| 
                                 
                                  
                                
                                
                                غَزَلُ نَمبَرُ 30 
                                
                                ”خۡوفۡ ورَجا“ 
                                
                                  
                                
                                هَاءِ اَڄُ سَڀَ ڪَنۡهِن کيۡ آهي، اۡونَ سِرَ ۽ ساَهَ جِيۡ، 
                                ڪَنۡهِنکيۡ دُنۡيَا جيۡ تَمَنَّا، ڪَنۡهِنکيۡ 
                                رُتبي جاهَ جِيۡ. 
                                ڪَنۡهِنکيۡ گهُرۡ جيۡ ميمبَريۡ، ڪَنۡهِنکيۡ 
                                وَزِيرِيۡ ٿِيۡ کَپيۡ، 
                                ڪۡورَ کي دِلِ ۾ سَدَا سَڌَ، سُونَهنۡ ۽ سَاراهَ 
                                جِيۡ. 
                                سَڀۡ وَڏَا پَنۡهِنجيۡ وَڏَائِيءَ، مَرۡتَبيۡ 
                                لَئِه ٿَا مَرَنِ، 
                                اوۡنَ اُنِکيۡ ڪَانَه آهيۡ، قُومَ جيۡ ڪَنۡهِنۡ 
                                ٺَاهَ جِيۡ. 
                                قُومَ مُفِلسَ ڀَلۡ مَريۡ بيۡحَالَ، ڪُوڪُونۡ 
                                پَئِيۡ ڪَريۡ، 
                                پَرَ اُنَهَن ڏيۡ اَکۡ نَه کَڄَنۡدِيۡ، پِيرَ، 
                                سَرۡ ۽ شَاه جِيۡ. 
                                ٻۡوڏِ جَا مَارِيلَ ڀَليۡ رَڙيُونُ، ڪَنۡدَا 
                                رُلَنۡدَا وَتَنِ، 
                                ڪَانَه ڪَنۡهِنکيۡ اَونَ آهيۡ، اُنِ جيۡ وَاهَرَ 
                                وَاَه جِيۡ. 
                                بَاَغَ بنۡگُلَنِ مۡوٽَرُنِ آرامِ، گاهَنِ ۾ 
                                رَهيۡ، 
                                ڪيۡ لَهَن ٿَا سَارَ اَڄُ، نَادَارَ خَلَقُ اللهِ 
                                جِيۡ. 
                                پِۡيرَ پۡيسَنِ کيۡ ڏسَنِ، مُرۡشِدَ ٿِئو 
                                مَجَنَانۡ وَتَنِ، 
                                پَرَ هِدَايَتَ ڪَانَه ڪَنۡ، ڪَنۡهِنۡ گُمُ ٿِئل 
                                گُمۡراَهَ جِيۡ. 
                                ڪِنِ کيۡ پِيرَنِ پِيڙِيۡو، ڪِنِ تيۡ وَڏيرَنِ 
                                وَيَلَ ڪِيا، 
                                ڪيۡ سَدَا پِئَا ڪَنۡ رَسَائِيۡ، کِيُرَ آنَنِ 
                                گَاهَ جِيۡ. 
                                سُکِ نَه سُمۡههُ سَائِلَ اُٿِيۡ، ڪَا قۡومَ جِيۡ 
                                خِدۡمَتَ بِه ڪَرۡ، 
                                ڊِڄُ نَه ڪَنۡهِنۡ کانۡ رَکُ سَدَا، پَرۡوَاهَ بيۡ 
                                پَرۡوَاهَ جِيۡ. 
                                 
  
                                
                                
                                 
  
                                
                                  
                                
                                
                                غَزَلُ نَمبَرُ 31 
                                
                                ”آشِياَنۡ مُنۡهِنۡجوۡ“ 
                                
                                  
                                
                                اَڃَانۡ ايۡ آسِمَانۡ ڪُجهُه، اَڳَڀَرۡو آ، آشِياَنۡ 
                                مُنۡهِنۡجوۡ، 
                                خُدَا ڄاڻيۡ وَڃيۡ آخَرۡ، ڪِٿيۡ ٿئيۡ آسِتَانۡ 
                                مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                ڪَرُيَانۡ ڪَهۡڙۡو هِتيۡ اَحَوَالُ، ظَاهِرُ 
                                زِنّدَگَانِيءَ جۡو، 
                                ٿِيئيۡ عَالَم اَڳِيَانۡ ڪَهۡڙو، هَليۡ دَفۡتَرُ 
                                عَيَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                عُمۡرِ گُذۡري گُنَاهَنۡ ۾، اَجَلُ اِينۡدۡو وَڃيۡ 
                                ويۡجهُو، 
                                سَمُورۡو وَقۡتُ سَتَر سَالَ، ٿِيۡو ضَاَيَع 
                                زِيَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                ڇَڏيۡ اَللهَ سَانۡ اُلۡفَتَ، رَضَا مُونۡ نَفۡسَ 
                                جِيۡ ڳۡوليۡ، 
                                اِهۡو اَللهَ وَٽِ کُلَنۡدُو هليۡ، هُتِ 
                                دَاسِتَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                وِڃايُمِ وَقۡتُ سَڀۡ پَنۡهِنۡجۡو، اَجَايۡو 
                                وَيسَلۡو ويهيۡ، 
                                ڪَنۡدۡو ڪَهۡڙۡو اَثَرُ اَڳِتي، هَلِيۡ آه وۡ 
                                فِغَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                کَٽِيو حَاصِلُ نَه ٿِئو مُوڙِيۡ، به ٿِيۡ ضَاَيَع 
                                خَسَارۡو ٿِيۡو، 
                                تَڏَهٍ ڪَهۡڙيءَ طَرحَ قَاضيۡءَ، اَڳيَانۡ 
                                هَلَندۡو بَيَان مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                عَمَلِنَاموُنۡ مِلي مُونۡکيۡ، سَڄيۡ ۾ يَا کَٻۡي 
                                هَٿَ ۾، 
                                اُنِهيۡءَ کَانۡ پۡوءِ ٿِيئيۡ پَڌُرۡو، هَلِيۡ 
                                مَنۡزَلَ مَڪَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                خُدَا جۡو فَضۡلُ ٿئيۡ شَامِلُ، سَنۡدَمِ 
                                اِيۡمَانۡ ٿئي ڪَامِلُ، 
                                رَهَانۡ قُرآنَ جۡو عَامِلُ، تَه ٿئي رۡوشَنُ 
                                جَهَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                خُدَا جيۡ رَاهَ ۾ جۡيڪَرَ، ٿِيئيۡ هِيۡ سَاهُ 
                                سِرُ صَدَقۡو، 
                                تَه بۡيشَڪِ هُوۡنَد ٿِيئي آخَرۡ، جِيئَڻ هِيۡ 
                                جَاوَدانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                خُدَا جيۡ رَاهَ ۾ گُذۡريۡ، ذَرۡو هِيۡ 
                                زِنّدگَانيۡءَ جۡو، 
                                تَه پۡوءِ اُمّيِدَ آهِيۡ ٿِينۡدو، مۡوَليٰ 
                                مِهۡرِبَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                خُدَا جيۡ فَضۡلَ ۾ آهيۡ، هَمۡيشَه آرِزُو 
                                مُنۡهِنۡجۡي، 
                                مَرَڻَ جيۡ مَهَلَ هُئي ڪَلۡمَئِه، خُدَا وِرۡدِ 
                                زِبَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                اَگَرَ اَللهَ جُو سَائِلُ سَچۡو، پۡيرُو 
                                مُحَمَّدُؐ ٿِياَنۡ، 
                                تَه شَافِعُ ٿِينۡدو آخَرِ ۾، نَبيۡؐ آخَرِ 
                                زَمَانۡ مُنۡهِنۡجوۡ. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                
                                غَزَلُ نَمبَرُ 32 
                                
                                ”وۡوٽُ ڪَنۡهِنۡکيۡ ڏِجيۡ“ 
                                
                                  
                                
                                وۡوٽُ ڏيۡ اَحَسَنَ اَدَا، تُونۡ وۡوٽَ جيۡ حَقَدَار کيۡ، 
                                صَافُ چئُو تُونۡ حَالُ پَنۡهِنۡجوۡ، ڀَاءُ توۡڻيۡ 
                                يَارَ کيۡ. 
                                توۡتيۡ پَوَنۡدَا بَارَ ڏاڍا، ايندا ڪِئين وَرڪَرَ 
                                وَٺِي، 
                                پَرَ نَه ڏِجِ تُونۡ ووۡٽُ ڪَڏَهِيۡن بيۡ ڪَميۡ 
                                بيۡ ڪَارَ کيۡ. 
                                پِيۡرَ، مُرۡشِدَ، موۡلَوِيۡ، سَيَّدَ، وَڏَيۡرَا، 
                                ڄَامَ، مِيۡرَ، 
                                توکانۡ گهرندا ووۡٽ پَر توۡن ووٽ ڪج هشيارۡ کيۡ. 
                                ووۡٽَ کَانۡ اَڳُه تُنۡهِنۡجِيۡ دَرَ تيۡ، ڄَڻَ ته 
                                آهِنِ عَرَضۡدَار، 
                                ڪَمَ لَٿيۡ کَانۡ پوۡءِ پُڇَنَّدَا، ڪوۡ نَه 
                                تُنۡهِنۡجيۡ پَارَ کيۡ. 
                                ايۡ اَدَا تُونۡ دَامَ ڪَنۡهنۡ جيۡ ۾ نَه، ڦَاسِيۡ 
                                ووۡٽُ ڪِجُ، 
                                ووۡٽُ ڪِجِ تُونۡ قوۡمَ جيۡ، مَخۡدُومَ 
                                خِدۡمَتِگَارَ کيۡ. 
                                ڳَالِهِيُونۡ سَڀِنِيۡ جُونۡ سُڻِيۡ، پَرَ ڪَمَ 
                                ڪَنۡدَڙَ جوۡ ڪِجِ خَيَالُ، 
                                ووۡٽ ڪَڏَهِيۡن ڪِيۡنَ ڪِج، تُونۡ پَر ڪَنهِيۡنۡ 
                                مُرۡدَار کيۡ. 
                                جَنۡهِنۡ جيۡ دِلِ ۾ قوۡمَ جيۡ خِدۡمَتَ، جوۡ ڪوۡ 
                                جَذۡبوۡ هُجيۡ، 
                                ڪَرۡ بِلَا شَڪِ ووۡٽُ اَهڙيۡ، قوۡمَ جيۡ آڌارَ 
                                کيۡ. 
                                جوۡ سَنۡوَاريۡ پَنۡهِنۡجَا مَطۡلَبَ، قوۡمَ جوۡ 
                                جَنۡهِنۡ کيۡ نَه خِيَالُ، 
                                تَنهِنۡ کيۡ چَؤُ هَاڻيۡ وَڃِيۡ لَڳُه، 
                                پَنۡهِنۡجيۡ ٻِئي ڪَمَ ڪَارِ کيۡ. 
                                ووۡٽُ رَاشِيءَ ۽ عَيَاشيءَ، کيۡ ڏِئَڻ نَاهيۡ 
                                رَوَا، 
                                ۽ نَه ڪَنۡهِنۡ مَئيۡ نوش زَانِيءَ، بِيۡ حَيَا 
                                بَدۡڪَارَ کيۡ. 
                                قوۡمَ خَاطَرِ جَيۡلَ ۽ سَخۡتِيُونۡ، سَهَڻُ 
                                جَنۡهِنۡ کيۡ قَبُولُ، 
                                تَنۡهِنۡ کيۡ بيۡشَڪِ ووۡٽُ ڪَرۡ، يَا قوۡمَ جيۡ 
                                پيۡنَارَ کيۡ. 
                                رَقَمَ ڪَا توۡکيۡ مِليۡ تَه بِه، ووۡٽُ ڪِجِ 
                                تُونۡ خِيَالَ سَانۡ، 
                                زَرِ مَٿيۡ ضايَعَ نَه ڪِجِ تُونۡ، ووۡٽُ ڪَنۡهن 
                                ڪَلۡدَارَ کيۡ. 
                                ووۡٽُ تُنهِنۡجوۡ نَاهِ پَرَ، آهيۡ اَمَانَتَ 
                                قوۡمَ جيۡ، 
                                قوۡمَ جِيۡ شيءِ قوۡمَ کي ڏيۡ، قوۡمَ جِيۡ 
                                ڪَمۡدَارَ کيۡ. 
                                ڪَئِيۡن اَچِيۡ دَرَ تيۡ ڌِڪَا، کَائِينۡدَا، 
                                تُنهِنۡجيۡ ووۡٽَ لَئِه، 
                                توۡکيۡ ڀَڙڪَائيندَا ڪِجِ تُونۡ ووۡٽُ بَسۡ 
                                زَرۡدَارَ کيۡ. 
                                جَنۡهِنۡ کيۡ مُسۡلِمَ لِيگ چُونۡڊيوۡ، ووۡٽ اُن 
                                کيۡ ڏِج ضَرُور، 
                                ڀَلۡ ڏِيَاريۡ ووۡٽُ تُنۡهِنۡجو، يَارَ يَا 
                                اَغيَارَ کيۡ. 
                                نَهَرُو نِهۡچَلۡدَاسَ گَانڌِيۡ جيۡ مُطِيعَنِ کيۡ 
                                ڪَڏَهٍ، 
                                ووۡٽُ هَرۡگِز ڪِيۡن ڪَرِ، تونۡ تابِعِ ڪفَارَ 
                                کيۡ. 
                                مِيرُ هُئيۡ يَا پِيۡرُ هُئيۡ، سَادَاتُ هُئيۡ 
                                يَاسَرۡ هُجيۡ، 
                                مُنتَخِبُ تُونۡ ڪِينۡ ڪَجِ، ڪَافَرَ جيۡ 
                                تَابِعۡدَارَ کيۡ. 
                                 
  
                                
                                
                                 
  
                                
                                  
                                
                                
                                غَزَلُ نَمبَرُ 33 
                                
                                ”وَطَنُ“ 
                                
                                  
                                
                                اَسَانۡ جوۡ وَطَنُ جَلۡدُ آزَادُ ٿِيۡندوۡ، 
                                جَڏَهِنۡ قوۡمَ ۾ قُرۡبُ اِتِّحَادُ ٿِيۡندوۡ. 
                                اَڃَانۡ جيۡسِيۡنۡ اُلۡفَتَ ۽ اِتِحادۡ نَاهيۡ، 
                                تَڏَهِنۡ ڪِيئَنۡ چَوَانۡ مُلۡڪُ آزآدُ ٿِيندُو. 
                                وَڃيۡ پِئوۡ اَڃَانۡ وُرُڌُ ڪِينُونۡ وَڌَنۡدو، 
                                تَڏَهِن ڪِيئَن پَڪوۡ بيۡخَ بُنِيَادُ ٿِيندُو. 
                                ڏِسوۡ ڪَانگِريسيۡ، ته مُسۡلِمَ جاويۡرِيۡ، 
                                اِنِهيءَ حَالَ سَانۡ مُلۡڪُ بَرۡبَادُ ٿِينۡدو. 
                                ته موۡمِنَ ۽ اِحرارَ ۽ خَاڪِسَارِيۡ، 
                                وَڃيۡ لِيگَ لَئِه سَڀُڪوۡ صَيَّادُ ٿِيندُو. 
                                حَسَدُ، ڪِذۡبُ، ڪِيۡنُو، قَسَاوَتَ اَسَانۡ ۾، 
                                جَنۡهِيۡن کَانۡ خُدَا سَخۡتُ نَاشَادُ ٿِيۡندوۡ. 
                                اِنَّا عَرَضۡنَا الۡاَمَانَتَ پَڙهَڻ سَانۡ، 
                                اَمَانَتَ جوۡ مَعۡلوُمُ اِرۡشَادُ ٿِيندُو. 
                                اَسَانۡ اِنَ اَمَانَتَ ۾ خَائِنَ ٿِياسُون، 
                                تَڏَهِنۡ ڪِيئَنۡ اَسَانۡکيۡ خُدَا يَادِ ٿِينۡدو. 
                                نَبِيۡءَؐ جيۡ حُڪُمَ تيۡ هَلَڻُ عِيۡدَ آهيۡ، 
                                اُهوۡ مِثلِ شيۡرِيۡنَ و فَرۡهَاد ٿِيندُو. 
                                خُدَا ۽ نَبِيۡؐ کَانۡ پُٺِيۡرَا ٿِئَاسُونۡ، 
                                اِهوۡ روۡزِ مَحَشَرَ ۾ فَرۡياَدُ ٿِيۡندو. 
                                پُٺيۡرَا اَسِيۡن عِلۡمَ کَانۡ ۽ هُنَرَ کَانۡ، 
                                اَسَانۡ ۾ نَئونۡ ڪوۡ نَه اِيۡجَادُ ٿِينۡدو. 
                                نَبِيءَؐ جِيۡ نه سيۡرَتَ نَه صُورَتَ اَسَانۡ ۾، 
                                وَڃِيۡ ٿوۡ اُنِهيءَ سَاڻُ عِنَّاد ٿِيندُو. 
                                اِهوۡ ئِيۡ ڏَمَرُ ٿِئوۡ خُدَا جوۡ اَسَانۡتيۡ، 
                                وَڃيۡ ٿوۡ بُروۡ حَالُ بيۡدادۡ ٿِيۡندو. 
                                خُدَا جِيۡ مَدَدَ مومِنَن سَاڻ آهيۡ، 
                                اُنِهيءَ جوۡ سَچَنِ سَاڻُ اِمۡدَادُ ٿِيۡندو. 
                                خُدَا کَانۡ سَدَا گهُرُ نَه مَايُوس تونۡ ٿِيۡ، 
                                نَه سَائِل خُدَا وَٽَ دِلِ اُفۡتَادۡ ٿِيندُو. 
                                 
  
                                
                                
                                 
  
                                
                                  
                                
                                
                                غَزَلُ نَمبَرُ 34 
                                
                                ”وَطَنُ“ 
                                
                                  
                                
                                اَسَانۡجوۡ وَطَنُ جَلۡدُ آزَادُ ٿِيندُو، 
                                جَڏَهٍ مُلۡڪَ ۾ عَدُلُ اِتۡحَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ مُلۡڪ ۾ عَدُلُ اِنۡصَافُ اِيۡندو، 
                                تَڏَهٍ ڪوۡ نَه ڪَنۡهِنۡ سَاڻ بيۡدَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ مُلۡڪَ مَانۡ بَغدَادۡ بيۡدَادُ ويۡندو، 
                                تڏَهٍ سَڀُڪوۡ سَڀ ڪَنۡهِنۡ مَنۡجهَانۡ شَادُ 
                                ٿِيۡندو. 
                                جَڏَهٍ سَڀۡ ننۡڍوۡ ۽ وَڏوۡ شَادُ هُونۡدو، 
                                تَڏَهٍ خَاصَ موۡليٰ جوۡ اِمۡدَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ مَدَدَ موليٰ جِۡي اِيۡندِيۡ اَسَانۡ وَٽۡ، 
                                تَڏَهٍ مُلڪُ سَائوۡ ۽ آبادُ ٿِيندُو. 
                                ٿِئوۡ مُلۡڪُ سَائوۡ تَه سَاوَا سَڀَئِيۡ ٿِئَا، 
                                تَڏهٍ بَادِشَاهِيءَ جوۡ بُنۡيَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ مِلَنۡدِيۡ شَاهِيۡ تَبَاهِيۡ به وينۡدِيۡ، 
                                تَڏَهٍ عَدۡلَ جوۡ چَؤطَرَفِ نَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ نَادُ مُسۡلِم جوۡ وَڄَنۡدوۡ جھَانَ ۾، 
                                تَڏَهٍ ڪُفۡر جوۡ نَادُ بَرۡبَادُ ٿِيندُو. 
                                جَڏَهٍ هَرۡڪوۡ ڪِيۡنُونۡ ڪُڌَائِيۡ نَه 
                                هُونۡدِيۡ، 
                                تَڏَهٍ ڪوۡ نَه ڪوۡ ڪيۡرُ ڪَمۡ زَادُ ٿِيندُو. 
                                خُدَا پَاڪَ جيۡ خَاصَ سَائِلُ رَهَڻ سَان، 
                                اَسَانۡ جوۡ وَرِيۡ مُلۡڪُ آزَادُ ٿِيندُو. 
                                 
                                  
                                
                                
                                ”قِطۡعَه“ 
                                
                                رَهۡيُسِ نَفۡسَ جوۡ زيۡرِ فَرۡمَانُ ٿِيۡ، 
                                پَيَمِ ڪَانَه اِنۡصَافَ جِيۡ ڪَا پَروۡرَ. 
                                وَڏَائِيۡ وَڃيۡ دِلِ مَنجھَانۡ دُورِ ٿِيۡ، 
                                اَچيۡ دِيۡنَ جِيۡ سَمۡجھَ جوۡ ڪوۡ شَعُورُ. 
                                سَداءِ سَڀَئِيۡ عَرۡضَ سَائِلَ جَا سُڻ، 
                                پَسَائِيۡنسِ روۡضيۡ مُنَوَّر جوۡ نُورُ. 
                                 
  
                                
                                بَيۡتُ ”اِهوۡ آهِ سَائِلَ جوۡ توۡ دَرۡ سَوَالُ، وَڃيۡ مُلڪ 
                                مَانۡ شَالَ ڪُلۡفَتَ ۽ ڪَالُ“ 
                                
                                  
                                
                                
                                 
  
                                
                                  
                                
                                
                                ”بَابُ الۡخَامِسُ“ 
                                
                                ”مُشۡتَمِلُ بَه چَنَّدِ رَدِيۡفُ وقِطۡعَاتۡ و مَثۡنَوِيَاتۡ“ 
                                
                                  
                                
                                ”رَدِيۡفُ الۡاَلۡفُ“ 
                                
                                هَميۡشهَ ڪَريۡ حَمۡدُ حَقَ جوۡ سَدَا،  
                                اُنِهيءَ پَاڪَ جيۡ دَرَ جوٿِيۡ تُونۡ گَدَا. 
                                ڪَرِيۡن ڪوۡ بِه ڪَمُ دِيۡنَ دُنۡيَا جوۡ تُون، 
                                تَه ڪَرۡ اُنَ جيۡ نَاليۡ سَانۡ تُونۡ اِبۡتِدَا. 
                                اُنِهيءَ جَا تُونۡ اَحۡسَانَ اَحۡسَانَ ڏِسُ، 
                                تهَ خَلۡقَتَ ۾ ٿِئَا تُنۡهِنۡجَا رُتِبَا وَڏَا. 
                                ڪَريۡ توۡ کيۡ اِنۡسَانُ مُسۡلِمَانُ ڪَيَئيِن، 
                                ڪِيئين تُنۡهِنۡجوۡ مُرۡسَلۡؐ نَبيۡؐ مُقۡتِدَا. 
                                هَٿَانۡ اُنَ جيۡ قُرَۡانۡ اِنۡعَام ڪِيئين، 
                                اُهوۡ ٿِيوۡ سَڀۡنِ لَاءِ راهِ هُدَا. 
                                اُنِهيءَ سَاڻُ اِسۡلَامُ روۡشَنۡ ٿِئوۡ، 
                                چَيوۡ ذِڪۡرُ اُنَ کيۡ مُبَارَڪ خُدَا. 
                                سَدَا رَهۡجِ سَائِلَ تُونۡ الله جوۡ، 
                                ڪِجَانۡ اُنَ جيۡ دَرَ تيۡ سَدَا اِسۡتِدِعَا. 
                                 
                                 
  
                                
                                ”رَدِيۡفُ الۡبَاءِ“ 
                                
                                مِلۡيو توۡکيۡ مُسۡلِمَ جوۡ خَاصوۡ خِطَابُ، جُڙِيۡ جَاءِ 
                                توۡلَاءِ حُسۡنُ الۡمَآبُ، 
                                هِدَايَت کَڻِيۡ آيوۡ جَڳَ ۾ نَبيۡؐ، کَڻِيۡ آيوۡ 
                                توۡڏيۡ خُدَا ئِيۡ ڪِتَابُ. 
                                مِلۡيُونۡ توۡکيۡ اَعۡليٰ اُهيۡ نَعۡمَتُونۡ، 
                                سَبَبِ جَنِ ٿِئين تُونۡ وڏو مُسۡتطابُ، 
                                اُٿِيۡ نيۡڪُ ٿِيۡ نيۡڪَ اَعۡمَالَ ڪَرۡ، مَتَانۡ 
                                توۡتيۡ آخَرِ ٿيئيۡ ڪوۡ عِتَابُ. 
                                چَڱَائِنِ جوۡ مَلَنۡدُءِ اُجُورو چَڱُونۡ، اَگرِ 
                                گهَٽِ مِليۡ ته بِه ڏَهُوڻونۡ ثَوابُ. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”بَيۡتَ دُومُ“ 
                                
                                خُدَا ڪَاڻِ مَرَنۡديۡن تَه هُونۡديۡن حَيَاتُ، 
                                ٻِيوۡ توۡکيۡ مَلَنۡدوۡ اَجُرُ بيۡ حِسَابُ. 
                                سُمَهِيۡ رَهُ نَه سَائِلَ مَچِيۡ مَرۡدُ ٿِيۡ، 
                                اُٿِيۡ آڻِ مُلۡڪَ ۾ ڪوۡ تُون اِنۡقِلَابُ. 
                                 
  
                                
                                ”ٻ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                مَچِيۡ مَرۡدَ صِفَ ٺَاهِ ٻَڌُ پَنۡهِنۡجَاپَٻَ، 
                                وَٺوۡ پَنۡهِنۡجِيۡ بيۡٺَڪَ بيۡهو گَڏِجِيۡ ٻَه 
                                ٻَه. 
                                خُذُو مَاَحَذَرۡڪُمۡ جوۡ حُڪُمُ تُونۡ هَنۡڍَاءِ، 
                                تَه دُشۡمَنَ تيۡ تُنۡهِنۡجوۡ ٿِيئيۡ دَاٻُ دَٻَ. 
                                ڏِنِيۡ توۡکيۡ قوَّتَ قَويُ الۡمَتِيۡن، 
                                مُقَابِلِ هُجَنِ توۡڻيۡ توۡسَاڻُ ڇَهبَ. 
                                قِنَاعِتَ ڪَنۡديۡنۡ تَانۡ ٿِيۡنديۡن ڪَامِيَابُ، 
                                مِليۡ مَالُ طَيَبُ رُکِيۡ مَانِيۡ رَٻَ. 
                                عِبَادَتَ سَخَاوَتَ تَوَاضِعُ نِمَازَ، 
                                اِهوۡ تُنۡهِنۡجوۡ مَقۡصَدُ نَه ٻِيۡ ٽَانَ ٽَٻَ. 
                                کَٽِيۡن توۡڻيۡ هَارِيۡن تَه هِيءَ مَهَلَ آهيۡ، 
                                اُٿِيۡ مِيڙِ مَاڻِڪَ نَه ڪَرِ ڍيرَ ڍٻَ. 
                                وَٺِجِ وَاٽَ سَائِلَ صِرَاطُ سِڌِيۡ، 
                                ٻِئَنِ جيۡ دَرَنِ تيۡ ڌِڪَا کَاءُ مَ دَٻَ. 
                                 
                                 
  
                                
                                ”ڀ“ حَرَف جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                خُدَا جيۡ حُڪُمَ رِيءَ چُريۡ ڪوۡ نَه کَنّڀُ، 
                                سَنۡدُسِ ڪوۡ بِه نَاهيۡ قَبِيۡلوۡ نَه ڪُنّڀُ. 
                                سَنۡدَسِ قُدۡرَتُونۡ بيۡ مِثلِ لَازوَالُ، 
                                ڏِسوۡ آسِمَانَنِ کيۡ ٿُوڻِيۡ نَه ٿَنّڀُ. 
                                مَڏِيۡ مَالُ ميۡڙيۡ نَه رَکُه پَاڻَ وَٽِ، 
                                مَتَانۡ پوءِ ڏِينَئِيۡ تَپَائيۡ نَه ڏَنَّڀُ. 
                                ڪَريۡ ڪُنۡ سَانۡ پَيۡدَا ڪَريۡ جوۡ گهُريۡ، 
                                اُنِهيءَ جوۡ ڇَڏيۡ دَرُ نَه ڏِسُ ٻيۡ جو ٻُنّڀُ. 
                                وَڻيۡ جَنۡهِنۡ کيۡ، گهُرَنۡدَڙ، گهَڻونۡ اُنَ 
                                کَانۡ گهُرۡ، 
                                رُڌَلَ سَاڻُ راضِيۡ راهيۡ تَنهِنۡسَانۡ رُنّڀُ. 
                                پَسَنۡدِ جَنۡهِن کيۡ عَاجِزَ ۽ زَارِيۡ ڪَنۡدَڙ، 
                                سَنۡدَسِ دَرَ تيۡ سَائِلَ صَدَا ڪَرۡ ۽ سَنّڀ. 
                                 
  
                                
                                ”ت“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                وِيَا وَڌِيۡ دُنِيَا سَانۡ مُنۡهِنۡجَا تَعۡلِقاتَ، 
                                ٿِيۡ وِيُسِ حَيۡرانُ سَاروۡ ڏِيۡنهن راتِ. 
                                نفس جيڪر توکي گُهر جي ٿِي نِجاتَ، 
                                تات ڪر اَللهَ جِي تُون ڏينهن راتِ. 
                                ڏينهن هڪ غَافِل نه وِهه اَلله کان، 
                                ڄَاڻُ اُن کي سَڀ صِفَت ۾ پاڪ ذَات. 
                                ڇَڏ نه اُنجو در نه وَڃ ڪنهن ٻئي طرف، 
                                چَئُه نه ڪنهِن ٻئي ۾ اُنهيءَ جِي توَن صِفات. 
                                جو به گُهرجَئيِ گهُرُ اُهو اَلله کان، 
                                اُن جي هَٿَ ۾ آهي سَارِي، ڪائِنَات. 
                                ٻِئَا ڇڏي ڏَاتَارَ اَچُ ڏَاتارَ وٽ، 
                                جنهنجي هَٿَ ۾ هَر طَرَحَ جِي آهي ڏاتِ. 
                                هي شَهنشاهه ٻئا سَڀَئيِ ٻَانها سَندَسِ، 
                                سَڀ طَرَحَ اَلله جِي اَعليٰ صِفاَتِ. 
                                سَڀ ٿِئا سَائل سندس دَرگاهَ جا، 
                                ٿو ڪَٽي هَر ڪنهنجِي هَرڪا مُشڪلاتِ. 
                                 
  
                                
                                ”ايۡضًاً“ 
                                
                                ويۡسَلوۡ غَافِلُ ڪَيوۡ عُقۡبيٰ کَانۡ مُونۡکيۡ مَاهَرُوءَ، 
                                روۡزُ شَبۡ مُونۡ کيۡ رَهيۡ اُنَ جيۡ طَلَبَ جِيۡ 
                                تاتِ تاتِ. 
                                ڏِينۡهُنۡ ٿِينۡدۡو هۡو تَه ڏِسَنۡدۡو هۡوسِ 
                                پِرَيئَنۡ جيۡ رَاهَ ڏيۡ، 
                                پَرَ نَه مِلۡبۡو هۡو تَه ٿِينۡديۡ هُئيۡ ڪَڙِي 
                                سَڀِ ڪَائِنَاتِۡ. 
                                 
  
                                
                                ”ايضًاً“ 
                                
                                ڏِينۡهُنۡ ٿِينۡدۡو هُو تَه ڏِسَنۡدۡو هۡوسِ پۡوسِٽِ مۡئين ڏيۡ، 
                                گۡو نَه خَطُ مِلُيۡو تَه ٿِينۡديۡ هُئيۡ ڪَڙِيۡ 
                                سَڀۡ ڪَائِنَاتِ. 
                                 
  
                                
                                ”ايۡضاً“ 
                                
                                کَپۡي جۡيڪَڏَهٍ تۡوکيۡ رَاهِ نِجَاتَ، 
                                سَدَا رَهۡجِ پَابَندۡ صۡومۡ و صَلَوٰتَ، 
                                 
  
                                
                                ”ٽ“ ايضًا 
                                
                                دُنيا لاءِ ڇو ٿو هَڻِين جَهڙَپَ جَهٽَ، 
                                صُبح شَامَ ويٺو ڪرين جوڙَ ڪَٽَ. 
                                دنيا هَٿِ ڪَرڻ لئه مَٿا ڪُٽَ ڪري، 
                                ڀرين مُفتَ جي مَالَ مان ٿو تُون مَٽَ. 
                                پُٺيان تُنهِنجي آهي عَدُوُّ مَبِين، 
                                مَتان توکي کاري ڏيئي چُستُ چَٽَ. 
                                اَڳۡيَانۡ سَفَرُ اَهَکۡو ثَمَرُ تُوۡن سَنۡڀَالِ، 
                                مَتَانۡ زَادَ ڌَرَانۡ هَڻِيۡ پۡوءِ زَٽَ. 
                                اُتيۡ نيۡٺِ هَلَنۡديۡنِ ڇَڏيۡ هِيۡ جَهَانۡ، 
                                جِتيۡ ڪيۡنَ هَلَندَا ٻَئا نَازَ نَٽَ. 
                                اَچيۡ نَيۡٺِ بيۡهَنۡدۡو مَٿَانۡ اۡوچِتۡو، 
                                ڇِڪيۡ سَاهُ ڪَڍَنۡدۡو ڏۡيئيۡ سَختُ سَٽَ. 
                                بَيَابَانُ وِيۡرَانُ ڪَارِيۡ قَبَرَ، 
                                مَٿَانۡ دۡوسِتَ وِجَهندءَ دَٻيۡ ڌُوڙِ لَٽَ. 
                                ڪَنۡدينۡ مَالَ مَحَلَاتَ بُسۡتانَ بَاغَ، 
                                حَوَاليۡ ٻِئَنِ جيۡ هيۡ ڪُرۡسيُونۡ ڪَٻَٽَ. 
                                ڪَفَنَ جَا ٻَه ٽِيۡ هَٿَ مِلَنۡدَا ڪِين(1) 
                                نَه، 
                                ڀَليۡ هُونِ تۡو وَٽِ پَٽيهَرَ ۽ پَٽَ. 
                                اَڪۡيلۡو قَبَرَ تَنۡگِ تَارِيۡڪَ ۾، 
                                جِتيۡ بسۡتِرۡو نَاهِ بَالِيۡنَ کَٽَ. 
                                ثَمَرَ ڌَارَانۡ سَائِلَ ڪَرۡ سَمُجهِيۡ سَفَرُ، 
                                جِتيۡ(2) 
                                ڪۡونَه هُونۡدَا ڪيۡ وَاپَارَ هَٽَ. 
                                 
  
                                
                                ”ٿ“ حَرَفَ جۡو رَدِيۡفُ“ 
                                
                                وَٺِي دِينَ اسلامِ واحِدَ جِي وَٿ، 
                                کڻِي غَير حق ڏانهن هاڻي ٿو هَٿُ. 
                                ڇڏي حَيُّ قَيُّوُمُ، بي جان ڏي، 
                                وٺيو ٿو وَڃي پاڻَ سان ساٿ سٿ. 
                                اُٿِي حَيُّ جو حَمدُ تَسبِيحَ ڪر، 
                                ٻِئَنِ جِي نه ڪر تُون ڪٿا ۾ نه ڪَٿ. 
                                سدا رَهج سائل خُدا پاڪ جو، 
                                خدا جي رَضَا جِي سدا ڳول رِٿَ. 
                                 
  
                                
                                ”ٺ“ حَرَفَ جۡو رَدِيۡفُ“ 
                                
                                خُدَا جۡو رَسۡو وَٺُ بَه مَضۡبُوطُ مُٺِ، 
                                نَبِيءَؐ جيۡ حُڪُمَ ڏيۡ ڪَڏَهٍ ڪَرۡ نَه پُٺِۡ. 
                                نَبِيءَؐ جيۡ حُڪُمَ ڏيۡ پُٺيۡ جۡو ڪَريۡ، 
                                اُنِهيۡءَ سَاڻُ ٿِينۡدِيۡ وَڏيۡ جَاڙَ جُٺِ، 
                                هِتيۡ آئينۡ تُوۡن ڪُجُهه ڪَمَائِڻَ جيۡ لاَءِ، 
                                مَگرِ تۡو وِڃَايَا سَڄَا سَالَ سَٺِ. 
                                نَفَعُ ڪۡونَه ٿِئُو بَلَڪِ مُوڙيۡ وَئيۡ، 
                                بَچئۡو بَاقيۡ هِڪۡڙۡو وِيَا اُوڻَهَٺِ. 
                                اَڃَاۡن وَقۡتُ اَٿَئيۡ خُدَا ڏَانۡهَنۡ مۡوٽُ. 
                                مَتاَنۡ پَاَڻ کيۡ پۡوءِ چَويِنۡ حيۡفُ ڦِٽِ. 
                                آهيۡ سَائِلَنۡ جۡو مُجيۡبُ الدُّعَا، 
                                کَڻِيۡ وَڃُ نَه ٻيۡ دَرَ تيۡ ڪِشتو ۽ لَٺِ. 
                                 
  
                                
                                ”ث“ حَرَفَ جۡو رَدِيفُ“ 
                                
                                ٻِئَنۡ وَٽِۡ مَٿَانۡ ٿِيۡن وَڃي مُسۡتَغَاثُ، 
                                اَڳِياَنۡ پَاڪَ اَللهُ ڪَرۡ اَلۡغَيَاثُ. 
                                مَدَدَ گهُرُ تَه اَللهَ اَڪۡبَرَ کَانۡ گهُرُ، 
                                ٻِئۡو ڪۡو بِه ڪَنۡهِنۡجۡو نَڪۡو غۡوثُ غَاثُ. 
                                خُدَا پَاڪُ وَاحِدُ صَمَدُ بيۡ نِياَزُ، 
                                نَصَارَنِ مِثۡلِ ڪِيۡنَ سمُجهِجِ ثَلاَثُ. 
                                سَڀۡنِ سَائِلَنۡ سُڻيۡ سَڏَ سَمِيعُ، 
                                مِڙَئِيۡ مُلۡڪُ اُنَجۡو مِلِڪَ ۽ مِيۡرَاثُ. 
                                 
  
                                
                                ”پ“ حَرَفَ جۡو رَديفُ“ 
                                
                                ذِڪۡرَ ۾ اَللهَ جيۡ پِئَو چُورِ چَپَ، 
                                مَاسِوَ اللهِ رَکُ نَه ڪَنۡهِنۡجوۡ ڊَاءُ ڊَپُ. 
                                پَنۡهِنۡجيۡ عِصۡيَانَن کَانۡ تَائِبُ جَلۡدُ ٿِي، 
                                سَمُجهَه رَکُ اَللهَ جيۡ حَدَ ڪَانَه ٽَپُ. 
                                 
  
                                
                                ”ڦ“ حَرَفَ جۡو رَدِيفُ“ 
                                
                                قِطۡعَهۡ 
                                
                                نِهَائِينءَ مِثۡل ڪَڍُ ٻَهۡر ڪِيۡنَ ٻَاڦَ، 
                                تَڪَبُّرُ ڪَريۡ هَڻُ لَٻَاڙُوۡن نَه لاَڦَ. 
                                مَڃۡي حُڪُمُ مۡوليٰ جۡو اَندَرِ ٻَهَرِ، 
                                نَه ڪِجِ ڪَنۡهِنۡجوۡ خَطۡرۡو نَه سَانگۡو 
                                سَرَاڦُ. 
                                 
  
                                
                                ”ج“ حَرَفَ جۡو رَدِيفُ“ 
                                
                                جَهَانۡ ۾ جَڏَهِنۡ ڪِئۡو سُهَائۡو سِرَاجَ، 
                                وِيۡو دُورِ مُلۡڪَ مَانۡ ٿِيۡ اَنّڌِرَاجُ. 
                                ڏِنۡوۡن شَرَفُ موَليٰ عَرَبَ مُلۡڪَ کيۡ، 
                                مَڪيۡ ڏَانۡهه مُڪَائينۡ وَڏۡو پَنۡهِنۡجوۡ ڏَاجُ. 
                                خُدَا پَاڪَ پَنۡهِنۡجوۡ پيۡغَمبَّرُؐ ڪَريۡ، 
                                مُڪۡو مُصۡطفَيٰؐ ڏَئِي نَبُّوتَ جۡو تَاجُ. 
                                سَنۡدسۡ شَانۡ ۾ آيۡو خُلۡقُ عَظِيمُ، 
                                مِڙِنِ کَانۡ مُقَرَّبُ ۽ مُحَسَنُ مِزَاجُ. 
                                سَڄۡي مُلۡڪَ جيۡ لاَءِ مُرۡسَلُ حَڪيۡمُ، 
                                ڪُدُوَرتَ قَلۡبَ لاَءِ اَحۡسَنُ عِلَاجُ. 
                                خُدَا ڪِئۡو ڪِڻۡسِ رَحۡمَةُ الِلِّعَالَمِيۡنۡ، 
                                سَڄِۡي مُلۡڪَ خَاطَرۡ سِرَاجُ وَهَاجُ. 
                                نَبيءَؐ تيۡ صَلَواتُونۡ ڪِرۡوڙيۡن ڪرِوُڙُ، 
                                پَڙَهَڻُ آهِ سَڀَ تيۡ خُدَا ئيۡ خِراجُ. 
                                رَهجِ رَبَّ سَائِينۡ جۡو سَائِلُ سَدَا، 
                                جَڏَهٍ ڀِيۡ پَويۡ ڪۡو تۡوکۡي اِحۡتِيَاجُ. 
                                ڇَڏيۡ اَهۡڙو خَالِقُ ٻِئنِ وَٽِ وَڃۡي، 
                                ڪَرِين ڇو اَجَايۡو وَڃِئو احتجاج. 
                                 
  
                                
                                ”ڄ“ حَرَفَ جۡو رَدِيفُ“ 
                                
                                پِئۡو خُوبُ مَاڻِيۡ دُنۡيَا ۾ مَزا اَڄُ، 
                                نَه ڪۡو خۡوفُ تُوکيۡ تَه مِلَنۡدِيئِه سَزَا 
                                اَڄُ. 
                                تَوَنّگــَّرِ ٿِئۡو ۽ تَڪَبُّرُ ڪَرِينۡ ٿو، 
                                اِها تُنۡهِنۡجيۡ بُڇۡڙِيۡ گَنۡدِيۡ ٿيۡ گَزا 
                                اَڄُ. 
                                جَڏَهٍ توۡکِيۡ ڪۡو خۡوفُ خَطۡرۡو رَسَيۡ ٿوۡ، 
                                تَڏَهٍ ٿۡو چَويۡن آهِيۡ رَبَ جِيۡ رَضَا اَڄُ. 
                                جَڏَهٍ ٿۡو مُصِيۡبَتَ ۾ ڦاسِيۡن چَويۡنِ ٿۡو، 
                                ڪَيۡو قَيۡدِ قَابُو قَفس ۾ قَضَا اَڄُ. 
                                جَڏَهٍ ڪَامِيابِيۡ مُيَّسِرُ ٿِيئيۡ ڪَا، 
                                تَڏَهٍ خُوشِ ٿِئۡو چَئينۡ ٿو تَه ٿِيۡ خُوشِ 
                                فِضَا اَڄُ. 
                                اُٿيۡ سَمُجُهه سَائِلَ تُونۡ سَڀۡ ڪَمَ ڇَڏيۡ 
                                ٻِئا، 
                                اِنۡهيۡءَ نَفَسَ غَافِلَ سَانۡ ڪَرۡ تُونۡ غَزَا 
                                اَڄُ. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”جھ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                خُدَا کَانۡ سَوَا ٻِيۡ ٻِيَائِيۡ نَه ٻُجھُ، 
                                ڌَڻِيۡءَ رِيۡ ٻِئَنِ ۾ نَه تُوۡنۡ وَنّگَ وِجھُ. 
                                ڇَڏيۡ رَاهَ رَبَ جِيۡ نَه وَٺُ وَاٽَ ٻِيۡ، 
                                وَٺِيۡ رَاهِ رَاسِخَ ٻِئَنِ هَنۡڌِ مَ مُنۡجھُ. 
                                گَهڻَانۡ دَرَ خُدَا رِيءَ کُلۡيَا ٿوۡ ڏسين، 
                                مَگَرِ غَيۡر حَقَ ۾ رَکِيوۡ ڪِينهينۡ ڪُجھُ. 
                                سَچوۡ عَالَمُ الۡغَيۡبُ الله آهيۡ، 
                                ٻِئوۡ ڪُجھۡ بِه ڄَاڻيۡ نَٿوۡ غَيۡبُ ڳُجھُ. 
                                سَدَائِيۡن تُونۡ سَائِلَ رَهِيۡ رَبَ سَنۡدوۡ، 
                                ٻِئَا شِرِڪَ بِدۡعَتَ جَا ڇَڏۡجِ وَجههَ سَمۡجھَ. 
                                 
  
                                
                                ”ڃ “ حَرَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                مَٿَانۡ دَرَ ڌَڻِيۡءَ جيۡ تُونۡ ڀيۡروۡ نَه ڀَڃُ، 
                                ڇَڏِيۡ دَرُ خُدَا جوۡ تُونۡ ٻِيۡ دَرِ نَه وَڃُ. 
                                پِنيۡ جوۡ ٻِئَنِ کَانۡ ڇَڏيۡ دَرُ خُدَا، 
                                اُهوۡ عِوَضِ پَاڻِيۡءَ ڏِسيۡ رَاهَ رُڃَ. 
                                بحر تيۡ جوۡ ويۡهِيۡ ٿوۡ ڳوۡلِيۡ نَهَرَ کيۡ، 
                                مَريۡ سوۡئِيۡ دَرۡيَا تِيۡ وَهَنۡدِيۡ بِه اُڃَ. 
                                ڇَڏيۡ دَرُ، جوۡ سَائِيۡنءَ وَڃيۡ ٻِيۡ طَرَفَ، 
                                تَنۡهِيۡن لَئِه هِيۡ سَاروۡ ئِيۡ مُلۡڪُ آهِ 
                                سُڃَ. 
                                سَدَائِيۡن تُونۡ سَائِلَ رَهۡجِ رَبَ سَنۡدوۡ، 
                                حُڪُمَ سَڀَئِيۡ هُنَ جَا هَمَه حَالَ مَڃِ. 
                                 
  
                                
                                ”ايۡضاً“ 
                                
                                دَرَ مَٿَانۡ الله جيۡ مَايُوسُ ٿِيۡ ڪَڏَهِيۡن نَه وَڃُ، 
                                جوۡ پِئوۡ سَڀَ کيۡ سَنۡڀَاليۡ تَنۡهِنۡجوۡ تَانۡ 
                                ڀيۡروۡ نَه ڀَڃُ. 
                                رِزۡق سَڀَ کيۡ ٿوۡ رَسَائيۡ جيۡڪِيۡ جَنۡهِنۡ کيۡ 
                                ٿوۡ کَپيۡ، 
                                ڪِنِ کيۡ ميۡوَا، گَاهُ، اَنُ، ڪَنۡهِنۡجوۡ ٿَڻَنِ 
                                ۾ رِزۡقُ ٿَڃُ. 
                                جيۡڪوۡ اَڻَ گهُريوۡ بَنۡدَنِ جِيۡ پَالِنَا 
                                پُوريۡ ڪَريۡ، 
                                سَائِلَ اُنَ جيۡ ڏِنيۡ مَانۡ ٿَا ڪَرۡيُونۡ سَڀِ 
                                کَايوۡ جُڃُ. 
                                 
  
                                
                                ”چ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                بَنۡدَا ميۡڙِ موۡتِيۡ ڪَمَائِج نَه ڪَچُ، 
                                رَکِيۡ صَافُ سِيۡنُونۡ سَدَا ٻوۡلِ سَچُ. 
                                ڪَثَافَتَ ۽ ڪِيۡنُونۡ ڪَڍِيۡ قَلۡبَ مَانۡ، 
                                وَٺِيۡ ٻَارِ دِلِ ۾ مُحبَتَ جوۡ مَچُ. 
                                نَبِيۡؐ پَاڪَ جِيۡ پيۡرَوِيۡ ڪَر سَدَا، 
                                رَسُولِؐ خُدَا جيۡ رِسَالَتَ ۾ رَچُ. 
                                سَنۡدَسِ آلَ اَصۡحَابَ سَانۡ حُبَّ رَکُه، 
                                ٻِئَنِ بُزۡرِگَنِ جيۡ بَغَاوَتَ کَانۡ بَچُ. 
                                ٻِئَنِ ڏيۡ کَڻِيۡ هَٿَ خُدَا کيۡ ڇَڏَيۡ، 
                                اُهوۡ آهِ گُمۡرَاهُ لُفَنۡگوۡ ۽ لُچُ. 
                                مُحبَّتَ رَکِيۡ پَاڪَ اَللهَ جِيۡ، 
                                اُنِهيءَ جيۡ نَبِيۡؐ سَانۡ رَکِيۡ پِرتِ پَچُ. 
                                ڇَڏيۡ دَرۡ خُدَا جوۡ وَٺِيۡ رَاهَ ٻِيۡ، 
                                ٻِئَنِ جيۡ دَرَنِ تيۡ نَه نَاگوۡ ٿِيۡ نَچُ. 
                                خُدَا جِيۡ رَضَا ڳوۡلِ سَائِلَ سَدَا، 
                                طَلَبَ ۾ تَنۡهِيۡن جيۡ پِئوۡ ٽَهَڪُ ٽَچُ. 
                                 
  
                                
                                ”ڇ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ، 
                                
                                خُدَا پَاڪَ جوۡ پَنۡڌُ پيۡنَارَ پُڇُ، 
                                ٻِئَنِ ڏَانۡهَن ڪَڏَهِيۡن نَه لَالِچ ۾ لُڇُ. 
                                خُدَائِيۡ ڪَمَنِ ۾ قَضَا ڪَا اَچيۡ، 
                                تَه رَاضِيۡ رَهِيۡ اُنَ قَضَا تيۡ نَه ڪُڇُ. 
                                ڪِيَاڙِيۡ ۽ ڏَاڙِهِيءَ کيۡ ڪُوڙيۡ ڪَٽيۡ، 
                                مَروۡڙيۡ مُڇُونۡ ڪَرۡ پَکِيءَ جوۡ نَه پُڇُ. 
                                زَنۡجِيۡرُوۡنۡ ڪَنۡگَڻَ ۽ ڪَڙۡيُونۡ ڪِيۡنَ 
                                پَاءِ، 
                                مَٿوۡ مُڇ ۽ ڏَاڙِهِيۡ رَکِيۡ ٿِيۡ نَه رِڇُ. 
                                سَدَا رَبَ جوۡ سَائِلُ سَڏَائي ۽ پوءِ، 
                                ٻِئَنِ جيۡ اَڳِيَانۡ لَالَچِيۡ ٿِيۡ نَه لُڇُ. 
                                 
  
                                
                                ”ح“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                هُجِيۡن پِيۡرُ سَيَّدُ مُلُونۡ يَا مَلَاحُ، 
                                تَه سَڀَ ڪَنۡهِنۡ کيۡ آهيۡ سُٺِيۡ هِيءَ صَلَاحَ. 
                                ڪِٿِيۡ بَحَرَ ۾ هُئيۡن يَا بَرَ ۾ هُجِيۡن، 
                                هُجِيۡن پَنۡهِنۡجيۡ گَهَرِ يَا هُجِيۡن تُونۡ 
                                سَيَاحُ. 
                                سَوَيۡروۡ سُمِهِيۡ ۽ سَوَيۡروۡ اُٿِيۡ، 
                                صَفَائيۡ ڪَريۡ پَڙُهۡ صَلَوٰتُ الصّبَاحَ. 
                                مُؤَذِنُ جَڏَهٍ توۡکيۡ رَبَ ڏيۡ سَڏيۡ، 
                                تَڏَهِنۡ ڇَڏِ ٻِئَا ڪَمَ هَلِيۡ وَٺُ فَلَاحَ. 
                                ٻُڌِيۡ سَڏۡ خُدَا جوۡ نَٽَائيۡ مَ ويۡہُ، 
                                اِهوۡ ڏوۡهُ ٿِيۡندوۡ نَه ڪَنۡهِنۡ کيۡ مُبَاحُ. 
                                 
  
                                
                                ”خ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                يَقِيۡنُ ڪِرَنۡدِيۡ ڪَڏَهِينۡ سَنۡدَءِ تَنَ جِيۡ ڪَاخَ، 
                                وِينۡدِيۡ وَڍِجِيۡ هِڪَ ڏِينۡهِنۡ سَنۡدَءِ دَمَ 
                                جِيۡ شَاخَ. 
                                 
  
                                
                                ”د“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                اللهُ اللهُ شَانِ مُحمَّدُصه ٿِيوۡ خوۡدِ خُدَا مَدَحَ خَوَانِ 
                                مُحمَّدُؐ، 
                                ڪَرۡيَانۡ ڪيۡتِرَا دَاسِتَانِ مُحمَّدُصه ڪَريۡ 
                                ڪيۡرُ سَگَهنۡدوۡ بَيَانِ مُحمَّدُؐ. 
                                 
  
                                
                                ”ڏ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                ڪَريۡ ٿِيۡ روۡزَانوۡ بَنۡدَا توۡکيۡ سَڏَ، 
                                سُڄيۡ جَا قبَرَ جِيۡ اَنۡڌَارِيۡ ٿِيۡ کَڏَ. 
                                 
  
                                
                                ”ڊ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡفُ“ 
                                
                                خُدَا جي مِلَڻَ جِيۡ اَٿَئِيۡ جيۡ اُڪَنّڊ، 
                                نَه وَڃُ ٻئي طَرَفِ ۽ نَه ٻِيَا ڀيۡٽِ بُنّڊ. 
                                اُهَا وَاٽَ وَٺُ جَا سِڌِيۡ مُسۡتَقِيۡم، 
                                ٻِئَنِ کيۡ سَڏيۡ نَه وِجھُ ڪَا رَاهَ رَنۡڊَ. 
                                گهَڻُونۡ روۡءُ ۽ کِلُ ٿوۡرِڙوۡ ايۡ اَدَا، 
                                اَڃَانۡ توۡتيۡ آهيۡ رَکِيۡ ڇَاڻَ ڇَنّڊَ. 
                                اُتيۡ ڪَامِيَابِيۡ کَپيۡ ٿِيۡ جِتيۡ، 
                                گُنَهَگَارُ اَبَرَارَ جِيۡ ٿِيۡنديۡ چُنّڊ. 
                                نَه صُوفِيۡ سَڏَائيۡ تُونۡ بيۡدِيۡنُ ٿِيۡ، 
                                وَڄَائيۡ طَنۡبُورَا ۽ ڏوۡنۡڪَا ۽ ڏَنّڊ. 
                                نَه رُهُبَانَ وَانۡگيۡ ڇَڏيۡ تُونۡ ڇَتَا، 
                                وَسَائِيۡن وَڃِيۡ ڪنهِن قَبَرَ جِيۡ ڪَا ڪُنّڊَ. 
                                توَّڪَلَ جِيۡ توۡهِينَ آهيۡ اِهَا، 
                                تَڪِۡينۡ گَهَر ٻِئَنِ جَا وَٺِيۡن پوۡءِ وَنّڊَ. 
                                مُلَانۡ ٿِيۡ مُنۡجھَائِجُ نَه تُونۡ خَلۡقَ کيۡ، 
                                ڪَريۡ ڦُوڪَ ڦِيڻانۡ ۽ تَعَوِيۡذَ مَنۡڊَ. 
                                خُدَا کَانۡ سَوَا ڪَنۡهِنۡجو سَائِلُ نَه ٿِيۡ، 
                                اُنِهيءَ کَانۡ نَه گهُرُ، جوۡ وِجھيۡ مُنۡهَنۡ ۾ 
                                گُهنّڊ. 
                                 
  
                                
                                ”ڍ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                نَه لَڳِجَانۡ ڪَڏَهِنۡ نَفۡسَ شيطَانَ ڪَڍَّ، 
                                هَميۡشَه وِجھيۡ جوۡ وَڏَا ويۡرَ وَڍَّ. 
                                وِجھيۡ وِسۡوَسَا ڏيۡ گُنَاهَنَ جا ڏَسَ، 
                                وَڏَا ڏيۡ دِلَاسَا ۽ بَخۡشَشۡ جَا ڏَڍَّ. 
                                چَوَنِ نَفۡسُ مَارَڻَ کيۡ اَڪۡبَرُ جَهَادُ، 
                                مِثۡلِ شيۡرَ جيۡ ٿِي، نَه رَکُه رُوپُ رِڍَّ. 
                                نَه ٿِيۡ سُسۡتُ ڪَرۡ ڪَارِ ڪَمۡ قُوتَ لَاءِ، 
                                پِنِيۡ گهَرَ پَرَاوَا نَه ڀَرۡ پيۡٽَ ڍَڍَ. 
                                سَدَا سَار سَائِلَ جي جيڪو لهيۡ، 
                                اُهوئِي آ رَزَّاقُ لڳُ اُن جي ئِي ڪڍُّ. 
                                 
  
                                
                                
                                 
  
                                
                                ”ذ“حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                مِيَانۡ مَشوَروۡ هِيۡ اَٿَئِيۡ ڏَاڍوۡ شَاذُ، 
                                لُٽيۡريۡ نَفۡسَ لَئِه مَنۡڊيۡ رَهَ مَحَاذُ. 
                                 
  
                                
                                ”ر“حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                خُدَا سَانۡ رَکُه خَاصَ مُحبَّتَ عَامَ سَانۡ اُلۡفَتَ عَامَ 
                                نَه ڪَرۡ، 
                                مَالِڪَ سَانۡ اَنۡجَامُ نَه پَاڙيۡ ۽ پَاڻَ کيۡ 
                                بَدۡنَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                لَائِقَ سَانۡ نَالَائِقُ ٿِيۡ هَلَنۡدَيۡن تَه 
                                وِڃَائينۡديۡن پَتِ ڪَارۡ، 
                                پَنۡهِنۡجيۡ سَانۡ تُونۡ ٽوۡڙِ نَه نَاتَا خِيَالُ 
                                اِهوۡ تُونۡ خَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                حَدَ لَتَاڙيۡ دِيۡنَ سَچيۡ جِيۡ بَدۡڪَارِيءَ 
                                جِيۡ تُونۡ وَاٽَ نَه وَٺُ، 
                                پَاڻِهين تُونۡ پَنۡهِنۡجوۡ مَانۡ وِڃَائيۡ پَاڻَ 
                                کيۡ بَد پيۡغَامُ نَه ڪَرۡ(1). 
                                سَاٿُ سَدَاءِ حَق جوۡ وَٺُ تُونۡ ٻِئَنِ سَڀِن 
                                سَانۡ نَاتَا ٽوۡڙ، 
                                حَيَّ حَقِيۡقِي سَائِيۡنءَ ڌَارانۡ ٻئي 
                                سَائِيۡنءَ جوۡ تُونۡ سَلَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                تَقۡدِيۡرَ بِه مَڃُ تَدۡبِيۡرَ بِه ڪَرۡ 
                                اِيۡمَانُ رَکِيۡ ۽ عَمَلُ بِه ڪَرۡ، 
                                تَدۡبِيۡرَ سَانۡ ٿِينۡ نَاڪَامُ اَگَرِ 
                                تَقۡدِيۡرَ کيۡ پوءِ بَدۡنَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                پيۡغَمۡبَرؐ جوۡ ٿِيۡ پوۡروۡ پيۡرُو ٻِيۡ طَاعِتَ 
                                نَاهِ ضَرُورُ، 
                                ظَالِمُ زَانِيۡءَ زرۡ پَرَوَرَ جِيۡ عِزَّتَ ۽ 
                                اِڪۡرَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                مُحَبَتَ ڪَرۡ تُونۡ موۡلَا ڪَارَڻِ ويۡرُ بِه 
                                وَاحۡدَ خَاطَرۡ رَکُه، 
                                پَنۡهِنۡجِيۡ ويۡرَ وَڏَائِيءَ خَاطَرۡ 
                                ڪَنۡهِنۡجوۡ تُون قتل عام نَه ڪَرۡ. 
                                نَفۡسَ ۽ مُشۡرڪَ ڪَافَرَ سَاڻُ جوۡٽِ خُدَا جِيۡ 
                                لاءِ جَهَادُ، 
                                ڪَلۡمَئهِ حَقَ ٿِئي جيۡسِيۡن اَعۡليٰ تيۡسيۡن 
                                تُونۡ آرَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                هِڪۡڙوۡ حَقُ ڏَاتَارُ ڇَڏيۡ ٻئَا جُڙۡتُو 
                                ٺَاهِيۡن ٿوۡ جَڳَپَالَ، 
                                حَاڪِمُ حَيُّ حَقِيۡقِيءَ سَانۡ تُونۡ شِرۡڪُ 
                                شَرَاڪَتَ شَامَ نَه ڪَرۡ. 
                                پَنۡهِنۡجوۡ سَائِيۡن پَنۡهِنۡجوۡ موۡليٰ 
                                پَنۡهِنۡجوۡ داتا ڪِيۡنَ وِسَارِ، 
                                هِڪۡڙوۡ هَادِيۡ حَقُ ڇَڏيۡ ۽ هَرۡ ڪَنۡهِنۡ وَٽِ 
                                هَرۡ نَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                عَابۡدُ ٿِيۡ مَعۡبوۡدَ حَقِيۡءَ جوۡ سَائِلُ ٻئي 
                                جوۡ ڪِيُمَ سَڏَاءِ، 
                                حَيُّ حَقِيۡقِيۡ آهيۡ رَازِقُ ربَّ رِيءَ ٻيۡ جوۡ 
                                سَلَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                 
  
                                
                                ”قِطۡعَهۡ“ 
                                
                                مُونۡکيۡ سَڀَڪوۡ ڪوۡ نَه سُڃَاڻيۡ لِڪَلُ اَٿَمِ اِيۡمَانُ 
                                اَڃَانۡ، 
                                مُونۡکيۡ چَيو اُسۡتَادَ تَه ڪيۡ ڏِينهنَ ظَاهِرُ 
                                تُونۡ اِسۡلَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                منۡهِنۡجيۡ اَڳۡيَانۡ ڪَڏهٍ هوۡ هَرۡ ڪوۡ دَاتَا ۽ 
                                ٻِيوۡ دِيۡنَ دَيَالَ، 
                                هَاڻِيۡ مُونۡکيۡ حُڪُمُ مِلۡيوۡ رَحۡمٰن ڇَڏيۡ ۽ 
                                رَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                دَلَڙيۡ، جَانِ، مُحمَّدَ صه کيۡ ڏَئِيۡ، ڪَرۡينۡ 
                                ڪَهۡڙَا خَامَ خَيَالَ، 
                                پَنۡهِنۡجوۡ حَالۡ سَڀَنِ جيۡ اَڳۡيَانِ هَر هَر 
                                اُٿِئوۡ عَامُ نَه ڪَرۡ. 
                                 
  
                                
                                ”ڙ“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                
                                مَٽيۡ مُنۡهَنۡ ٻِيَا ڪَرۡ خُدَا ڏيۡ مُهاڙِ، 
                                ڇَڏيۡ ٻَرُ ٻِئَنِ جوۡ خُدَا تيۡ تُونۡ ڀَاڙ. 
                                سِڌِيۡ رَاهَ موۡلَا جِيۡ وَٺُ مُسۡتَقِيۡمُ، 
                                مَٽيۡ رُخُ مَڪيۡ کَانۡ نَه ٻِئو طَرَفُ تَاڙِ. 
                                طَنۡبُورَا، ڌُڪۡڙَ، سَارِنۡگِيُونۡ، ڇَڏۡ 
                                رَبَابَ، 
                                رَکِجِ رَازۡ رَبَ سَاڻُ ٻِئَا سَازُ سَاڙِ. 
                                وَٺِجِ وَاٽَ حَق جِيۡ صِرَاطُ سَوِيّ، 
                                اِهَا آهِ فِرۡدوۡسَ لَئِه پُخۡتِيۡ پَاڙَ. 
                                ڪَرينۡ جيۡ سَفَرُ ڪو تَه ڪَرۡ رُخُ اِهوۡ، 
                                مُقدِّسَ مَدِيۡنيۡ مَڪيۡ ڏيۡ مُهَاڙِ. 
                                ڏِسِيۡن ڪَنۡهِن جِيۡ سَائِلَ سَهَوَ يَاقُصُورُ، 
                                تَه ڏِسُ پَاڻ ڏيۡ تُون اُنِهيءَ گهَاٽَ گهَاڙِ.
                                 
                                
                                 |