سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

نواب بخش علي خان پنهنجي والد ۽ استادن جي زير نظر اعليٰ تربيت حاصل ڪئي. وڏو حسين ۽ هر فن موليٰ هو. وڻ تي چڙهڻ، ترڻ ۽ وهٽن جي سواريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. راڳ جو وڏو ڄاڻو هو، ستار وڄائيندو هو ۽ ڳائڻن تي فرمائشون رکندو هو. چؤپڻ ۽ ڍاري راند جو استاد هو. يورپچي به دانء هو، ميرن صاحبن جا ٻَٻر بورچي چوندا هئا ته اسان جون ڪي خاميون جي مائٽن به ڪين ڪڍيون سي نواب صاحب درست ڪيون. جيئن ته سندس وڏو ڀاءُ نواب ولي محمد خان فقيري ڏانهن مائل هو، انهيءَ ڪري خاندان جو سڄو ڪاروبار جاگيرن سميت نواب بخش علي خان جي حوالي هوندو هو.

          نواب بخش علي خان ماهه ربيع الثاني سنه 1337هه ۾ وفات ڪئي. کيس هڪ فرزند نواب عطا محمد خان (ولادت 21-شعبان 1274هه، وفات 22 جمادي الاول 1353هه) ٿيو، جنهن کي ڇهه فرزند ٿيا. انهن مان نواب حاجي شفيع محمد خان (ولايت 27-رمضان 1297هه) هڪ باخبر، خوشطبع ۽ زندهه دل شخصيت جو مالڪ هو. مئٽرڪ ڪلاس مان تعليم ڇڏيائين. سنه 1901ع ۾ ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ ڏهه روپيا ماهوار تنخواهه سان ڪلارڪ ٿيو ۽ ترقي ڪري 1917ع ۾ تعلقي ڊگهڙي جو مختيارڪار ٿيو. سنه 1930ع ۾ پينشن تي لٿو. جيڪو وقت نوڪري ڪيائين سو نوابي شان ۽ بيباڪي سان ڪيائين. انگريز آفيسر سندس گهڻو خيال رکندا هئا ۽ کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

          بنده راقم جي نواب حاجي شفيع محمد خان سان هن ڪتاب لاءِ مواد جي سلسلي ۾ پهرين ملاقات 11 سيپٽمبر سنه 1956ع ۾ ٿي ۽ ان بعد پڻ ساڻس مجلسون ٿيون. نوابن جي خاندان ۽ خصوصاً وزيراعظم نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان ۽ نواب فقير ولي محمد جي باري ۾ ڪافي معلومات وٽانئس مليا. باوجود پيريءَ جي نواب حاجي شفيع محمد خان جو حافظو تيز  ذهن جوان هو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو، ’جِندڙي‘ فقير ڳائڻو وٽس گهڻو گذاريندو هو، ۽ سندس هڪ محفل اسان نواب حاجي شفيع محمد خان جي اوطاق تي ٻڌي. خانداني روايات جو علمبردار ۽ نوابي شان ۽ فضيلت جو تاجدار نواب حاجي شفيع محمد خان 29 جنوري سنه 1965ع ۾ وفات ڪئي.

 

د- فقير نواب ولي محمد: سوانح، ڪلام ۽ اولاد

          اسان جو شاعر فقير نواب ولي محمد لغاري (ثاني)، نواب احمد خان جو وڏو پٽ هو. سنه 1252هه/1836ع ۾ شهر حيدرآباد ۾ سندس ڏاڏي وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري (اول) جي ٻَڌايل ٽنڊي ولي محمد خان ۾ ڄائو، جو ان وقت موجوده ڪليڪٽري کان ڏکڻ-اولهه طرف واري ايراضي ۾ هو(1). ٻاراڻي ٻُڌ ۾ فقير نواب ولي محمد جي تربيت پنهنجي والد نواب احمد خان جي زير نظر هجرت ۽ سفر واري دؤر ۾ ٿي. انگريزن جي قبضي بعد نواب احمد خان، مير شيرمحمد خان سان گڏجي سنڌ ڇڏي. سندس ٻئي فرزند ولي محمد خان ۽ بخش علي خان سان گڏجي سنڌ ڇڏي. سندس ٻئي فرزند ولي محمد خان ۽ بخش علي خان ساڻس گڏ رهيا. جڏهن نواب احمد خان موٽي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي موجوده سڪرنڊ تعلقي ۾ پنهنجي جاگير ”مرزان پور“ ۾ مقيم ٿيو ته ان وقت سندس وڏي صاحبزادي ولي محمد خان جي عمر يارهن سال کن هئي.

          مرزان پور ۾ رهائش بعد ئي نوجوان ولي محمد خان جي تعليم جو باقاعدي انتظام ڪيو ويو. سانوڻي آخوند ميان غلام محمد ۽ ميان محمد صادق ۽ ڳوٺ ’سيد ڪنڊي‘ (موجوده تعلقي سڪرنڊ) جي بزرگن مان ميان لقمان، ميان مقيم ۽ ميين سجاول کان فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي ترغيب موجب طريقت جي تلقين جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه ’بنگله ڌڻي‘ کان ورتائين. ولي محمد خان جي عمر چوٽيهه سال کن هئي جو سندس والد نواب احمد خان 21 فيبروري 1870ع ۾ وفات ڪئي.

          وڏي فرزند جي حيثيت ۾، ولي محمد خان ’نواب‘ جي موروثي لقب سان پنهنجي والد جو جائنشين ٿيو، مگر سندس طبيعت ننڍي هوندي کان وٺي تنهائي پسند هئي. جاگير جي زمينن جو سڄو ڪاروبار ۽ ٻيو سڄو انتظام پنهنجي نني ڀاءُ بخش علي خان جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ فقير ڏانهن مائل رهيو. ٿوري ئي وقت ۾ مرزان پور جاگير پاري زمين جي گهڻي حصي کي درياءُ پائي ويو، جنهنڪري سنه 1874ع ۾ ان جي عيوض کيس ديهه ’مِيرچچن‘ ۽ ديهه ’جُهونجهاڻ‘ ۾ ڏهه هزار جريب ٻي زمين ملي. سنه 1300هه/1882ع ۾ درياءَ بالاخر شهر ميرزان پور جاگير کي کوهه، باغ ۽ حويلين سميت پائي ويو. انهيءَ دوران نواب ولي محمد خان ۽ سندس ڀاءُ بخش علي خان، سندن والد نواب احمد خان ۽ ڀاڻس نواب غلام حيدر خان جا نعش ڪڍرائي اچي جهوڪ شريف جي درگاهه جي سايي ۾ دفن ڪرايا. جڏهن سندن عزيزن تاجپور ۾ اها خبر ٻڌي، تڏهن ڀائرن کي موڪليائون جي وڃي نواب ولي محمد خان  ۽ بخش علي خان کي اُتان لڏائي تعظيم سان تاجپور وٺي آيا، جتي عزيزن طرفان ڏنل زمين ۾ سنه 1301هه/1883ع ۾ حويليون اوطاقون ٺهرائي اچي دائمي طور سڪونت پذير ٿيا.

          ان بعد نواب ولي محمد خان چاليهن سالن جي عمر ۾ سڄو دنوي ڪاروبار پنهنجي پياري ڀاءُ نواب بخش علي خان جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿي فقيرانه رنگ ۾ رهڻ لڳو. جواني واري وقت کان شاعري ۽ موسيقي سان وڏو شغف هوس. پاڻ ستار وڄائيندو هو، ۽ محفلن ۾ گوِيّن تي راڳنين جي فرمائش رکندو هو. ساڳئي وقت صوم صلواة جو پائبند هو. ميران پور (جهوڪ) ۾ ڏها ۽ چاليها ڪڍيائين. چاليهن سالن جي عمر بعد فقيري رنگ مٿس ويتر. وڌيڪ چڙهيو ۽ ياد الاهي ۽ ذڪر فڪر ۾ گذارڻ لڳو. چوونجاهه سالن جي ڄمار ۾ ’مرصع تاج‘ بدلائي ’فقيري تاج‘ پاتائين.

          فقير نواب ولي محمد سنڌي ڪلامن کي پنهنجي صوفيانه خيالات جي اظهار جو ذريعو بنايو. حاجي طاهر فقير يڪتاري وارو ۽ دائم فقير دلو وڄائيندڙ هميشہ سندس حاضري ۾ رهندا هئا (1)، ۽ سندس ڪلام ڳائيندا هئا. فقير صاحب کين اڪثر چوندو هو ته : ابا اول اميد علي شاهه جو ڪلام پڙهو. سندس فرزندن مان بهاول خان پڻ مٿين فقيرن سان گڏ سندن ڪلام ڳائيندو هو. نصرپور جو مشهور شاعر سيد مصري شاهه سندس وڏو صحبتي هو ۽ اڪثر اچي فقير نواب ولي محمد وٽ مهمان ٿيندو هو. مصري شاهه، فقير صاحب کي هڪ ننڍڙي ڪشتي تحفي طور ڏني جا اڄ تائين فقير صاحب جي اولاد وٽ محفوظ آهي، ۽ پاڻ وري فقير صاحب کان گيڙو (ڪپڙو) پاکر طور ورتائين جو اڄ تائين سندس پوين وٽ احترام سان رکيل آهي. خانپور (لڳ تاجپور) ۽ ان جي پسرگردائي ۾ ’ناهيان‘ قوم مان مصري شاهه جا مريد هئا جن کي چوندو هو ته: جيڪو فقير نواب ولي محمد کي نٿو سمجهي ۽ سڃاڻي سو منهنجو مريد ئي ناهي.

          فقير نواب ولي محمد جي صحبت مان گهڻن کي فيض پهتو. محمد فقير کٽياڻ، فتح علي خان کٽياڻ (محمد فقير کٽياڻ جو سؤٽ)، قاضي حسام الدين کٽياڻن وارو، احمد فقير لاکو ڀيڏين (لڳ ڀِريا، ضلع نوابشاهه) جو، ديوان خانچند حيدرآباد جو ۽ ٻيا سندس صحبتي ۽ طالب هئا. سندن عزيزن مان خاص طرح نواب گدا علي خان ۽ نواب عرض محمد خان ٻئي ڀائر فقير صاحب جا صحبتي هئا، ۽ فقير صاحب جن جي پڻ ساڻس گهڻي محبت هئي. نئون ڪلام ٺاهيندا هئا ته نواب گدا علي خان کي لکي ڏيندا هئا. خود پنهنجي فرزند نواب غلام حيدر خان تي پڻ سندن نظر عنايت هوندي هئي.

          فقير نواب ولي محمد خان نهايت ئي نرم طبيعت ۽ سنجيده سڀاءُ جو مالڪ هو. ٻاهر مجلس ۾ ايندو هو ته مٿي کٽ تي اوڪڙو ٿي هٿ ٻڌي ويهندو هو ۽ اکيون ڍاري ڇڏيندو هو، ۽ اهڙي طرح ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا چرڻ پرڻ جي ويٺو هوندو هو.

          آخري عمر ۾ هڪ ڀيري محمد فقير کٽياڻ ۽ پنهنجي فرزند غلام حيدر خان کي چيائون ته: اسان سان صحبتي فقراء اڪثر جدا جدا وقتن تي اچن ٿا، انهي ڪري اهڙي ڪا تاريخ مقرر ڪريو جنهن تي سڀ صحبتي فقير اچن ۽ پاڻ ۾ ملي سگهن. محمد فقير کٺٽياڻ ۽ غلام حيدر خان صلاح ڪري ٻه تاريخون، ستين ۽ ٻارهين تجويز ڪيون، ان سان گڏ فقير صاحب کان سندن پنهنجو رايو پڻ پڇيائون. فقير صاحب چوٿين تاريخ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن ڪري فقراء جي اچڻ لاءِ هر مهيني جي چوٿين تاريخ مقرر ٿي. تقريباً ڏيڍ سال تائين هر مهيني جي چوٿين تاريخ سندن طالب ۽ صحبتي فقير وٽن ايندا رهيا. سال 1332هه (1914ع) ۾ رمضان شريف جي چوٿين تاريخ خميس ڏينهن فجر نماز جو وقت هو، فقير سڀ گڏ ٿيل هئا جو سندن حياتيءَ جو جام لبريز ٿي آيو ۽ سندن روح فاني جسم مان دارالبقا ڏانهن پرواز ڪيو. سندس عمر اُن وقت اَسي ورهيه هئي. طالبن ۽ فقيرن، فقير نواب ولي محمد جو جنازو يڪتارن سازن ۽ آلاپن جي گونج ۾ سينگاري کنيو ۽ کين شهر تاجپور ۾ رستي لڳ سندن خانقاه جي حد اندر دفنايو ويو جتي سندس مقبره موجود آهي.

فقير نواب ولي محمد جا يادگار آثا

          فقير صاحب جي ذاتي استعمال جي شين مان هيٺيون تبرڪات * طور محفوظ آهن: (1) بيراڳڻ، جا فقير صاحب کي سندس والد نواب احمد خان کان ملي. (2) ٻه ’تاجون‘ يعني ڊگهيون چوٽيدار فقيري ٽوپيون، جي فقير صاحب پاڻ پنهنجي هٿ سان ٺاهيندو هو. (3) گودڙي. (4) ڪمر ٻڌڻ جي گيڙو چادر. (5) ننڍڙي ڪشتي جا سيد مصري شاهه نصرپوري کين تحفي طور ڏني. (6) هڪ تَبر، جا ورثي طور کين پنهنجي والد کان ملي. ايها تَبر، وزيراعظم نواب ولي محمد خان کي ڪابل ۾ تيمور شاهه بادشاهه تحفي طور ڏني هئي.

          صوم و صلواة سان گڏ فقيري صاحب ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ وظائف جو دور وڏي محبت ۽ دل جي حضور سان ڪندو هو. قرات لاءِ قران شريف، سيپارن ۽ وظائف جا قلمي نسخا وٽن سانڍيل هوندا هئا جن مان هيٺيان محفوظ آهن: (7) قران شريف قلمي سنه 1119هه جو لکيل جنهن تي سونهري ۽ ميناڪاري سان پارسي ۾ معنيٰ ۽ شرح سان. (9) قرآن شريف، پندرهن سيپارا قلمي (ٻه ڀاڱا)، سنه 1265هه جا لکيل (10) ’يارهن سوره‘ قلمي، جو سندن والد نواب احمد خان کي جناب مير محمد خان طرفان مليو. (11) قران شريف جو ’پنج سيپاره‘ قلمي، فقير صاحب جي پنهنجي هٿ جو لکيل (12)  قرآن شريف، پهريون سيپارو، فقير صاحب جو پنهنجو هٿ لکيل. (13) بياص قلمي، سندن هٿ لکيل جنهن ۾ وظيفا، دعائون، مداح ۽ تعويذات قلمبند ٿيل آهن (14) بياض قلمي، سندن هٿ لکيل، جنهن ۾ درگاهه ميران پور (جهوڪ) جي صاحبن بزرگن جي سلسلہ طريقت جو شجره، پارسي ۾ خطن لکڻ جا نمونا، سندن پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام قلمبند ٿيل آهن. (15) پنهنجي خاندان جو تاريخي احوال، سندن پنهنجو مرتب ڪيل ۽ هٿ لکيل.

سندس اولاد

          فقير صاحب کي ست فرزند ٿيا جن مان چئن کي اولاد ٿيو. وڏو فرزند غلام حيدر خان هو جو کانئن پوءِ سندن سجاده نشين ٿيو. غلام حيدر خان 28-ربيع الاخر سنه 1288هه ۾ ڄائو ۽ 19-صفر 1362هه/24-فيبروري 1943ع ۾ وفات ڪيائين. کيس پڻ ست فرزند ٿيا جن مان نواب دوست محمد خان (1307-1375هه) سندس جاءِ نشين ٿيو. نواب غلام حيدر خان جي فرزندن مان درويش محمد خان ۽ اميد علي خان خاص طرح هن ڪتاب لاءِ مواد مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، فقير نواب ولي محمد خان جي فرزند بهاول خان (شهيد 1291-1325هه) جو پوٽو صوفي بهاول خان (ولادت 5 رمضان 1339هه) فقير نواب ولي محمد جي اولاد ۾ هڪ خليق ۽ اديب شخص

 

قرآن شريف: جنهن تي فقير نواب ولي محمد خان دورو ڪندو هو

 

فقير نواب ولي محمد جي دور وارو قرآن شريف:

 آخر ۾ ڪاتب جي عبارت

 

فقير نواب ولي محمد جي هٿ لکيل

وظائفن جي بياض جو هڪ ورق

 

نواب فقير ولي محمد جا هٿ لکيل ڪلام

مرقد نواب فقير ولي محمد

 

حاجي غلام حيدر خان بن

 فقير ولي محمد خان

 

بهاول خان بن فقير ولي محمد خان

حاجي سردار خان زوار

      بن فقير ولي محمد خان

 

 غلام رسول خان بن

    فقير ولي محمد خان

دوست محمد خان بن حاجي غلام حيدر خان

 

حاجي غلام حسين خان بن حاجي غلام حيدر خان

 

بهاول خان بن امداد علي خان

(جنهن هن ڪتاب جي مواد

گڏ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي)

نواب غلام شبير خان بن نواب حاجي درويش محمد خان

موجوده سجاده نشين درگاهه فقير نواب ولي محمد خان

آهي جنهن پنهنجي خاندان جي تاريخي ماخذن ۽ ٻين آثارن کي سنڀالي رکيو آهي. پاڻ سنڌي توڙي اردو جو چڱو خاصو شاعر آهي، ۽ هن ڪتاب جي مواد جمع ڪرڻ ۾ هن صاحب وڏي مدد ڪئي.

        فقير نواب ولي محمد صاحب جو وڏو فرزند ”غلام حيدر فقير لغاري صوفي القادري“ چڱو شاعر هو. سندس پنهنجي هٿ لکيل ڪتابڙين ۾ اسان فارسي اشعار ۽ سندس پنهنجون ڪافيون قلمبند ٿيل ڏٺيون. صنف ’ڪافي‘ ۾ کيس  خاصي دسترس هئي. سندس ڪافين جا مضمون صوفيانه آهن ۽ اڪثر ڪافيون سندن والد فقير نواب ولي محمد جي ڪلامن جي نهج پنهنجي نموني تي چيائين. هيٺ سندس ڪافيون ۽ بيت نموني طور ڏجن ٿا.

ڪافيون

عشق اڙائي ويو آڻيون ڙي اديون، منهنجو هيڻو ٿئڙو حال،
                                ڪنهن سان سور سَلِيَان
اکڙين آيو اؤکو اوجاڳو، سوز انهيءَ ۾ سڙيون ڙي اديون
                منهنجو جر وهي ٿو جال، جهليو نٿي جَهلِيَان
سڱ سياڪا عشق وساريم، دردن لايون ڌڙيون ڙي اديون
                منهنجو جيئڻ ٿئو جنجال، ڪيئن پاڻ پليَان
بار بره جو آيم باري، تن ۾ طلب لايون تڙيون ڙي اديون
                منهنجو گهارڻ ٿئو محال، ڪهڙي رٿ رَليَان
”غلام حيدر“ فڪر فراق ۾، گهارڻ آيون گهڙيون ڙي اديون
                منهنجو ڀلو ڪري ڀال ڪهڙيون ٽليون ٽِليَان
                               

اڀريا شمس حسن دا وي، هر جاءِ ٿَئِي روشنائي

ويک شعاع شمع دا، پتنگ ڪرن پروازان

        کليا گل گلشن دا وي، عشق ڪِيتي هَئي عطائي
راز رندي دا رايا سمجهن سالڪ سياڻي

        پاون زوق چمن دا وي، محبت مڇڙا مچائي
”الانسان سري واناسره“ سمجهه اشارا

        گهمندي ملڪ امن دا وي، صورت وچ سمائي
”غلام حيدر“ خيال خامي، ڇوڙ خودي دي خساري

        ڪر تون سير جشن دا وي، اپڻان آپ وڃائي
                                •

جن سان سان روح رهاڻيون، مانَ ملن سي سپرين

نيڻن ناهي ننڊ ويچارين، ولهيون وطن ويڳاڻيون
آب آڻيو جر جال وهائن، قرب ڪٺيون ڪوماڻيون
راتو ڏينهان فڪر فراق ۾، وڃن راتيون وهاڻيون
”غلام حيدر“ محبت مٺيون، نرمل لاءِ نماڻيون
                                •

نينهن نيڻن جي نائي آهيان

عشق حسن جي گهائي آهيان

محبت جن جو موهيو، ناز انهن جي نمائي آهيان
راتو ڏينهان اندر ۾ طلب تنهنجي تائي آهيان
لکئي لوح قلم جي، هتي آڻي ڦسائي آهيان
”غلام حيدر“ چوي درد مؤن جوش جگر جي جلائي آهيان
                               

جيڪي نينهن نظاري چڙهنديون

                        سي سڙيون سک ڪيئن سمهنديون
راتو ڏينهان تانگهه تنهين ۾

                        جان جلائي جوش جنهين ۾،
باب برهه جا بيوس پڙهنديون،

                        ٿي نروار نسنگ گهمنديون
جنهين پنهنجو پاڻ سڃاتو،

                        عشق حسن سان لائي ناتو،
قرب جي ڪارڻ قلب ۾ ڪڙهنديون،

                        ڌام ڌَيمن سان ڌُمون ڌمنديون
عشق جو پنڌ ٺآهي اوکو اڻانگو،

                        جيڪي لاهن سر جو سانگو،
سڪ سڄڻ جي کان سوز ۾ سڙنديون،

                        لوڪؤن لڪي اهي ڪيئنس گهنديون
”غلام حيدر“ جن سان يار جي ياري،

                        تن کي خلق جي ڪوهه ڪندي خواري،
’لا‘ جي لاڙي لاش لڙنديون،

                        جام جهوڙيليون جهميو جهمنديون
                       
•      

موليٰ ملڪ وساءِ منهنجي مارن جو،

                                تن ويڙهيچن وينجهارن جو،
ايندم شال ڪَهي، ويندم سار لهي،

ڪندم سور سهي، پوندم رات رهي،

پکي منهنجي پيهي  ڪندا حال وهي،

                                تن ويڙهيچن ولهارن جو
ماءُ لولي ڏني، آهيان ڇوري ڇني،

ساري رات رني، مٿان ڀيڄ ڀني،

ڪنهن کان ڪانه پُني، ڪيڙس قيد ڪِني،

                        ايهو سور مڙيئي سنگهارن جو
ساوا گاهه ڦٽن، سانگي سانگ اچن،

ويجهو منهنجي ويهن، ڏسي نيڻ ٺرن،

مارو مال ڇيڙن، ٿئي چونگار چڙن،

                        اکين ڌڻ ته ڏسان مان ڌنارن جو
چوي ”غلام حيدر“، پرين پيا ٿئي پڌر،

چڙهي نيڻ نظر، آيا تنهنجي در،

ڪڍي ڪوٽ منجهان نيندا نال نڌر،

                        اهو ٻول ٻڌل آ ٻڪرارن جو
                               

من موهن منٺار، سگهو مل جاني.

تو سوا ڏکيا ڏينهڙا لنگهن ٿا، دل گهريا دلدار
راتو ڏينهان آهي اندر دل، پل پل تنهنجي پچار
ويٺي اوهان لئي واٽ نهاريان، نيڻن وهايو نار
”غلام حيدر“ عرض ڪري ٿو، واڳ وطن تي وار
                       

ذات صفات ڪري ڌار، ڪر ويچار،

پنهنجو منصف پاڻ ٿي.

خلق آدم عليٰ صورتہ، گوهر ٻڌ گفتار
بيخودي جي بحر ۾ گم ٿي، سارو ڏسي اسرار
خاڪي پوش ۾ پاڻ لڪائي، آئين ٿي اظهار
ساڪن آهين ملڪ عدم جو،جت ٿي سڏايو تو ستار
”غلام حيدر“ کي حق ڪري ڄاڻي، ناهي معنيٰ تڪرار

 

بيت

سهڻي صورت موهه ماهي، دي دل ڪيتي ديواني
الدنيا ساعة ليست فيها راحة، اِهين ڏتڙي حرف حيراني
ڇوڙ ڳيا ڪل حرص هوائي هويا لطف رباني
”غلام حيدر“ نال صدق، سر ڪرين قرباني.

                        —

سهڻي صورت سوز چکايا چستؤن چاس چکيوسي
ناز نازان دي نرمل نايا، لنؤ لنؤ لاڳ لڳيوسي
برهه دي بوند بهارين لايان، مهرئون مينهن وسيوسي
”غلام حيدر“ موهه مشتاقان محبت وچ مُسيوسي.
                        —

راڻو ڪا رات ويو ڳجهي ڳالهه ڪري
سوڍي ري سرتيون، هڏ نه ساهه سري
وڃي مانَ وري، آسائتي آهيان.


تصنيفون ۽ ڪلام

        فقير نواب ولي محمد فارسي توڙي عربي جي تعليم ورتي. ڪتابن ۽ ڪتابت سان سندس شوق هو، جيئن ته سندس پنهنجا هٿ لکيل سيپاره ۽ سورتون موجود اهن. علم و ادب جي موضوعن خصوصاً شعجر و سخن جي مضمونن ۽ تاريخ جي بابن سان سندس ذاتي ذوق هو. سندس پنهنجي سجع ”شافعِ ما ولي محمد بس“ هئي. ٻين عزيزن ۽ پنهنجن فرزندن جون سجعون هيٺينءَ ريت جوڙيائين جن مان فارسي سان سندس آشنائي جو اندازو ٿي سگهي ٿو:            

                ”گدا علي بہ علي گشت در جهان روشن“.
نواب عرض محمد خان:

                ”نمودم عرض محمد را عطا شد دين والايمان“.
سندس فرزند غلام حيدر خان:

                                ”غلامِ حيدرم الحمد لِله“.
سندس فرزند غلام رسول خان:

                ”بہ بين برڪت شهدا شدم غلامِ رسول“.
سندس فرزند بهاول خان:

                ”گرفت زيب بهاول بہ حرمتِ پنجتن“.


        فقير صاحب جي ارشاد تي منشي ٽوپڻ مل ٽالپورن کان اڳ واري دؤر جي تاريخ فارسي ۾ تاليف ڪئي جا 11-مئي 1876/16-ماهه ربيع الثاني 1297هه تي لکي پوري ڪيائين. هن ڪتاب جي قلمي نسخي جي پهرين پنجويهن ورقن ۾ هندوستان جي مغليه حڪومت جو مختصر بيان، نادر شاهه ۽ احمد شاهه جي ڪاهن تائين ڏنل آهي. ان بعد سنڌ جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. ڇويهين کان ڇٽيهن ورق تائين عربن، سومرن، سمن، ارغونن ۽ مغليه صوبيدارن جو ذڪر مختصر طور بيان ڪيل آهي. ان بعد ڪتاب جو باقي حصو ڪلهوڙن جي دؤر سان تعلق رکي ٿو جو نسبتاً تفصيل سان ڏنل اهي. انهيءَ لحاظ سان مجموعي طور سان هن کي ڪلهوڙن جي دؤر جي تاريخ چئي سگهجي ٿو. هيءُ هن تاريخ جو پهريون جلد هو جو فقير نواب ولي محمد خان جي ارشاد تي لکيو ويو *
*، جيئن ته ان جي آخر ۾ مؤلف جي هيٺين عبارت مان ظاهر آهي:

”باتمام رسيد نسخہ هذا از دست نحيف بمقدار بنده توپن مل ولد منشي ڻنورسنگهه سکنہ تندره مرحوم مير اسمٰعيل شاهه عليہ رحمة تعلقه حيدرآباد سنده حسب التکليف جناب نواب صاحب بلند حشمت عالي قدر سرماہ مروت مجمع الاشفاق يگانه گوهر انفس و آفاق فياض الدهر مفيض العصر جناب نواب صاحب نواب ميان ولي محمد خان لغاري صاهب دام حشمتہ خلف مرحوم مغفور جنت مکان خلد آشيان حضرت نواب صاحب نواب ميان احمد خان لغاري عليہ الرحمة و الغفران واقعه تاريخ 11-مئي سنه 1886ع برابر 16-مان ربيع الثاني سنه 1297هه سنهي ماه ويساکهه سنه 1944 صورت انتظام يافت“.

        فقير نواب ولي محمد خود پاڻ تصنيف ۽ تاليف ڏانهن متوجهه ٿيو: پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ جو ارادو ڪيائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ خاندان جا اوائلي حالات ۽ ٻيو چڱو خاص مواد هڪ مسودي جي صورت ۾ مرتب ڪيائين. قلب جي صفائي ۽ توحيد جي نعمت بابت ڪتاب ”انيس الموحدين“  تصنيف ڪيائين*. سنه 1322هه ۾ پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”واعظ العشاق“ جي نالي سان مرتب ڪيائين.

        نواب عرض محمد خان جي چوڻ موجب: فقير نواب ولي محمد چاليهن سالن جي عمر بعد شعر چوڻ شروع ڪيو.  ا. هه. سندس مرشد ابراهيم شاهه هڪ صوفي درويش ۽ شاعر هو ۽ ’فقير‘ جي تخلص سان گهڻو ڪلام چيائين. فقير نواب ولي محمد جي ساڻس عقيدت ئي ۽ غالباً کانئس متاثر ڪلام چوڻ شروع ڪيائين. هيٺيان مثال سندس انهن ڪلامن جا آهن جي هن صوفي ابراهيم شاهه جي ڪلامن جي تنبع ۾ چيا:

صوفي ابراهيم شاهه

مون کي ساٿي نين نه ساڻ، ڀينر جيڏيون! آءٌ نماڻي ٿي مران

* هڪ ڀيري تاجپور ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي منزل ٿي ۽ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ خانبهادر حسن علي افندي پڻ آيو. ڪتاب ’انيس الموحدين‘ ڏسي ان جي ڇپائڻ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي ديني نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو ذوق ڏيکاريائين، جنهن تي فقير صاحب جن اهو ڪتاب سندن حوالي ڪيو. ڪتاب جو ٻيو نسخو باقي نه رهيو.

فقير نواب ولي محمد

                مونکي هوت نه ڪيو ڄاڻ، ڀينر جيڏيون،
                                آءُ اڻ سونهين ٿي وڃان


هن ڪلام جي آخري مصرع ۾ صوفي ابراهيم شاهه ’بنگله ڌڻي‘ جو نالو کنيو اٿس ته:

 

”ولي محمد حامي ٿيندم هاڻي بنگله ڌڻي پاڻ“

صوفي ابراهيم شاهه:

متان ٿئين ماندي، اٿئي ويجها وڻ وندر جا

فقير نواب ولي محمد:

سسئي! سڀ سک ٿيا الا، ويجهي آهين وطن کي.

فقير نواب ولي محمد واري دور ۾ سنڌ جي، ٻين مشهور شاعرن جهڙوڪ اُميد علي شاهه، اشرف شاهه، مهدي شاهه، فقير خيرمحمد هيسباڻي، مصري شاهه وغيره جي ڪافين ۽ ڪلامن جو چرچو هو، ۽ فقير صاحب پاڻ کانئن متاثر ٿي سندن تتبع ۾ ڪلام چيا. مهدي شاهه ۽ مصري شاهه وٽس ايندا هئا. اُميد علي شاهه جي ڪلامن کان خصوصاً گهڻو متاثر هو ۽ پنهنجي ڪچهري ۾ پڻ چوندو ته: اڳ ۾ اُميد علي شاهه جو ڪلام پڙهو:

اميد علي شاهه:

جنهن جو ناز وارن سان ناتو، سا مشهور  تڏهن ٿيندي

فقير نواب  ولي محمد:

جنهن جو عشق حسن سان ناتو

سي ته ڇو نه اناالحق چوندا ميان

اميد علي شاهه:

نينهن نباهج نيهي، جا سُڌ لوڪ سُئي آهي ساري.

فقير نواب ولي محمد:

سانگ رسائج نيهي آهيان محب پئي تو پناري

اشرف شاهه:

منهنجون سڄڻ لهن سنڀارون

ٻيو ڪير لهي ڪل مئي جي

فقير نواب ولي محمد:

سڻ پانڌي ادا مون، ويهي

ڏج ڪيچ خبر هن مئي جي

فقير خيرمحمد هيسباڻي:

عشق اچي مون سان ڪيون ڪيون

ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون

فقير نواب ولي محمد:

مون هاري سان ڪيون ڪيون

ڪي ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون

مصري شاهه:

پکيئڙا تون ته پرڏيهي ڪهڙي وهه کؤن وطن ڇڏيئي

بهاريل باغ فردوسي چئو چئو ڇو چمن ڇڏيئي

فقير نواب ولي محمد:

پکي آهين ملڪ معنيٰ جو، اُڏر اوڏاهين ڪري سعيو

نڪر هن قيد خاني مؤن، وٺي شهه عشق جو رايو

مصري شاهه

ڀلا پير تنهنجو، ڀيرو نه ميرو

سوالين جا سڏڙا سڻ تون سويرو

فقير نواب ولي محمد

پرهه جو سوالي وڃان ڪيئن خالي

تون ڏي دان داتا صاحب سويرو

        مصري شاهه هيٺيون بي نقاط ڪلام چيو، جو نواب عرض محمد خان لکي اچي فقير صاحب آڏو پيش ڪيو ۽ کيس انهن جي ڀران ڪلام جوڙڻ لاءِ چيائين:

ڪر ڪا مهر مل ماهرو، مَ لِڪاءِ مک مڪرم مدام

فقير صاحب چيو ته اَبا! مصري شاهه بي نقطي لفظ ڇڏيوئي ڪونهي جو وڌيڪ چون. بهرحال ٻئي ڏينهن نواب عرض محمد خان وٽس ويو ته فقير صاحب هي ڪلام جهونگاريو ته:

دلم دلدار ڪر واهر، سگهو رس ڪر ڪرم ڪامل

        فقير نواب ولي محمد سنڌي کانسواءِ سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ پڻ مثنويون، ڪلام ۽ غزل چيا. اهو ذوق کيس پنهنجن وڏن بزرگن کان ورثي ۾ مليو. ڪافين ۽ ڪلامن کانسواءِ مداحون ۽ مناقب چيائين. پر سندس مشهوري خصوصاً سندس سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن ذريعي ٿي. سندس انهن ڪافين ۽ ڪلامن جي زبان سليس آهي مگر منجهن معنوي نڪات ڪافي سمايل آهن. مصري شاهه جهڙو نامور شاعر پڻ فقير نواب ولي محمد جي ڪلامن ۾ سمايل معنوي نڪات جو گاهي بگاهي داد ڏيندو هو. فقير صاحب راڳ مان واقف هو ۽ ڪي ڪافيون اهڙين راڳنين ۾ سٽيائين جي هن وقت تمام ڪن ٿورن کي ياد آهن- مثلاً ڍوليو، مارئي، سسئي، ڀاڳ، معذوري، اوغان، بنس وغيره انهن انوکين راڳنين مان آهن جن ۾ فقير صاحب جا چيل ڪلام موجود آهن *.

 


(1) انگريزن اچي پوءِ انهيءَ ايراضي تي قبضو ڪيو، ۽ نواب صاحبن کي سندن اصلي حويلين جي عيوض نوان پَٽ مليا، جن کي هنن موجوده ”ٽنڊي ولي محمد“ جي نالي سان آباد ڪيو.

(1) دائم فقير سان اسان ملياسون، ان وقت سندس عمر پنجاسي سالن کن هئي. اسان کي فقير نواب ولي محمد خان جو هي ڪلام ٻڌايائين:

هِت آهيان جو انسان، هُت نه ڄاڻان ڪير آهيان.“

* ٻيو جلد ”ٽالپوري دؤر“ بابت پوءِ نواب فتح محمد خان جي ايمانءَ تي لکيو ويو، جنهن جو بيان مٿي صفحي [115] تي اچي چڪو آهي.

*هڪ ڀيري تاجپور ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي منزل ٿي ۽ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ خانبهادر حسن علي افندي پڻ آيو. ڪتاب ’انيس الموحدين‘ ڏسي ان جي ڇپائڻ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي ديني نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو ذوق ڏيکاريائين، جنهن تي فقير صاحب جن اهو ڪتاب سندن حوالي ڪيو. ڪتاب جو ٻيو نسخو باقي نه رهيو.

* ڏسو داستان 15، ص ص 111-148

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org