سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:19 

نالي چڱو پالاري

 

        ]نالي چڱو پٽ ربو علياڻي، پالاري (ويٺل ڪلي مڪان، کان ميل ڏيڍ ڏکڻ ڪاري جبل جو ارهه محال ڪوهستان) اندازا سنه ١٨٩٥ع ڌاري ڄائو. ڏه سال کن اڳ اسان جي ساڻس جهمپير ۾ ڪچهري ٿي. تازو ١٩٧٠ع ۾ پڇا تي معلوم ٿيو ته نظر گهٽجي وئي اٿس، ۽ گهڻو وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي گذاري ٿو.[

 

ست سرو – ١

 

رحمت وسي ربّ جي، الله جي اختيار

سرور گهوٽ سوڻهڻي کي، سڌئون پيو سار

روضي پاس رسول جي، عاشقن جي آر

سچا يار سيد جا، چوکا پرين چار

سرڪي جا سڪ جي، سا اميرن اوبار

اهڙيون سرڪيون سونهڻيءَ کي، پرور تون پيار

جي صدقو ٿيون ساهڙ تان سي داخل ٿيون درٻار

لکيي جي لوڙهايون، سي پييون سير پاتار

جن جي محبت ميهر سان، سي تري وييون تار

ڪينجهر منجه ڪيتريون، ونيون وير ويهار

ڪي سميون، ڪي سومريون، ڪي دايون دانه ڪار

پر نوازي نورئين، جنهن سان سهج سڪار

ڄام تماچي تنهن جي، سميون سڀ سينگار

 

 

ته به نڪا مٽ نورئين جي، نڪا جوڙيدار

سڀني منجه سهاڳڻ هئي، وڳر منجه وينجهار

جهڄي تنهن جهوليءَ پيو، چنڊ چوڏهينءَ چوڌار

گهور موتي گهوٽ تان، هيرا کڻي هار

پنهون ڄام پرڻين، تڏهن ٿئين نماڻي نروار

حورين هار پايا، تڏ وڃي واکاڻي وڻڪار.

واحد پرين وڇوڙيا، ڪيائون قسمت جي ڪار

هنجه رهيو رڻ ۾، ڪونج رهي ڪوهيار

سي به ڪڻڪ جي ڪڻي تان، ڪيا ڌڻي ڌاروڌار.

حسن جا حيران ڪي، بره ڪي بيمار

’ياسين‘ پڙه جڏيءَ تي، مٺيءَ کڻي مار

جان ڏي ستي سور جي، کڻي جڏيءَ کي جيار

اهڙي سونهن سڄڻين جي، جيئن بجلي کڙي بهار

چاليه ڏسي چريون ٿيون، تن ۾ هڪڙي هئي حقدار

ڇٺيءَ رات ڇوري ڪي لکي انگ لاچار

زليخا يوسف لاءِ، ٻائي تون ٻاڪار

مٺي يار معشوق لاءِ، پيئي تاڙي گهاءِ تنوار.

جهڙي مستي مجني کي، تهڙي ليليٰ لال ڪنوار

”نون والقلم“ سبق پرين سيکار

مجني جي محبت لاءِ، ٿئي وهه سندو واپار.

ڪاري رات ڪاڪ ۾، اونده انڌوڪار

سوڍي پيئي سڏ ڪري، ڏيهاڻي ڏاتار

جهلي گهوٽ جادوءَ سين، هڻي ٻنگ هوشيار

تنهن سان راڻو رسي ويو، ٿي مومل ميهڻي دار.

مارئي سيل ستي ڪئي، نه ته پلي هئي پنهوار

پر سيل عمر سومري جو، نه ته مارئي ڇا مقدار

چڙي ڪهڙو چاڳ ڪندي، بُکيي باز پار

ماري کيندو مئي کي، روندي زاروزار

پر زوري نه ڪيائين ضعيف سان، تڏهن ستي ٿي سنگهار.

ڪئين ليلان جهڙيون لنڊيون، وسيون ڄام چنيسرپار

مٺيون ميرين ڪپڙين، اڇيون ڪري اجار

هرڪا مريد محي الدين جي، آهي اميدوار

نماڻي، نالي چڱو چئي، دوست پرين ديدار

ڪلمون اٿم قلب ۾، منهنجون وطن واڳون وار

جي پير اڪاريون پار، سي درنه مٽينديون دستگير جو.

 

ست سرو - ٢

 

مالڪ ڌڻي ملڪ جو، صمد رب ستار

تنهن واحد جي وڏائيءَ جو، ڪري ڪير شمار

هر ڪنهن جي حق ۾، لکيو لکڻهار

رزاق روز رسائي، ڏيهاڻي ڏاتار

نبي خلقيائين نور مان، اڙين جو آڌار

آدم کان اڳ هو، تنهن سيد جو سينگار

چوکا چارئي يار، ڪن دوست جو ديدار

حڪمت حضرت عليءَ جي، جنهن ڀڳو ڪوٽ ڪفار

حسن مير حسين جا، جوڙي ڪم جبار

رحم سچي رب جو، هو پنجن تنن تي پيار

قادر محي الدين جيلاني، هر ڪنهن سين هموار

پر عاشق ويٺو اکين تي، هو حڪم تي هوشيار

ڪيئن ساهڙ، ڪيئن سونهڻي، ڪيئن محبت ڪيئن ميهار!

ڪيئن دور درياه جو، ڪيئن سڻي منڌ سنڀار!

ڪيئن سو گهڙا گهڙي، ڪيئن ڪاريگر ڪنڀار!

ڪيئن ٻوڙي سونهيون، ڪيئن واري وير وينجهار!

ڪيئن يوسف، ڪيئن زليخا، ڪيئن ڦٽ فراق جو فار!

ڪيئن ليلان، ڪيئن لهور، ڪيئن هيرو، ڪيئن هار!

ڪيئن ڪونئرو ڪانڌ کٽيو، ڪيئن چنيسر يار!

ڪيئن هير، ڪيئن رانجهو، ڪيئن ڀوري، ڪيئن ڀتار!

ڪيئن سورٺ، ڪيئن مڱڻو، ڪيئن راءُ ريڌو هو

طنبوري جي تار!

گهڙيو ڪن ڪلاچ ۾، ڪيئن مور مانڌيار!

ڪيئن وڍي سر ويريءَ جو، ٽٻيءَ سان ٽوٻيار!

ڪيئن ماني ملاحن جي، ڪيئن طعام تيار!

ڪيئن سڏ سيرئينءَ جو، ڪيئن آيل جو اوسار!

ڪيئن ستا سيج تي، نيڻين ننڊ خمار!

ڪيئن سسئي، ڪيئن پنهون، ڪيئن وندر، ڪيئن وڻڪار!

ڪيئن هنجه ڇڏي هيڪلي، ڪونج ڏٺو ڪو هيار!

ڪيئن ات راڻو ڄائو رڻ ، جو مومل جو مجار!

ڪيئن ات پاڻي پيدا ٿيو، ندي وهي پيئي نار!

ڪيئن انصاف عمر جو، ڪيئن مارئي جو مقدار!

ڪيئن چڙي چنبن ۾، ٿئي باز ساڻ بهار!

ڪيئن گڏيو گهوٽ مجني کي، ڪهاڙي سان ڪاٺيار!

ڪيئن ويڙه ولين جو، ڪيئن گلن جو گلزار

ڪيئن ليليٰ قول ڪري ويئي، لکيي جي لاچار!

ڪيئن چانگي ول چني، جو بُغدي هو بختار!

ڪيئن جلسو جمجما جو، وڏي شوق شڪار!

ڪيئن گهوڙا ڪٽڪ گهوٽ سين، هاٿين جو هزار!

ڪٿ پيو سور سلطان کي، جنهن سان ڏمريو هو ڏاتار؟

جنهن جي راڻي پئي رنو، ڪريو ور جو ويچار

نڪو اولاد ان کي، نڪو هو ٻانهياريءَ کي ٻار

هو باري بيپرواه، صاحب رب ستار

نوانوي آهنس نالن جي، ست ڪلمان سينگار

پنجئي ٿيون پاڻ ۾، عشق جو اوجار

عشق ماري ٿو عقل کي، جو حسن جو هسوار

سالڪ پڇندءِ سوڙهيءَ ۾، واحد جو وهنوار

”من ربَڪ من نبيڪ وما دينڪ“ زباني اظهار
انهيءَ نياء سين، نالي چڱو چئي، ڏوه بخشيندو ڏاتار

سچو سيد سردار، سو ڪريم اڪاريندو ڪلمي سين.

 

 

لعلڻ خان لغاري

 

        ]لعلڻ خان پٽ علي بخش پٽ جيئندو، پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري، لڳ سرهاري تعلقو شهدادپور، اندازا سنه ١٨٩٥ع ڌاري ڄائو. سندس وڏا اصل ديري غاري خان جا ويٺل هئا، پوءِ لڏي اچي ڳوٺ غلام شاه لڳ سڪرند ۾ ويٺا، پر دريا جي پائڻ ڪري لعلڻ خان لڏي اچي سندس ناناڻي ڳوٺ گل محمد لغاري ۾ ويٺو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سرائڪيءَ ۾ آهي، جو حمل فقير جي تتبع تي چيو اٿس. لعلڻ خان هن دور جو وڏو سگهڙ آهي. گذريل سترهن ارڙهن سالن کان وٺي اسان جون ساڻس رهاڻيون پئي ٿيون آهن. هن وقت (١٩٧٠ع) سندس نظر البت جهڪي ٿي وئي آهي ۽ گهڻو وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاري هو. سندس هيٺيون بيت لس ٻيلي جي مشهور شاعر ڪبير شاه جي تتبع تي چيل آهي.[

 

سسئي

 

سسئي جا ٻڌ سور گهڻا، جو قدرت ڪئي ڪلتياري هئي

سرجڻ ساڻ سسئي، مادر پيٽ اندر جا پاري هئي

ڄاپڻ ساڻ لڳي ڄر پيءُ کي، تنهن ڪئي لهرين منجه لهواري هئي

سير مغير نه ٻوڙي وير اتي جا تارڻ واري تاري هئي

هلندي هٿ کٽين کي آئي، ڌوٻين وٽ سا ڌاري هئي

پر تئون پاري پيار منجهان، تن وندر ساڻ ويهاري هئي

صورت صاف سسئي جي مورت، مڙني منجه موچاري هئي

 

 

هاڪ حسن جي هاڻ ٻڌي، ڪئي ساجن پاڻ سواري هئي

ڪاهي يار قطار اٺن جي، واڳ پنهون ات واري هئي

بار بره جا يار کڻي، اچي خوشيون خوب ڏيکاري هئي

سرتين ساڻ هلي گڏ ساجهر، سڀني منجه سينگاري هئي

خوشبو خاطر خاص خريدي وٺڻ لئي وڻجاري هئي

پسڻ ساڻ پنهون کي پرتان، دلبر ديد ڏيکاري هئي

ونگ وجهي اڙٻنگ اتي، نا پوئتي نگه نهاري هئي

ڪيچ ڇڏي پيا پيچ پنهون کي، وڃڻ ڳاله وساري هئي

کٽين ساڻ وڃي کنڀ ڌوتا، عاشق موج اٿاري هئي

وني ساڻ ملي ور ويهي، شادي شڪر گذاري هئي

کوڙ کٿوري موڙ ٻڌي پوءِ هوت پنهون ات هاري هئي

ڏيئي پير پلنگ تي پر تئون، سسئي گڏ سمهاري هئي

آيا ڏير اوير مڙيئي، تن ترت وڃڻ جي تياري هئي

ڏير ڏسي ٿي خوش کٽياڻي، ويسه ڳاله وساري هئي

ڪاڪل پيئي ڪانه وڃي جي، چانگن تي ناچاري هئي

ڪڻڪ ڪنين تنهن ڪانه پئي، جا توڏن ڪين تنواري هئي

آڌي اٺ کڻي ويا آري، پنهل ڪانه پڪاري هئي

ٻانڀڻ ٻٽ ٻروچ پنهون سان، ڪيچين ڪانه قطاري هئي

سيج ستيءَ کي سور ڏيئي، پوءِ ڏيرن ڪئي ته ڏکاري هئي

درد ڏيئي سي دور ويا، ڪئي ظلم سندي تن زاري هئي

لالڻ لڄ ڇڏي ويا ڇا کؤن تن لائق ڪانه ’لغاري‘ هئي

جاڳي جاڳ سجاڳ سسئي ٿي، قيام لڳي تنهن ڪاري هئي

آڙهه عشق مچايا من تي، ٻاڦ اندر ۾ ٻاري هئي

ڪامڻ ويهندي ڪانه گهڙي، جو بات بره جي باري هئي

ڪائي هلندي ڪانه پنهون ڏي، وڍيل هيءَ ته ويچاري هئي

ڪري بس ڀنڀور هلي، جا گهوٽ وڌي سا گهاري هئي

رڻ پٽ روه، سجهن پيون روجهان، واٽن تي جا واري هئي

ڏوڙا ڏک ڏولاوا ڏونگر، اوکا پنڌ آنڌاري هئي

سا پئي هلندي ساٿ پڇي، جا آڻي درد اڏاري هئي

ڪانه هٽي ٿي ڪيچ وڃڻ کان، سورن جام سيکاري هئي

بيوس ڦاٿي يار بدوءَ مان هنجه گهڻي جٿ هاري هئي

جانب ڪاڻ جلي ويئي جيئري، ڳڻتين سا دل ڳاري هئي

سوال ڪيئين رب صاحب کي، جا ڏاتر ڌرتي ڏاري هئي

پهتي ڪانه پنهون کي پيادي، منزل جي سا ماري هئي

پار ڪڍي وئي غار اندر، جا نار لٿي ات ناري هئي

سير رکي آڪسير اتي تنهن پت پرين سان پاري هئي

سرت پئي جڏهن ساجن کي، تنهن سسئي جهٽ سنڀاري هئي

جهت پٽ جهاڳي يار جهنگل مان، واهر سا ات واري هئي

لالڻ لحظي ساڻ اچي، ڪا جاءِ ڏٺي ات جاري هئي

پيهي پاڻ پنهل پڻ آيو، اچڻ ساڻ اجاري هئي

محب مليا محبوب سڄڻ، ٿي بيشڪ يار بهاري هئي

”لعلڻ“ غم لهي ويا لحظي، تن گڏجي ويل گذاري هئي.

 

ڌڻي بخش ڌؤنڪائي

 

        ]ڌڻي بخش ڌؤنڪائي بلوچ، ويٺل لڳ سامارو، تعلقو سامارو، ضلعو ٿرپارڪر، اندازا سنه ١٩٠٠ع ڌاري ڄائو اڻ پڙهيل آهي. ٻني ٻاري تي سندس گذر آهي. چڱو سگهڙ آهي ۽ کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جا بيت ياد آهن.[

 

ليليٰ مجنون

١-

ملان پنهنجي محبوب کي، جنهن کي پهريون چنڊ چون

ٻئي چنڊ، ٻروچ چوي، وڄون ٿيون به وسن

ٽلي ٽئي چنڊ آئيون، گوڙيون ٿيون گجن

چوٿين چنڊ چاه مان، کنوڻيون کيڏ به ڪن

پنجين چنڊ پرين جا، دونهان دور دکن

ڇهين چنڊ ڇمڪار ڪيو، اوهيرا به اچن

ستين چنڊ سانباهو ٿيو، ملڪين ميگه ٽٽن

اٺين چنڊ آئيون، واڌايون به وڻن

گرڙ ٿيا گولاڙا، گاه گلزاريون ڪن

نائين چنڊ نهاريان، منهنجا اجهي ٿا اچن

ڏينهڪ ڏهين چنڊ ۾، اچيو ڏس پون

يارهين چنڊ“ ياد پيا، لهيو لڙڪ پون

ٻارهين چنڊ ٻروچ چئي، منهنجا محبتي به ملن

 

 

 

آس اميدون تن، پوريون پير پڄائيون.

٢-

مجنا! ملندين محب کي، هيڪر ات هلي

سواءِ تنهن ساجن جي، ناهي ٻي ڳلي

حبان حضرت پير جي آهي داون مون جهلي

ڀلا ڪج ڀلي، ملان پنهنجي محب کي.

٣-

ليليٰ لاءِ لاچار ٿي، بر ۾ آءُ بيٺوس

ولين مون وڪوڙيو، آءُ ٿم ۾ ٿڙ ٿيوس

نڪا ويڇي واءُ جي، نڪو تڙڪو توس.

٤-

جيئري پسان جندڙي، جنهن لاءِ دنيا ڇڏيم ديس

پري پنهنجا پٽ ڪريو، اهي وڳا ويس

وڻن ڪين وڇاڻا، خاصا مونکي کيس

ليليٰ جي لبيس، موهيو آهي مجني کي.

٥-

موهيو آهي مجني کي، جنهن خواب ڏٺو هو خيال

وٺي ويو ويچاريءَ کي، هو قاضي ڪوٺي ڪال

ڪٽئي جنهن کي ڪثرت ٿيا، ثابت اهي سال

بيهي ڪيائين بر ۾، هيڻا پنهنجا حال

جيئري هيءُ جنجال، ڪهڙو ٿيو هو ”قيس“ سان.

 

ميهار مانجهند

 

        ]ميهار پٽ عبدالله ذات مانجهند، پاڙو مريداڻي، ويٺل ڳوٺ مريد فقير، تعلقو دادو ضلعو دادو، اندازا سنه ١٩٠٠ع ڌاري ڄائو. نڙ تي بيت چوندو هو. شاعريءَ ۾ استادي سالار فقير مانجهند کان ورتائين. پنهنجا توڙي ٻين جا بيت ڪچهرين ۾ نڙ جي لئي تي چيائين. ١٩٥٩-١٩٥٨ع واري دور ۾ اسان جون ساڻس ڪچهريون ٿيون. سنه ١٩٦٢ع ڌاري گذاري ويو.[

 

ست سرو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو توڪل سان تاري

کنيا بار خلق جا، آهن مرسل موچاري.

راڻو رات رسي ويو، مومل کي ماري

سا روئي پئي رت ڦڙا، ڪاڪ به ڪناري

آئي مارئي ملڪ مان، سا سانبيئڙا ساري

تنهن کي ونجهل ويڙهيچن جي، ڳڻتي ٿي ڳاري.

سسئي ستل هئي سيج تي، تنهن کان ويا ڪيچي اٺ قطاري

سا ڏيو ولوڙون وندر ۾، پئي ڇپر ڇاٽاري.

سهڻي گهڙي سير ۾، آرهڙ اونهاري

لهريون تنهن کي لوڙهي ويون، ڇوليون ڇلڪاري.

ڀائر مانجهي مور جا، مڇ وڌا ماري

اوباهيو پٽن لاءِ، نڪريو نهاري.

سسو ڀر سمونڊ جي، پيو هو ڪنڌيءَ ڪناري

 

 

آيو نبي الله جو، جنهن ڇڏيو عيسيٰ اڪاري.

مجنون اچي مست ٿيو، جو لڳو هي ليليٰ جي لاري.

ٻيڙو تريو تار مان، ڏٺو ڏيه ساري

اهي معجزا محي الدين جا، جو ويل کڻيو واري

مسڪين هن ’ميهار‘ کي، من نيئي مديني ماري

روضو پاڪ رسول جو، شل ڏاتر ڏيکاري

مهار آهي مالڪ هٿ ۾، جڏهن واڳ ڌڻي واري

اهو نرمل نهاري، هلي جهلجي دروازو دستگير جو.

 

 

گلڻ تيوڻو

 

        ]گلڻ تيوڻو، ويٺل ڳوٺ قبول تيوڻو، تعلقو واره ضلعو لاڙڪاڻو، اندازا سنه ١٨٩٧ع ڌاري ڄائو. سندس گهڻو ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.[

 

سهڻي

 

سک ڇو نه سمهين ڙي سهڻي! گهارين ڇونه گهر

نڪا توکي هاج هٿن ۾، نڪو ڏم سندو ئي ڏر

موچارا ميهار کان، اٿيئي اورينءَ ڀر اپر

ڀوري! تن ڀولين کان، اسانکي ڏٻين کان ٿئي ڏر

چرن چيهاڙا ڪيو، ات ڪنڍيون منجه ڪپر

چالون وڏي چاه مان، ٿيون اچن گام گجر

اچن اوهيرا ڪريو، جيئن ڪارونڀار ڪڪر

ليٽيو اچن لڙ ۾، مٿن کنيو مر

گوشيون گوشين گڏيون، لٿم ڏک ڏمر

ڀٽارين ڀلين کي، ڏيان آجي جاءِ اندر

سهڻين ساندارا ڪيا، ات ڀوليون آڻن ڀر

ڌوڌو ڪن درياءَ ۾، جيئن ڇوليون ڏين ڇر

ٻيرڻ ٻيڪ ٻيٽن ۾، ات لامون ڪن لغر

اسريو اوڀارا ڪيو، ثابت بيهن سر

کينهن کيهاڙا ڪيو، چيها ٿيا چوڌر

نڪا ڇولي ڇر ۾، نڪا لوڏ لهر

 

 

اڻ تارن کي تيوڻو چئي، ڏئي اره کؤن اڌر

دونهان دوست ميهار جا، هئا ڪلا منجه ڪپر

پلپل تنهن پرينءَ جي، آهي گوهي ساڻ گذر

ميڙيو وجهي مچڙو، دونهون سو دلبر

تنهن کي ڪهڙو جو کوجر، جنهن سان ميهر ساڻي سير ۾.

 

اسماعيل موندرو

 

        ]اسماعيل پٽ ڪريمڏنو پٽ اسماعيل، پاڙو اسحاق پوٽا موندرا، ويٺل کارڙي (لڳ کجي واري وانءِ) تعلقو سون مياڻي، اندازا سنه ١٩٠٠ع ڌاري ڄائو. اسان جو ساڻس ڪچهريون ٿيون ۽ پاڻ پنهنجا بيت ٻڌايائين.[

 

سسئي

١-

ٻروچ ٻيا ڀي گهڻا، منهنجا آرياڻي اڙٻنگ

تن سين لکيا هئام لوح قلم جا، ڪي اکر سندا انگ

جنم جاد رک جتن جي، اها ڍاري سندي ڍنگ [1]

ان جو چلڻ چاڙهي، هلڻ هاڙهي، اهو راه بلوچان رنگ

سي هلن رلين، چلن ڀلين، چوٽ وٺيو چؤ رنگ

ان اوٺيئڙن جي، اسماعيل چئي، هئي توڙ کان ڊگهي تنگ [2]

هاڙهي پٻ هڱور جو، اهي پرو لهندا پتنگ

پوءِ جي روبرو ٿين اهي رئزنگ، ته آءُ پاڙيان ٻول ٻروچ سين [3].

٢-

پاڙيان ٻول ٻروچ سين، هئا اڙٻنگ آرياني

پرج پيادي پنڌ تي، ٿي اهو رند وٺي روانيءَ

ڪوڏ ڪچهري ڪيچين سان، هئم رمز روز هيءَ ريهاڻي

سا ڪيئن پهچندي پنهل کي، جنهن کي ڏنئون آخر

ڏينهن جي اوهڃاڻي

ڇڏيائون ڇوري نيئي ڇپر ۾، ڪري بَرن منجه بيباڻي

 

 

سي هئا سيلين ٽلين سونهڻا، تن جي سونهن

ڏاگهن کي ڏرڏاڻي

تن جي ڊگهي ميزل، پاڻون پري، پٻ ڪنان به پراڻي

جي اهو ساجن ميلو ته ڪر سڀ ٿئي، کٽيوءِ اهو ننگ نماڻي

پوءِ من الله ور آڻي، ان اسونهينءَ جو، اسماعيل چئي.

 

مارئي

١-

سانبي ساريم سومرا، سانبيڙا ساريام

ڦر ڦٽا اهي مارن جا، سي ڇيلا ڇيڪ ڇڏيام

اها ويندي رهندي ڪينڪي، پڇج هت پرين سين پيام

دم نه ڌاري، گهڙي نه گهاري، هت آهنم ڏوٿي ڏاڏاڻام

گنديون پوتا انهيءَ گهوٽ جا، ڪيئن اٻاڻا ڪري اوڇيام [4]

پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو، اها به مصلحت ماءَ ڏنيام

تڏهن عمر ڪوٽ ۾، اسماعيل چئي، پڻ ويسر ويهي ڪيام

ڪنهن ڪل پاريان، ڪيئن وساريان، نڪي

ويڙهيچا وطن وساريام

غم ڏک گوندر گهوريان، جڏهن اچي سوين سک ساڻي ٿيام

پوءِ سکيائي سانگ سندام، تن سين من ڪا

ساعت گذاريان وڃي سک جي.

 

ليمون فقير شر

 

        ]ليمون پٽ مرڪڻ شر بلوچ، پاڙو بنگلاڻي، ويٺل ديه سدرٽ، تپو جکراهو، تعلقو سانگهڙ، ضلعو سانگهڙ. اندازا سنه ١٩٠٠ع ڌاري ڄائو. پير صاحب پاڳاري جي جماعت جو فقير آهي. سندس گذر سفر هارپي تي آهي. جوانيءَ ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ تر جي ناميارن شاعرن بچائي رند، حڪيم ڏاهري، موريي خاصخيلي وغيره سان ڪچهريون ڪيائين ۽ بيت ڏنائين، اڻ پڙهيل آهي. کيس بيتن چوڻ جو گس بچائي فقير رند ڏسيو. نڙ بيت جي ڪچهرين ۾ سندس بيت هلن. ١٩٦٢ کان ١٩٦٧ع واري عرصي ۾ اسان جون ساڻس ڪچهريون ٿيون.[

 

ساراهه

١-

محبت جي ميدان ۾، هڪڙو آدم آندائين

بوتو تنهن جو بناو سان، وڃي جانب جوڙيائين

ساهه تنهين جو سرير ۾ ويهي وڌائين

اندر مؤن آواز ٿيو شڪر پڙهيائين

پيدا تنهن جي پٺ مان اڄ ڪوڙين ڪيائين

پنهنجي انت عجب اسرار جو، ڏس نه ڏنائين

ليکي پڄان نه، ليمون چئي، آهي سڀني جو سائين

هاڻي جنهن تي امر آندائين، سي ٿيا آهن

خان حوالي خاڪ جي.

 

٢-

سي ٿيا آهن خان حوالي خاڪ جي، ڪئين هميرن هزار

پيرن ۽ فقيرن جي، هت وٿي ڪانهي وار

ملنگن ۽ مستن جي، اڄ هلي پئي هونگار

ڪٺا تنهين جي قرب ۾، آهن هميشه هيڪار

روئن ويٺا روح ۾، ياڪي ٿيو يار

تن جون پرکائون ٿو پاڻ لهي، سچيءَ دل سنڀار

هاڻي اچي باري کڻندو بار، محمد معذورن جا.

٣-

محمد معذورن جو، وڏو آهي وارث

وؤڙ اٿي وڻڪار ۾، پڇا اٿي پارس

ٿي گهوري انهي گهوٽ جي، من تنهنجو پويس ترس

هيون جي درن مٿي دادليون، سي لوڌي اماڻيئين لس

اهي اٿئي ڪم ڪريم جا، تون آهين نماڻي ناقص

متان جيءُ جدا ڪرين، حب جو لاهين حرص

پڙه پنجئي وقت نماز جا، سعيو ڪري سرس

ليمون چئي، هن لقاءُ جو، راڳ پروڙي پس

هاڻي اوڳي! ڇڏ آرس، متان ويهي ور وڃائين.

 

حياتيءَ جو چرخو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، تنهنجي صفت ڪريان ستار

بنائي هن بوتي کي آهي خلقيو خلقڻهار

ٻارهن ورهيه اٿس ٻاراڻو، پوءِ ٿيو صغيريءَ مان سوار

پوءِ اٿس وڏا ڪم وهيءَ سان، وڃي سوين ڪندو سينگار

ڪو ته پاڻهي ڄاڻي وڃي پڙهندو، ڪو ڪندو هر

هرلي جي ڪار

ڪنهن کي ڍؤ ڍورن جو، ڪو ڌڻ جو ڌنار

ڪو اڪابر عقل جو خلقيو خلقڻهار

ڪوڙين ڏٺم ڪيترا، هت ظاهر زميندار

ڪئين مولائي مست فقير، جن ڏٺو آهي الله جو اسرار

روز نصيب رزق وس، ٿو ڏئي وٺي ڏاتار

لوهر پنهنجي لوه ڪاڻ آڻي رکندو اڱار

سونارو سون جي سگهو لهندو سار

واڍو پنهنجي وڻ سان، ڪندو ڪهاڙي جي ڪار

مير بحر مڇيءَ کي ڄاڻي وجهندو ڄار

کٽي رڱي ڪپڙا، چٽ رکي ٿو چار

پرهيءَ جا کل کري پئي، جنهن ۾ موچيءَ وڌو مار

جئين ٿو ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا، ائين دل اجار

ڪنڀر پنهنجي ڪم تي آهن محڪم مڻيادار

هڪڙا ته ڀلائي ڀڄي پيا حاويءَ منجه هزار

ٻيا ننڍيئي نڪري ويا جن کي سڏايو سردار

ڪن جا ڪارن مان اڇا ٿيا، مٿي ڏاڙهيءَ جا وار

ڏاٺون ڏند ڀڄي پيا، ٻوڙو چونس ٻار

هن جا لڱ لڏي پيا، ٿيا هيڻا سڀ هٿيار

پٽ پري ٿيا پيءُ کان، لوڏو ڏيندس لاچار

ڪو هوندو حلالي حق جو، سو سگهي لهندو سار

لکين ڏٺم، ليمون چئي، اهي پيريءَ جا آهن پار

هن بوتي تي آبار، سو هلندو مڙه مقام تي.

 

سسئي

 

سسئي صبح جو، ٿي ڪنائي ڪوڪار

هئي هن جاءِ تي، ڪا هنن جي هونگار

ڪانه پوي ٿي ڪن تي، ڪا توڏن جي تنوار

ڪانهي جاءِ جبل ۾، ڪا وڃڻ جي وار

نهين ليڙن جي، ليمون چئي، وئي لنگهي ڪل قطار

هن ٿڪيءَ جا ٿر ۾، اچي باري کڻندو بار

هاڻي ٿي هوشيار، جو جت ڇڏي ويئي جوءِ ۾.

سسئي ويل صبح جو، ٿي اٿي اداسي

ڪانڌ تي منهنجو ڪيچ ڏي ويو پاڻ انهيءَ پاسي

پنهون ٿو پر کائون لهي، چوريءَ چڪاسي

ساجن ايندم سيگه ۾، وڻ مڙيئي واسي

ملڻ ڪاڻ من ۾، باس ويٺي باسي

هاڻي اکئين مانه ڏسي، هن ولهيءَ کي وندر ۾.

 

عظيم فقير

 

مارئي

 

مارو مٽ ملير جا، ٿي سڀيئي سڃاڻان

ڪي ڪاله ويا ڪاماري، ڪن ڪيا ٿرن ۾ ٿاڻا

ڪي سنجهي ويا ساماري، ڪن ڪيا ڀٽن ۾ ڀاڻا

ڪي مهند ويا ملير تي، ڪي کاهڙ ۾ کاڻا

ڪي ڇيلا ويا ڇوڙي، عمر اباڻا

اڳيان پس، عظيم چئي، لوت، ليار، لاڻا

کوريون، ٻيريون، للريون، جت ڪرڙ ڪوماڻا

پيرون پراڻا، ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا.

 

 

فقير عبدالرحيم ڏاهري

 

        ]عبدالرحيم پٽ ڇتن پٽ ولي محمد ذات ڏاهري، ڳوٺ صفر ڏاهري، تعلقي شهداد پور ۾ اندازا سنه ١٩٠٢ع / ١٣٢٠ه ۾ ڄائو. تعليم پرائڻ لاءِ ڳوٺ ڪنب دارون جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، اتي استاد حاجي جمعي ڏيري وٽ ٩ مهنا کن پڙهيو، جنهن ۾ فقط هڪ سيپارو پڙهي سگهيو. ستتئي ملڪ ۾ وڏي بيماري اچي پيئي، جنهنڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي پنهنجي مائٽاڻي ڪرت، ٻني ٻاري سان لڳي ويو.

پاڻ ۽ سندس وڏا پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا. سنه ١٩٤٢ع واري ’مارشل لاءِ‘ جي وقت ۾ لڏي وڃي دؤڙ (نواب شاه) رهيو جتي اڄ تائين رهي ٿو. وڏي ڀاءُ جي گذاري وڃڻ بعد بيت چوڻ شروع ڪيائين. گهڻا بيت چيا اٿس ۽ داستان جوڙيا اٿس. معجزا، مناجاتون ۽ مناقبا وغيره به چيا اٿس. سندس بيتن جو مجموعو ”عمر مارئي“ ڇپيل آهي. فقير عبدالرحيم سنه ١٩٥٥ع کان پوءِ واري ۽ موجوده دور جي مشهور شاعرن مان آهي، جن تمام ڊگهن بيتن ٺاهڻ جو نئون رواج وڌو آهي. عبدالرحيم فقير جا بيت، نڙ بيت جي ڪچهرين ۾ هلن ٿا. قادر بخش رند سندس خاص راوي آهي.[

 

مارئي

١-

سوال ته منهنجو سومرا! ٻڌ ڪامل ڏئي ڪن

ملڪ جن جو ماڙ، سي ڪيئن رتول ۾ رهن

لاڳ جن جو لوئي، سي پٽ ڪيئن پهرن

ثمر جن جو ساڳ، سي چورما ڪيئن چکن

 

 

جنهن دنيا سان ٿو دل لائين، سا منهن نه مارن

مارو منهنجا ملير ۾، سدا مند ويهن

مارو منهنجا مسڪين، سدا رڻ رهن

مارو منهنجا مسڪين، جي واريءَ تي ويهن

مارو منهنجا مسڪين، مال سان مرڪن

مارو منهنجا مسڪين، ويڙهين ۾ وڙڪن

مارو منهنجا مسڪين، ڏٿ ڏؤنرا ڪن

مارو منهنجا مسڪين، پسيءَ تي پهرن

ڏوٿي هيراڪ ڏٿ جا، گڏ جو گدام ڪن

ڏسي جهڪورون جهڙ جون، مال ڪاهيا مارن

ڪو جو لڳن واءُ وٺي جو، جن جا پري ڏس پون

جهوپا جهنگن ۾، ڪيا پسند پنهوارن

پکا تن پرديس ۾، هوند اڏيا اباڻن

مند جا مينهن پيا ويڙهيچن وٽ وسن

ڏسي آگم اتي ڪيو، صبر سنگهارن

کاهڙ سڄو کير هو، پر پيتو ڪين پنهوارن

اڃارا ويا آديسي، مڃيو آمر عجيبن

ڪيان ٿي ڪوڪر يا ڪوٽن ۾ من ٻاڪارون ٻڌن

ڪري وڙ ويڙهيچا، من وٺي نال نين

اباڻا ميل، عبدالرحيم چئي، جيڪي وڇڙيا کان وطن

هينئڙي منجه هرن، سدا سک سنگهارن جا.

 

ست سرو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ڪل شيءُ قادر

جڳٽ جوڙيئين جهان کي، هلايئين سڀ هنر

باري ڪيو بهشت ۾، اسم احمد جو انور

ابليس ڏسي اندو هجي ويو، جڏهن پيس نالي تي نظر

ڊڪي ڊاهڻ لڳو، خار منهنجؤن سو خر

پر اڳئين کؤن اجرا ٿيا، اهي سڀ اکر

تڏهن هٿ کڻي، موٽي ڀڳو منڪر

آدم حوا کاڌو ڪڻو، ڪڻڪ جو ڪتر

باري تڙي بهشت کؤن ٻئي ڪيا ٻاهر.

محمد کي معراج تي، سڏايو پاڻ ڌڻي پرور

عاشق مليو معشوق سان، دوست ٻئي دلبر

عيسيٰ ٿي آيو، پاڻ نبي پيغمبر

ڏٺائين جمجما سلطان جي ڪيپراٽي منجه ڪلر.

ڦاسندي وقت ڦاهيءَ ۾، ڪيا هرڻي هل حشر

ماڙ جنهن تي مرسل ڪئي، سڏ ٻڌي سرور.

ٻڍڙي ٿي ٻاڪارون ڪيون، ڪناري ساڻ ڪپر

مطلب جنهن جا محي الدين ڪيا، ڪنڊ ڌڻي قادر.

آئي مند موسم جي، هارين ٻڌا هر

وڄون وسڻ آئيون، ڪارا ڪري ڪڪر.

سونهي سمي ڃام کي، ڪامڻ ٿي ڪثر

تڙ تماچي آئيو، ڪلئي واسي ڪينجهر.

ساميءَ جو ساٿ هئو، گنوايو گجر

جنهن کؤن سڏ ڪري سوڍي، پڇي خان خبر.

سهڻي ڪا هيو سير تي، سئي ڪنين سانڀر

جنهن جي محبت ميهار سان، سا پهتي پرينءَ ڀر.

ريجهي راءُ ڏياچ ڏنو، سواليءَ کي سر

ڪن پڪڙي، ڪات کڻي، وهايئين خنجر.

ليليٰ خاطر مجني، بيهي وسائيو بر

ٿئون وڳيڙ ولين جا، وڻ ويڙهيءَ جا ور.

سسئي ڄام پنهون لاءِ، وؤڙي ٿي وندر

ڪوڪون ڪندي ڪيچين لاءِ، ڪيا پٿون پير پٿر.

مارئي کي ميلر مؤن، آندو هو عمر

ڪين گذاري ڪوٽن ۾، ساري پيئي سڱر.

روئي رانجهو روانو ٿيو، تخت ڇڏي تونگر

ڏسي حسن هير جو، ڪيو غم گداگر.

مڻيو وٺي پيئي مامري، وينگس مٽايو ور

لوڌايو ليلان کي، چڙي ڄام چنيسر.

آيو ’اونچل ڪوٽ‘ تي، رکي ناٿ نظر

ڀلايو ڀوريءَ کي، جوان جادوگر.

ڪڍي ڪوس ڪست مؤن، جراڙ ڇڪيو جر

لڳو برهه بو بنا کي، جنهن جو آٽي ٿو اندر.

مومل محلي وچ ۾، اٿيو ويل اسر

ڏسيو رند راڻي جا، سهاڳڻ ڪٽي سٿر.

ڪاهي هليا ڪن تي، مڇيءَ لاءِ مير بحر

جن کي ماري مڇ کڻي ويو، ڪيڏو ڪري قهر

سيفل اسهيو ارم ڏي، ڇڏي ماڳ مصر

پانهه ڪيا پاڻيءَ ۾، ست سال سفر.

ڪاهي هليو قافلو ڪربلا ڏي، وٺي وير وڳر

انصاف امام حسين جو، جنهن ڪيو شهادت مهل شڪر.

ڪاڏي ويا عاشق، ڪاڏي ويا معشوق،

ڪاڏي ويا شاه سڪندر

مورک! ڇا تي من وڌائين، اڳيان ڪاري اٿئي قبر

مدد منهنجي مشڪلڪشا، حق جو امام حيدر

ڏي پناه، ڏاهريءَ کي، ننگي ڪر نظر

عبدالرحيم، عرض، ڪري، هي هٿ ٻڌي حاضر

قيامت ڏينهن ڪوثر، اچي حيدر پياريندو هٿن سان.

 

شيخ عثمان

 

        ]شيخ عثمان پٽ محمد صديق، لس ٻيلي جي حمراڻي شيخن مان آهي. اٽڪل سنه ١٩٠٥ع ڌاري ڄائو. اتي جي شاعرن جو گهڻو گن ياد اٿس. پنهنجا بيت به چيائين. سنه ١٩٤٦ع ۾ اسان جي ساڻس اٿل جي شهر ۾، ڪچهري ٿي. سندس بيت ’ٻيلاين جا بول‘ ۾ ڏنل آهن. هيٺيون بيت مشهور شاعر ڪبير شاهه جي بيت ڀران چيائين.[

 

مارئي

 

هڪ عرض ڪريانءِ ٿي عمر! سو سڻ ميان سومرا سردار

جيئن هت تنهنجون ڀتيون ماڙيون، جت ٻه جاڙيون، چرکيون

چاڙهيون، آهن جوڙ چڱي جنسار

تئن هت پکن گهر، بيديون بر، چارين ڦر، منهنجا پت ڀريا پنهوار

جيئن هت تنهنجا گهوڙا گلا، وڃن رلا، بُغدي ڀلا، ٻيا

ابلق وٽئن اپار

تيئن هت بڪرچارن، گهيٽا وارن، درتي ڌارن، منهنجا دل

گهرياسي ڌرار

جيئن هت تنهنجا گلم گاديون، شغل شاديون، نوبت ناديون

ٿا ڪن وهسيو ويس وينجهار

تئين هت ڳاڱا ڳاڙها، پٽن پاڙا، وجهن واڙا، اسان جا کٿين

منجه خمار

جيئن هت پلنگ منجا، سمند سنجا، قيمتي ڪنجها، ٻيون

وٽن چؤ مابقيون چوڌار

تيئن هت پکن ڇانيون، ٻاون، ٻايون، لڱن لايون، ايءُ منهنجي

سرتين جو سينگار

 

جيئن هت تنهنجا ڪوٽ ڪارا، نرگس نارا، چنن مارا، ٻيو

سندءِ دمد مون درڪار

تيئن هٽ کڻن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، وجهن واڙيون

پسيو پٽ چڱا پنهوار

جيئن هت تنهنجا ميگڻ ڳاڙها، کڻن ڀاڙا، هڻن ڌاڙا

سڄي سنڌ ستار

تيئن هت اسين ٻڪر چاريون، ساٿ ۾ ساريون، وڄر واريون،

ٻي رڍن منجه رڻڪار

جيئن هت جنگيون جهيڙا، کڻن کيڙا، مجلس ميڙا، ٻيا وٽئن

جو ڏس چوڪيدار

تيئن هت چارين ڌڻ، وڍين وڻ، ماٽئين مڻ، ڇڏ تون

پرڻي جي پچار

آهيئين ڀيڻ، نه ڪر ويڻ، اپت نيڻ، تون ننگ ڀريا ڏسي نار

آهيون بابي طرفئون ڀار، ڇڏ وڃي ملان اباڻن، عثمان چئي.


* ھيءَ روايت اسان خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي.

* خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل.

* ھي بيت اسان، ڪچھري ڳوٺ رئيس عبدالله خان ڪپري، تعلقي ساماري ۾ خود شاعر جي زباني ٣-ڊسمبر ١٩٦٤ تي قلمبند ڪيا.

* ھيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي وارھھ) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

* خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل.

[1] جنم = ھميشه

[2] تنگ = منزل. 

[3] رئزنگ = سھڻو.

[4] اٻاڻا = پنھنجا

* ھيءَ روايت خود شاعر جي زباني ١٥-فيبروري ١٩٦٥ع تي قلمبند ڪئي ويئي.

* ھي بيت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org