ببليوگرافي
* ادريسي: نزهة المشتاق، شريف ادريسي، تصحيح مقبول
احمد، علي ڳڙهه.
* اصطخري: الممالڪ و المسالڪ، الاصخطري، ليڊن 1927ع.
* اڪبر: اڪبرنامه، جلد 3، ابو االفضل، ڪلڪتو، 1877ع
* ايوب: شرح حال مخدوم جهانيان جهان گشت، محمد ايوب
قادري ڪراچي 1963ع.
* آثار: مجله آثار ايران، تهران 1937ع
* آزاد: خزانه عامرهه، غلام علي آزاد، نولڪشور لکنو،
1900ع
* بدايون: بدايون 1857ع مين، سليمان بدايوني، ڪراچي
1960ع.
* برني: تاريخ فيروز شاهي، ضياءَالدين برني، ڪلڪتو
1892ع.
* بزرگ: عجائب الهند، بزرگ بن شهريار، اسدي تهران.
* بزم: بزم صوفيه، صباح الدين عبدالرحمان اعظم ڳڙهه 1949ع.
* بطوطہ: رحله، جلد 3، ابن بطوطہ، مصر 1938ع
* بکري: مير معصوم بکري، اردو، تاليف سيد حسام الدين راشدي (هي
ڪتاب سنڌيءَ ۾ سال 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو
آهي).
* بيگم:؛ همايون نامہ، گلبدن بيگم، بيورج، لنڊن 1903ع.
* پوراني: سنڌ ۾ پوراني سادات، تاليف: سيد حسام الدين راشدي (اڻ
ڇپيل).
* تاريخ: تاريخ سيستان (بهار ايڊٽ)، 1314 شمسي تهران.
* تر خان: تر خان نامہ، سيد محمد ٺٽوي، ايڊٽ: سيد حسام الدين
راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع.
* تزڪ: تزڪ جهانگيري، جهانگير بادشاهه، نولڪشور لکنو.
* تقي: خلاصة الاشعار، تقي ڪاشي، خطي مانچسٽر 312 نمبر.
* تڪ: تحفة الڪرام، مير علي شير قانع، مطبع ناصري دهلي.
* تيموريه: بزم تيموريه (اردو). سيد صباح الدين عبدالرحمان،
اعظم ڳڙهه 1948ع.
* جامع: جامع القوانين، قلمي نسخو، برٽش ميوزم.
* چچ نامہ، فتح نامہ (چچ نامہ)، علي ڪوفي، ايڊٽ دائودپوٽو،
حيدرآباد دکن، 1939ع.
* حبيب: حبيب السير، خواند مير، تهران 1333 شمسي.
* حزين: سوانح شيخ علي حزين، بيلفور 1830ع.
* خرد: المسالڪ والممالڪ، ابن خردازبہ، ليڊن 1989ع.
* خل: تاريخ ابن خلدون، جلد 3، مصري ڇاپو.
* ذخيرة: ذخيرة الخوانين، فريد بکري، قلمي نسخو، ملڪيت حسام
الدين راشدي.
* رحيمي: ماثر رحيمي، جلد 1، عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪتو 1925ع.
* رشيد: مقالو ڪرنل رشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع، ڪراچي.
* روز: روز روشن، مظفر حسين صبا، ڀوپال، 1297هه.
* روملو: احسن التواريخ، حسن روملو، تصحيح بڙودا، 1931ع.
* روئداد: ادارهه معارف اسلاميه، جلد دوم 1936ع، لاهور 1938ع.
* زخمي: انيس العاشقين، رتن سنگهه زخمي، قلمي دانشگاهه پنجاب.
* زين: زين الاخبار گرديزي، برلن 1928ع.
* سفينه: سفينه حزين، مقدمه از مهاراج ڪشن پرشاد، حيدرآباد دکن
1930ع.
* سنڌي: تحفة الڪرام (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.
* سيد: عرب و هند ڪي تعلقات (اردو)، سيد سليمان ندوي، الله
آباد. 1930ع
* سير: سير ايران، اردو، محمد حسين آزاد لاهور.
* طاهري: تاريخ طاهري، طاهر محمد نسياني، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع.
* عباسي: عالم آرائي عباسي، تهران.
* عزر: تاريخ عزر والسير، الثعالبي اسدي، 1963ع.
* عظيم: ديوان عظيم، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان 1962ع
* عفيفہ: تاريخ فيروز شاهي، سراج عفيف. ايڊٽ ولايت حسين، 1890ع.
* عوفي: جوامع الحڪايات، عوفي، ايڊٽ ڊاڪٽر محمد معين، تهران
1335 شمسي.
* غازي: مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب، سيد حسام الدين
راشدي، ڇاپي هيٺ (هي ڪتاب 1971ع ۾ انجمن ترقي اردو
پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو).
* فخري: تذڪرهه روضة السلاطين، فخري هروي (راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو
۽ 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو).
* فرشته: تاريخ فرشته، جلد 2، هندو شاهه فرشته، بمبئي 1833ع.
* فياض: فياض القوانين، شمارو
O.R.9617
برٽش ميوزم.
* قانع: مقالات شعرا، مير علي شير قانع، ايڊٽ: حسام
الدين راشدي، 1957ع.
* قصائد: قصائدو مثنويات مير علي شير قانع ايڊٽ: حسام
الدين راشدي 1964ع
* قصص: مجمل التواريخ والقصص، بتصحيح بهار، تهران، 1308
شمسي.
* ڪامل: ڪامل، جلد 9، ابن اثير، ليڊن.
* گاوان: رياض الانشاءَ، محمود گاوان، مرتبه شيخ چاند.
* لب: لب تاريخ سند، خداداد خان، امرتسر 1900ع،
حيدرآباد سند 1959ع.
* لباب: لباب الالباب، عوفي، سعيد نفيسي، تهران 1334
شمسي.
* ماهرو: منشات ماهرو، شيخ عبدالرشيد، لاهور 1965ع.
* مائل: ديوان مائل، غلام علي ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ.
* ماثر: ماثرالامراءَ، جلد ٽيون، مرزا اشرف علي. ڪلڪتو 1309هه.
* محسن: ديوان محسن ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع.
* مخزن: مخزن الغرائب، سنديلوي، قلمي، پنجاب يونيورسٽي.
* مسعودي: مروج الذهب، مسعودي، مصر 1948ع.
* مظهر: تاريخ مظهر شاهجهاني، ميرڪ يوسف، ايڊٽ: سيد حسام الدين
راشدي.
* معارف: معارف الانوار، ملا ذڪريا ٺٽوي، راقم جو قلمي نسخو.
* معاني: تذڪرهه ميخاني، عبدالنبي فخر زمان، گلچين معاني، تهران
1340 شمسي.
* معصومي: تاريخ سند، ايڊٽ ڊاڪٽر دائودپوته، بمبئي 1938ع.
* مق: احسن التقاسيم، المقدسي، ليڊن 1906ع.
* مڪلي: مڪلي نامہ، مير علي شير قانع، بتصحيح: سيد حسام الدين
راشدي (هي ڪتاب 1967ع ۾ ڇپيو آهي).
* مملوڪيه: بزم مملوڪيه، سيد صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه
1954ع.
* موج: مهراڻ جون موجون، تاليف حسام الدين راشدي، ڪراچي.
* مهر: تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1، اردو، غلام رسول مهر 1958ع.
* مهراڻ: شرح حال مير مائل ٺٽوي، مقالو حسام الدين راشدي، رسالو
مهراڻ، بهار 1955ع.
* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1935ع.
* ميگزين: ارينٽل ڪاليج، شمارو نمبر 1938ع.
* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1939ع.
* ناصري: طبقات ناصري، استاد حبيبي، ڪابل 1342هه.
* ندوي: هندوستان عربون کي نظر ميي، ڪالب 1342هه.
راشدي، رسالو مهراڻ، بهار 1955ع.
1971ع ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو(ن، معين الدين
ندوي، اعظم ڳڙهه 1962ع.
* نشتر: نشتر عشق، قلمي پنجاب يونيورسٽي.
* هاشمي: مثنوي مظهرالآثار، شاهه جهانگير هاشمي، سيد حسام الدين
راشدي، 1957ع.
* وصيت: منشورالوصيت، ميان نور محمد ڪلهوڙو، ايڊٽ: سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع.
* هنر: گنجينه آثار اصفهان، ڊاڪٽر هنرفر، تهران 1344 ش.
*
E.I.: Encyclopedia of Islam, V-II
* E.R.E: Encyclopedia of Religion and Ethics,
V-III, 1953
* J.B: Foreign Influence on ancient India, R.A.
Jairaz Bhoy N.Y. 1963.
* Khan: Indus Valley and Early Iran, Dr. F.A.
Khan, Karachi, 1964.
* P.P.S: Persian Poets of Sindh, Dr. Sadarangani,
Sindhi Adabi Board, 1956.
* RAY: Humayun in Persia, Sukamar Ray, R.A.S. of
Bengal, Calcutta 1948 (monographic Series Volume
vi).
* Smith: the Early History of India, V.A Smith,
Oxford, 1962.
مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي
[مير علي شير قانع جي سوانح ۽ تصنيف و تاليف_ راشدي صاحب مرحوم
جي مستقل اڀياس هيٺ رهيا. پاڻ مير صاحب جي مفصل
سوانح عمري کان علاوهه سندس چار ڪتاب پڻ ايڊٽ
ڪيائون. هي مختصر مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي
آهي، جو سَہ ماهي ”الرحيم“ حيدرآباد جي 3_4/1967ع
واري پرچي ۾ شايع ٿيو]
هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽ سندس نسب جو
سلسلو قاضي سيد شڪرالله تائين پهچي ٿو، جيڪو شاهه
بيگ ارغون جي دور ۾ (927_928هه) شيراز کان سنڌ ۾
آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي:
غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات 1161هه) بن مير محمد ڪاظم
بن مير محمد مقيم بن مير ظهيرالدين دوم (وفات
1037هه) بن سيد شڪرالله دوم بن مير ظهيرالدين
(اول) بن قاضي سيد شڪرالله (اول) نزيل سنڌ (وفات
966هه کان اڳ).
مير غلام علي شير ”قانع“ جي ولادت 1140هه ۾ ٿي ۽ ”خلق انسانا من
السلالة“ مان سندس تاريخ ولادت نڪري ٿي.
مير علي شير ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي جيد عالمن کان تعليم پرائي.
مقالات ۾ انهن بزرگ استادن مان هيٺيان نالا ٻڌايا
اٿس: ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد
شفيع ٺٽوي، آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي ۽ مرزا
محمد جعفر شيرازي.
قانع کي شاگرديءَ جي دور کان ئي شعر و سخن سان چاهه هو، ٻارهن
سالن جي ڄمار ۾ سال 1152هه ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين
۽ اٺن هزارن بيتن جي مجموعي جو هڪ ديوان مرتب
ڪيائين، جو ڪن سببن ڪري ان کي درياءَ جو بک ڪري
ڇڏيائين.
سال 1155هه ڌاري وري کيس شاعري لاءِ جوش جاڳيو. مير حيدرالدين
ابو تراب ڪامل جي ڏيک ويک کيس جوش جاڳايو، ۽
شاعريءَ ۾ هن استاد جي شاگردي قبول ڪيائين. شروع ۾
”مظهري“ تخلص سڏائيندو هو، پر پوءِ ”قانع“ کي پسند
ڪيائين ۽ آخر عمر تائين انهيءَ تخلص سان مشهور
رهيو.
هي خاندان مختلف دورن ۾ هميشہ عزت ۽ احترام سان رهيو آهي ۽ هتي
جي هر حڪومت هن خاندان جي افراد کي مجموعي طور يا
ڪن خاص فردن کي خاص وظيفن ۽ انعامن سان نوازيندي
آئي. هن لاءِ ڪي سندون يا شاهي فرمان جيڪي مون وٽ
موجود آهن، انهن مان مٿين ڳالهه تي پوري روشني پئي
ٿي.
سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور (1170_1186هه) ۾ قانع
کي هن خاندن جي تاريخ لکڻ تي رکيو ويو هو. هن
بادشاهي فرمان پٽاندر ٻه تاريخون لکيون، جن مان هڪ
نظم ۾ شاهنامه جي وزن تي ۽ ٻي نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي،
پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هو ڪهڙن سببن ڪري
انهن تاريخن جي تڪميل نه ڪري سگهيو. گهڻو ڪري هڪ
ٻن سالن کان پوءِ نوڪريءَ کي ڇڏي واپس ٺٽي آيو. ڇو
ته سن 1180هه ۾ اسين کيس ٺٽي ۾ ”تحفة الڪرام“ جي
لکڻ ۾ سرگرم ٿا ڏسون.
سندس حالات مان (جن کي ان پاڻ لکيو آهي) پتو پوي ٿو ته ”قانع
پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سورت، ڪڇ، احمد آباد ۽ جهونا
ڳڙهه جي سفر کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويو آهي
۽ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ تصنيف و تاليف ۾
مشغول رهيو. ٻارهن سالن جي عمر کان (1152هه) وفات
جي سال 1203هه تائين، سندس قلم لکڻ کان نه بيٺو ۽
انهيءَ ڊگهي مدت ۾ سنڌ لاءِ علم ۽ ادب جو هڪ
لافاني خزانو ورثي ۾ ڇڏي ويو، جي هاڻي اسان وٽ اهو
املهه وٿ نه هجي ها ته هوند اسين ملڪي ۽ سياسي
تاريخ جي هڪ وڏي ڀاڱي کان هٿ ڌوئي ويهون ها ۽
ڪيترن مشهور هستين ۽ فارسي جي نثر و نظم جي عالمن
کي نه سڃاڻون ها.
مير قانع اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻن جي ته اسان کي سڌ
نه رهي آهي ۽ اهي شهه پارا گردش زماني ڪري اسان
کان کسجي ويا آهن. پر مقالات الشعرا ۽ ڪتب خاني
ٺٽي جي فهرست ۽ ٻين ذريعن مان يا جن ڪتابن کي اسان
ڏٺو آهي، ان مان پتو پئي ٿو ته انهن تاليفن جو
تعداد 43 تي پهچي ٿو. ان کان سواءِ سندس ڪي
تاليفون نامڪمل ۽ اڻ پوريون رهجي ويون، هو پاڻ لکي
ٿو:
”گهڻا مسوده جتي هئا، اتي ئي رهجي ويا.“
سن 1152هه ۾ اٺ هزار بيتن جي ديوان کي پنهنجي هٿن سان درياءَ ۾
لوڙهي ڇڏيائين. سن 1174هه ۾ جڏهن ”مقالات الشعرا“
لکي رهيو هو، ته پاڻ ئي چئي ٿو ته جي پنهنجي
اشعارن کي گڏ ڪيان ها ته اهي ٽيهه هزار ٿي وڃن ها.
مطلب ته اهو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ان جي مسودن مان
ڪيترا تڪميل تي پهتا ۽ ڪيترا نه پهتا يا انهن مان
ڪيترا ضايع ٿي ويا. هيستائين اسان کي سندس تاليفات
مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن:
1. ديوان علي شير، سال تاليف 1152هه. درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏيائين.
2. مثنوي شمہ از قدرت حق (سال تاليف 1167هه). اهو ڪتاب به رڳو
نالي وڃي رهيو آهي، هن جو نسخو ڪٿي به سڏڻ ۾ نه جو
اچي. هن مان نموني طور ڪي بيت ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
3. مثنوي قضا و قدر (سال تاليف 1167هه). هن ڪتاب کي آقا رضا
نگهت شيرازيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين. هن جو هڪ
خطي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾ موجود آهي.
4. نو آئين خيالات (1169هه). اهو تاريخي نالو آهي ۽ ان مان سن
تاليف نڪري اچي ٿو. هي ڪتاب نثر ۾ هو. هي ڪتاب به
ناپيد آهي. هن جا ڪجهه جملا ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
5. مثنوي قصه ڪامروپ (1169هه). هي ٽن هزارن بيتن تي مشتمل مثنوي
هئي، هن جو نسخو به موجود نه آهي. نموني طور ڪجهه
شعر ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
6. ديوان قال غم. (1171هه). هن ۾ نو هزار بيت، غزل، قصيدهه،
مخمس، ترجيع وغيره تي پهچن ٿا. هي ڪتاب به ناپيد
آهي.
7. ساقي نامہ (1174هه). غير موجود. مقالات ۾ هن جا ڪجهه
اقتباسات آيل آهن.
8. واقعات حضرت شاهه. هڪ هزار بيتن تي مشتمل. هي به ناپيد آهي.
9. چهار منزله (1174هه). هڪ هزار بيتن جو مجموعو. هن جو ڪو به
نسخو نه ٿو ملي.
10. تزويج نامہ حسن و عشق (1174هه) نثر ۾. هي به اڻلڀ آهي.
11. اشعار متفرقہ در صنايع و تاريخ (1174هه). هن جو ڪو نسخو
باقي نه رهيو آهي. هن ۾ هڪ هزار بيت هئا ۽
”مقالات“ ۾ هن جو بيان آيو آهي.
12. بوستان بهار: معروف مڪلي نامہ (1174هه). نظم ۽ نثر ۾. هن جي
تاليف جو سال ”بوستان بهار تازهه“ مان نڪري ٿو. هڪ
ننڍڙو رسالو آهي، جو مڪليءَ جي قبرستان بابت آهي.
هن جو قلمي نسخو ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ محفوط
آهي، جنهن کي راقم الحروف حواشي سان، سنڌي رسالي
”مهراڻ“ 1956ع جي، 2_4 شماري ۾ شايع ڪيو آهي.
13. مقالات الشعراءُ. 1174هه.
14. تاريخ عباسيه. هي نامڪمل رهجي ويو.
15. تاريخ عباسيه. 1175هه، نثر، نظم ۾ (1175هه) نامڪمل.
16. تحفة الڪرام ٽن جلدن ۾، مشهور ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ۽
اردو ۾ ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي.
17. مثنوي اعلان غم (1192هه). هي مثنوي نظر مان نه گذري
آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهل بيت جي مصيبتن بابت لکي
وئي آهي.
18. زبدة المناقب (1192هه).
19. مختار نامہ (1194هه)
20. نصاب البلغاءَ. هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو آهي، جو انساني زندگي
جي مصلاحات تي مشتمل آهي. هن کي قاموس سڏي سگهجي
ٿو.
21. مثنوي ختم السلوڪ (1199هه). ختم السلوڪ مان هن جي تاليف جو
سال نڪري ٿو. تصوف جي رمزن ۽ نڪتن تي مشتمل آهي،
هن ۾ هڪ مقدمو، 21 مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.
22. طومار سلاسل گزيدهه (1202هه). سنڌ ۾ صوفين جي طريقت جي
سلسلن جي تاريخ آهي. هن جو مصنف جي خط سان هڪ نسخو
سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
23. شجرهه اطهر اهل بيت (1202هه). هن جي نالي مان سن تاليف نڪري
ٿو.
24. معيار سالڪان طريقت (1202هه). مير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾
مشاهيرن جي سال ولادت يا وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي،
ان ڪري ان مان انهن جي دور جو تعين ڏاڍو ڏکيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ان نقصان جي تلافي ڪئي وئي آهي. اٽڪل
روءِ هڪ هزار مشاهيرن جو احوال وفات جي سن سميت هن
۾ آندو ويو آهي.
25. روضة الانبياء: منظوم.
26. زينت الاخلاق. منظوم.
27. غوثيه. منظوم سلوڪ ۽ معرفت ۾.
28. مثنوي قصاب نامہ.
29. ميزان الافڪار. منظوم
30. تهذيب طباع.
31. سرفراز نامہ.
32. حديقته غلبا. مجموعه اشعار فارسي.
33. مثنوي ڪان جواهر.
34. ميزان فارسي.
35. رساله معما مع شرح. نظم و نثر.
36. لب تاريخ ڪلهوڙهه.
37. بياض محڪه الشعراءَ.
38. ديوان اشعار.
39. قصائد و منقبت.
40. انشاءَ قانع.
41. مثنوي محبت نامہ.
مير علي شير، نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ عبدالاحد جو ريد هو.
هن خاندان جا ٻيا افراد به نقشبندي سلسلي جا مريد
هئا. هن 63 سالن جي عمر ۾ سن 1203هه ۾ وفات ڪئي ۽
پڇاڙي تائين تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو.
قاهره ميوزيم ۾ چند گهڙيون*
[هي مضمون ٽه ماهي ”الزبير“ ڪتبخانه نمبر، جلد 11، سال 1967ع ۾
شايع ٿيو. سنڌي ترجمو ”سنڌي ادب“ (سنڌالاجي) ۾ سال
1995ع ۾ ڇپيو]
مان ڪجهه ڏينهن اڳ به قاهرهه جي هن عظيم الشان عجائب گهر کي ڏسي
چڪو هوس پر تڏهن مون سان پاڪستان جو صحافتي وفد به
گڏ هو، اِها قوم (صحافين جي) ته ڄاتل سڃاتل آهي.
هي لکن ته رات ڏينهن پيا پر ڪتاب جنهن شيءِ جو
نالو ٿئي سو نه ڪڏهن پڙهن ۽ نه ئي شايد هو ان لذت
کان آشنا آهن. سو جڏهن اسان پندرهن ويهه ماڻهو
انهن ڪمرن ۾ پهتاسون ته هُل مچي ويو. چڱيءَ طرح
ڏسڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ ته پري جي ڳالهه هئي پر رڳو
ڪتابن جي ميناڪاري ۽ ڪتابن کي سون ۽ چانديءَ جي
جڙاوت جو ڪم ڏسي سندن ذات پاڻي ٿي ويو. هيءَ
ڏٺائون، هو ڏٺائون، هيڏانهن ڀڳا، هوڏانهن ڀڳا.
مطلب ته ڪلاڪ ڏيڍ ائين ئي وڃائي واپس ٿياسون. انهن
مان ڪن غيري معمولي دلچسپي ڏيکارڻ ۽ پنهنجون شغف
ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان ڪاغذ ۽ پينسل به کنئي ته جيئن
ڪجهه نوٽ ڪن ۽ انهن (ڪتابن) جي تاريخي اهميت لکن.
ليڪن جڏهن ڪتابن جا نالا ۽ انهن جي هجي ڏٺائون ته
غالباً نوٽ ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ پوءِ ڪنهن
ڪجهه نه لکيو.
مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڪيلو ويس ته جيئن هڪ دفعو چڱيءَ طرح
ان املهه ذخيري کي ڏسي وٺان. سو دروازي تي رکيل
ڪتاب ۾ پنهنجو نالو پتو لکيم. ڏاڪڻ اُڪري پهرين ته
وڃي دارالڪتب جا ڇپيل ڪتاب خريد ڪيم. ان کان پوءِ
سانءِ سَتيءَ سان ميوزم ۾ پهچي هڪ هڪ ڪتاب ڏسڻ
شروع ڪيم. شيشي جا ڪيترائي ڪٻٽ سليقي سان رکيل
هئا، ڀتين تي خطاطي جا نمونا ۽ وصليون ٽنگيل هيون.
تصويرون پڻ ڀتين ۾ ٽنگيل هيون.
منهنجي اڳيان سوين نوادرات کليل رکيا هئا. ڪن ڪتابن تان نوٽ
ورتم، پهرين ته چڱيءَ طرح غور سان ڏسڻ شروع ڪيم
ليڪن جڏهن ڏٺم ته شايد وقت گذري وڃي ۽ مان هڪ به
ڪمرو نه ڏسي سگهان. ان ڪري مون سرسري جائزو وٺڻ
شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ خاص خاص ڪتابن جي فهرست به مرتب
ڪندو ويس. ان مٿاڇري مطالعي ۾ به مون کي پنج ڪلاڪ
لڳا ۽ جڏهن هيٺ لٿس ته ان وقت شام ٿي چڪي هئي، ڪتب
خانو بند پي ٿيو ۽ ڪلرڪ ڪڙا ۽ آفيسر پنهنجو پنهنجو
ڪم اُڪلائي ٿڪل ٽٽل هيٺ اچي رهيا هئا.
ان وقت مون جيڪا فهرست مرتب ڪئي هئي، اها هتي پيش ڪري رهيو
آهيان ته، جيئن پڙهڻ وارن کي به هن عجائب گهر جي
نوادرات جو ٿورو گهڻو اندازو ٿئي.
صحيفا:
1. بخط ابي سعيد الحسن البصري (ڪتابت سن 77هه)
2. فوٽو گراف ڪاپي مصحف سيدنا عثمان رضه
(هي ننڍي تختيءَ جي حمائل جا ٻه صفحا هئا).
3. بخط احمد بن الاسڪاف الوراق. (ڪتابت رمضان سن 360هه)
4. بخط امام جعفر صادق (المتوفي 148هه).
5. بخط علاؤالدين محمد الحسيني (ڪتابت سن 1140هه)
6. بخط قاري، فارسي نسخو (ڪتابت سن 1267هه).
7. بخط محمد بن محمد بن جعفر فارسي نسخو (ڪتابت سن 1222هه)
سلطان فتح علي شاهه قاچار جي فرمائش تي لکيو ويو.
ڪي ڪلام مجيد مطلاء مذهب ڪلان ۽ خورد تفطيع، جا نهايت. خوشخط
وڏي ڪمري ۾ رکيل آهن جن جي ڪتابت جا سال هن ريت
آهن.
704هه _ 841هه _885_ هڪ ڪلام پاڪ ارغون شاهه جي ملڪيت جو جيڪو
انتهائي ڏسڻ وٽان هو رکيل هو. ارغون شاهه جي وفات
سن 750هه ۾ ٿي. ڪن جي ڪتابت هيٺ ڏنل سالن ۾ ٿي
هئي:
713هه_873هه _ 560هه _ 912هه _ 944هه _ 957هه _ 969هه _ 845هه_
876هه. لاهور جي هڪ مشهور خطاط حافظ روح الله جا
لکيل ٻه ٽي ڪلام مجيد به موجود هئا. ڪن جي تختي
وڏي سائيز ۾ ۽ هڪ جهڙي هئي. حافظ جو پورو نالو هن
طرح لکيل هو. حافظ روح الله بن حافظ محمد حسين
لاهوري.
ڪن جو خَطُ ٿلهو ۽ ڪن جو سنهو ليڪن ايڏو دل کي وڻندڙ ۽ ڏسڻ وٽان
هو جو ڏسڻ سان اکيون روشن ٿيون ٿي. ڪتابت جا سال
هن ريت هئا 1107هه _ 1109هه _ 1108هه.
هڪ ڪلام مجيد بخط قطب الدين 1197هه به ان ئي ڪٻٽ ۾ رکيل هو،
جنهن ۾ حافظ روح الله جا ڪتابت ٿيل ڪلام مجيد رکيل
آهن.
هي سڀ ڪلام مجيد مختلف سائيزن ۾ مختلف قسمن جي ڪاغذن تي لکيل
هئا. خَطَ جي سونهن، طلاڪاري ۽ چٽ سازي جي تعريف
ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان. بس اهو ڏسڻ سان ئي تعلق
رکي ٿو.
ترڪيءَ جي سلطانن جي ڪتب خانن يا سندن خاص مطالعي جا ڪلام مجيد
به وڏي تعداد ۾ رکيل آهن، جن مان ڪن جا نالا هن
طرح آهن:
(1) مصحف ياقوت 690هه.
(2) مصحف بخط ياقوت 689هه
(3) مصحف بخط ياقوت (سَن لکيل نه آهي).
(4) مصحف بخط ياقوت الياس محمد الياس 720هه.
(5) مصحف بخط ياقوت عبدالرحمان بن ابي الفتح فرغ 599هه (سلطان
سليم لاءِ لکيو ويو).
(6) مصحف بخط ياقوت، فارسي نسخو ڪاتب محمد بن احمد التبريزي
988هه.
(7) سورهه الفتح، فارسي نسخو بقلم شاهه محمود النيشاپوري 965هه.
(8) مصحف بهاءُالدين محمد بن ابي الفضل لاهجاني 1097هه.
عربي ڪتاب:
اُن وڏي ڪمري ۾ جنهن ۾ ڪلام مجيد رکيل آهن، ڪي ڪٻٽ اهڙا به آهن،
جن ۾ عربي زبان جا اهڙا ڪتاب رکيل آهن جيڪي يا ته،
مصنف جي پنهنجي خط ۾ آهن يا ڪنهن باڪمال ڪاتب يا
مصنف جي ڪنهن همعصر جا ڪتابت ٿيل آهن. هر صديءَ
لاءِ جدا جدا ڪَٻٽُ مخصوص ڪيو ويو آهي. ان ترتيب
مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته خط ۽ ڪتابت جي فن
ڪهڙءَ طرح ارتقائي منزلون طئه ڪيون آهن. ڪن ڪتابن
جي فهرست پيش ڪريان ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
1- الماجلته وجواهر العلم _ شيخ ابي بڪر احمد بن مروان الدينوري
بخط علي بن محمد المعروف بسخاوي بتاريخ 636هه.
2- تاريخ بغداد والخطيب _ بخط عبدالقادر بن ابي صالح الجبلي
بتاريخ 531هه.
3- مقامات حريري – ابي محمد القاسم الحريري البصري بخط مصنف
بتاريخ 504هه.
4- مختارات اشعار العرب – لابن الشجري المتوفي 542هه، بخط مصنف.
5- مختصر المسند الجامع الصحيح للامام مسلم، ڪتابت 647هه.
6- التحرير في شرح الجامع الڪبير الجز السابع – جمال الدين
محمود بن احمد بن عبدالسيد الحصيري البخاري،
المتوفي 636هه، بخط مصنف بتاريخ 616هه.
7- الجامع البهي لدعوات النبي ﷺ- شيخ ابي الڪريم عبدالسلام بن
احمد الاندر سباني، بخط مصنف، بسال 564هه.
8- المختصر المحتاج اليه من تاريخ بغداد – الذهبي المتوفي
748هه، بخط مصنف 704هه.
9- مصباح المجتهد و ڪفاية المنفرد – محمد بن الحسين التنوفي،
بخط مصنف، سال 569هه.
10- شرح الڪافيه ابن الحاجب – تاليف رضي الدين محمد بن الحسين
الاسترآبادي المتوفي 686هه، بخط عمادالدين يحى ابن
القاسم الصنفائي شارح الڪاشف سال 732هه.
11- نسيم الرياض في شرح شفاء القاضي عياض – شهاب الدين احمد بن
محمد الخفاجي المصري، المتوفي 1069هه، بخط مصنف
سال 1058هه.
12- طبقات الڪبري لابن السبڪي – بخط مصنف.
13- المواهب اللدنيه بالمنح المحمديه – شهاب الدين ابي (العباس
احمد بن محمد القسطلاني، المتوفي 923هه، بخط مصنف،
سال 904هه.
14- المنن والاطلاق في بيان وجوب الحدث بنعمة الله علي الاطلاق
شيخ عبدالوهاب بن احمد بن علي المعروف بالشعراني،
المتوفي 973هه، بخط مصنف، سال 960هه.
15- الالقاب، لابن حجر عسقلاني، المتوفي 802هه، بخط مصنف.
16- طالع انوار من مطالع الانطار لبيضاوي، المتوفي 685هه، بخط
ابي عبدالله محمد المعروف بابن جماعت، سال 809هه.
17- مغفراللبيب عن ڪتب الاعاريب _ جمال الدين عبدالله بن هشام
الانصاري، المتوفي 761، بخط حافظ ابن هشام، شهاب
الدين احمد بن عبدالرحمان بن عبدالله، سال 835هه.
18- مشڪل القرآن _ ابي محمد عبدالله بن مسلم المعروف بابن قتيبه
الدينوري، المتوفي 376هه بخط محمد بن احمد بن يحى،
ڪتابت 376هه.
19- دارالحڪم الاثعالبي نيشابوري المتوفي 429هه، بخط ياقوت
مستعصمي ڪتابت 681هه.
20- ڪتاب الاغاني الجزء الرابع – ابو الفراح الاصفهاني، المتوفي
356هه، بخط محمد بي طالب البدري ڪتبه 614هه.
21- المدونة الڪبري – مالڪ بن انس رضه المتوفي 179، ٻن صفحن جا
فوٽو گراف رکيل آهن، اهي ان نسخي تان ورتا ويا
آهن، جيڪو مراڪش جي سلطان جي ملڪيت هو ۽ جنهن جي
ڪتابت 438هه ۾ ٿي هئي، ان هي ان ڪتاب جو سڀ کان
قديم نسخو آهي.
22- الجامع الصحيح للامام بخاري، المتوفي 256، بخط بن احمد بن
عبدالله القزويني، ڪتابت 731هه.
23- الجامع الصحيح للامام بخاري، المتوفي 256هه، هن نسخي جي
حاشين تي سال 424هه جا نوٽ آهن، جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن جي ڪتابت ان کان به اڳ ٿي هئي.
فارسي ادب:
فارسي ادب ۽ زبان جا به گهڻا اڻ لڀ مخطوطا ڪٻٽن جي سونهن بڻيل
آهن. نقش و نگاري، طلاڪاري ۽ خط جي گلڪاري پري کان
ڏسڻ وارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. هڪ خاص ڪمرو انهن
شين لاءِ مخصوص آهي، جنهن ۾ 10_12 ڪٻٽ مخطوطن سان
ڀريل آهن، ڀتين تي مختلف خطاطن جون وصليون ۽ مصوري
جا نمونا ٽنگيل آهن. شاهنامه، خمسه نظامي، جامي،
حافظ ۽ مثنوي مولانا روم جا بيشمار نسخا ۽ مطلا
نسخا رکيل آهن. ڪن نسخن جي فهرست هن ريت آهي. هي
سڀ نسخا هر لحاظ کان نادر روزگار هئا. اکيوڳن
کيريون ٿي ويون ٿي.
1- ديوان حافظ، مصور مُذهب، منقش 973هه ۽ 1091هه.
2- خمسه نظاميءَ جا مصور نسخا يارهين صدي ۽ ان کان اڳ جي صدين
جا.
3- ديوان قاسم الانوار
4- ديوان جامي.
5- جواهر التفسير التحفة الامير ملا ڪاشفي.
6- بوستان سعدي _ بخط مير علي الحسين الڪاتب السلطاني.
7- ديوان محمد اصفهاني 1241هه.
8- انتخاب شعرا فارسي، ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ۾ رکيل هو. بيحد سهڻو ۽
منقش. هي هندوستان ۾ لکيو ويو آهي. هڪ صفحي تي هڪ
تصوير آهي، جنهن ۾ چند مشهور شاعر هڪ ٻئي کي شعر
سخن ٻڌائي رهيا آهن. ان مرقع ۾ هي شاعر آهن: جامي،
متين، سيد، نويد نظمي حيا، ملا عطاءُالله هما،
موئد، جامي سفيد ريش، خوبصورت ۽ وجيهه آهي. ان طرح
هر شاعر کي حسين ۽ جميل بڻايو ويو آهي. جامي کان
سواءِ سڀ شاعر جوان آهن ۽ مڙني جي مُنهن تي
ڏاڙهيون آهن ۽ مَٿن تي پٽڪا. هي نسخو 921هه ۾ لکيو
ويو آهي. ٻئي صفحي تي سيد ۽ شائق جا هم وزن ۽ هم
قافيه غزل آهن. غالباً سموري ڪتاب ۾ چونڊ جو طريقو
اهو ئي هوندو. سيد جي غزل جو مطلب هيءُ آهي:
هر آنڪس خانه از بهربودن مختصر گيرد،
چو زنبوِر عسل او شهد راحت ڪام برگيرد.
مقطع:
مهاراجه چو خورشيد جهان تابست اي سيد،
چه کم گردد ازوگر ذرهه را از خاک برگيرد.
شائق جي غزل جو مطلع هيءُ آهي:
عَطا ڪن نالئه يا رب ڪه رنگ از اثر گيرد،
و گر دستِ دعائي دهه ڪه دامان سحر گيرد.
9- بوستان سعدي المتوفي 691هه، بخط سلطان علي الڪاتب سال 893.
هن نسخي جون تصويرون بهزاد جي قلم نوڪ مان نڪتل
آهن.
10- سلسلة الذهب جامي المتوفي 898. ڪتابت 958هه.
11- ديوان عرفي المتوفي 998. ڪتابت 1073هه
12- ديوان خسرو دهلوي المتوفي 720هه. بخط منعم الدين الاوحدي
الحسيني سن 921هه.
13- ڪليات سعدي المتوفي 691هه. گڏ ڪيل علي بن احمد بن ابي
بڪرالمتوفي 726هه. ڪتابت 949هه.
14- تحفة الاحرار، جامي، بخط علي سن 911هه.
15- المواهب العلية حسين واعظ ڪاشفي المتوفي 906هه، بخط علي بن
محمود الڪرماني 904 هه.
16- تحفة الاحرار جامي، ڪتابت 989.
17- هفت اورنگ جامي، ڪتابت تورڪ باقر سن 978.
18- خمسہ نظامي المتوفي 596، ڪتابت 983.
19- خمسہ خسرو دهلي، ڪتابت 1102هه.
20- ديوان حافظ، المتوفي 792هه، بخط علاؤالدين لذهه، ڪتابت
976هه، مصور.
21- ديوان گلشني، شيخ ابراهيم بن محمد بن ابراهيم المعروف
بگلشني المتوفي 940هه.
22- ڪليله و دمنه، مصور.
23- مثنوي مهرو مشتري، احمد عصار، ڪتابت 898 هه.
24- شاهنامه فردوسي المتوفي 416هه، بخط صفي قلي بن الفرهاد،
ڪتابت 1066هه.
25- شاهنامه فردوسي المتوفي 416 هه بخط نامعلوم، 905 هه.
26- شاهنامه فردوسي المتوفي 416 هه، بخط السمرقندي معيني،
844هه.
27- شاهنامه فردوسي المتوفي 416هه بخط صفي لطف بن عيسى شيرازي،
ڪتابت 796هه.
شاهنامه جا هي چارئي نسخا مصور مطلا ۽ دلفريب خطب ۾ آهن.
28- ماني ۽ بهزاد جي تصويرن جا البم به ڀتين جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن
۽ ڪئين خوبصورت ۽ خوشخط وصليون ڀتين تي ٽنگيل آهن،
جن ۾ ڪجهه وصلين تي آيتون آهن ۽ ڪن تي شعر لکيل
آهن.
29- انتخاب شعراءِ فارس: هيءُ انتخاب سلطان عليءَ جي خط ۾ آهي ۽
ڪتابت جو سن 901هه آهي. هيءَ سلطان ابوالنصر
بايزيد لاءِ لکيو ويو هو. انتخاب هنن شاعرن جو
آهي: حافظ، امير خسرو، خواجه خسرو، شيخ ڪمال،
خواجه سلمان، جامي، ثنائي، عصمت بخاري ۽ ناصر
بخاري.
30- منتخب ڪلام شاهيس: پهرئين صفحي جي لوح تي فتح علي شاهه
قاچار جي سونهري مهر لڳل آهي. ڪاتب معزالدين محمد
الحسين آهي ۽ سن ڪتابت 987هه.
پهرئين صفحي تي هي شعر آهن.
اي نقش بستہ نام خطت با سرشت مان،
اين حرف شد ز روز ازل سرنوشت ما.
ڪارم بسينہ تخم وفائي تو ڪشتن است.
خود عقل خندهه مي زند ازڪار دشت ما.
ماشرمسار ماندهه ز تقصير هائي خويش،
لطف تو خود نمي نگرد خوب وزشت ما.
صفحو ٻيو:
اي شيخ شهر اگر بہ خرابات بگذري،
رشڪ آيدت بڪلبلئه همچون بهشت ما.
بگذر بسوئي تربت شاهي ڪه بشتوي،
بوئي ونا ز طينت عنبر سرشت ما.
بتقصير عيبم مڪن ڪزآب چشم من،
هنوز اندر هم تخم وفا ميرديداز گَل ها.
گراز گردون مَلائي باشدت برعشق املاڪن،
ڪه عشق آمد درين شڪل مدد رحل مشڪل ها.
ان ڪمري سان لڳو لڳ هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جهن جي دروازي جو عنوان
آهي ”ڪمرهه الاوراق البريته“ ان ۾ پئپيرس
(PAPYRUS)
تي لکيل قديم ترين خط ۽ مڪتوب شيشن. جي ڪٻٽن ۾
رکيل آهن. ڪي خط ثابت آهن ۽ ڪي بلڪل بوسيدهه ٿي
چڪا آهن. مَسُ ڦڪي ٿي چڪي آهي. انهن خطن جا سن هن
ريت آهن. 142هه_ 178هه_ 186هه_ 236هه_ 264هه_
285هه_ 272هه_ 299هه_ 347هه_ 450هه_ 459_هه. هتي
هڪ ڪتاب ٻيو به ڏسڻ ۾ آيو.
الجامع الحديث، تاليف ابي محمد عبدالله بن وهب الفهري القريشي.
هن مصنف جي پيدائش سال 124هه_125هه ۾ ٿي آهي. هي
ٽين صديءَ جي مُنڍ ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.
هڪ خط وليد بن عبدالملڪ (86_96هه) جي زماني جي ساڳئي ڪاغذ تي
يوناني ۽ عربي زبان ۾ لکيل رکيو هو. هڪ خط ٻيو به
وليد جو سندس ڀاءُ عبدالله بن عبدالملڪ جي نالي
آهي، جيڪو ان وقت مصر جو گورنر هو. انهن خطن متعلق
دارالڪتب المصريه انگريزي زبان ۾ ٽن جلدن ۾ هڪ
ڪتاب ۽ عربي زبان ۾ هڪ جلد جو ڪتاب ڇپيو آهي.
وڏي ڪمري ۾ جتي ڪلام مجيد جا قديم نمونا ۽ مصنفن جا هٿ جا لکيل
ڪتاب موجود آهن، اتي ڪجهه ڪٻٽ اهڙا به آهن، جيڪي
ترڪ سلطانن جا ڪلام مجيد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن ۾
ترڪي زبان جا مخطوطا آهن. مير علي شير نوائي جي
ترڪي ديوان جا چند بهترين نسخا به ڪٻٽن ۾ کليل
پنهنجي حسن ۽ زينت جي بهار پيا ڏيکارين.
ان ڪمري جي هڪ حصي ۾ چند ڪٻٽ رکيل آهن، جن ۾ علامه مرحوم تيمور
بادشاهه جي ذاتي استعمال جون شيون آهن. مثلاً
قلمدان، انڊ پين، پيپر ويٽ، خوردبين، مس ڪُپڙي،
هٿَ جون ڪاٺيون، چانهه جا پيالا، کاڌي جون پليٽون
وغيره وغيره. غالباً اهي ئي قلم ۽ مس هوندا، جن جي
ذريعي هن بي مثل عالم عربي ادب ۽ تاريخ تي املهه
مضمون ڪاغذ تي لکيا هوندا.
علامه تيمور بادشاهه جو ڪتب خانو به دارالڪتب جي حوالي ڪيو ويو
آهي، جنهن جي فهرست ڇاپي پئي وڃي ۽ خزانه تيموريه
جي نالي سان چار جلد هن وقت تائين ڇپجي به چڪا
آهن.
|