سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

 

مداحون

 

 

 

مدح نبي صلعم

 

 

يا سردار عالم جا اجها، ڪر ماڙ منهنجي سيدا
هر حال ٿي مشڪلڪشا، توفيق ڏي بهرِ خدا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

بي دين کي تون دين ڏي، وحدت سندي تلقين ڏي
قلبم اندر فرحين ڏي، ديدار جي تسڪين ڏي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

جيڪي دنيا ۾ ڪم ڪيم، امر ونهي جا حق ڀڳم
تن جون مرادون سڀ ڏٺم، آخر نتيجو ڪونه ٿيم
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

ختم المرسل سردار تون، خاوند اڳيون مختيار تون

آهين ارڙين آڌار تون، کڻندين کُهِن جا بار تون
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

هي خيال اٿم راتو ڏينهان، حب ۾ تنهنجي مرسل ويهان
با اهل ۽ اولاد سان، اچي حاجي الحرمين ٿيان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

شاهِ نجف جي سام پيس، حسنين جي دامن لڳس
آل عيا پنهنجو ڪيس، ٻئي در نه ڪنهن جي تي ڀڳس
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

جي يار تون محبوب جا، ان جو ادب آهي بجا
اصحاب تنهنجا سڀ سچا، تن جي صفت آهي روا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

اي شافعِ روزِ حشر، مون کي مدد ڏج منجهه قبر
ڪج مهر سان سهجو سفر، آهيان اٻوجهو بي ثمر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تُلندا عمل ميزان ۾، ٿيندو لقاءُ ميدان ۾
سڀڪو هوندو ارمان ۾، مون کي رکج تون ڌيان ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

القاب تو پيغمبري، معراج ڪيوئي بالاتري
حق کان عطا ٿي سروري، ڪنهن جي نه توسان همسري
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

بيداد جو تون داد ڪر، غمگين جي دل شاد ڪر
قرضئون مرضئون آزاد ڪر، برڪت سندو امداد ڪر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

دنيا سڄي فاني فنا، ”الفقير فخري“ تو جڳاءِ
مون سان ڀلايو ڪر ڀَلا، جنهن ۾ ڏسان سختي نه ڪا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تنهنجو حڪم برين ۾، جاري آهي بحرين ۾
روئي زمين ڪونين ۾، ٿيو تو عطا قوسين ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

ڪا مهر ڪر وريام مون، ڪر معاف احمد ڄام مون
ڏوهن سندا اقلام مون، ڏي ذوق منجهه اسلام مون
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

حضرت حسن مربي اٿم، شہِ ڪربلا والي سندم
جنهن فوج پنهنجي ۾ گڏيم، تن جي محابي لاءِ غم
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تنهنجي رسالت جي ڦريا، تحقيق سي ڪافر ٿيا
جيئري وڃي دوزخ پيا، هر دو جهان هوندين گِلا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

صادق سي ئِي سڏبا صفا، الامر آڻيندا بجا
فرق الادب ۾ با وفا، صابر ٿي سر سهندا جفا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

ڏي جام محبت جو ڀَري، نوري پيالو پُر ڪري
هردم منهنجي دل ٿي گُهري، ناهي بقا دم جي ذري
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تنهنجي صفت فرقان ۾، ”يلسين“ تنهنجي شان ۾

جلوه زمين آسمان ۾، لوح و قلم فرمان ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تون دردمندن جي دوا، تو کؤن بنان ناهي شفا
محتاج سڀ تو در سندا، مڙني جي ڪر حاجت روا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

سوالي آهيان تو شير جو، ڪهڙو سبب آهي دير جو
ڏي ڪو دلاسو خير جو، قطرو نه جنهن ۾ غير جو
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تنهنجي سخاوت جي خبر، مشهور منجهه جملي بشر
سڀڪو سلامي تنهنجي در، ”فضل عفو“ جي ڪر نظر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

اَولاد منهنجي جِي عُمر، زيادهه ڪرين مثلِ خضِرِ
سڀني هدايت ڏي صبر، پَرتا اٿئي منجهه خير شر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

علم و حياءُ بخشين تون، مُنهن دين جو ڪو ڏينِ تون
يا سَيَد اَخربِينَ تون، ڪر هي دُعا آمين تون
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

يا مير هن دستور ڪر، منهنجو قلب پُر نُور ڪر
ڏيئي لقا مَخمُور ڪر، دشمن اندر مؤن دؤر ڪر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

طواف ڪعبي جو ڪريان، عرفات ۾ داخل ٿيان
هيڪر اکين روضو ڏسان، ’مَن ذارَ قبرِي‘ تو چُمان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

واجب شفاعت تو مٿي، ويهندين عدالت تي جتي
عاصي ايندا تو وٽ اُتي، چوندا شفيع آهين ڪٿي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

يوم القيامت جو حشر، ڏاڍو سُڄي ٿو با ڏمر
ڪنهن جي نه لَهندو ڪو خبر، آهيان اَنهيءَ خوف و خطر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

جيڪي رکن مون سان حسد، مون کي آهن سيئي پسند
موجب نيت لَهندا رَسد، ’فِي جيِد جبل۔ مِن مَسَد‘
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

هن بخر بي پايان ۾، لهرين سنڌي طوفان ۾
ٻيڙو رکج طغيان ۾، جيئن نوح ڪشتي بان ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

مرشد منهنجي جو خاندان، اباد هوئي هر دو جهان
دائم ظل وڄندو ڏسان، ’بالحرمت والصادُ‘ ڏسان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

وارث وسيلا وِر تون ، منهنجي مدد ڪر مير تون
دلگير کي ڏي ڌير تون، ثابت رکين منجهه سير تون
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

جي ڪنهن کي ڪا حڪمت ملي، آيو جڏهن تو وٽ هلي
تحقيقي ٻي ڪانهي ڳِلي، منهنجي به آخر ڪج ڀَلِي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

اسلام جو هوڪو گهما، غلبا ڪفر جا سڀ هَٽا
تون دين کي قوت وَٺا، فرصت ٿئي تنهن ۾ نه ڪا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

هادي هدايت ٿو پنات، با اَمن ۽ ايمان سان،
ڏيکار مون مهدي زمان، جنهن جو ڪتابن ۾ بيان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

صلواة تنهنجي بَر زبان، مون وِرد ٿي رتو ڏينهان
تنهن کي پڙهي آءٌ قلب سان، حضرت ۾ حاضر ٿيان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

عيبن ڀريو عاصي آهيان، ڪهڙو اٿي سينو ساهيان
تو کانسوا ڪيڏي ڪاهيان، ٻيو ڪونه ٿو چارو ڀانيان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

يا سيدا تون پاڻ پس، منهنجن افعالن ڏي نه ڏس
جلدي ڪر هن حال رس، مون کي اچي ڪنهن لاءِ گَسُ
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

حق جو ذڪر مرشد ڏنم، تنهنجي ادائي ڪانه ٿيم
شيطان جي ياري رسيم،ڏاڍي اها غفلت ڪيم
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

هي التجا منظور ڪر‏، منهنجا سڀيئي غم دُور ڪر
معافي ڏيئي مسرور ڪر، سوالي سدا ڀرپور ڪر
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

يا ساقيءَ ڪوثر ڌڻي، تنهنجي وَڻِي ربّ کي وَڻِي
اميد ساريان ٿو گهڻِي، سولِي ڪندين جا مون بَڻِي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

آهي اميد الله ۾، تو شاهه عالي جاه ۾
مون چئي مدح جنهن آه ۾، مقبول ٿئي درگاهه ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

منڪر ذڪيرا ايندا پُڇڻ، ٿيندو نه ڄاڻان ڪين ڪُڇڻ
منهنجا چڱا ڪج سڀ لڇڻ، ٿئي خير سان جنهن مؤن ڇٽڻ
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

جيڪي حياتي ۾ هجان، محتاج شل ڪنهن جو نه ٿيان
با آبرو ۽ ڀرم سان، ڏينهڙا لنگهن هن دور مان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

وئي ملڪ مان محبت ڇڏي، سڀڪنهن کي غفلت ۾ گڏي
برڪت حيا ويا سڀ لَڏي، هاڻي آهيان تنهنجي تڏي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

ساري عمر وئي خواب جان، حاصل نه ٿيو ڪِي تنهن منجهان
تنهن لاءِ ٿو هٿڙا هَڻان، تسبيح توبهه ٿو پڙهان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

الحمد دم بدم، حق ڪيو توکي شافع اُمَم
منهنجي هي سڀ ساري رقم، مقبول ڪر پنهنجي ڪرم

رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

هن دؤر ۾ تنهنجي سخا، مشهور منجهه ارض وسما
مون تي به ٿئي بخشيش ڪا، ’علم الدني‘ ڪر عطا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

حامي حمايت تو سندي، مون کي نيئي ويجهو ڪندي
’جنّات عدن‘ جي ڪنڌي دائم وهي جنهن جي ندي
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

حق مدعا پوري ڪيم، جا حّب تنهنجي ۾ چيم
جنهن جي بشارت تو ڏنم، مطلب سڀئي حاصل ٿيم
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تعريف تنهنجيءَ جو بيان، سمجهي ڏٺم قرآن مان
ختم النبي آخر زمان، مالڪ آهين هر دو جهان
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

تنهنجي حسن کان ڪيترا، جلوو وٺي مطلب رسيا
شمس و قمر کي ٿيو ضيا، چوڏهن طبقو روشن ٿيا
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

”ولي محمد“ ڏينهن رات ۾، آهي انهي خيالات ۾
يا سيدا سڪرات ۾، ڏج ياد ڪلمون وات ۾
           رس يا رسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

 

 

 

مدح نبي صلعم

 

سي حرفي

الف الله دا خاص محّمد - ساري جڳ دي پاس محمّد
هوسي ڪُل ڪم راس محمّد - هي سڀڪنهن اِها آس محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

بي باطن دي راه محمّد - هر مشڪل همراه محمّد
دل دي غم تون لاهه محمّد - ٻي ڪانهين ڪا واهه محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

تي توڪل ڏي ڏات محمّد - ذاتي ٿيوم ذات محمّد
ورد ڪران صلواة محمّد - ويکان وچ عرفات محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

ثي ثابت رک سِير محمّد - ڏي مئيڪون دلڌير محمّد
هووان دامنگير محمّد - معاف ٿيوي تقصير محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

جيم جلال جمال محمّد - شامل ٿيوي شال محمّد
دم دم هووي حال محمّد - بخش تيڏا مئن نال محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

حي حمايت زور محمّد - ميڏا ٿيوي غور محمّد
هرڪو ڄائي اور محمّد - ڪر مطلب في الفور محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

خي خيال حقاني محمّد - قلب اندر نوراني محمّد
سارا سر سبحاني محمّد - ذڪر ٿيوي سلطاني محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

ذال دل اندر ذوق محمّد - ڏي مئيڪون وه شوق محمّد
جان جيوان وچ لوڪ محمّد - ڳل وچ هو وِم طوق محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

ذال ذڪر ڏي ياد محمّد - ٿيوي جنهن دلشاد محمّد
سڻ ميڏي فرياد محمّد - تنهن دا ڪرڪو داد محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

ري رحيم علي محمّد - ظاهر عبد سليم محمّد
باطن نام ڪريم محمّد - سمجهه ڏٺم وچ ميم محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

زي زبان بيان محمّد - ڪيا ڪهسي انسان محمّد

تيدا شاهي شان محمّد - لکيا وچ فرقان محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

 

سين سخاوت بار محمّد  - چاتا تئين نروار محمّد
اُمت دا آڌار محمّد  - ڏي سهڻا جنسار محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

شين شڪر صد بار محمّد - تو جيها مهندار محمّد
وچ تيڏي درٻار محمّد  - ڇُٽسي ڪل سنسار محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

صان صبر ڏي مئيڪون محمّد  - ڳول لڌائين جنهن ڪون محمّد
رازاً کان وچ ڪنهن ڪون محمّد  -  دمدم ويکان تئيڪون محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

ضاد ضعيفي حال محمّد  - هردم ٿي لڄپال محمّد
ميڏا ويک عيال محمّد  - پارس ڏي هٿ نال محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

طوئي طالب شل ٿيوان محمّد  - جاسين جڳ وچ جيوان محمّد
مئي وحدت دا پيوان محمّد   - نال ذڪر دم ڏيوان محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

ظوئي ظهور حياتي محمّد  - نال لنگهي دم ذاتي محمّد
توڙي بعد مماتي محمّد  - ياد رهي وڃ ڇاتي محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

عين عنايت ڪرڪا محمّد  -  ڏي خوشحالي سڀڪا محمّد
مطلب ديني دنيا محمّد  - حاصل ٿيوي عقبيٰ محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

غيبن غني تون پاڪ محمّد   - روئي زمين افلاڪ محمّد
تيڏي در دي خاڪ محمد   - مئن ڪيتي اِملاڪ محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

في فڪر ڪر دور محمّد   - ڏي پيالا ڀرپور محمّد
قلب ٿيوي مخمور محمّد   - هر دم حَجّ حضور محمد
                    صلي الله عليه وسلم.

قاف قلم لِک صاف محمّد   - ٿي صاحب انصاف محمّد
تيڏي وچ اوصاف محمّد   - ڏوه ڪري حقن معاف محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

ڪاف ڪلام رباني محمّد   - تنهن وچ صاف نشاني محمّد
ختم النّبي لاثاني محمّد  - ڪونهين تيڏا شاني محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

لام لطيفي لات محمّد  - نال نفي اثبات محمّد
ڏي مئيڪون اِها ڏات محمّد  -  ورد ڪران صلواة محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

ميم مدارِ جهان محمّد  - شاهي تيڏا شان محمّد
جن ملڪ انسان محمّد   - وچ تيڏي فرمان محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

نون نقابان کول محمّد  - محب مٺا ڪجهه ٻول محمّد
لڌم تئيڪون ڳول محمّد  - سَهِجَئُون جهليم جهول محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

واء ”ولي محمد“ دا محمّد  - رکين جڳ وچ پردا محمّد
هي پَردا تو دردا محمّد   - ڏيوين پوش ستر دا محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

هي هادي سڻ عرض محمّد  - دور دفع ڪر مرض محمّد
لاءِ ميڏا ڪُل قرض محمد -  آکڻ مئيڪون فرض محمد
                    صلي الله عليه وسلم.

لام لڳس لڙهه تيڏي محمّد   - رخ ڪيتا دل جيڏي محمّد
ٻئي در ويسان ڪيڏي محمّد  - ويک نه آو ڳُڻ ميڏي محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

الف اولاد مدام محمّد   - ميڏا تيڏي سام محمّد
محبت والي جام محمّد  - هر دم ڏي آرام محمّد
                    صلي الله عليه وسلم.

يي يقين ميڏا ول محمّد  -  قلب اندر ٿيا ڪامل محمّد
ٿئي حب تيڏي شامل محمّد  - ڪليمان پاڪ پڙهيا دِل محمّد
                      صلي الله عليه وسلم.

لا الــٰہ الا الله محمد رسول الله

 

 

 

درشان حضرت عثمان قلندر شهباز سيواڻي (مروندي)

 

سخي شهباز نوراني، تون آهين سِرُّ سبحاني
سارو جڳ ٿيو سندئي ڏني، مَلڪ توڙي جِنّ انساني

 

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

اکين جو نور ڪر روشن، ڏسي روضو ڪريان درسن
ڇٽان هن دور جي دردن، ٿيا آجو ڪتان عيبن

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

گدا آهيان تنهنجي در جو، تون آهين اولاد حيدر جو
ڀڳو جنهن ڪوٽ خيبر جو، وصي وارث پيغمبر جو

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

اچي ڪر مون سان تون لائق، آهين تون ملڪ جو مالڪ
حڪم هٿ ۾ ڏنئي خالق، آهيان ديدار جو شائق

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

آهيان تو در سندو سوالي، تنهنجي درگاهه آه عالي
ساري تون ملڪ جو والي، اچي ڏي مون ڪا خوشحالي

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

مون تي اچي شير ٿي شافي، دعا تنهنجي اٿم ڪافي
منهنجي تقصير ڪر معافي، قلب ٿئي صاف مون صاف

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

اٿم اهو بار سر باري، نظر ٿئي تيز مون جاري
لکان تنهنجي مدح ساري، هٿن پنهنجن سان هڪواري

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تون آهين درياءَ رحمت جو، واقف آهين حق جي قدرت جو
ڀري ڏي جام وحدت جو، وجهي قطرو محبت جو

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تون آهين شاهه شاهاني، تنهنجي درگاهه سلطاني
مون سان ڪرڪا مهرباني، لنگهن ڏينهڙا به آساني

 

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

ورائج وير مون وارو، سدا آهين تون سوڀارو
تنهنجو هر جاءِ اوتارو، لڳي ٿو نينهن جو نعرو

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

وڄي نوبت تنهنجي شاهي، ڏين ٿا مَلَڪ آگاهي
مون سان ڪر شير همراهي، ٿيان حرمين ڏي راهي

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

مشاخي جو ڇڏي رايو، فقيري پوش مون پايو
آهيان نو در ڀڄي آيو، سجايو ڪر سندم لايو

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

دوئيءَ جي دام ۾ آهيان، اهو سر بار ڪيئن لاهيان
نٿو ٻي واهه ڪا ڀانيان، سوا تنهنجي ڪيڏي ڪاهيان

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

حسيني مير ٿي ظاهر، منهنجي ڪم  ڪا اچي واهر
اندر جو غير ٿئي ٻاهر، لُذنّي جو ٿيان ماهر

 

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تون لعلون لعل جڏهن آهين، منهنجا اچي غم سڀيئي لاهين
منهنجي هر حال تي ڪاهين، وڃان ٻئي در نه ڪنهن دانهين

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تون آهين ’نورءٌ عَليٰ نوري‘ گهران تو کان ٿو مغفوري،
مدح جي ڏي تون منظوري، منهنجي ڪر آس سڀ پوري.

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

سخي ڏاتار سيوهاڻي، اچي تون شير ٿي ساڻي
ظاهر باطن تون ٿو ڄاڻي، تنهنجي عرشن ۾ واکاڻي

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تنهنجي حق پشت ڪئي باري، يُزيد الله ۾ نرواري
جنهن جي آهي صفت ساري، آيت منجهه ’اِنما‘ واري

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

تنهنجي درگاهه ۾ هردم، وسي ٿو نور جيئن شبنم
مون کي ڪر شير خوش خرّم، رهان هن دؤر ۾ بي غم

 

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

مدح ڪئي مون ختم ساري، هاڻي تون ڪر حسن واري
اچي ڏي مون ڪا دلداري، ٿئي منجهه قلب گلزاري

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

”ولي محمد“ کي ڪر پنهنجو، دنيا جو دؤر آهي اَهنجو
سفر ٿئي خير سان سهنجو، نه ٿيان محتاج شل ڪنهن جو

عطا ڪر رمز مون رندي،

قلندر گهوٽ مروندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org