سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:7 

وٽ باکڙو

        ]وٽ باکڙ، ڳوٺ جمن باکڙو، تعلقي وندر، نزديڪ جبل پٻ نوراني، علائقي تاراضي جو ويٺل هو، سندس ڪلام گهڻو ڪري جبل جي عام محاوري ۾ چيل آهي. اوڻيهين صدي جي آخر ۾ (١٨٩٠ ڌاري) وفات ڪيائين. سندس چيل هيٺيان بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

ساراهه

١-

مالڪ ڌڻي ملڪ جو، الله جو آهي

جوڙيو جنهن جهان کي، عالم اپائي

روءِ زمين کي رزق ٿو پرور پهچائي

تنهن وٽ کوٽ خزاني ناهه ڪا، جي هزار هلائي

تنهن وٽ ڪنهن ڀت ڪمي ناه ڪا، لک جي لٽائي

مٿان مينهن ملڪ تي واحد وسائي

ڦش ڪک ڦڙين مان ڪيترا ٿو مولو مورائي

وڻ ٽڻ وليون، جوڙي ڪليون، ٿو ڇپر مٿان ڇانئي

سو باغ بناتون، ڀتئون ڀتين جا ٿو ميوا مورائي

کڏ خزانا، ماڙيون منارا، ٿو بنگلا بنائي

سو سارو ڏونگر سون ڪري، ته به جل شان جڳائي

ويڄ طبيب، وٽ چئي، هو حڪمت هلائي

قلم هٿ ۾ قادر جي، ٿو وڻدت وهائي

الله جو آهي، تنهن سين ٻيو ڪلهو هڻندو ڪونه ڪو.

 

سسئي

٢-

ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، واٽين ونگا ور

پياس ڪانه پنهونءَ جي، خمارن خبر

ته ڪو جت وٺي ويا جوءِ تي، آهيان ويٺي منجه وڳر

سا اٿيو هلي ٿي هيڪلي، جنهن جا جشن ڪيا جڳر

تنهن کي اچيو ماڻهو متيون ڏين، صلاحون سکر

ته تون ڇو ناحق نڪرين، منجهان سرتين جي سڳر

پنهون ايندوءِ پاڻهين، جڏ پوندي خان خبر

ڀڳاڙ، نهار، ڀولڙا، آهين واٽين تي وانر

ٻانڀون، سينهن ٻٿين ۾، چٽا ڪن چڪر

ويٺا آهن واٽين تي، ڪن هاٻوڙا هاتر

اهڙا جؤز جهنگين ۾، ڪن جوسون جناور

رڻ، روه، رڃ گهڻي، بيگانا آهن بر

پاسي پسجي ڪونه ڪو، پيئي سڃ ثمر

براهمڻ، باکڙو چئي، باسي هلي بر

هئس پيرن جي پکر، نه ته ڪيئن ڊؤدن کان بچئي.

 

مومل راڻو

٣-

اڳي مومل، مينڌرا، ڏسي رات ڏنياءَ

سا جهلي ڳاله جٿي ۾، کڻي مومل معاف ڪياءَ

ته شڪ شومت شبهو، ڪن به ڪانه پياءَ

هٿان وٺي هن کي، پاڻان ڪين پڇياءَ

ڪه ڄاڻان ڪير هئا، ڏوران ٿي ڏٺاءَ

هيڻي ان حرف جي، ڪن پيا سوڍا ڳالهه سندياءَ

بديءَ جي، باکڙو چئي، هونءَ وڃي واکاڻ وڌياءَ

جڏ نروار ڳالهه نه ڪياءَ، تڏ پڌر نه وجهڻي هياءِ پهر ۾.

٤-

ڪاهي آئين ڪاڪ تان، ڪم ڄٽاڻو ڪيوءِ

مڙس مثل ماڙيءَ ۾، ڏوران ٿي ڏٺوءِ

سو وک وڌائي، وٽ چئي، جي پير پائي پڇيوءِ

ته ذات تنهن جي ظاهر ٿي، نالو نروار ڪيوءِ

پوءِ ماڻو ٺهيوءِ ٿي ميندڌرا، هٿ هنين تي هوءِ

هاڻي ڪر کي ڪٽ لايوءِ، جيئن موٽي وئين مينڌار.

 

 

ملان الله بخش

 

        ]الله بخش سومرو ضلعي سکر جو ويٺل هو. عام طور ”بخش“ سومري جي نالي سان مشهور هو، ۽ پاڻ به ڪلام ۾ پنهنجو نالو ”بخش“ ڪم آندو اٿس. شاهه محمد ديدڙ جو همعصر هو. گهڻو عرصو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو، تنهنڪري ”ملا“ چيائونس. سندس گهڻو ڪلام بيتن تي مشتمل آهي. سنه ١٣٠٨ هه ١٨٩٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

سسئي

١-

ٻهڳڻ ٻاروچل پڇي، پنهنجو جيءُ جمال

جيڏيون! مون سان جيترو، هوت ورهائيو حال

دم تنهين دوست کؤن، اوري نا الحال

سا محڪم منزل تي هلي، فهميدي في الحال

په ڪر پاڻ ۾، سرتين ڪيس سوال

موٽڻ جي مصلحت جو، ڪونهي خام خيال

ايندئي آرياڻي وري، لائق تنهنجو لال

پر پسي پنهون پنهنجو، ٿيندئي ناز نهال

ور سان شال وصال، تهتان ٿيندو تنهنجو.

٢-

اورڻ اندر جو چڱو، جي جانب هجي جاءِ

پاپن ڪاڻ پهوڙ ۾، پاڻ نه هيئن پڇاءِ

 

 

 

مرون تنهين ماڳ ۾، تهڙا وطن تاءِ

چيتا شينهن چرن ۾، ڪمينا ڪهڪاءِ

سندي بوءِ بشر تي، چهٽيا وتن چاءِ

رهزن روهن ۾ گهڻا، بلائون بجاءِ

اٿي جؤڏو جيلاءِ، تون ترس نه ڪرين تن جو.

٣-

ترس نه ڪريان تن جو، جي بلائون منجهه بر

وتن وگهيڙيون ڪيو، مرن جا محشر

لاهيو لحم لڱن تئون، ڪاڪيون ڪن ڪتر

ته به وينديس ڪڍ قريب جي، پر تئون منجهه پٿر

اوهان کي م عجيب جو، عشق نانه اندر

محبت جي مون کان پڇو، ڪا ڪيون ويهي ڪر

آرياڻي آڌار، ڏيندو پنهنجي ڏاهه کي.

٤-

منهن پانجاري پوءِ، ڪين پاتائين ڪانڌ لئي

لار جنهين کي لونءَ ۾، عجيباڻي اوءِ

سا ٿنڀرين ٿانهر نه ڪري، جو دئون هلي جوءِ

ڏونگر آيس ڏورڻا، ور بنان ووءِ ووءِ

نسنگ نارا نينهن جا، رت روهن ۾ روءِ

ته هر هر هينئين جي ڳالهڙي، چلي پنهل کي چوءِ

ڪڪري ڪفن ۾ ڇڏيون، لال وڃين ٿو لوءِ

اصل اها نه هن اوڳ هئي، ترت هلي سان توءِ

ثابت سچوني رکين، ته ڪچو چوئي نه ڪوءِ

مٺيا مليرا ماڳ هي، ماڳ ڇڏياني موءِ

جنهن کي هر هر ٻولي هوت جي، آءِ هينئڙي ۾ هيءَ هوءِ

ساڳي ساجن سوءِ، وڃي لهندي بام بلوڙي، بخش چئي.

٥-

جانب جنڊ وجهي ويس، ڀنيءَ رات ڀتار
ڏئي آڪيڙا عشق جا، ويس نينهن منجهؤن نروار

مڪڙي محبت جي هڻي، ويس پنهون دل پيار

انهيءَ تنؤر طلب سان، وؤڙيندي وڻڪار

ٿيس اڪير عجيب جي، بر باري بسيار

وار وڌائين ور جي، توڙاهون تڪرار

هٿئون هلندي هوت ڏي، جيءَ ۾ رکي جار

ٻڪيون ڏيندي ٻاجهه سين، اهڙي ئي آچار

ڪمر بنان ڪين ڦري، جنهن جو ڏونگر ۾ ڏهڪار

تنهين پرين پيهي ڇڏيو، سڀوئي سينگار

لڌائين لوچي ڪري، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار

ساٿ سونهون سردار، اچي بلوڪندس ڪو، بخش چئي

 

مومل راڻو

٦-

توکي ڌڻين ڌاريو، ڪرها! ڪارڻ ڪار

رکج پنهنجي روح ۾، ثابوتي سنسار

قابل تنهنجي ڪنڊ تي، آهي نامزدو نروار

جاڏي مهار موڙني، پر تنهين جي پار

ڏاوڻ ڏنگايون ڏيل مؤن، وهيا سڀ وسار

ڪبو ڪينو قلب جو، ميا! پنهنجو مار

پاونگ پنڌ پري ٿي، رک جيءَ جسي ۾ جار

توڏا! پنهنجو تيک تون، ڏک چڱيءَ ڏيکار

لنگهي لڊاڻو وڃي ويجهو ٿي تنهن وار

پانو تت پسج وڃي، سندي ڪاڪ ڪنوار

سوڍو جي سرهو ٿئي، شل پورو قول قرار

قصا تنهنجي قوت جا، مر ڪري سورهه ۾ سرڪار

مومل ساڻ مقابلو، ڪج اهڙي ئي آچار

بخش چئي، برحال ٿي، ڪندو عاشق آر

در وڃي درٻار، ڪنئور چرندين ڪاڪ جا.

 

سهڻي

٧-

ٻيلي ٿيندو ٻار، ۾، ڪانڌ بنان ٻيو ڪير

سريتون چونئي سهڻي، تون ڀر نه پرانهين پير

منهن ميهارن جي، هينئڙو وڃي نه هير

بحر بلائون، بخش چئي، متان واڳون پونئي وير

تي ڏنڀين ڏهاڙي ڏم کي، ڪا ڇهلين پائي ڇير

آگي جي آچار ۾، هت دنير ڪانهي دير

حرف پڇندءِ حق جو، سڏي وير سوير

تتي تير پتير، اهي سرڪيون سليندي سهڻي.

٨-

هليئن هوسيڙا ڪري، تو ولهي! وساريو ور

ڪؤڙو ڪيئي ڪانڌ کي، مٺو ڪيئي ميهر

اٿي آڌيءَ رات جو، وڃي تڙين جر

وڃيو پوين آب ۾، جتي تانگهو لڀي نه تر

موٽيو ميهر ڏانهن اچين، اڃان ٿئي نه اسر

ڪونه ڪرين لوڪ کؤن، ڏم جو ٿيئي نه ڏر

اهڙن افعالن سان، تون ڪيئن کڻين ٿي ڪر

اهڙو تان اثر، اصلي اشرافن جو.

 

ڪاپاتي

٩-

پڃي پڃائي پنهنجي، رک آتڻ ڏي آر

چرخو چوري چت سان، ڪج ڪتڻ جي ڪار

منجيون، منا، مڪڙا، سهج منجهؤن سينگار

ڏور، چموٽي ڏانو سان، ٽاڻي ٽڪ ٽڪار

تڙ شيطان شعور سان، جو توکي وجهي منجهه تار

ڳڻي ڳجهه اندر ۾ ڳالهڙي، تڏهن تند تنوار

پانديون پڃ پريت جون، منج پريان جي پار

ڦورا ٽيهه فڪر جا، درس اٿي درڪار

اڇندي تنهنجي آر سان، اهڙي ئي آچار

بخش چئي، برحال ڪندو، هت عاشق تنهنجي آر

جيڏين ۾ جنسار، مر ويهين ويس وڳا ڪري.

 

ڇتو سانگي

 

        ]ڇتو پٽ بچل سانگي، سنه ١٨٢٢ع ۾ پيٽهڙي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي مال چاريندو هو، مگر تعليم تي سندس شوق ڏسي چاچس کيس پيٽهڙي جي مدرسي ۾ پڙهڻ ويهاريو، جتان هن ڪافي تعليم حاصل ڪئي. گهر واريءَ جي وفات بعد پيٽهڙي مان لڏي دڙي جي ڳوٺ تعلقي ميرو خان ۾ وڃي ويٺو، جتي سنه ١٨٩٢ع مطابق ١٣١١ هه ۾ وفات ڪيائين. سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾ بيت ۽ ڪافيون چيائين.[

 

مجاز

١-

هيڪر حبيبن، ڪنهن ويسر سان واجهائيو

امڻيدي عاشق جي، پئي نظر مٿس نيڻن

شتابي ڇتو چوي، ٿا رخ تي پاند رکن

وانگي وڄ وٺي ويو، تجلو تاب پرين

کاڌي خيال خمار کان، پئي لرزش ڪل لڱن

هينئن طرح هوتن، ڪيس ڪڏهن نه ڪيو.

 

رامڪلي

٢-

ڪري ڪير ڪثرت ۾، هو جي وحدت منجهه ويا

تن کنيا ڪين کنڪڙا، پري پنڌ پيا

ڪمر، قولابا، ڪڙيون، تن ڪشتا ڪين ڪيا

برتن ساڻ بگليون، اهي ڇتا! شوق کنيا

ڌاڳا ويس ڌريا رهيا، اهي گنگا ڪين گيا

ڏسي نانه نيا، وڃي عدم ۾ آرام ٿيا.

 

سارنگ

٣-

آڌر آهن اصلي، رک سڪ سچي سعيو

صاحب هر سچن کي، محرم ملهايو

پرور پناه جو تن جي پاند مٿي پايو

ته حڪم ساڻ هاديءَ جي، هي شعر ڇتي ڳايو

ته ملڪن مينهن وسڻ جو، ٿيو رازق کي رايو

جوان جبرائيل کي موليٰ موٽايو

ته محڪم ميڪائيل کي، ڪر سنڌ مٿي سعيو

ساڻن رعد سنگت، ٻيو بادل بڻايو

ڌو ڌو گاج گروڙ ٿي، ٻوليون ٻڌايو

قادر ڪڪرن ۾ رکيو آ رنگن جو رايو

ڪي اڇا اودا تن ۾، ٻيو هيڊن حظ لايو

ڪارا ڪمرا ڪيترا، اچن سبز سوايو

ڳاڙها ميرا ڳوڙهه ۾ نيرن ڪنڌ نايو

ڪي گجندا اچن گڙندا، ڪن ۾ مينهن سين مايو

ڪي ڇاٽون اچن ڇوهه کؤن، جيئن واءُ تکو وايو

ڪن جي بوند بهاريو، ڪن تاب تکي تايو

وڄڙين وسڪارا ڪيا، تن طرحين تجلايو

امر مهتر الياس کي الهامي آيو

ته وڃ تنهين واٽن سين، جت ٻانهن ٻاڏايو

پٺيءَ تنهنجي بادشاهه، هي ڪر ڳل ڪڍ لايو

پير تنهين پيچري ٿيو، سانوڻ سجايو

من نه خوشيءَ مايو، ڪر شڪر بار، ڇتو چوي.

٤-

پوءِ ٿيو اجازو احمد ڏانهن، ٿي الله تو آهر
وسايو ويرانيون، ساڻ بشارت بر سڃا سڀ ساوا ڪيو،
منجهؤن شوق شهر جهلي وسايو جهنگ تي، ڪن ڪوڙين ڪؤر ڪلر

وسيون وارن تي ڪيو، مر ٿانهر وٺن ٿر
ٻيلن تي ٻاجهون ڪيو، ڀري ڪولاب ڪپر
پٽ پاهڻ پاڻي ڪيو، سڀ ڇولي ساڻ ڇپر
اتي مهتر الياس کي، ڏني خاص خبر
جبرائيل جيئن چوي، تيئن رکي نيڪ نظر
رعد وهايو رنگ ۾، ٿي ڌوڌو ڌان ڌڌڪر
اسرافيل وڄائي، وانگي بين بشر
عزرائيل عقل جا ڪري چرچا خوب چٿر
رنگ ڏاڍي رسنا رکي، پئي پرڀونءَ منجهه پچر
قادر ڪثرت ۾ ڪيا، هي هل هگام حشر
بادل آنديون بدليون، قسمان قسم ڪڪر
کوڻين خيال خمار کان، وڃي ڏيکاريا ور
رات منجهان ڏينهن ٿيو، ڪٿر کانءُ قمر
ڪيا ڇاٽ، ڇتو چئي، هي پاڻي پٽ پڌر
ابتا واهه وهي پيا، اٿليا بند بحر
پوءِ مجرو ساڻ مهر، اچي سارنگ سيد جو ورتو.

 

همت علي شاهه

 

        ]همت علي شاهه رصوي، ساڪن روهڙي ضلعو سکر ”ڪوٽائي سادات“ خاندان ۾ ٿي گذريو آهي. روهڙي اسٽيشن لڳ سيد يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ ۾ سندس رهائش هئي. جيئن ته هن خاندان جي پوين کي علمي زوق نه رهيو، تنهنڪري همت علي شاهه جي ڄم ۽ وفات جا سال به محفوظ رهي نه سگهيا. البت سندس هڪ دستخط نسخي ۾ تاريخ ٣٠ ربيع الاول ١٢٩٠هه لکيل آهي.[

مجاز

١-

 

 

 

 

٢-

معلوم هي مذڪور، ڪانگ ڪيو مان سان

ساري ڏنائين سنيهڙا، مام رکي معمور
مون ڏي محبن موڪليو، سلامن ۾ سور

پرجهي پار پرين جا، پيڙو اچي پور

ڳالهه ٻڌي ڳڻتي ٿي، جهوري ڪيم جهور
چاهه ڪيو اٿم چور، همت علي چئي، هوت جي.
ڪا جا لات ليو، ڪانگ ڪري ڪان ڪان
اچي اڱڻ وچ ۾، پانڌي حال پهيو
ته وساري ويهن رهي، سڄڻ ڇني سڱ سهيو
هي ور ٻنڌي، همت علي چئي، چريو چت ٿيو
پرين سندي پار جو، اچي پور پيو
قدر ڪرم ڪيو، جو ويو وڇوڙو وچ ۾.
ڪا جا لات لئي، ڪانگل ويهي ڪول
ٻولي ٻڌي تنهنجي، ڪيم ڳالهه سهي

جو مون ڏي محب موڪليو، اهو حال چئي

ته ڳڻتي ڳاريم تن کي، جهري جان پئي

ساجن! تنهنجيءَ سڪ ۾، ٿي آهيان اڌ مئي

کائڻ پيئڻ وه ٿيو، نيڻئون ننڊ وئي

ڏينهن گهڻا گذري ويا، موٽڻ ڪانه ڪئي

اها ڳالهه پهي، هل همت علي چئي، هوت ڏي.

٤-

ڇوهئون ڪئي آهي ڇڪ، مونکي قسمت قريبن ڏي

ملي پنهنجي محب سان، وڃي ٿينديس هيڪاندي هڪ

شل جيئري جانب کي ملان، جنهن جي ساهه اندر ٿم سڪ

منهنجي تن پرين سان، اصل آهي پڪ

جرتي ڀي، سيد چوي، مون ڪئي آهي بيهڪ

ڀڃي ڀولاشڪ، هل همت علي، مل هوت کي.

٥-

دوست ڪيو آهي ڌار، قسمت قيدالماءِ جي

راتيان ڏينهان روح ۾، آهي پرين جي ته پچار

ويٺي واٽ نهاريان، نيڻ وهائي نار

تون وساري ويهي رهين، ٿي ياڪي منهنجا يار

آءُ جدا جالي نه سگهان، بنان تو دلدار

ڪري ٻاجهه ٻانهيءَ تي، لهه ساجن اچي سار

پارج اچي پانهنجا، جي ڪيئي قول قرار

مل محب مٺا منٺار! هيڪر، همت علي چئي.

٦-

جدا جانب کؤن کري، قسمت هت آندوم

لکيي لوح قلم جي، ٿيس پرين کان پري

دوست بنان هن ديس ۾، منهنجي نٿي ساهه سري

محبن ريءَ ماندي گهڻو، ٿي محبت منجهه مري

اٿم اميد الله ۾، ملنديس جانب کي جيئري

همت علي، هوت جي، شل وطن واڳ وري

اها وائي نا وسري، دوست تنهنجي ديدار جي.

 

رامڪلي

٧-

سرتيون هيو سينگار، جوڳي منهنجي جان جو

ماکيءَ مصريءَ کؤن گهڻو، هيو محب مٺو منٺار

ڏيندو هيم دلاسو دل کي، سڏي سو دلدار

ويهاري وٽ پنهنجي، ڪندو هوم پيار

سو سامي سفر سنبريو، بودي وجهي بار

لاهوتي به لڏي هليو، جوڳي رکي جار

جيڪس لکيو هيو لوح قلم ۾، وڇوڙي جو وار

جو ڏيئي ڏک ڏکيءَ کي، ٿي ياڪي ويڙو يار

هاڻي جالڻ آيم جيڏيون، هن لوڪن سان لاچار

پر سور نه سانڍڻ جهڙو، نڪري ٿيو نروار

همت علي هر حالت ۾، ٿيءُ تون شڪر گذار

تان صاحب رب ستار، جوڳي آڻي جوءِ ۾.

٨-

جوڳين ڪيو پرواز، پورب سندي پار ڏي

سرتيون تن سامين سان، هيم محبت جو ته مجاز

اوريندي هيس تن سان، روح پنهنجي جو راز

سي جوڳي ڇڏي جوءِ ويا، هاڻي ڪيم غم گداز

الله لڳ انهن کي وڃي هيءُ ڏي ڪو نياپو نياز

همت علي، اوري اچي، شل سامي ڪندا ساز

منهنجي آهن جو آواز، جوڳي سڻندا جوءِ ۾.

٩-

سامي سفر هليا، جوڳي ڇڏي جوءِ

آڌوتي ’الاهو‘ ڪري، پورب پنڌ پيا
ويا سي وڻڪار ڏي، ڇني سڱ سيا

مون کي گوندر ۾ گڏي، لاهوتي به لڏيا
سرتيون ساهيڙيون، اوهان جوڳي ڪين جهليا
ڏسي ماڳ مڙهيون تن جون، نيڻئون نير وهيا

همت علي چئي، منهنجا هئا، سي جوڳي جيءُ جيا
سامين دليون سخت ڪيون، هئي هئي ورتيون ڪين ويا
ساجهر سي سنبريا، جوڳي پسان نه جوءِ ۾.

١٠-

جوڳين مون سان جاڙ ڪري، ڪئي جدائي جيڏيون
گر ڏي گسائين هليا، پورب پير ڀري
سرتيون تن سامين ريءَ، منهنجي نٿي ساهه سري
جايون جوڳين جون ڏسي، نت پيئي جان جهري
صحبت لئي سامين جي، منهنجو سينو ٿو به سڙي
ماڳ مڙهيون تن جون پسي، هيءَ جا منڌ مري
وڃان تنهن وڻڪار ڏي، پر آهي پنڌ  پري
همت علي جو تن لئي، هينئڙو ٿو به هري
هئي ڳڻتي منجهه ڳري، جو ناهي جوڳي جوءِ ۾.

١١-

لاشڪ ٿي لاچار، جوڳين جدائي ڪئي
گر ڏي هليا گودڙيا، پورب سندي پار
ڇِني سڱ سيا، سي سامي ويا وڻڪار
تن جوڳين ريءَ هن جوءِ ۾، ٻيو ڪم نه اچي ڪار
جي اوجر هئا اندر جو، تن لئي ويٺي نت نهار
راتيان ڏينهان روح ۾، سي سامي سدا سار
همت علي، هر حال ۾، ڪڏهن ڪين وسار
واحد واري وار، جوڳي اسان جي جوءِ ۾.

 

نم مڱڻهار

 

        ]نم پٽ ڪنڊو مڱڻهار، لس ٻيلي جي شهر اٿل ۾ ويٺل مڱڻهارن جي قبيلي مان هو، ۽ ڄام مير خان ثاني (١٨٣٠- ١٨٨٨ع ۽ ڄام عالي (١٨٨٨- ١٨٩٦ع) جو درٻاري شاعر هو. چون ٿا ته شاعر نم تمام وڏي جمار جو ٿي گذريو. لس بيلي جي ڄامن جي ابتدا توڙي عروج ڏٺائين. هو گفتي جو ملوڪ، حاضر جواب ۽ هر فن موليٰ هو. خوشمزاجي سبب هر جاءِ نهايت مقبول هو. سندس وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو ”ٻيلاين جا ٻول.“.[

مجاز

١-

عرض سڻي عاشق جو، دلبر دل سين لاءِ
اوکي ڳالهه اچي پوي، نيڪن جي به نگاهه
ته سهي فهميدا فرحت سين، ڪن بات چڱي برجاءِ
ڇا سو قدر ڪميڻيءَ جو، تون پرين پاڻ پساءِ
ته لوهه رچي سڀ لال ٿئي، پارس سين گڏ گهاءِ
تون آهين سڀ کان سرس سواءِ، نينهن چڱي سان، نم چئي.

٢-

سڪڻ سور م سل، رکج عشق اندر ۾
صحبت سپيرين جي، سا عام ڪنان پيو ال
ڪپور جهٽي جيئن ڪک کي، اهڙو عين عمل

مڃيج امر عجيب جو، هوت پٺيان پئي هل
جهڙو نينهن جو نشو، نم چئي، تهڙو ناهه ٻيوڪي ٻل
جهڙو دانه سين دم پل، تهڙي عمر ناهه اڄاڻ سان.
‎‎‎


* ھيءَ روايت اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قدر کان ملي.

* ھيءَ روايت حيدرآباد سھر مان ميرزا گل حسن .احسن ڪربلائي“ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org