سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:14 

جوسب شر

        ]جوسب شر، پاڙو قاسماڻي، ٻيروٽا تعلقي اٻاوڙي جو ويٺل هو. اٽڪل چاليهن سالن جي ڄمار ۾، سنه ١٩٣٧ع ڌاري وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان جنم ١٨٩٣ع ڌاري ٿيو هوندو.[

 

سارنگ

 

اوڀار ٿون اچي اڀريا، ڪڪر ڀي ڪارا

مينهن اسان جي ملڪ تي، ڏنا ڇاٽن ڇٽڪارا

ڦوڳن ڦوڳي ڪئي، ڏنا لاڻن للهڪارا

روهي ڀي رڱجي وئي، ڀريا ٻنڌن تي ٻارا

چڀڙ ڀي چونڊيو ويا، ڀريو کيٽن مان کارا

ڪيائين جوش ’جنگڻ‘ تي، آهن سڀڻي تلاء سارا

’ڦرڻي‘ منجه ڦريا پئي، سهڻا سينگارا

اينديسانءِ اتر ڏونه، پکڙوئي پاسارا

”جوسب“ ويچارا، مان وينديسان وڍر ڏي.

 

ٻڍل فقير

 

        ]ٻڍل فقير ولد فقير عبدالواسع، ڳوٺ بخشي انڙ (جنهن کي هاڻي ”ٻڍڙي فقير جو ڳوٺ“ ڪري چون ٿا) تعلقي شڪارپور ۾ ١٨٦٥ع ڌاري ڄائو. کيس ’ٻڍڙو فقير‘ به چوندا هئا. ننڍپڻ کان ئي مجذوب هو ۽ سندس سڄي زندگي مستيءَ جي حالت ۾ گذري. پير سائين پاڳاري حزب الله شاه جي مريديءَ ۾ ڪافي فيض پرايائين. ١٢- آڪٽوبر سنه ١٩٣٩ع / ١٣٥٨ه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ”رسالو ٻڍل فقير“ جي نالي سان ڇپيل آهي. هيٺيان بيت سندس ڇپيل رسالي تان ورتل آهن.[

 

سورٺ

١-

ماڙيءَ آيس منگتو، ويل تنهين وينجهار

تنهن سالڪ ٻڌو ساز کي، جهاٻن جو جنسار

ساز ٺاهي سر ڪڍي، ڪيائين تند تنوار

گز هنيائين گرنار ۾، جنهن جو ڏور پيو ڏهڪار

اتي راءِ ڏياچ کي، پيو ديهيءَ ۾ دهڪار

ٻڌڻ سان، ٻڍو چئي، ويس چڙهي کيپ خمار

ته اڳ نه آيو اهڙو، ڪو مان وٽ مڱڻهار

جنهن چوري چت چريو ڪيو، پيو آهي جيءُ جثي ۾ جار

هن به ڪپي سو ڪاپار، ڏنو موٽي مڱڻهار کي.

٢-

ماڙيءَ آيس منگتو، رمي ڪنهين رات

سوال گهريائين ربّ کؤن، ويهي پنهنجي وات

 

ته مهت لهي موٽي وڃان، تون ڏاتر ڏيارين ڏات

سو ساز کنيائين سڦرو، سچيءَ سڪ صفات

اتي ”هو هو“ ٻولي حق جي، اها تندن

اٿاري تات

پوءِ به ڪنڌ ڪپي سان ڪات، ڏنائين موٽي

مڱڻهار کي.

 

 

محمد فقير کٽياڻ

 

        ]محمد فقير ولد حيدر خان کٽياڻ، ڳوٺ بوداڻي کٽياڻ تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ سنه ١٨٨٤ع ڌاري ڄائو. هو نهايت ذهين ۽ هوشيار هو. پير صاحب پاڳاري جو سرويچ مريد هو. تصوف جي ميدان ۾ گهڻن درويشن سان خاص صحبتون ڪيائين. خصوصا نواب ولي محمد خان لغاري ۽ پوءِ مخدوم غلام حيدر صاحب سان پرت جا پيچ پاتائين. فقير صاحب جو راڳ سان خاص شوق هوندو هو سندس طريقو رندي هو ۽ مڙني طعنن ۽ ملامتن جا بار پنهنجي سر ڪيائين. پاڻ چيو اٿس:

 

عاشق اصل اويسي، وحدت وصال ويسي

مشهور ٿيو مهيسي، ”محمد مٿي اگهاڙو“.

        محمد فقير سنه ١٩٣٩ع ۾ گذاري ويو. سندس ڪلام ڪافين تي مشتمل آهي. هيٺيون بيت سندس ڇپيل ڪلام ”منطوق محمدي“ تان ورتل آهي. [

توحيد

 

نفي مان نيشان ٿيو، نظارو ناسوت

قلبي ڪل ڪمال ڪيو، مشاهدو ملڪوت

روحيءَ ۾ روشن ٿيو، جلويگر جبروت

سربسر ثابوت ڪيو، لاثاني لاهوت

خفيءَ واري خيال ڪيو، هاگامون هاهوت

اخفا کان اثبات ٿيو، بقائي باهوت

محمد، سياهوت، مٿاهون مذڪور ڪيو.

طالب پلي

 

        ]طالب پلي، مشهور شاعر ملي محمود پلي جو پٽ هو. ڳوٺ حاجي عبدالطيف پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ١٩٠٩ع ڌاري ڄائو. شاعري کيس پيءُ کان ورثي ۾ ملي. ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪيائين. قرآن شريف ۽ فارسي جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هئس. سندس ڪلام بيتن، ٽيهه اکرين، مداحن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. سنه ١٩٤٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

سسئي

١-

ڇڏ تون ننڊ نڀاڳ جي، اٿ سسئي! ٿيءُ سجاڳ

توکي ڇڏي ويا ڇوري ڪري، هو وير ورائي واڳ

توکي ڏيرن پويان ڏونگر ۾، لهڻا آهن لاڳ

سي نه پهچن سڄڻ کي، جن کي ننڊ نڀاڳ

ڪوه نه ڪيئي قسمت ڦٽي، جانب ڪارڻ جاڳ

توکي طلب نه آهي، طالب چئي، ڇڏ رناڻا راڳ

ڦٽو اٿئي ڀاڳ، جو سمهي ور وڃايئي.

٢-

سمهي ور وڃائيم، مونکي آيو ڪين عقل

ڇڏي ويا ڇپر ۾، ڪري آرياڻي اٽڪل

ٻڌي ٻوساٽي، بُهاري ويا، هليا هوت پنهل

هڻيءَ سندي حال جي، پيين ڪانه ڪهل

مرن شال ماندا ٿي، تن جتن جا جمل

 

 

بُري هن ڀنڀور ۾، ڪنهن ڪين نه جهل پل

ڪاهينديس ڪوهيار ڏي ”طالب“ ڪري توڪل

جهاڳي سڀ جبل، وڃي پير پسنديس پرين جو.

٣-

پير پسنديس پرين جو، ڪري هوت هلائون

ڌاران دوست دلدار جي، هت ويهان ڪيئن آئون

ڏيئي جهوتون جبل ۾، ڪنديس درد ڀريون دانهون

ڳولينديس پنهل جون، راتو ڏينهن راهون

پرين سندي پار ڏي، ڪنديس قرب منجهان ڪاهون

من پوي ٻاجه ٻروچ کي، سڻي صدائون

جانب ڪارڻ جيڏيون! ڪيم اندر مان آهون

مون منجه عيب آپار ٿيا، خاميون خطائون

پهچان ڪيئن پرين کي، اهي مارڳ مٿاهون

هڪڙو پنڌ پهاڙ جو، ٻيو لکين لقائون

”طالب“ تنوارينديس تن لاءِ روئي ڳولينديس راهون

من اچي اوراهون، سڻي سڏ سقيم جو.

٤-

سڻي سڏ سقيم جا، من ڪري ڀال ڀلائي

آهيان هيڪلي هاڙهي ۾، بيو وانگي نه واهي

مونکي ڇڏي هوت هيڪلي، ٿي ويا رڻ راهي

مون پٺيان پيئي پنهل جي، آهي واٽ وڃائي

ڇڏي گس گام جو، آءُ آيس اجائي

راهه منجهي، گس ٻيو، ۽ ڪچي ڪمائي

سڄڻ بنان سڃ ۾، آهيان ”طالب“ توائي

اٿم سدا سردار جي، وات اندر وائي

من نرمل نگاهي، ڪري ڪرم ڪمينيءَ تي.

٥-

ڪري ڪرم ڪمينيءَ تي، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار

هوت هيڪلي آهيان، ورنه! منجه وڻڪار

هڪ جاڙون جبل جون، ٻيو ڪاڙهو ڪارونڀار

شينهن، شه گوش شو ڪجيو، مرون ڪن ٿا مار

گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، ٻيو رڇن جو رانڀاڙ

ڪن گينڊا وڏيون گوڙيون، ٻيو ٻيلاين ٻاڪار

چيتا وتن چريا ٿيو، ٻيو هاٿين جي هونگار

ممون، ڳورپٽ، ڳورنريا، سامهان سو هزار

چراخ ٻانڀون ڪيتريون، باندر پڻ بسيار

نانگ بلائون بر ۾، نڪري ٿيون نروار

کپر، کڻيون، ڊمڻ، لنڊا، ٻه منهيون ٻيهار

ڪاريهر، تليهر، ڪوراڙون، اروڙون آزار

ٻيو مامرو مئيءَ تي، مٿي چٻن چوڌار

مفت مران ٿي، موٽ سگهو، محب مڻيادار

توهان ڌار، طالب چئي، آري ناهي آڌر

ڪرم ڪري ڪوهيار! اچي ساڻي ٿيءُ تون سڃ ۾.

٦-

ساڻي ٿيءُ تون سڃ ۾، اچي سڄڻ ڏي سڌير

هوت هيڪلي آهيان، مدد ڪج تون مير!

ساريو توکي سپرين، وهن نيڻن نير

آرياڻي مل عاجز کي، ڪڍ قضا جا ڪير

مدد ڪر مسڪين جي، اچي ورنه وير!

ڪڏهن ڇڏجاءِ ڪينڪي، دلبر هيءَ دلگير

طلب آهي، طالب جي، ته اچي مل امير!

ان کي ساري سپرين، منهنجو ساهه سرير

اهن چاڪ چڪيا چير، جانب انهنجي جدائيءَ ۾.

٧-

جانب! انهن جي جدائي، مونکي بره ڪيو بدنام

محبت انهنجي مهه لقا! من ۾ آهي مدام

اچي نه ان کان سواءِ، ٿو اکين کي آرام

اهون عاجز جون ٻڌي، ور سگهو وريام!

سڪ انهنجي سهڻا پرين، ”طالب“ آهي تمام

آهي من اندر ماتام، حبيبا! انهنجي هجر جو.

٨-

حبيب!  انهن جي هجر جو، آهي جيءُ اندر جنجال

لکئي مونکي لوح جي، قسمت ڪيو ڪنگال

ڦٽو هاءِ! ڦٽيءَ جو، الا هيءُ اقبال

هوت ڇڏي ويو هيڪلي، هيڻو ٿيڙم: حال

جانب جي جدائيءَ ۾، ساعت ڀانيان سال

”طالب“ طلب پرينءَ جي، اهي نماڻيءَ نال

آهيم اهو آسرو، ته سڄڻ سڻندو سوال

ٿيندا هو خوشحال، ڪلمون جن جي قلب ۾.

٩-

اڌيءَ اٺ آئيا، ڪي جي ٻاروچن

ڪجاوا ڪرهن تي، جڙيا شال جتن

پير نه ڏين پٽن تي، ٿا ڪامن سين ڪٽجن

گوربند گوڏن ۾، ٽليون ٽؤنر وڄن

بادل وڻ ڀنڀور جا، چانگا مان چرن

آءُ طالب، ٿي تڪون ڪريان، منهنجو جانب نيو جتن

هوءِ ٿا حب وڃن، تون ٿي سيج وڇايو سمهين.

 

مارئي

١-

آءُ راڻي پنهنجي راڄ جي، اوهين لوڪ ڌاريان

جو مڙس ڏنو مائٽن، سو ڪيئن وساريان

ساريو پنهنجي سانگين کي، هنجون ڀڻي هاريان

شال ملان انهن کي، جن لئي واٽون نهاريان

ٿي صبح شام ساريان، مارو محب ملير جا.

٢-

چئي: مارو مٽ تنهنجا، ڍٽ جا ڍاٽي

کايو وڃن کن ۾، پڙ مٿي پاٽي

ائين ڪين ان ڇڏين، توڙي پون ڦاٽي

پير اگهاڙا، مٿو موڙهل، کٿي ۾ ڏاٽي

جي اهڙا مرد ماٽي، ٿي تن لاءِ مرين مارئي!

٣-

چئي: مارو مٽ منهنجا، آهن سڀ امير

رهن ڀٽن ڀر تي، پين پاڪ پنير

آهن آسودا اهي، مڙئي منجهه ملير

آهيان اڪنڊي ان کي، ويٺي پوڄيان پير

آهن راتو ڏينهن روح ۾، وير نه وسرن وير

آهي اندر منجهه اڪير، مونکي ماروئڙن جي.

٤-

مارو مر ڀريل سڀ، تنهنجا مٽ مڙيئي

رلن رڻ ۾ رات ڏينهن، سٽون ڏيو سيئي

ان نه اٿن آجڪو، آهن سڃا سڀيئي

تون وساري ڇڏ انهن کي، ڏاڍو ڏڍ ڏيئي

پوءِ هيءُ هتيئي، ملڪ مڙيئي تنهنجو.

٥-

ملڪ مير تنهنجو، ڀانيان ڀينگ سڃ ٿي

تنهنجا ڳوٺ، قلعا ڪوٽ، ڀانيان روهه رڃ ٿي

اڇيون ڳاڙهيون، تنهنجون ماڙيون، ڀرن شال ڀڃ ٿي

تنهنجا ساٿي، گهوڙا هاٿي، مرن شال مڃ ٿي

مونکي آهي اندر اڃ ٿي، سڪ سنگهارن جيءَ سندي.

٦-

منهنجا ماڻهو، کائين ڏاڙهون، ڇليو انب انار  ٿا

تنهنجا ڍاٽي، کائين پاٽي، ٻاجهري جوار ٿا

منهنجا لشڪر، شير شڪر، پين منجهه پيار ٿا

ڍاٽي جهڻيون، پين گهڻيون، پارو ٿيون پنهوار ٿا

سڪن سي سنگهار ٿا، ميون لاءِ مارئي!

٧-

تنهنجا انب، ڀانيان ڏنڀ، ڏکن جا ڏهڪار ٿي

تنهنجا ڪيلا، رت ريلا، ڀانيان سڀ آزار ٿي

منجهان ٿر، مونکي عمر، اچي بوءِ بهار ٿي

ساريو سيڻ، کنڀيون کيڻ، ڪريان آءُ ڪوڪار ٿي

منهنجو حال، ٿيو بيحال، ڌڻارن کان ڌار ٿي

ساريان آءُ سنگهار ٿي، مونکي جهوري جهانگيڙن جي.

٨-

چئي: ملڪ منهنجو، آهي تنهنجو، سرهي ٿي گذار

ميوا مٺا، جي تو نه ڏٺا، سي کاءُ انب انار

ٻارهين ماهه، هتي وهواهه، ڀوري آهه بهار

وليون ٻوٽا، ڏين جهوٽا، چمڪيو چوڌار

ونگا وؤڻ، چؤنرا چؤنڻ، نانگيلون نروار

نڀو نيٺ، ڪيسو ڪويٽ، ڪلهٽيون ڪچنار

چندر چانهه، ڪرنگهه ڪانهه، ڪيوڙا پٽ ڪنوار

ڄمون ڄام، جيرا جام، ٽالهيون ٽاڪار

بيهه بٽاٽا، ٿين گهاٽا، ترنج، توريون توت تار

ٿوم بصر، ٿين اڪثر، دالچينيون تهان ڌار

سڻي سينور، سائون ساٿر، هريڙون هزار

سرو سمن، سنبل سوسن، سجاتا سنڀار

ڏونڪ، ڏير ۽ پنير، گولاڙا گلزار

پان پيها، چيل چيها، چترڪون چوڌار

مٽر چڻا، ٿين گهڻا، مسوريون موچار

ٽنج ٽانگر، گوماندر، ستگلا ساڳ سار

عود عناب، گل گلاب، تن جو تاب زوردار

موريون ميٽ، ٿين کيٽ، هالپا هڪوار

سائي ڇٻر، ڀلي ڀتر، بنفشا بسيار

السيون اڪڙ، بيحد، بڙ، چوڪن جو چمڪار

اٺ ڪپور، ٿين زور، ميڻ تتي موچار

اهڙا حال، آهن ڀال، عمر ڪوٽ جي آڌار

ڇڏي هٺ، چوڻ وٺ، مارئي مڻيادار!

آهي سماچار، اڳيان تنهنجي ايترو.

٩-

اهي کيڻ، ڀانيان ويڻ، تنهنجا ميوا آءُ مردار

ملڪ ملير، سندي هير، وسري نه ڪنهن وار

وٺو ٿر، لٿو ڏر، سرها ٿيا سنگهار

پڪا ڀرٽ، مکڻيون مرٽ، گولاڙا گوار

مگها ميها، ٿر ۾ ٿيا، للر ۽ ليار

ٻائر ٻير، سندي جهير، ماري ٿي موچار

پسيون ڏؤنر، چڀڙ چؤنرا، ڪرڙيون ۽ جوار

ڌونرا کٽا، کير وٽا، ڀريو پين ٿا پنهوار

ان جي اڪير، ماريس مير، اندر آهه آزار

ساريو سنگهار، پرين پنهوار، روئان زارو زار

دل تي غم غبار، مونکي ماروئڙن جا.

١٠-

ملان ماروئڙن کي، آءُ ڏسان ڌڻ ڌڻار

ستي ويٺي ساريان، ٻڪراريون ٻڪرار

آهن منهنجي اندر ۾، مارو سي منٺار

آسائتي آهيان، پسان شال پنهوار

ويٺي واٽون نهاريان، ڪڏهن ڪرم ڪندو ڪلتار

ڪڏهن وينديس ويڙهه ۾، لهندا غم غبار

ڪڏهن ڇٽنديس قيد مان، ڏسنديس ملڪ ملار

ڪڏهن ڏسنديس اکين سان، دڙن مٿي ڌنار

ڪڏهن گڏبيس جيڏئين، ويندا ڏنجهه ڏهڪا،

اٿي ويٺي اوڏهين، کڻيو نظر ڪريان نهار

ڌنارن کان ڌار، منهنجو من منجهي پيو ماڙين ۾.

١١-

من منجهي بيو ماڙين ۾، ڏسي ڪنگرا ڪوٽ

لڳين باهه اوچتي، ٻري ٿين ٻوٽ

ٿين ميدان ملڪ سڀ، آڙ نه رهي اوٽ

ڀڃي نڪران بند مان، وڃي ڏسان سڳا سؤٽ

پهچان وڃي پائر ۾، چڙهي هڪڙيءَ چوٽ

کاهڙ پوي نه کوٽ، عمرڪوٽ اولون ٿئي.

١٢-

عمرڪوٽ اولون ٿئي، جتي ناهي ساٿ سڌير

آهن اباڻن لئي، زحمت جا زنجير

هڪ اونداهي اوجهرو، ٻي سختي جهڙي سير

منهنجي لاءِ ڪر موت آهه، آهيان جت اسير

آجي ڪر امير! ته جيئري گڏجان جيڏئين.

١٣-

جيئري گڏجان جيڏيين، ڏسان ملڪ موهر

جتي موجون منڊل ٿيا، بَرسيا آب ابر

ترايون ڪل تار ٿيون، ڀريا ڏرڙ ڏهر

سک سرهايون ساڻيهه ۾، ٿيا ان اپر

سٻاجهي ڌڻي ٻاجهه سان، ڪئي مارن تي مهر

ويا ڏهڪاءَ ڏور ٿي، خوشيون ٿيون گهر گهر

مارو مارن مليا، واري اچي ولر

ويو وڇوڙو وچ مان، گوندر ڪري گذر

”طالب“ مليا تڪڙا، جن کي حب هئي هيڪر

گوڏو گوڏي سان ڏيئي، ويهي اوريائون حال اندر

ڪلمي جي آڌار، سڀين پرين سک ٿيا.

 

 

جهنڊو کمالاڻي

 

        ]جهنڊو ذات کوسو، پاڙو کمالاڻي، بَند ويرو تعلقي ڪوٽڙي جو ويٺل هو. سيلاني سگهڙ هو. سڄيءَ سنڌ ۾ گهمندي ڦرندي بيت چيائين. سنه ١٩٤٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

مارئي

١-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڀاڻ ڀريون

ڌوٿي وڃن ڏٿ کي، جهليو اڏ ٿريون

آڻين چونڊيو چاهه مان، ڦوڳيون، ڦل، ڦريون

ورائين ويڙهين ۾، ڏيو بُل بَريون

جهٽڪا ڏين، جهنڊو چئي، جهنگن ۾ جهريون

سڙي منهنجي سور ۾، ٿيون چوڙيليون چريون

پنهوارن پريون، مونهان پوءِ مٽيون.

٢-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ سارو عيال

ڏينهان وڃن ڏٿ کي، راتيان چارين مال

ماروئڙا ملير ۾، خوشيون ڪن خوشحال

ٽلن ٿيون ٽوڀن تي، چوڙيليون سان چال

رهن ريلن ڪنڌئين، اڏيو جهوپا جال

نڪو تڏو تن وٽ، نڪو پڙڇ نه پال

جهانگيڙا، جهنڊو چئي، آهن انهيءَ ننگ نهال

ڀٽن مٿي ڀال، مارو رهن موهر ۾.

 

٣-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ پيرون پاڪ

ويهن ويڙهين پاس اچيو، ڏيو ٽارا ٽاڪ

کائين کاڌو، سڱر سادو، رهن چڱا ڀلا چاق

آهي اڏڻ ۽ اوڍڻ ۾، ڌڻارن جي ڌاڪ

آهن سانگي سڀئي سياڻا، هو پلر جا پياڪ

رهن ڀٽن ڀر تي، هو ٿر ۾ ٺاهيو ٿاڪ

جهنگن ۾، جهنڊو چئي، هو اڏين اوطاق

ڪن ٿا وڏي قرب مان، آراڙيءَ جي آڪ

هو کٽن جا هيراڪ، شوق نه رکن شربت جو.

٤-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڪن اوڇڻ

آهي اباڻن جو اتهين، ڀٽون سڀ بوڇڻ

ويهن وڃيو واريءَ تي، ريلن ڪن رهاڻ

ڄاڻن ڪين ڄام! هو سوڙين ۾ سمهڻ

آهي ڌنڌو ان جو، پهن سان پهرڻ

بَرين ساڻ ڀٽن ۾، چوٽين تي چڙهڻ

جهنگن اندر، جهنڊو چئي، ڍاڻيون ڪري ڍرڻ

ان پر اٿڻ ويهڻ، آهي اباڻن جو اتهين.

٥-

اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ کنڀين کوڙ

آڻيو چاڙهين چاهه مان، ٻاٻاڻا هو ٻوڙ

کوٽيو آڻين خوشيءَ مان، ڀٽن مان ڀون ڦوڙ

جهانگين سندا، جهنڊو چئي، آهن جهنگن اندر جوڙ

چونڊيو ڦل ڦوڳن جا، هو مڙيو ٺاهين موڙ

ڪن وڻن اندر وؤڙ، پهن سان پائر ۾.

 

 

حاجي ننهنجو مهر

 

        ]شاعر حاجي ذات مهر، پاڙو ننهنجو. هڏ واري تعلقي نوشهري جو ويٺل هو. سنه ١٩٤٠ع ڌاري ٩٠ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. ٻي هڪ روايت موجب پير صاحب شهيد، حج ڪري آيو، ان جي ٻئي سال گذاريائين. راوي ڪريم مهر کيس ٢٥، ٣٠ سال اڳ ڏٺو هو ۽ وٽانئس ٻه بيت ياد ڪيائين. حاجي ننهنجي جو ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.[

 

مارئي

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو مالڪ آ ملڪن

آندائين عمرڪوٽ ۾ هيءَ نماڻي نيلن

هن جو قادر قيد ڪٽي، ساڻ ملي مارن

وٺا مينهن ملير تي، گاج ٻڌي گاهن

ڦير ڦري ڦوڳي ٿي، ڏيهه وٺو ڏؤنرن

پپون، پيرون پاند ۾، کنڀيون خوش کاون

ڌڪڙي، ڌامڻ ديس تي، ڀڪڙو، ڀرٽ ڀٽن

کير، کيراول، مڪ، مانڌاڻي، ٻور جهليا ٻوهن

لنب، لاٺيو، سرهل، سنين، ٽؤنگ ڀريا ٽوهن

ڇپري، ڀنگري، ڪڙو، سناؤڙي، هلڙو حاضر ڪن

سڻ ساماڻي، هزار داڻي، ۽ ڳهلي گنڍيرن

 

 

موڃهه، منڍيري ملڪ تي، ٿا هرڻ گاهه چرن

ننداول وڻين چڙهي، چڳ ويڪر چؤنرن

ميها ٿيا ماڳن تي، ۽ چڀڙ چوپا ڪن

کسڙو، کرسڻ، ٻرو، ٻانور، لهڙيو لاڏ ڀرجن

اڪ، ڪجڙ، ڪرينهن، کپ خوشحاليون ڪن

ٿر ۾ ٿوڪ پچي پيا، مهر چوي ماڳن

ساجهر ٻيٽا، ڇوڙن گهيٽا، گهمن پاس گهرن

لکين ڇوڙين ڇڏيا، ٻڪر ٻاٻاڻن

چانهان، چهرا، ڪرڙا، ڪٻرا، لهرا منجهه لڪن

ملهڻا منگراهان، ٻهون ٻولاها، نيرا ڪارن سان قربن

خاصا کيڙا، لکين ليڙا، برڙا منجهه برن

ڪجرا ڪاهي ڇڏيئون، پٽيرا پرجهن

چاريا پئي چوگان ۾، ڪري ولر ويڙهيچن

پيارا هئا پريت مؤن، ڪري ساڳا سنگهارن

سانجهي ويل صبوح کي، اچي سنڀاريا سڄڻن

ڏٿ اباڻي ڏيهه جو، پنهواريون پرجهن

لکين لويڙهاريون، قوت تهين مؤن ڪن

مان سرتيون ملهير ۾ رمي راند رهن

هينيڙي کي، حاجي چئي، سلهاڙيو سيڻن

ننهنجو چئي نيڻن، سڀڪنهن مهاڙ ملير ڏي.

 

سارنگ

 

ساراهيام سچو ڌڻي، پت رکين پرور

ڀريون ڀانيان ڀڳلاهه ۾، قبلي منجهه ڪڪر

آئي موج مهراڻ کي، جال وهايائين جر

تکي سير سمونڊ جي، ڇير ڪري ڇمڪر

رکيئين ڀيڙ ڀڳلاهه تي، ٿاڌل ڪيئين ٿر

سارنگ سنبهي آئيو، چوڪنڊيو چوڌر

رکيئين لوڏ لمي تي، ڪيئين مٺڙي سان مور

ڪيئين ٽڪاڻا ٽوري تي، هرنولي حاضر

تڙ ڪانڊيري جي کؤن تاءُ ڪيائين تڪبر

رکيئين ٻاجهه ٻنڌلي تي، سنڌ وٺي سرور

راهه پڇائي ريڻي جا، ڏوريائين ڏونگر

مٺڙائو جي مڏ کؤن، لنگهيا ٽاڻي ساڻ ٽڪر

ڇمر ڇٽڪي ڇوهه منجهؤن، لنگهي ثابت مؤن سکر

نوين پئي ناري سان، ڀريئين ڪوٽ عمر

گاهن گلزاريون ڪيون، سائو ٿيام سر

مينهن ماڏاڻا ڪيا، هلبا ڪاف ڪڪر

رکيئين تڪ تڻوٽ تي، مينهن ڇاٽ ڇپر

هل به ڪيئن هاڏي تي، ڏهڪايئين ڏانور

رکيئين خاص کاڏار تي، نانو ٻجهي نهور

پر ڀريائين پالي جي، اڏيائين اوبَر

ٿيون وڄون جيسرمير کؤن، بوند وسايئين بَر

مهر منڊاهو تڙ تي، وڌئين واسڻپي کي ور

مرڪي موهن ڳڙهه تي، گوڙين وڌا ها گهر

نوين پئي نهڙائي کؤن ڪيئين پيل پسر

نڪري نئين ڪوٽ کؤن اهل ڪيئين اوسر

ورتئين واٽ وڄڻوٺ جي پاڻي پاڪ پلر

ڪئي هئين ڪاهه ڪڇي تي، ڏٺئين ڏيراور

چمڪي کنوڻ چيٽانگهه ۾، جهيڻ وٺي جهانور

آهڙ منجهه اٺائيو واهه ڪنبيري ڪر

ڪري ڌوڪر درياه جان، ڪڏڻ ڪن ڪپر

ڇا هن لاڏ لکي جا، ديهن مٿي ڌمچر

وڄي گوڙ گري جي ساز نغارو نر

ڦلجي مؤن ڦيرو ڏئي، ميهڙ منجهان مقرر

فاضل واه فتح سان وهي، جيئن ڪونج سنڀائي ڪر

آدم واه گهڻو وڄي، ڪري دؤڙ منجهان ڌڌ ڪر

سوزل گهڻو سير سڌاڻو جيئن لاٽ ٻڌي لشڪر

اسري اڍوجي کؤن، ڪوڙيون ڇڏيائين ڪلر

ڪيا هئين گاهه گنجي تي، ويءَ چنيائين ور

خواجي کاما کوڙيون، لڳي موڪه مشر

پاڻي پيو پوهه ۾، ڏئي لنڊي ۾ للهڪر

ڪڙمين ٻڌا ڪوڏ مؤن، حاجي چوي هر

ويا ڏولاوا ڏيهه منجهان، ”مهر“ چوي مور

تون هي مير مديني جو، سيد شاه سڀر

پوءِ نبي نوراني نر، ڪج احسان امت تي.

 

رکيل شاهه

 

        ]رکيل شاهه، علائقي گندا واهه (قلات، بلوچستان) جي ڳوٺ فتح پور جو ويٺل هو. ٤٢-١٨٤٣ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان صوفي طريقي ڏانهن لاڙو هوس. شاهه عنايت الله جهوڪ واري جو مريد هو. اڪٽر پنڌئي پنڌ جهوڪ ويندو هو. سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون مشهور آهن. سندس ڪلام ”بحرالعشق“ جي نالي سان ڇپيل آهي. ٩٧-٩٨ ورهين جي عمر ۾ جون ١٩٤٠ع ۾ پنهنجي ڳوٺ وفات ڪيائين، جتي هر سال ٧ ربيع الثاني تي ميڙو لڳندو آهي. سندس هيٺيان بيت ”بحر العشق“ تان ورتل آهن.[

 

سلوڪ

١-

موليٰ جي محبت جو، سامين وهايو سور

اندر ۾ اڙاهه عشق جو، ٻريو مچ ضرور

”موتوا قبل انت موتوا“ مرڻ ڪيائون منظور

مراقبي مجاهدي منجهه، معلوم ٿين مذڪور

دم دم درد فراق جو، پلپل پين پور

هردو تن حضور، ته ”رکيل“ پرين لڌائون پاڻ ۾.

٢-

نفس بخش ٿو طلب ڪري، خورش چڱي خوراڪ

ڍاپڻ کؤن ڍؤ نه باسي، اٿس سنجهه صباحين ٻاڪ

خواهش کڻي خراب ڪيو، بڪوا هڻي ٿو باڪ

زيب، زينت، فخر، وڏائي، چوي خوب ڪيان پوشاڪ

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، گهري ٿو ملڪ وڏا املاڪ

جن سڃاتو ربّ کي، سي عاشق ٿيا عشاق

رهه رکيل، منجهه فراق، ٻيون واريون سڀ وسارتون

٣-

علم سڃاتو عارفن، هڪڙو حرف پڙهي

نانهه ڪيائون ناسوت اهي، ڏيئي ترت تڙي

ڏکيو پنڌ جبروت جو، اتي جوڳين جان جڙي

محبت جي ملڪوت ۾، ذڪر گهٽ نه ڪن گهڙي

لنگهي لاهوت لامڪان، ڏٺائون هرجاءِ هڪ ڌڻي

تن ڳجهه ۾ ڳالهه ڳڻي، شاهه رکيل، عاشقن معشوق جي.

 

 

سونهارو مانجهند

 

        ]سونهارو فقير مانجهند، پاڙو ورياڻي، ويٺل مانجهند ضلعو دادو، سنه ١٩٤٢ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

ست سرو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو مالڪ آهي ملڪن

عجب رنگ الله جا، ٿا ڏهاڙي ڏسجن

سسئي ستي هئي سيج تي، نهوڙي نشن

تنهن کان سنجهي ساٿ کڻي ويا، ڏاڍي ڪئي ڏيرن

پير کڻي پئي پٻ ۾، بچي شال بَدن

سهڻي گهڙي سير ۾، کنئي عشق جي اولانبن [1]

ماهي ڏينهن محشر جي، شل اوڏو ٿئي اکين

مومل ڪارڻ مينڌري، پئي رلي منجهه رندن

ماڻهو اماڻيائين ميڙ ڪري، جا مرادي منجهن

ڪيئن پئي سوڍي سون لٽيا، ڏيئي پانڌيڙن

پر راڻو ريڌو ڪينڪي، جا ڪچيءَ پئه هئي ڪن

دل ۾ دوست ميهار جا، دونهان روز دکن

ليليٰ خاطر مجنون، وڪوڙيو ولين

بيٺي سڪي بنڊ ٿيو، اتي پيا آهيرا اڏجن

واٽون ڦلن ڇانئيون، پوءِ گس لٽيا گاهن

 

 

 

سڄڻ ايندم سانگ ڪري، موٽي مان ملن

بديعل تنهنجي باغ ۾، هئا پڙ وال پرن[2]

ملڪان ماڻهو موڪليو، عاشق مان اچن

سيفل سعد وزير کي، وڌو وڇوڙو ورهين

اهي سڄڻ، سونهارو چئي، موٽي مان ملن

ڪلمون ڪؤڙ پڙهن، مٺي محمد مير کي.

 

يوسف موندرو

 

        ]يوسف پٽ جمال موندرو، ’کارڙي ناڪي‘ لس ٻيلي جو ويٺل هو. جوانيءَ ۾ اٺيون چاريندو هو. هڪ ٻه بيت چيائين، جنهن تي قاضي چيس ته قرآن شريف پڙهه ان بعد ٿوري ئي وقت ۾ قرآن شريف پڙهي پڄايائين. بيت تمام گهڻا چيائين. ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءَ، لس ٻيلي جي ننڍن شاعرن ۾ وڏو شاعر هو. ٣٥ ورهين جي ڄما ۾، سنه ١٩٤٣ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪافي بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ ڇپل آهن. هيٺ ڏنل بيتن مان ”سسئي“ ۽ ”مارئي“ جا بيت اڳ شايع ٿيل ناهن.[

 

سسئي

١-

ڪير ٻانڀڻ ڪٿ ٻروچ، ڪيئن سي محب ملياس

لکئي لوح محفوظ جي، وڃي ڏنگر ڏيکارياس

انگ اصل کؤن ائين لکيو هو، پوءِ پرتئون پيچ پياس

سچي محبت دوست جي، رڱ رچي ڪئي راس

ايڏا قرب ڪيچ ڌڻيءَ سين، يڪدل يقينياس

هينئڙي هيرون ساريون، روح منجهه رمز رهياس

اکين اڃ عجيب جي، تن ۾ تؤنس پياس

نيزا نازڪ نينهن جا، کنؤ لنو منجهه لڳياس

 

 

 

وهه ۾ واڍوڙي پر جي، ايڏا عمل اٿياس [3]

دردن ديرا دل ۾، فڪر فاقيراس

اندر ڦٽ فراق جا، چاڪن چاڪ چيرياس

سا چري، چانپي هلي، من ۾ مداماس [4]

جت مسافر، جو سب چئي، سيئي سيڻ سنداس

ساجي پورهيت ٻانهي پاڻ سين، وٺي ڏير وياس

ته هت هت هوت ٻروچ سين، هوند سوين سهنج سرياس

ڦور، هڱور، هور، وطن ويجها هئاس [5]

قسمت ڇڪ ڪياس، پوءِ براهمڻ پهه پيا.

٢-

ڀيڻون! شهر ڀنڀور ۾، اهڙا ڪيچي آيا ڪين

هتان اچن سو مسافر سافرو، پر اهڙي صورت سي نه

اهڙيءَ جوڙ، جو سب چئي، هت آيا اٺ اڳي نه

سي سڃاڻي مون سهي ڪيا، اوٺي اڻ ڏٺين

پنهون ڀائر پاڻ ۾، هئا سرها خوش سڀين

دست چميو دوستن جا، قربئون ڪوٺيو نين

حرصان هنڌ وڇائيو، اوطاقين آڻين

گهوٽيا سي گلمن تي، وٺيو ويهارين

تهديليان تنين کي، ٿو دوست دلاسا ڏئين

طرحين طعام تيار ڪريو، خوشيان کارائين

 

 

 

مان ڀي خذمت منجهه کڙي ٿيس، ويهي پاڻ وٽين

سي ٿا ڪن لذيتون ۽ نعمتون، سرها ڏينهن سڄين

قربانيون ڪيچين تان، صدقي نام سندين

گهورياس مون گهر آئيا، اچي محب مليا مون ڪين

سي ٿا ڪن ملاقيون محبتون، سرها ڏينهن سڄين

رات پچارون پنڌ جون، پلپل پور اچين

ڪا جا مدي ڏيرن من ۾، ڏمر روز ڏاڍين

سي نشو ڏيئي نڱيا، رميا راهه مٿين

پيالو مون پريٽ کي، جتين ڏنو جي نه

ته ڪيوم ڪشالو ڪيچ ڏانهن، سڳر هوند ساڻين

الله مان آڻين، وري ٻاروچا ڀنڀور ۾.

٣-

ڪٿي هوندم هير، جي جاني سريا جيءَ

ڏوريان ڏسان ڪونه ڪو، تن جي شان شبيهه

جدائيءَ جي، جوسب چئي، ٻولي نه ڦيريان ٻيءَ

هيءَ پريت پراڻي نه ٿئي، جي کڻي ورهيه لڳن ويهه

تن جي توهه تڳان ٿي، جر شڪر اچڻا آهن سپرين.

٤-

ٻروچ ٻيا به گهڻا، پر جتين جوڙ نه ڪو

سر مورو ساڳين ڌڻي، هو ساجن سڀني جو

ڌڻي ڌڻي دوست ڪيو، پنهنجو پيارو

دليان دوست نه وساري، مونکي وسان وڻجارو

آءُ به ڏوريان ڏسان ڪونه ڪو، تهڙو ٻاروچل ٻيو

انهين جوڙ، جو سب چئي، سو مونکي پنهنجو پسڻ پيو

صحيح سلامت سو، شل ڏسان آرياڻي اکين سان.

٥-

ٻروچ ٻيا به گهڻا، پر جتين جوڙ نه ڪا

هيءَ ٿي پرٽ پڇائي جن لاءِ، سي ڪهڙيءَ واٽ ويا

رڙهي راهه انهيءَ ڏي، مون سي پانڌي پسڻ پيا

يا ربّ ملاءِ، يوسف چئي، جتي جانب جاءِ

*پاڙو سو پساءِ، مونکي الله آريءَ ڄام جو

٦-

ٻيلي ٻروچ جن جو، وارث وسيلو

آري ڄام اڳوار ٿي، هو سڀني سونهن ٿيو

ساٿ سڄو سبب تنهن جي، کڻي مالڪ معافي ڪيو

سي پنڌ پوئياڻي ڪينڪي، تن سولو لڪ لنگهيو [6]

پرڀايان منهنجو پنهونءَ سين، هو انجام آخر جو

سو ويهي ڪيئن وساريان، جو سنگت سا کاتو

جهڙي همت غريبان حال همارو، تيئن آءُ وس ڪندياس واڪو

پرڀيڻيو! شهر ڀنڀور ۾، مونکي وهڻ ورهه ٿيو

آءُ ڪنهن ڪل ٽڪندي ڪينڪي، جنهن

مون سين هيڏو هيج ڪيو

”جف القلم بماهو ڪائن“ ڄاڻ ته اصل ائين لکيو

جيئن لکيو تيئن پارڻو، صحيح سرتيرن سو

پر آءُ جي نه ڄائي ته نه سئو، منهنجو ڪچو ڪيچين ڪو

هاڻي بخت کان ٿي ڀانيان، ٻيو ڪهڙو ڏيرن ڏوهه

جيڪر جاڳي، جو سب چئي، مون پنهنجو جانب جاد ڪيو

ته هوت حياتي هر دم، هوند مون وٽان ڪين ويو

 

 

 

پر آءُ ناحق غافل ننڊون ڪيان، مون ويهي وساريو

جن ڏٺو، تن نه وسري، جلوو جانيءَ جو

سو ڪرمن ملندو ڪن کي، هاڻي ٻيهر ٻاروچو

هوت مون وٽ هو، پر سڌ نه پييم سرتيون.

٧-

جيڪو پييم سڌ سرتيون، هوند نه ڪيوم هئين

جاڳي جهليم جت کي، هوند نيهر پائي نينهن

خذمت منجهه کڙي ابيٺياس، منهنجو جانب سرچي جيئن

ساکون، سخن واعدا، هاڻي قول وساريان ڪيئن

جيئن مونکي محب ملڻ جو، آهي ڏنو آخر ڏينهن

سو ڪنهن ڪل پاريان، ڪين وساريان،

منهنجو عهد پريان سين ائين

هي سڀ جبل جهوري ڏونگر ڏوري، وينديس پار پرينءَ

ڪهه منجهه ڪامڻ، بر براهمڻ، ٿوڀ ٿڪل کي ڏئين

تنهن رامڻ رند پريان جي، ٿي منڌ وسايا مينهن

لٿاس گوندر گم گمينهن، جنهن سا ٻاروچي ٻاجهون ڪيون.

 

مارئي*

 

وٺا مينهن ملير تي، وسي پيو وسن

سانگين وئڙا سپرين، سي الله شال اچن

حاڪم جي حڪم جو، ڪونهي اهنڊو ان

سي مارو ٿر ملير ۾، بيفڪرا ڀوڻن

سي سٻر سانبي سومرا، سيل کي سڃاڻن

مون جهڙي مشتاق جي، من پرين پڇا ڪن

قيد ورهايو ڪين ٿي، اڳي به اشرفن

راڄا! تون راضي ٿي، من ڪا مهر پويئي من

ڇوڙي ڇڏ غريب کي، تو جا جهلي جنجيرن

محل اڏائين، ماڙيون منڊائين، آءُ تن ڪوهه ڪندي ڪوٽن

هنڌ وڇائين، کٽون پائين، آ٥ تن ويهان نه تختن

سون نه گهرجيم سومرا، تنهنجون ٻانهيون وجهان ٻن

گج، پٽ، زريون، بخمل بافتا، سوين ننگ سڙن

پر آءُ هڏ نه اوڇان انگ تي، هڪ لوئي ري لڱن

ست رڇي منجهه سومرا، توجي نه کنيان طعامن
ڏٿ ڏؤنرا اسان جو، سي پيرون شال پچن

ٻر، ڪونر، ٻير، ڳاڱا، اهو گذر غريبن [7]

چوڻديو آڻين، مزا ماڻين، قوت تنين مان ڪن

سي پنهور ٻيٽيون، پکن ويٺيون، وڳر منجهه وهسن

مڃٺ مينديون، چونڊڻ وينديون، تن وٽ لويون لاک وچن

کٿيون کيس، چڱا ويس، سادو رنگ سندن

منکڻ ماشا، اوڇين خاشا، سي پيون لوئيءَ منجهه لٽڪن[8]

پٽر پايو، ويهن وڇايو، اوڍر اوڍيا ان

سي پهريون پنهواريون، هردم هوشياريون، ٻيٽيون ساڻ ٻڪرن

سي ڦر ڦيرين، تور تنوارين، گهميو ساڻ گهٽين

سي حرصان هليون، ڪنهن نا پليون، ڪرت موچاري ڪن

اچن اوريو، ڪن پورهيو، اهو سونڪو ساهيڙين

سي قوت ڪريو، ڪانبا ڀريو، ڏوريو ڏٿ اچن

سي پاڙي واريون، ڀريو پاريون، کير ولوڙيو کڻن

وائي سائي، وات اهائي، وسان نه مون وسرن

ستي رات، تن منجهه تات، ساريان سڀڪنهن ساٿ سپرين

ڀائي شير، ڪياءِ انڌير، آهيانءِ ڀيڻ، ڪرم

ويڻ، ميان م ڀلج من

سمجهه سڄاڻ، پروڙج پاڻ، ڇوڙ اماڻ، وڃي ٿان سڳر سيالن

عمر ميان! جان سين جيان، توبهه ڪريان،

فتويٰ نه ڀريان، ڏسي تنهنجا دنيا دولتون ڌن

تنهن تان لاءِ جنجير، جو سب چئي، مان وڃي پهچان پنهوارن

مون ڏانهن ماروئڙن، ٻيا ڀي سو سنيهڙا چائيا.

 

مومل راڻو

١-

آيو ڪامل ڪاڪ تي، دلبر ڌوڪاري

عاشق ويل اچڻ جي، سا ٽيم هليو ٽاري

تيلانهن مون ڀيڻ سمهاري ڀرسان، اديون اوتاري

سو ڄاڻان راڻو ريب ڏسي ويو، در تان ديداري
پوءِ بديون طعنابي انصاف جا، مون تي ور رکيا واري

مونکي ڪا ڪل پيئي ڪانڪا، ته ڪو هيئن

ٿو لکيو ليچاري

سو سوڍو سک وٺي ويو، ڏيئي ڏيکاري

سو وارث ولهيءَ ڪاڪ کي، من اچي اجاري

ٿئن اها اپاري، هاڻي کڻي معافي ڏئينم مينڌرا!

٢-

ماڳ ساريو مومل، پئي راڻي لاءِ ريهون ڪري

سان ڌهه ڌهه ڀيرا ڏينهن ۾، ٿي ڪري سڏ سوڍل

ڪرهو واري ڪاڪ تي، سگهو موٽين شل!

مون گهر توسان مينڌرا، ڪا ڇندي موچاري محفل

سي يار گڏبا، يوسف چئي، مهندان مقابل

تتي پوندئي ڪل، جتي خان پڇندئي خبرون.

 

سهڻي

١-

سڪي سڱ ڪيوم، لڪي ڪنبي لوڪ کان

سنگت سپرين جو، اپر مٺو ٿيوم

محبت هنيون مست ڪري، ناز پريان جي نيوم

دوست دلاسو دلبر دل جو، وچن ڏيئي ويوم

سرتيون ساءِ ميهار جي، ڪڏهن ڪونه ٿيوم

تنهن مبارڪيون محبوب جون، روز ڏيهاڙي ڏيوم

”جوسب“ جدائي نه ٿئي، جنين سين پيوم

ٿي منع مٺيين ڀانئيان، نه ته ڏم ڏيهاڙي چيوم

ريڌو روح نه ٽڪي، جو نازڪ نينهن لڳوم

هميشائي هوم، سنگت ساهڙ ڄام سين.

٢-

سنگت ساهڙ ڄام سين، لنؤ لنؤ لڳيم لام

پلپل پرو پراڙ جو، من منجهه روز مدام

دلبر دوست ميهار جون، آهن پڪارون پيغام

هوت بنان منڌ هيڪلي، ڪير هلندي ڪام

ڪاري رات، ڪچو گهڙو، جت جر وهي ٿو جام

تکي سير سمونڊ جي، اتي رسج وير وريام

آءُ پهچان مان پراڙ کي، وڃي عاشق جي انجام

مون سين ميهر ڄام! ڪو ٻهڳڻ ڪجئين ٻيلپو.

ڪاپائتي

١-

ستياس سنجهي ئي، اورڻ اٿياس ئي ڪينڪي

مون ولهيءَ وساري ڇڏيو، وکر سو ويهي

ڪوڙيءَ ڪتو ڪينڪي، ارٽ اڳيئي

هو آڌيءَ اسور اٿيون، هيون سرتيون سڀيئي

آءُ ”جوسب“ جاڳيس ڪينڪي، رات وهامي ويئي

آرٽ ڪتيان ٿي اڀرو، پرهه ڦٽيءَ پيئي

مالڪ مڙيئي، شل منهنجو اڻ تريوئي اگهائيي.

٢-

اڻ تريوئي اگهائيندو، شل پورهيو پورهيت جو

سنجهي سر پر من ۾، مونکي سعيو هئو سو

اورڻ وقت آڌيءَ جو، مون ولهيءَ ڪنان ويو

هئي! جاڳي هٿ هنيوم ته جو پس ڪم ڪمينيءَ ڪيو

اڇنديئي اسور جو، مون ارٽ آندو هو

ڪريان ڪاپو، ڪبنان گهڻو، مونکي تنهنجو تاڳاتو

ڪتي ڪتبو ڪيترو، پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ

اتڻ البت ايترو، آ ٿورو گهڻو ٿيو

سوئي صاب پيو، جو هن آڄاڻنديءَ اوريو.

 

 

سليمان فقير

 

        ]سليمان پٽ محراب ڪورائي، ويٺل ڳوٺ ٻڍو خان ۽ شاهو خان ڪورائي، تعلقو سامارو. اصل ڳوٺ صوفي فقير کي ويجهو ٻن ميلن جي پنڌ تي ويٺل هو. سنه ١٨٣٠ع ۾ ڄائو. سليمان فقير جون ڪچهريون محمد عالم ڏيرو ڀٽ وارو، جيوڻ نون، منٺار فقير راڄڙ، پير فضل علي شاهه ساڱري وارو ۽ محمد فقير کٽياڻ سان ٿينديون هيون. فضل علي شاهه وٽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ان وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه هئي. سنه ١٩٤٥ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

مارئي

١-

الا! انهين ميڙئين، مونکي هتون نيئي هت

مويا سر ملير ۾، اهن جيڏين جائي جت

آءُ ٿي لکيو لوڙيان، جي ڪچا ڪيم ڪرت

عمر هت اولون ڪيس، ٻي سور وڃايم سرت

ماڙين تي نه مٽيان، پکن جي پرت

روئڻ ۾ راحت، آهي ساڻيهه جي، سليمان چئي.

٢-

اگهاڙا عالم ۾ جنين ڀانيو پاڻ

نهاريائين نڪتو، علم جا اهڃاڻ

ڀانيائون سڀ ڀلايا، هوڻ اچي هاڻ

هٿ هڻي هاريائون، سندا محبت ماڻ

ارڪان جي ابليس جا، سي ”سليمان“ سڃاڻ

 

 

ڏکن جا ئي ڏاڻ، انهن وڌا اچي اوچتا.

٣-

انهن وڌا اچي اوچتا، سي باري آهن بند

ظاهر وڌئي زيل ۾، قابو ساڻ ڪمند

مرڪ نه ماروئڙن جو، هار، هندورا، هنڌ

سرندي کنيئي، سليمان چئي، هڻي سانگياڻي سنڌ

ڪيئن کڻندين ڪنڌ، ڪامل ڏينهن قيام جي.

٤-

سامهين ڪندئي، سليمان چئي، ات کارو ٿيندئي کير

پوندين وير وماس ۾، منجهه مونجهاري مير

توريندا ترتيب سان، عمل سي اڪثير

سڪ ري، سليمان چئي، ٿيا پڇاهان پير

جي فڪر ۾ فقير، لعلون تنين لوڏيون.

٥-

لعلون تنين لوڏيون، واقف سي وڻڪار

ميگهه مندائتو ٿو وسي، مينهن ناهي ميار

ولهيون ئي وڻن تي، ٽڙيو کڻن ٽار

ڪئين گل گولاڙا، چوڏسين چوڌار

پويو وجهن پنهواريون، حقيقت جا هار

تنين جي سونهن، سليمان چئي مونکي هئي طلب تنوار

وارث جو وڻڪار، سو موليٰ مونکي ميڙئين.

 

رامڪلي

١-

آءُ به آسڻ ان جو، مون به تنين جي مام

جاڳائي جوش کي، ڪهيائون ڪلام

دائم رکيائون دل تي، پهريون ئي پيغام

’ميم‘ ’الف‘ ان کي، ٿيوئي عين انعام

ان راز ۾ روپوش ٿيا، گودڙيا منجهه گام

اندر آديسين کي، رهيو آهي رام

چتان چرن ڪينڪي، ويٺي ئي وريام

جنگ پين ٿا جام، سورهيه انهي سوز جو.

٢-

سوز شناخت جن جي، اوج به اوڇڻ ان

اکر ڌاران هڪڙي، ٻيو پنو ڪين پڙهن

مدامي مهراڻ سان، غواصي گسن

وحدت جي وادي ۾، لنگهيو وير وڃن

جت مپ نه ملاحن جو، نڪو ڀيرو ڀن

اتي آديسين جي، لايو آر اکين

ڪاهيو ڏسن ڪن، پسڻ جو پاتار ۾.

٣-

پاتاران پر ٿي، ڪيائون ٻول ٻهر

اوتيائون عميق مان، بيخودي جو بحر

اتي آديسين کي، پيچ وڌو پرور

احد عقيدو ان کي، مشاهدو مظهر

’شرابا طهورا، ڪلالي ڪوثر

پياسي پر ٿيا، هٿان ئي حيدر

ڪيفي ڪيف ڪڪوريا، ساقي ٿين سرور

ظاهر منجهه زهر، پر منجهان ماکي جهڙو.

٤-

منجهان ماکي جهڙو، پياسي پيئن

پير مٿاهون پيچرو، وٺيو رند رمن

سنجهي سعيو تن جو، وچينءَ تان نه ويهن

آديسي آديس کي، انهيءَ رمز رسن

رونق ريٽي جهڙو، ڏوريو ڏيهه ڏسن

سامي، سليمان چئي، سونهان ٿا سجهن

ذاتي ذوق ذبح جو، وجد ويراڳين

مرڻا اڳي جي مئا، موت نه ماريو تن

جڳا جڳ جيئن، حال حياتي جن جو.

٥-

نر نظاري نينهن جي، پر ۾ ڪيا پئمال

محبتي ميدان ۾، ڪيائون قرب ڪمال

اتي آديسين کي، وسيو سڀ وصال

جوڳي ۽ جمال، ٿيا هيڪاندا هنگلاج ۾.

٦-

هيڪاندا هنگلاج ۾، نانگا ٿيائي نور

پڪ پدمن کان اڳري، پي ڪيائون پور

لڪايائون لوڪ ۾، فاقيرا فتور

ڪڏهن اڏين ڪينڪي، دائرا دستور

سگها ساعت نه هڪڙي، چارئي پهر چور

سک نه ستا ڪاپڙي، سدائين ۾ سور

روح پنهنجي رام کان، دم نه ڪيائون دور

سي سک، سليمان چئي، ڪيا محبتين منظور

اڌي ويل اسور، وڄائين وجود جا.

٧-

وڄائين وجود جا، ويهاڻيءَ ويهي

ڪسرت جا قرب جي، پلؤ تن پيئي

گونا گون گريبان ۾، پاڻ ويا پيهي

جت سهائي نه سوجهرو، جاءِ جذب جيهي

ٿي نرالا نانهه ۾، ڪئين گهڙيا ڪيئي

عشق جي اوڙاهه تي، واٽ جنين ويئي

اجهي ٻجهي آئيا، ”سليمان“ سيئي

ڳوليو ڏسن ڳهيلا، الک اهوئي

سڀان سڀيئي، پورب ٿيندا پڌرا.

٨-

پورب ٿيندا پڌرا، حضوري حسين

وجه ويراڳين جو، قرب ري ٻيو ڪين

جتي نه پائين جهان ۾، ظاهر مٿي زمين

سي شاهوڪار شوق جا، مظهر ۾ مسڪين

ريڌا ڪين رسم سان، دم جنين جو دين

اورانگهي عارف ويا، ”سليمان“ سجين

مجلسي موجود ٿيا، عاشق منجهه علين

اتي آديسين کي، آگي ڪيو آمين

باقي جن يقين، سي ويا وحدت گڏجي.

٩-

ويا وحدت گڏجي، طلب رکي تازي

پسڻ لاءِ پرين جي، بنايائون بازي

عاشق انهيءَ اکرين، رضا تي راضي

ڪاهي آيا ڪناري تي، غور ڪري غازي

آڏو نه آيو ان کي، ڪو راڱو روازي

ڏسي رمز رندن جي، ڪنبن ٿا قاضي

اڏامي ات ويا، جتي قبل ناهي ماضي

محڪم مزاجي، هئا شائق ان شڪار ۾.

١٠-

شائق ان شڪار ۾، ٿيا پاڙهيري پر

ڪانهي ڪاپڙين جي، ڌڻي ري ٻي ڌر

مهندان سي محبوبن جي، هسن نائي هر

اتي آديسين کي، گڏيو آهي گر

پڙهيو پروڙين پر ۾، دريافت جو در

”طالب الدنيا مخنث“، ڀيڙو ڪيائون نه ڀر

ثابت ڪري سر، ريجهايائون رام کي.

١١-

ريجهايائون رام کي، رات سڄي روئي

ڪانهي ڪاپڙين کي، دل مٿي دوئي

پاڻي کڻن نه پاڻ سان، نه آديسين اوئي

سڃا وڃن سڃ کي، نيرانا نوئي

ڌڪن سان ڌوئي، سينا تن صاف ڪيا.

١٢-

سينا تن صاف ڪيا، سي سامي ٿيا سچ

الله ڪارڻ لاهيائون، سندا ڳچين ڳچ

ٻاريائون، ٻروچ چئي، من مٿي ئي مچ

اڳيان آسڻ ان جي، تون آديسي ٿي اچ

عاشق انهي اکرين، پرواني جيئن پچ

طالب انهيءَ تؤ کان، باقي ڪين بچ

روءِ تني جي رچ، جي سوداگر سونهن جا.

١٣-

جي سوداگر سونهن جا، سونهن به تني وٽ

آڇين جي عالم کي، پرتئون ڀري پٽ

پيارين پر ڪري، منجهان مئي مٽ

ويراڳي وجود تان، ڪهيو لاهين ڪٽ

لاڳاپا سڀ لٽ، ته سامي گڏينئي سنگ ۾.

١٤-

سامي گڏينئي سنگ ۾، نانگا نهاري

قول جي ڪريم جا، سي پهرين وڃ پاري

ورق جي وجود جا، ڏس وصالي واري

سور تي سپرين جو، ٿو ڏسيون ڏيکاري

جو آڌي اٿاري، سو سامين سانڍيو ساهه ۾.

١٥-

ڏيل ڪيائون ڏٻرا، تسيا ڏيئي تن

دوئي کان دور ٿي، هيڪڙائي ڏي هلن

هڪل حقيقت جي، سر لاهيو سڻن

آسودا اوسر ۾ وٺي وهسن

گڏيو سور صبر سان، پاٻوهيا پين

سچ ثمر سفر جو، کاهوڙي کڻن

ڏس ڏورائي ڏيهه تي، واڪيندا وڃن

جتي جاءِ نه جبرئيل جي، اتي آسڻ آديسين

ڪينر ڪاپڙين جا، ٿا وهاڻيءَ وڄن

صحبت ۾، سليمان چئي، ڀني ٿا ڀڻڪن

اٺئي پهر اٿن، ڪا سر ڀر سپرين جي.

١٦-

پنڌ پريان جي پيچري، پريندي ئي پيا

اندر آديسين کي، اچن جوش جيها

ويساهه جي وادي ۾، واڪيندي ويا

ٻاريائون، ٻروچ چئي، ڏونگر منجهه ڏيا

لاهي لنگ ليا، ٿيا اسودا اگهاڙ ۾.

١٧-

پر پڇين ٿو ڪهڙي، سي آديسي آهين

لک نه لکئي مان ڪاپڙي، لاهوتي لاهين

نڪي اڏين نجهرا، نڪي ٿا ڊاهين

جت پهچ ناهي پکي کي، پير اتي پائين

سندا محبت مينهڙا، ويٺا وسائين

سدائين صاحب جي، امر ۾ آهين

چميو ٿا چائين، هو جو بار برهه جو.

١٨-

هو جو بار برهه جو، چڱي ڀت چائين

آڻيو آگ عشق جي، لڱن کي لائين

پهچائين پرت سان، نه اوري اجهائين

نفس جي نصيحت لاءِ، سوري سنباهين

سورهيه چڙهيو سيج تي، ٿا قرب به ڪمائين

اٿيو ئي اسور جو، ٿا ماتم مچائين

ويهي وهائين، رات پنهنجي رب سان.

١٩-

انهن ڇڏيو اورهون، سي پرئين پار پيا

پايائون پوشاڪ کي، راهي لنگ ليا

نسورو نينهن جو، نانگن وٽ نياءُ

جت پسڻ ناهي پسڻ جو، انهي وهه ويا

جتي سڱ نه سياءُ، اتي اسڻ آديسين جو.

٢٠-

آسڻ آديسين جا، اتي ئي آهين

عاشق انهي اکرين، ماڳ نه مٽائين

هرگز پنهنجي هٺ کي، هڪليو هٽائين

خزانو خوديءَ جو، خوشيءَ مان کائين

جي نظر ۾ ناهين، سي هيڪاندا حبيب سان.

٢١-

هيڪاندا حبيب سان، جوڳين جائي جوڙ

مهيسي ميدان ۾، ٻڌي محبت موڙ

عشق جي آڙاهه ۾، کامي ٿيس کوڙ

ڪڏهن اوڍين ڪينڪي، سورن ڌاران سوڙ

ڪانهي ڪا قرب جي، لاهوتين کي لوڙ

تڪ تني کي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.

 

سلوڪ

١-

ڪڍي ڇڏ قلب مان، اها رسم جي رهاڻ

وڃائي وجود کي، پوءِ پروڙج پاڻ

لهي نه لک جيتري، سڪ سلامن ساڻ

اٿيئي ميسر ملڪ ۾، الک جا اهڃاڻ

باقي ٿي يقين سان، صوفي ٿي سڃاڻ

مشاهدو محبوب جو، مرد ٿي تون ماڻ

سندي قاضين ڪاڻ، ڪم نه ايندءِ قرب ري.

٢-

ڪم نه ايندءِ قرب ري، سا نه وسارج وائي

آڻي ڏيندءِ اڱڻ تي، وڻ به واڌائي

جا خالق خلقي خلق تي، سا ڄاڻ آئي ڪي آئي

عينڪ چاڙهج اکين تي، جو آهي اڳيان اونداهي

فائق پنهنجي فضل سان، ڪندو صاحب سهائي

دم ري دنيا آهي، ڇيهو ۽ ڇائي

چئين ڏينهن جو چٽڪو، جيئن لابارو لائي

خوشيءَ مان کائي، پيٽ نه ڀرج پنهنجو.

٣-

پيٽ نه ڀرج پنهنجو، ڪري ڪڻن سان قوت

توڪل جي ترهي تي، سندرو ٻڌ ثابوت

سڪ مان، سليمان چئي، لنگهي وڃ لاهوت

ملڪوتان مهند ٿي، جاڳي منجهه جبروت

ته هادي تو هاهوت، منجهائين معلوم ڪري.

٤-

پرين پنهنجيءَ پر ۾، تنهنجو توئي ساڻ

ويساهه جو وجود ۾، واري اڏ وٿاڻ

جيڏانهن حقيقت حق جي، تار اوڏانهن تاڻ

اکر جو عجيب جو، سالڪ ٿي سڃاڻ

سر ڏيئي، سليمان چئي، مر مشاهدي ڪاڻ

پري ڀانءِ م پاڻ، جو الک توکي اوڏڙو.

٥-

الک توکي اوڏڙو، سو واحد ٿو وسي

حقيقت هن حال جي، سو پاڻ ٿو پسي

پارس پرين پر ۾، ٿو غازين ساڻ گسي

سچن کي، سليمان چئي، مٿي راهه رسي

جو ڏسڻ ٿو ڏسي، سو نه ور وسارج پنهنجو.

٦-

ور نه وسارج پنهنجو، جي هجين حياتي

ڪانهي ڪا عاشقن تي، مورهين مماتي

لدني علم الله جو، ڇپيو منجهه ڇاتي

ظاهر ڪر زبان ۾، ذوق ڪر ذاتي

حاضر کڻج هٿ ۾، قرب جي ڪاتي

اصل اثباتي، جا فائق لکي فرقان ۾.

٧-

فائق لکي فرقان ۾، صاحب سچ صحيح

پڙهي پروڙج پر ۾، واچي ايءَ وهي

ڪس جي قلب تان، وڃن لڙ لهي

تکي چارهج طلب جي، تن اندر تئي

ساراهج سبحان کي، پاسي ڀر پئي

واري ورق وصال جا، نهارج نئي

اهي ٻول ٻئي، ادهه ڪج عشق سان.

٨-

ادهه ڪج عشق سان، ياقي ٿي يقين

مهندان ئي محبوب جي، مري ٿي مسڪين

سري ايندا سوڙهيءَ ۾، آگي جا آمين

سڪ سان، سليمان چئي، ٿي ڪين ڪمائي ڪين

دنيا ڪارڻ دين، جن وساريو سي وسريا.

٩-

جنهن سان پسڻ پرين کي، سا نباهج نيت

ڪاهي ڪڍيائون قلب مان، ڪوڙي ساڪپت

سوڌي، سليمان چئي، ڪن صاحب ساڻ سپت

محبت جي ميدان ۾، هلي ڪين همت

ڪهن ٿا قريب کي، لائق ڏيئي لت

جيئرو جس جهان ۾، تون ويڙهيو وتين وٿ

سپيريان جو سٿ، مرين ته ماڻئين.

١٠-

مرين ته ماڻئين، موت جو مذڪور

پري ڪر نه پاڻ کان، دم جو تون دستور

آيو عزازيل جي، ڪيرت تي قصور

پيءُ پيالو عشق جو، تون مست ٿي مخمور

سانڍج، سليمان چئي، صفائي جو سور

هنر ساڻ حضور، ڪنهن کي ٿيو ڪينڪي.

١١-

ڪنهن کي ٿيوئي ڪينڪي، وحدت ري وصال

محبت جي ميدان ۾، ڪر تون قرب ڪمال

طريقت ڪري تڪيو، معرفت رکج مال

شريعت جي شهر ۾، ڪر حقيقت حال

شامل ڪر نه شبهه سان هو جا حد حلال

ويساهه جي وصال ۾، قاضين وڌو ڪال

جانب جو جمال، تون سڀ هنڌ ڏس، سليمان چئي.

١٢-

سڀ هنڌ ڏس، سليمان چئي، ڪري نيڪ نظر

چڙهه نظاري نينهن جي، نعرو هڻي نر

وحدت جي واٽ مان، وچان ڪين ور

هڪڙو درياءُ دنيا جو، ٻيو لباسي لهر

ٻڌي توڪل جو ترهو، طالب ٿي تون تر

ته ميلن تون محبوب کي، هلي هن ڀر

مرين ته اڄ مر، سڀان مرندو سڀڪو.

١٣-

سڀان مرندو سڀڪو، فاني ڪري فوت

ڪونهي عاشقن تي، مورهين ڪوئي موت

جيئرا هوندا جهان ۾، توڪل جنهن توت

واري رکيائون وجود ۾، هيئن اندر هوت

ڍڪي چارئي پوت، پوري ڪر پنهنجي.

١٤-

پوري ڪر پانهنجي، نيت ساڻ نماز

ٻڌائون، ٻروچ چئي، امر جو آواز

قابو رکيائون قلب ۾، قرب جو ڪواز

وڄايائون وجود ۾، هڪ صبر جو ساز

دم جني دراز، تن جي پر پڇين ٿو ڪهڙي.


* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي..

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* ھيءَ روايت ڪريم بخش مھر سخيجو، جي زباني ڪچھري ڳوٺ گلو پتافي تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ٣-اپريل ١٩٦٥ع تي قلمبند ڪئي وئي.

* ھيءَ روايت سگھڙ ميھار مانجھند جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

[1] ٻي پڙھڻي: ھير کي حيران ڪيو، کنئي عشق جي اولانبن.

[2] پڙوال = پڙلاءِ .

[3] ھي بيت پھريائين حاجن پٽ چاڪر موندري کان، پوءِ الله ڏني موندري ويٺل لياري (لس ٻيلي) جي زباني قلمبند ڪيو ويو. شاعر جو سب موندرو، الله ڏني موندري جو نالو ھو.

[4] ھي بيت حاجن موندري ۽ مينھن وسائي موندري جي زباني ٢٩-آڪٽوبر ١٩٦١ع تي شھر لياري (لس ٻيلو) ۾ قلمبند ڪيو ويو. شاعر يوسف، مينھن وسائي جو نانو ھو.

[5] وھھ = وجود. (٢) ھمٿ سان رکي ھلي. (٣) ڦور = ھڱورندي. ھور = ڦور ۽ ھڱور جي وچ ۾ سمنڊ جي ڪناري سان ٻيٽاريون.

*  5 کان ٧ تائين بيت حاجن پٽ چاڪر موندري (ويٺل لياري، لس ٻيلو) جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

[6] پوئياڻي = پيا.

*  ھيءُ بيت راوي حاجن  موندري جي زباني قلمبند ڪيو ويو.

[7] ٻر وڻ. ڪونر (بروھي ۽ مڪراني ٻولي) ٻير جو وڻ.

[8] منگڻ ماٻڻو- ان جو ٺھيل وڏو ڪوٽ، جو مڪران جي پاسي اوڍين.

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org