سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 2

 

 

 

مقالا، تقريرون ۽ خط

 

 

 

مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم

[هي يادگار مضمون ماهوار اخبار تعليم جي جلد 37، نمبر 1، اپريل 1937ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. ان جو فوٽو اسٽيٽ عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ موڪلي ڏنو. هي مضمون ڏسندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم، ان وقت سيد فدائي الراشديءَ جي ادبي نالي سان لکندا هئا.]

مغلن کان اڳي (توڙي) هندن سان فارسي دان قومن جو ميل جول، سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان اڳ به ٿورو ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته فارسي دان مڪراني ماڻهن جو هندن سان لاڳاپو هو ۽ پڻ يعقوب صفار جي زماني ۾ به سنڌين سان ايرانين جا تعلقات هئا، ته به هندو فارسيءَ سان گهڻو راهل مائل غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ٿيا. سلطان محمود جي درٻار ۾ هڪ هندو فارسي عالم ”تلڪ“ نالي هو، جنهن جهڙو فارسي دان ان زماني ۾ مشڪل ٿي مليو.

سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ جي تعليم ۽ لکپڙهه جو رواج پکيڙڻ چاهيو، مگر ايتريقدر ڪامياب ٿي نه سگهيو، جيترو چاهيائين ٿي. شير شاهه جي حڪومت ۾ به اهو سلسلو هلندو آيو، مگر سواءِ ڪن ٿورن فارسي دانن جي وڌيڪ هندو پيدا ٿي ڪين سگهيا. ديوان توڏرمل کتري جيڪو اڪبراعظم جي زماني تائين هو، سو ان زماني ۾ نهايت عالم ۽ فاضل هو. سندس جهڙو خوش نويس ته ڪو ورلي هوندو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين جي بادشاهيءَ ۾ هندن ۾ فارسي تعليم جو آغاز ٿيو. مگر اهڙو نه جهڙو سندس دل چاهيو ٿي. بودي بٽ فارسي دان پيدا ٿيو. شاهنامہ جو حافظ هو ۽ نهايت مٺي آواز سان شهنشاهه اڳيان شاهنامي جا شعر پڙهندو هو.

گرونانڪ صاحب جنهن سان مسلمان صوفين جا نهايت نيازمندانه ۽ گهرا تعلقات هوندا هئا، فارسيءَ کان واقف هو. گرنٿ صاحب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب ڪجهه فارسي شعر به چئي ڄاڻندو هو. تاريخ ۾ مغل شاهي زماني کان اڳ ئي فارسي دان هندو معلوم ٿين ٿا. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، مغلن جي اچڻ کان اڳ فارسي تعليم هندن ۾ ڪيتري قدر هئي.

اڪبر جون ڪوششون:

اسان مٿي لکي چڪا آهيون ته سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ کي رواج ڏنو مگر سندس ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون ۽ مغلن جي وقت تائين، سواءِ خاص هندن جي ٻيو ڪو به فارسيءَ جو ڄاڻو ڪو نه هو.

مغلن جي آمد کان پوءِ فارسيءَ جيڪو هندن ۾ رواج پاتو اهو اڳ ڪڏهن ڪو نه هو. اڪبر اعظم جڏهن سلطنت جو مالڪ ٿيو، تڏهن هن پنهنجو سمورو خيال انهيءَ طرف صرف ڪيو. ابتدا ۾ راجا توڏرمل حڪم ڪڍيو ته دفتري زبان ۽ لکپڙهه سموري فارسيءَ ۾ ٿئي، جيڪا اڳ گهڻو ڪري هنديءَ ۾ ٿيندي هئي. نتيجو اهونڪتو جو ان زماني ۾ هندو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين تي قائم هئا ۽ ٿيندا رهيا ٿي. تنهنڪري بلڪل ٿوري عرصي اندر منجهن فارسيءَ جو ايترو مايو ٿي ويو، جو بلو خمن لکي ٿو ته 81 صديءَ تائين هندن ۾ فارسي تعليم جي ترقي مسلمانن کان به وڌيڪ ٿي وئي. منجهن انشاء پرداز، شاعر، نثر نويس، فلاسفر اهڙا اهڙا پيدا ٿي ويا، جو مسلمانن کي به مٿان رشڪ ايندي هئي.

تعليم جو انتظام:

هندوستان ۾ پراڻي زماني کان وٺي تعليم جو انتظام پئنچاتن جي هٿ ۾ هوندو هو. مڪتب جو مکيه سنڀاليندڙ پنڊت هوندو هو، جيڪو پنهنجي جاءِ يا ڳوٺاڻن ماڻهن جي ڏنل ڪوٺيءَ ۾ ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏيندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بار ڇوڪرن جي مائٽن تي هوندو هو.

مغلن کان اڳي اسلامي مدرسا تمام گهڻا هوندا هئا، جن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، ڇوڪرا اوچي تعليم جي تحصيل وڃي مرڪزي مدرسي ۾ ڪندا هئا، جو ڪنهن وڏي شهر ۾ هوندو هو. مغلن کان پوءِ به اهو رواج بدستور قائم رهيو ۽ ان کي زور وٺرايو ويو. اڪبر جي زماني ۾ ته مدرسن ۽ مڪتبن جي اها حالت هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڀتر اڇلبو ته اهو به ڪنهن مدرسي ۾ وڃي ڪرندو هو. اهي مدرسا ۽ مڪتب نه ڇڙو مسلمانن لاءِ مخصوص هئا، پر مسلمانن وانگر هندو به ان ۾ باقاعده پڙهڻ ايندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي برادرانه تعلقاتن جي اها حالت هئي جو مسجدن ۾ به جيڪي مدرسا هئا، جن جو ان زماني ۾ عام رواج هوندو هو، انهن ۾ به هندو ڇوڪرا بنا روڪ ٽوڪ عام جام پڙهڻ ويندا هئا.

مدرسا يا مڪتب اڄوڪن کٿڙيل ملا اسڪولن جهڙا نه هئا، مگر هاءِ اسڪولن جهڙا آباد ۽ منظم هوندا هئا. انهن ۾ فارسي تعليم جو وڌيڪ ۽ خاص طرح رواج هوندو هو، جيڪو مغلن جي آخري زماني تائين پوري بندوبست سان هلندو آيو. مگر خدا ڀلو ڪري زماني جي گردشن جو جڏهن هندستان جنت نشان ۾ مغربي ڌارين لوڪن جو سڀاڳو قدم پيو ۽ سندن سلطنت تي قبضو ٿيو، تڏهن هنن هندوستاني بدبختن جي تعليم جو جهونو سلسلو بند ڪري ڇڏيو، جنهنڪري فارسي تعليم پوئتي پئجي وئي. پر انهن جي اها ذهنيت گهڻو وقت قائم نه رهي ۽ وارن هيسٽنگس آخر فارسي تعليم جو وري سلسلو جاري ڪيو، پر تڏهن به اهو اوج وري حاصل نه ٿي سگهيو، جيڪو اڳ هو. آقي باقي پارسيءَ جا پساهه سن 1835ع ۾ لارڊ ميڪاليءَ ڪڍي ڇڏيا ۽ رفتہ فتہ سن 1844ع تائين ان جو نالو نشان به نه رهيو.

نصاب تعليم:

فارسيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ ڳالهه ٻولهه، خط و ڪتاب ۽ اخلاقي آکاڻين جا ڪتاب نصاب ۾ داخل هئا. جهڙوڪ پند نامه عطار، ڪريما، ما مقيمان، دستورالصبيان، نصاب الصبيان ۽ اخلاص محسني – جيڪي اڄ به گهڻو ڪري انهيءَ لاءِ مروج آهن ۽ اوچي تعليم لاءِ گلستان، بوستان، زليخان، انشاءِ خليفه، انشاءِ ماڌورام، سہ نثر ظهوري، پنج رقعه، اخلاق ناصري، بهاردانش، انوار سهيلي، سڪندر نامه ۽ شاهنامه وغيره ڪتاب هئا.

بندرابن داس خوشگو پنهنجي تذڪري ۾ لکي ٿو ته، ”مان ۽ لاله حڪيم چند ندرت هڪ ٻئي جا گهاٽا سنگتي هوندا هئاسين ۽ ٻئي گڏ ميان محمد عابد وٽ اخلاق ناصري پڙهندا هئاسين.“راج چندر ڀانداس پنهنجي فرزند خواجه تيج ڀانداس کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته تون: گلستان، بوستان، اخلاق جلالي ۽ اخلاق ناصري هميشہ پنهنجي مطالعي ۾ رک:

هندن جو ذوق:

جيئن ان زماني ۾ مسلمان سون ڪوهن جو سفر ڪري وڃي مرڪزي مدرسن ۾ سالن جا سال رهي تعليم جي تحصيل ڪندا هئا. تيئن هندو طالب العلم به گهران اٽو ٻڌي انهيءَ ڏورانهين سفر تي تعليمي ذوق پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. کين فارسي تعليم جي شوق سان گڏ گهڻو ڪري عربي تعليم جو ذوق به هوندو هو. لاله لڇمي سنگهه غيوري نهايت قابل عربي دان هو. تحرير اقليدس ۽ شرح چغمني کيس پوريءَ طرح ياد هئا. لڇمي نارائڻ دهلي عربيءَ سان گڏ منطق ۽ فلسفي جو به وڏو عالم هو.

18 صديءَ کان پوءِ حساب دانيءَ جو تمام گهڻو رواج پئجي ويو ۽ هندن جي طبيعت جو انهيءَ طرف قدرتي لاڙو هو، جيئن اڄ تائين آهي تنهنڪري ان فن ۾ منجهائن ڪيترائي ماهر بلڪل ٿوري عرصي اندرد پيداٿي پيا. ديوان ڪاهني، رتن سگهه زخمي، منو لال، ڀجو لال ۽ تمڪين وغيره زبردست حساب دان هئا.

طب ۽ فلسفي ۾ به هندن جي گهڻي هٿ پڄندي هئي. رتن سنگهه زخمي، ديواني سنگهه قتيل، منو لال فلسفي نهايت قابل طبيب ۽ فلسفي دان هئا.

سلطنت مغليه جي زماني ۾ هندو عام طرح نوڪرين ۾ هوندا هئا، تنهنڪري هنن پنهنجو گهڻو توجهه انشاء، واقع نگاري، حساب داني ۽ خوش خطي سکڻ تي ڏنو، ڇاڪاڻ ته انهن ئي فنن جو ان زماني جي دفترن ۾ رواج هوندو هو، جيتوڻيڪ خوش خطي مسلمانن جو خاص فن هو، مگر هندن به ان ۾ قابليت پيدا ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. آرنولڊ صاحب به پنهنجي ڪتاب ”مسلمانن جي مصوري“ ۾ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي. منشي لڇمي نارائڻ دهلوي خوشخطيءَ ۾ نهايت قابل هو، ان کان سواءِ شعر، فلسفي، طب، ادب، تاريخ ۽ انشاءِ ۾ به ماهر هو.

هندو استاد:

گهڻو ڪري مدرسن مڪتبن ۾ مسلمان ماستر يا معلم هوندا هئا، جن وٽ هندو ڇوڪرا به نهايت پريم ۽ يگانت سان تعليم حاصل ڪندا هئا پر تڏهن به ڪيترا مثال ملندا، جن ۾ مسلمان شاگردن جا استاد هندو عالم به هئا. 18 صديءَ ۾ جي مشهور استاد ۽ عالم لاله چني داس ذرهه ڪيترا هندو ۽ مسلمان پاڻ وٽ پاڙهي عالم فاضل بٺايا. مفتي لطف الله صاحب مرحوم جو فارسي استاد منشي سوهن لال آنجهاني هو. جعفر علي حسرت جو استاد راءِ سرب سنگهه ديوانه هو. اهو ئي سبب آهي، جو بلوخمن (ترجمه آئين اڪبري، ص 351) چيو آهي ته ”18 صديءَ جي ختم ٿيندي ئي هندو فارسي زبان ۾ مسلمانن جا ماستر بڻجي پيا.“

هندو شاگردن جا مسلمان معلم:

ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي هڪ زبردست عالم هو، جنهن وٽ هزارن ڪوهن تائين طالب العلم هلي اچي تعليم پرائيندا هئا. منشي چندر ڀان برهمن جيڪو زبردست مصنف ٿي گذريو آهي، سو سندس ئي شاگرد هو، جنهن کي شهنشاهه شاهجهان پيار وچان ”هندو ۽ فارسي دان“ سڏيندو هو. ”عمل صالح“ جو مصنف ملا محمد صالح لکي ٿو ته برهمن ابتدائي تعليم مولوي صاحب وٽ ورتي، تنهن کان پوءِ بنوالي دس ولي سان گڏ ملا شاهه بدخشيءَ وٽ پڙهڻ ويو. وليءَ جو صوفيانه لٽريچر شايد ملا شاهه صاحب جي ئي تعليم ڪري ظاهر ٿيو.

ولي هندو برهمن لاءِ اهو معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته هن شعر شاعريءَ ۾ ڪهڙو استاد ورتو، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪٿي به ذڪر لکيل اسان جي نظر مان نه گذريو آهي.

شهنشاهه عالمگير جي زماني ۾ مولانا محمد فضل سرخوش تمام وڏو عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ وٽ هندن جي سڀ کان وڏي فلسفي ۽ شاعر ڀوپتراءِ بيراڳيءَ تعليم ورتي. ان کان پوءِ بندرا بن داس خوشگو به انهيءَ صاحب جو شاگرد هو.

انهيءَ کان پوءِ جي زماني ۾ ميرزا عبدالقادر بيدل ۽ شيخ سراج الدين علي آرزو ٻه وڏا عالم هئا، جن جا هيٺيان هندو شاگرد هئا:

منشي امانت راءِ امانت، شوارام حيا، سکراج سبقت، سري گوپال تميز، حضوري ۽ ندرت، سراج الدين خان علي آرزو پنهنجي ڪتاب ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هيٺين هندو شاعر شاگردن جو تذڪرو ڪيو آهي: بابو بالمڪند شهود، پنڊٽ جي ڪرشن عشرت، راءِ انند رام مخلص، بندرا بن داس خوشگو ۽ ٽيڪچند بهادر. ديوان بهادر اهڙو ته زبردست عالم فاضل ٿي گذريو، جو هو آخر پنهنجي استاد آرزوءَ جي قولن تي به نڪته چينيءَ ڪرڻ ريءَ ڪين رهيو. سندس فارسي لغت ”جامع لغات“ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي.

مير محمد علي رائج سيالڪوٽي انهيءَ صدي جو نهايت وڏو استاد ليکيو وڃي ٿو. سندس شاگردن مان مشهور هندو محقق حضرت وارسته سالياڪوٽي هڪ هو. ڪشن چند خلوش (اخلاص؟)، نشاط ۽ ميرزا عبدالغني قبول پڻ مشهور ٿي گذريا آهن.

بساون لال بيدار، سرب سنگهه خاڪستر ۽ ثروت، مولانا مظهرالدين جان جانان جا شاگرد هئا. سکن جي زماني ۾ پنجاب ۾ مولوي نور احمد چشتي بلند پايي جو عالم هو. ڪيترا هندو صاحب به ان جا شاگرد هئا. ”ظفر نامه رنجيت سنگهه“ جو مصنف ديوان امرناٿ اڪبري ان جو شاگرد هو.

مسلمان استادن جي هندو شاگردن سان محبت:

اسان مٿئين باب ۾ فقط مختصر حال ان ڪري ڏنو آهي ته، انهيءَ زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ يگانت جو اندازو ٿي سگهي. اڄ ڪلهه جي نفاق کي ڏسندي اڳيون وقت جڏهن ياد ٿو اچي ڳچ ڳري ٿا پون. آهه! هندوستان جون گذريل صديون بهشت مثل هيون. نه هندن ۾ مسلمانڪي هئي نه مسلمانن ۾ هندڪي. ٻئي قومون ڀائر جان گذارينديون هيون.

مسلمان استادن جو قرب هندو شاگردن سان به اهڙو هو جهڙو مسلمان شاگردن سان خان آرزو ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هندو شاگردن جو هن ريت محبت وچان ذڪر ڪري ٿو:

”شهود تخلص اٿس. نهايت مهذب جوان آهي. قوم به شريف جو آهي. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت غزيزالقدر خوشگو (بندرابن داس) جي خط آڻڻ ڪري ٿي. تمام سٺي سڀاءَ جو نظر اچي ٿو. اڃا سيکڙائو آهي. جيڪڏهن زماني ساڻس ساٿ ڏنو ته بهترين شاعر ٿيندو (انشاءَالله). عشرت نوجوان ڪشميري آهي. خدا مٿس نگهبان هجي. ويچارو نهايت وفادار ۽ غريب آهي.“

اهڙيءَ طرح سوين مثال آهن، جن مان هندو شاگردن لاءِ، مسلمان استادن جي محبت جو دليل ملي سگهي ٿو. خان صاحب جي مٿين ڪارن اکرن وارن فقرن مان پنهنجي هندو شاگردن لاءِ ڪهڙي نه محبت ۽ الفت ٽپي ٿي.

هندو شاگردن جي مسلمان استادن سان محبت:

نه فقط مسلمان استادن کي هندو شاگردن سان ايتري الفت هئي، مگر هندو شاگردن کي به ساڻن ايتري ئي عقيدت ۽ محبت هئي.

بندرا بن داس پنهنجي ڪتاب ”سفينه“ ۾ جتي به خان آرزوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته نهايت ادب ۽ احترام سان کيس ”قبله ڪعبه من“ جي نالي سان سڏيو آهي.

انندرام مخلص پنهنجي چٺن ۾ به انتهائي خلوص ۽ عقيدت سان پنهنجي استاد آرزوءَ کي خطاب ڪيو آهي. شفيق اورنگ آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ جتي به استاد آزاد بلگراميءَ جو ذڪري ڪيو آهي، ته کيس مير صاحب، قبله و ڪعبه برحق، پير مرشد جي خطاب سان مخاطب ڪيو اٿس، ۽ پاڻ کي ”غلام“ جو لقب ڏنو اٿس.

اهڙا هزارين مثال موجود آهن. ڪهڙا لکي ڪهڙا لکون. خدا گذريل زماني تي رحمت ڪري، ۽ هن زماني لاءِ سڌاري جا دورازا ڪشادا ڪري.

اهو آهي مغل شاهي زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سال مٺي تعلقات جو مختصر خاڪو ۽ هندن جي تعليمي بندوبست جي هڪ ڌنڌلي تصوير.

 

-------

 

غلام شاهه راشدي

(سنڌ جو هڪ باڪمال شاعر)

[هي مضمون مشهور رسالي ”سنڌو“ ۾ نومبر 1937ع ۾ ڇپيو هو. مضمون جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي ڏني]

غلام شاهه سنڌ جي مشهور علمي خاندان راشديه جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ باڪمال بزرگ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو پير علي ذوالفقار شاهه هيو.

هو پير صاحب پاڳاري (سيد صبغت الله شاهه) جو پٽ ۽ پير صاحب محمد راشد (روضه واري) جو پوٽو هيو. غلام شاهه جي تعليم ۽ تربيت پير ڳوٺ ۾ ٿي، جتي فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پير صاحب جي مدرسي ۾ ورتائين. انگريزي به اعلى درجي جي ڄاڻندو هيو. مگر اهو معلوم نه آهي ته اها تعليم ڪٿي ورتائين. بهر حال انهن زبانن جي لٽريچر جو ڪافي مطالع ڪيو هئائين ۽ بحث مباحثه ۾ بلڪل برک هيو.

پير صاحب حزب الله شاهه (پير پاڳاره) جي زماني ۾ رشتي دارن جي بد سلوڪيءَ سببان، پير ڳوٺ کي خير باد چئي، بدين تعلقه جي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وڃي مقيم ٿيو ۽ پوءِ مرندي مهل تائين موٽي پير ڳوٺ ڪو نه آيو گهر کان نڪرڻ وقت وٽس ڀاڙي کان مٿي پائي به ڪا نه هئي. مگر لاڙ ۾ پهچڻ کان پوءِ ايڏو بخت بلند ٿيس جو وڏي ملڪيت جوڙي ويو ۽ ايڏو رسوخ حاصل ڪيائين جو اڄ به لاڙ جي ٿر ٿاڪن تي سندس ڏونڪو وڄي رهيو آهي.

پير صاحب رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت سادو ۽ خوراڪ پوشاڪ ۾ ڏاڍو سنئون سنواٽو هيو. ململ جو ڪشادو چولو ۽ چئن والن جي ننڍي سٿڻ پائيندو هيو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي سرائڪي ٽوپي پائيندو هيو. سياري خواهه اونهاري اها پوشاڪ هيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر ويندو هيو ته ڪوٽ ۽ بوٽ جي تبديلي ڪندو هيو. ورنه عام طرح ڪنهن به کيس ٺٺ ٺانگر ڪو نه ڏٺو انهيءَ سادگيءَ ۾ به مزاج شاهانه رکندو هيو. تمام آزاد ۽ لا اُبالي هيو. ڪڏهن پٿر جهڙو سخت هيو نه ڪڏهن وري هڪ مهجور عاشق جي ڳوڙهن کان به وڌيڪ نرم ٿي ويندو هيو.

سموري حياتي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ آزاد خياليءَ ۾ گذاري 60 ورهيه کن جي ڄمار ۾ 2 يا 3 تاريخ ذوالحج 1319هه جي پنهنجي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ”ذات الجنب“ جي بيماري ٿي، جنهن ۾ ڪل 7 ڏينهن کن مبتلا رهيو، موت کان هڪ ڏينهن اڳ چون ٿا ته سندس زبان تي بار بار هيٺيون مصرع هيو:

”چنيسر جي چت ۾ هن کان اڳي هو

نيڻن سندو مامرو تهان پوءِ ٿيو.“

بزرگ جي مزار گولاڙيءَ ۾ سندس ڪوٽ جي اوڀر طرف ڇتائين ڪوٺيءَ ۾ آهي، جتي هر سال سندس عقيدت مند ميلو لارائيندا آهن.

 

(2)

غلام شاهه جي شاعرانه زندگيءَ جي حقيقي ابتدا، وطن جي وڻن ڇڏڻ بعد ٿي، وطن ڇڏڻ کان ٿورو اڳ سندس بيبي ۽ والده به وفات ڪري ويون، جن جي انتقال به سندس طبيعت ۾ هڪ تغير پيدا ڪيو. توڙي جو انهيءَ فن جو ازل واري استاد کان ئي سبق سکيو هئائين مگر انهن واقعن کان پوءِ سندس سچا پچا جوهر کلي پيا. لاڙ ۾ وڃڻ کان پوءِ ٿر جي فطري رنگينن به سندس اداس طبيعت تي سوزگداز جو پرتو وڌو.

سيد بادشاهه هر وقت شعر ڪو نه چوندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ سندس ملڪا کلي پوندا هيا ۽ مصرائون موذون ٿي وينديون هيس. جڏهن اٺ تي چڙهي ٿر جو سفر ڪندو هيو ۽ وڃي ڀٽن تي چڙهندو هيو. اتي ساوڪ ڏسندو هيو، آسمان تي جهڙ ٿيندو هيو ۽ سنهي سنهي بوند هلڪي هلڪي هير سان ملي ڀٽن جي سبزهه زار تي موتن جان ڪرندي هئي، ان وقت مٿس مستي طاري ٿيندي هئي ۽ يڪدم اٺ تان لهي پوندو هيو ۽ شعر چوندو هيو. يار وري جڏهن راڳ ٻڌندو هيو ۽ مٿس وجد طاري ٿيندو هيو، ان مهل به مصراعون موذون ٿي وينديون هيس. ان کانسواءِ جڏهن ڪنهن خاص واقع ڪري غم ۾ هوندو هيو اهو وقت به سندس شعر چوڻ جو هيو:

راڳ سان سندس خاص ذوق هوندو هيو، جڏهن ڪو ڪن تي هٿ رکي ”الو ميان“ ڪندو هيو، يا ڪو ڌنار چانڊوڪي رات ۾ جهنگ ۾ بين وڄائيندو هيو، ان وقت غلام شاهه مدهوش ٿي ويندو هو. جهومندو به هيو ۽ زارون زار رئندو به هيو. هڪ دفعي والد مرحوم کيس ٻه ٽي مصراعون ٻڌايون. مٿس ايتري مستي چڙهي جو ڪافي ختم ٿيڻ بعد به ڪيترو وقت اکين مان لڙڪ نه ٿي بيٺس. پوءِ پاڻ به ڏاڍي سوز منجهان پنهنجي ڪافي چيائين. عيد براد جي موقع تي جڏهن مٽ مائٽ ۽ وطن ياد پوندو هيس تڏهن ڏاڍو سوز گداز پيدا ٿيندو هيس. هڪ دفع عيد جي موقع تي نماز کان اڳ جماعتن جي مجلس ۾ ڪافي چيائين؛

”اٿم اميدون اڃان اڃان، مان ته پاند پائيندس پنهل پرچائيندس.“

ڪافي ايترو ته سمان پيدا ڪيو جو ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ سڀ ٿي رنا، اهو سارو ڏينهن سيد کي سوز نه ڇڏيو. ٿر جي سفر ۾ جيڪا ڪافي ٺاهيندو هو ان ۾ خاص طرح اثر هوندو هو. حاجي صالح ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ دفع ٿر جي سفر ۾ هياسين. واٽ ويندي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي آيا، سنهي ڦڙ ڦڙ پوڻ لڳي، بهار جي موسم هئي، ۽ مندائتا گاهه پٽن تي ڇالر هيون پيا هئا، موسم جي اها مستي ڏسي غلام شاهه اٺ کڻي جهڪايو، سبزهه زار تي گهمڻ لڳو ۽ جهونگارڻ لڳو. ان وقت هيٺين ڪافي راس ڪيائين:_

ساڻيهه جي ميان سومرا! آهي سڪ سچي،
ويڙهيچا وانجهن ۾ واهه واهه وس چرو،
قوت جني جو ڪونڍير، ٻگرا، ٻوهه، ٻرو،
گولون گولاڙن ۾ پيڙيون سي پچي،
                                 ســــــــاڻيهه جــــــي.....
ميها، موگر، مکڻيون، موٽون مانڌاڻان،
کهه کوماڻا کنڀيون، سائون ساماڻان،
ويڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي.
                                 ســــــــاڻيهه جــــــي.....

        حاجي صالح محمد چوي ٿو ته هڪ لڱا ”برهان واري تڙ“ تي لٿل هياسين، رات جو مولوي قطب، اشرف شاهه جي هيٺين ڪافي چئي:_

منهنجي سرتين ۾ ڪا سنڀال،

 

آءٌ ٿي ونجهلان ويڙهيچن لئه!

 

1.      اُن انهن جو آ جڪو، مٿن لويون لال
2.      اٺڙا مينهن ملير تي، مارو چارن مال
3.      مينهن مانڊاڻا ڪيا، ڇپر وسي شال
4.      اشرف شاهه چوي آيا، مارو ڪاهي مال
                                  منهنجي سرتين........

        پير صاحب کي اها ساري رات ننڊ نه آئي، ڪڏهن رنو ٿي ۽ ڪڏهن بسترو ڇڏي هيڏي هوڏي گهميو ٿي، آخر اسر ويل جو هيٺين ڪافي موذون ڪيائين:_

سڪندي ٿيڙم سال، آءُ ٿي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا
1.      وجهيو ويٺي وندرائي، ڦوڙائي جي فال
                                              آءُ ٿي ڏکيا...........
2.      ويهي مون سان واعدا ڪيائون، ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڪال

3.      اُن انهن جو آجڪو، لويون مٿن لال
4.      آءُ غلام شاهه انهن کي، جئري گڏجان شال
                                       آءُ ٿي ڏکيا.......

        انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جي طبيعت تمام احساس ۽ سوز گداز جو مخزن هئي، پور پوندو هيس ته شعر والهانه انداز ۾ خود بخود زبان مان نڪري پوندو هيس. ورنه اڄوڪن ڪاٽڪو شاعرن جيان پراوا ڪلام پڙهي، قافيه ۽ خيال اڏائي، قلم مس کڻي ڪڏهن ڪجهه ڪو نه چيائين. ڪنهن حڪيم جو قول آهي ته ”نيچرل شاعر جي شاعري هيٺين اسبابن تي منحصر ٿيندي آهي: رات جو سناٽو، صبح جي هير ۽ رنگيني، برسات جي گهڏ. طيور جو ترنم، درياهه جي رواني، چنڊ جي چانڊاڻ، پرڪيف تغير. سرسبز باغ، اهي آهن قدرتي شاعرن جي هيجان طبيعت جا اسباب جيسين انهن مان ڪا به شي موجود نه هوندي تيسين شاعر جو فڪر شعر کان معذور هوندو“. غلام شاهه جي به اها حالت هئي، برسات جي بوند، ٿر جي سفر، ڀٽن جي ساوڪ، وطن جي ياد، راڳ ۽ غم سندس شاعريءَ جا اسباب هيا. تنهنڪري سمجهڻ گهرجي ته سندس ڪلام جو گلدسته طويل راتين ۽ عميق افڪارن جو نتيجو نه آهي، مگر چند قليل مصروفيتن جي مختصر لمحن جو هڪ رنگين مجموعه آهي.

(3)

شاعر جو شعر جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته فطري ۽ بي اختيارانه آهي، تنهنڪري منجهس تصنع يا بناوٽ اصل ڪا نه آهي. زمين سادي، مطلب سڻائو ۽ الفاظ بلڪل مختصر آهن. شاعرانه خصوصيتون به شعر ۾ ملن ٿيون، مناظر ڪشي، اسلوب بيان، جذبات ۽ رواني وغيره موجود آهي. مثال لاءِ مناظر ڪشيءَ جو ڪمال ڏسو جو هڪ مصرع ۾ ٿر جي ساوڻيءَ واري موسم جو مڪمل منظر ڇڪي ڇڏيو اٿائين:_

موسم ٿي مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر
ڏٿ ڏيهائن جو، لنب لاڻا ۽ للر
لوءِ يارين سين، وڃي لوءِ لڻان!

        اسلوب بيان ۽ اظهار جذبات جو طريقه هيٺين مصراعن ۾ ڏسو“ ڄڻ هڪ ٻئي سان منهون منهن پئي گفتگو ٿئي:_

1.      کلي ويٺينءَ کٽ تي تون ته، پر سسئي، ساڻ پرائي،
                ٿاريلين ٿر ڄاين کي، ڪيئن لقب وڌو تو لائي،
2.      سوين سنگهاريون راڄ ۾، ڇو عمر اهي نه اٽڪائي،
                منڙو ريڌئي مارئي نه ته باند نه ٻئي ڪنهن ڀائي.
3.      ورڻ وس نه پنهنجي، رهڻ تو نه رهائي
                ڪڙم اباڻي ڪير ريءَ، ته به جيڻ تو نه جڳائي.

مائي مارئي ٿا مارون ميارون ڏين ته ”تون پرائي پرس سان کٽن تي خوش ٿي ويٺيئن، ٿر ڄاين کي لقب لائي وڌئي، تنهنجو پنهنجو من ريڌو نه ته ٻيون به تو جهڙيون سوين سنگهاريون راڄ ۾ آهن انهن کي عمر باند نه ڪيو، توڙي زور سان باند ۾ آهين ته به تو کي مري وڃڻ کپندو هو، جيڪڏهن موٽي نه پي سگهينءَ.“

اَسلوب بيان ڏسو:_

اَجڙوال عمر تو ڇو قيد ڪئي،
وڇوڙا ورهن جا سگهي ڪين سهي
عبث عمر ڪوٽ ۾ جيڏين ريءَ جيان
موڪل ڏي عمر ميان ڀيڙي ٿر ٿيان
زريون زر بفت سندءِ طول وهاڻا تنهنجا،
هو جي آندئي عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا
کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان_
                                    موڪل ڏي...........
ماڙيون مون نه وڻن، درسي چونڪيون چونئرا
کاڄ کٿيرين جو ڏيهه سندا هِن ڏوئنرا
ميوا، مڪ، پُسي، پيرون کي نه پڻان
                                     موڪل ڏي.........

مارئي ٿي عمر کي چئي ”اَ جڙوال کي جو قيد ڪيو اٿي، ايترن ورهين جا وڇوڙا ڪٿي سهي گهندي، تنهنجون زريون زربفت، طول وهاڻان ۽ کهنبا مون کي مور نه ٿا ڀاءِ پون، تنهنجون ماڙيون، چوئنڪيون ۽ چونئرا، آئڙن ئي نٿا، تنهنجا ميوا ڏسي آءُ پنهنجي ملڪ جي ڏئنرن ۽ پيرن جي گلا ڪا نه ڪنديس.“

جدت بيان جا جوهر هيٺين مصرع ۾ ڏسو:_

عمر اميدون اٿم وطن آءُ وينديس،
ڏيهاين کي وڃي ڏوراپا آءُ ڏينديس
چوڙيلن کي چونديس منهنجي ڪا نه ڪيا و!

مارن کي ميهڻن جو انداز ڪيڏو نه لطيف ۽ وڻندڙ آهي.

        ازين قسم فن شعر جي جنهن به اسلوب تي ڏسندؤ ته غلام شاهه جو شعر ضرور لڀندو. شعر گداز، سادگي ۽ سلاست خاص طرح آهن. آخر ۾ بندش ۽ روانيءَ جي خوبيءَ جو به نمونه ڏسو:_

ميها، موگر، مکڻيون، مرٽون، مانڌاڻا
کهه کوماڻا، کُنڀيون، سائون، ساماڻا

ديڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي

        غلام شاهه جي ڪلام ۾ ٿر جي ٻوليءَ جا اڪيچار لفظ ڪم آيل آهن، جيئن ته ديڪر، ڪونڍير، ٻوهه، ٻرو، گولون، ويڙهه، ڀُڻان، ڀيڙي، پلر، ڦانڊون، ٻانڌوڻا، لوءِ، لوءِ يارين، کٿيرن، پرسئي، ڪيڙ، نائي ساڻيهه، ساروڻي کيڻ، ڏيج، اوڇڻ، ڪوارينديس، اُڪنڊ وغيره وغيره.

(4)

        غلام شاهه جو ڪلام لاڙ ۾ عام جام چيو وڃي ٿو، باوجود ايتري پذيرائيءَ جي به اهو گهڻي حد تائين محفوظ رهي ڪو نه سگهيو آهي ۽ جيئن جيئن وقت ويو آهي، گذرندو تيئن تيئن اهو ويو آهي ميٽبو، جنهن وقت مان سندس ڪلام گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت سندس صحبتي باقي ٽي ڄڻا بچيا هئا.

        هڪ سومار، ٻيو محمد صالح، ٽيون طيب، اهي ٽئي سندس خاص خليفه هئا ۽ انهن کي جيڪو ڪلام ياد هو اهو ۽ ڪجهه پنهنجن ڪتابن مان اتاري گڏ ڪيو اٿم. سندس سمورو ڪلام ٽن حصن ۾ آهي. (1) مارئي (2) سرائڪي زبان ۾ (3) متفرق. هن هيٺ سندس ٻه ٽي ڪافيون نموني خاطر ڏيان ٿو:_

        ڄام عمر آن ڄائي مهڻن خاطر مارئين.
1.      مربا، ماکيون، مصريون، کيڻ هر کائي_
        ساڪڙ جو ساڻيهه جو ماروئڙن جي مٺائي.
2.      اوڇڻ آءُ نه وڃاڻجي، طولن آهيان تپائي_
        ڏيج اسان جو ڏوڙا کهنبن جند کپائي.
3.      وطن اسان جو ويڙهه ۾ ڪوٽن دلڙي ڪنبائي_
        سا ڪيئن مرڪي ماڙئين، جيڪا ڄارن ڀر ڄائي.
4.      ساروڻي تنهن ساڻيهه جي سورن دل سجهائي_
        گندر منجهه غلام شاهه چوي ويڙي عمر اجائي.

 

(1)

عـمــــر اٻــــاڻـــا ڏوٿـــــي ڏاڏاڻــــا_
الا وسئون آئـون نــــه وســـارينديـاس.

1.      مينڍن ۾ ميان عمر مر پيو چيڙهه چڪي
        ساهه سنگهارن کي ساريون روز سڪي
        ڳوٺاڻن کئون ڳتون ڌر نه ڌواريندياس.
2.      باغ باغيچا بنگلا مير ڏسي ماڙيون.
        ڪيئن وهان ڪوٽن ۾ واهن تنهنجون واڙيون
        جهانگيئڙن جا جهوپا ڪيئن ڪواريندياس.
3.      هينئڙي جن سان هيرون سي منهنجا ٿر ٿيا.
        محلاتن ۾ مئيءَ کي جن ريءَ پهر پيا
        ان ري غلام شاهه چوي گهڙي نه گهاريندياس.

 

سرائڪي زبان جي ڪلام جو نمونو هي آهي:_

رمزان لاڪي رانجهن نال، بيوس ٿي آن بيحال

 

صورت معنى عشق اوهان جو،
ڪيتس قرب ڪمال
بيوس ٿي آن.....
محبت تيڏي متيان منجهايان،
عشق وڃايا افعال
بيوس ٿي آن......
ڪر ڪر ناچ ماريان تاڙيان،
آکي غلام شاهه ڪلال
بيوس ٿي آن.....


متفرقات ۾ هيٺين قسم جو ڪلام آهي؛-

دلڙي ديواني ڪري وئين يار،

پوءِ ساجن مُئي جي لڌئي نه سار

1-      اڏر کيا نتل ڪڏهن ايندا.

        دوست دلاسو دل کي ڏيندا

ڪانگل ڪج تون خبر چار.

2-     پل نه سري مون جنهن پرريءَ،

تنهن جا نب کئون جدا جئري

ڪنهن پر ڪج نه ڌڻيم ڌار

3-     تون منهنجو سائين آءٌ تنهنجي ٻانهي،

اڱڻ آسروند جي آءُ تون جاني

سوڍل لڳ جبار

4-     سڪ سدا تنهنجي آهي ساهه کي،

آهي آسا بند اهو غلام شاهه کي

گهڙي گهڙي گفتار

دلڙي ديواني.....

(2)

ساجن وڃ نه سفر وقت وڃڻ جو

ها واڻو هلڻ جو ٿو ماري مئي کي

قدم ڪرم جا ڌرتون ڌڻيءَ لڳ ميان

دوست اسان جي در الا –

هاواڻو......

رئان رهن نه سپرين ميان پليان ڪهڙي پر الا –

هاواڻو.....

ورهه وڇوڙو ٿو ماري مئي کي ميان ڪا ته ملڻ جي ڪر الا –

هاواڻو....

رهه اڄوڪي راتڙي تون ميان گهوٽ

غلام شاهه جي گهر الا – هاواڻو....

(3)

هڪ هڪ نيڻن جي ناز تئون سؤ سؤ ڀيرو صدقي ٿيان

جيڪي پرين پر ۾ پهيو هينئڙو ڳڻن تن سان گهيو

ايڏا سورڙا جيءَ ۾ سهيو، ناحق جيڏيون آءُ ٿي جيان

هڪ هڪ.......

جن لئي ٿي مڃتائون مڃان ايندا ڪنديس

ڳالهيون ڳچان

ڪو ڏينهن اٿي باقي اڃا –

ملندئي نه ٿي هيڻون هيان

هڪ هڪ......

ڀري نه ڪيڙس برهه برڀينر پرايم ذوق ذرو

انهيءَ عشق جي سودي ۾ سر – ڪو هڪ ڏني آءُ ڏهه ڏيان

هڪ هڪ.......

 

(4)

اٿم اميدون اڃان اڃان،

مان ته پانڌ پائيندس، پنهل پرچائيندس!

دعا ڪريو جيڏيون جي جانب آيو،

پنون مئيءَ جي روح جو رايو،

سرتيون اوهان کي ٿي سنڃان، سنڃان،

آءُ کنڊون کارائيندس وٽون ورهائيندس،

اٿم اميدون......

جٺيون ڦٽيون ڀتين ڀڻڪا،

تنهنجي ڪارڻ تعنا تُنڪا،

سر سڀئي مون مڃيان مڃيان،

آءُ ڪوهه لڪائيندس، ڇاکون چپائيندس!

درد ونديءَ کي دم دم لبر،

درد فراق جا دل تي دفتر،

ڳالهين جا اٿم ڳڃان ڳڃان،

آءُ ڳجهو ڳالهائينددس، ساري سڻائيندس!

اٿم اميدون.....

سڄڻ هليا مون کي منهه ٿيو،

پرين ڌاران ويهڻ وهه ٿيو،

وهان ڪيئن آءُ وڃان وڃان،

ويا ورائيندس، موٽا ئي آڻيندس!

اٿم اميدون.....

سوين سالن ورهن ويهان،

آکي غلام شاهه راتيان ڏينهان،

ڀاڃ اهي ويٺي ڀڃان ڀڃان،

آءُ گهر گهرائيندس گهورون گهمائيندس!

اٿم اميدون.....

اهو ٺيٺ سنڌي نمونه جو ڪلام آهي، جيڪو سر ۽ ساز سان مزو ڪندو آهي. شايد اڄوڪن تڪ بازن کي ان مان لطف ڪونه اچي، مگر حقيقت ۾ ته اڄوڪيءَ تڪ بازيءَ کان لک دفعا هي سادو سڌو ۽ سنئون ڪلام سٺو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org