سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 23

 

س:    ان ڪري مون عرض ڪيو ته هن کان پوءِ به ان سلسلي ۾ ڪا وڌيڪ رٿابندي آهي توهان جي ذهن ۾؟

ج:     نه، هاڻي ڪانهي ڪا. هاڻي مان لکي به نه ٿو سگهان. اڄ ڪلهه مون تي وري به هڪڙي قسم جي پريشانيءَ جو وقت آهي. ٽي چار مون آپريشن ڪرايا گلي جا، انهن منهنجي اعصابن تي سخت اثر ڪيو. هاڻي هٿ به ڏڪن ٿا، لکي نه ٿو سگهان. ڪم تمام گهڻو ڪرڻو آهي.

س:    تحقيق لاءِ ڪي بنيادي هدايتون، توهان، تحقيق جي هڪ ماهر ۽ استاد جي حيثيت ۾ ڏيو، جيڪي پيش نظر رکجن.

ج:     پنجاهه ورهيه تائين، پنجاهه ڄڻا چوويهه ڪلام ڪم ڪن ته به پورو نه ٿيندو. سنڌ تي ايترو گهڻو ڪم آهي ۽ اسان جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو فقط تمهيد آهي، بنيادي ڪم ته اڃا اڳتي آهي، اڃا ته اسان جي تاريخ ڪانه لکي وئي آهي، جيڪو بنيادي ڪم آهي. اسان ته فقط ڪجهه سورس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجي اها نيت هئي ته سنڌ جي ادبي تاريخ لکجي، ادبي تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. اسان وٽ ڪونه آهي. اها تاريخ، جنهن مان توهان کي خبر پوي ته شمشيرالحيدري جي پيدا ٿيڻ ۽ سندس ذهن ٺهڻ جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اسان وٽ آهي ئي ڪانه. ادبي تاريخ ڪانهي، تمدني تاريخ ڪانهي. پوليٽيڪل تاريخ ڪانهي. اڃا ته خود سورس مٽيريل به ڪيترو رهيو پيو آهي. هڪڙو ڪتاب هاڻي اوچتو هٿ آيو، جيڪو مان ڇپارايان پيو، تاريخ معصوميءَ ۾ جن واقعن جا اشارا آهن، ان جا هن ۾ تفصيل بيان ڪيل آهن، ڪتاب جو نالو آهي ”نصرت نامہ ترخان“، جيڪو ٺٽي جي هڪ پوراني سادات جو لکيل آهي.  اهو ڪتابرس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجو هڪ دوست ايڊٽ ڪري رهيو آهي ۽ انشاءَ الله جلد شايع ڪنداسين. مطلب اهو آهي ته اڃا تائين بنيادي ڪتابن جي اشاعت به رهيل آهي.

س:    پنهنجي جاءِ تي اهو صحيح آهي ته تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. آءُ وري به پنهنجو اهو عرض ورجائيندس ته اسان جي محقق لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ابتدائي ليڪچر توهان ڪهڙو ڏيندؤ؟

ج:     طريقئه ڪار اهو آهي ته پهريون ته ذهن صاف هئڻ گهرجي. توهان جي ذهن ۾ جا غفونت ڀريل آهي، سان نڪرڻ کپي، مذهب جائز آهي پر هڪ حد تائين، ڇاڪاڻ ته هڪڙو نظام انسان جي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ اهو مذهب آهي. مطلب اهو آهي ته پهريون ته توهان جو ذهن صاف هجڻ کپي ته اوهان آهيو ڇا؟ يعني شميرالحيدريءَ جي وابستگي ڇا سان آهي. ڪنهن سان هو لائل آهي؟ پهريون ته لائلٽي گهرجي، هڪڙو عقيدو گهرجي. پهريون توهان جو عقيدو صاف هئڻ گهرجي.

س:    اوهان جي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ سهيڙڻ ۾ ڪهڙي شيءِ سان وفاداري ڏيکارڻ کپي، جيڪا بنيادي طور صحيح هجي؟

ج:     وطن سان، ملڪ سان ۽ هن ملڪ جي ماڻهن سان.

س:    سائين، آءُ هڪڙو گستاخي جهڙو سوال ڪريان ٿو. خدا توهان جي عمر وڏي ڪري، پر سوال ڪرڻ خاطر هڪڙي شيءِ، جيڪڏهن توهان جي دل ۾ اهو خيال اچي ته آءُ فقط اڄوڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهان ڇا چوندءُ سنڌ جي ماڻهن کي.

ج:     سنڌ! سنڌ!! تاريخ! تاريخ!!

        سنڌ جي نوجوان تي سڄي مستقبل جو مدار آهي. جيڪڏهن گهرن تي سنڌ سنڌ رهي ۽ سنڌي رهن، ته ان جو وڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهسنڌ جي نوجوانن تي مدار آهي. ان لاءِ سوچڻ کپي، ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ تيار رکڻ کپي. نوجوان سنڌ لاءِ وڏي شيءِ آهي. سڄو مستقبل ئي انهن جو آهي ۽ کين ئي ڪم ڪرڻو آهي، اسان ته ختم ٿي چڪا آهيون.

س:    توهان سنڌ جي موجودهه شاعرن ۽ اديبن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن وقت جي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن مان توهان جي پنهنجيءَ پسند جا ڪهڙا آهن؟

ج:     مان تعريف نه ڪئي آهي پر حقيقت بيان ڪئي آهي. اسان جا شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ نهايت بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڪنهن جي زبان پسند ايندي آهي ته ڪنهن جو انداز، پر اها هڪ جدا شيءِ آهي. مثلاً مان آهيان ڪچي جو ماڻهو، تنهن ڪري مان کي نسيم احمد کرل جا محاورا ۽ لکڻ جو اسٽائل وغيرهه تمام گهڻو پسند آهي. اسان جي ماهتاب محبوب، هڪ خاص انداز سان معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، يا نورالهديٰ شاهه آهي، اها هڪ خاص معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، اسان جي معاشري جي ناسورن جي جڏهن جراحت ٿئي ٿي ته دل کي وڻي ٿي، ڇو ته اسان جي سڄي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي رهيو آهي.

س:    شاعرن ۾ سائين؟

ج:     شاعرن ۾ چوندس ته مان کي شمشيرالحيدري پسند آهي..

        (سائين آءُ ته ويٺو آهيان، توهان جي سامهون)

        شاعريءَ ۾ توهين سڀ لک لهو. سڀ شاعر هڪ ٻئي کان وڌ آهيو. ڪنهن کي مان گهٽ چوان؟ هنن ويهن ورهين ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، انهن جي شعر کي دوام حاصل آهي.

س:    سائين، توهان گذريل پنجاهه سالن کان مسلسل لکندا رهو ٿا. توهان جي لکڻين جو طريقي ڪار يا ٽائيم ٽيبل، وقت مقرر آهي ۽ ڪهڙي نموني توهان لکندا رهيا آهيو؟

ج:     منهنجي حالت ته هيءَ رهي آهي جو جڏهن لکڻ ويهندو هوس ته چوويهه ئي ڪلاڪ لکندو هوس. پورو ياد ناهي، شايد 1928ع کان جڏهن شروع ڪيو اٿم، لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. منهنجو پويون ڪتاب آهي ”مير معصوم بکري“ جيڪو سال ٻه اڳ شايع ٿيو آهي. ان سڄي عرصي دوران، مان سمجهان ٿو ته اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن 15-20-25 صفحا نه لکندو هوس.

        ٻيو توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجو ڪو به ڪتاب مڪمل طور لکجڻ کان پوءِ ڇپيو ناهي. مان ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح اخبار نويس آهيان، تنهن ڪري لکڻ جي سڄي ڪم لاءِ سلپن جو استعمال رهي ٿو. روزانه مواد سلپن تي لکجي، ۽ اهو پريس ۾ وڃي، شام جو لازمي طور ان جا پروف اچن، تنهن کان پوءِ ئي وڌيڪ مواد مان لکان. ته انهيءَ نموني مون سمورا ڪتاب لکيا آهن.

س:    هن وقت توهان وٽ ڪي تصنيف تاليف هيٺ ڪتاب آهن؟

ج:     عرض ڪيم ته ٽن چئن سالن کان وٺي منهنجي ذهن ۾ ٽي ڪم آهن: خدا موقعو ڏنو ته انهن کي پورو ڪندس. هڪڙو ڪتاب آهي ”تاريخ رشيدي“ منهنجي هڪڙي مرحوم دوست جي فرمائش آهي ته اهو ڪتاب مان ايڊٽ ڪري شايع ڪيان. خدا توفيق ڏئي، منهنجو اهو هڪڙو فرض آهي، جيڪو ادا ڪرڻو آهي.

س:    ان ڪتاب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ڪڏهن شايع ٿيڻ کپي؟

ج:     ڪم اڃا شروع ڪونه ٿيو آهي. هن ڪتاب جا 5-10 نسخا، جيڪي دنيا جي مختلف هنڌن تي هئا، سي سڀ گڏ ڪري رکيا اٿم، ۽ انهيءَ کي فقط تصحيح ڪري متن تيار ڪرڻو آهي. ۽ اهو ڪم اڃا تائين ان ڪري شروع ڪري نه سگهيو آهيان، جو محنت تمام گهڻي آهي ۽ اها طاقت مان پاڻ ۾ نه ٿو سمجهان. مون نه ڪيو ته انشاءَ الله ڪو ٻيو ڪندو، ۽ بهرحال اهو ڪم منهنجي ذهن ۾ آهي.

                ٻيو ڪم آهي ”پوراني سادات“. ٺٽي جا پوراني سيد سنڌ جو تمام وڏو علمي خاندان هو. نصرت نامہ ترخان، ان خاندان جي هڪ فرد لکيو آهي. ان سڄي خاندان جو تفصيلي احوال مون گڏ ڪيو آهي. ارادو اٿم ته اهو ڪتاب، جيئن مير معصوم جو لکيو اٿم، لکي پورو ڪيان، ڇاڪاڻ ته اهو منتشر آهي ۽ تمام قيمتي مواد آهي، جو جيڪڏهن گڏ ٿي وڃي ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب مڪمل ٿي وڃي. ان خاندان جي علمي اهميت اها آهي، جو ان جو واسطو سينٽرل ايشيا، خراسان ۽ هرات سان آهي. ٽئين ڪتاب لاءِ ارادو آهي ته ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکان.

س:    توهان سچل جي ميلي تي تازو اها ڳالهه ڪئي هئي ته اڪبر جي ”دين الاهيءَ“ جو تصور خيرپور مان پيدا ٿيو هو.

ج:     دين الاهي خيرپور منجهان ڪونه پيدا ٿيو هو. دين الاهيءَ جي پيٽرن (نهج) تي مولوي محمد صادق راڻيپور واري مير علي نواز کي خوش ڪرڻ ۽ اڪبر جي ڪڙي تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ دين الاهي شروع ڪيو ۽ ان جو لٽريچر ۽ ڪتاب وغيرهه ڇپيا. مير صاحب کي به اڪبر بنايو هئائون. اتي مندر به ٺهرايائون. مسجد به. هاڻي تازو وڃي ڏٺم ته اهو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. باليءَ وارو بنگلو به ڀڄي ڀري ويو آهي. پر بهرحال دين الاهيءَ جو پيٽرن خيرپور ۾ سوچيو ويو هو.

س:    توهان فرمايو ته اڄ ڪلهه جا راڳيندڙ ساڳيون ساڳيون ڪافيون ڳائين ٿا ۽ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توهان وٽ ڪافي جي شاعر جو تمام وڏو ذخيرو آهي، توهان انهن جو ڪو انتخاب ڇپرايو.

ج:     ڪيترا ڪم آءُ اڪيلي سر ڪري سگهان ٿو؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مان وٽ وڏو ذخيرو آهي، هن لحاظ سان ته منهنجو ڏاڏو به ڳائيندو هو (ڳائيندو هن لحاظ کان نه هو ته ڪو پيشه ور ڳائڻو هو. پر مطلب شوقيه ڳائيندو هو). بابو مرحوم بهترين ڳائيندڙ هو. منهنجو چاچو پير نورالحق شاهه سٺو ڳائيندو هو. ڪافيون ۽ بياض وغيرهه جو ذخيرو ان زماني کان اسان جي گهر ۾ تمام گهڻو هو ۽ اڃا تائين آهي. ڪيترا بياض گم ٿي ويا آهن، ۽ بهرحال ڪجهه آهن. اسان جي خاندان ۾ گهڻا شاعر ٿي گذريا آهن. جتي اهڙي ثقافتي فضا هوندي آهي، اُتي اهڙا علمي بياض به هوندا آهن.

        اسان جي خاندان، يعني پير پاڳاري جي خاندان جي ڪافين جا جيڪي سر آهن، سي منفرد آهن. اُهي لوور سنڌ جي سرن کان مختلف آهن. مثلاً اپر سنڌ جا جيڪي سر آهن، سي جدا آهن، پر انهن ۾ به اسان جي خاندان جا سر البت مختلف به ۽ منفرد به آهن. تنهن ڪري ڪافين جو تصور، ڪافين جا سر وغيرهه اهي به هر هڪ درگاهه يا سلسلي جي لحاظ کان علحدهه علحدهه آهن. مثلاً ڪنڊڙيءَ وارن جو فڪر ئي الڳ آهي. رکيل شاهه جي سلسلي جي ڳائڻ جو اندازو به الڳ آهي. سچل جي ميلي تي تازو مون چيو هو ته شاهه لطيف پنهنجي فن ۽ فڪر جي لحاظ سان هڪ مخصوص شخصيت آهي، پر سچل جو باقاعدهه سلسلو آهي. يعني سچل کان شروع ڪندا ته ويندي فتح پور تائين پهچندا، پر شاهه جو سلسلو ائين ناهي. سچل جو پيغام، سلسلو وغيرهه طويل ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي.

س:    هينئر سنڌي راڳ انگريزي طريقي واري جي باري ۾ راءِ ڇا آهي؟

ج:     آءُ خلاف آهيان، انگريزي راڳ جي ڪري ايراني ۽ افغاني راڳ به خراب ٿيو آهي. سينيمائن جي ڪري به راڳ خراب ٿيو آهي. تڏهن به سنڌي ۽ هندي راڳ شاندار آهي.

س:    ان جو مطلب اهو نه آهي ته جديديت جي خلاف آهيو؟

ج:     قومن جون ڪي روايتون ۽ مخصوص عادتون ٿينديون آهن. ان ۾ هر قسم جي اصليت ٿيندي آهي، جنهن ۾ جديديت شامل ڪندو ته اصليت به ويندي هلي. جيئن امداد حسينيءَ چيو ته هائڪو جپاني آهي، ان جو نالو مون ٽيڙو رکيو آهي. ليڪن جپاني معاشرو جدا آهي. جپان جي تهذيب جدا آهي. مارئي جپان ۾ نه ٿي اچي سگهي. آزاد نظم بلڪل غلط آهي. جن ايجاد ڪئي جهڙوڪ ن.م راشد وارن، اهي ختم ٿي ويا. اها هميشہ لاءِ نه آهي. پر اها ذهني انتشار جو نشان آهي. ساڳئي نموني تجريدي آرٽ (Abstract Art) آهي. اهي ٻئي شيون سمجهه لائق نه آهن.

س:    ڀڳت جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

ج:     ڀڳت جو علمبردار ڀڳت ڪنور رام هو، جيڪو خود وڏو انسان دوست به هو. ان کان پوءِ ڀڳت ختم ٿي. فن جي لحاظ کان ان جو موت وڏو حادثو هو.

س:    پراڻي زماني ۾ ناٽڪ منڊليون هيون، انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

ج:     ان وقت شهرن ۾ ناٽڪ ٿيندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ گهٽ ٿيندا هئا. شڪارپور ان جو مرڪز هو. آغا صوفيءَ وارا ناٽڪ رچائيندا هئا. پر انهن جو ٻهراڙين ۾ گهٽ اثر هوندو هو. مون پهريون ناٽڪ 1925ع ۾ ڏٺو. ڪراچيءَ واري ڪيپيٽل سينيما ۾، جتي ان وقت ٿيٽر هو.

س:    توهان ڪڏهن باقاعدهه ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ رهيا؟

ج:     بلڪل، ڪانگريس ۾ رهيس ۽ مسلم ليگ ۾ به. 1940ع ۾ قائداعظم خود مون کي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ جي چئن سيٽن ۾ نامزد ڪيو.

س:    توهان سڀ کان اول ڪهڙي مقبري تي تحقيق ڪئي؟

ج:     باوجود مسڪين هئڻ جي قدرت ايتري مهرباني ڪئي آهي، جو مشرق جي سڀني مشاهيرن جون قبرون ۽ مقبرا ڏٺا اٿم.

س:    سير سفر جي لحاظ کان ڪٿي ويا آهيو؟

ج:     مشرقي ملڪن کي ڪافي ڏٺو اٿم.

س:    ادب ۾ فحاشيءَ جي باري ۾ راءِ؟

ج:     اهو رڳو سنڌي ادب جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي. جنسيات منهنجي راءِ ۾ طبي مسئلو آهي. ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو ته اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون. هاڻي ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪولي سطح کان ٻارن کي جنسيات جي تعليم ڏني پئي وڃي.

س:    سنڌي سماج ۾ ڪيتري حد مقرر ڪرڻ کپي؟

ج:     هر قوم کي بنيادي حدون ٿين ٿيون. هڪ دائرو وڏيرن ۽ پيرن جو آهي. جنهن ۾ ٻاهران پرديداري آهي، پر جڏهن اها هٽي ٿي ته ان تي اعتراض ٿئي ٿو، جنهن کي فحش سڏين ٿا. حقيقت ۾ اها فحاشي نه آهي، پر حقيقت آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ، سٺو اثر ڪري ٿو. جيئن نورالهديٰ شاهه لکي ٿي. اهي حقيقتون آهن، پر ڪجهه احتياط ڪرڻ کپي. هڪ اهڙي شيءِ جنهن مان اثر وٺي عمل ڪجي. ٻيو اهو آهي، جنهن ۾ بغاوت ٿئي، ساڳي ڳالهه ٿوري ڌيمي نموني ڪرڻ سان ڪري سگهجي ٿي. اهو ردعمل آهي.

س:    سنڌي ٻوليءَ جو ڪراچيءَ ۾ آئيندي جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟

ج:     تمام سٺو آهي. جيڪڏهن سنڌي نالو آهي: سنڌ جي تاريخ جو، لباس جو، ٻوليءَ جو ته پوءِ اهو ڪم هتي بهتر آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي کان وڌيڪ شاگرد آهن.

س:    ٻوليءَ سان جيڪو معاشي مسئلو منسلڪ آهي، ان لاءِ راءِ.

ج:     اردو مان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي. سربراهي سنڌي ٻوليءَ جي رهندي، سنڌ ڪلچر کي ڪو به خطرو نه آهي. اقتصادي طور تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي مهاجرن تي اثر پيو آهي. هو خود سنڌيءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. توهان رڳو نعرن ۾ رهجي ويندؤ، ان ڪري نوجوانن کي گڏجي پنهنجي پنهنجي مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ کپي. باقي خان محمد رڳو پيو علاج ڪرائيندو، اهو خيال توهان کي دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ کپي ته سنڌ فقط توهان جي آهي، اهو غلط آهي. ان ڪري اردو وارن کي به پنهنجو ڪيو. انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي. ويندي رئيس امروهوي کان به سنڌ لاءِ ڪم ڪرايو.

س:    شاعري وقت توهان جو تصور؟

ج:     ڪو به نه صرف خيالي تصور.

س:    توهان جي شاعري محفوظ آهي؟

ج:     نه افسانه اخبارن ۾ ڪجهه هجن. مضمون البته ڪجهه گڏ ٿيا آهن. جي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ڇپجن پيا.

س:    تنقيد جي باري ۾ راءِ؟

ج:     تنقيد، انگريزي، جرمن وغيرهه مان سڌي طرح فائدو ڪونه ورتو ويو آهي. البته سنڌي ادبي سنگت جا ڪلاس به هڪ سٺي شيءِ آهي. جڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ تي آءُ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي زماني ۾ هوس، اسان فيصلو ڪيو ته دنيا جي بهترين استادن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ گهرائي نوجوان تيار ڪجن، انجنيئر گهرائي پليون ٺهرائي سگهجن ٿيون ته ٻاهرين استادن کان قوم جو ذهن ڇو نه تيار ڪرائجي؟ پر ان تي اعتراض ٿيو ته اسان جي نوڪرين تي اهي ”ٻاهريان“ قبضو ڪندا، پوءِ اهو خيال لاٿو ويو. حالانڪ هاڻي به آمريڪا توڙي ايران جهڙن ملڪن ۾ ٻاهرين ملڪن مان استاد گهرايا وڃن ٿا.

س:    سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي صنف پسند آهي؟

ج:     ڪافي ۽ ڏوهيڙو.

س:    پسنديده شعرن جو ڪو بياض تيار ڪيو.

ج:     ها. انهن مان پسنديده شعر هي آهن.

(1)     انهن وهن وٽان لڏ، جنهن جو ناهه منهن ملير ڏي

اها ڇانگ ئي ڇڏ، جيڪا ڌڻ کان ڌار هلي.

(2)    مينهن وسندي سومرا اڄ پڻ پور پيا

پکا پنهوارن جا سي مون ياد ڪيا

ڏٺي گهڻا ڏينهڙا مون ٿريچن ٿيا

وسري تا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهه کان.

س:    ايران ۾ توهان جي ياد ۾ يادگار پٿر لڳايل آهن. اتان جي يونيورسٽين ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ڏني، اتي سنڌي ادب تي ڪم ٿيو آهي؟

ج:     انهن جيڪو شناسي جو مظاهرو ڪيو ته کين نقصان پهتو. پنهنجي پسگردائي جي ملڪن مان فائدو نه ورتو. بلڪ يورپ جي اثر قبول ڪيو. نتيجي ۾ تهذيب کي نقصان پهتو.

 

 

س:    تهذيب، فڪر ۽ علم لاءِ راءِ.

ج:     علم، تهذيب ۽ فڪر محدود دائرن ۾ رهي حاصل نه ڪبو آهي. هر تهذيب ۾ خاميون ۽ خوبيون آهن. اسان جا ماڻهو ناني ويڙهو ٺاهي رهن ٿا. ان ڪري انهن جو ماحول به محدود رهي ٿو. چڱيون شيون حاصل نه ٿا ڪن. ان ڪري سڀن سان ملڻ ۽ سکڻ کپي. مون سير ۽ سفر ۾ هر قوم جي اٿڻ وهڻ ۽ گفتگو مان پرايو آهي.

        پاڪستان ٺهڻ وقت انجمن ترقي اردو ٺهي ته مولوي عبدالحق سان سنگت هئي. اتي روزانو آل انڊيا ليول جي ايندڙ ماڻهن سان ملندو رهيس. ان کان علاوهه بين الااقوامي ادارن ۽ ملڪن جي ڏسڻ سان مون گهڻو پرايو. ايران، برصغير مان صرف ٻن ڄڻن کي اعزازي ڊگري ڏني. هڪ ڊاڪٽر تاراچند ۽ ٻيو آءُ هوس. دنيا مان صرف اٺ ڄڻا هئا. جيڪي ايرانالاجسٽ هئا. سنڌ يونيورسٽي ٺهراءُ پاس ڪيو ته مون کي ڊاڪٽوريٽ ڏجي پوءِ مصلحت سبب عمل نه ڪيو ويو.

س:    ٻاهر دنيا ۾ سنڌ تي مواد ڪٿي آهي؟

ج:     سڄي دنيا ۾ آهي. خاص ڪري انگلينڊ ۾ تمام گهڻو مواد آهي.

س:    ميرپور بٺوري جي لئبريري ۾ سئو کن اخبارن جا فائيل آهن، اهي ڪيئن محفوظ ڪجن؟

ج:     پيسا خرچ ڪيو. هر حالت ۾ ضرور وٺجي. پيسو ڪا شيءِ نه آهي اهي شيون قومن جو سرمايو آهن. اسان وٽ پيسي جي کوٽ نه آهي. رڳو همت جي ضرورت آهي. هر شيءِ لاءِ پيسو آهي، پر ڪتاب لاءِ نه آهي؟ ان ڪري اهي ذخيرا تباهه ٿي ويندا.

س:    توهان جي تحقيق ۾ اردو زبان سنڌ جي پيداوار آهي.

ج:     بلڪل صحيح آهي. حقيقت ۾ چيو وڃي ٿو ته اردو مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي، مقامي ماڻهن ۾ زبانن جا ماڻهو گڏ اٿيا ويٺا ته اردو زبان ٺهي. اهو اصول قبول آهي ته پوءِ مسلمان پهرين هتي آيا. ٻيا ان جا پيچرا هتي ملن ٿا. جيئن سرائڪي زبان، اها اردو جي ابتدائي صورت آهي. گجراتي، اها صرف سنڌ، گجرات ۽ بهاول پور ۾ استعمال ٿي. پر ملڪيت ٻاهر جي ڀلي ٻاهر آهي.

س:    فوٽو گرافي سان شوق ڪڏهن کان آهي؟

ج:     ڇهن پيڙهين کان آهي. انهن کي محفوظ تڏهن ڪجي، جڏهن ڪو قومي ادارو هجي هزارين فوٽو آهن، ڪير سنڀالي؟ اهڙا فوٽو سنڌ جي ڪيترن بزرگن وٽ به آهن.

س:    اهي شيون تباهه نه ٿينديون، سنڌالاجي کي ڇو نه ٿا ڏيو؟

ج:     نه، اهي محفوظ آهن. مرڻ کان پوءِ هونئن ئي سنڌالاجي کي ملنديون.

س:    توهان اهڙي وصيت ڪئي آهي؟

ج:     ها، مون حسين شاهه راشديءَ کي چئي ڇڏيو آهي.

س:    هيءَ وصيت سمجهڻ کپي؟

ج:     ها، اها حسين شاهه کي خبر آهي. ڏاڏا پير شاهه جي نالي ڪارنر اتي ٺهرائي اٿئون. هينئر به جيڪي ڪم مان ڪتاب نڪرندا آهن، اهي سنڌالاجي کي موڪليندا آهيون، منهنجي دلچسپي سنڌالاجي سان آهي، ڇو ته اها سنڌ يونيورسٽيءَ سان شامل آهي. نيٺ ته درست ٿيندي، اهي ادارا نيٺ ته ٺهندا.

س:    ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لاءِ راءِ؟

ج:     گهڻي خبر نه آهي پر چڱو ادارو آهي.

س:    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت!

ج:     سگا کي ڪلارڪي ذهنيت جي بجاءِ آزاد ذهن جي ترتيب ڪرڻ گهرجي. هونئن سٺو ادارو آهي. چڱو ڪم ڪري ٿي. البته ڪامورڪي ذهنيت کان ٿورو خوف آهي. سنگت تمام سٺو ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو.

س:    سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ، تاريخ تي ڪو ڪم ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو؟

ج:     ڪراچي يونيورسٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هڪ پروفيسر رئوف سنڌ جي ساهوران، ناگن، بلائن تي سڄي پگهار خرچ ڪري وڏي ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.

        سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن کي سوچڻ کپي ته گذريل دور ۾ يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڪيترو هنن نقصان سٺو آهي. ان جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. اهو قومي سانحو آهي ان ڪري. هاڻي سنجيدهه ٿي پڙهڻ پروڙڻ، تحقيق، تخليق لاءِ ڪم ڪري، ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي.

س:    کاڌي ۾ پسنديده جون شيون؟

ج:     کاڌي ۾ شوروو ۽ ماني وڻندي آهي. پر گوشت ۽ ڪباب به وڻندو آهي.

س:    پوشاڪ؟

ج:     انگريزي پوشاڪ. جڏهن به انگريزي پوشاڪ ۾ ڏسو ته سمجهو ته تندرست آهيان. جڏهن سلوار قميص پائيندو آهيان ته سستي محسوس ڪندو آهيان. لکڻ وقت به انگريزي لباس پائيندو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org