رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

ڇپائيندڙ پاران

 

”رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ“ سنڌ جي فخر لائق فرزند ۽ نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل محنت جو ھڪ حصو آھي، جيڪا پاڻ لوڪ ادب اسڪيم تحت ڪيائون. ھن ڪتاب سنڌي سماج ۾ صدين کان مروج رسمن، ريتن، روايتن ۽ بيشمار ثقافتي قدرن کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪري نھ رڳو سنڌ کي پنھنجي عظيم ورثي کان آشنا ڪرايو آھي، پر دنيا آڏو بھ سنڌي سماج جي مڙني خوبصورتين کي نروار ڪيو آھي.

سنڌ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل پورھيي جي تعريف ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ برابر آھي. آءٌ فقط اھا گذارش ڪرڻ چاھيندس، تھ ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪتابن کي پڙھي قلم ھٿ ۾ جھليندڙ سندس ھڪ مداح (راقم الحروف) جي حصي ۾ اڄ اھا خوشبختي آئي آھي، جو اھو ھن ھاڪاري عالم جي اھم ڪتاب کي ٻيھر ڇاپي پڌرو ڪري رھيو آھي. جيتوڻيڪ ڪتاب جو ھيءُ ٻيو ڇاپو ستاويھن سالن کان پوءِ پڌرو ٿي رھيو آھي، پر ”دير درست آيد“ جي مصداق اميد آھي تھ نئين لي آئوٽ ۾ ڪمپيوٽر جي ڪمپوزنگ ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي.

 

ڄامشورو، سنڌ                                     سيڪريٽري

                                                    سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org