سان ملايل آهي، جو عبدالمطلب جي نائين پيڙهيء ۾ ڄاڻايل آهي، يعني ته هو حضرت امير حمزه کانسواءِ ڪو ٻيو بلوچ سردار هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org