سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:20 

قلندر بخش ڀٽي

        ]قلندر بخش ولد حاجي اسماعيل ڀٽي، ويٺل شهر ٽنڊو محمد خان ضلعو حيدرآباد سنڌ اٽڪل ١٩٠٥ع ڌاري ڄائو. کيتي ۽ واپار ڪندو آهي. ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيل آهي. ٢٥ ورهين جي عمر کان بيت چوڻ شروع ڪيائين.[

 

مومل راڻو

١-

سوڍي هن کي سيگه مان، حڪم ڏنو هيڪار

ته هتان ڀڄ، آڻي اڄ، ڏي مون هٿ مهار

ڪري جت، جتي هٿ، ويو تان وير وڳار

وڃي اوڏو، جهليئين تو ڏو، رمز منجهان رخدار

پوءِ انهيءَ هٽ، راڻي وٽ، اچي ڏني مرد مهار

ڏسي توڏو، سرهو سوڍو، حال به ٿيو هيڪار

ڪرهر ڪچو، هوتان سچو، ڪياڙ وڏي ڪاپار

حال به هنڌ، بُهرن بند، ان گاه پوکيا گلزار

کٻڙين کاريون، مٺيون ڄاريون، مڪن جي به مهار

ڪنڊن ڪور، مٿن ٻور، هينئين اندر هيڪار

چڙهيو نينگر، ڇنيو سڱر، آڻين وڻج وايار

گولن گولون، مٿن جهولون، ڪانبن جي ڪن ڪار

پٽ سٽ، گرڙ گؤنري وٽ، اچو مال به ڪن انبار

پوءِ سر وڃين سڃو، ڀڃيو نمون ڪن ٽالهين جي ٽمٽار

 

 

ڪويٽ ڪهڙا، ليمان اهڙا، ڪن انجيرن آپار

توت ترنج، ڪيوڙا ڪرنج، ٿئي بادامن بهار

ڊاک ڊگهي، وڃي سگهي، چمن چڙهيو چوڌار

ولهين ويڙهون، ڦوڳ ڦلهارون، ڏؤنرن منجهان ڏار

موتيا من، گلاب گلن، ٿيا چڪرن ۾ چوپار

ٿلهڙا ٿوهر، ميندي مؤئر، نازبوءِ نيڻن ٺار

اهي وڻ سڀيئي، ثابت سيئي، ٿيا تو ڏي لئي به تيار

تن مان جهٽيو جهاٽو، پٽيو پاٽو، اچيو ڪن انبار

سو چري چرندو ڪيتريون، لک ڀريون ليهار

پوءِ ڏيهاڻي ڏاتار، ان کي والي وير وڏو ڪندو.

٢-

ڪاهي هليو ڪاڪ تي هو جنگ رکي جولان

اٺ اٺائي هيلو، جيئن دور ڪري دوخان

نڪي کڏ کوٻو جهلي، نڪي دڙي نڪي دالان

نڪو پير پٽو ڪري نڪو پڌر ڪو نيشان

پٺيان واءُ ويڙها ڪري، اچي ميڙيو سڀ ميدا

ميو مٽي مهند ويو، ڪا منزل مهربان

پر اتي سئا هئائين اوچتا، ڪلاڪيئن ڪپتان

لهي پيو هو ليڙي تان، جلدي ڪري جوان

اتي مرد ڏٺائين مڻيادار، کٿو ڪلهيءَ سان خان
تنهن کان خان پڇيون ٿي خبرون، ظاهر ساڻ زبان

ته ڪٿي شهر ڪاڪ جو، ڪٿي مومل جو به مڪان

سي لنگهندي مونکي نظر نه چڙهيا، ڌريئون ڪيم نه ڌيان

اهي حال تو کان ٿو پڇا، اي ميان مهربان!

اهي حقيقتون سڻاءِ تون، ڇڏي غير گمان

ايڏا بحر بيان، ڌڱ پڇيا هن ڌر کان.

٣-

ٿو ڌڱ پڇي هن ڌر کان، کلي خبرچار

هاڻ مرد ٿو مذڪور ڪري، گوياڻي گفتار

ته يا منشي، يا معتبر، يا تون ڪڙم جو ڪمار

يا سوداگر، يا سرفراز، يا وڏو ڪو وينجهار!

سمجهان آءُ سچي ڪندين، مون وهاريو آه ويچار

ايڏي ٺاه ٺڪر ڪن، ٻئي جي ناهي پچار

پردانه! سڻ دل لاءِ تون، مون کي اندروني اظهار

هتان گهوٽ ويندڙ گهوڙي تي ڏٺا مون ڏاتار

ڪارا ڪٺ ڪميت ڏسان، ڪي مشڪي ميا متار

ڪي بور بودلا بئنسرا، ڏسان ڪي نقرا نيڻن ٺار

ڪي سورج، سمنڊ، سنجاف ڏسان، ڪن سرخن تي سينگار

ڪي پورب پنج ڪلياڻ، ڪي ابلق هجن اپار

ڪي تمڻا تيرن گوش ڏسان، ڪي ڪنڍا منجه ڪپار

ڪي ظاهر زينون زور ڏسان، ڪن هاڏون منجه هڻڪار

ڪڏهن گهوگهٽ گوڙ گبوڙ ڏسان، ڪڏهن پلٽون منجه پاتار

جي رازق رنگ بنائي ڇڏيا، آهن دنيا مٿي ديدار

سي ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا، شاعر منجه شمار

پر اها سڙڪ هلي وڃي ٿي، سڌي مٿي ڪاڪ ڪنار

اتي ناتر نخري باز ٻڌان ٿو، جنهن جو مومل ساڻ مدار

ننهن نار نهوڙي ڪئين ڇڏيا، اڙٻنگ جوان اپار

ٻيا کپائي ڇڏئا اٿس کوه ۾، ڪئين نيرا نگهوسار

سي ڀانئج سڀ، ڀٽي چئ، اٿئي پرس پڪا پار

پوءِ موڪلايو مڻيهار، پيو وڃي وير وماس ۾.

٤-

چئي: ٿو وڃين وير وماس ۾، پر ڀلي ڪڇي ڀاءُ

پٺيان پنهنجيءَ پر ۾، دانه ڪجئين دعا

ائين چئي چڙهيو مرد ميي تي، ڪشي ڪام هڪا

گؤنرو هيلو گوڙ ڏيئي، لامون وڏي لاه

انهيءَ وير وڃي ڏٺا ڪي ڪؤنر به ڪاڪ سندا

چوڏهين رات چنڊ جي، هئي سهڻي منجه سهاءَ

لهي پيو ليڙي تان، هو در مٿي داناءِ

ٻڌي ٻاونگير هيلو، مهري محبت منجها

لاهي در لنگهي ويو، مير اندر محلا

بجليون ٻريون ٿي بره جون، جن جا تاءُ گهڻا تجلا

ٻيون سوين ٻريون ٿي شمعون، ۽ ڪروڙين قنديلا

اتي گل ڦل گونٽا، چمن چمبيلي، نرگس نرالا

سورج مکي، سرخ، سفيدا، مغلا مقبولا

طرح طرح جا طول وهاڻا، طرزئون طبيلا

پلنگ پٿراڻيون پٽ جون، جن تي چڪم چلولا

مڇر مهاريون مقن سان، جن تي ڀرت ڀلا

ٻيا هار هزارين حور سندا، جن تي هرٻر ڪن هلا

پر مشڪ کٿوري مومل مٿان، هاريئون ٿي هڪلا

پر سومل مومل ساڻ ستي هئي. ڊوه ڪري ڊؤلا

اتي راڻي کي روح ۾، ٿيو جوش گهڻو جولا

کپان ڪڍيئين کني کي ڪري ڪاوڙ ڪست منجها

هيڪر چئين هليو وڃان ڪري ٻنهي قتلا

پر شيطان مرد جي، من مان، کڻي ڪڍيو قادر ڪريما

پوءِ رکي نشانيون نالا، ويو ڏيئي ڪام مومل جي ڪڇ ۾.

 

 

ماڻڪ شر

        ]ماڻڪ پٽ ڌڻي بخش، ذات شر بلوچ، پاڙو سوندراڻي، ويٺل ديهه ستيارو، تعلقو اٻاوڙو ضلعو سکر، اٽڪل ١٩٠٦ع ڌاري ڄائو. هن وقت بيتن جو چڱو شاعر آهي.[

سهڻي

١-

ڪينهين اٺ اوطاقن تي، نهاري نيڻ کڻي

آهوڙي آسر جو، تڪڙ منجه تڻي

هلو سرتيون! مون سان، ڪيو ڳاله ڳڻي

ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، ويندم هاڃا هاڪ هڻي

هوت بنان آهي هيڪلي، ولهي ناه وڻي

گهڻي سڪ گهڻي، پڇي پار پنهونءَ جا.

٢-

پئي پڇي پار پنهونءَ جا، جنهن جي ڪانه سري

موڪلائي پئي، ماڻڪ چئي، ڀاڪر پائي ڀري

ويا اٿس نير اکين کؤن، ڳوڙها ڳچ ڳري

جيڏين پليس جوش منجهؤن، چيائونس چري:

ماٺ ڪري ويه ماڳ تي، ٺه په ويه ٺري

پر ويهي ڪيئن ور ري جنهن کي اندر آڳ ٻري

سا اٿي هلي اٻهر ۾، ويٺي ڪانه وري

آهوڙي آسر جو، دونڌڙ منجه دري [1]

ڪري خبر کري، آءُ هيڪر ملنديس هوت کي.

 

 

احمد فقير درس

 

        ]احمد پٽ علي محمد درس، ڳوٺ مريد درس، تپي ڍالو، تعلقي ٽنڊي الهيار، ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو آهي. سنه ١٩٠٧ع ڌاري ڄائو، اڻ پڙهيل آهي. گهڻا بيت چيا اٿس، جن مان ڪي نموني طور ڏجن ٿا. [

 

سسئي

 

جڙ هڻي جت ويا، تنهن جاڳايو جولان

مونکي ڪيچي قرب جو، قهري هڻي وياڪان

ڏير آيا ڏانو ڪري، مون وٽ ٿيا مهمان

مونکي ننڊ نهوڙيو، ٿيو غفلت سان گذاران

ٻڌي ٻاروچو منهنجو، کڻي هليا خان

ڪيچين ڪاهيا ڪرها، تل به ترسيا ڪانه

منهنجو ور وٺي ويا، ڌريئون ڪونه ڌيان

جاڳان، جانب ناهي، ويڙ ڀانيان ويران

هو چون: ويهه ماٺ ڪري، توکي ٿيو خفقان

ڪٿي ڪيچين پويان وڃين، اڳيان بر بيابان!

آءُ ڪاهينديس ڪافن ۾، مونکي موليٰ ڏي ايمان

ڏيئي مونکي ڏير ويا، اهو ڏونگر سارو ڏان

احمد، عجيبن ري، آ ٿيو من مستان

ويڙا هوت هٿام، تڏ ٿي ڦٽيل فريادون ڪريان.

 

مارئي

١-

مارن جي ملڪ تي، جهڙ جهلي پيو جام

مونکي هت ماڙين ۾، ادا ناهي آرام

پائي ويا پنهوار ڪو دل منهنجي کي دام

ماڙيءَ چڙهيو مارن جا، گهر ڏسان ٿي گام

ٻولون جي ٻڌي آيس، اتي آءُ انجام

ڪيم وعدا وجودي، پارڻ سي پوندام

اچ سڀاڻي احمد چئي اباڻا ايندام

سومرا! تو وٽ سام، ڪو دم آهيان ڪوٽ ۾.

٢-

رهيا مارو روح ۾، وساريان نه وسرن

مارو منهنجي من تي، ڪريو راڄ رهن

ڪيئي ڀونگا ڀيڻيون، اچي اڏيون اباڻن

مارن جي ملڪ تي، مهرون ڪيون مينهن

ڪڪر آيا ڪيترا، بوندون بس نه ڪن

اوهيرن آب اوتيو، پاڻي مٿي پٽن

تڙ ترايون تار ٿيا، پيا ٻنگ ٻڏن

وليون تن وڻن کي، هليو هار ٻڌن

گل ڦل ڪئين گلزاريا، ڪئي آ ڦور ڦلن

مون جيڏيون ملير ۾، ٽهيءَ هڪ ٽلن
احمد، اباڻا اچي، سانگي سار لهن

پساهه وٽ پرين، مڙهه اٿم هت ماڙيءَ ۾.

٣-

سنگهارن جي سوءِ ۾، اکيون رت پيون رون

درد پرين جو دل ۾، ڪنهن کي ڪين چون

وڌي وڻ وڏو ٿيو، گهايئين گهونا گهون

مارو ملڪ ميلر ۾، شل حياتيءَ هون

احمد، اباڻن جا، پري ٿا ڏس پون

تنهنجا زردالو زيتون، ڪڏهن کينديس ڪينڪي.

 

سهڻي

١-

آهيان واهڙ وچ ۾، جت ڇانڀ وري ڇولي

تکي سير سمونڊ جي، ٻي لهر ٻڌي لولي

من ۾ ميهر يار جي، مونکي ٻهون آهي ٻولي

آءُ انهيءَ جي آهيان، تنهن گوهر جي گولي

پنهنجي پاڻ هٿن سان، اچي ٽاريندو ٽولي

احمد، عجيب ايندو، ڪندو سڄڻ سڻولي

جا ويرن وڙولي، تنهن کي ساهڙ رسج سير ۾.

٢-

ساهڙ رسج سير ۾، اچي تار منجهان تون تار

هڪڙي پالٽ پاڻيءَ جي، ٻيا درياه جا ڌڌڪار

ويرن اچي واڪا لايا، ٻيا ڪن ڪرن ڪڙڪار

اونهو بحر عميق جو، ڪپر ڪارونڀار

مڇيون مڙي آئيون، ڪيئون کيڻ جا خمار

ڪمين کڻي ڪر کنيا واڳون وريا ڌار

ڪڇئان آيا ڪيترا، سوين هت سيسار

ڪر ٻاجهه ٻڏن تي، تون آهين ڏيهه ڌڻي ڏاتار

داتا! تنهنجي دربار ۾، آهي احمد عرضدار

جوهيو کير جو خمار، تنهن لوڙهيو لهرين وچ ۾.

٣-

لوڙهيو لهرين وچ ۾، وير وڌا آهن ونگ

ڏم ڏهاڙي ڪيترا، ڏکيا هڻي پيو ڏنگ

صبر ڦٽو آهي سس جو جا جوٽي بيٺي جنگ

اهو گهيڙ گهڙڻ جو، لانگهو آهي لنگهه

منهنجو من ميهر سان، ٻاڻ لڳو آهم ٻنگ

پرور تون پناهه ڏي، توتي ننگي آهي ننگ

اهي ڌڌڪا درياءَ جا، راز ڀانيان ٿي رنگ

احمد، اٺائي آندو هت روز ازل جي انگ

ڇوريا چرن ٿا چنگ، من ۾ ميهر يار جا.

٤-

من ۾ ميهر يار جا، مونکي واڄا روز وڄن

کرڪين مونکي خوش ڪيو، چينگاري چڙهن

کرڪين مونکي خوش ڪيو، جي ٻيلي پاس ٻرن

مينهون يار ميهار جون، وڇون وٿاڻن

مينهون يار ميهار جون، ڍوليون ڍڪون ڪن

مينهون يار ميهارجون، ڪڍيون ٿيون ڪڻڪن

مينهون يار ميهار جون، اچيو ڪمهليون مڙن

عاشق انهيءَ ڀاڻ تي، کليو کير پين

چڪو پي چري ٿي، ٻڌو سهڻيءَ ات سمن

احمد، انهيءَ پار ڏي، اکيون اميدون ڪن

جنهن جا ساهڙ ساڻ سمن، سي گهر ڇڏي گهوريون ٿيون.

 

 

اميد علي لغاري

 

        ]اميد علي پٽ ولي محمد لغاري ويٺل ڳوٺ جادو لغاري، تعلقو ٽنڊوا لهيار، ضلعو حيدرآباد، سنه ١٣٢٨ ه / ١٩١٠ع ۾ ڄائو. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس گهڻو ڪلام بيتن جي صورت ۾ آهي.[

 

سسئي

١-

اصل آريءَ ڄام سان، لکيو لوح محفوظئون انگ

ڇڏي ويا ڇپر ۾، نال نه نيائون ننگ

بي غرضا بلوچ ٿيا، نڪي سيل رکيائون سنگ

ڪشي ڪنواٽن جا، تاڻي ٻڌئون تنگ

مونکي ننڊ نهوڙيو، نه ته واري وجهان ها ونگ

لڳو عشق ازل کان، آهي ٻاروچل سان ٻنگ

جر، جبل ۽ جهنگ، ٿي وؤڙيان پنهنجي ور لئي.

٢-

جبل ٿو جاڙون ڪري، جنهن جالڪ ڏکيا لاڪا

ووءِ وڏڙا، ڪري سڏڙا، سسئي سياڪا

ڏيو ڀيرا، کڻي پيرا، ڪري وڏي سڏ واڪا

ڪريو گهوڙا، ڳاڙي ڳوڙها، ڏي پلپل پهاڪا

لنگهيو لڪڙا، هڻي ڌڪرا، جنهن جا دؤر سڄن ڌاڪا

توبهه زاري، هيس ڌاري، منهنجو ڪونه آين ڪهڪا

اوکا، اميد علي چئي، آهن ڏونگر کي ڏاڪا

پوءِ نڌر کي ناڪا، هٿ نه اچن هوت جا.

 

٣-

هڪ ڏکڙا ڏونگر جا، ٻيا پير ڦٽيا پهڻن

حشمت جهڙيون هيبتي، آفتون ات سجهن

گرگ، گينڊا، گورخر، ٿا گينواريا به گهمن

ممون، ڳوهون، ڳورپٽ ٻيو ٻاڪارون ٻرن

گدڙ، گربه، ڀولڙا، ٿا رڇ رانڀاٽون ڪن

روجهه، روباهون باندرا، ٿا ڏاڍا ڏيک ڏين

شير، شغال شور مان، گوڙون ڪيو گجن

سيڙهه، سها ۽ سانڀرون دورئون پيون ڌڌڪن

گول، گر گدن، گينورون، ٿيون واڪا ڪيو وڙهن

پشيهر بلائون بڇڙيون، ٿيون ڪوراڙون ڪرڪن

تلهير ڏاڍي تاب مان، ٿا واسينگ وات پٽن

موليٰ ميڙئين مون ڌڻي، آگا عجيبن

محبت رکيو من، سسئي ٿي سڏڙا ڪري.

 

مومل راڻو

١-

وار ڪرهو ڪاڪ تي، منهنجا راڻا! روح پسند

لوڍا سوڍا سپرين! دوست مٺا دلبند!

سوا تنهنجي ڪين وڻن، طول وهاڻا هنڌ

موٽ ميان تون ميڌار! ڪامل ڦيرم ڪنڌ

پڇان پانڌيئڙن کان، روز راهون ۽ رند

راڻي جي رهاڻ لئي، ساڻا ٿيڙم سنڌ

پيرين ڪريو پنڌ، گس نهاريان پيچرا.

٢-

ڪرهو ڪاهي ڪاڪ تي، وارج ولها! واڳ

موٽئين پوئتي مينڌرا! پرين ڏسي پاڳ

مونکي نشو ننڊ جو، نڪا جانب ٿيڙم جاڳ

درد تنهنجو دلبر، آهي اندر منجهه اجهاڳ

روز پڇي ٿي پنڌرا، مومل ويٺي ماڳ

وٺي وئين پاڻ سان، سوڍل سڀ سهاڳ

ڀلائي وڌم ڀاڳ، جو ڀيڻ سمهاريم ڀر ۾.

 

مارئي

١-

آلله ڪارڻ اي ادا! منهنجو عرض سڻ عمر!

بيوس رکيئي بند ۾، ڪري ڪوپ قهر

راجا ٿي رعيت سان، نه ڪجن ڏاڍايون ڏمر

ليلا لڀن ڪينڪي، ڇڏيم ڇيلا منجه ڇپر

اچن مال اجهور تي، تن جون گر ڪيون ڏين خبر

ڇانگون چارين ڇوڪرا، ڏيو ڀٽن جي ڀر

مارو پهرن مال سين، هجن ڏوٿي ڏينهن ڏهر

هت قابو آهيان ڪوٽن ۾، ملڪ ته منهنجو ٿر

ٻه حق نه ڪنديس سومرا! هو حق منهنجو ور

سڳيون ڀيڻون ٿين نه جويون، اها ٻڌين ڪيئن هلر

عدل ۽ انصاف ڪر، تون سمجهي سر بسر

عمر! اجائي ڪم کان، مونکي پناه ڏي پرور

منهنجو ساهه سڪي سانگين لئي، ساري جان جگر

موليٰ ڪر مهر، ته ٿيان آجي عمر ڪوٽ کان.

 

الله سمايو ٻرو

 

        ]الله سمايو پٽ جوسب، پاڙو مرائي ٻرو، ويٺل سنگهر (ضلعو لس ٻيلو)، جنهن سان ڏه سال کن اسان جون ڪچهريون ٿيون. ان وقت سندس عمر پنجاه ٻاونجاه سال کن هئي. پنهنجا گهڻا بيت ٻڌايائين. جن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.[

 

سسئي

١-

ڪاهي ويا ڪيچ تي، محبت من رڱيان

ڪڪا اٺ ڪيچين جا، ڪارا ڪنڌ سندان

ڪارين مهرين قطاريا، سونهڻ هنڌ هئان

تن جو قدم قدم کؤن سونهڻو، جهيمڪ جهور جهليان

ڪوپئا ڪيچين سونهڻا، ليڙا لاک رتان

تن جو سونهڻيون اکيون، الله سمايو چئي، سونهڻا ڏند سندان

ڪريان ڪهڙي تعريفان، جن جي جلوي چنڊ جهمائيو.

٢-

لال لنگهائيندم لڪيون، منهنجو سنگت هئو ساڻس

هاڙهي پٻ هڱور جي، ڏور سڄي ٿي ڏس

منهنجو من مستان ڪيو، سرتيون سنگت سنديس

آسونهين آهيان، الله سمايو چئي، منهنجا موران ڪم مٿس

ڀيري شهر ڀنڀور ۾، الله من آڻس

هوتن ساڻ هئس، منهنجو سچو سنگت سرتيون.

 

 

٣-

سچو سنگت سرتيون، وٺي ور وياس

گڏيوس ساجن سنگهر م، گوندر غم لٿاس

معشوق جي محبت ۾، ڏاتر ڏات ڏنياس

تن جي سنگت مان، سمايو چئي، رچي راس ٿياس

ٻيا به ساٿي سو گڏياس ، پر پنهونءَ پارين ناه ڪو.

 

مارئي

١-

برسر بوندون وسن، عمر اسان جي ڏيه تي

واحد مند وسائي، وڄون ميگه ورڪن

هيءَ واري پهچاءِ وطن تي، جا سونهي منجه سرتين

کير ولوڙن خماريون، ٿا پنهور دود پين

چاريان پهون پنهنجون، آءُ گهمي ساڻ گهٽين

ميوا موڪ ملير ۾، ڪندياس ڏٿ ڪانبن

ڦرنديس پاروئڙن سين، ڪڻندي ڪونڍيرن

مارئي مارو ساريا، آهيس آُڪنڊ اباڻن

اکيون ارواح اوڏهين، ٻيو هوس جيءَ جو حب لهين

مينڍا ملوڪ مٺڙا، بيا رس ڪيا راڳن

گندي مارؤ گهوٽ جي، آهي چني پئي چاڳن

تنهن کي نه طعنو ڏيندي تيسين، جيسين بره ساه بدن

ڪڍ بندياڻي بند مان، جا اولاد اشرافن

راجا راء رشڪت، ڪا مهر پويئي من

ڪا نه نياڻي ڪوٽ وڌي، ڪا اصل امير

پسي منهن مارن جا، ڏينديس باه بنگلن

ورجني جا جيئرا، سي ڪيئن ويهارين ٿو ڪوٽن

ور مٽائي نه ٻيو ور ڪندي، جيسين مونکي ساه بدن

سا اڳ مڱائي، الله سمايو چئي، جنهن کي مڙس ڏنو مائٽن

ڪر پهتي پنهوارن، ته وڃي ملان ماروڄام کي.

٢-

چيٽ اٺو وڻ موريا، پاڻي پوڄ پئن

بي ڏوهياڻي بند ڪري، عمر! جهلياءِ جنجيرن

هتي چوريون، پوتا، چنيهون، ٻيون ڪوڏ ايڏائي ڪن

مڃٺ چونڊيو منڍيون، ايڏي حرض هلن

ڏسين ڏيج انيءَ جا، جي ويٺيون وڳا ڪن

سي نه متيان سومرا، تو جي آنء طعامن

ٻانهيون چوڙا، ٻرو چئي، وڳا ڪريو وهسن

هت ڪڄاڙو ڪريان، تنهنجي خاشين کٽولن

ڏونرا ڏٿ اني جو، ڪرت اهائي ڪن

ميها، ميٿيون، مليرا، چونديو چڀڙ اچن

مارو ٿر ملير جا، ٿا سٽاڻا سجهن

سک وساڻيون، سمايو چئي، ملير ماڻيو جن

گهيٽن ساڻ گهمن، ٿيون مان جيڏين ملير ۾.

 

صوف شر

 

        ]صوف شر ويٺل ڳوٺ شر، لڳ کاهي، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ، سنه ١٩٠٥ع ڌاري ڄائو. هڪ سڄاڻ سگهڙ آهي، جنهن کي ٻين شآعرن جو گهڻو ڪلام ياد آهي. سنه ١٩٦٠-١٩٦٢ع ڌاري اسان جو ساڻس ڪچهريون ٿيون ۽ پنهنجا بيت پڻ ٻڌايائين.[

 

ست سرو

 

سارهه ڪريا سبحان جي، جي پيرل آهي پڳدار

مونکي محمد مير جي، آهي تن اندر ۾ تار.

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، هئي پرينءَ جي پچار

ڇوليون ڇٽڪيون ڇوهه مؤن، ٿي پئي ڪنن جي ڪڙڪار

منڌ نه موٽي پوئتي، وڃي ڏٺائين دونهن جي ڌڌڪار.

ليلان لوڌجي وئي، جنهن کي ڊهي مڻيي تي مار

ڪونئرو ويهاريائين ڪڇ ۾، هن کي حرڪت رسائي هار.

بديعل سيفل سعد لاءِ، پوکيا انب اپار

باغيچا هن بنائيا، هلي ڏسو هيڪار.

ليليٰ لاءِ مجني، بَر ۾ سٺا بار

هو بُنڊ ٿي بيهي رهيو، جنهن کي ولين ڪيا وسڪار.

رانجهن سائين هير لاءِ، اچي ٿيو مينهن جو ميهار

ڏهاڙي ڏهيون اچي، جيئن منجهئون ڌڻ ڌڻار.

راڻو ريب سهي ڪري، هو آيو عاقل عقلدار

 

 

اچي کلي ويٺو کٽ تي، چيائينس گويا هيءَ گفتار

تو ڪيئن کپايا کوه ۾، مونکي وڏو آهي ويچار!

ڪوٽ مٿي وڃي ڪينرو، ڪيو مٿئون مڱڻهار

چيئين: مايا وٺ تون موٽي وڃ، هيڏي ڪر نه هچار.

جتن هن سان جاڙ ڪئي، جنهن کي ستي ٿيڙي نه سار

ور ويچاريءَ جو وٺي ويا، ڪيچي ڪري قطار

پره پٽي پنڌ پئي، ٿي وندر ڳولي وڻڪار.

مارئي پنهنجو ماڳ سنڀاليو، وڻ ساريئين ولهار

چئي: موليٰ مونکي ميلين، پنهنجا سانگي ربّ ستار

ته ڏسان پکا پنهوارن جا، جت ٿا ٻڪر چارين ٻار

پيرون پڪا پچي پيا، سندس ڏؤنرن ڏار

رکين شاهه شرم هن ”شر“ جو، سيد تون سردار

جن کي ڪلمي جي پچار، سي ڇٽندا ڪل ايماد سان.

 

علي بخش شيخ

 

        ]علي بخش پٽ محمد بخش شيخ، ويٺل ڏهرڪي تعلقو اٻاوڙو، ضلعو سکر، هڪ کلمک سگهڙ آهي. عمر اٽڪل سٺ ورهيه اٿس. سندس گهڻو ڪلام بيتن تي مشتمل آهي. بيتن ۾ پنهنجو نالو ”ڀارو“ به ڪم آندو اٿس.[

 

محبت

١-

ڪر عنايت، علي بخش تي، قادر رب قدير

اندر عشق آزاريو، ڪيو فيراقن فقير

جهوري جانب يار جي، ڪيا جان جگر ۾ جهير

نهاريندي نيڻن مان، وهي پون ٿا نير

پاڻي ڏين نه پرت مان جيڪي کنڊون پياريندا هئا کير

هڏن ماس مروٽيو، چم ۾ پيا چير

پنبڻن جا پيڪان هڻي ويو، تن ۾ تائو تير [2]

مون جهڙا مسڪين آهن، تنهنجا گولايار گزير [3]

سو گهو ڪيو سڄڻا! تنهنجي سڪ سرير

ٻڌان ٿو پر ٻوليءَ ۾، نينهن تنهنجي جا نظير [4]

عشق آ اجگر اوپرو، جنهن ماريا ڪيئي مير

الله پنهنجي عشق مون، ڪيو پيدا احمد ڄام امير

ٻڌا عرض، علي بخش جا، محب مڪي جي مير

 

 

 

سرسي منجه سرير، آهي سڪ سهڻي يار جي.

٢-

صبح جو سبحان کي، ٿو عاصي عرض ڪري

ميٽ مدايون مون ڌڻي، منجهان مهر ذري

ميٽ مدايون منهنجون، قادر ڪرم ڪري

ميٽ مدايون منهنجون، صدقي سيد جي

توريءَ واه نه واهي، ويس اچي عشق آري

توريءَ واه نه والي! اچ پرين پير ڀري

محبت ۾ مسڪين هي، ٿي ماندي مفت مري

هينئڙو هوت بنان ٿو ڏاتر ڏيل ڏري

ٻڌي ٻاڪارون ٻاجه ڀريون، من والي ور ڪري

سڄڻ جي سنڀار ريءَ، نٿي ساعت هڪ سري

مانديءَ تي مهر جا، اچي هٿڙا هوت ڌرري

اها آس اميد، من پوري پاڻ ڪري

مرڻ کان اڳ مٺڙا! اچ قدمان يار ڀري

ڀلايون ڪر، ’ڀاري‘ سان هي ٿو سائل سوال ڪري

اچي عشق اري، اڄ علي بخش اداس ٿيو.

 

رستم فقير رند

 

        ]رستم پٽ سارنگ خان رند، ڳوٺ محمد خان رند، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو آهي. اندازا سنه ١٩١١ع ڌاري ڄائو. مشهور شاعر بچائي فقير رند جو شاگرد آهي. اوائل ۾ پنهنجي استاد سان گڏ سندس بيت چوندو هو، پر پوءِ پنهنجا بيت به چوڻ لڳو.[

 

مارئي

١-

اڄ به اتر پار ڏي، کنوڻيون ٿيون کجن

وسن مينهن وڏ ڦڙا، مون وٽ مارو مان اچن

ڪڪرن دل ڪڙائي منهنجي منجهه ماڙين

لڳي لنءُ لڱن کي، ڇيريون پيون ڇمڪن

پهريا مال پٽن تي، ويڙ ولوڙا ڪن

موڙا ڏيو ماٽين تي، ٻانهياريون ٻهڪن

ٻوليون ٻولين پاڻ ۾، موتي ڏند منجهن

سڻيو پئي سرهي ٿيان، ڪڻڪون پاڻ ڪنن

اٿم اميد الله ۾، شل حياتي هجن

ڏسان هن اکين سان، پوءِ ڏينهن پڄن

مندون موٽي آئيون، منڊل ٿا مچن

ڏسيو سونهن سانوڻ جي، اچن اڌما اباڻن

گڏ گذاريم ڏينهڙا، چڱا چوڙيلين

ڀڻي گهميس ڀٽن تي، آءُ ٿڌي ٿاريلين

 

 

ڪنواريون ڪڏن پاڻ ۾، هڻيو هٿ هلن

ڪورڙ چونڊي ڪانبي ۾، چونرا چوڙيلين

سي ته ولر ورايو ويڙ مان، ٿيون ڪونجون ڪر کڻن

اٿن اوٽ الله جي، جهنگ به جهانگيئڙن

آهي ننگ نوراني نبيءَ تي، منهنجي ماروئڙن

ڏسان روضو رسول جو، جتي لعلون لهرون ڪن

پسي پاڪ پرين کي، منهنجون اکيون عيد ڪن

راضي ٿي، رستم چئي، من منهنجو سوال سڻن

پڙهي قصو قرب جو، من دوست دعا گهرن

ڪچايون هن ڪميڻيءَ جون، ڍول پرين ڍڪن

جي ڪلمون پاڪ پڙهن، سي امتي ڇٽندا ايمان سان.

 

گل حسن لغاري

 

        ]گل حسن پٽ بچل خان، لغاري بلوچ، ويٺل ڳوٺ پليو خان لغاري، (تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ) سنه ١٩١١ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي نڙ بيت جي ڪچهرين ۾ ويٺو ۽ سانوڻ، محمود شيخ، بچائي فقير رند، الله ڏني نوناري ۽ موليٰ بخش خاصخيلي جا بيت ٻڌائين. آخر پاڻ فقير ٿي مراد شاهه (تعلقي سنجهوري) جي مقبري کي وسايائين ۽ اتي ميلا لارايائين. پنهنجا بيت جوڙيائين ۽ ڪچهرين ۾ ڏنائين. سنه ١٩٥٠-١٩٦٥ع واري عرصي م اسان جون ساڻس ڪچهريون رهيون. گل هسن فقير ٥٧ سالن جي عمر ۾ سنه ١٩٦٨ع ۾ وفات ڪئي.[

 

مومل راڻو

١-

مومل تنهنجي ماڙيءَ تي، آيس ڪوڏ منجهان ڪاهي

مومل تنهنجي ماڙيءَ تي، آيس لاڳاپا لاهي

جاڳئين ڪين جوان لاءِ، ڇڏيئي وقت وڃائي

سڪ رکين ها سوڍي سان، تون پير نه پٺتي پائي

چئي: راڻا رس نه مون کان ڏوراپا ڏانئي

گوندر ۾، ”گلسن“ چئي، منهنجو هت ڇا آهي

پوءِ ڪاڪ منجهان ڪاهي، اچي چڙهي روءِ راڻي جي.

٢-

ڪالهه ٻڌم ڪاڪ تي، وڃڻ جي وائي

ڪري مومل ميرا ڪپڙا، ٻاهر نڪتي ٻائي

چئي: مون سان راڻو رنج رکي ويو، سوڍو صفائي

 

 

وڻن ڪين وجود کي، محل ماڙيون مائي!

اڇا اوڇڻ ڪپڙا، مونکي پٽ نه وڻن پائي

ڪهڙو سڱ سوڍين سان، ڀتر ناهن ڀائي

قاصد مڪم ڪيترا، ڏنم ور کي واڌائي

پر گوندر ۾، ”گلسن“ چئي، وري نه وائي

جا هئي مومل مهمائي، سا هينئر رڙي راڻي لاءِ پئي.

 

حاصل فقير وسائي پوٽو

 

        ]حاصل فقير ولد فضل، وسائي پوٽو چانڊي، اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر کان ڇه ميل ڏکڻ، ڳوٺ ’کاکڻهار رحم علي‘ ۾ سنه ١٣٣١ه (١٩١٢ع) ۾ ڄائو. سنڌيءَ جا ٻه درجا ۽ قرآن شريف جو هڪ سيپارو پڙهي، ٻڪريون چارڻ لڳو. باقي قرآن شريف، ٻڪريون چاريندي پڙهي پورو ڪيائين. نهايت خوش طبع ۽ گفتي جو ملوڪ آهي. گهڻا بيت چيا اٿس، جن مان سندس پيشنگوين جا بيت ۽ زماني جي حالت بابت چيل بيت مشهور آهن. سنه ١٩٥٤ع کان وٺي اسان جون ساڻس ڪچهريون پئي ٿيون آهن ۽ اڃان تاين اهي ڪچهريون قائم آهن.[

 

سسئي

١-

سسئي کي سڃ ۾، ويو هتي ڇڏي هوت

ڏيئي ويو ڏکيءَ کي، هن رائي ۾ روت

جيئري گڏجان جانب کي، متان ماري موت

ڏيئي جبل جهوت، پسان تنهن پنهونءَ کي.

٢-

سسئي تنهن سڃ ۾، ٿي وڏا ڪيا واڪا

ٻڌا ٿي، ٻروچ چوي، اتي پهڻن پهاڪا

آري جي اچڻ لئي ٿي نهاري ناڪا

پهڻن پير پٿون ڪيا، جيئن ڦيسن ڦٽاڪا

سسئي کي سورن جا، هئا اندر اولاڪا

ڏک ٻڌي ڏاڪا، ويڙهي ويس وجود کي.

 

مارئي

١-

ميلو ماروئڙن سان، قادر تون ڪريج

ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيا، تن سانگين ساڻ سڏيج

هيءُ مڙه ملير ۾، نماڻيءَ جو نيج

اتي لوڙه لٽيج، جتي جهوپا جهانگيڙن جا.

٢-

جهوپا جهانگيڙن جا، تون ڏيکارين ڏاتار

قابو آهي ڪوٽ ۾، هي باندي بي ميار

ڏوهن جي ڏنڊ ۾، هي گندي آهي گرفتار

تون مرهيندين مون ڌڻي، ڍڪي عيب اپار

ٿي راضي رب ستار، ڪجئين وڙ ولهيءَ تي.

مومل راڻو

١-

ڪاوڙجي ڪاڪ تان، رسي ويو راڻو

دل گهريو دوست ٿو وتي ويڳاڻو

گهونگهٽ ۾، گهمي ٿو، عاشق آرواڻو [5]

حاضر آهيان، حاصل فقير چئي، رک اڄ به آڏاڻو

عاشق جي عيوض ۾، معشوق وڪاڻو

مومل سان ماڻو، مور نه ڪر تون مينڌرا!

٢-

مري ٿي مينڌرا، مومل موچاري

ڪاوڙجي وئين ڪاڪ تان، قيام ڪري ڪاري

هئي هئي جي، حاصل فقير چئي، ٿي وسائي واري

ڏيئي وئين ڏهاڳ جي،  دل تي دلداري

ڪڏهن  ڪيئي ڪانه ڪا، پرين پوئواري

روز بروز نهاري ٿي، واٽون ويچاري

ڪري گلزاري، تون ڪڏهن ايندين ڪاڪ تي.

 

نصيحت ۽ هدايت

١-

عاشقن کي الله جي، آهي لهر لڳي

عاشقن کؤن حال گهڙي، آهي بک ڀڳي

عاشقن کي عشق جي، آهي آُڃ لڳي

عاشقن جي آه برابر آهي پار پڳي

عاشقن ساڻ ابليس، آهي وير وڳي

دنيا جي درويش سان، لڳي آهي کڳي

نهوڙيو نئي ٿي، هيءَ نادر نڀاڳي

هادي رکج حفظ ۾، هي بندو بيراڳي

ڏي هدايت هاصل فقير کي، سرهائي ساڳي

ته جان ساري جاڳي، فدا ڪريان، فقير چئي.

٢-

آءُ ستو هوس ننڊ ۾، هونگن ۾ هائي

سر کان بيٺو سپرين، جانب جاڳائي

ڪهڙو ڪالهه رات جو، توکي اوجاڳو آهي

جو سمهي رهئين سيج تي، محبت مٽائي

”العشق نارالله“، ٿو فائق فرمائي

مهندان گهوڙو گهوٽ جو، ڪنوار پٺيان ڪاهي

طعام سڀئي ترڪ ڪيئي، رٻ ته رهائي

سوالي نه خالي مڱڻو موٽائي

سائل تنهنجي صحبت لاءِ، در جهليو دانهي

اسين جتي جانب جي، جا پيرن ۾ پائي

کڻي پادر پسائي، ته به اسان کي اکين تي.

 

لعل بخش ملڪ ”لعلو“

 

        ]لعل بخش پٽ خان محمد، ذات ملڪ، ڳوٺ جهنگل ملڪ تعلقي اٻاوڙي جي رهاڪو آهي. اندازا سنه ١٩١٣ع / ١٣٣١ه ڌاري ڄائو، قرآن شريف پڙهيو ۽ وڃي رازڪو ڪم سکيو. رازڪي ڪم جو وڏو ڪاريگر آهي. بيتن ۾ پنهنجو نالو ”لعلو“ ڪري ڪم آندو اٿس. [

 

سارنگ

 

اتران ٿي اڀريا، ڪارا ڪڪر نير

ڪن کي چٽ چوٽين ۾ ڪي اڇا جيئن کير

هٻان هيلون هيبت سان، ٻڌي سڀ قطير [6]

آخر اتي رسيون، جت مديني جا مير

اتي سارنگ سنڀريو، جهرمر لائي جهير

ميٽ منهنجي تقصير، لطف ساڻ، لعلو چئي.

 

دريا جي موج

١-

اتر پاسي پار ڏانهن، کنوڻن ڪيا اولڙ

سڪا سڀ ساوا ٿيا، پرڻا پولڙ

 

 

ميوا ملڪن ۾ گهڻا، گويا گل گذر

جاشيء آهي زمين جي، چڱي پوي نظر

آئي موج درياء کي، جنهن ڪيا ڌم ڌچر

پاڻي پاڪ پٽن تي، پهچايا پرور

ڍورا ڍوريون تار ٿيا، ڀري هرڪا ڀر

نڪري هلي نروار ٿي، ڇلي پيئي ڇر

بانوريو اچي بند تي، ڀريائين زور زبر

ڇلي ڏاڍو ڇوه مان، ڪيائين پوکن تي پالر

ڦيري کائي ڦريو، ”ڳوڙهيلو“ ڀري مر

بند ٽپيو هن ڀر، لطف ساڻ، لعلو چئي.

٢-

عرض ڪريان الله کي، ته منهنجو عرض اگهاءِ

حڪم ٿئي درياءَ کي ته پاڻي هن ڀر پهچاء

ڪر ڀاڱا زمين کي، ”چنالي“ کي چاءِ

ٻآرا هن ٻروچن جا، پرور پير! پساءِ

ڇوليون ۽ ڇلڪا ڏيئي، سڪ واهڙ سانباه

”هاڙيءَ“ کان ”مٽر“ ۾، رندن کي رنگ لاءِ

قادر پنهنجي قدرت سان، ”ڏيوري“ ۾ ڏساءِ

زوراور پير! زاريون ڪريان، منهنجو ملڪ رجاءِ

نعرو هڻي ”نرليءَ“ ۾، ”لالهن“ سان اچي لاءِ

واڳون هن ولايت جا، هن ”رنگو“ منجه رلاءِ

”ڳوٺ جهنگل“ جو دادلو، هتي باغ اچي برساءِ

رکي رؤ ”رتيءَ“ ۾، هتي ڪن اچي ڪڙڪاءِ

”ڏهرڪيءَ“ ۾ ڏهرن جا، موليٰ! اولا لاهه

لطف ساڻ، لعلو چئي، پير پکوڙوئي پساءِ

اهڙو رنگ رساءَ، امر ساڻ الله جي.

٣-

عرض ڪريان الله کي، تون منهنجو عرض اگهاءِ

حڪم اچي درياءَ کي، جو پاڻي هن ڀرپاءِ

کڙي انهيءَ ”کنڀڙن“ کان، سڌي سير وهاءِ

مٽي ”مٽرڪوٽ“ کي، پلئي ”شاه“ سان لاءِ

ناري، ڏهر واه تي، جيئن پوکون ٻڌن ڳاهه

ٿوري گهڻي ڏينهڙي، وڃي ”چلڪاريءَ“ کي چمڪاءِ

”ڀرچونڊي“ جي ڀرسان، ٿين تاب وڏا تجلاءِ

رڙهي پئو ”رهڙڪي“ ۾، جتي آهن مير ملاح

بند ٽپي هن ڀر تي، هو ڀي ملڪ وساءَ

وهي ”جر وارن“ ڏانهن، ڪر ”لغارين“ ۾ لقاء

”داد لغاري“ دادلو، هتي ”پتافي“ پساءِ

لطف سان، لعلو  چئي، ”ڳاڙهي ڀٽ“ سان لاءِ

اهڙو رنگ رچاءِ، لطف ساڻ، لعلو چئي.

 

 

عبدالمجيد ماجد اهروي

 

        ]عبدالمجيد پٽ ٺارو خاصخيلي، سنه ١٩١٥ع ۾ ”آهر“ يعني ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ بعد ڪجه انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس پيءُ سگهڙ هو، جنهنڪري کيس ننڍپڻ ۾ شاعري جو شوق جاڳيو. سندس چيل ڪافيون، ڏوهيڙا، مداحون، ٽيه اکريون ۽ مناظرا قلمي حالت ۾ وٽس موجود آهن. پنهنجي ڪلام ۾ تخلص ”اهروي“ ڪم آڻيندو آهي. صوفي قلندر بخش شهيد، محمد فقير کٽياڻ ۽ رکيل شاه ڀاڳناڙي واري سان رهاڻيون ڪيائين. هن وقت درگاهه صوفي فقير جو مجاور آهي ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جو پيش امام به آهي. ان سان گڏ ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ ۽ طبابت به سندس خاص شغل آهي. سندس هيٺيان بيت ”مومل“ جي تمثيل سان قبر ۽ آخرت جي باري ۾ آهن.[

 

مومل

١-

ڪڪوريءَ ڪاڪ جي، ڪانه ٻڌي اٿئي ڪل

مومل جي ماڙيءَ ۾، آهي تيز گهڻو تجمل

ناتر نٽ شٽ سان، ٻي آ حشمت ساڻ هڪل

گهائين ٿيون گهورن سان، مايون منجه محل

”وما ربُڪ، وما نبيڪ، وما دينڪ“ ڪن پڇاڻو پلپل

وڃي ساه سرير مان، ات اچي نه اٽڪل

ٻانهيون تنهن بائيءَ جون، ڪن وڏا شور شغل

 

 

داين جي دهشت سان، دهليا ڪئين دل

کيٽو خوب خلل، آهي مومل وٽ، مجيد چئي.

٢-

مومل وٽ، مجيد چئي، پائج پروڙي پير

ستا قلب جن جا، تن ڏکيو سفر سير

فاني دم دنيا جو، ڍونڍ سندو آهي ڍير

ڪانگ ٿيءُ نه ڪر مٿي، روح ڦلن ڏي ڦير

وقت وڃاءِ نه پانهنجو، پختو کڻ تون پير

”ليس للا نسان الا ماسعيٰ“، سرهو ڪر تون سير

واٽ ڏکي، ور گهڻا، ويري وجهندو وير

هوش رکي تون هلجان، دانه ٿي دلير

ڪوشش ڌاران ڪير، منزل رسي، مجيد چئي.

 

 

عزيز الله ڪلهوڙو

 

        ]عزيزالله پٽ ملا عبدالرحيم ڪلهوڙو، پني عاقل کان هڪ ميل پنڌ تي ”بچو ڳوٺ“ ۾ ٢٨ مئي ١٩١٧ع تي ڄائو. سندس وڏا نهايت ئي بر گزيده عالم ٿي گذريا آهن. ننڍي هوندي پنهنجي ڀاءُ عبدالقادر سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٻئي، انگريزي حڪومت خلاف سر گرم رهيا، جنهنڪري عبدالقادر گرفتار ٿيو. ان بعد عزيزالله ڌاڙا هڻڻ لڳو ۽ ”اجنو ڌاڙيل“ جي نالي سان مشهور ٿيو، آخرڪار ١٩٤٤ع ۾ گرفتار ٿي سزاياب ٿيو. آزاد ٿيڻ بعد مولانا حمادالله هاليجوي جي صحبت ۾ ديني خدمت انجام ڏيڻ لڳو. هن وقت پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام آهي. ۽ غريبي زندگي گذاري رهيو آهي.[

 

سڄڻ جي سڪ

١-

ڪانگل! قريبن ڏي، وڃ ڪشالو ڪهي

ڏکن ڏولائن جي، اچ ساري ڳالهه چئي

ٿيندو ميلو محب سان، سختيون سور سهي

قادر ڪڍيو قيد مان، آڌر ايمان ڏئي

قرب مان، ڪلهوڙو چئي، ويو آ قلم وهي

ويا لڙ لهي، اداسي عزيزالله تؤن.

٢-

هٿ کڻي هڪلون ڪيان، چڪن مئيءَ جا چاڪ

گهر گهارينديون ڪينڪي، جي ڦٽيون منجه فراق

ملڻ بنان محبوب جي، غمن ڪيو غمناڪ

 

 

دردن اچي دل ۾، اڏي آ اوطاق

قرب مان، ڪلهوڙو چئي، مونکي اڙايو اتفاق

تون ٻڌ پرور پاڪ! عرض، عزيزالله جو.

٣-

ڪانگا! قريبن ڏي، وڃ خاطي خط کڻي

ڏوريان ٿي ڏونگر ۾، شل ايندا سڏ سڻي

ڪونهي سنگتي سور جو، آهيان هڪ ڄڻي

ڏک ڏولائا ڏاج ٿي پيا ڇاتيءَ تي ڇڻي

حجت ناهي هوتن سان، آهيان پيرن جي پڻي

هيو ڪو قصور، ڪلهوڙي ڏي، جو اچي باب بڻي

ڪندو ٻاجه ڌڻي، اداسي عزيزالله تي.

٤-

اڄ سڄڻ سندي سڪ ۾، مونکي ٿيو ماتام

اڻ تڻ اور عجيب جي، ٻيا ويتر وهم پيام

ملڻ بنان محبوب جي، اچي نا آرام

ملڻ بنان محبوب جي، مونکي جهوري جام

ملڻ بنان محبوب جي، طلب نه آهي طعام

مونکي مون پرين جي، قرب ڪيو قتلام

من تي مون پرين جا، پلپل پور پيام

مونکي محبوبن کان، وڇڙئي ورهيه ٿيام

قرب مؤن، ڪلهوڙو چئي، آهيان سيد تنهنجي سام

والي وڙ ڪيام، اداسي عزيزالله سان.

٥-

هٿ کڻي هڪلان ڪيان، ڪر سائين! ستاري

ڪرم بنان ڪريم جي، ٻي واهه نه ويچاري

دانهن ڪيان ٿو درد مؤن، جي بار ڏنا باري

حجت ناهي هوتن سان، آهي زور اڳيان زاري

قرب مؤن، ڪلهوڙو چئي، آهيان ڏوهئون ڏوهاري

اچي هوت هڪواري، ٻڌ عرض، عزيزالله جا.

٦-

هٿ کڻي هڪلان ڪيان، ٿو روئان زارو زار

ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪيو، جو سنجهي ٿي پيا ڌار

مونکي مون پنهل جي، آهي اندر تن تنوار

مونکي مون پنهل جي، پلپل آهي پچار

قرب مؤن، ڪلهوڙو چئي، انهيءَ ڳڻتي وڌا ڳار

اچي پرين! ڏي پيار، هن اداسي عزيز الله کي.

٧-

ڪانگل! قريبن ڏي، تون وڃي ڪر ٻولي

ته متان مون وساريو، آهيان گولن جي گولي

روئي روئي رت سان، ڀريم چئاڪن سان چولي

قسمت وس ڪريم جي، منهنجي ٽٽي وئي ٽولي

قرب مؤن، ڪلهوڙو چئي، ايئن ماءُ ڏني لولي

پوءِ سائين! ڪر سولي، اداسي عزيز الله جي.

٨-

ڪانگل! قريبن جي، ٿو مٺي لنوين لات

مونکي مون پرين جي، طلب ڏاڍي آ تات

مونکي مون پرين جي، رڳي وائي وات

هيڪل ڇڏي ويا ننڊ ۾، چوري چپ چپات

وتان ڏوريندي ڏونگر ۾، هيءَ ڪيان هيهات

قرب مؤن، ڪلهوڙو چئي، اها ڏاتر ڏني ڏات

پوءِ ڪلمي جي قربات، ٿيندي اداسي عزيز لله سان.

 

سسئي

١-

سسئي چيو سرتين کي: آءُ جيڏيون ڪيئن جيئان

پنهل بنا پرديس م، اچي هڪ ڄڻي ٿي هان

تنهن کؤن ڀري پيالو زهر جو، پر تئون پر پيئان

پر قلم هٿ قادر جي، مان ڪنهن تي ڏوه ڏيان

وتان ڏوريندي ڏونگر ۾، قربئون ڪندي ڪيهان

قريبن سان، ڪلهوڙو چئي، وجهي ويم ويهان

روهه ٻڌيون ريهان، اداسي عزيز الله جون

١-

سسئيءَ چيو سرتين کي مان جيڏيون وينديس جائي

سڃي شهر ڀنڀور ۾، منهنجون ڀينر نه ڀائي

ڏسي ڀينگ ڀنڀور ۾، ٿيم ساهه به سودائي

وس ته ڪنهن جو ڪونه هو، ائين قسمت وهائي

هڪ ڳڻتين اندر ڳاريو، ٻيو سورن سمائي

قريبن بنان، ڪلهوڙو چئي، ٻي وڻي نا وائي

ٻڌ عرص الاهي! اداسي عزيزالله جو.

١١-

سسئيءَ کي سورن سان، وري ٿيو واپار

ڏسي ڀينگ ڀنڀور ۾، ٿي روئي زاروزار

ته هت ڇڏي ويو هيڪلو، جدا جاني يار

محب مون مسڪين جي، ڪا ستت له سنڀار

سرتيون ٿيون سهمان ڏين، ته ڇڏ پرديسي جي پچار

پر مون جيڏين کي جواب ڏنو، گويا هي گفتار

ته عهد اصل کؤن اديون! ايئن لکيو لکڻهار

”ونحن اقرب“ ويجهڙو، ٻي وٿي ناهي وار

ٿيو قرب، ڪلهوڙي سان، جو سڏ ٻڌس سردار

بوءِ باري لاهيندو بار، اداسي عزيز الله تؤن.

 

 

ماڻڪ خان ڪولاچي

 

        ]ماڻڪ خان پٽ محراب، پاڙو ڪرماڻي، ڪولاچي بلوچ، ويٺل بهشتي ارباب شاهه (تعلقو گهوٽڪي ضلعو سکر)، غلام فريد گڏاڻي جو ٻالڪو آهي. عمر اندازا ٥٥ سال کن اٿس. سندس بيت گهڻو ڪري ڪن واقعن تي چيل آهن. هت ’مارئي جي سر‘ مان چيل سندس ٻه بيت نموني طور ڏجن ٿا.[

 

مارئي

١-

عمر! ملڪ ملير تي، وهيا ٿا وڃن

ڪرڙ پچي لال ٿيا، چيها چين چين ڪن

مندان موٽي آئيون، پر وڇڙيا ڪين ملن

ڪانگل تن قريبن تي، ٿا مٺي لات لنون

ڳيرا تن ڳوٺن ۾، گوهر ٿا گهوگهن

ڪوئل پئي ڪوڪان ڪري، مرجان مينهن وسن

ڪبوتر وڏي قرب مان ٿا ڳوٺن ۾ ڳٽڪن

ڏسي جهر مر جهرڪين جي، ڪئي بهاري بلبلن

ٻوليون ٻڌي ٻيهن جون، ٿا طوطا تنوارن

موليٰ آنديون ملير ۾، ڪونجان ٿيون ڪرڪن

ٻيا پکي پڻ ڏيهه ۾، پر ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن

جي مري وڃان تنهنجي ملڪ ۾، ته به مارو مڙه نين

 

 

زيب نه مٽينديم ذات جو، متان مارو مهڻا ڏين

لوئي لاهينديس ڪينڪي، جيڪا ڏني ڏاڏاڻن

ڪين ٻڌو اٿم ڪڏهين، ڪي ڀيڻان پرڻيون ڀائن

جن ناحق ڪيا نياڻين سان، سي قيامت تائين ڪرڪن

هيم پياري پيڪن جي، پر نکيڙيو نصيبن

قريبن جا، ڪولاچي چئي، منهنجي دل ۾ دود دکن

ٻيون ڳالهيون ڏيئي ٻن، موڪل ڏي ته ملير وڃان

٢-

عمر! ملڪ ملير تي، اڄ جهڙ لايون جهوڪان

وٺا مينهن ملير تي، لڳيون مارن تي موڪان

ڌڻ ڌنارن ڇيڙيا، مٺيون ٻڪرن جون ٻوڪان

مون جيڏيون ملير ۾، ڪن تڙن تي توڪان

وڇڙيون جيڪي ولر کان، سي ڪيئن نه ڪن ڪوڪان

اهڙيون اڳي ڪنهن نه ڪيون، عمر ادا! روڪان

ڪڍي ڇڏ ڪولاچي چئي، ٽاري سڀ ٽوڪان

ٻڌ پنهوارن پو کان، جوهو پيرون چونڊن پاند ۾.

 

 

آري فقير چانڊيو

 

        ]آري فقير ولد پنهون خان، چانڊيو بلوچ، سنه ١٩٢٠ع ۾ ڳوٺ ”ور“ لڳ، تعلقي گهوڙاٻاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ڪراچيءَ ۾ مال جو واپار ڪندو هو. واپار جي سانگي هڪ دوست سان گڏجي بدين ۾ آيو، ته اتي ڪنهن کيس ڪا شيءَ کاڌي ۾ کارائي ۽ سندس سڀ پئسا چورائي ويو. فقير بيمار ٿي پيو. پوءِ علاج خاطر سيد سمن شاهه درويش جي درگاهه تي ويو، ۽ چاق ٿي اتي ئي ساداتن جون مينهون چارڻ لڳو. رات جو درگاه تي سمهندو هو. اتي سندس دنيوي خيال مٽجي ويا. آخر ڀاڻس کيس ڳوٺ وٺي آيو، پر هن کي ڳوٺ ۾ به آرام نه ايندو هو. هڪ رات سمن شاه درويش خواب ۾ چيس ته: ”پڙه“. سجاڳ ٿي پهرين ڪافي چيائين:

 

مونکي اکر الف کان ڇڏيو، پرين پڙهائي

سو ڪيئن ورد وساريان، جو سهڻو ويو سمجهائي.

پوءِ سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪلام چيائين. ڪجه وقت انجنيري کاتي ۾ به ملازمت ڪيائين. هيٺيان بيت سندس قلمي بياض مان ورتل آهن.[

 

نوري

١-

سمون سڃاڻندو ساٿ ۾، هيءَ گندري گنهگار

آءُ اگلي اصل کان، مون ۾ عيب اپار

سڀئي لهندا لحظي ۾، بدين سندا بار

نوازيندو نوريءَ کي، سمو ڄام سردار

جيئري سي جانب ڏسان هلي هت هڪوار

مور نٿي ميٽجي هيءَ لکئي سندي لغار

سڄي تنهن سمي جي ٿي پٽن منجه پچار

آهي جنهن جي، آري چئي، تن اندر ۾ تار

آءُ جنهن ۾ اميدوار، سو ڪامل سڃاڻندو ڪينجهر ۾.

٢-

ڪامل سڃاڻندو ڪينجهر ۾، ويندو غم گوندر

آءُ گنهگار گندري، هو سمون ڄام سڌر

آهيان ميءَ مهاڻي، نماڻي نڌر

هو حاڪم حڪومت ۾، آهي نامور

پناري تنهن پارس جي، ٿي ڪريان هل حشر

سو سمو ڄام سگهو ٿيندو، وسيلو واهر

آءُ اٻوجهي اڻ ڄاڻ، ڇڏيان پيڇو نه پچر

تون ڄام مون ڄٽيءَ سان، اچي حامي ٿي هيڪر

اهي معاف مونکي ڪر تون، ڏنگايون ڏمر

ڊڄان ٿي ڊاءُ کان، ڏسيو قهار تنهنجو قهر

ٻيا ته مون اڙانگا، آري چئي، آهن وهايا وکر

منهنجا ابتا سي اکر، سما ميٽي سبتا ڪريين.

٣-

سما ميٽي سبتا ڪر، لاه مون گندريءَ تان گناهه

آءُ پناري تو پانه جي، پنان ٿي پناه

منهنجو تو محب لاءِ، سڪي ٿو هي ساه

آءُ مي مهاڻي، ٻيو ناه وسيلو واه

سما پاڻ سڃاڻج، ڪر نڌر تي نگاه

آءُ اميدوار، آري چئي، تون شاهن سندو شاه

شال چوکو هجيم چاه، سما تنهنجي سڪ جو.

 

مانجهي شر

 

        ]مانجهي، ذات شر بلوچ، ضلعي سکر جو ويٺل آهي. اندازا سنه ١٩٣٠ع ڌاري ڄائو. ڊگها بيت چيا اٿس. هيٺئين بيت ۾ مارئي جي زباني، مينهن تي موريل گاهن ۽ ٻوٽن جا نالا ڳڻيا اٿس.[

 

مارئي

١-

اٺا مينهن ملير تي، سهنج ڪيا سردار

پهري تن پٽن تي، پڇ ته ڏيانءِ پار

ڀلي ڄائي ”ڀچٽي“، ”ڳنڍير“ ڪڍيا ڳار

ڄايا ’کيرل‘ خوشيءَ مان، ’که‘ ڪرڻ کينڪار

”ٻٽ“ سمائي ’ٻٻري‘، ’ڏنه‘ ڪڍيا ڏار

جهل ميڙ ’جهلون‘ ٿيون، پڪو ’ڌاڃورو‘ ڌار

’اوئن‘ الاهي لڳيون، کاراهون ڏيکار

پٽ پڪا ٿي پٽن تي، ڪرڙ ڪي ڪانڌار

سها جنهن جا سهنجا ڀانيان، وهي منجه ولهار

لٿيون سڪون ساهه جون، پٽ ڏسي پڳدار

پنجاهه اٿئي پکن جو، ڪرڙن منجه ڪٺار

موڪ پڪو ’مريڙو‘، ڏس ’للر‘ جا للڪار

لس پڪي آ ’لوڻڪ‘، ’مکڻي‘ ڏي ميار

’هرڻ-چپو‘ هزارين، مٿان مينگه ملهار

ڍاڪا پچي ڍول ٿيا، تئونگ ٻڌي تلهار

گنج گڏيا ٿي گاهن جا، ڪي ’ٽوپ‘ به ٽنڊي دار

پڪو ’ٻرٽ‘ ٻهراڙيءَ تي بيحد بيشمار

ڪني ’ڪٽڻ ول‘ ڪيتري، ’ڏنگڻي‘ جا ڏيکار

پڪو ’سارنگ‘ ’ٻرهو‘ سيگهه مان، ’مارئي-پٿر‘ پار

لڳي مڪ جا مينهن تي، ’ڪوتڪ‘ سندي ڪار

ڀلو ڄائو ’ڀنگرو‘، ’گهوڙي-ول‘ واڌر

دليون ڄائي ’ڌڪڙي‘، ڪري ’ساوڙي‘ سينگار

موڪ پڪو آ ’مانڌاڻو‘، لکين لک هزار

’ڳيرانڙي‘ ڳوٺ ٻڌا، ’ڪيرانڙي‘ ته قرار

لکين ڪروڙين ’لنب‘ لڳو، جنهن انت نڪي شمار

’سڻ‘ وڏا ’سر‘ موريا، ڦٽي ڪيائون ڦلهار

لس لڳي آ ’لاڻي‘، ڏس ’ڪانڊيرن‘ قطار

ڇڳين ڇڳين ’ڇٻر‘ ڄائي ڪنهن ڪنهن منجه ڪٺار

ڪٿي ڪٿي ’ڪانول‘ ڄائي، ولين منجه ولهار

ڄائي ’منڍيري‘ مينهن تي، نئين ٻڌا اٿس نار

سيوين سيوين ’سونهڻ‘ ڄائي، گڏ ٻڌي گلذار

ڀرين ڪنڌيين ’ڀتر‘ ڄائي، بيلي ۾ ٻهڪار

ٿٻين ٿٻين ’ٿوهر‘ ڄائو، چوڌاري چهڪار

’ڪلون‘ ڪانه‘ ڪپن تي، ’پپون‘ انهيءَ پار

’اڪ‘ ٿا اوڀڙ ڪن، ’ٽوهن‘ جي ٽهڪار

ڀيليو ڀيليو ’ڀرٽ‘ تي، ٻڌن ڦوڳ ڦلهار

ڄاوا ’واها‘ وسين تي، ڪن ٿا سارنگ ’سنهار‘

’ڪڪڙو‘ ڄائو تڪڙو، جنهن کي چريو چون چونڊار

منا مستيون ڪن ٿا مينهن تي، جيئن پٽ ڪن پاڻي پچار

رمڻ رانديون ڪن ريجن تي، جيئن وڌن واڌو وار

’ڌنار کٿوريون‘، پٽ ۾ پوريون، جيئن بر ۾ بوند بهار

مينگه ملهاري ’ميندي‘، ’ڪامهين‘ سندي ڪنار

’بوبڪ‘ باغ بهاريا، ڏس وڻ لڳن ويچار

گسي پڪا ’گولاڙا‘ جن سان ڌڙا ڪن ڌنار

’پپون‘ پاڻي ۽ پيس سان، پاڙون منجه پاتار

ٿيو آ ترپٽ ’ترهل‘، ’ڪامهون‘ منجه ڪٺار

تازا کاڄ ’ترابن‘ سان، ’موٺ‘ پڪا مختيار

’ڊڀ‘، ’ڊاماهو‘ پاس ڊٻن جي، ٿماڪي ٿوهار

’ڪرنگه‘ پڪي، ’ڪنگڻي‘ اٿي، ’سائون‘ گڏ ’سينوار‘

لکين ڪروڙين ’ڪک لڳو‘، جيڪو ليکي ليکڻهار

’ميها‘ ڏس مٿاهين تي، ۽ دڙن تي دهڪار

ولين وري ويڙه ڪيا، چڀڙ ڏس چوڌار

پٽي ڀاڳين ڀريون ڪيون، هڪ هڪ وٽ هزار

جتي ڄائو ڳم، اتي پاڙي جي ته پچار

جتي ڳوٺ ڳنوارن جا، اتي چارين مال ميهار

رونشا ريڍارن جا، ڏس ٻهڪن ٿا ٻڪرار

جتن جو ٿي جوءِ، ۾ هلر ۽ هونگار

آهي چوٽ چڙن جي، جهنگن ۾ جهونگار

ڀيڄ ڀني ڀونءِ ۾، مٺي لولي لار

ڏس ته ڳه ڳوين کي، حورن پاتا هار

مهل مٺي، مانجهي چئي، سڻ ڇيرن جي ڇمڪار

ڪلمي ساڻ قرار، جو مالڪ مينهن وسائيو.

 

گوهر شاهه

 

        ]گوهر شاهه، ڳوٺ ڪاريجن لڳ مٺياڻي جو ويٺل آهي. سندس عمر ٤٠ سال کن آهي. ميلن ملاکڙن تي بيت ڏيندو آهي. خاص ڪري ڀٽائي صاحب ۽ ڄام صاحب جي ميلن تي ويندو آهي.[

 

مارئي

١-

ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ٽهڪن پيا ٽوه

ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ٻهڪن ڀٽين ٻوه

مارن ساڻ ملير ۾ هت راضي ٿيم روح

ڀرن کليون خوشيءَ مان سانگي اچي صبوح

پين پسيون پٽن تي، تاري مٿئون توه

بيٺا مرٽ ملير ۾، ڦٽي ڪري ڦوه

ڏسن، گوهر شاهه، گلزار ڏي جهانگي وجهي جوه

ساوڙن ڪئي سونه، جهلي گل جهلي ويا.

٢-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ چونڊن ٻاٻاڻا ٻير

مارو منهنجا مهي ۾، اٿن اڏيءَ وير

مارو منهنجا مهي، چاڙهن کنهبن تي کير

مارو منهنجا مهي، سرها ڪن سير

گلن گلزاريون ڪيون، واسيا، گوهر شاهه گهٽ گهير

پرتئون ڀري پير، ڪن وهان ويڙهيچا ويڙ ۾.

 

هوت خان

        ]هوت خان پٽ صاحبڏنو ڀوو ٻروچ (ويٺل ڪڪري مڪان لڳ داٻيجي) ٽيهن سالن کن جو نوجوان آهي بيتن جو نئون شاعر ٿي ساماڻو آهي.[

سسئي

١-

ڪيچان ڪيچي آئيا، مگر رکي من

چاڙهيائون چانگن تي، سينگاري ساجن

صبوح اٿيو سرتيون، آءُ ڏسان هنڌ هنن

ته ڪهڙيءَ پر ڪوهيارو هو جاني نيو جتن

پنهون ته پروس هو، پر هي ڪرڻي نه هئي هوتن

ههڙيون ڳالهيون، هوت خان چوءِ، نه واحد کي وڻن

حق جني جا هاڃي نيا، سي موٽي شال ملن

آرياڻي اچن، ته ٿئي برسي ڀنڀور ۾.

٢-

ڪيچان ڪيچي ائيا، ڪي توڙئون سور توري

ڏنا هئم ڏيرن کي، ڀڳا طعام ڀوري

وڏي رات وٺي ويا، مون چريءَ کان چوري

جيڏيون مون سين جت جو، ڪا اچي سور اوري

ڦٽ جو، فراق جو، سو ماڳ نٿو موري

وينديس آءُ وارث ڏانهن، جهڙ جبل جهوري

هوتن لاءِ هوت خان چوءِ، آءُ ڏينديس قلب ڪوري

ڏونگر سارو ڏوري، پنهون ڏينديس پٻ ۾.

 

 

ڏاڙهون جوڻيجو

 

        ]ڏاڙهون پٽ سارنگ جوڻيجو، ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري (تعلقو سنجهورو)، سنه ١٨٨٥ع ڌاري ڄائو. سندس عمر ٦٥ سال آهي. ننڍي هوندي کان ئي سگهڙن جي ڪچهرين جي ڪوڏيو هو، انهيءَ ڪري کيس به گن ياد ٿي ويو. ١٩٢٦ع ڌاري سندس ڀاءُ ليمون مارجي ويو ۽ انهيءَ واقعي کان فراق جاڳيس جو پنهنجا بيت چوڻ لڳو، درگاهه ڊٺڙي جي سجاده نشين پير ڏنل شاهه مرحوم منع ڪيس جنهن تي بيت چوڻ بس ڪيائين ۽ پڻ هوش سنڀاليائين. نڙ بيتن جي ڪچهرين جو ڏاڙهون عاشق آهي ۽ هن عمر ۾ به ڪچهري جي دعوت مليس ته اوس ويندو. محمود شيخ کيس قرب ڏيندو هو، ۽ انهيءَ ڪري پاڻ کي محمود جو ٻالڪو سڏايائين. ڏور ۽ ڳجهارتن جي ڪچهرين سان به سندس گهڻو سوق رهيو ۽ پنهنجا ڏور ۽ ڳجهارتون جوڙيائين جن مان گهڻيون اسان کي ڪچهرين ۾ ڏنائين، ۽ اسان کي وڻيون. سندس چيل بيتن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.[

 

پيتي پنهل ڄام جي (انسان)

 

آهي پيتي پنهل ڄام جي، جنهن ۾ آهن هزارين هڙون

جن کوليون تن کي خبر پئي، ٻيا منجهيو پيا مرون

جانچي ڏس جوڻيجا! تون وڃ ڪيم وڙئون

طالب انهين تڙئون، لاهوتي لال ٿيا.

 

طالب ۽ ڪامل

 

جيڪي ني جهان ۾، سانئر، سمجهو، سگهڙ سي

دريون کوليو دل جون تن کي ڏاتر ڀڙو ڏي

جانچي ڏس جوڻيجا، ڪامل اٿئي ڪي

طالب تڙ مٿي، وڃي لاهوتي لال ٿيا.

 

درويشن جي دوڙ

 

اميد رکي الله ۾، ڪئي درويشن دؤڙ

ترڪ ڏنائون طمع کي پئي ڪري گسن مٿي گوڙ

ذڪر لاالا اله الله جو آهي ڏاج مليو ڏاڙهون

کي، اهو خزانو آ کوڙ

اسان جي محمد ٻڌا موڙ، عالم سڀ آباد ٿيو.

 

مارئي

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان ستار

مالڪ ڌڻي ملڪ جو خاوند خلقڻهار

روز رسائي رازق آهي ڏيڻ وارو ڏاتار

موليٰ ۽ محمد جي وٿي ناهي هڪ وار

ايڏو راز رسول تي اٿس پنجن تنن تي پيار

ٻيا حبدار حسين جا، آهن چوکا چارئي يار

اي ادا عمر! مارو منهنجي ملڪ جا اٿئي سرها سڀ سنگهار

اچن مهل اجهور جي، منهنجا پوڃاڙيءَ پنهوار

تن سنگهارن جي ساه ۾ اٿم تن اندر ۾ تار

ڳوڙها منهنجي ڳلن تان ٿا نيڻين وهن نار

ڏسان شل، ڏاڙهون چئي، مون کان پري نه ٿين پنهوار

سانگين بناسار، ٻيو منهنجي ڪير لهندو ڪوٽ ۾.

-

چئي: ڪل تنهنجي ڪوٽ ۾ لهندو عمر جام امير

جيڪو کڻي آيو اٿئي کوهه تؤن واعدو رکي وير

آءُ کلي ويهه کٽ تي، پي کنڊ مٺايون کير

مونکي حڪم آهي حاڪم جو، ٻيو آهيان واحد جو وزير

جڙي ويهه، جوڻيجو چئي، ڪر پنهنجو ساه سڌير

منهنجو پيءُ همير، جنهن ڏس ڏنو تنهنجي ڏيه جو

-

ڏس ته منهنجي ڏيه جو توکي ڏنو منهنجي والد ويهي

نصيحت توکي نادان! ڪامل هئي ڪئي

مارئي ڌيءَ ملير ۾ تنهن کي ڏاج اچجئين ڏئي

ڪجئين ننگ نياڻيءَ سان، متان ويڻ ڏين ويهي

ڪوٽ ڪٽيندي ڪينڪي جنهن جا پکڙا ۽ پيهي

جيڪا پاڙي پنهوار پئي، تنهين کي جدا

نه ڪجئين، جوڻيجو چئي.

 

ضميمو

 

]نئين دور جي شاعرن جا عوامي رنگ ۾ چيل بيت[

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

محب ۽ قريب

 

ڪڏهن ويهن نه ويجهڙو، ڪڏهن قرب ڪمال

ڪڏهن نظرون مهر جون، ڪڏهن موهڻ ساڻ مقال

ڪڏهن هلن هجر ڏي، ڪڏهن واه وصال

جنساري جمال، ’طالب موليٰ‘ تن جو.

 

                        ---------                       

 

محبن جڏ مڪيون، سورن واريون سوکڙيون

سکن واريون سيگه ۾، چاليون سڀ چڪيون

’طالب موليٰ‘ کي مليون ٻهڳڻ کان ٻڪيون

چڪن تي چڪيون، پياريائين پريم جون.

 

---------

 

ڪانگل قريبن کي ڏجان نيئي نياپو

مٽيو متان منهنجا پرين، لالڻ لاڳاپو

تنهنجي ئي تصوير جو آهي ڇاتيءَ تي ڇاپو

جانب جياپو، ’طالب‘ سندو تون آهيين.

 

 

جانب جي جتي

 

جتي ٿيان جيڪر، پنهنجي محب مجيب جي

ته ڪري پيار پيرن سان، ڀريو وجهان ڀاڪر

پيئي هجان پيرن ۾ سدا منجهه سفر

’طالب موليٰ‘ طلب جي پني خاصي آه خبر

نڌر ٿيان سڌر، جي لالڻ وٽ لتاڙجان.

 

                        ---------                       

 

جتي جانب جي ٿيان، هي لاکيڻي ٿم لوڙ

’طالب موليٰ‘ طلب ۾، تهدل ڪئي توڙ

وٺي ٿي وجود کي پيارل جي پتوڙ

ڪٿ چلولن چوڙ، ڪٿ پائڻ پرينءَ جو!

 

---------

 

ڪٿي جتي جانب جي، ڪٿي آءُ غريب!

مون ۾ آهن مورڳو وڏڌا عيب عجيب

آءُ گدلو، ڪنڙو، ڪوجهڙو، هو نرمل پاڻ نجيب

وٽس ڪهڙي منهن وڃان، ٿيندس ڪيئن قريب!

پر اٿم اهوئي آسرو ته لالڻ آهي لبيب

چڱو چڱايون ڪندو، حاڪم سائين حبيب

’طالب موليٰ‘ آن ڪٿي، ڪٿي محب مجيب

هو هميشه حسيب، آءُ جتي جوڙ ۾ جي ٿيان.

 

پير

 

هلي حبيبن وٽ جو پيرن پهچايو

تڪليفن تن کي نه هرگز هٽايو

پهتا در دلبر جي ٿيو سانگ سجايو

’طالب موليٰ‘ طلب جو تن ناتو نڀايو

ات پيرن پڄايو، جت پڄڻ ڀيڻي ڪانه هئي.

 

                        ---------                       

 

دلبر گهڻو دور هو ات پڄايو پيرن

جن رند سڀيئي رت ڪيا تن شابسون هجن

ويچارن وڙ ڪيا، مون مٿي، ميرن

مڃيا احسان ان جا چاهه منجهان چشمن

سي چميو چمجن، ’طالب الموليٰ‘ طلب ۾.

 

---------

 

ڪيا ڪرم ڪريم پر پير کڻي پريام

پهچي در پرين جي چاهه منجهان چميام

دز تني جي تهدليئون لڱن سان لاتيام

ميرا ٻئي محبتي چشمن تي چايام

آئي جهير اکين کي ته پرين خود پسيام

ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ، جو منهن سان ٻئي مليام

لڙڪن سان لالن جي ڌوڙ سڀيئي ڌوتيام

اکين سندي آب سان، چهڪ سندن چيٺيام

مڙيئي مڃيام، ’طالب‘ احسان انهن جا.

 

سڄڻ لهه سماءُ

 

سڄڻ له سماء، سوريتن جو سيگهه ۾

ڏکن ڏکويو ڪينڪي پر سکن ڇڏيو ساء

طالب الموليٰ کي وڻي، وره وارو واء

پرين پرچي آءُ، ته گڏجي گوندر لاهيون.

 

محمد خان ’غني‘

 

وسون ويڙهيچن ٿيون ويڙن سهج سري

جي پائرئون پري ويا سي آيا ڍٽ ڍري

ڏسي پنهنجي ڏيه کي پئڙن نيڻ ٺري

انهن اڄ وري، کاهڙ کوهيون کوٽيون.

 

                        ---------                       

 

سڳر منجهان سڏ ٿيو سي سڏ جيئن سئام

لڙي لڙڪ ڳلن تي، پڌري پٽ پئا

هريم سڀ هنئين تي، هو جي هت هئام

واليءَ اڳيان وينتيون ڪيئي ات ڪئام

’غني‘ پوءِ ٿئام، پاڙو پنهوارن سان.

 

حافظ محمد احسن

١-

ساٿي وڃي سڄڻن کي ڏج سنيها ساري

سگهو موٽج سپرين ساه توکي ساري

اٿي آڌيءَ رات جو ٿي عاشق اوساري

وارث سڻ، ولهيءَ کي تون ويه نه وساري

محب ميساري، من تان مٽيج غمڙا.

٢-

من تان ميٽج غمڙا، تون هوت اچي هڪوار

جانب اچي جنهن ڏينهن ۾ سور سدورو ٿئي وار

پبڻيون پيرن هيٺ رکان واري وڇايان وار

واڳ وصل جي وار، دير نه ڪرڪا دم جي.

 

لطف الله بدوي

١-

ساري رات وسي مينهن مانڊاڻا ڪيا

جهوپا جهانگيڙن جا پسي سڀ پيا

ويچارا ويا، پڪي کڻي پکڙا.

٢-

ساري رات وسي مينهن ڪيا مانڊاڻ

ٿيون تار ترائيون ڇلڪي پيا نياڻ

ويچارن وٿاڻ، پاڻيءَ سان پسي پيا.

٣-

وري ڪڪر آئيا گوڙ ڪري گينور

رعد جي راڙين کان متا هل حشر

کنوڻين جي کيج کان ٿي ڪنبيا ڪاريهر

وسي پيو وڏ ڦڙو، ٿيا تار ترايون تر

ويچاريءَ جا ور، ڪجي ڪول ڪرينم تون.

 

خادم سروري

١-

الله شال اچن، اوٺي اباڻن جا

موني عمر ڪوٽ مان وٺي شال وڃن

مونکي ملڪ ملير ۾، مبارڪون ملن

خوش ٿي شال کلن، ’خادم‘ کاهڙ واريون.

٢-

الله شال ڏسان، اکيين اباڻن کي

پنهواريون پريت مان، پلپل روز پسان

کليو شال کلان، ’خادم‘ ڏسي کيٽ کي.

٣-

الله توريءَ واه، ڪانهي ڪاڻياريءَ جي

پڃرو پاپن کان ٿيو سارو غير گناه

رليءَ کي هن رڻ ۾ رهبر ڏس ڪا راه

ته پرين منجه پساه، مان ويل نه توکي وساريان.

 

گل نصرپوري

١-

اي نه واجب هوءِ، جيئن تو ڇڏي ڇپرين

جڏي جان جبل ۾، تڳي ترهي توءِ

تو پن پر اها ڪي، جا پر پراين هوءِ

سارڻو سندوءِ، رهيو آهي روح ۾.

٢-

هوءِ نه واجب ايءُ، جيئن وئين ڇڏي ڇپرين

هڪ ڏونگر ٻيا ڏاکڙا، ٽيون جڏو منهنجو جيءُ

پنهنجا ڇڏڻ پٻ ۾، هوت نه تو وڙهيءُ

ٿڪن ڀيڙو ٿيءُ، ته لهن گوندر، گل چوي.

 

احمد خان ’آصف‘ مصراڻي

١-

ڪڙي ڀانيان ڪاڪ، تو ريءَ مٺا ميڌرا

اٿڻ اڄهي ڪين ٿو، وهڻ نه پڄي واڪ

گهمان، گهوماٽي وتا، گوندر ۾ غمناڪ

ڦاثا ڦٽ فراق جا، ٽاڪا هڻي ٽاڪ

تو ري طلبيان ڪينڪي کاڌا ۽ خوراڪ

هجر ٿي هاڃا ڪري، هئي هئي هيبتناڪ

خوشيون ٿيون خاڪ، کلڻ پيو وڃي کوه ۾.

٢-

راڻل رات سڄي، اکين تي ٿي آڻيان

تنهنجي سڪ ۽ ساء ۾، ويڙو روح رڄي

هاڻي هئي هئي ٿي ڪرين، هورن منجه هجي

ماڻڪ منهنجي من جو ٿيو ڀور ڀڄي

ڏکي رهان ٿي ڏيل ۾، ويم وڻ وڄي

گهارڻ گوندر ۾ پيو ويئي کل کڄي

ڪامل تو نه ڪڄي، مدي منهنجي مينڌرا!

 

محبوب سروري

 

بلڪل بي قياس، ڪامل ڪڏهن کان ٿئين

دلڙي پئي دانهون ڪري، تن کي آهي تاس

تڪي راهون تنهنجون ٿيڙا نيڻ نراس

جگر جيءُ جهڄي پيو هينون منجه هراس

ڪلفت ڪر کنيو هلي، الفت آه اداس

وصل واجهائي پيو، لڳي پرت پياس

عشق اميدون پيو ڪري، برهه باسي باس

ڏکن ڏاڍا ڍؤ ڪيا، من جو کائي ماس

سڄڻ هجئي شاباس، جو ههڙا ويل وهايئي!

 

مجذوب لاشاري

١-

ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڀريا پٽ پلر

ڀٽن پاسي ڀاڳين جا وڙڪن جام ولر

لوڻڪ لنب للر، ويٺي ساريان سومرا!

٢-

ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي ڀريا پٽ پاڻي

ڪئي قيد ڪوٽن ۾ تو ناحق نماڻي

للر لنب لاڻي، ويٺي ساريان سومرا.

٣-

ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڪيو مينهن مانڊاڻو

وسئون وسري ڪينڪي ماڪ مهراڻو

مکڻي مانڌاڻ، ويٺي ساريان سومرا!

٤-

ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، والي وسايا وڻ

اڇا اباڻن جا اوٽا ۽ اڱڻ

جهوڪون جهانگي جهڻ، ويٺي ساريان سومرا!

 

رحيم بخش قمر

١-

پرين! اٿي پوک تون، جام وهي ٿو جر

ٻارو پوک ٻنيءَ جو، هاري ڏيئي هر

پوءِ نه ملندو پهر، جي پاڻي ٻڌبو پوئتي.

٢-

پرين اٿي پوک تون، جر وهي ٿو جام

اڄ صبح يا شام، پاڻي ٻڌبو پوئتي

٣-

پرين اٿي پوک تون، جر وهي ٿو جال

ڪوڏر ۽ ڪهاڙي نانگا کڻي نال

لوڏي لاهه ڪڍج تون ڪڙمي ڪج ڪمال

پوکي وٺڄ پوک تون، ويهڻ ڀانءِ وبال

رحيم بخش رکج تون کيتيءَ ساڻ خيال

ملسو يا مثقال، پوءِ نه ملندئي پوک لئي.

 

مير محمد پيرزادو

١-

کاڄ جني جو کنڀيون، پين جي پنير

تنين سندي ڳالهڙي، ڳڻيئي ڪانه همير

اندر مان اڌ مان اچن، آهم ايءَ اڪير

مارو ملنم مير، شل سرتين سين گڏ ساڳ ڪيان.

٢-

کاڄ جني جو کنڀيون، لڙيو لڀي جن

وهڻ مون وه ٿئي، جڏهن ياد پون

مونکي ماروئڙن، وسئون ڪين وساريو.

 

ماستر محمد صالح سپيو

١-

سرتيون منهنجو سڏ، ڪوهيارل جي ڪن پيو

گهڙيءَ پل ۾ گهوٽ کي ڏسنديون مون سان گڏ

”حيلي رزق بهاني موت“ هوت نه وهندو هڏ

سستي صالح ڇڏ، ته پسين منهن محبوب جو.

٢-

هيءَ پڻ منهنجي دانهن، راڱا ڪندي رڃ ۾

اڳي پوءِ آهيان، آءُ ٻاروچل جي ٻانهن

هتي ڦاٽي هانءَ، صالح منهنجو سڃ ۾.

٣-

جانب ڪارڻ جيڏيون آءُ جبل جهاڳينديس

هاڙهي حب وندر جون واتون واچينديس

صالح تنهن سڄڻ جون، سڀ جايون جاچينديس

هت ڪيئن ڪاٽينديس، پاڙيچون پنهل ري.

سوز ٽکڙائي

 

انب ٻوڪيا، گل ٽڙيا، وڻڻ جهليو ٻور

ڦٽيا ڦٽ فراق جا، ٻيو چهڪن ڪيو چور

مونکي سي منهنجا پرين، وسرن ويل نه مور

گهڙي گهاري نه ٿئي دلبر کان دم دور

آڌي توڻي اسور، اٿم پچار پرينءَ جي.

 

----------

 

چڪندي ٿيون چور، ساريندي سڄڻ کي

اکين کي اوچتو ڪنهن گهائي وڌو گهور

پٽيل آهن پرينءَ لئي، آڌي توڻي اسور

نچوئجي وين نور، ته به نه پوريون پرينءَ ري.


* ھيءَ روايت وچولي تعلقي ٽنڊي الھيار مان ولي محمد طاھر زادي کان ملي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان شيخ محمد فاضل کان ١٩٦٧ع ۾ ملي.

[1] دونڌڙ = اندڌارو، اوندھھ.

* ھي بيت وچولي (تعلقي ٽنڊي الھيار) مان ولي محمد طاھر زادي کان ١٩٦٦ع ۾ مليا.

* ھي بيت وچولي (تعلقي ٽنڊي الھيار) مان ولي محمد طاھر زادي کان مليا.

* سنه ١٩٦٠ع ۾ خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل.

* ھيٺيون بيت خود شاعر جي زباني سنه ١٩٦٠ع ۾ قلمبند ڪيو ويو.

* ھي بيت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان مليا.

[2] تائو = تکا.

[3] گزير = نوڪر

[4] پر = ڌاري.

* ھي روايت وچولي (تعلقي سنجھوري) مان جمال رند کان ملي.

* ھي بيت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

* ھي بيت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

[5] ارواڻو = بي دليو.

* ھيٺيان بيت ڏھرڪي (تعلقي اوٻاوڙي) مان شيخ محمد فاضل قائمي لکي موڪليا.

[6] ھٻان = اٻون، ڪڪر. قطير = قطارون

· روھڙي ڊويزن ۾ آبڪلاني ۾ درياءَ جي اٿل جو بيان ڪيو اٿس، ۽ ڳوٺن، ڍورن ۽ واٽرن جا نالا کنيا اٿس.

* ھيءَ روايت خود شاعر کان ملي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

* ھي بيت غمٽار فقير مھر جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

§ يعني سنھ ١٩٦٠ع ڌاري، ھي بيت لکيا ويا.

* ھي روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org