پيش لفظ، مهاڳ....
تعارف
[سيد اظهر گيلاني جي شاعريءَ جي ڪتاب ”سخن بي نظير“ تي لکيل
تعارف. هي ڪتاب سال 1947ع ۾ ڇپيو]
”سخن بي نظير“ جي عنوان سان منهنجي عزيز دوست سيد اظهر گيلاني
جي شعر و شاعري جو هي مختصر مجموعو سنڌي ادبيات ۾
هڪ گرانقدر اضافو آهي. غزل ۽ غزل جي دنيا جا جيڪي
به لوازمه آهن سي سڀئي گيلاني صاحب جي ڪلام ۾
نهايت حسن ۽ خوبي سان موجود آهن. عشق عاشقي، هجر
فراق، گل و بلبل، ساقي، مينا، الغرض هر اها شيءِ
جنهن سان غزل جي دنيا آباد آهي، سا نهايت دلنشين
پيرايه ۾ غزل اندر مهيا ڪئي وئي آهي. جذبات جي
لحاظ سان سندس ڪلام نهايت زوردار آهي، مثلاً عاشقي
جي زمانه“ جا چند شعر جذبات ۽ واقعات بلڪ واردات
جي لحاظ سان ملاحظه ٿين.
ياد آ دل جي لڳي دل جو لڳائڻ ياد آ
ڪنهن جي پويان پاڻ کي مجنون بنائڻ ياد آ
ياد آئي دست بسته وصل لئه منهنجو چوڻ
ڏئي بهانو هڪ نه ٻيو تنهنجو نٽائڻ ياد آ
کلندي کلندي ڳالهه ٿوري تي رسي هڪدم اُٿڻ
منهنجو دامن مان جهلڻ تنهنجو ڇڏائڻ ياد آ
ڪين هڪ ٻي کي ڇڏينداسون چئي فرقان تي
-ثلاً؛صوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه وهايا
ويا آهن. قعات بلڪ واردات جي لحاظ سان ملاحظه
ٿين.ي وئي آهي. آهي. تنهنجو مون کان، منهنجو
توکان، هٿ رکائڻ ياد آ
تون رٺين ٿي مون ٿي پرچايو، ٻئي ٻانهون ٻڌي
وقت تي منهنجو رسڻ تنهنجو منائڻ ياد آ
اهڙيءَ طرح ”تصوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه
وهايا ويا آهن. مثلاً:-
”ياد آهن ڏينهن“ لب تي هو تبسم موجزن
خار و خس ايندو نظر ۾ هو مثال لالـــه زار
”ياد آهن ڏينهن“ دل هئي رنج و غم کان بي خبر
وقت گذريو ٿي خوشي ۾ هو نه ڪوئي انتظار
الفاظن جي بندش ۽ چستيءَ جا به ڪٿي ڪٿي بهترين مثال پيش ڪيا ويا
آهن. مثلاً:-
منهنجي غم ۾ ٿا مرن ”ساعت ۾ صد ها“ ڇا ڪريان
ڪنهن جي غمخواري ڪريان غمخوار ڪنهنجو ٿي رهان.
”ساعت ۾ صدها“ جي بندش نهايت بهترين آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪٿي ته
هڪ لفظ جي آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي
آهي؛-
بعد مردن خاڪ کي يثرب رسائيندي ضرور
اهڙو ”خاطر خواهه“ آ مون کي صبا جو آسرو
”خاطر خواهه“ جي لفظ آڻن سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي.
شاعرانه خصوصيتن جي جيڪڏهن هر هڪ پهلوءَ تي ويهي
ويچار ڪبو ته مختصر تعارف طويل ٿي ويندو، تنهنڪري
آءُ انهيءَ معامله کي پڙهندڙن جي ذوق سليم ۽ خوش
نظريءَ جي حوالي ڪندي فقط چند شعر اندازهه ڪرڻ
لاءِ پيش ڪريان ٿو؛-
دل لڳائڻ سان مصبيت ٿي اچي
هڪ نه ٻي هر روز آفت ٿي اچي
وري ڪنهن سان نظرون لڙائڻ گهران ٿو
وري چوٽ نئين دل تي کائڻ گهران ٿو
----------
وري ڪنهن جي آمد ٻڌي پاڻ وٽ مان
اکيون راهه تي ٻئي، وڇائڻ گهران ٿو
------------
رهي رهندا رهائڻ سان گهڻو آخر وڃڻ وارا
رهڻ تي دل نه آ تن جي، نه ڪي آهن رهڻ وارا
--------
جدائي يار تنهنجي منهنجي، لئه جنسي قيامت آ
غضب آ، قهر آ، شامت آ، آفت آ، مصيبت آ
---------
اڱڻ منهنجي تي خود آيو، سندس ٿو ڀال ڀايان مان
ڪرم آ، مهرباني آ، نوازش آ، عنايت آ
--------
دل نه ڏيان ها ته ڇو هوند ٿيان ها بدنام
سڌ نه هئي ٿيندو خوش آغاز جو برتر انجام
مون مون کي يقين آهي ته سيد صاحب جو هي مجموعه سنڌي جديد ادب جي
ترقيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو، ۽ آءُ ذاتي طرح
هن ڪتاب کي سنڌي جديد ادب لاءِ مبارڪ فال سمجهان
ٿو. اميد آهي ته سنڌ جا شاعر گيلاني صاحب وانگر
فارسي ۽ اُردو ادب جي موجودهه رجحان کان متاثر ٿي
ضرور پنهنجي ڪلام ۾ تبديليون آڻيندا. مثلاً هن
ڪتاب ۾ ”گيت“ به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب
۾ نقش اول جي حيثيت رکن ٿا. غلطين کان هن ناتمام
دنيا جي ڪابه شيءِ خالي نه آهي. ممڪن آهي ته هن
ڪتاب ۾ به ڪي شاعرانه غلطيون رهجي ويون هجن. ليڪن
هڪ ته سرسري مطالع سبب مون کي موقعو نه مليو جو
آءُ انهيءَ تي به نگاهه ڪريان ۽ ٻيو بحيثيت دوست
جي مون کي پنهنجي دوست جي ڪلام ۾ فقط خوبين وارو
پهلو ئي ڏسڻو پيو. تنهنڪري آءُ نقد ۽ حرج، تنقيد ۽
تبصرهه، داد ۽ دهش لاءِ ٻين سخن فهم بزرگن لاءِ
ميدان خالي ڇڏيان ٿو.
27 جولاءِ 1947ع سيد حسام الدين راشدي
ڪراچي.
گذارش
[سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“ اردو ۾ 1958ع ۾ شايع
ڪئي. هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مولانا غلام رسول مهر
لکيو هو. هي ”گذارش“ ان ڪتاب لاءِ لکي وئي. بعد ۾
بورڊ ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1963ع ۾ ڇاپيو]
سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان
وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ
تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ
يا ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو
آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي
سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني
حالات، زماني وار، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي
طوفان غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي
ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.
قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن، کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش
لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي
تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجن بزرگن
جا اعليٰ ڪارناما، آئيندهه نسلن لاءِ هميشہ واسطي
زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم
پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي
عروج ۽ زوال جي اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور
ڪري، آئيندهه جا خدوخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن
قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي،
ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾
عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم
آهي.
اها ئي اهم ضرورت هئي، جنهن کي سامهون رکندي سنڌي ادبي بورڊ،
پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ مفصل ۽ مستند تاريخ
لکرائڻ جي رٿا تيار ڪرائي، ۽ هيءُ فيصلو ڪيو ويو
هو ته هن خطي جي سموري تاريخ اٺن جلدن ۾ مرتب
ڪرائي وڃي، يعني –
جلد پهريون جاگرافيائي تاريخ
جلد ٻيو اسلام کان اڳ وارو دور
جلد ٽيون عربن جو دور
جلد چوٿون سومرن ۽ سمن جو دور
جلد پنجون ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور
جلد ڇهون ڪلهوڙن جو دور
جلد ستون ٽالپرن جو دور ۽
جلد اٺون انگريزن جو دور
سنڌي ادبي بورڊ، چند اهل قلم حضرات منتخب ڪيا هئا، جي هن اهم ڪم
کي بهتر کان بهتر طريقي سان سرانجام ڪري سگهيا ٿي،
۽ اهڙيءَ ريت مختلف دورن جي انهن ۾ ورهاست ڪئي
وئي. جيئن ته هيءَ تاريخ ٽن زبانن ۾ شايع ڪرڻ جو
فيصلو هو، يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ته جيئن
زيادهه کان زيادهه اصحاب تاريخ جي مطالعي مان
مستفيد ٿي سگهن، انهنءَ لاءِ اهل قلم کي اختيار
ڏنو ويو هو ته جنهن به زبان ۾ سندن مرضي هجي، ڪتاب
مرتب ڪن ۽ باقي ٻن زبانن ۾ انهن جو ترجمو ڪرايو
ويندو.
پهريون ۽ ٻيو جلد، مسيٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ(1)
کي ڏنا ويا هئا. هن صاحب، آڪسفورڊ ۾ رهندي، انهيءَ
ڪم جو پورائو ڪيو. هي ٻئي جلد مستقبل قريب ۽
انگريزي زبان ۾ شايع ٿيڻ وارا آهن، ۽ جلد ئي انهن
جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو به شايع ڪرايو ويندو.
عربن جو دور مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو
هو. اڃا ابتدائي مرحلا طئه نه ٿيا هئا ته سيد صاحب
موصوف عالم بقا ڏانهن اُسهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ حصو
اڃا تائين ڪنهن ٻئي بزرگ کي نه ڏنو ويو آهي. سومرن
۽ سمن جي دور متعلق ضروري معلوماتي سرمايو ڪٺو ٿي
نه سگهيو آهي، ان ڪري طئه ڪيو ويو آهي ته ان کي
سڀني کان آخر ۾ يڪسوئيءَ سان مرتب ڪيو وڃي.
پنجين، ڇهين ۽ ستين جلدن مان پهريون منهنجي ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد
مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيا ويا هئا.
ارغونن ۽ ترخانن جو دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد
شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. مغلن جو دور به مڪمل ٿيڻ
جي ويجهو آهي.
مولانا مهر سڀني کان اڳ ڪلهوڙن جي دور تي قلم کنيو. شروعات ۾
خيال هو ته هن دور جي باري ۾ به معلومات تمام گهٽ
آهي، ان ڪري بورڊ هن دور متعلق چئن سون صفحن جو
ڪتاب ڪافي سمجهيو هو. مگر جڏهن مولانا مختلف حالات
جون ڪڙيون ملائي، وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي،
تڏهن ايترو مصالحو ڪٺو ٿي ويو جو ڪتاب هڪ هزار
صفحن کان به وڌي ويو، ۽ انهيءَ ڪري ان کي ٻن جلدن
۾ ورهائڻو پيو.
هن وقت مولانا ٽالپورن جي دور تي لکي رهيو آهي، ۽ اندازو آهي ته
هيءُ دور به ٻن جلدن تي ڦهلجي ويندو. انگريزي دور
متعلق ڊاڪٽر ڊوآرٽ هڪ جلد تيار ڪيو آهي، جو
انگريزن جي شروعاتي دور کان سنڌي جي فتح ٿيڻ
تائين، سموري حالات تي مشتمل آهي. باقي حصي کي بعد
۾ ترتيب ڏيندو.
هن مجمل بيان مان سنڌي ادبي بورڊ جي هن رٿا جي ڪيفيت چڱيءَ ريت
واضح ٿي سگهي ٿي. شروع ۾ اٺ جلد تجويز ڪيا ويا
هئا، مگر هن وقت اندازو آهي ته سموري تاريخ غالباً
تيرهن يا چوڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿي ويندي.
جيڪي جلد ڇپجي رهيا آهن، انهن جو ترجمو به گڏوگڏ شروع ڪرايو ويو
آهي. انهيءَ رٿا موجب ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو هيءُ سنڌي
ترجمو، ٻن جلدن جي صورت ۾ قارئين حضرات جي خدمت ۾
پيش ٿي رهيو آهي.
مولانا مهر وڏيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان ڪلهوڙا دور جي سرگذشت مرتب
ڪئي آهي، ۽ سراسر غير يقيني ذريعن مان ڇڙوڇڙ مواد
کي ڪٺو ڪري، مختلف واقعات کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ
اهڙو سلسلي وارو داستان تيار ڪيو آهي، جو سڄي
تصوير اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ڪلهوڙن جو دور، سنڌي
قوم جي پُر عظمت جدوجهد، منتشرٿيل ملڪي اَجزا جي
نئين سر ترتيب، ۽ همہ گير تعميري ڪارنامن جو اهڙو
دستاويز آهي، جنهن جي اڪيلي هجڻ تي خراج تحسين ادا
ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو.
خدا جو شڪر آهي جو هن دور جي سموري سرگذشت پنهنجي سمورين
خصوصيتن سان مڪمل ٿي وئي، جنهن لاءِ سنڌ جا رهواسي
جيترو به فخر ڪن، بلڪل بجا ڄاتو ويندو. ڪالهه
تائين اسين جن پنهنجن بزرگن جي فقط نالي کان واقف
هائسون، انهن جي ڪيل ڪارنامن جي عظمت جو اسان کي
ڪو به احساس ڪونه هو، اهي اڄ پهريون دفعو پنهنجي
ملڪي ۽ قومي روشن خدمتن سان گڏ اسان جي سامهان
جلوهه گر ٿي رهيا آهن.
هن سلسلي ۾ مولانا کي ضروري حالات جي فراهميءَ ۽ تاريخ جي مختلف
ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ملائڻ ۾ جيڪي تڪليفون سامهون
آيون، تن جو مون کي ۽ بورڊ کي پورو پورو احساس
آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب ملاحظه ڪندڙ حضرات انهيءَ
جو احساس نه ڪري سگهن ۽ اسين به اهڙو احساس ڏيارڻ
نه ٿا گهرون. اسان جي خواهش فقط هيءُ آهي ته قوم
پنهنجي هن عظيم الشان ماضيءَ جي تاريخ مان همت ۽
عملي جوش جا نوان ولولا حاصل ڪري، زندگيءَ جي
نئين ڪروٽ حاصل ڪري ۽ عزت ۽ عظمت جي جنهن تاج سان
ان جي بزرگن جون پيشانيون مزين هيون، ان کي پنهنجو
نصب العين بنائي، جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃي. ائين ٿيو
ته اسين سمجهنداسين ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد
پورو ٿي چڪو. بورڊ جنهن ڪم جو ٻوجهه پنهنجي سر تي
کنيو هو، اهو خداي برتر جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي
انجام تي پهچي ويو. اسان جي هن ناچيز ڪوشش جو اهو
ئي صلو آهي جنهن کي اسين پنهنجي زندگيءَ جو مقصد
سمجهون ٿا.
اسان هن ڪتاب کي جنهن پيماني تي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ جا خواهشمند
هئاسون، افسوس جو ان ۾ پنهنجي آرزوئن مطابق ڪامياب
ٿي نه سگهياسون – مثلاً تاريخي نقشا مرتب ڪرائي نه
سگهياسون. تاريخي مقامات تائين سفر ڪرڻ لاءِ مؤلف
کي سهوليتون ڏئي نه سگهياسون، ۽ انهيءَ ڪري هن
تاريخي عمارت جو باب هڪ حد تائين تشنه رهجي ويو.
انهيءَ کان سواءِ تاريخي مقامات تي جيڪو سير حاصل
تعميري ۽ جاگرافيائي بحث هجڻ گهربو هو، اهو ٿي ڪين
سگهيو. اسان وڏين ڪوششن سان تصويرن جو چڱو خاصو
مجموعو فراهم ڪيو آهي. انهن تصويرن ۾ بيش بها
تصوير ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي آهي، جا
حسن اتفاق سان راقم کي اُچ جي نادر ”گيلاني“
ڪتبخاني مان ملي وئي ۽ راقم محڪمه آثار قديمه جي
مدد سان هن تصوير جو عڪس حاصل ڪيو. هيءَ تصوير
دراصل رنگين هئي، پر افسوس آهي جو ڪن فني مجبورين
سبب اسان ان کي رنگن ۾ ڇاپي نه سگهيا آهيون. ڪن
تاريخي جاين جا فوٽا ان ڪري نه ڇپجي سگهيا جو وقت
اندر نه مليا.
مون تي پنهنجي احباب و ڪرام جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جن مواد
جي فراهميءَ ۾، منهنجي ۽ مولانا مهر جي مدد ڪرڻ
فرمائي. محڪه آثار قديمه پاڪستان جو پڻ احسان مند
آهيان، جنهن منهنجي ذاتي گذارش تي تصويرون مهيا
ڪري ڏنيون.
آخر ۾، مولانا مهر جو دل جي خلوص سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. هو
سنڌي نه هو، مگر هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان هن
ڪتابن جي انبار کي ڦلهوري، هزارين صفحا هيٺ مٿي
ڪري، ڪٿان هڪ سٽ، ڪٿان ٻه سٽون، ڪٿان اڌ صفحو ۽
ڪٿان هڪ صفحو فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ملڪ جي
جنهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ جو به هن کي موقعو ملي نه
سگهيو، تنهن جي تاريخ جي هڪ لازوال عمارت کڙي ڪئي.
هن جي تحرير دلي همدرديءَ سان ٽمٽار آهي، ۽ ساڳئي
وقت هن ڪنهن به موقعي تي حق ۽ انصاف جي تقاضائن کي
نظرانداز نه ڪيو آهي، جنهن جي بغير ڪا به تاريخ،
حقيقت ۾ تاريخ چوائڻ جي حقدار نه ٿي هجي. جيڪڏهن
هو سنڌ ۾ ويهي هن ڪتاب کي مرتب ڪري ها، ۽ سمورا
تاريخي مقامات نظر مان ڪڍي ها ته يقيناً هن ڪتاب
جي زيب ۽ زينت جو اندازو ڪنهن ٻئي نموني جوهجي ها.
بهرحال، هن جيڪا محنت ڪئي آهي ۽ جنهن محبت ۽ انتهائي ڪوششن سان
اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هيءُ حصو مرتب ڪيو آهي،
ان لاءِ اسين سڀ ان جا شڪر گذار آهيون. آءُ ته خاص
ڪري ان جو احسان مند آهيان، جو هن هي سڀ ڪجهه مون
سان ذاتي محبت ۽ شفقت جي ڪري ڪيو، جا ويهن ٻاويهن
سالن کان مون تي فرمائي رهيا آهن. منهنجي دعا آهي
ته الله تعاليٰ کين صحت ۽ عافيت سان هميشہ سلامت
رکي! آمين.
ڪراچي حسام الدين راشدي
23 جولاءِ 1958ع
شاهه جو پيغام
[حافظ محمد احسن چنا جي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ لاءِ لکيل ٻه اکر.
هي ڪتاب سال 1958ع ۾ شايع ٿيو]
سنڌ جا اديب ۽ سخنور، پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، ڀٽائي گهوٽ
کي، مدتن کان عقيدت جا نذرانه پيش ڪندا رهيا آهن،
پر شاهه هڪ اهڙو بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ جيتري
غواصي ڪجي اها ٿوري. جنهن مان جيترا ماڻڪ موتي
ڪڍجن اهي ڪم آهن. حياتيون گهرجن جو انهيءَ بستان
جي چمن بندي ڪجي. زندگيون کپن جو انهيءَ باغ جا گل
۽ ٻوٽا پيا سينگارجن ۽ سنوارجن. ڀٽ جي ڀوتار،
پنهنجي لافاني بيتن، بي مثل ڪافين ۽ قيامت تائين
زندهه رهندڙ واين کي سنڌ جي عوامي قصن ۽ ڪهاڻين،
داستانن ۽ روايتن جي بنيادن تي نڀايو آهي. انهن
داستانن ۽ انهن ڪهاڻين، انهن روايتن ۽ انهن قصن کي
ڪيترن اديبن، پنهنجي پنهنجي زور قلم سان وقت بوقت
پي ساراهيو ۽ بيان ڪيو آهي. ڪن انهن جي تشريح ڪئي
آَهي، ته ڪن انهن جون معنوي خوبيون ۽ خصوصيتون
ويهي شمار ڪيون آهن ۽ ڪن انهن جي رمزن ۽ نڪتن جي
ويهي واکاڻ ۽ اپٽار ڪئي آهي.
اهڙيءَ طرح هر قلم ڪار ۽ هر اديب، پنهنجي سمجهه ۽ خيال آهر ڪسر
ڪا نه ڇڏي آهي.
منهنجي محترم محسن، حافظ محمد احسن، جنهن جي ادبي صلاحيتن جو
آءُ هڪ مدت کان معترف، ۽ جنهن جي نعت گوئيءَ ۽ سخن
سنجيءَ تي آءُ هڪ زماني کان مفتون آهيان، هڪ نئين
ڍنگ ۽ هڪ انوکي رنگ سان شاهه سڳوري جي قصن ۽
ڪهاڻين کي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. هن
صاحب، شاهه جي بيتن جون ڪڙيون ملائي، منتشر موتين
کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي، سنڌ جي انهن مقبول عام
داستانن جا اهي پهلو پيش ڪيا آهن، جن ۾ پريت جون
پچارون، عشق ۽ محبت جون پڪارون ۽ سوز ۽ سڪ جون
نازڪ رمزون رکيل آهن.
بيان ۽ اسلوب جي ندرت، زبان ۽ لفظن جي کيڏ ۽ قدرت، شاهه جي بيتن
جي روشنيءَ ۾، انهن گوشن کي ڪٿان جو کڻي وڃي ڪٿي
پهچايو آهي!
مقتيٰ عبارت، حسين پيرايه بيان ۽ تجنيس حرفي سان سينگارجي
سنوارجي، اهي داستان، سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار
بنجي پيا آهن، جن کي پڙهڻ سان ۽ اندر ۾ اورڻ سان
دل کي راحت رسي ٿي ۽ روح، انهن جي اهڙين گهراين تي
پهچڻ لاءِ وڌيڪ واجهائي ٿو ۽زيادهه واجهه وجهي ٿو.
هن تي خود شاهه سائين، روح کي پهچائڻ ۽ رسائڻ گهري
ٿو.
سنڌ جي مارئي، حب الوطنيءَ جو هڪ پاڪ مجمسو آهي. ساڻيهه جي سڪ،
مارن سان بي پناهه محبت، وطن سان والهانه وابستگي،
ملير، ملير جي مارن وٽ موٽي وڃڻ جي آرزو ۽ اميد،
اهي مارئي جي امنگن جا سرچشما آهن.
حب الوطنيءَ جي انهن سڀني پاڪيزهه سرچشمن کي گڏي هڪ ئي هنڌ اهڙي
انداز سان بيهارڻ، جو دل مان محب وطن مارئيءَ لاءِ
محبت ۽ همدردي ۽ سنڌ جي هن عظيم ترين شاعر جي لاءِ
اکٽ عقيدتمندي اٿلون کائڻ لڳي، هڪ اديب جو نه فقط
قابل بلڪ انتهائي ڪمال آهي.
دريا جا ڊيڄاريندڙ ۽ من ڏاريندڙ دهڪا ۽ ڌڌڪا انهن سڀني کي هڪ ئي
لڙهيءَ ۾ پوئي، محبت ۾ نينهن سان ڇلڪندڙ بيتن سان
ڳنڍيندي احسن صاحب، سچ پچ نثر ۾ شاعري ڪئي آهي ۽
عبارت ۾ اهڙو آهنگ پيدا ڪيو آهي، جو سوين ساز ۽
سرود، ان تان قربان آهن.
سسئيءَ جي سورن جا حال، نوريءَ جي نماڻائي ۽ نياز جا حال، سورٺ
۽ سرمنگتي جا دل سوز مڪالما ۽ راءِ ڏياچ جي سر جو
دان، اهي اهڙيون شيون آهن، جي هڪ ئي هار جا مختلف
ماڻڪ ۽ هڪ ئي سلسلي جا جدا موتي آهن.
شاهه جا اهي مڙئي عنوان ۽ بيان، پنهنجي مخصوص طرز نگارش سان نثر
۾ جوڙي انهن جي رونق ۽ تابناڪيءَ کي سنڌ جي هن
ڪهنه مشق اديب ۽ اهل دل صاحب قلم، پڙهندڙن جي
اڳيان اهڙيءَ طرح روشن ڪيو آهي، جو بي اختيار زبان
مان تحسين ۽ آفرين نڪريو وڃي ٿي.
جهڙا آهن شاهه جا شاهڪار تهڙائي آهن احسن صاحب جي لفظن جا
درشاهوار! جهڙو آهي شاهه جو نظم، اهڙو آهي احسن
صاحب جو نثر! گويا، جهڙا آهن گل گلاب جا، اهڙا ئي
کين ويس ڏنا ويا آهن.
سنڌ جي نثري ادب ۾، انهيءَ قسم جي مقفيٰ عبارت آرائي جا مثال
تمام گهٽ آهن.
جنهن ڪاميابيءَ ڪامرانيءَ سان احسن صاحب انهيءَ سخت ۽ مشڪل طرزِ
نگارش کي نڀاهي پار پيو آهي، ان لاءِ هو صاحب
يقيناً مبارڪن جو مستحق آهي.
احسن صاحب جي قلم مان ڪئين دلپسند چيزون نڪتيون هونديون. پر
سندس هيءَ ڪوشش جتي سنڌ جي ٻين اديبن کي انهيءَ
قسم جي نثر نويسي صلائي عام جو سبب ٿي آهي، اتي
احسن صاحب لاءِ به سنڌي ادب ۾ هڪ خاص ۽ منفرد مقام
پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي آهي.
سيد حسام الدين راشدي
|