سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 22

 

 

پير حسام الدين راشديءَ سان هڪ ڀرپور انٽرويو

[ هي انٽرويو خان محمد پنهور، شمشير الحيدري، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، طارق عالم ابڙي ۽ محمد قاسم ماڪا ورتو. ۽ ماهوار ” نئون نياپو“ نومبر – ڊسمبر 1980ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب جو ڏنل هي طويل ترين انٽرويو، متعدد ڀيرا ڇپيو آهي ]

س:خانداني حالات کان واقف ڪريو.

ج:لڪياري سادات خاندان ٽڙي پکڙي ڪنگري پهتو، اتان ڀائرن کان جدا ٿي منهنجو ڏاڏو سيد پير شاهه لڏي، ڳوٺ بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آيو. آءُ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون. ننڍپڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پر ذهني پرورش تي حقيقت ۾ مختلف اثر هئا: ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن جا، اٿي ويٺي جا، وغيره. ڪتابن يا درس مان ماڻهو ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي صحبت وغيره مان، انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگي نه ٿي پيدا ٿئي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“ منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي آهي.

س:توهان جو خاندان اڃا تائين پير ڪري ٿو چورائي، پيري مريديءَ جي ان ماحول مان ڪيئن نڪتا؟

ج:اسان جو خاندان اصل ۾ ته پير آهي. اوائلي ڌنڌو ته ”نذر نياز“ وٺڻ هو. پير علي محمد شاهه وڏو هو. وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ خانداني روايتن موجب گاديءَ تي سندس حق هو، پر هن ننڍي ڀاءُ کي گاديءَ تي ويهاريو، ۽ پاڻ پڙهڻ وغيره ۾ مصروف رهيو. پاڻ پيريءَ جي ڌنڌي کي ڇڏي ڏنائين. علي محمد شاهه جي فرزند يعني اسان جي ڏاڏي پير شاهه به زمينداري ڪئي. ان جو فرزند حامد شاهه ٿيو. هن پڻ زمينداري ڪئي. ان جا پٽ اسان آهيون ۽ اسان به ڌنڌو زمينداري اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان جي شاخ مان پيري مريديءَ واري ڌنڌي جي پاڙ پٽجي وئي.

س:پير صاحبن ۽ زميندارن، ٻنهي جو سنڌ جي باري ۾ ڪردار ساڳيو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان جا ڇا خيال آهن ، ته اسان جو نسل ان چڪر مان ڪيئن نڪرندو؟

ج:مان انهن ٻنهي کي مردود ٿو سمجهان. هڪ خاص سازش جي ماتحت سنڌ جي ذهن کي منجهائي مصيبت ۾ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ذهن آزاد هجي ها ته پوءِ انهن کي ڪو به ڪو نه ليکي ها. پير يا زميندار جي بقا تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ جو ماڻهو منجهيل رهي ۽ معذور هجي ۽ سندس هٿ هر وقت ٽنگيل هجي، تنهنڪري هنن هميشه ڪوشش ڪري سنڌ جي ذهن کي مفلوج رکيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان اڄ ڏينهن تائين پيا لوڙيون ۽ سنڌ به ڏوجهرن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڄي ذلت هنن جي پيدا ڪيل آهي.

س:اوهان هڪ سٺي علمي خاندان جي پس منظر سان،ا ڳتي باقاعده تعليم ڇو نه پرائي سگهيا؟

ج:اسان ٻئي ڀائر اسڪولي تعليم پرايون ها، ته اڄ بس ”سگا“ جا ميمبر هجون ها (ٽهڪڙو) اسڪولي ۽ غير اسڪولي تعليم جو مقصد اهو نه ٿيندو آهي. تعليم اها شيءِ آهي جنهن سان رچي ماڻهو تيار ٿئي.

س:ته به اها اوهان جي بزرگن کان ڪيئن سهو ٿي، جو زماني جو علم توهان کي نه ملي سگهيو؟

ج:اڳي تعليم ٻن قسمن جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽ ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، نوڪريءَ جي سلسلي واري تعليم لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ” بابا، ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو ته نوڪري ملي“ اسان کي ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ جي ضرورت ڪا نه هئي. تنهنڪري به اسڪول ۾ ڪو نه وياسين ۽ اسڪول ۾ ان ڪري به نه وياسين، جو ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ڪو اسڪول ڪو نه هو. اسان لاءِ ڏاڏي مرحوم مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ باقاعده تحصيل وارو مولوي صاحب هو، اسان ان مدرسي ۾ ئي پڙهياسين پر پڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي ڀائرن جي رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود آهي. اڳتي جيڪي علم حاصل ڪيو سون سو پنهنجي شوق ۽ جفاڪشيءَ سان.

س:توهان کي خاص طور تي فارسي زبان ۾ درڪ آهي، ته ائين ڪونهي ڪو ته ” فارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري نقطه نظر سان توهان کي ان طرف ڏانهن رغبت ٿي وئي هجي؟

ج:اسان جي ان وقت ۾ جيڪا ثقافت هئي، تنهن ۾ فارسي، عربي ۽ حڪمت اهي ٽي شيون لازمي هيون، حڪومت هن ڪري ضرورت هئي ته جيئن وڏن گهراڻن ۾ پردو هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجي گهر وارن، نياڻين سياڻين جو علاج پاڻ ڪري سگهي يا عام خلق کي دوا درمل ڏئي سگهي. اهو به هڪ وڏي ۾ وڏو جذبو هوندو هو. باقي فارسي تهذيبي طور ۽ عربي مذهبي زبان طور سکي ويندي هئي.

س:حڪمت به اسلامي ڪري چوندا هئا، تنهنڪري خاص طور تي ان جو حصو لازمي هو؟

ج:نه، ان کي مان اسلامي نه ٿو سمجهان، حڪمت هڪ فن  هو، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي گهر وارن جي، پاڙي پنبي جي، ڳوٺ وارن جي مدد ڪري سگهيو پي.

س:عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪو به عالم هوندو هو، گهڻو ڪري اهي نسخا گڏ ڪري، حڪمت سان رغبت ضرور رکندو هو.

ج:حڪمت نصاب جو لازمي جزو هئي ۽ ان جو سبب فقط پردو ۽ عام خلق جي خدمت هئي. اسلامي حڪمت ڪڏهن به نه هئي، بلڪل نه، ڪڏهن به يوناني طب کي ” اسلامي طب“ ڪو نه چيو ويو آهي، هميشه ” يوناني طب“ چيو ويو آهي.

س:يوناني طب ۾ سنڌ جو ڪيترو ڪردار آهي؟

ج:تمام گهڻو، سنڌ جو يوناني طب ۾ وڏو ۽ اهم حصو رهيو آهي، منهنجو هڪڙو مضمون” سنڌ ۾ طب“ جي موضوع تي لکيل آهي. ان موضوع تي ٻين به گهڻن ئي لکيو آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو اٿم. اهو هڪ بهترين مضمون آهي. جيڪڏهن مان پنهنجي زندگيءَ ۾ طب تي ڪو وڻندڙ مضمون پڙهيو آهي، ته اهو آهي، محمد خان ” مخمور“ جو لکيل مضمون، جو ايل ايم سي جي تازه ”لطيف“ ميگرين ۾ ڇپيو آهي.

س:سائين، عام طرح چون ٿا ته طب هتان سنڌ کان وئي آهي، مشرقي ملڪن ڏي، خاص طور تي......

ج:اصل ۾ سنڌ ۽ هند تهذيب جا ٻه قديم مرڪز هئا، جتي طب، فلسفو ۽ ٻيا گهڻا قديم علم هئا، طب به هتي ٿي هئي. بغداد جي عباسي خليفن۽ دمشق ۾ بني اميه خليفن کي جڏهن به ضرورت پي پئي آهي ته هتان سنڌ مان طبيب گهرايا اٿن، جن اتي وڃي سندن علاج ڪيو آهي.

س:اوهان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙي نموني سان ڪئي، ۽ ان ۾ ڇا ڇا ڪيو؟

ج:اوهان کي ٻڌايو اٿم ته اسان جي زمينداري هئي، ان ڪري جيئن هڪ وڏيري جو بيڪار پٽ هڪ کٽ کان ٻي کٽ تائين سڄو وقت فضول ضايع ڪندو آهي. منهنجي پهرين زندگي به انهيءَ نموني سان گذري. پر ڇاڪاڻ ته اسان جي گهرن منجهه علم، شعر و شاعري، حافظ ، مثنوي، شاهه نامه وغيره جو چرچو هو ۽ هر شام جو ڏاڏي مرحوم جي علمي محفل لڳندي هئي. مون تي انهيءَ جو اثر پوندو رهيو. ٻيو ته پير علي محمد شاهه اخبار ڪڍي ”الراشد“ ۽ هن جو اخبار سان گهڻو مشغلو رهندو هو. اصل ۾ مون تي گهڻي ۾ گهڻو اثر علي محمد شاهه جو پيو. هن جي صحبت سبب اخبار نويسيءَ طرف بهمڻ ۾ ئي لاڙو پيدا ٿيو. اخبار ”الراشد“ اُتانئون ڪڍندا هئاسون. پوءِ مان ڀانيان ٿو ته 28، 1929ع ڌاري مان سکر ويس، علي محمد شاهه سان گڏجي سنڌ زميندار اخبار ۾، ۽ پوءِ سکر ۾ اخبار نويسي شروع ڪئي سين، توهان پارن اديبن ساڻ اٿي ويٺي شروع ٿي، ڳوٺاڻي زندگيءَ مان نڪري شهري ماحول ۾ رهائش ٿي.

س:”الراشد“ ڪڏهن جاري ڪيو؟

ج:مان ڀانيان ٿو ته 1925ع ڌاري يا 1926ع ڌاري جاري ٿي.

س:ان زماني ۾ جمعيت الشعرا جو گهڻو زور هو ۽ مشاعرا وغيره ٿيندا هئا ۽ شايد توهان به ڪنهن زماني ۾ شعر چوندا هئا؟

 ج:جمعيت الشعرا جو نالو ان زماني ۾ نه هو، اهو بعد ۾ جڏهن حيدرآبادي اثر پيو، تڏهن نروار ٿيو. اسان واري زماني ۾، لاڙڪاڻي ۾ مشاعرو فقط ميان علي محمد قادري مرحوم وٽ ٿيندو هو. ”الحقيقت“ سندس اخبار هئي ۽ سندس اوطاق علم ادب جو مرڪز هئي. قادري هڪ سٺي علمي فئملي لاڙڪاڻي جي اديبن جي هوندي هئي، جن وٽان اخبار به نڪرندي هئي، مشاعرو به ٿيندو هو.

س:توهان انهن مشاعرن کان هٽي ڪري، ڪيئن ان ٺوس سبجيڪٽ (تاريخ ۽ تحقيق) طرف متوجه ٿيا؟

ج:مون شاعري پيشي طور اختيار ڪو نه ڪئي هئي. مان شعر به چيا ۽ اخبار نويسي به ڪئي  پر ڇاڪاڻ ته ذوق هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو، تنهنڪري لامحاله تاريخ ڏي به توجهه رهيو، بنيادي طرح سان مان افسانه  نويس هئس. سنڌ زميندار اخبار ۽ ٻين اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانه شايع ٿيندا هئا.

س:ڀلا ان مسئلي ۾ هڪ ضمني سوال، ته توهان شاعري وغيره ڪئي. اها ” لوڻي ڦير لپاٽ“ واري ڳالهه ته ڪا نه هئي، جا بعد ۾ ڇڏي ڏنو؟

ج:مان سڄي زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي. اها توهان کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏيان.

س:سائين، پوءِ اها ڪا اهڙي چڱي ڳالهه ته ڪو نه ٿي سمجهي وڃي ته عشق ئي نه ڪجي....

ج:عشق کان علاوه به انسان شريفانه زندگي بسر ڪري سگهي ٿو، مون تي توڙي جو گهڻا ونگ وڌا ويا پر خبر نه آهي ته الائي ڪهڙي سبب يا ٿي سگهي ٿو ته انفيريارٽي ڪامپليڪس جي ڪري مان عشق نه ڪري سگهيس.

س:ان وقت ۾ واهان جي شڪل صورت جيڪا هجڻ کپي، سو اوهان تي به اثر گهڻو پيو هوندو، پر انفيريارٽي ڪامپليڪس ڪيئن ٿيو؟

ج:مان سان معاشقا تمام گهڻا ٿيا، عورتن تي پيرن جو وڏو اثر هوندو هو ۽ اسان جو اچڻ وڃڻ به ماڻهن جي گهرن ۾ بي تحاشا ٿيندو هو ۽ نياڻين سياڻين کي ڏسڻ جو به موقعو ملندو هو، پر طبعيت ۾ ڪميڻپ ڪا نه هئي. نه ته شايد خرابي ڪري وجهان ها.

س:متان گهڻائيءَ جي ڪري، خاص چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي؟

ج:چونڊ جو موقعو ئي ڪو نه آيو (ٽهڪڙو)

س:سائين ! ڪو شعر پنهنجو ياد اٿو؟

ج:شعر ته مون کي ياد ڪونهي ڪو. مون تي گهڻو اثر پيو، لاڙڪاڻي جي شاعرن جو، مرحوم حاجي محمود خادم منهنجو استاد هو. ان کان اصلاح وٺندو هوس. پر مون کي شعر گوئي مان مزو نه ايندو هو. ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ شاعري رڳو لفظن جو ڪرتب هوندو هو، ديوانن مان قافيا ۽ رديف ڪڍندا هئاسين. پوءِ انهن جي حساب سان مضمون جوڙبو هو. ان ڪري اهو طريقو مون کي نه وڻيو ، مزو نه آيو.

س:ان وقت جي ڪجهه شعري، ادبي، صحافتي ماحول بابت ڪجهه اسان کي ٻڌايو.

ج:اهو تمام سادو ماحول هوندو هو. اڄوڪا ڪمپليڪيشنس وغيره، تڏهن ڪو نه هوندا هئا ۽ نه وري اهڙيون پوليٽيڪل حالتون هيون. سڌي سنئين سياست هئي. زمينداري هئي، پيري مريدي هئي. ڪي چڱا مڙس هئا، جي هلائيندا هئا سارو ڪاروبار سياست جو. اخبارن ۾ ڪا به وڏي شيءِ ڪا نه هوندي هئي. جيئن اڄڪلهه آهي. فقط ”ڌيان طلب ڪليڪٽر صاحب“ ۽ ” ڌيان طلب ايس پي صاحب“ هوندو هو. اسان کي جڏهن پيسي جي ضرورت پوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن صوبيدار جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليک ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهو پيسا آڻي ڏيندو هو. ٻئي پرچي ۾ لکندا هئاسين ته جاچ ڪئي سين ۽ ڳالهه صحيح ثابت نه ٿي. تنهن ڪري اسان کي نهايت افسوس آهي، جو اها خبر ڇپجي وئي. مطلب فقط اهو هوندو هو ته پيسا ملن. قريب قريب ان قسم جي صحافت هئي ان زماني ۾.

س:سکر ۾ توهين ڪيترو وقت رهيو؟

ج:سکر ۾ 1928ع کان وٺي ويندي 1937ع تائين.

س:هن وقت سنڌ جي تاريخ تي ٿيل ڪم کان توهين مطمئن آهيو؟

ج:مطمئن ڪو به ماڻهو نه ٿي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته انتها ڪنهن شيءِ جي به ڪانهي. تنهنڪري منهنجو ائين چوڻ ته مان مطمئن آهيان ان ڪم بابت، سو ائين ناهي. اڃا ته فقط ابتدا ئي ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش کي شروعات يا آغاز چئي سگهون ٿا !

س:ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي ڪيتري قدر ڪم ٿيو آهي؟

ج:ٻين صوبن جي بيٽ ۾ اسان گهڻو خوش بخت آهيون. اسان وٽ تاريخ تمام گهڻي آهي. اسان وٽ شرافت آهي، اسان وٽ فضيلت آهي، اسان وٽ روايتون آهن، اسان وٽ ڪتاب گهڻا لکيا ويا آهن. اسان کي هڪڙي قسم جو فڪر آهي، تنهنڪري ٻين جو ته اسان سان مقابلو ڪرڻ ئي غلط آهي.

س:ان وقت ۽ اڄوڪي صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي،ا ن وقت صحافت هڪ مشن يا تحريڪ هئي؟

ج:اخبارون تحريڪ طور ته هلايون وينديون هيو، تحريڪ ان لحاظ سان ته برابر هئي ته ڪي ايڊيٽر خلافت تحريڪ سان هئا، ته ڪي ڪانگريس سان ۽ اخبارون بهرحال تحريڪن سان وابسته هونديون هيون. اڄ مثلن جنگ آهي يا ٻيون ڪي اخبارون آهن، ته اهي ذاتي يا واپاري نقطه نظر جون اخبارون آهن. اڳي ائين نه هو. مثلن زميندار اخبار لاهور جي قومي اخبار هئي. مولانا ظفر علي خان جي اخبار، ذاتي لکڻي چئجي ته هن ڪڍي، پر مقصد سڄو قومي هو ۽ ان منجهان هن خدا جي بندي ذاتي طرح ڪو به فائدو يا منفعت حاصل نه ڪئي ۽ نه وري ملڪيت يا بلڊنگون ئي ٺاهيائين. هاڻي صحافت شخصي ۽ ذاتي آهي. مثلن ڪيتريون اخبارون ڪن خاص ماڻهن جون آهن، اهي ملڪيتون شخصي ۽ ذاتي آهن ۽ انهن کي اهڙي نموني هلايو ٿو وڃي، جنهن مان قومي مقصد جي حاصلات گهٽ ۽ مالي منافعو مالڪن کي زياده ملي. اڳي اها شيءِ نه هئي. ”الوحيد“ جو هميشه سڃ تي سندرو رهيو، ڇڙو قومي درد ۾. ”زميندار“ لاهور لکين رپيا ڏنڊ ۾ ڏنا ۽ جڏهن مولانا فوت ٿيو، ته ڪا به شيءِ سندس گهر منجهان ڪا نه نڪتي، ساڳيو حال ٻين اخبار وارن جو هو.

س:ان وقت جي صحافين جا نالا ٻڌائيندا؟ ڪهڙيون اخبارون نڪرنديون هيون؟

ج:صحافين مان گهڻا نالا ته ياد ناهن پر اثر هڪڙو ته ”زميندار“ اخبار جو هوندو هو، مولانا ظفر علي خان جو اثر هو. ٻي سنجيده ۽ فڪر انگيز اخبار هئي ”انقلاب“ مولانا غلام رسول مهر جي. جنهن حقيقت ۾ فڪري مواد پيدا ڪيو. ان وقت هندوستان جي سياست تي لاهور جي انهن اخبارن جو هولڊ هوندو هو. هتي الوحيد هوندي هئي. سکر مان سنڌ زميندار نڪرندي هئي. مخلص جي اخبار ”مسلمان“ هوندي هئي يا ”الحق“ جي مقامي حيثيت هوندي هئي. الحق قديمي اخبار هئي. اها شايد 1990ع ۾ نڪتي هئي.

س:توهان وٽ پراڻين اخبارن مان ڪجهه فائيل وغيره آهن؟

ج:هڪ به ناهي (خان محمد پنهور ٻڌايو ته هو تازو ميرپور بٺوري ويو هو، جتي ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستاره سنڌ“ ۽ ٻيون ڪافي اخبارون هيون) هجي ڪو مالڪ، ڌڻي سائين سنڌ جو ته انهن کي هٿ ڪري.

س:سائين ! ڀانيو ٿا ته پراڻين اخبارن جا ذخيرا ڪٿي ڪٿي هوندا؟

ج:سنڌ ۾ ته اهو چئو ٿا ته ميرپور بٺوري ۾ آهن. ٻيو، مان ڀانيان ٿو ته جيڪب آباد جي ڪن گهراڻن ۾ شايد ملي وڃن، ٺل ۾ شايد هجن، ممڪن آهي ته اخبارن جي ڪجهه پراڻن شوقينن جي گهرن ۾ هجن، يا ٻي حالت ۾ ، منهنجو اندازو آهي ته انڊيا آفيس لنڊن ۾ ضروري هجڻ کپن. لائبرري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ به انهن جي هجڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن مالڪ هوندو آهي. ڪنهن به شيءِ جو، ۽ پٺيان پوندو آهي، ته هر شيءِ ميسر ٿي سگهي ٿي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جو تجربو آهي، ته جڏهن به ڪو ارادو ڪيو اٿم ته هي ڪم ٿيڻ کپي، ته قدرت اسباب پيدا ڪري ڏنا آهن. فقط ارادو پڪو هجڻ کپي ۽ ان ۾ ايمان هجڻ کپي ته اسباب پاڻ مرادو پيدا ٿي وڃن ٿا پيا. عزم ۽ ارادي اڳيان سڀ شيءِ آسان آهي.

س:انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ توهان ويا آهيو، اتي سنڌ جي تاريخ، يا ادب جي باري ۾ مواد آهي؟

ج:تمام گهڻو مواد آهي. هڪ عرض ڪريان ته سنڌ هن لحاظ کان بي انتها خوش قسمت آهي ، جو جڏهن مسلمانن جو دور هو، تڏهن به سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا ويا، مثلن عربي ۾ لکيا ويا، فارسيءَ ۾ لکيا ويا ۽ جڏهن انگريزن جو وقت آيو ته انهن به سوين ڪتاب سنڌ تي لکيا. علاوه ڇپيل ڪتابن جي يعني جيڪي فائيل آهن. هاڻي فائيل ڪڍيا اٿن ۽ ڊسپلي ڪيا اٿن.ا نهن ۾ سڀ شيءِ موجود آهي. جيڪا انگريزن جي سو ورهيه حڪومت ۾ رهي آهي.

س:انگريزن جي حڪومت جو رڪارڊ ته اهڙي هنڌ محفوظ آ جو اسان کي بهرحال ڪڏهن به ملي سگهي ٿو، پر مسلمان جڏهن هتي آيا، تڏهن ان وقت اسان جي پهرين تاريخ آهي چچ نامو، ان کانسواءِ عربي زبان ۾ عربن جو ڪو ڪم ڪيل آهي يا نه؟

ج:عربن جو آهي: فتوح البلدان، جيهانيءَ جو ڪتاب گم آهي. پر بهرحال هڪ ٻه ڪتاب آهن. ۽ ٻيا مختلف ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ جا حوالا ملن ٿا.

س:سنڌ زميندار اخبار جي سلسلي ۾ توهين 1937ع تائين سکر ۾ رهيا....

ج:1936ع ۾ جڏهن بابو مرحوم فوت ٿيو ته اسان ”ستاره سنڌ“ بند ڪئي ۽ مان بهمڻ ۾ اچي زمينداري شروع ڪئي. اهڙيءَ طرح سکر مان پنهنجي مڏي پٽي اچي ڳوٺ رهياسين.

س:اهو 1936ع جو زمانو آهي، سنڌ جي بمبئي کان جدائي جو، ۽ پاڪستان جو خيال ان وقت هليو پي. ان سلسلي ۾ ” هان ٻڌائيندا ته پاڪستان تحريڪ ۾ اخبار جي ذريعي يا عملي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ڪو ڪم ڪار ڪيو هجيو؟

ج:عملي ڪارڪن جي حيثيت ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي سگهيو.

س:جهنڊا ٻنڊا به کنيو؟

ج:ها جهنڊا، ٻنڊا تمام گهڻا کنيا سي، سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارو فساد، هتي عيدگاهه ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ وارو جلسو، هندو مسلم فساد، انهن سڀني ۾ حصو ورتم. اهو فيصلو ته اڳتي هلي تاريخ کي ڪرڻو آهي ته اهو صحيح هيو يا غلط. هن وقت ڪا به ڳالهه يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. بهرحال انهن واقعن جا ٻه اهم ڪردار جي ايم سيد ۽ علي محمد شاهه به رهيا آهن. هر مسئلي جي چڻنگ انهن ٻنهي ئي دکائي.

س:ٻئي پير صاحب، ٻئي سادات گهراڻو.

ج:بس پوءِ ڇا عرض ڪجي !......

س:سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ جو نتيجو سٺو نڪتو يا خراب نڪتو؟

ج:انهيءَ زماني ۾ انهيءَ لحاظ کان، جيئن هاڻي ٿا اسين سوچيو، ڪو نه سوچبو هو ته ملڪ جو ڪيستائين فائدو ٿيندو. ان وقت سوچ فقط شخصن ۽ طبقن جي مفاد تائين محدود هئي. سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ٿي، سا اصل ۾ وڏيرن ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته عوام ۽ غريب ماڻهو ته ڪنهن قطار ۾ شمار هيا ئي ڪين، تنهنڪري انهن جي لاءِ هو ڇو سوچين ها؟؟ توهان جيڪڏهن ان زماني جي بمبئي ليجسليٽو جي ميمبرن جي لسٽ ڏسندئو ته پنجهتر فيصد سيد هئا، انهيءَ جا ميمبر ۽ باقي وڏيرا هئا. انهن ڏٺو ته بمبئي ۾ ته سياسي طرح ٿاٻا ٿا کائين. انهن کي ڪو ليکي به نه ٿو. پوءِ هنن ڪوشش ڪئي ته بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪجي ته هتي پنهنجو ڪو بلو ٿئي. ٻيو ته ذهني طرح سان ان زماني ۾ ماڻهن جو پنهنجو احساس هو ته اهو ئي هيو، باقي رهيو سوال ته ان مان سنڌ کي فائدو پهتو ته اهو قدرتي امر هو، جو عمل ۾ آيو.

س:سائين ! توهان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪافي رهيا آهيو، ته اسان جي هاڻوڪي ادب جي سلسلي ۾ ڪو امپريشن آهي؟ اسان جا ڪتاب، رسالا وغيره اتي پهچن ٿا وغيره.

ج:سنڌ جي موجوده ادب جو (جنهن کي توهان تخليقي ادب جو نالو ڏنو آهي) منهنجي راءِ بي مثال آهي. بهرحال ، جيڪو به تخليقي ادب توهان گذريل 20 ورهين دوران پيدا ڪيو آهي. خدا شاهد آهي ته دنيا جي بهترين ۾ بهترين ادبن جي صف ۾ اچي سگهي ٿو. ان جو سبب به اهو آهي ته توهان اڃا پيڙا ۾ آهيو، تنهنڪري اها ڪيفيت توهان جي ذهن ۾ هلي ٿي، تنهنڪري تخليقي ادب پيدا ٿين ٿا. اردو جو روايتي ادب ان ڪري بيجان آهي ته ان ۾ ڪو مقصد ڪونهي، تنهنڪري هنن ۾ ڪا شيءِ ئي ڪونهي. حقيقت ۾  ته توهان جي ادب کي جو توهان جي آکاڻين جو، افسانن جو، شعرن جو، مختلف زبانن ۾ يورپ ۾، ترجمو ٿي رهيو آهي، هاڻي به مان وٽ ڊاڪٽر شمل جو ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ سنڌي آکاڻين جو ترجمو ڪيو اٿئين، جرمن زبان ۾، زبان ته مان سمجهي نه ٿو سگهان پر مطلب اهو آهي ته توهان کي پنهنجي ادب جي متعلق، پنهنجي محنتن جي سلسلي ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ کپي. اها جدا ڳالهه آهي ته توهان وٽ وسيلا ڪو نه آهن، تنهنڪري ٻاهر ولايت وڃي نه ٿا سگهو، جو خبر پئيو ته توهن جي آبرو ۽ عزت ڪيتري آهي. ٻيو اسان لاءِ وڏي مصيبت شمشير ! هيءَ آهي، ته ذريعا جيڪي آهن ادب جي پکيڙ جا، اُهي ڪينهن ڪي، توهان وٽ رسالو ڪونهي. سڀ رسالا بند ٿي ويا آهن. ٻاهر ترجما ڪين ٿا ٿين پيا. مثلن طلوع رسالي جو نمبر ڪڍيئون، ته ان ۾ سڀ اردو وارن جا مضمون ۽ شعر وغيره هئا. حالانڪه مون کي خبر آهي ته لينن تي ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي سنڌي اديبن تمام گهڻو لکيو آهي، پر ڇاڪاڻ ته انهن ويچارن جي رسائي ڪانهي، انهن جا ذريعا ڪينهن ۽ ڪجهه هو محبوب به آهن. (خبر ناهي ڇاهي؟) اڳتي اچي زوري زبردستي پنهنجي جاءِ بڻايائين، اها ڳالهه هنن ۾ ڪانهي ڪا، اها اسان لاءِ وڏي تڪليف آهي، جنهن ڪري نقصان ۾ آهيون.

س:اسان وٽ ڪي ادارا تمام مشهور آهن، جي ڪم ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ آهي. توهان پاڻ ان جا ڪافي وقت رڪن رهيا آهيو ۽ توهان جو تمام وڏو ڪردار آهي. ان جي باري ۾ ڪجهه.....

ج:سنڌي ادبي بورڊ جي باري ۾ مان جڏهن به گفتگو ڪندو آهيان ته منهنجا دوست ڪاوڙبا آهن. شايد خيال ٿيندو اٿن ته مان هن ڪري ٿو غصي جو اظهار ڪريان، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ميمبر ناهيان. هڪڙي اسٽيج اها به ايندي آهي. جڏهن ميمبر ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪا نه هوندي آهي. مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ڪانهي ڪا، پر ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ اسان پاڻ ٺاهيو آهي، ان کي اسان پاڻ پاليو ۽ ان کي انهيءَ درجي تي آندوسي، جو مان سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي وڏي ۾ وڏا آبرومند علمي ادارا آهن، انهن ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. ۽ هن جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو پاڪستان ته ٺهيو، پر هندوستان ۾ به ڪنهن اداري نه ڪيو آهي. بيحد ٺوس ۽ وڏو با فضيلت ڪم ٿيل آهي. پر هاڻي ڏسون ٿا پيا ته ان ڪيل سڄيءَ محنت کي لوڙهيو پيو وڃي، تنهنڪري مان کي اعتراض ڪرڻ جو يا ان تي جوش ۾ اچڻ جو يا غصي ٿيڻ جو حق آهي،ڇاڪاڻ ته ان کي مان پنهنجو ادارو ٿو سمجهان، مان ان کي پاليو آهي. حقيقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ٽن ڄڻن نپائي وڏو ڪيو آهي، هڪ محمد ابراهيم جويو، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٽيون مان. ادبي بورڊ جي معنيٰ اهي ٽي ماڻهو آهن. ۽ جيڪي به ڪم توهان ڏسندئو هيل تائين، اهو سڄو هنن ٽن ماڻهن جو ڪيل آهي. هاڻي مان جڏهن به ڪٿي، ڪنهن جلسي ۾، يا گفتگو ۾ ڪجهه ٿو چوان ته منهنجا دوست چون ٿا هي اجايو ٿو چوي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ميمبر ناهي. بابا ! مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، تنهنڪري مان کي فقط افسوس ٿو ٿئي ته اسان محنت سان جڏهن هڪ شيءِ تيار ڪري راس ڪئي، ته ان جو زوال شروع ٿي ويو.

س:نه سڌرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

ج:نه سڌرڻ جا سبب هي آهن: بامقصد ماڻهو جيڪي هئا، سي مري ويا، ڪي هٽي ويا.

س:اهڙا ادارا اسان وٽ ٻيا به آهن، مثلن سنڌالاجي آهي،. ڀٽ شآهه ثقافتي مرڪزي ڪميٽي آهي. مهراڻ آرٽس ڪائونسل وغيره. جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ هلن پيا. مثلن سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي اهڙا ڪافي ادارا آهن.

ج:سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري ٿي پئي. ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو مقصد ته اٿس. سنڌ الاجيءَ لاءِ منهنجي راءِ آهي ته ان ۾ ڪو به تحقيق جو ڪم ڪو نه ٿو ٿئي پيو. پر سنڌ الاجيءَ کي مان ان ڪري اهميت ڏيان ٿو پيو، جو هوءَ هن وقت هر شيءِ کي گڏ ڪندي رهي ٿي پئي. اها هن وقت بذات خود هڪ وڏي ۾ وڏي مهم ۽ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. اهو بنيادي ڪم آهي. سڀاڻي هڪڙو نسل پيدا ٿيندو، جيڪو انهيءَ مان فائدو وٺندو. الانا، منهنجود وست آهي، عزيز آهي، مان کي ڏاڍو پيارو آهي، پر مان ان کي چوندو آهيان ته ”مجاور“ آهي ۽ بهترين ”مجاور“ آهي. ”بيحد“ ايماندار مجاور، مجاور جو ايماندار هجڻ ۽ محنتي هجڻ خود هڪڙي قسم جي وڏي فضيلت ۽ سند آهي. جيڪا الانا ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو الانا تي اعتبار ڪندي، مان بنا لسٽ ٺاهڻ جي سون جي تعداد ۾ پنهنجا ڪتاب ڏانهنس موڪليندو رهان ٿو، ته جيئن سڌ الاجي جي لئبريريءَ ۾ سانڍي. الانا تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي.

س:توهان سنڌ الاجيءَ جي بانين منجهان آهيو. الانا صاحب ٻڌايو ته اهو نالو ئي توهان تجويز ڪيو هو. ته توهان جي ذهن ۾ ان وقت ڪهڙي ڳالهه هئي، جڏهن اهو ادارو قائم ڪري رهيا هئا.

ج:سنڌ الاجيءَ جي مفهوم جو دائرو تمام وسيع آهي. جيئن ايجپٽالاجي، انڊالاجي وغيره، اهي سرزمينون جيڪي قديم تهذيب جون مالڪ آهن، انهن جون اڪيڊميون انهن جي نالن سان منسوب ٿين ٿيون. اهي خود پنهنجي جاءِ تي جدا علم ٿين ٿا، جيئن ايجپٽالاجي يا مصريات پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل علم جي حيثيت رکي ٿو، تيئن سنڌ جو به علم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جڏهن اهو ادارو قائم ڪيو، تڏهن ان جو نالو رکيائين ”سنڌي اڪيڊمي“ مون چيو ته اهو نالو ته رسمي آهي. منهنجي ذهن ۾ ان اداري جو هڪ جامع  تصور هو. ۽ مان ان جو نالو ”سنڌ الاجي“ تجويز ڪيو. پر ان زماني  ۾ اسان ون يونٽ ۾ وڪوڙيل هئاسين، سنڌ تي هڪ قسم جو خوف ۽ ڊپ هو. ڪامورا شاهي کي ” سنڌالاجي“ نالي تي حيرت ٿيڻ لڳي ! مون چيو ته بابا ”سنڌالاجي“ نالو رکڻ سان ڪهڙو اڀ ڏري پوندو، حسن علي عبدالرحمان، وائيس چانسلر چيو ته اهو نالو متان خوفناڪ سمجهيو وڃي. مان چيو ته ” ڪو نه ٿيندو، دلجاءِ ڪيو“ ان مجلس ۾ ممتاز حسين مرحوم به موجود هو. ڇاڪاڻ ته هو پنجاب جو هو. مون سوچيو ته هن کان به پڇي وٺان. هو ته عالم ماڻهو هو. هن کي خبر هئي. هن چيو ” ٺيڪ آهي ، بلڪل ٺيڪ آهي، هن ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ تنهن کانپوءِ ئي حسن علي جو ڀئو لٿو ۽ اهو نالو ”سنڌ الاجي “ ٿيو.

سنڌ الاجيءَ مان منهنجو مطلب اهو هو ته اهو حاوي هجي سنڌ جي هر موضوع ٿي، ان ۾ تاريخ هجي، ادب به هجي، لٽريچر به هجي، تهذيب  به هجي. يعني هر شيءِ ان جي دائري ۾ هجي ”سنڌ صدين کان“ (Sindh throng Centuries) هڪ خالص علمي اجلاس نيڪ نيتي سان سڏايل هو، جنهن ۾ دنيا جا عالم ۽ محقق آيا ۽ نهايت ٺوس علمي مقالا پڙهيائون ۽ ان تي به جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي سامعين کي معلوم آهي، اسان اڃا تائين ان ڪئي جا ڪيتا ويٺا ڏيون. يعني ماڻهو هتي پنهنجي تاريخ جي متعلق پاڪستان کان ٻاهران ڪي ماڻهو گهرائي ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ تنهن ڪري اڄ توهان شيون گڏ ڪندا وڃو، ممڪن آ ته سڀاڻي ڪي چڱا ڏينهن اچن، جيڪي ڪجهه دستياب آهي، ممڪن آهي ته سڀاڻي حاصل نه ٿئي، تنهنڪري انهن کي هن وقت هٿ ڪري محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي.

س:سائين اها صحيح ڳالهه توهان ٻڌائي. ان موقعي تي آئون به هڪڙي ڳالهه ڪري، ڇڏيان ته جيئن توهان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ”سنڌ ٿرو سينچريز“ جو جلسو ٿيو ته ان ۾ جيڪي تقريرون ٿيون. اُهي سڀ، مون ۽ خان محمد (جڏهن اسان نئين زندگي رسالي ۾ هئاسون) ترجمو ڪري هڪ هڪ نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻه ٽي تقريرون  اسان شايع ڪيون، پر پوءِ اسان کي منع ڪري ڇڏيائون ته آئنده ان کي نه ڏيو، ان جي ضرورت ڪانهي. حالانڪه ماهرن ڪيون هيون اسٽيج تي، کلي عام، پاڪستان سرڪار جي سرپرستيءَ ۾.

ج:بابا، مون کي معلوم آهي ته ڪيڏو عذاب ٿيو هو ان اجلاس جي سلسلي ۾.

س:سنڌ ٿرو سينچريز جي سلسلي ۾ پڙهيل پيپرس اڃا شايع نه ٿي سگهيا آهن، اُهي اڄ ڪلهه ڪٿي آهن؟

ج:مان کي خبر ڪانهي نه ڪاٿي آهن.

س:ڪهڙي قسم جون اسان کي ننڍيون جماعتن يا ادارا ٺاهڻ کپن، ڪهڙي نموني ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي لغت، سنڌي ادب تي، تاريخ تي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪي تجويزون ڏيو.

ج:تجويزون نه ٿينديون آهن. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هر شيءِ پاڻ پيدا ٿيندي آهي. اسان جڏهن اهي ڪم شروع ڪيا، تڏهن ڪي به تجويزان ڪين هيون. بس پنهنجي ذهن ۾ جيڪي اينديون ويون، بسم الله ڪندا ڪم ڪندا وياسين. تجويزان نه ٿينديون آهن، تجويزون خود ذهن پيدا ڪندو آهي ۽ شوق ۽ اراد پيدا ڪندو آهي ۽ تجويز پنهنجو پاڻهي ٿي ويندي آهي.

منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته سنڌ جو ماڻهو بي انتها ذهين ۽ فڪر وارو آهي. هو ڪڏهن به مري نه سگهندو. سنڌ کي پنهنجو هڪڙي قسم جو فلسفو آهي، پنهنجو تصوف اٿس، پنهنجو ادب اٿس، تنهنڪري هن کي ته هڪڙي افاديت آهي، جيڪا کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ ممتاز ڪيو بيٺي آهي. سنڌ جو ماڻهو هڪڙي ڏينهن بيدار ٿيندو، ۽ اڳتي هلي سنڌ جو ماڻهو پاڪستان کي ليڊ ڪندو، سنڌ جو ماڻهو غير معمولي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڇاهي، اهو هڪڙي قسم جو راز آهي، جيڪو اڃا تائين لڪل آهي.

س:”تخليقي ادب“ جي سلسلي ۾ جيئن توهان ڪتاب ” هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لکيو آهي، ان قسم جو ڪو ٻيو ڪتاب توهان جي زير ويچار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪشادگيءَ ۾ کليءَ دل سان ڪي ڳالهيون ٻولهيون هجن؟

ج: حقيقت اها آهي ته اسان وارو ”تخليقي“ ڌنڌو ائين آهي، جيئن اوستن جو ڪم، حقيقت ۾ ته تخليقي ڪم توهان وارو آهي. مان قبول ٿو ڪريان ته 1960ع ۾ جڏهن مون اهو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، تڏهن مان 1958ع کان هارٽ اٽيڪ جو شڪار هوس ۽ زندگيءَ جو به يقين نه رهيو هو. ان وقت ايوب خان مرحوم جو مارشلا لڳو هو. مارشلا جو نئون دور هو ۽ ان جو به اثر هو. هارٽ اٽيڪ جي تڪليف تنهن کانسواءِ، خانبهادر کهڙو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، هڪڙي قسم جو تڏا ويڙهه جو منظر هيو. هتي مون تي نروس بريڪ ڊائون ٿي. ڊاڪٽرن مون کي مشورو ڏنو ته ماحول بدلائڻ لاءِ ٻاهر هليو وڃان. ادا علي محمد ان وقت فلپين ۾ پاڪستان جو سفير هو، تنهن ڪري ٻاهر وڃي رهڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي سهولت هئي. اتي ٽي سال کن مان رهيس. منهنجي نروسنيس جو سڄو زمانو اتي گذريو. ان وقت نه پڙهي سگهندو هوس ۽ نه ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي. لکندو هوس ته هٿ ڏڪندا هئا ۽ اهو يقين نه هو ته ڪو آءُ وطن واپس ٿيندس. جتي انسان جي ابتدائي زندگي گذري ٿي، اتي جون يادون تمام پياريون ٿين ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خط پهتو ته نواز علي نياز لاڙڪاڻي وارو گذاري ويو. مهراڻ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه جا به خط پي پهتا ته اخبار جي سالنامه لاءِ مضمون موڪليان. نياز مرحوم تي مضمون لکڻ جي ابتدا ڪيم. ان وقت ڪتاب جو خيال ڪو نه هو، فقط مضمون جي رٿا هئي. هڪ تنهائي ۽ ٻيو وطن کان دوريءَ وطن جي ڳالهين جي بيان ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. ماڻهو جنهن شيءِ جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو ته پوءِ ان سان عشق ٿي پوي ٿو. پراڻيون يادون اينديون رهيون. مضمون شروع ڪيم، لکڻ جاري رهيو، تان جو ڪتاب لکجي ويو. جي نه اچان ها هيڏي، ته ٻيو جلد به لکجي وڃي ها، اهو ڪتاب ته مون اڌ ۾ ختم ڪيو آهي، جو به عشق جي هڪڙي بي انتها جذبي جي پيداوار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org