سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :3

 

نواب علي محمد خان بن غلام محمّد خان ۽ سندس اولاد

        علي محمّد خان، ميان غلام محمّد خان جو وڏو فرزند ۽ وزيراعظم نواب ولي محمّد خان جو وڏو ڀاءُ هو. پنهنجي اصل ڳوٺ ’اڀپور‘ (لڳ جهول، ضلعو سانگهڙ) ۾ سنه 1162هه ۾ ڄائو. ميان غلام محمّد خان پاڻ علم وارو هو،انهيءَ ڪري پنهنجي فرزندن جي تعليم ڏانهن خاص توجه ڏنائين. علي محمد خان فارسي توڙي عربيءَ ۾ تحصيل ڪئي ۽ هن لغاري خاندان مان پهريون عالم ٿيو. فنِ ڪتابت ۾ پڻ چڱي مهارت حاصل ڪيائين؛ هڪ ڪلام مجيد لکي مير مراد علي خان کي تحفي طور ڏنائين جو مير صاحب کي ڏاڍو پسند آيو ۽ مير صاحب وري ٻيو قلمي ڪلام مجيد نواب صاحب کي تحفي طور ڏنو.

        علم سان گڏ علي محمّد خان انتظامي صلاحيتون رکندڙ هو، جنهنڪري مير صاحبن طرفان وٺي جو نواب ٿيو ۽ اتي جو نظام بخوبي هلايائين. سندس خدمتن جي عيوض هن خاندان جي موجوده ڳوٺ ’تاجپور‘ واري جاگير پهريائين پهريائين مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان طرفان نواب علي محمّد خان کي ملي. نواب علي محمد خان، نوڪري جي مدي بعد حيدرآباد ۾ نوابن جي محلي (ٽنڊه ولي محمّد خان) ۾ رهڻ لڳو، پر پوءِ مير صاحب کي چيائين ته: هت منهنجي ذڪر و فڪر ۾ حرج ٿو ٿئي؛ اجازت ملي ته آءُ شهر کان ٻاهر خلوت نشين ٿيان. کيس موجوده تاجپور وٽ جاگير ملي. تاجپور اصل تاجي ليکي جي جاگير هئي (*) مگر ان وقت سرڪار جي ملڪيت هئي. نواب علي محمّد خان ٽنده ڄام مان ٿيندو، اولياء شيخ سيد الياس عرف جئي شاهه جي درگاهه تي آيو، ۽ دعا گهري اچي تاجپور ۾ هميشه لاءِ مقيم ٿيو. تاجي ليکي جو ’چؤدرو‘ عدالتي ڪمرو ۽ کوهه سندس اوطاق جي حدن ۾ شامل ٿيا ۽ اڄ تائين اها صورتحال موجود آهي. نواب علي محمّد خان 88 ورهيه جي عمر ۾ سنہ 1280هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبره، شاهه صاحب شيخ محمّد الياس جي مقام ۾ آهي.

        نواب علي محمد خان عالم، ڪاتب، صاحبِ شريعت ۽ اهلِ دل درويش هو. طريقت جي راءِ ۾ مٺي فقير هالي (سڪرنڊ لڳ) جو مريد هو. پنهنجي آخري عمر علمي مطالعي ۽ خدمت ۾ صرف ڪيائين. افسوس جو سندس قلمي ڪشالي مان سواءِ هڪ فارسي بياض جي، ٻيو باقي نه بچيو آهي. هيءَ هڪ چڱو خاصو ضخيم ۽ وڏي تختي وارو بياض آهي، جنهن ۾ شامل مواد جي عنوان جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ نواب مرحوم جي علمي ذوق جو اندازو لڳائي سگهي:

بياض نواب علي محمّد خان: (1) تسبيحات (2) اقوال النبي صلعم في قراة القران (3) اسماء صفاتي رسول الله صلعم (4) ”باب الاخبار“ (کہ بناء آد چهل باب است، در هربابي ده حديث بنظر آورده است کہ بعبارت پارسي ترجمہ کند—الخ.) (5) اقتباس من تاريخ کسرٰ (6) چهل جوامع المکلم من احاديث النبي صلعممعہ منظوم ترجمہ فارسي-مثلاً:

”لايُؤمن احد کم حتي، يحب لاخيہ مايحب لنفسہ“

کہ بموجب فرموده سکندر شاهه بادشاهه درست نمود-مثنوي در پنج اوراق (22) خردنامہ بقراط حکيم-مثنوي در دوا اوراق (23) پند مخدوم جامي (24) نصائح سعدي.

        بياض جي عنوانن مان ظاهر آهي ته نواب صاحب جي طبيعت جو رجحان حڪمت، نصيحت ۽ دانائي طرف هو، جنهن جي جستجو نبي صلعم جي احاديث،حضرت علي رضا جي قولن ۽ يوناني فيلسوفن ۽ ايراني دانائن جي خرد نامن ۽ پندنامن مان ڪئي اٿس. نمبر 9 عنوان، حضرت علي جا هڪ سؤ مقولا، سنه 1247هه ۾، يعني سندس وفات (1250هه) کان ٽي سال اڳ لکيائين، ۽ ان وقت سندس عمر 85 ورهيه هئي. مگر ان هوندي به قلم ايڏو ته صاف ۽ سهڻو آهي جو رواجي ڪاتب جي جاءِ ڪانهي.

        ڪتاب انيس السالکين: مٿين عنوانن ۾ نمبر 19، يعني ”ڪتاب انيس السالکين“ خود نواب علي محمد خان جو پنهنجو تصنيف ڪيل آهي، جو سنہ 1240هه ۾ يعني پنهنجي وفات کان ڏهه سال اڳ لکي پورو ڪيائين. ڪتاب جمله 108 وڏن ورقن (216 صفحا) ۾ آهي. ڪتاب جي سڄي مضمون جو خاص مقصد آهي پڙهندڙن کي حق تعاليٰ ڏانهن رجوع ڪرڻ. آيات قرآن حڪيم، احاديث، اقوال صوفيہ، مثنوي مولانا رومي وغيره کي جابجا شواهد طور آندو ويو آهي. هيٺ ڪتاب جي شروعات ۽ آخر وارا اقتباس ڏجن ٿا،انهيءَ لاءِ ته مصنف جي تحرير جي نوعيت جو اندازو ٿي سگهي.

        (ڪتاب جي شروعات): الحمدلله ربّ العالمين، و الصلواة و السلام علي رسولہ محمّد و آلہ و اصحاب اجمعين. بشنو اي طالب راه دين و سالک بالقين کہ حضرت  حق سبحانہ تعالي جلشانہ ايزد متعال ذوالجلال بافضال لايزال و الطافات و عنايات بقد رت کاملہ خويش انسان را بيافريد. بعده خلعت فاخره ”فنفخت فيہ من روخي“ از توجهات واشفاقات خود اورا بپوشانيد وهم درباره او از راه لطف و کرم در قرآن فرموده کہ ”فاذ کروني اذ ڪرکم“ ودرآيہ ديگر آمده ”و في انفسکم افلاتبصرون“. وهم در خلقت انسان در فرقان فرموده ”لقد خلقنا الانسان في احسن لتويم“. وهم در قرآن بيان عيان است ”نحن اقرب اليہ من حمل الوريد“. ان چند خطاب که در کتاب رب الارباب در باب بشر مبشراست درباره هيچ مخلوقي از مخلوقات کلي ديگر شرف نزول نيافتہ. لٰهذا آدمي هوشمند و عاقل را بايد کہ يک لحظہ و يک لمحہ غافل نبوده شب و روز هزاران هزار شکرانہ اين نعمت عظمي مکزمہ و مشرفہ مذکوره بعجزو انکسار بسيار براحڪام کلام حضرت حق سبحان ايزد منان جلشانہ قرار واقعي مساعي بوده عمل نمايہ ڇنانچه فرموده است ”ماخلقت الجن و الانس الاليعبدون-الخ“.

        (ڪتاب جي تصنيف جو ذڪر ۽ خاتمہ): چون اين فقير حقير پر تقصير هيچمدان زمان علي محمّد ولد مرحوم مغفور غلام محمد عيدالرحمة از عنايت و هدايت رباني از ابتد اي ايام جواني بخواند تفصير قرآني و ديگر کتب اشتغال ورزيده و نيز براه نياز هم صحبتي علمايان و مشاخان برگزيده ببرکت خواندن قرآن وهم از اثر صحبت آن نيکان بهر عنوان بفضل حق سبحان جلشانہ بهرور گريده. از انجا کہ عمر بنده بہ پيري رسيده خواست کہ کتابي بعبارت مختصر منحصر بر معاملات راه دين و احوالات و مقالات و مقامات اهلِ يقين کہ از کتب هائي معتبر بنظر آمده واز فقراء صادر شده بعنوان شائسته بطريق اختصار در بيان آورده تصنيف کتاب سازد کہ گاه بيگاه بوقت تنهائي مرد مان طالبان و عاقلان رامونس و متنفع گرد دو بخواندن آن سالکان بهر گونہ مستفيض و بهرهياب شدهِ اين ضعيف را بدعاي خير و خوبي دارين يا فرما باشند. لــٰهذا اين کتاب درست نموده بنام انيس سالکين موسوم ساختہ توقع اس الطافات و اشفاقات عالمان صالحان و طالبان صادقان و دانايان خورده بنيان و نڪتتہ چيان، آن دارد کہ اگر سهوي يا خطائي در تحرير و تقرير تصنيف اين ضعيف بنظر کرم منظر درآيد بموجب مصرع: ”قلم عفو برگناهم کش- کہ از خورداد خط ا و بزرگان عطا.“ تمام شده کتاب انيس السالکين بعون عنايت ربّ العالمين جلشانہ

بدست خط فقير الحقير المذنب علي محمّد لغاري

در سنہ 1240 من الهجرة النبويہ

حضرت پيغمبر عليہ الصلواة السلام

        نواب علي محمد خان فارسي ۾ شاعري پڻ ڪئي. ’علي‘ تخلص هوس، سندس هڪ غزل دستياب ٿيو آهي جو هيٺ ڏجي ٿو:

غم عشق انيسِ جان من بود
بہ روزو شب غمت مهمان من بود
چرا کردي جدا از من غمِ خويش
کہ همدم بادلِ مستان من بود
شدم حيران بہ فکرِ اين جدائي
کہ آخر باکشش عصيان من بود
کريمان گر نمودم جر بسيار
بشانت لائقِ غفران من بود
دلم فرما به عشقِ خود گرفتار
اگر سَهو دل نادان من بود
خوش آن وقتي کہ از شوقِ تو هردم
ز عشق ديدها گريان من بود
علي گردد به ديدارت سرفرا
کہ پيشت دائما اوطان من بود


(*)سنڌ الينيشن جي تاريخ، جلد 2، ص 216-217.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org