ٻه اکر
[حڪيم محمد احسن جي ڪتاب ”پرين جي پار“ مطبوعه سال 1961ع لاءِ
لکيل ٻه اکر]
حضرت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن هو.
سندس قلم سنڌيءَ جي جهوليءَ کي ايترن ماڻڪن ۽
موتين سان، اهڙن جوهرن ۽ جواهرن سان ڀرپور ڪري
ڇڏيو، جو سندس بخشيل اَملهه ماڻڪ اڄ به پنهنجي آب
تاب، چمڪ ۽ چانڊوڪيءَ سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي
محفل ۾ جهرمر لايون ۽ رنگ رچايون بيٺا آهن. منهنجو
محب دوست، حڪيم محمد احسن سنڌي ثقافت جي انهيءَ ئي
مُرَبيءَ ۽ محسن جو فرزند رشيد آهي. فرزند رشيد
هِنَ ڪري نه ته هُنَ پنهنجي والد جي طبي سجادي کي
سينگاريو آهي، بلڪ رشيد ترين فرزند ارجمند هن ڪري
ته هو سنڌي ادب جي خدمت گذاريءَ ۾ پڻ پنهنجي والد
مرحوم ۽ مغفور جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿي رهيو
آهي.
ايندڙ صفحن ۾ جيڪو ڪتاب پيش ڪيو وڃي ٿو سو بقول شاعر درحقيقت؛-
افسانه آن شبي کہ با يار گذشت
آهي، يعني مستعار زندگيءَ جي انهن چند راتين ۽ ڏينهن جي سرگذشت
آهي، جيڪي حڪيم محمد احسن حج جي دوران ۾ مٺي مير
مدنيءَ جي ملڪ ۾ گذاريا، جنهن پياري پيغمبر جي
سيرت پاڪ تي حڪيم محمد احسن جي والد ”حيات النبي“
جهڙو دل وڻندڙ ڪتاب لکيو، جنهن جي سِٽ سٽ، جملي
جملي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته اکر اکر مان محبت
سَندو وَاس پيو اچي ۽ غشق وارو چَسُ ۽ رَسُ پيو
حاصل ٿئي.
پرين جي پار، جي هيءَ ڪهاڻي هونءَ ئي پنهنجي ليکي لَکُ لهي،
ليڪن لکندڙ جي لکڻيءَ، جملن جي جوڙجڪ، زبان جي
سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ويتر
منجهس جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو آهي. سفر جي تصوير
لکندڙ اهڙيءَ ريت چِٽي آهي جو پڙهندڙ ائين پيو
سمجهي، ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ سونهاري سفر ۾ ساڻس هم
سفر هو. سچل چوي ٿو:-
هوءَ جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اچي هاڻي،
تنهن، آرياڻي آڻي، ڄڻ مون سان اڄ ملائيو.
اهو ئي حال هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو، گويا پرهندڙ پاڻ پرين
جو پار گهمي اچي ٿو. لکڻ جي قدرت ۽ لکڻ جو ڪمال
اهو ئي آهي، جو لکندڙ پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ
کنيو هلي. اها وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا حڪيم
محمد احسن هن ڪتاب ۾ حاصل ڪئي آهي.
ڪراچي حسام الدين راشدي
30 مارچ 1961ع
پيش لفظ
[شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پير حسام الدين راشدي تمام گهٽ لکيو،
ليڪن جو ڪجهه لکيائين ان کي علمي حلقن ۾ وڏي وقعت
حاصل ٿي. پير صاحب هي لکت مولانا دين محمد وفائي
مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ مطبع
1962ع ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. ورندي سال 1963ع ۾
بمبئي جي رسالي ”ڪونج“ سنڌ نمبر ڪڍيو ۽ ساڳي تحرير
”شاه جي حڪمت“ عنوان سان ان ۾ به شايع ٿي. هن لکت
مان ڪجهه ٽڪرا اي. جي. اتم پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب
”شاهه سچل سامي“ 1982ع ۾ پڻ شامل ڪيا آهن. ياد رهي
ته اتم هي ڪتاب، راشدي صاحب جي نالي منسوب ڪيو
آهي]
سوارهه دي بگذشتي و ماهنوز از شوق
نهادهه روءِ بخاک سم سمند تو ايم
نهال عمر، زباد اجل، فتادههه ازپائي
هنوز ما بهواي، قد بلند تو ايم
1949ع جا پويان پساهه هئا ۽ 1950ع جي اچڻ ۾ ڀانيان ڪا پهر پاڇي
جي دير هئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، سنڌ جي
عظيم شاعر شاهه لطيف تي هڪ ڪتاب پورو ڪري، ٻيو هٿ
۾ کڻي چڪو هو. ڳالهيون ته پيون هلنديون هيون پر
اهو تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هو ته ڪهڙو ڪتاب لکي
چڪو آهي ۽ ڪهڙو رٿا هيٺ اٿس. جڏهن ملي تڏهن ڇڙو
ايترو چوي، سو به هميشہ جي عادت مطابق مخصوص انداز
۾ وڏو ٽهڪ ڏيئي:
”ترس! پاڻهي هڪ ڏينهن ڏسندين.“
اهو ئي زمانو هو جو مولانا، نئين ڇاپي لاءِ ”الهام الباري“ جي
تصحيح شروع ڪري ڏني هئي ۽ سنڌ جي قديم مشاهيرن تي
پڻ هڪ جامع تذڪرو تيار ڪري رهيو هو. گويا اهي هئا
چار علمي ڪم، جن مان ٻه معلوم ۽ ٻه نامعلوم.
لطف اللطيف – جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو، پريس ۾ هو. پهرين جز
جو پروف مولانا پاڻ پڙهي چڪو هو(1).
سنڌي مشاهيرن جي تذڪري جي تڪميل عنقريب ٿيڻ تي
هئي. ”الهام الباري“ وفات کان اڳئين ڏينهن جي شام
تي ثاني ڪندي سندس هٿ ۾ ڏٺم. باقي رهيو شاهه لطيف
تي سندس ٻيو ڪتاب، انهيءَ جو هڪ نامڪمل فقرو سندس
ڪَتُ مان نڪتل ئي هو جو قضا جي قلم جو وهڻ وهي
ويو. يعني اجل جا چوبدار پرين سندي پار جو پروانو
کڻي اچي مٿانئس بيٺا. مولانا سڀئي ڪم ڇڏي، بوڇڻ
ڪلهي تي رکي، الله تو آهر چئي رب ڏانهن راهي ٿيو.
لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌراڙ
نڪا ڪوڪ ڪنڌين ۾، نڪا تڙ تنوار
ويچارا پنهوار، کِلندي رات کڻي ويا.
اتي ڀلا ڪنهن جي مجال هئي! ڪنهن دوست يار جي هلندي پڄندي هجي
ها، ڪنهن جو هٿ پير هلي سهي ها، چَئُه اک جو ڪو
چارو چلي ها ته هوند سندس دامن جا چار ئي پَلَو
جهلي بيهون ها ليڪن:
دل شد مجاور، آنجاکه جامي
هذا فراقُ بيني و بينک
شاهه عبداللطيف رخه متعلق اهو پويون ڪتاب ”شاهه جو مطالعو“ جيڪو
اڄ پورن يارهن سالن بعد مرحوم جو جوان سال جوان
همت فرزند علي نواز وفائي، ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن
اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته هر
سنڌي ۽ لعل لطيف سان دلچسپي رکندڙ هي محب وطن، سنڌ
جي انهيءَ پخته ڪار اهل قلم ۽ دانشمند مؤرخ جي هن
آخري سوکڙيءَ ۽ پوئينءَ پيشڪش کي ساهه سان
سانڍيندو.
لڏي ويا جي لوءِ، مون کي اُن کي جي پٽين وڃڻ پيو،
ڪو ڪو ڳُڻ قريب جو، من انگين اڙيو هوءِ،
هل ته پسون هوءِ، جي آهن ڍنگو ڍُهيل پرين جا.
جيئن هڪ مؤرخ جي تصنيف پنهنجي دور جي تصوير ٿئي ٿي، تيئن هڪ سچي
۽ صحيح شاعر جو ڪلام پڻ پنهنجي عهد جو آئينو ٿئي
ٿو. فرق فقط هيترو آهي ته مؤرخ سوچي سمجهي، ٺهي
ٺڪي، رٿي پهي ۽ گهڻو ڪري مصنوعي ۽ خارجي محرڪات جي
تحت پنهنجي تاريخ کي تيار ڪري ٿو، ۽ شاعر سواءِ
ڪنهن نسبت ۽ سبب خاص جي، سواءِ ڪنهن زور بار يا
خارجي اثر ۽ اقتدار جي، پنهنجي ماحول جي سچيءَ
پچيءَ هليءَ چليءَ کان، اٿي ويٺيءَ کان، ٿيندڙ حق
يا ناحق کان، هلندڙ طور طريقي، دستور خواهه ريت
رسم کان، محض پنهنجي دل جي گهُر تي ۽ محض پنهنجي
ذاتي مشاهدي تي فطري طرح متاثر ٿي، ڪلام ۾ اُهي
اُهي واقعات شعوري يا غير شعوري طرح آڻي ڇڏي ٿو،
جو سندس سڄي عهد جي گويا سچي پچي تصوير چٽي وڃي
ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مؤرخ جي لکڻيءَ تي ڏهه دفعا
سوچ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ۽ شاعر جي ڪلام مان جيڪي
تاريخي ۽ تمدني نڪتا هٿ اچن ٿا اهي گهڻو ڪري قابل
قبول ٿيندا آهن. تنهن ڪري ئي جڏهن ڪنهن به خاص دور
جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوي ٿو، ان وقت
نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ
لازمي، بلڪه از حد ضروري ٿيو پوي ٿو.
سونهاريءَ سنڌ جي سدا بهار شاعر، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ٻارهينءَ
صدي هجريءَ واريءَ سنڌ متعلق، تاريخي، تمدني ۽
جغرافيائي مواد ايترو گهڻو ملي ٿو، جو جيڪڏهن ان
کي منجهانئس ويهي سوئجي ته هوند سنڌ جي انهن سَوَ
ورهن جي تصوير گهڻيءَ حد تائين پنهنجي سچيءَ پچيءَ
صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي وڃي. ليڪن افسوس آهي جو
انهيءَ قسم جي مواد کي شاهه جي رسالي سان گڏ ڪرڻ
يا خصوصاً انهيءَ نقطه نگاهه سان رسالي کي ڏسي، ان
مان مسالي ڪڍڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪنهن به سنڌيءَ
ڪانه ڪئي آهي(1)،
بلڪ شاهه جي زماني جو پس منظر پهريون دفعو جنهن
ماڻهوءَ ڏنو، اهو مغربي عالم سورلي هو. جنهن به
پنهنجي مواد ۽ خود شاهه جي ڪلام کي نه، بلڪ خارجي
ذريعن کي اختيار ۽ استعمال ڪيو.
شاهه جي هم وطنن مان مرحوم مولانا دين محمد وفائي پهريون بزرگ
آهي، جنهن خالص تاريخي ۽ تمدني نقطه نگاهه سان
رسالي جو مطالعو ڪري، هڪ مستقل ڪتاب جو بنياد وڌو،
جنهن جو نالو، مرحوم پاڻ ئي ”شاهه جي رسالي جو
مطالعو“ رکي ويو. اهو خيال به، خدا بخشي، مرحوم کي
غالباً انهيءَ ڪري آيو جو سندس ذهن ۽ فڪر، ٻئي
تاريخي سانچي ۾ ٺهي تيار ٿيا هئا.
ڪتاب ۾ جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، مولانا سڀ کان پهريان مختصر طرح
”شاهه جي سنڌ“ جو سياسي پس منظر آڻي ان ۾ شاهه جو
جيڪي حصو آهي، ان کي ان جي ئي ڪلام مان ڏيکارڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه مُکُ ڳالهيون هي
آهن.
1- ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڏاڍيءَ ڪشمڪش ۾
مبتلا هئي، مغلن جي غلاميءَ جو ڳچيءَ مان ڳٽ نڪتو
ئي مس، هتان جي مقامي خاندان سنڌ جي سربراهي ڪندي
آزادي ورتي ئي هئي جو مٿان اچي نادر نمودار ٿيو،
ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارن اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو.
هڪ دفعو نه بلڪل بار بار، گهران رسن تي سڌو سنڌ ۾
انهيءَ ڪري ته وڏن چيو:
جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!
بهرحال، غيرن جي غلاميءَ ۽ ڌارين پي درپي ڏکوئيندڙ ڏاڍاين، شاهه
جي ذهن کي اذيت پهچائي ۽ هن، انهيءَ هاڃي کان
متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ مختلف پيراين ۽ پهلوئن سان
”ڏيرن جي ڏاڍ“ خلاف جهاد جوٽيو ۽ مسلسل غلاميءَ ۾
رهڻ سبب، وطن سان محبت ۽ پنهنجي گرد و پيش سان
وفادار رهڻ جو احساس، جيڪو صدين کان ستل هو، ان کي
جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڪوشش ڪيائين، جيئن سنڌين کي
پنهنجي سماجي روايتن، ريتن ۽ رسمن سان پريت پيدا
ٿئي ۽ غلامي سبب سنڌي سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي جيڪي
ڌاريا ۽ مصنوعي اثر پيا هئا، انهن جا داغ ڌوئي
اسان جي پوتيءَ ۽ پيراهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري.
2- سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڪشمڪش ۽ تعصب ڏاڍو گهڻو پيدا
ٿي پيو هو، حضرت مخدوم محمد هاشم عليه رحمه جي سخت
گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالم سڳورن جو هڪ اهڙو
طبقو تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تبليغ اسلام لاءِ
گهڻي حد تائين تشدد آميز بلڪ غير اسلامي انداز
اختيار ڪيا هئا، جيڪڏهن ڪنهن غير مسلم جي واتان
الله، محمد ۽ رسول جو لفظ نڪرندو هو ته ورُ ڏئي
ان کي حلقئه اسلام ۾ داخل فرمائي، يعني مروجه
مخصوص محاوري مطابق ”مشرف به اسلام“ ڪري، پنهنجا
”تبليغي“ فرائض بجا آڻيندا هئا. انهيءَ جو لازمي
نتيجو اهو نڪتو جو سندن طور ۽ طريقي ۽ انهيءَ لفظي
ڦند ۽ ڦير غير مسلمانن کي ڏاڍو هول ۽ حراس ۾ وجهي
ڇڏيو. اهي پاڪ نالا وٺڻ ته درڪنار ۽ بجاءِ خود
رهيا، هنن پنهنجي چوٽيءَ ۽ ڌوتي جو خير ۽ تحفظ ان
۾ سمجهيو ته مرڳو اهي اکر اچارڻ ئي ڇڏي ڏين جن مان
خطري جو امڪان هجي. چناچه ٻين لفظن سان گڏ رسو،
چوڻ هنن انهيءَ ڪري ڇڏي ڏنو هو، جيئن دين جا مبلغ
ان ۾ ”ل“ پنهنجي طرفان وجهي ”رسول“ بڻائي ڪو ممڻ
نه مچائي وجهن. لسان الغيب حضرت حافظ جي چواڻيءَ
ظاهر اکين کي اها خبر ڪانه هئي ته:
همہ کس طالب يا رَند، چہ هشيار وچہ مست
همہ جا خانہ عشق است، چہ مسجد چہ گشت
نا اميدم مکن از سابقه لطف ازل
توچه داني کہ پس پردهه، کہ خوبست وکہ زَشت
اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اڍائي سون سالن
(1)،
جي مسلسل تسلط سبب ذهني طرح سنڌ ۾ تنزل ۽ پستي اچي
چڪي هئي. آزاد ماحول ۾ دلين اندر جيڪا وسعت، قلب ۾
جيڪا ويڪرائي ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي، فڪر ۽ نظم، علم
خواهه عمل جا بلندي ۽ جز رسي، گهرائي ۽ گنڀيرتائي،
حقيقت پسندي يا دور رسي ٿيندي آهي، سا سڀ ختم ٿي
وئي هئي، تنهن ڪري رواداريءَ، برادريءَ
پاڙيسرائيءَ يا هموطني ءَ جا جيڪي انساني ننگ
خواهه اسلامي انگ، هڪ آزاد قوم ۾ ٿيڻ کپن، اهي سڀ
هتان نڪري چڪا هئا، ۽ اهو سڄو خلم هو انهيءَ احساس
ڪمتريءَ جو ٻاريل، جيڪا غلاميءَ جي ذلت ۽ پستيءَ
جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري غلام قوم جا
افراد پنهنجي انهيءَ احساس کي مٽائڻ خاطر، هڪ غير
فطري برتريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مصنوعي ريتون ۽
رستا پيدا ڪندا آهن. جن مان هڪ طريقو اهو پڻ آهي
ته مذهبي فروعات تي خواه مخواهه زور ڏجي، مناظري
بازي ڪري هڪ ٻئي مٿان سبقت ۽ برتري حاصل ڪجي، دين
۾ غير ضروري نمائش ڪري مذهب کان زيادهه پنهنجي
ذاتي پاڪائي ۽ بزرگي جتائجي ۽ قطعي غير اسلامي
طريقن جي وسيلي انسانن کي هڪ مذهب جي دائري مان
زوريءَ گِهلي ٻئي مذهب ۾ داخل ڪري ان تي بگل باجا
وڄائي، پنهنجي پدار کي آسودگي پهچائجي.
ملڪ اندر انهيءَ ڏڦيڙ وجهندڙ ۽ دلين جهڙي مٺي ۽ پياري دنيا ۾
ايتري ويڇي وجهندڙ پاليسيءَ، شاهه جهڙي صاف باطن
صوفيءَ ۽ درد ڀري دل رکندڙ انسان کي سخت متاثر
ڪيو. شاهه گهريو ٿي ته:
کفر کافر را و دين ديندار را
ذرهه دردِ دل عطار را
سو هن پنهنجي ڪلام اندر مکڻ، ماکيءَ ۽ مصريءَ جي انهيءَ حد
تائين پالوٽ ڪري ڇڏي جو ترشيءَ، تلخيءَ، تنديءَ، ۽
تيزيءَ جو جيڪو ڊوز غير مسلمان پنهنجي هم وطن
ڀائرن هٿان چکي چڪا هئا، اهو يڪلخت مٺ ۽ ميٺاج ۾
بدلجي ويو. ان جي شيرينيءَ سڀني کي ايتري قدر
کنڊون ۽ کير پياري ڇڏيا، جو مولانا جي قول مطابق:
”هندن کي، جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو
هو سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۽
سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا، ويدانت جي رنگ ۾
هندن واتان اسلام جون ڳالهيون چورايون ويون، جو
هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ
هندوءَ کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن..... الله
جي هيڪڙائي ۽ رسول جي رسالت جي قبوليت ۽ قرآن شريف
جون آيتون شاهه صاحب، هندن جي واتان ان ريت چورائي
ٿو، جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري.
هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪڏهن
مذهبي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته
جهٽ مٿس، مسلمان هجڻ جي فتويٰ ڏئي، کيس مجبور ڪيو
وڃي ها ته اٿي اسان جي پَر ۾ گڏجي رهه......
صوفيانه رنگ ۾ سن جي هندن کي ان حد تائين پنهنجي
ويجهو آندو، جو هو شاهه صاحب جي ٻوليءَ ۾ اهو
سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کليءَ دل
سان چئي سگهي“(1).
انهيءَ مذهبي منافرت ۽ سختيءَ واريءَ پاليسيءَ مان شاهه کي سنڌي
وحدت جي ٽٽڻ ۽ ملڪي آزاديءَ جي سلب ٿيڻ جو پڻ وڏي
۾ وڏو امڪان، بلڪ جائز خطرو آيو ٿي. کيس اهو ئي
خيال هو ته انهيءَ ڦوٽ ۽ مذهب جي مصنوعي ڏڦيڙ مان
افغاني حمله آورن، جن مغلن جي پڄاڻيءَ بعد ۽ نادر
جي خونخواريءَ کان پوءِ هڪ نئينءَ بلا جي مهندارن
اچي منهن ڪڍيو هو، تن جا پير پختا ٿيندا.
انهيءَ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز، انهيءَ زماني ۾، هونءَ ته
گهڻا ئي هئا، ليڪن سڀني ۾ برک هو ٺٽو. جنهن تي
صدين کان وٺي ڌارين جون هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ
پاليسيون اثرانداز هيون، ۽ ان کان پوءِ هئا
مٽياري، هالا ۽ ملاڪاتيار جا شهر. اهي سڀئي مرڪز
شاهه جي آس پاس هئا، اتي ٿيندڙ ڪارروايون رات
ڏينهن ويٺو ڏسندو ۽ پسندو هو. ازان سواءِ ٺٽي ۾
جتي مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمہ جو اسڪول قائم
هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۾ اڻ ڳاڻو لهرن
هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي ڪهڙي
خيال خاطر ”هاشمي ڪوزا“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ،
شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا
دوست اتي موجود هئا، جن جون دليون نه فقط وسيع ۽
ويڪريون هيون، بلڪ آئيني وانگر اجريون ۽ کير
جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون، جن تي نڪو هو داغ ۽ نڪو
هو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا جيڏو ڪشادو
آهي اسان جي مٺي محمد جو مذهب. انهيءَ شهر ۾ غيرن
سان جيڪو سلوڪ هو سو ته هو ئي، پر خود اتي جي
عالمن سڳورن جو، مذهبي فروعات تي پنهنجو پاڻ ۾
جيڪو جنگ و جدل ۽ مذهب جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو
ٻارڻ ٻريل هو. جنهن اتان ٽڙي پکڙي سڄيءَ سنڌ جي
فضا کي متعفن ڪري ڇڏيو هو، تنهن پڻ شاهه کي نه فقط
وڌيڪ متاثر ڪيو بلڪ مجبور ڪيو ته انهيءَ سموري زهر
لاءِ مٺ محبت، ساز سلوڪ جو ڪو موثر ترياق تيار
ڪري.
هن ڪتاب جو مڪمل خاڪو، مولانا جي ذهن ۾ هو. ڇا لکي ها، ڇا منجهس
آڻي ها، ڪهڙا ڪهڙا نڪتا بيان ڪري ها، مڪمل ڪرڻ
تائين ڪهڙن عنوانن جو اضافو ڪري ها، ازان سواءِ
نظرثاني ڪرڻ وقت ڪهڙيون گهٽ وڌايون ڪري ها؟ ان جي
خبر هڪ ته رهي خود انهيءَ مرحوم کي، ٻي ڄاڻ رهي
ڄاڻڻهار کي. پر جيتري قدر ۽ جيڪي ڪجهه لکي ڇڏي ويو
آهي، اهو نه فقط پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ
غيبي نعمت آهي، ليڪن ان کان وڌ هيءُ ته! انهيءَ
ڪتاب لکڻ سان موجوده ۽ آئنده لکندڙن لاءِ مولانا
هڪ نئون رستو کولي ويو آهي ۽ هڪ نرالي شاهراهه
ڏيکاري ويو آهي.
هن نامڪمل ڪتاب اندر، سياسي پس منظر کان پوءِ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي،
اقتصادي حالت، معيشت، واپار وڙي ۽ مال متاع، کيتي
واڙي، اميري غريبي، سماجي زندگي، رسم ۽ رواج،
قبيلا ۽ وٿاڻ، پکي پرنڀ، سپ بلائون، جهنگلي خواهه
گهريلو جانور، مطلب ته، شاه جي ڪلام مان هر اها
شيءِ مولانا پهرين پنجن فصلن منجهه آندي آهي، جنهن
جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان هو. ڇهون
فصل رسالي جي تدوين ۽ ان جي مخلف نسخن وغيرهه
متعلق آهي. ستون فصل جيڪو نامڪمل رهجي ويو، سو آهي
انهيءَ ڌارئي ڪلام تي جيڪو رسالي اندر گڏجي ويو
آهي. انهيءَ ئي فصل ۾ ڪجهه اڳتي هلي هڪ فقرو اڃا
لکي مس پورو ڪيو هئائين جو اوچتو اچي موت مٿانئس
بيٺو! پو! نه ڇڙو ڪتاب ختم ٿي ويو پر! خود مصنف جي
پنهنجي زندگيءَ جو صحيفو به پڄاڻيءَ تي اچي پهتو!
يعني!
همين سو گئي، داستان کهتي کهتي.
ڪراچي
5 آگسٽ 1961ع حسام الدين راشدي
|