سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

 

 

 

2

ابيات ۽ ٽيهه ڏينهن

 

 

 

ابيات سنڌي

1-      رهي منجهه لڪن، ساٿ نه پهتي سسئي
        قسمت قيد الماءُ جي، ڪئي قابو منجهه ڪکن
        لکئي لوه قلم جي، نئي وڌي منجهه ڏکن
        ”ولي محمد“ منجهان لکن، ڪن اِها ڳالهه اثبات ڪئي.

2-     موت جنين کي ياد پيو، سي سک ٿي ڪيئن سمهن
        راتو ڏينهان وجود ۾، ٿا پتنگ جيئن پچن
        ڳجهه اندر جي ڳالهڙي، ظاهر ڪين ڪهن
        ”ولي محمد“ حُب اٿن، ڏوراهين ڪنهن ڏيہ جي.

3-     ميرانپور جي ٻاجهه ٿي، غم وهن سڀ ويا
        ذاتي جي ذوق سان کُلي قلب پيا
        عقده دؤر دنيا جا، صوفي صاف ڪيا
        ”ولي محمد“ مطلب ٿيا، وريا ورق وصال جا.

4-     وريا ورق وصال جا، رهي ’توهين تون
        جُڙي جوڙ سڀڪا، منجهان ’ڪُن فَيڪُون
        تون وٺ دامن عشق جي، ڪڍي شڪ دِليؤن
        ”ولي محمد“ دنيا دُون، آهي منجهايو عام کي.

5-      عاشقن حسن جو ڪيو دل اندر ديدار
        کليا باغ بهشتي، آئي بوءِ بهار
        ‘اَنا الحق‘ چئي ٿيا سوريءَ جا هسوار
        ”ولي محمد“ هيءَ پچار، پر پئي ساري لوڪ ۾.

6-     هستي سڀ حرام، ڪڍي ڇڏ اندر مؤن
        نيستيءَ جو دل تي، ٻڌي ڇڏ احرام
        .ولي محمد“ انهيءَ مام، دم گذارج ڏيہ ۾.

 

 

 

 

ٽيهه ڏينهن

1-      پهرين ڏينهن اُٿي هليا، عاشق ڪنهن اُداس
        جاڳي پين وجود ۾، معنوي پياس
        ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا، ڪري من جي آس
        لاهي سڀ لباس، واقف ٿيا اسرار جا.

 

2-     ٻئي ڏينهن مئي وحدت جا، پيتائون پيالا
        ذاتي ذوق ڏيکاريو، ٿي پيا متوالا
        قلبي سير ڏسي ڪري، ٿيا ڏاڍا خوشحالا
        وٺي محبت جا چالا، واصل ٿيا ڪنهن مام سان.

 

3-     ٽئين ڏينهن ناسوت کان لنگهي پيا ملڪوت
        ثمر کنيائون پاڻ سان، صبر ۽ سُڪوت
        گهڙيا بحر عميق ۾، لڱن لائي ڀڀوت
        ذڪر ٿين قُوت، مست رهن مهرياڻ ۾.

 

4-     چوٿين ڏينهن چو طرفين، آين بوءِ بهار
        ڇني دام دوُئي جا، نانگا ٿيا نروار
        ڪانل قريبن جا، ان پَهِي ڏنن پار
        لاهي لوڪ ميار، هليا پورب پار ڏي.

 

5-      پنجين ڏينهن ڪنن سان، ٻُڌائون آواز
        ’هُو هُو‘ هُل دماع ۾، پيا وڄن طرحين ساز
        ڪري طواف قلب جو، بيٺا ساڻ نياز
        پوءِ معنوي پرواز، ٿين ”موتوا“ ملڪ ڏي.
6-     ڇهين ڏينهن وطن جا، اچي ساڪن ٿيا
        ’مُوتُوا قبلَ اَنتَ مُوتُو‘ انهي رمز رسيا
        بيخوديءَ جي بحر جو ڪيائون اُت لَقا
        ڏسي دار بقا، ٿيا مَحو مُلڪ حُسن ۾.

7-     ستين ڏينهن لڌائون، پنهنجي ڪا جا عمارت
        کاهوڙي سفر هليا، سمجهي اِشارت
        ’نَحن اَقرَب‘ جي قرب جي، ملين بشارت
        ڪري زيارت، معنيٰ ۾ محو ٿيا.

8-     اٺين ڏينهن صورت ۾، ڪيائون مورت گُم
        تنهن صورت جي ديدار ۾، آين ياد عدم
        ويساري ويٺا د‍ؤر جا، قلب اندر ڪل ڪم
        ٿين سجايا دم، ٿا رهن ملڪ عدم ۾.

9-     نائين ڏينهن نسنگ ٿيا، لاهي حرف حساب
        محبت جي ميدان ۾، آيا مرد شتاب
        ڏاڍي ذوق نهوڙيا، ڪُسي ٿيا ڪباب
        رَهَين ڪونه حجاب، حُسن پسي محبوب جو.

10-    ڏهين ڏينهن اُپي رسيا، عاشق منجهه ادب
        ڇڏيائون اَصلي پنهنجا، جي هئا حسب نسب
        ويجها ٿيا وصال کي، وٺي عبد لقب
        وڏي ڪنهن سبب، سڃاتائون جوت کي.
11-    ڪارهين ڏينهن حسن جو، جلوو ڏٺائون
        بيهي اَلک سامهون، ٻانهون ٻڌائون
        راز ربوبي قلب ۾، سمجهي ڇڏيائون
        ذاتي پهريائون، ڳجهو ڳجهه اَندر جو.

12-    ٻارهين ڏينهن توڪل جو، تُرهو ڪيائون تمام
        لنگهي پتڻ عشق جو، سجدا ڪن سلام
        نابودي جي نجهري، ويهي ڪيائون آرام
        ٿين عشق امام، سک ٿي ستا گودڙيا.

13-    تيرهين ڏينهن تمام ڪري، ويٺا منجهه سجود
        ’وَفِي اَنفُسَکُم افلاتبصِرُون‘ سمجهي ويا مقصود
        ڪعبو قلب سڃاڻي، ۽ رَبُّ المعبود
        لاهي سڪ وجود، بيرنگي همرنگ ٿيا.

14-    چوڏهين ڏينهن فراق جا کوليائون دفتر
        ’اَلفِراقُ اَشّدُّ مِن المَوت‘ اهو ٿين ثمر
        بيخوديءَ جي بحر ڏي، هليا ٿي خوشتر
        انهي منجهه سفر، ٿيا اوڏا اَلک ٿي.

15-    پندرهين ڏينهن حجاب جا لاٿائون پردا
        آيا اُلوهينت ۾، وسري وين فردا
        پسي رنگ حيران ٿيا، سرخ ۽ زردا
        سي ڪڏهين ڪين ورندا، جن پِيتي سُرڪي سچ جي.
16-    سورهين ڏينهن سجاڳ ٿيا، ’اناالحق‘ چئي
        عبد، احد جي فرق کي، سوجهي ڪيائون سَهِي
        حسن جي ديدار جي، تن سڀا ڪل پئي
        پوءِ وين شڪ لهي، سولي ٿين مشاهدو.

17-    سترهين ڏينهن جبروت جا ساڪن ٿيا نيهي
        ’حُب الوطن مِنَ الايمان‘ رهيا ات ويهي
        حُسن جي ديدار ۾ تن جي دل ريهي
        ويا پاڻ ۾ پيهي، ڇڏي ماڳ صفت جو.

18-    ارڙهين ڏينهن ٻاريائون، قلب منجهه ڏيو
        عاشق رتا رنگ ۾، پائي شوق لِيو
        محبتين جي من کي، صوفي صاف ڪيو
        روشن قلب ٿيو، ٿيا داخل محلات ۾.

19-    اُڻيهين ڏينهن ’اَنحد‘ جو، ٿيو ڪڙڪو منجهه ڪاپار
        ’اَنا اَنا‘ جي آواز جا، ظهار ٿيا اطوار،
        وسيو ميگهه مهر جو، کليا باغ بهار
        عشق ڪيا نروار، هردم رهن حضور ۾.

20-    ويهين ڏينهن مِلي ٿيا، محبوب سان همذات
        بيرنگيءَ ۾ همرنگ ٿيا، لاهي پوش ضمات
        ويٺا پِيَنِ پاڻ ۾، پريم رس پرڀات
        ٻي نه ٻولين بات، اندر ٻاهر هڪ ٿيا.
21-    ايڪيهين ڏينهن ساڪن ٿيا، جتي رات نه ڏينهن
        سُتا روحي رمز ۾، آسڻ ڪري نينهن
        سدا سپرين سان پرچي رهيا جيئن تيئن
        سدا محبت مينهن ۾، وسمائي خيال ٿيا.

22-    ٻاويهين ڏينهن لاهوت ڏي، چوريا منجهه چوڏول
        پورا ڪيائون پانهنجا، جي ها الستي قول
        اصل ٻڌل ڪاپڙي، ’قالوا بليٰ‘ جي ٻول
        جهلي صدقاّ جهول، سر ڏنائون سٽ ۾.

23-    ٽيويهين ڏينهن اُڏاڻا، ’لا‘ جِي لات لَئِي
        سِر پنهنجو اَصلي، عدم ڪيائون سَهِي
        ’قيد الماء اشد من قيد الحديد‘ اُتي پيا لَهي
        نفي لات ڪهِي، تن ورتي واٽ وصال جي.

24-    چوڏيهين ڏينهن وصال کي، ٿيا سناسي اوڏا
        نائي سِر سجدا ڪري، ڀڳائون گوڏا
        بيخوديءَ جي طوفان جا، آين اُت لوڏا
        جنهن رمز جا ڪوڏيا، اُتي ڪيائون تڪيا.

25-    پنجويهين ڏينهن قلب ۾، قائم ٿين يقين
        ’لا اَنا اِلاّ هُو‘ جي، ياد آين تلقين
        وجهي اکيون سورت ۾، چوريائون اَنحد بين
        ويٺا منجهه تسڪين، ڏسي راز اندر جو.
26-    ڇويهين ڏينهن صفت مؤن، ظاهر ٿي پئي ذات
        اُڀريو شمش حسن جو، روشن ٿي ظلمات
        ’الرّفيق ثُمَ الَّطريق‘ لڌائون آب حيات
        پيتائون پرڀات، ٿيا منظور حضور ۾.

27-    ستاويهين ڏينهن فنا جي، هنيائون تڪبير
        ڏسي ’نَحنَ اَقرب‘ کي، قانع ٿيا تقدير
        محبتي مطلب ڪَهن، ٿا ڳجهي رکن تقرير
        ڇڏي سڀ تدبير، توڪل ڪيائون تُرهو.

28-    اٺاويهين ڏينهن عروج کان، آيا منجهه نزول
        حال ربوبي سمجهي، ٿيا عبديت مشغول
        ’واليّضحَڪُو قليل وَّيبڪو ڪثيرا‘ امر ڪيائون قبول
        وٺي راهه اصول، هَمَد اوست‘ ٿي ’از اوست‘ ٿيا.

29-    اُڻيهين ڏينهن شمع تي، مِڙيا پروانا
        ڏسي شعاع حُسن جو، وبا جَلي مستانا
        مڙيا ڪنهن پر ڪينڪي، عاشق ديوانا
        ڪري شڪرانا، سِر ڏئي سَرها ٿيا.

30-    ٽيهين ڏينهن تمام ٿيو، رسالو سارو
        غازي هن سن مان، ويا وڄائي وارو
        معنيٰ سان ڏيهي ويا، خالص اِشارو
        ڪري قلب مؤن چارو، پيهي ويا پاتار ۾.
31-    ”ولي محمد“ هن حال جو، ظهار ڪر نه بيان
        در پڻ ڏسي قلب جو، پنهنجو پاڻ سڃاڻ
        ’عَبدَه و رسولُہ‘، اِهو اَٿئي اُهڃاڻ
        هلج وڃائي ڄاڻ، صابر ٿي هن دؤر مان.

 

 

 

ابيات سرائڪي

1-      جي ڄاڻي عشق ڪونه ڏيکان، ته گم ٿي وچ وجود
        سهڻي صورت هادي والي، تنهن نون ڪر سجود
        ڪيون ڍونڍيندائين لوڪ اجايا، هي اٿاهين موجود
        ”ولي محمد“ عاشق سيئي، جي رهن لا مقصود.

2-     ملڪ فنا ويکو يارو، هر ڪنهن جنگ مچائي
        ’ڪُن فَيَڪُون‘ جنهين ڪل جوڙيا، سا ڪل ڪَنهِن نه ڪائي
        ڪيڏا بار ملامت والا، مفت ويندي سِر چائي
        ولي محمد“ هڪ حرف طمع دي، چاساري راهه مُنجهائي.

3-     ’لَيس ڪَمّثلِہ شَيءٌ، جڏان اهو حرف ڏٺو سي تڏان    دين ڪفر ڏي ڏونهين، هڪو شوق ڳڌو سي
        جٿ هوش عقل دي جاءِ نه ڪائي، تٿان ڏس مليوسي
        ”ولي محمد“ وچ راه اڙانگي، ڏورڻ دوست پيوسي.

4-     مذهب عشق نه رکدا ڪوئي، رکدا خيال شهاڻي
        نهين ٻهندا وچ مسجد دي، نڪو وچ ٽڪاڻي
        العشق نار يُحَرّڪُ ملسواءِ المحبوب‘ ٻي ڪائي بات نه ڄائي
        ”ولي محمد“ جي هو وئي حب ملڻ دي ته ويک دلؤن ميخاني.
5-      ’ڪُن فَيَڪُون‘ ڪنون ارواح آئي سڀئي ڪرڻ وِهائي
        مثل سمونڊ جهان ڏٺوني جنهن دي خبر نه ڪائي
        ڪي ٻيڙي وت ترن تنهين وچ، ڪي ڪيتي حرص توائي
        ”ولي محمد“ سودا ثاب تنهان دا پيا، جي ڳئي هن نينهن نڀائي.

 

 

6-     حد اسلام ڪفر دي يارو، ڪنهين مول نه ڄاتي
        وچ پئي تڪرار ڪتابين دي، ڪس نيتي حرص حياتي
        راتو ڏينهان ولوڙن پاڻي، تي راه ڪنهين نه سڃاتي
        ”ولي محمد“ پئي ڪَل تنهان ڪونه، جنهان پاتي دل وچ جهاتي.

7-     سسئي جاڳ فجر دي ويلي، گهِن ٻيٺي وڃ حيراني
        جيوين صورت ياد آوس تيوين درد ڪَرس طُغياني
        ’اَلُّدنيا ساعةءٌ لَيس فيها راحَةءٌ، اهو سمجهه حرف حقاني
        ”ولي محمد“ جڏان چاتي قسمت، تڏان ٿئي ڪيچ رواني.

8-     سسئي شهر ڀنڀور ڪنون، جڏان کڙڪي رو مُڪلايا
        سڏ سهيليان حال اندر دا، تنهان هڪ هڪ نون آک سڻايا
        ’الفراق اَشّدُّ مِنَ الموت‘ ميئن اصل ڪنون سِر چايا
        ”ولي محمد“ سڻ عشق ديان خبران، جنهين بهار خزان وِ کلايا.

9-     ’آءُ صورت ديدار وکايا، جنهن وچ غير نه ڪوئي
        ڏتي عشق مبارڪ، آکيس حاصل ڪم ٿيوئي
        جنهن رانجهن دي خواهش تيڪون، ربّ آندا اِٿ سوئي
        ”ولي محمد“ دل ڪيتا سجدا، ڇوڙ حجاب سڀوئي.

10-    دنيا دار دنيا وچ هر گز، دعويٰ مول نه آڻي
        ٿي مسافر ڇوڙ حرص ڪونه، مُلڪ فنا دا ڄاڻي
        ’اَلُّدنيا جِيفةءٌ طالِبُها ڪلاب، تون انهين رمز سڃاڻي
        پر ولي محمد“ وچ ڏاڍي غفلت، اها ويندي عمر وهاڻي.
11-    دل اندر وچ ماهي ٺآيا، ٿي هرجا گلزاري
        نفي ڪنون اثباتي هوئي، وَسدي بوند بهاري
        ڪل فراق، پٽيج پئي، ول ويک وصال دي ياري
        ”ولي محمد“ دم ڄاڻ غنيمت، دوست ڏتي دلداري.

12-    ڪُل اندر دي ساز شروع ٿئي، تند وڳي سبحاني
        نين لڳي وڃ صورت دي وچ، ڏيک جمال حقاني
        دل پئي وڃ حيرت دي وچ، عقل ٿئي حيراني
        ”ولي محمد“ هڻ حال اِهين وچ، ڪيجي سِر قرباني.

13-    وحدت دي درياء دا جان وڃ سير ڪيتوسي
        ذتي تُرهاڪر ڪي، ثابت سير لنگهيوسي
        ڪعبا قلب المومن، صورت وچ ڏٺوسي
        ”ولي محمد“ هڻ شڪر الــٰهي، جو سجدا ثاب پيوسي.

14-    ڪعبا رخِ دلبر دا، زلف غلڪاف جنهين ڪون
        ٻي ٻيالي عاشق نيهي، ڪرن طواف تنهين ڪونه
        ڏيندي سجدا برزخ دي وچ، ڪر محراب اُنهين ڪونه
        ”ولي محمد“ ٿي مَحو حسن وچ، اهو ڏي نه حال ڪنهين ڪونه.

 

15-    جي ڄاڻي مسلمان حقيقي ٿيوان، ته ’لاَ‘ دي هٿ ڪر ڪاتي
        ڪپ زنّار ڪفر والي ڪُلَئي، جي مخفي هن وچ ڇاتي
        هڪ بغض، ٻيا حسد، ٽيجها ڪينا شڪ شُبهاتي
        پڇي ٿيوين آزاد ڪفر ڪنون، ڏي هو ڪا دم ذاتي
        ”ولي محمد“ هڻ حال انهين وچ، ڀر ڪلمان اثباتي.
16-    آء ديدار وکايا، قلب اندر سبحاني
        کول نقاب وکايس صورت، حسن جنهن دا لاثاني
        صوفي وحدت جام پلايا، هويا لطف رباني
        وسدا نور مثل شبنم دي، وچ ڏاڍي رمز نهاني
        ”ولي محمد“ انهين عمرت دي وچ، گم عقل اِنساني.

 

 

 

 

بحر طويل

1- صوفي سردار، مٺا منٺار، ميڏي گفتار، سڻي تون يار ڏيوين دلداريان.
2- ٿي صاحب هوش، ٻهين ڏي گوش، ٿيوين لڄ پوش، ڪڍان دل
                                جوش، ڪران اظهاريان
3- اِنهين صحبت، مٺي محبت، تيڏي صورت، ڏتي فرحت، اندر بهاريان.
4- سهڻا ڪجهه ٻول، اُٿي گهنڊ کول، وڃن سڀ ڀول، گهتان جند گهول،
                                        ٿِيوَن قراريان.
5- تيڏي وه نور، ڪيتا مخمور، مثل منصور، تجلي طور، حُسن نرواريان.
6- حسن دي فوج، اُٿي باسوج، ڪريندي اوج، وڏي ڪر موج،
                                        چڙهي چوڌاريان.
7- نينان دي تير، کسن تدبير، ڪرن دلگير، گهتن زنجير،
                                        زلف ديان تاريان.
8- جيوين بلبل، ڪري هُل هُل، وڃي ڄل ڄل، ويکي گل گل،
                                        عجب گلزاريان.
9- مئَيڪون دن رَين، هووي سک چين، ڪنون طرفين، حامي حَسنَين،
                                        وڃن بيماريان.
10- نجف دي گهوٽ، سدا اڻموٽ دِي هو وي اوٽ، ٿيوي مئن اوٽ،
                                        هم درڪاريان.
11- جيڪي بيڪار، ڪرن تڪرار، شياطين وار، ٿيسن نت خوار،
                                        اڳون سرداريان.
12- ولاهڻ بس، نه ڇوڙين گس، هووي تئين جس، ميرانپور رَس،
                                        ڪرين نت زاريان.
13- جٿان دم دم، نهين ڪو غم، وِسي شبنم، سدا چون شم، ڪري
                                                چمڪاريان.
14- ”ولي محمد“، زلف دي بند، پئي وچ ڪنڌ، نه ڏيندي هنڌ، ڇٽن
                                                    لاچاريان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org