| 
                                 
                                  
                                
                                
                                ”ايۡضاً“ 
                                
                                سَوَڙِهۡ کَانۡ زِيَادَهَ نَه تُونۡ ٽنۡگَ ٽَيۡڙِ، 
                                وِڇَاڻيۡ کَانۡ ٻَاهَرِ نَه تُونۡ پيۡرَ ريۡڙِ. 
                                وَٺِيۡ وَاٽَ رَهَبَرَ جِيۡ هَلُ حِلۡمُ سَانۡ، 
                                اکِيُونۡ کوۡلِ ڏِسُ پيۡچِرو گهَاٽَ گهِۡيڙ. 
                                بِنَا گهَاٽَ گهَاڙُوءَ جيۡ جيۡڪوۡ هَليۡ، 
                                اُهوۡ کينۡدوۡ رَسۡتيۡ ۾ ٿَاٻَا ۽ ٿيڙَ. 
                                وَطَنَ ڏيۡ هَلَڻَ لَآءِ تَيار ٿِيۡ، 
                                رَکِيۡ حُبَّ اُنَ جِيۡ مَڏِيۡ مَالُ ميۡڙ. 
                                وَطَنَ ڏيۡ رَکَڻُ حُبَّ اِيۡمَانُ آهِ، 
                                وَطَنَ ڏَانۡهَنۡ تُونۡ قَلۡبَ پَنۡهنۡجيۡ کيۡ 
                                ڪيۡڙِ. 
                                اَٿَئِيۡ، هِيۡ وَطَنُ هُنَ وَطَنَ لَاءِ پوۡکَه، 
                                اُنِهيءَ پوۡکَه کيۡ تُونۡ اُٿِيۡ کوۡٽِ کيۡڙ. 
                                هِتيۡ جيۡڪِيۡ پوۡکِينۡديۡن لُڻَنۡديۡن اُهوۡ، 
                                ڇَڏيۡ ٻَارِ پَنۡهِنۡجِيۡ، ڇَپَرَ ٻِئَا نَه 
                                ڇيۡڙِ. 
                                سَدَا رَهُ صُلۡحَ سَانتِ سَانۡ مُلۡڪَ ۾، 
                                ڪَڏَهِ ڪِجِ نَه ڪَنۡهِنۡ سَاڻُ جھيۡڙوۡ ۽ جھِيڙ. 
                                خدا وندّ خَالِقَ جو تُون خوف ڌارِ، 
                                نه ڪر ظلمُ ڪنهن سَا نَڪو ويرُ ويڙ. 
                                سَخِيّن جي صُحَبتَ ۾ سَائل رَهِي، 
                                بَخِيلن مِثلِ ڪِينَڪِي مَالُ ميڙ. 
                                 
  
                                
                                ”ز“حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                خُدَا وَاسِطيۡ پَڙُهۡ نَمِيۡ تُونۡ نِمَازَ، 
                                اَٿئيۡ تُنۡهِنجوۡ بَنّدَا نِمَاڻوۡ نِيَازُ. 
                                خُدَا جوۡ تونۡ ٻَانُهوُنۡ ۽ بَنَّدوۡ ضَعِيۡفُ، 
                                تُونۡ بَنّدوۡ تَه اللهَ بندَه نوازُ. 
                                گهُريُئِه غيۡرِ حَق کَانۡ تَه ڪِئوۡ توۡ قُصُورُ، 
                                نَه ڪِئوۡ خَلۡقَ، خَالِقَ ۾ توۡ اِمۡتِيَازُ. 
                                ڪَڏَهِ ٻِئي جيۡ اَڳِيَانۡ بَنّدَا ڪِيۡنَ نَمُ، 
                                سَڀَئيۡ رازِدَانۡ جيۡ اڳيَانۡ کوۡلِ رَازُ. 
                                گهَڻوُنۡ گهُرُ اُنِهيءَ کَانۡ جوۡ ڏيۡ ٿو 
                                گهَڻُون، 
                                مَتَانۡ ٻيۡ جيۡ دَرَ تيۡ ڪَرِيۡن هَٿُ دَرَازُ. 
                                خُدَا جوۡ چَوَائيۡ ٻِئَنِ جوۡ نَه ٿِيۡ، 
                                رڳو ڪر تون اُنسان سدا راز و نياز، 
                                گهُرِيۡن جيۡڪِيۡ سَائِلَ تَه سَائِينءَ کَانۡ 
                                گهُرُ. 
                                رڳو ڪرتون اُنسان سَدا راز و نياز، 
                                اُهوۡ ڏيۡہَ ڏَاتَارُ ڪُلَ ڪَارِسَازُ. 
                                 
  
                                
                                ”س“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                ايۡ مُسۡلِمَانۡ ڪِئَلَ وَعۡديۡ جوۡ اُٿِيۡ اِقۡرَارُ ڏِسُ، 
                                ۽ وَرِيۡ وَعۡدوۡ وِسَاريۡ پَنۡهِنۡجِيۡ حَالَتِ 
                                زَارِ ڏِسُ. 
                                هُئينۡ جَڏَهٍ وَعۡديۡ تيۡ پُوروۡ مُلۡڪَ تيۡ 
                                هُئيۡن حُڪُمِرَانۡ، 
                                اَڄُ رَهِيۡ مَحَڪُومُ پِئوۡ تُونۡ پَاڻَ کيۡ 
                                بيۡڪَارُ ڏِسُ. 
                                ڇَا سَخَاوَتَ ۽ شُجَاعَتَ گَڏُ شَهَادَتَ سَاڻُ 
                                هُئيۡ، 
                                سَڀِ ڇَڏِيئِيه سيۡ گُڻَ هِينۡئَرَ تُونۡ پَاڻَ 
                                کيۡ بَدۡڪَارُ ڏِس. 
                                توۡ ڇَڏِيۡ غَيۡرَتَۡ، ڪَڍِيۡ عوۡرَتَ مَٿَانۡ 
                                پَرۡدو ڇَڏِيُئه، 
                                هَئيۡ پِٽيَا ايۡجَادَ ڪَئيۡ توۡ ڪَافَرَنِ جِيۡ 
                                ڪَارِ ڏِسُ. 
                                توۡکيۡ هوۡ هِيۡ عُذۡرُ آهِيَانۡ اَنگِريزَنۡ جوۡ 
                                غُلَامُ، 
                                هَاڻِيۡ پَاڪِسۡتَانَ ۾ پَنهنجَا هَليۡ اَخۡتِيارَ 
                                ڏِسُ. 
                                گَرۡچِه ظَاهِرُ ويوۡ فِرنگيۡ پر فِرَنۡگيءَ کَانۡ 
                                خَرَابُ، 
                                پَئِيۡ هَليۡ تَعَلِيۡمَ سَاڳِيۡ فَيۡصِلَا 
                                تَڪۡرَارَ ڏِس. 
                                جيۡ ٿيئيۡ چوۡرِيۡ رپوۡرَٽَ ڏيۡ تَه ڦَاٿوۡ 
                                ڀَاڳِيوۡ، 
                                چوۡرَ بَدۡرَانۡ ڀَاڳِيئيۡ تيۡ پَوَنۡدوۡ سَڀَئيۡ 
                                بَارُ ڏِسُ. 
                                جيۡ ڪَريۡ ڪوۡ عَزۡمُ ڪَائُونۡسَلَ ۾ ٿِيَانۡ 
                                اُميۡدِ وَارُ، 
                                سيۡفِٽيۡ اَئيۡڪَٽَ جيۡ سِرَ، اُنَ جِيۡ مَٿَانۡ 
                                تُونۡ وَارُ ڏِسُ. 
                                تُونۡ هُئينۡ حَاڪِمُ ٻِيَا مَحَڪُومَ هُوَا 
                                تُنهِنۡجَا سَڀَئيۡ، 
                                هاڻي پئي ڦِٽڪار پَئي تنهِنجي مٿان تُون پَاڻ 
                                ڏِسُ. 
                                ڇاهئينۡ ۽ ڇَا آهِيۡن ۽ ڇوۡ ٿِئين هِنَپَرۡ 
                                غُلَام، 
                                هِيۡ سَڄوۡ دلِ ۾ ڪَريۡ تُونۡ پَاڻَسَانۡ 
                                تَڪۡرَارُ ڏِسُ. 
                                هُئِي اَڳيۡ توۡ ۾ اَمَانَتَ ۽ دَيَانَتَ ۽ وَفَا، 
                                وَقۡتَ اُنَجَا تُونۡ پَڙهِيۡ تَارِيۡخَ ۾ 
                                اِذۡڪَارُ ڏِسُ. 
                                چؤُ نَبِيۡؐ صَاحۡبَ تي ڪَلۡمَئِه حَقُ چَوَڻُ 
                                آهيۡ جَهَادُ، 
                                پوءِ تُون شَفَقَت هيشہ سائل اُن جي پارَ ڏِسُ. 
                                 
  
                                
                                ”ايۡضاً“ 
                                
                                خُدَا جِيۡ رَحَمَ مَانۡ نَه ٿِيۡ تُونۡ نِرَاسُ، 
                                نَبِيۡؐ سَاڻُ رَکُه تُون پنهنجيۡ پُورِيۡ 
                                پِيَاسَ. 
                                مُحمَّدؐ جِيۡ مُحبَّت اُنهيءَ لَاءِ ضَرُورُ، 
                                هُجيۡ جَنۡهِنۡ کيۡ جَنَّتَ جِيۡ اَنۡدَرَ ۾ 
                                اُدَاسَ. 
                                سَدَا توۡتيۡ رَحۡمٰنُ رَاضيۡ هُجيۡ، 
                                سَڀِنِ سَاهَ وَارَنِ تيۡ ڪَرۡ تُونۡ قِيَاسُ. 
                                 
  
                                
                                ”ش“ حَرَفَ جوۡ رَدِيۡف“ 
                                
                                ڪَڏَهِنۡ ڪِيۡن ڪَنۡهِن تِيۡ بِه تُهۡمَتَ تَراشِ، 
                                ڪَنۡهِينۡ جوۡ نَه ڪَرۡ تُونۡ تَجسُّسُ تَلَاش. 
                                فِڪۡرُ ڪَرۡ تَه پَنۡهنجيۡ ڪَمَائِيۡءَ جوۡ ڪَرۡ، 
                                تَه ڪَهۡڙا عَمَلَ تُنۡهِنۡجَا ڪَهۡڙيۡ رهَائِش. 
                                وَڃيۡ پِئوۡ سَنۡدُءِ وَقۡتُ ايۡ ويۡسَلَا، 
                                کَڻِيۡ ويۡندَا تُنۡهِنۡجوۡ قبَرَ ڏَانۡهنۡ لَاشُ. 
                                جِتي رَاتِ ڪِاريِ ۽ وَارِيءَ بِنَان!، 
                                نَڪو بِستِرو يَا فَرَاشِي فَرَاشُ“. 
                                سَڙِي خَاڪِ ۾ سَڀَ جو سَائِلَ تَڏَهِن!، 
                                بَدَن ٿِيندو سَارو ڦُٽِي پَاشِ پَاشِ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ص“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                سَدَا جيڪِين دِلِ ۾ ٿو تَاڻي حَرِيصُ!، 
                                سَڀَئي سو جي يَڪدَمُ ڪِي مَاڻي حَرِيصُ“. 
                                يَقِين آهي بِلڪُل خُدَا جو قَسَمُ!، 
                                خُدَا کي نَه هَرگِز سُڃاڻي حَرِيصُ. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ض“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                اَوَلِ لَاهِ خَالقَ جو ڪَنڌَ تَان قَرَضُ!، 
                                اَدَا ڪَر سَندُسِ پَهرِين فورًا فَرَضُ“. 
                                عِبَادَتَ ڪَرَڻ ۾ وَڏَا فَائِدَا!، 
                                خُدا اُنَ جو عُقبيٰ ۾ ڏِيندو عِوَضُ“. 
                                نِمَازُنِ ۾ مِعرَاجُ مومِنَ جي لَاءِ!، 
                                خُدَا جو اِنِهِيءَ ۾ نَه آهي غَرَضُ“. 
                                صَفَائِي ۽ وَرزَش سَمَايَلَ مَنجهِس!، 
                                ڪَندين پَاڪَ وَرزَش ته ويندو مَرَضُ“. 
                                چَڱَائِي دُنيَا آخرَتِ جِي کَپَئِي!، 
                                اُٿِي رَاتِ جو ڪَر خُدَا کي عَرَضُ“. 
                                سَڀنِ سَائِلَنِ جَا مُجِيبُ الدُعَاءَ!، 
                                تُون ٽَارجِ مَٿَان مُون قَرَضَ سَڀ مَرَضَ“. 
                                 
  
                                
                                ”ايضًا“ 
                                
                                چَوَائِينِ پِئو پَاڻَ کي تُون نَبَاضُ!، 
                                لِکيُئي حِڪمَتُن جو ڀري تو بَيَاضُ“. 
                                ڪِٿي تُنهنجو جَارِي ٿِيو فَيضُ آهِ!، 
                                سَڏَائِين پِيو پَاڻَ کي تُون فَيَاضُ“. 
                                ٻَٽَاڪُون هَڻِي جي پَڏُاِئيندين پَاڻُ!، 
                                ڪَندِي قَومَ توتي وَڏَا اِعتِرَاضَ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ط“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                تَڏَهِ تو نَه ڪو ڪِئو اُٿِي اِحتِيَاط!، 
                                جڏهِ تُون هُئين پَاڻَ خَائِن خِياَطُ. 
                                اَمَانَتَ ۾ توڪَئِي خَيَانَتَ گهَڻِي!، 
                                ڪَيو مَالَ پَنهنجي ۾ تو اَختِلاطُ“. 
                                پَرَائي ۽ پَنهنجي کي کَاڌُءِ گَڏي!، 
                                وِڇَايئِه جَهَنَمَ ۾ پَنهِنجو بِسَاطُ“. 
                                حَشَرَ جو نَه مِيزَانَ جو ڪَيُئِه خَيَالُ!، 
                                نَه ڪَئِي يَادِ تو ڪَا لَنگهَڻُ پل صَرَاطَ“. 
                                رِزقُ تُنهِنجو رَازِقَ ڪَيو پَاڻَ تي!، 
                                تَڏَهِ هَاڻِ رَهُ تُون اَندَرِ اَنبساطُ[1]“. 
                                سَدَائِين تُون سَائِلُ ٿِي ڪَرهِي سَوَالُ!، 
                                بَچَاءِ مُنهِنجو اِيمَان اَزآنَ اِنحِطاطَ[2]“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ظ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                چَوَان پَنهِنجَا ڪَهڙَا مَان جُرَمِ غَلِيظُ!، 
                                رَکي شَلَ اَمُنَ ۾ خُدَاءِ حَفِيظُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                ”ع“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                عَرَبَ ۾ اَوَل ٿِيو شَمعَ جو شُعَاعُ!. 
                                يَهُودِنِ نَصَارَنِ ۾ جَاڳِيو نِزَاعُ“، 
                                حَرَمَ پَاڪَ ۾ ٿِي ڪَيو ڪَافَرنِ!. 
                                مِلِي پَاڻَ ۾ هِڪُ وَڏو اِجتِمَاعُ“، 
                                مَڪي جي مُشرِڪَن کي وِيچَارُ ٿِئو!. 
                                ڪِجي دِينَ اِسلاٰمَ جو ڪِيئَن دَفاعُ“، 
                                ٿِيو نيٺِ يَڪَراءِ ٺَهراءُ هِي!. 
                                ڪَڏَهِن ڪِينَ هِنجو ڪَبو اِتّباعُ“، 
                                وَڃي بِيٺَا ڪُفَارَ رَستَا جَهلي!. 
                                ڪِجُو ڪِينَ سَاحِرَ[3] 
                                جو ڪَلمُون سَمَاعُ“، 
                                عَدَاوَتَ ڪَرَڻَ ۾ گهَٽَايَائُون ڪِينَ!. 
                                سَڀنِ هَاشمِن سَان ڪَيَئُون اِنقِطَاعُ“. 
                                مَگَر نُور شَمَعَ جو وَڌَندو وِيو!، 
                                وَڃِي سَاري جَڳَ ۾ ڪَيَائِين شُعاعُ“. 
                                عِوَض عُسرِ جي يُسرًا آيو وَرِي!، 
                                ڪُفرَ شِرڪَ ڪِئُو عَرَبَ مَان اَلوِدَاعُ“. 
                                ڪَندين صَبُرُ سَائِلَ تَه آسَانُ سَڀ!، 
                                وَڃي جَان يَا لُٽجِي مَال و مِتَاعُ“. 
                                 
                                 
  
                                
                                ” 
                                
                                  
                                
                                ”غ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                هَلَائِين نَه ٿو دِينَ ۾ تُون دِمَاغُ!، 
                                پِيو ٺَاهِينِ دُنِيَا ۾ بُستَانَ بَاغُ“. 
                                تَدَبُّر سَدَا ڪَر تُون قُرآنَ ۾!، 
                                اِهو بَس سَڀنِ لاءِ چِشمَه[4] 
                                چَراغُ“. 
                                مُسِلمَانُ ٿِي مُسِلمانِي پَڪَڙِ!، 
                                رَهِي دِينَ ۾ دِينَ تي ڪَر نَه دَاغُ“. 
                                مَڃي حُڪُمُ دَاعِي اِلَيٰ للهِ جو!، 
                                ڪَريو ڪَمُ خُدَا جو ٿِي فَارغَ فِرَاغَ“. 
                                خُدَا پَاڪَ فَرمَائِيو، يَارَسولَ!، 
                                عَلَينَا الحِسَابُ، عَلَيڪَ البَلَاغُ“. 
                                چَيو توکي پِيرُو، مُحَمَدَ ڪَرِيمَ!، 
                                عَلَيڪَ الحِسَابُ، عَلَينَا البلَاغُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ف“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                سَدَا پَنهِنجو سِينُو رَکج پَاڪُ صَافُ!، 
                                نَه ڪَر قَلبَ تي غَفَلتُن جو غِلَافُ“. 
                                اَچي جو خُدَا وَٽَ بَقَلبِ سَلِيمُ!، 
                                اُنهِيءَ جَا مَڙَئي ڏوَه ٿِيندَا مَعَافُ“. 
                                مَٺَائِنِ کي ميٽِينِ اَعمَالَ نيڪَ!، 
                                اَندَر ٿو ٿِيئي صَافُ سِينُو شَفَافُ“. 
                                ڪَيُئِه جَيڪو وَعدو خَدَا سَان اَڳي!، 
                                اُهو يَادِ ڪَر هَلُ نَه تُون بَر خِلافُ“. 
                                خُدَا کي مَڃي هيڪُ تُون نيڪ ٿِي!، 
                                نَه ڪِجِ اَمُرَ اُنَ جِي ۾ ڪو اِختِلَافُ“. 
                                پِني جو پِنَندَڙَ کان سو بيوَقُوفُ!، 
                                اِهُو هَرَ ڪَنهِن کي اَٿَئي اِعتِرَافُ“. 
                                اُنهِيءَ کي سَڏجِ جو سَمِيعُ بَصِيرُ!، 
                                ٻِئَنِ کي سَڏِيندَڙُ ٿِئو اِنحَرافُ“. 
                                ڪَنهِن دَرَ مَٿِي وِهُ نَه ٿِي مُعتَڪفُ!، 
                                خُدَا کَان سَوَا ڪَر نَه ڪو اِعتِڪَافُ“. 
                                سَڀنِ سَائِلَنِ جو قَرِيبُ مُجِيب!، 
                                ڇَڏي اُنَ کي ٻي وَٽِ نَه ڪَر اِنڪِشَافُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ق“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                خُدَا سَان مِلَڻَ جو اَٿَئِي اِشتِيِاقُ!، 
                                تَه دِل مَان ڪَڍي ڇَڏ دَغَا ۽ نِفَاق“. 
                                دُنيا گَڏُ ڪَرَڻَ جي ڪَڍِي ڇَڏِ طَمَعَ!، 
                                سِگهو ٿِيندو تو ۾ ۽ اُنَ ۾ فِراقُ“. 
                                ڦُري قومَ کي جي ڪَيُئه مَالُ گَڏُ!، 
                                تَه سَڏبين سَدَاءِ تُون قومِي قَذَاقُ“. 
                                وِجهي ويرُ وِهُ ڪِينَ ڪَنهِنسَان ڪَڏَهِ!، 
                                رَکي وِهُ اَندَرَ ۾ نَه نِفرَتَ نِفَاقُ“. 
                                سَچَا سَائِلَنِ جَا سَمِيعُ بَصِيرَ!، 
                                ڪَڍِي ڇَڏِ اَسَان مَان شِڪَايَتَ شَقَاقُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ڪ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                اُٿِي يَاد ڪَر پَنهِنجو اَللهُ پَاڪُ!، 
                                مَتَان پوءِ حَالَتِ ٿِيئِي دَردِنَاڪَ“. 
                                خُدَا وَٽِ نَمَڻَ کَان وَڏَائِي نَه ڪَر!، 
                                نَه خُودِ کي پَڏَائي نَه هَڻُ تُونَ ٻَٽَاڪَ“. 
                                پِئو پَاَڻَ ڀَائِين وَڏَائِي ڪَرِين!، 
                                اُٿَئي خِيَالُ دِلِ ۾ هَلي مُنهِنجي هَاڪَ“. 
                                مَگَر هِيءَ وَڏَائِي نَه قَائِمُ ڪَڏَهِ!، 
                                ڪَڏَهِن ٿِيندو تُنهِنجو بَدَنُ چَاڪَ چَاڪَ“. 
                                هَميشَه نَه هُوندِي حَيَاتِي اِهَا!، 
                                اِجهو نيٺِ ٿِيندِي هِيءَ هَستِي هَلَاڪُ“. 
                                مَتَان پوءِ سَائِلَ ڪَرِين ڪو سَوَالُ!، 
                                تَه مُهلَتَ ڏِيو موتَ کَان ڪي ڪَلَاڪَ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ک“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                دُنيَا لَاءِ ڇو ٿو ڏِسِين ڏُرتَ ڏُکَه!، 
                                ٿِيئي ڏُکُه تَه ڀَائِين سَدَاهُونِ سُکَه“. 
                                نَه ڏِين نَانءِ اَللهَ جي ۾ کَڻِي!، 
                                رَکِين مَالُ ميڙي مَرِين پوءِ بُکَه“. 
                                مَري مَالُ ويندين ڇَڏي سَاٿَ سَڀِ!، 
                                کَڻي ويندَا وَارثَ اَگَرِ هُوندءِ لَکَه“. 
                                سَڀَئِي بَاغ، بَنگُلا، سَڀَئِي مَحَل، مَاڙِ!، 
                                ڪَندَا پَنهِنجي قَبضي ڇَڏِيندا نَه ڪَکَ“. 
                                وِيُئِه وَقتُ پوءِ هاءِ هَئي ڇَا ڪَندِي!، 
                                اَٿَئِي وَقتُ هِي وَٺُ ڀَري ڪَائِي وِکَه“. 
                                سَندُسِ مَالُ ڏيئي سَندَسِ وَاٽَ ۾َ!، 
                                اُٿي جَلدُ ڪَر ڪَم تِکو سَاڻُ تِکَه“. 
                                صَدَا ڪَر تُون سَائِلَ خُدا کي سَدَا!، 
                                ڪَندو جيڪو عُقبَيٰ ۾ پُورِي پَرَکَه“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”گ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                لِکيو لَاءِ تُنهِنجي اَزَلَ کَان هِي اَنگُ!، 
                                مِلي هِنِ کي هَر دَم صَدَاقَت جو سَنگ[5]“. 
                                هَميشَه اُنهِيءَ لَاءِ قَائِمُ هُجي!، 
                                عَدَالَتَ، سَخَاوَتَ[6]، 
                                نَيَابَتَ جو نَنگُ“. 
                                وِڇَاڻي کَان وَاڌُو نَه تُون پيرَ ڊيگههِ!، 
                                وِڃَائِين مَتَان پوءِ نَامُوسَ نَنگُ“. 
                                قِنَاعِتَ ڪِفَايَتَ سَان پِئو خَرچُ ڪَر!، 
                                مَتَان پَونِ توکي وَڏَائِيءَ جَا وَنگَ“. 
                                بَچي جو ڀَلي ڪَر خُدَا لَاءِ خَرچُ!، 
                                مَتَان بُخلَ سَبَبَان مِلَنِ ڏَنڀَ ڏَنگَ“. 
                                دُنيَا جو اَٿَئي دَور پَاڇي مِثَالُ!، 
                                هَميشَه ڪَري ٿِي گهَڻَان رُوپَ رَنگ“. 
                                پُٺِيَان اُنَجي جيڪو لڳي ٿِئي خَرَابُ!، 
                                اَهَا آهِ سَائِلَ سَدَائِين ڪُسنگَ[7]“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ڳ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                ڇَڏي نومِ غَفلَت اُٿِي ٿِيءُ سُجَاڳُ!، 
                                اَٿَئِي نِنڊَ ايڏِي نَڀَاڳئِي نِڀَاڳُ“. 
                                ڪَري غوُر دِلِ ۾ تُونَ پَنهِنجي ذَرَا!، 
                                ٻُڌَاءِ يَارَ ڪيڏَانهن وِيو تُنهِنجو ڀَاڳُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”گهه“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                مَچِي مَرَدُ ٿِي جيسين سَارِين ٿو سَگهَه!، 
                                اَڃَان تُنهِنجي عَمَلَنِ جَا آهِين اَگههَ“. 
                                جِتي ٿِيندو قَاضِي خُدَا پَاڪُ پَاڻُ!، 
                                اُتي ٿِيندَا شَاهِدَ چُغلِخورَ چَگهَه“. 
                                ڪَندَا شَاهِدِي توتي عُضوَا سَڀَئِي!، 
                                زِبَان بَندِ گُونگِي مِثلِ هُوندِي گُهنگَهه“. 
                                اَٿَئي روزُ مَحَشَرَ جو اَهکو وَڏو!، 
                                مَنجهِس سَختُ تَابَشِ ۽ رَنجُور رُگهَه“. 
                                اُتي تو کَان سَائِلَ ڪَندَا ڪَئِين سَوَالَ!، 
                                جِتي سَختُ اُونداهِ ڪَاَراڻِ ڪُنگهَه“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ڱ“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                سَڄَڻَ سَاڻُ سُهڻُون رَکِي سَاٿُ سَنڱُ!، 
                                اُٿي لَاءِ لِلهِ لَالَنَ سَان لَنڱُ“. 
                                رِعَايَتَ رَکجِ دِينَ اِسَلاَم جِي!، 
                                رَسُولِؐ خُدَا جُو رَکِي رُوپُ رَنڱُ“. 
                                کَپَئِي جو اُهو گُهرُ خُدَا کان سَڀَئِي!، 
                                ڇَڏي حَيُّ حَاڪمُ مُئَنِ کَان نَه مَنڱُ“. 
                                سَدَا سَارِ سَائِلَ خُدَا کي سَدَا!، 
                                ڪَري غُور گهَٽ تورَ ماَسو نَه مُنڱُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ل“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                هَلي ٿِي عُمرِ جِي تِکِي تيزُ ريلَ!، 
                                سِگهو کَڻُ سَمَرُ تُون نَه ڀَائِج سَويلَ“. 
                                اَڙَانگِيءَ اَڪيلِيءَ ڏُکِيءَ رَاهَ ڏي!، 
                                سَويلو سَنڀِرُ، ڪَر نَه اوڳَا اَويلَ[8]“. 
                                هَزَارين هَٿَنِ سَان اُمَاڻِيئه عَزيزَ!، 
                                وَڃَنِ تُنهِنجي اَڳيَان پِيَا ويلَ ويلَ“. 
                                وَڃيو! خَطُ نَه پَٽُ ڪَا خَبَرَ چَارَ ڏِينِ!، 
                                تَه ڪَهڙيءَ طَرَحَ ٿِئو سَندُنِ حَالُ هيلُ“. 
                                سَمَرُ سَڀ سَفَرَ ۾ جَڏَهِن ٿِئو ضَرُور!، 
                                تَڏَهِ هِنَ سَفَرَ کي مَتَان ڀَائِين کيلُ[9]“. 
                                نَڪَا ٽيمَ جِي ڪَنهِنکي آهِي خَبَرَ!، 
                                اَچِي اوچِتو توکي لَڳَندي گُليل“. 
                                وَئِي وَسَ ڪَنَان ڳَالهه سَائَلَ سَڀَئِي!، 
                                ڪَري وَٺُ ڪَمائِي صُبح شَامَ لَيلَ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”م“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                ڪَيو حُڪُمُ اَللهَ هِي خَاص و عَامَ!، 
                                نَبِيؐ  تي پَڙهو سَڀ صَلَوٰت و سَلَامَ“. 
                                ڪَريو رَبَ جِي طَاعِتَ، اِطَاعِتَ رَسُولَؐ!، 
                                پِيَاريوَ اَللهُ جَنتَ جَا جَامَ“. 
                                ڪَريو بَندَگِي خَاصَ اَللهَ جِي!، 
                                ٿِيو ڪِينَ ٻئي جَا ڪِي بَندَا غُلَاَمَ“. 
                                اُپَائي نِپَائي رَکي تَندُرُستُ!، 
                                ٻِيَا لَکَه اُنهِيءَ جَا اَسَانتي اِنعَامَ“. 
                                جَيَاري ۽ مَاري اُٿَاري وَرِي!، 
                                ڪَندوسُو سَڀنِ لَاءِ قَائِمُ قِيَامَ“. 
                                ڪَندو عَدُلُ، اَنصَافَ، تُرَندَا عَمَلَ!، 
                                اُتي ٿِيندو ظَاهِرُ حَلَال و حَرامُ“. 
                                جُدَا ٿِيندا فُجَارَ، ڪُفَارَ، نيڪَ!، 
                                نَبِيؐ  هُوندَا سَڀ مُومِنَن جَا اِمَامَ“. 
                                 
  
                                
                                ”ايضاً“ 
                                
                                هِڪَ ڏِينهِن حَرَمَ ۾ چَيو حِشمَتَ سَان بِن حَشَامَ!، 
                                اَڄُ ڪيرُ آهي جوڪَري مُحَمَدَؐ جو ڪَمُ تَمَامُ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”دِيگَر“ 
                                
                                هَميشَه حَمدُ جَو لَائِقُ، خُدَا اَوَل ۽ آخَر ۾!، 
                                سَنديسِ سَارَاهَ سَڀ شيءِ تي ڪَري بَاطنَ ۽ 
                                ظَاهِرَ ۾“. 
                                سَڄي مَلڪُوتَ جو مَالِڪُ، سَمُورِيءَ خَلقَ جو 
                                خَالقُ!، 
                                سَڀنِ جي رِزقَ جو رَازقُ، اِهَا قُدرَتَ ٿِي 
                                قَادِرَ ۾“. 
                                ٻِئَا مَحَڪُومُ هُو حَاڪِمُ، قَوِيّ قَيُّومُ 
                                حَيُّ قائِمُ!، 
                                دُکِين جودَاد ٿئي دَائِم، سَدَا دَرگَاهِ دَاوُرَ 
                                ۾“. 
                                اُهو مُشڪُلُ ڪُشَا موليٰ، اُهو ئِي هَڪَلَ ۾ 
                                حَامِي!، 
                                اُهو ئِي سَڏَ سُڻي سَڀَ جا هُجَن اَندَرِ يَا 
                                ٻَاهِرَ ۾“. 
                                اُهو سَامِعُ اُهو جَامِعُ، اُهو رَافِعُ اُهو 
                                نَافِعُ!، 
                                ڇَڏي دَرگَاهَ اُنَجِي وَڃُ، نَه ٻئي ڪَنهِن غَير 
                                جي گَهَر ۾“. 
                                کُليلَ دَرگَاهَ اُنَجِي هَر طَرَحَ، هَر وَقتَ ۾ 
                                آهي!، 
                                اُنِهيءَ جي دَرَ بِنَانَ ڪَڏَهِين نَه تُونَ 
                                وَاجهَاءِ ٻئي دَرَ ۾“. 
                                وَمَن يُطعُ الرَسُولِ الله، اَطَاعُ اللهِ حَقُ 
                                آهي!، 
                                صَلَاحِيَتَ سَمَايَلَ ڪِين، هُوندِي قَلبِ 
                                ڪَافَرَ ۾“. 
                                سَدَا سَتَّارو ۽ غَفَّارُ ۽ ڏَاتَارُ اُو آهي!، 
                                ٻِيَا ڏَاتَارَ سَڀ جُڙ تُو، ڪَڏَهِ اِيندَا نَه 
                                وَاهَرَ ۾“. 
                                سَمُوري عِلمَ جو عَالِمُ فَقط اَللهُ اَڪبَر 
                                آهِ!، 
                                حَقِيقَتَ عِلم غَيبِيءَ جِي نَه ڪَنهِن سَاحِرَ 
                                نَه مَاهِرَ ۾“. 
                                ڪَندين ڪَهڙيءَ طَرَحَ ثَابِتُ اَڙي سَائِلَ 
                                سُڻَاءِ جَلدِي!، 
                                حَقِيقَتَ هَر دو عَالَمَ جِي سَمَايَل آهِ 
                                سَاغَرَ ۾؟. 
                                ڪَر نَيازُ بي نِيَازَ سَان، سَڀ روزُ رَازَ ۾!، 
                                ٻِيَا سَازَ سَڀ ڇَڏي رَهُه سَائِينءَ سَان سَازَ 
                                ۾“. 
                                ڪَر نَاسُ نَفسُ اَمَّارو ٿا، چَوَنِ سَڀ سڌو!، 
                                شَيطَانَ کي ڇَڏي ڏي تُون، نَخري ۽ نَازَ ۾“. 
                                پُورِي تَمَامُ رَات ٿِي زازو نِيازُ ۾!، 
                                گهَارِي نَه هِڪَ گهَڙي به نَمي مُون نِمَازَ ۾“. 
                                هئي نَاسُ نَفس امَّاري کي مُون تَه ڪِينَ ڪِئو!، 
                                شَيطَانَ مَنَ کي آهِ مُنجهَايو مَجَازَ ۾“. 
                                هَئَي نَاس نَفسَ اَماري کي مُون تَه ڪِين ڪيو، 
                                ٿِي مَحَوُ نَازِ نِينَا جي نَخري ۽ نَازَ ۾“. 
                                نَاٽَڪَ تي نَاسُ مُسلَمَ مُوڙِي سَڄي تو ڪَئِي!، 
                                پَڇتَايو تو نَه اَڄُ بِه هِنَ عُمر دَرَازَ ۾“. 
                                نَفسَانِيَتَ جي لَاءِ وڃي پِيو وِلَاتَ ڏي!، 
                                جَلدِيءَ جي لاءِ جَلدُ هَوَائِي جَهَازَ ۾“. 
                                بازُوء تي شَاهَ جي ڏِسُ شَانُ ٻَار جو!، 
                                طَاعتَ سَبَب تَفَاوَتُ ٿِيو سِرَڻِ بَازَ[10] 
                                ۾“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”مَطلَع سُومُ“ 
                                
                                ڪُو فَرَقُ نَاهي بَندي ۽ بَندَه نَوَازَ ۾!، 
                                مَحمُودَ جِيئَن ڏِٺِي هُئِي سِيرَتَ اَيَازَ ۾“. 
                                بَدڪَارُ آهِين پَرَ ڏِسُ لَاتَقنَطُوا پَڙَهِي!، 
                                رِيجَهاءِ پَنهنجي رَبَ کي شَب روز رَازَ ۾“. 
                                طَاعِتَ ڪَري حَڪِيم جِي حَاڪِمَ بي هَٿَ تِي 
                                ويهه!، 
                                عِزَتَ ڏِسِجِ اِطَاعَتَ جِي شَاهَ بَازَ ۾“. 
                                مُلَان کي ناسَ جَائِزُ مَسجِد ۾ ڏي ڀَلي!، 
                                تِيئَن توتي رَاڳُ نَاٽَڪُ جِمِلي جُوَازَ ۾“. 
                                سَائَلَ سُوَالُ گهُرجِ سَمِيعُ الّدُعَاءَ کَان!، 
                                ٻِئاسَازَ ٽوڙي سَڀِ رَهُ سَائِينَ جي سَازَ ۾“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ن“ حَرَفَ جو ردِيف 
                                
                                کَڻِي آيو تو وَٽِ، رَسُولِؐ اَمِين!، 
                                خُدَا کَان وَٺِي هِي ڪِتَابءٌ مُبِين“. 
                                تَڏَهِن توتي نِعمَتَ ٿِي عُظمَيٰ اِهَا!، 
                                مِليو توکي اَللهَ جو پَاڪُ دِين“. 
                                وَٺِي اُنکي مَضبوطُ هَٿَ سَاڻَ تُون!، 
                                جَهلي هَلُ اِهو آهِ حَبلِ المَتِين“. 
                                اُنهِيءَ جِي هَليو جو هِدَايَتَ وَٺِي!، 
                                اُهو ٿِڙڪَندو وَاٽَ اُنَجي مَان ڪِين“. 
                                خُدَا ڏَانهَن اِيندو بَقَلبِ سَلِيمُ!، 
                                خُدا ٿِيندو اُنَ جو ئِي نَاصَرُ مُعِين“. 
                                اُهي ڀِي وِيَا نيٺِ دُنيَا ڇَڏي!، 
                                جَنِين لَاءِ خَلقِيو مَڪَان و مَڪِين“. 
                                سِگهوهَاڻِ سَائِلَ اُهَا وَاٽَ وَٺ!، 
                                اِجهو هَاڻِ ويندين تُون اَندَرِ زَمِين“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”دِيگَر“ 
                                
                                اَثِيمَن عَيبِ دَارَنَ جو، سَچو سَتَارُ تُون آهِين!، 
                                گُنَهَگَارَنِ جي لَئِه غَافِرُ، سَچو غَفَارُ 
                                تُون آهِين“. 
                                اُڃَايَلَ ۽ بُکَايَلَ لاَءِ، تو وَٽِ قُوتُ ۽ 
                                پَاڻِي!، 
                                سَڄي مَخلُوقِ عَالَمَ لاءِ، پَالَڻَهَارُ تُون 
                                آهِين“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”ڻ“ حَرَفَ جو رَدِيف 
                                
                                بَندو ٿِي خُدَا جُو، نَه ڪَڍُ ڪِنهِنجي ڪَاڻِ!، 
                                اَندَرَ ۾ نَبيؐ لاءِ، اُلفَتَ ڪَا آڻِ“. 
                                رَکَڻُ دَارَ دُنِيَا سَان، مُحَبَتَ مَنعَ!، 
                                ڪَجي پَاڪَ پَرَوَرَ سَان، رُوئِي رِهَاڻِ“. 
                                ذِڪرُ ذوقَ سَان ڪَر، فِڪرُ شوقَ سَان!، 
                                مَگَر غَيرِ حَقَ ڏي، تَندو ڪِيمَ تَاڻِ“. 
                                ڇَڏي مَاسِوَ اللهُ، اَللهُ وَٺُ!، 
                                ٻِئَنِ جي دَرَنِ تي، نَه تون ڇَارُ ڇَاڻِ“. 
                                دُنيَادَارُ فَانِي بِه ٿِي چَارِ ڏِينهَن!، 
                                اَچي مُوتُ تو وَٽِ بِه اَڄُ يَا سُڀَاڻِ“. 
                                مَتَان غَيرِ حَقَ سَاڻُ مَائِلُ رَهِين!، 
                                سَدَا رَهجِ سَائِلَ ڏِسِي حَقُ هَاڻِ“. 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”و“ حَرَفَ جو رَدِيفُ 
                                
                                سُڻي ٿُو سَڏُ پِيو سَڀُڪُو، صُبحِ ۽ شَامَ مَنزَلَ جو!، 
                                اَڃَان تُنهِنجي ڪَنَنِ تي ڇو نَه پِئو پَيغَامُ 
                                مَنزَلَ جو“. 
                                جَڏَهِ دَاعي اَجلُ چَوَندو، تَه مَنزلَ هِي ڇَڏي 
                                هَاڻي!، 
                                ڪَري هَلُ ڪُوچُ پُورو آَهِ، ٿِئُو اَحڪَامُ 
                                مَنزَلِ جو“. 
                                اَڳِيَان مَنزَلَ اَٿئِي ڪَارِي، اَڪيلِي اَڻَ 
                                ڏِٺَلَ اَهُکِي!، 
                                خَبَرَ نَاهي اُتي ڪَهڙو مِلي اِنَعَامُ مَنزَلَ 
                                جو“. 
                                وِئو هِي وَقتُ هَٿَ کَان پوءِ، ڪَمِ ڪُجُهه 
                                ڪينَڪِي اِيندو!، 
                                ڪَندين جي گَڏُ ثَمَرُ سُهڻُون، لَهِين آرَامُ 
                                مَنزَلَ جو“. 
                                عَمَلَ صَالِحَ سَوَا اُت ڪونَه ڪو، رَهَبَرُ نَه 
                                ڪو رَهَرُو!، 
                                پَڙَهايو هِي سَبَقُ آهي، سَدَا اِسلامَ مَنزَلَ 
                                جو“. 
                                چَيو اَللهَ جو مَڃ ۽ رَسُولِؐ پَاڪَ جو فَرمَان!، 
                                تَه عُقبَيٰ ۾ مِلي توکي، وَڏو اِڪرَامُ مَنزَلَ 
                                جو“. 
                                ڪَرِين جي تَرَڪُ تَصويرُون، سَچو فَردوس ٿيئي 
                                حَاصل!، 
                                مَلَئِي فَردوسَ ۾ گُلرُو، گُلِ گُلفَامُ مَنزَلَ 
                                جو“. 
                                ٿيئين سَائِلُ خُدَا جو تُون، سَچو پيرُ و 
                                مُحَمَدَؐ جو“، 
                                تَه ڪوثَرَ تي پِيَاري توکي، سَاقِي جَامُ مَنزَلَ 
                                جو“. 
                                سُڻائي ٿو سدا داعي اجل انجام منزل جو 
                                 
  
                                
                                  
                                
                                ”دِيگَر“ 
                                
                                سَيَد ثَقلَينِ جَڳَ ۾، وِکَه وَڌَائِيندو هَليو!، 
                                ڪَلمَئِه توحِيدَ مَاڻهُنِ کي پَڙهَائِيندو 
                                هَليو“. 
                                جي هُوا غَافِلَ هَميشه ئِي، خُدَا جي ذَاتِ 
                                کَان!، 
                                تَنِ کي وَحَدَه لَاشَرِيڪَ لَہُ، بَتَائِيندو 
                                هَليو“. 
                                جو سِتَمگَرُ هو صَنَمِ گَرهو، اُهو ٿِيوبُتَ 
                                شِڪَنُ!، 
                                ۽ ڇَڏي سَڀِ ڪُجهه خُدَا جِي ذَاتِ ڳَائِيندو 
                                هَليو“. 
                                جَنهِنکي هِڪَ وَاحِدَ جي نَالي، کَان هَميشَه 
                                عَارُ هُو!، 
                                سو ڇَڏي سَڀُ ڪُجهه خُدا جِي ذاتِ ڳائِيندو 
                                هَليو“. 
                                 
  
                                
                                ”دِيگَر“ 
                                
                                
                                خَبَرَ نَاهي ڪِٿي آخَرِ، وَڃِي ٿئي آسِتَان 
                                مُنهِنجو!، 
                                خُدَا اڳيَان کُلي ڪَهڙو، اَلاجي دَاستَان 
                                مُنهِنجو“. 
                                عَملنَا مُون مِلي، مُونکي، سَڄي هَٿَ يَا کَٻي 
                                هَٿَ ۾!، 
                                ٿِيئي ڪَهڙِيءَ[11] 
                                طَرَحَ اَللهَ، وَٽَ دَفتَر عَيَان مُنهِنجو“. 
                                گُنَاهَنِ ۾ عَمَرِ گُذرِي، سَڄي سَارِي سَندِيم 
                                آهي!، 
                                سَمُورو وَقتُ سَتَرِ 70 سَالَ، آهي ٿِيو زِيَان 
                                مُنهِنجو“. 
                                اَگَرِ بَاقِي عُمِرِ مُنهِنجي، خُدَا جي رَاهَ ۾ 
                                گُذري!، 
                                تَه پُوءِ اُمِيدَ آهي ٿِيندو، مُوليٰ مِهرِبَان 
                                مُنهِنجو“. 
                                خُدَا جُو فَضُلُ ٿِيو شَامِل، سَندمِ اِيمَانُ 
                                ٿِيو ڪَامِلُ!، 
                                ٿِيئي قُرآنَ جُو عَامِلُ، تَه جَنَتَ ۾ مَڪَانُ 
                                مُنهِنجو“. 
                                هِتي هِنَ دَارِ فَانِيءَ ۾، هَميشَه ڪونَڪو 
                                رَهَندُسِ!، 
                                اَڃَان ڪُجُهه اَڳڀَرو اي آسِمَان آ، آشِيَان 
                                مُنهِنجو“. 
                                سَچو سَائِلُ ٿِيان اَللهَ جو، پيرُ و مُحَمَدَؐ 
                                جو!، 
                                تَه شَافِعُ ٿِيندو عَقبَيٰ ۾، شَفِيعِ دو جَهَان 
                                مُنهِنجو“.  
                                
                                 |