سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:10 

ڌي پنهور

        ]پانڌي ذات پنهور، ڳوٺ بخش نظاماڻي، تعلقي ماتلي، ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هڪ روايت موجب ڳوٺ راڄي خاناڻي، تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل هو. پهريائين ڏاڍو مڙس چور هو، ۽ ’پارو ابڙي‘ سان گڏجي چوري ڪندو هو، پوءِ توبه تائب ٿي چوريءَ کي ڇڏي پنهنجو پورهيو ڪرڻ لڳو، پر اڳين ڏوهن سبب پڪڙجي سزا کاڌائين. قيد مان ڇٽڻ کان پوءِ ٻه ڀيرا حج تي ويو، ۽ اتيئي وفات ڪيائين. مختلف روايتن موجب اندازا سنه ١٣١٨هه / ١٩٠٠ع ۾ وفات ڪيائين. جوانيءَ ۾ مجاز جي چوٽ لڳيس، ان بعد بيت چيائين. آخر وقت ۾ ميڙن ۽ مجلسن ۾ پنهنجا بيت نڙ تي چوندو هو. سندس بيت اڄ تائين نڙ تي چيا ويندا آهن.[

ساراهه

١-

اول نام الله جو، جنهن جوڙي جڳٽ راس ڪيو

پهريون پير حضرت آدم ٿيو، جنهن پيدا آدم ذات ڪيو

ٻيو پير حضرت ابراهيم ٿيو، جنهن درس واري دين ڪيو

ٽيون پير محمد رسول ٿيو، جنهن تي ڪلمون راس ٿيو

ٽيهه روزا رمضان جا، فرض ٻيو فرقان ٿيو

ملڪ، ملڪ، آدم تي، ان جو قدم راس ٿيو

جن پرين تي، پانڌي چئي، ان جو حڪم برجاءِ ٿيو

جڏهن راضي ربّ ٿيو، تڏهن رکيائون مرضيون مرسل جون.

 

 

٢-

مرضيون تنهن مرسل جون، رکيون رب رحمان

قطب بنائي ڪتيون، عرش ڪئين آسمان

شمس چنڊ بنايئين، ٻيا هرڻ، مرون، حيوان

ڪوڙين بنايئين ڪيترا، لکين ٻيا لقمان

آڪابر بنايئين عقل جا، ڪي جمجما سلطان

کپي سڀيئي خاڪ ٿيا، ان جا صوبا ۽ سروان

پڇن ٿا، پانڌي چئي، ويهاريو وريام

ڪل پوي ٿي ڪانه، ته ڪهڙا واڪا ويڙ ۾.

 

ست سرو

١-

الله جل جلاله، مٺو محمد مير

جيئن خلق مٺي خالق کي، تيئن مٺو مون ملير

ڪوهه چوان ڪرمن کي، توڙئون جي تقدير

سهڻي گهڻي سڪ مان، سنجهي لنگهي سير

جنهن کي چوڻ چڱن جو، پاڻي اڪاري پير

ليليٰ خاطر مجني، وهه پيتو ٿي وير

جنهن تي راضي ربّ ٿيو، خالق ڏنس کير

چنيسر چاهه مان آسٽي پرڻيو ڄام امير

پهريون ٿيو ريزالو رن سين، پوءِ دانهه ٿيو دلگير

اٺ اڳاهين پنڌ تي، ميو ماريو مير

صحبت ۾ ٿيا سور گهڻا، ايءَ توڙئون جي تقصير

ويا ليڙا ويچاريءَ کان، بوتا اٺ بهير

راڻو ريب وندين هو ٻڌو ٻاون وير

سرچيو سيتل راءِ سين، کليو پيتائين کير

مونکي بس ڀنڀور کان، جي ڪل ٿئي ڪشمير

جهوليءَ پائي ٿي جهليان، هاڙهي سندي هير

ڏاتر پنهون ڏيکاريئين، پرور منهنجا پير!

ويندءِ ڪوٽ ڪلور ٿي، سڻ عمر ڄام امير!

وٺا مينهن مهراڻي تي، ٿيا ساوا ڳم ڳنڍير

مون کان پوءِ ملير، ساڻيهه سڃو ڀانئيان.

٢-

ڪٿي ساهڙ، ڪٿي سهڻي، ڪٿي ٿيو ميهار

ڪٿي دونهان دوست جا، ڪٿي پريون پار

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، ساسوين ڪري سينگار

ڪٿي عمر، ڪٿي مارئي، ڪٿي بُوبنو جرار

سسئي ڇڏيائون سڃ ۾، ڪٿي ٿيو ڪوهيار

ڪٿي سيف الملوڪ هو، ڪٿي بديعل جو آر

ليلان! تو هن لچيءَ سان، ڇو ٿي ڪيو واپار

ڪٿي دولهه دريا خان هو، ڪٿي همون جو آچار

سومل ستي مومل سان طرح بنايو تار

مومل رسايو مينڌرو، جنهن گڏ سمهاريو يار

هلي پسو حاجي پانڌي چئي، عشق جو آچار

ڇڏيو سڄ ڀتار، تون ڪاهيو پئين ڪنن ۾.

 

حاجي پلي

 

        ]حاجي پلي، پلي قوم جي ’سومريجا‘ پاڙي مان هو. ڳوٺ سڀيري تعلقي عمر ڪوٽ جو رهاڪو هو. ٽالپوري دور جي آخر ۽ انگريزي دور جي اوائل ۾ ٿي گذريو آهي.[

 

سسئي*

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو ڪل تي آهي قدير

ٻيو سوجهرو سنسار جو مرسل ماه منير

ضامن ضعيفن جي آهي دلبر دستگير

اوکيءَ ۾ اڙين کي، اچي ڏيندو سيد سڌير

هيڻن جو، حاجي چئي، آهي آسرو امير

اندر منجهه اڪير، آهي آريءَ ڄام جي.

٢-

آهي آريءَ ڄام جي، سڪ اندر سرير

هنجهون هاريان هوت لاءِ، نيڻين وهايان نير

دلبر جي ديدار ريءَ رهان ٿو دلگير

ڪڏهن ملندو ڪوهيارو، اچي ورنه وير

عشق آريءَ سندس تکا لڳا اٿم تير

چڪيا ڦٽ فراق جا، چاڪن ڪيا چير

بدن کي برهه جا جڙيا زور زنجير

لکيو لوڙيان جيڏيون! جو منهنجي منجهه تقدير

 

 

هيڻي حال، حاجي کي، اچي ملندا مير

هو آرياڻي امير، ٿيندو واهرو وڻڪار ۾.

٣-

ٿيندو واهرو وڻڪار ۾، اچي پنهون پاريندو پت

پرين جي، پلي چئي، آهي اندر منجهه الفت

من ۾ مچي موج ڪئي محبن جي محبت

ساريو ساريان ٿي سدا، سڄڻن جي صحبت

ملان من محبوب کي، باريءَ جي برڪت

اکين اڳيان اٿئي ويٺي، آهي سڄڻ جي صورت

پسيو سونهن پرينءَ جي، ٿئي هر ڪنهن کي حيرت

جن، ملڪ، پريون، حورون، ٿئي انهن کي عبرت

ڪير ڪري سگهندو سڄڻن جي صفت

مون جهڙي معذور کي ڪانهي ڪا قدرت

دلبر سندي ديس ۾ ٿي روز وسي رحمت

سدا سک سڪار آهه، ناهه ذور زحمت

قادر ڪري قسمت، ته پهچان پار پرين جي!

٤-

پهچان پار پرين جي، ملان کي محبن

ساريو سڄڻ يار کي، روئان رت اکين

ڇوري ٿيس ڇپر ۾، پيو وڇوڙو ورهين

هئي هئي ڪريان هوت لاءِ، ٿا نيڻين نير وهن

اٿم اهو آسرو ته شال آرياڻي اچن!

برهه جي بيمار تي، من ڪو ڀيرو ڪن!

لهن سنڀارون سڄڻ سي، سنديون مريضن

علاج مون عاجز جا، ڪؤڙين ڪيا ويڄن

پر ڪو نه اثر ڪيو ڪنهن به حڪمت حڪيمن

ان کي ويڄن واٽون ڇا ڪنديون، جن کي سڪ سڄڻن

هيڻن جي، حاجي چئي، اچي دلبر دوا ڪن

جن کي باهه برهه جي، آهي منجهه بدن

ان کي مرهم معمولي ڇا ڪندا، سندا ڏس ڏاهن

هنيا حبيبن هٿن سان، جي ڌڪ دلبرن

سي ڦاٽيو ڦٽ فراق جا، ٿا چڪيو چاڪ چڪن

جي دوا دارون اثر نه ڪندي فراقي ڦٽن

اچي شال ان تي، ڪي ملم محب رکن

جن کي ڦٽ فراق جا، سي ڪيئن سک سمهن

ڏوريو ڏوريو ڏيهڙا، پيا رڻن منجهه رلن

پرين سندي پار جا، پيا ڏس پڇن

وٺيو واٽ وندر جي، ٿا راتو ڏينهن رڙن

ماندا ڪيا ماڳهين، دلبر جي دردن

”اهد نالصراط المستقيم“ اهي پنڌ پڇن

”من احب شيءُ اڪثر ذڪره“ لالڻ لاءِ لڇن

”فاذڪروني اذڪرڪم“ اها ڪار انهن

”جف القلم بما هو ڪائن“ لکيو ائين لوحن

سو لکيو لوڙيان جيڏيون! جو منجهه نصيبن

ملان شال محبن، ڏوري ڏوري ڏيهڙا.

٥-

ڏوري ڏوري ڏيهڙآ، شل وير ڏسان وريام

محبت تنهن محبوب جي، مونکي من ۾ آهي مدام

اچي ڪين اديون! مونکي آريءَ ري آرام

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، آهي نينهن ڪيو ناڪام

ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ٿيندو، عجيبن انجام

محبوبن جي ملڻ جي، اٿم طلب تمام

قرب قريبن جي، ڪيو ڪاتيءَ ري قتلام

اڏر ڪانگ! عجيب ڏي، وڃي پهچائج پينام

منهنجا محبوبن کي ساري چئج سلام

چئج چوري چهنب تون، اٿئي ڌڻيءَ جو نام

آءُ مران ٿو محبوب لاءِ، اندر محبت مام

مونکي جهوريءَ جانب يار جي، برهه ڪيو بدنام

آکج عجيبن کي سندو قرب ڪلام:

ته ورڻ وائي وار سگهي، لاڙي اچ لغام

رڙان روائن رڻ ۾، نڪو مڙهه مقام

ڏيئي دلاسو دلربا! اچي پر ڪريو پيغام

هيڻي حال، حاجي چئي، ٿي مران هت مدام

اچي سگهي جهل سام، آرياڻي عاجز جي.

٦-

آرياڻي عاجز جي، اچي ورنه! ڪر واهر

ان کان سواءِ ناهه ڪا، اڙين جي آڌار

رس ڪوهيارا ڪارڻي! ڏوري منجهه ڏونگر

اچي مدد ڪر محبوب تون، مرسل منجهه محشر

ڪم ڪچا مون ڪيا، عيب گهڻا اڪثر

پاپن جا، پلي چئي، وهايم وکر

حشر ڏينهن هيبتي، جت هلي ڪونه هنر

سختي سوڙهه قبر جي، جت ڪينئان ۽ ڪلر

اهي سڀ وساري، غافل ٿيس انڌو اءُ ابتر

ياد نه ڪيم قيام کي، منجهه هيس هن فخر

ورتم واٽ بُرائيءَ جي، ڇڏي ربّ اپر

مڃي چيو شيطان جو، کري ٿيس آءُ کر

مٿي مال دنيا جي بانور ڪيڙم ڀر

گذاريم گناهن ۾، سدا شام سحر

ائين نه ڀانيم اصلي، ته ڪو آهي دنيا دم گذر

چيو نه ڪيم چڱن جو، رهيس ويسلو منجهه ويسر

هاڻ حال پسي، حاجي چئي، مرسل ڪر مهر

عيبن ڀريو آهيان، نرمل! ڪر نظر

ڏي آرياڻي آڌر، نه ته ڀٽڪي ويندس برن ۾.

٧-

هئي هئي! هيڏي هوت ڪري ويا، ماري ڏيئي ميار

ننڊ نڀاڳيءَ نهوڙيو، جو سنجهي نه ٿيڙي سار

هو آڌيءَ جو اٿي ويا، ڪيچي ڪري قطار

هاڻي ڀٽڪان ڀڻي برن ۾، روائن زاروزار

کڻيو پير پرينءَ جا، ووڙيان پيئي وڻڪار

ڪڏهن ايندا قريب مون پرين پنهنجي پار

محب منهنجي مان جا، سندا جيءَ جيار

محبت محبوبن جي، مونکي برهه ڪيو بيمار

هتي ويٺي ساريان، آءُ دل گهريا دلدار

لکيل منهنجي قسمت ۾ ائين هو اظهار

قلم سندي قيد ۾، لکئي جي لغار

پتو نه پوي ٿو پرينءَ جو، ڪو سرتيون سماچار

من ڪا ملي خبرچار، مٺيءَ کي محبوب جي.

٨-

مٺيءَ کي محبوب جي، ماريو هجر هاءِ!

اچ ڪانگل! قريبن جي ڪا سگهي سڌ سڻاءِ

سڄڻ سنديءَ سڌ ريءَ، ٻولي ٻي نه ٻڌاءِ

سوال مون سقيم جو، هيئين ساڻ هنڊاءِ

اڏر عجيبن ڏي، ڪانگل! ڪري ڪاهه

پيغام هي پريت جو، پرين کي پهچاءِ

هيڻي حال، حاجي چئي، حيلا ڪل هلاءِ

لاڳاپا ٻيا لاهه، اڏر عجيبن ڏي.

٩-

اڏر عجيبن ڏي، پرتئون ڀري پير

سماچار سڄڻ کي سڻاءِ وڃي سوير

ته من اندر ماتام آهي، جهوريءَ سندي جهير

آهين عجيب اندر ۾، وير نه ويسرن وير

اچ سگهو عجيب تون، ڇپر منجهه ڇڳير!

ڪري مهر محبوب تون، منهنجي لاهج مير

آءُ اوهان جو آهيان، ڦران نه ڪنهن ڦير

سڄڻ! تنهنجيءَ سڪ جا، ٿا شعلا ٻرن شير

هڻي حال، حاجي چئي، هينئڙي کي آهي هير

اچڻ ۾ اوير، ڪڏهن ڪج نه قريب تون.

١٠-

ڪڏهن ڪج نه قريب تون، موٽج مهربان!

ماري ٿو منهنجا پرين، مونکي اوهان جو ارمان

جهڄان جهوريءَ انهنجي، سگهو ور سلطان

وسن پيا ويچاريءَ تي برهه جا باران

ٻرن ٻارڻ ٻارا ڪريو، ٻيا دکن جا دومان

سگهو ور سردار تون، عجيب ڪري احسان

هيڻي حال، حاجي چئي، ڏي ڪو درسن جو دان

منهنجي ڪاري آهي ڪان، آرياڻي! آن کان سواءِ.

١١-

آرياڻي! آن کان سواءِ، سري نه ٿي ساعت

ناهي سک سرير ۾، ڪا روح اندر راحت

مل اچي محبوب! سگهو ڪري قرابت

جدائي جانب تنهنجي، آهي اڀرن لاءِ آفت

جدا رهڻ اوهان کان ٿو ڀانيان قيامت

ناهي سگهه سهڻ جي، ڪا تن اندر طاقت

اڱڻ منهنجي عجيب! اچ سڄڻ سلامت

هيڻن جو، حاجي چئي، ٿيءُ هوت حمايت

اچي اڏ عمارت، محبت جي محبوب تون.

١٢-

محبت جي محبوب تون، وائي وارج وير

پري ڪر پرين اچي، زحمت جا زنجير

اچي ڏي عاجز کي، سڄڻ! تون سڌير

ڦٽيس ڦٽ فراق جي، چاڪن ڪيا چير

ڌاران دلبر يار جي، رهان ٿو دلگير

ورڻ وائي وار سگهي، ڪڍ قضا جا ڪير

ڪر نظر نماڻن تي، موٽ سگهو تون مير!

آن کي ساري سڪ مان، منهنجو ساهه سرير

قرب جا قريب تون، تن ۾ هنيا تير

ڪڏهن ملندين قريب تون، ويٺي پوڄيان پير

هيڻي حال، حاجي چئي، آهي اندر منجهه اڪير

اچي مل ماهه منير! ويچاريءَ کي وڻڪار ۾.

١٣-

ڪچو چون ڪيچين کي، نڪا ڪيچين ڪچائي

منهنجو هوت بلوچ سان، آهي نينهن لڳو نيهي

قوت ڪشالا ڪيترا، ڏونگر ڏاج ڏيئي

هلي آيون هل تي، سرتيون سڀيئي

جي سمجهائين پيون سسئي کي، چڱي مت چئي

پيءُ لڄايئي پانهنجو، تون ماٺ ڪري ويهه مائي

گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، اڳيان کر ويندءِ کائي

چئي: من تي باهه مجاز جي، مونکي جانب جاڳائي

وينديس ورنديس ڪينڪي، منهنجي جت پٺيان جائي

هلي ڏسون، حاجي چئي، انهي سسئيءَ جي سچائي

وڃي وندر واڌائي، جيئري ڏجان جت کي.

 

 

شاه نصيرالدين ”نصير“

 

        ]شاهه نصيرالدين ”نصير“ جو والد سيد عبدلحي نوشهرو فيروز ۾ اچي رهيو ۽ جوانيءَ ۾ جهوڪ ميرانپور جي مشهور بزرگ فضل الله شاهه قلندر جو مريد ٿيو. هن بزرگ وڏي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ شاهه نصير الدين سجاده نشين ٿيو. شاهه نصير کي عربي ۽ فارسي جي سٺي تعليم ملي. هن پنهنجو گهڻو وقت سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. سنڌ اندر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سندس گهڻا مريد هئا. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين. وڏيءَ عمر ۾ سنه ١٣١٨هه / ١٩٠٠ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

بسنت

 

آئي رت بسنت جي، ٿيا گلزاريون گل گل

ڀؤنرا واس وٺن پيا، باغن ۾ بلبل

هر طرف هاگام ٿيا، قمرين جا قلقل

سبزي بوند بهار جي، هر طرحين تل

سر منڊل سارنگ ڪيا، هر طرف ۾ هل

طلبن طنبورن ڪيا منجهئون شوق شغل

مرڌنگ، چنگ، اپنگ ٿيا، شوق منجهان شامل

ٻي ڪانه پوي ٿي ڪل، نشي ۾ ”نصير“ چئي.

 

سارنگ

 

اڄ اسان جي ڏيهه تي، ٿيا ڪڪر ڪارونڀار

بادل برساتيون سٽيون، جيئن سيفن جا سٽڪار

موٽي مهر ڪري، لڌي سانئن اسان جي سار

وڄن وڏا ويس ڪيا، چوطرفين چوڌار

هر طرف هاکام ٿيا، گاجن جا گجڪار

هاڻي ڇٽا ”نصيرا“ نار، مينهن موڪان لائيون.

 

 

اسماعيل فقير

 

        ]اسماعيل فقير سمي، سنه ١٩٠٢ع ڌاري وفات ڪئي. سندس بيت نڙ تي چيا ويندا هئا. هيٺ ڏنل بيت ڇپيل ڪتابڙي ”ڪيڏارو“ تان ورتل آهن.[

 

ڪيڏارو

 

ڀائر، ڀاڻيجا، ڀائٽيا، وٽان وياس يار

هيڏانهن امام هيڪڙو، هوڏانهن هئا هزار

چؤڏس چڙهي آئيا، ڪٽڪ ڪارونڀار

شامي شومي، ڪوفي ڪوڙا، بيحيا بدڪار

بَدو سي بدعتي، خارجي سي خوار

اٽل، اسماعيل چئي، هلي هنيائين هاڪار

لرزايو لعينن کي، مانجهي مير مڻيار

ويهون وڍي ويرين جا، ڌڙ ڪيائين ڌار

سيد سائو سردار، ڪامل ڪلو جهليو

 

صالح گراڻو

 

        ]صالح فقير ذات گراڻو، اندازا سنه ١٩٠٢ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس بيت مشهور آهن، جن مان ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

سسئي

١-

سنجهي ساٿ وي ويا، آرياڻي ادل

بکئي هن ڀنڀور ۾، پهر نه جاڳان پل

هل ته نهاريون هوت کي، جاني منجهه جبل

منهنجو ائين پيچ پنهونءَ سان، جيئن وارڪا ول

ماريس سور، صالح چئي، هاڙهي سندس هل

ڪيچين جا ڪرڳل، سسئي! تنهنجي سر تي.

٢-

سسئي تنهنجي سر تي، آهن برهه جا بار

ڏورج ڏينهان رات پيئي، اٺائي انبار

کڻي محبت جامڻ مٿي تي، هل ڪاهي ڏانهن ڪوهيار

ڪيچي سندي قرب ۾، تون وؤڙ وڃي وڻڪار

لڪ، گهٽ، گهيڙ، تون نائي وڃي نهار

من لڀي پير پنهونءَ جو، ڪو پوي سماچار

ڏورين سي ڏسن، تون هل انهيءَ آچار

سورن جا، صالح چئي، بار کڻي بسيار

هل هوڪاري هوت ڏي، هرگز هينئون نه هار

 

 

 

وک اڳتي وار، ته پهچين ڄام پنهون کي.

٣-

پهچين ڄام پنهون کي، ملين کي محبن

ويهي رهڻ وچ ۾، اهو ڪم ڪوڙن

جيڪي ڪجن انجام عشق ۾، اهي نبا هجن

پنڌ ڪبو ته پهچبو، نه ته رهبو نه ماڳن

ڏکيو نباهڻ ڏاڍو آهي، سا قرب ڪيچ ڌڻين

پريت ڄام پنهونءَ جي ڪي پارکو پر کن

سڪ سندي، صالح چئي، خبر نه پئي کرن

نه ته ڪڏهن ڪين ڪيچ جي، واٽن کان ورن

هلندا وڃن هوت ڏي، ڏوري وڃي ڏسن

تون به ائين پروڙي عشق کي، پوءِ ڏورج ڏونگرن

ته واڪي منجهان ورن، ملين وڃي محبوب کي.

٤-

ملين وڃي محبن کي، ٿين هٿيڪي هوتن وٽ

ٻڌي هل سندرو سڪ جو، ته جاني مليئي جهٽ

پوءِ وڃي وقت وصال جو، تون ڪوهياري سان ڪٽ

دوستاڻي در کي، تون موڳي! ڪڏهن نه مٽ

چانئٺ چڱي يار جي تي سر سدائين سٽ

هٺ نه ڪج تون هڏهن، گولي ڀانئج گهٽ

سلوڪ ۾، صالح چئي، تون پرجهي اکيون پٽ

ته حبيباڻي هٽ، سودو مليئي سڦرو.

٥-

سودو مليئي سڦرو، ٿيئي سفر سجايو

حب رکي هل هوت ڏي، ڪري سڪ اندر سعيو

نه ته رهجي ويندينءَ راهه ۾، ويندئي عشق اجايو

بوجو بار برهه جو، وڃج سر مٿي چايو

ڪنجهج، ڪرڪج ڪينڪي، تون وڃج نباهيو

ڪاهيندي وڃج ڪست مان، ٻيا لاڳاپا لاهيو

سورن سنگهرون، صالح چئي، وڃج پوئيندي پايو

وڃج ڪنڌ نايو، ته من پوي ٻاجهه ٻروچ کي.

٦-

پوي ٻاجهه ٻروچ کي، ڪا ڪهل ڪوهياري

پورهيت پنهنجيءَ کي سڏي ڪري پنهنجي پاناري

ڪو ويهي وقت وصال جو، گڏ گوليءَ سان گهاري

آهي ڦٽ فراق جي، وڌو موڳيءَ کي ماري

وسن وهلور ورونهه ۾، ٻي ڳڻتي ٿي ڳاري

هيڪليءَ کي حب ۾، ڏکن وڌو آهي ذاري

هڪڙي جهل جبل جي، ٻيو هيبت وڌو هاري

سورن جو، صالح چئي، مونکي ٻآرڻ تو ٻاري

ڪيئن ڪريان، ڪنهن کي چوان، ويا ڪيچي قطاري

پنهون منهنجو پاڻ سان، ويا آرڏا اڏاري

تڙي ويا توڏن کي، هو اڌيءَ اٿاري

هٿيڪا هينئر هوندا، هو ڌر ڌڻين ڌاري

آءُ ٿي هتي ساهه ڏيان، سڄڻن کي ساري

دانهون ڪريان ٿي درد مان، ٻيو ڪيهون ڪوڪاري

سڏ سڄن من منهنجا، ان جي اوتاري

پنهون اچي پاري، وعدا مون ويچاريءَ سان.


* ھيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوھار کان ملي، جنھن حاجي پير بخش جمالي جي زباني قلمبند ڪئي.

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي وارھھ) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org