سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:5 

سچل سرمست

        ]سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو؛ پنهنجي ڪلام ۾ ”سچو“، ”سچل“، ”سچيڏنو“ ۽ ”آشڪار“ تخلص ڪم آندو اٿس. درازن جي ڳوٺ ۾ سنه ١١٥٢ه / ١٧٣٩ع ۾ ڄائو هو. عربي ۽ فارسيءَ جي تحصيل ڪيل هئس. اڪثر استغراق جي حالت ۾ رهندو هو. سندس ڪلام سنڌي، پارسي، اردو، پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ گهڻي انداز ۾ چيل آهي. نوي ورهين جي عمر ۾ ١٤- رمضان ١٢٤٢ ه / ١٨٢٩ع ۾ وفات ڪيائين. درازن ۾ سندس درگاه آهي. هيٺيان بيت سندس ڇپيل رسالي تان ورتل آهن.[

 

مومل راڻو

 

مومل ماڻڻ هليا، ڪاپڙي ڪلدار

وچ ۾ آتش دود جا، آين بَهت بُخار

ڪي سڙيا تنهن سوزان ۾، ڪي نر چليا نروار

ماڙي ڏسي ڀنڀليا، خود کؤن خبردار

ڪي ويا ماڙيءَ کؤن نڪري، پرت نه جت پچار

نڪا صورت اتهين، نڪا تار تنوار

نڪو ڏسڻ وارو هو، نڪا سرت سنڀار

تن تي چڙهي آئيا، بيخوديءَ جا بار

ڪين ڏٺائون ڪاٿهين، روءِ نڪا رخسار

”الان ڪما ڪان“ تحقيقا تڪرار

لٿا شور شمار، همه تان حق ٿيو.

 

مارئي

١-

اڄ پڻ ٿيم اداس، هي من ماروئڙن ڏي

ڪر بندياڻي بند مؤن، خاوند لڳ خلاص

جومٽي کيت ڏنار کي، ڪا پلنگين ڏينديس پاس!

ڪو وجه صاحب سومرا، انهن سان اخلاص

جو هو ويچارا واهڻين، تون ڪري ڏس قياس

زور تني تان ناه ڪو، لوئي جن لباس

اٺئي پهر انهن کي، آهي حميرن هراس

تاڪون تنهنجي تاب کؤن، سهميون اٿن ساس

چاڙهيو لڱين ڪين تني ماسي قدر ماس

تعديون تني تي ڪرين، جن تو هؤن ٿئي مواس

ويڙهيچا وڻراه ۾، هت وڻ وڻ وٺن واس

پاءِ پنهوار پياس، آهي راجا منهنجي روح کي.

٢-

وروٽا ويڙهيچن جا، اهي موتئين مالهڙيون

رس نه اچن روح کي، ٿاله ۽ ٿالهڙيون

سنگهارن جون سومرا، چڱيون چالڙيون

جو فجر ڦوڪي سنديون، ڪن دانه دالڙيون

ورسي لويون لاک جون، ٻن شالان شالڙيون

اٺئي پهر آهن اکيون، منهنجيون عمر آلڙيون

ڪامل تنهنجي ڪوٽ ۾، وجهان فلڪين فالڙيون

شال سڻندو سو ڌڻي، مون نڌر نالڙيون

وڃي ڳجهيون ڳالهڙيون، ڪنديس سرتين سان ساڻيه ۾.

٣-

ڏسي کيٽ کڻي، ويا ماروئڙا ملير مؤن

پکا پانور ڪنڌئين، ويٺا حال هڻي

اڳي پنهوارن پاڻ ۾، ٿي اها ڳاله ڳڻي:

هت رتي رهڻ ناه ڪا، ڄاڻي هڪ ڌڻي

جا عادت زور ظلم جي، هيءَ حمير وڻي

رعيت جي رنجڻ جي، ٿيس گهر گهڻي

هاڻي برسر هيءَ بڻي، سنگهارن تي سومرا.

٤-

قرابتي ڪاٿي ٿيا، آءُ ڪاٿي آئي

قسمت قيد ڪٿي ڪيو، آءُ ڪٿي ڄائي

آهي منهنجي روح کي، ريءَ مارن موڳائي

اٺ ئي پهر انهن جي، وات اٿم وائي

گهڻي مدت مونجه ۾، مون پڻ لنگهائي

من سگهڙي سنگهارن جي، ڪل پوي ڪائي

ته ڪي آهن آرامي اتهين، جهانگيڙا جائي

ڪي ويا ملڪ ملير مؤن، ڪري آجائي

وڃي پانور ڪنڌئين، ويٺا وهڻائي

اتي تازا توانا ٿيا، ڏٿ ڏؤنرا کائي

ڪر سومرا سائي، جيئن ٿين آسودا آجڙي.

 

ڪاموڏ

١-

ڪلسا ڪلوري، ڪن ڪالوارا ڪينجهرين

پيهي وڃي پن ۾، ڪن ٻڪين ٻوري

روز تني کي راو ڏنهن، ٿيا چانور آئون چوري

جي هيون آڌو ٻنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري

هيٺ مٿي تن ٿي ڍڪيون سالان سموري

واسيا وتن ويس ۾، هين کهنبي کٿوري

ڇڇي ککي تار جي، سي اپر عطوري

ٿي ملڪين مشهوري، سمي جي سهاڳ جي.

٢-

پوئڪيون، لس، پلا، ٿي مهاڻن ماريا

لک هزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تن کلا

ڪڙهيون جن ڪنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳ ڀلا

دمڙي تن نه دست ۾، هئا ٺهريل ڪين ٺلا

اڄ ميئن جي گهر مال جا، ٿيا ٿم ٿلا

پر هيڙي اکڙين ۾، ڪا جا ميءُ ڪلا

ڪينجهر گهمن لاڏڪيون، ڪيون رس رلا

اگلا جي سگلا، سمي نانو سڃاڻبا.

 

بکر شيخ

 

        ]بکر شيخ پٽ گنج بخش، مشهور شاعر شيخ حمر جو پڙ پوٽو ۽ شيخ ابراهيم جو پوٽو هو. لس ٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو ويٺل هو. اندازا ١٨٣٩ع ڌاري يا ان کان پوءِ ٿي گذريو. سندس گهڻا بيت لس ٻيلي جي جنگين بابت چيل آهن. هيٺيون بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهي.[

 

مجاز

 

دم دم دوست دل ۾ ٿا مونکي اچن ڄم ڄم ڄمارا

ڪم ڪم ڪار قريب ڏانهن، ديکيم دم دم ديدارا

ڏٺيم نم نمندي نيشاني نور جي، ويم لهي وهم وم وبارا

وڻيم بوءِ بوءِ باس، بکر چئي، ٿي نهاريم جوءِ جوءِ جبارا

وڄ وڄ ويس مٽائيا، تو ڏي سڄ سڄ سڄندا سونهارا

جن جا اهڙا ارواح اوجارا، تن جي ڏيندس جانب ساه جوت تي.

 

اسحاق گڊو

 

        ]اسحاق گڊو، تعلقي ميرپور ساڪري ۾ ’بگهياڙن‘ بلوچن جي راڄ جو رهاڪو هو. ميرن جي اوائلي دور ۾ ٿي گذريو آهي. سندس ڊگها بيت کاري ۽ ڪوهستان ۾ مشهور آهن.[

 

مارئي

 

وجهي ميٽ مٿي ۾، وڃي گهر ڌرارين ڌوندياس

هي جي مر ماڙين جا، سي وڃي لڱن تان لاهيندياس

ڏٿ وراهي ڏيه ۾، آءُ وڃي ڏاڏاڻين ڏيندياس

پيرون جي پرين جا، سي وڃي خوشيءَ مان کيندياس

لاڙي ڍنگهر، موڙي سڱر، آءُ گهمي گهر ايندياس

چونڊي ڳاڱا، وجهي ڀاڱا، وڃي جيڏين سين جنبدياس

رانتڪ پڪا، چونڊي ڪڪا، وڃي ڪوڪڙ ڪانڌ کي ڏيندياس

هي جي ڏؤنرا، پسي چؤنرا، وڃي پوک پنهنجي پسندياس

ڏيئي ور، چونڊي ٻر، وڃي ڳمون ڳوهيندياس

ڪک منڌيئڙو، مزي جهڙو، وڃي مٺ سين موهيندياس

پٽ بصر پنهنجو وڃي ڪوڍير به ڪڍندياس

لويون لاک رڱڻ لاءِ، آءُ ساڪڙ سوريندياس

ماکي، ميوو مارئي، تنهنجو نظرسين نهاريندياس

ڄم گڏيو ڄم کي، وڃي لئهار لوهيندياس

 

 

 

کٽ کٽاليون، اٺ سوپاريون، وڃي ڪوڍير ڪڍندياس

ٻير ڪنهن جا ڏير، آءُ وڃي مارن کي ملندياس

لاهي کور کورين تان، وڃي چيڪڻو چکيندياس

گگر پن گهوگهيٽا، وڃي ڇڳي مان ڇنندياس

گولون گولاڙن جون، چڙهي چونڊيندياس

مرچ، مريون، مصالحا، وڃي مزا ماڻيندياس

جاسين آءُ جيئندياس، تاسين وڃي تور ڇوڙينديس تند مان.

 

 

غلام حيدر ”تيرهو“

 

        ]فقير غلام حيدر، بزرگ قنبر علي شاه عرف شاه شريف ڀاڏائي جو هڪ وڏو خليفو ۽ درويش هو. هر رنگ ۾ رتل هو، انهيءَ ڪري کيس ”تيرهو“ سڏيندا هئا. هيءُ بزرگ ٽالپوري دور ۾ ٿي گذريو. پنهنجي مرشد جي وفات (١٢٦٤هه) کان اڳ گذاري ويو. سندس قبر به پنهنجي مرشد جي مقام ۾ آهي. هيٺيان بيت سندس ڇپيل ڪلام ”رسالو حيدري“ سنه ١٨٩٠ع تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

ڏهاڙي ڏونگر ۾، پڇي ٿي پيرا

ڪريو يار جتن کي، جلائي جيرا

هي پيادي پنڌ ۾، ڏاگهن تي ڏيرا

ٿيا هيڻا هڏ حزين جا، کيڙين ۾ کيرا

ور وٺي واٽ ويا، ويري ڪنهن ويرا

جاٽون جاٽ جبل ۾، ڏي ڀتو ڀت ڀيرا

دم نه ڪيائون ديرا، وريا وطن سامهان.

٢-

هجرت هوت پنهونءَ جي، ماري مونجهاري

ٻڌو سندرو سور جو، ويچاريءَ واري

ڦٽي ڦٽ فراق جي، ٻانڀڻ ٻاڪاري

رڻ ۾ روجه رڃن جا، رويو روئاري

ڪريو آهه عشق جي، اڀيو اوساري

پيئي پاساري، نالو وٺتائين نينهن جو.

٣-

اڃا تون ئي اوجهرين، وهاڻيءَ ويلي

چانگا چڙهيا چوٽئين، باغاتون ڀيلي

ڪيائون ڪيچ اکين ۾، ويا ٿر ٿيلي

تر نه ترسيا تونگ ۾، ٻاروچا ٻيلي

جن ساٿ وڃايو سمهي، سن مرڪن ڪيئن ميلي

رائي ۾ رت ريلي، ڪهندي وڃ ڪوهيار ڏي.

 

مومل راڻو

٤-

سون ورنيون سوڍيون، راڻيون رانديون ڪن

مانگيون مرواريد سان، جڙيو زلف ٻڌن

مشڪ گلاب ڇٽڪاريا، عطر عنبير مٿي اڱڻن

جڙيائون جوهر جا، لک در دروازن

محل مرصع ماڙيون، هيرا منجه هنڌن

پرچيو پريون پاڻ ۾، حورن جيئن هسن

سج چنڊ مٿن شرمسار، ڏسيو سونهن سندن

سوڌو صوبر کان، قامت قد رکن

سڌ وڃي گم ٿيو، جڏهن چال چلن

تيرها! ڪاڪ ڪپن ۾، لوڌي لوٽيا تن

مينڌرا مرڪن، جي آتڻ اچين ان جي.

٥.

سون ورنيون سوڍيون، سهسين ڪن سينگار

چوٽا مشڪ چندن سان، واسيو ويڙهين وار

اوتي عطر عنبير سان، تڙ ڪيائون تار

موتي ملهائن ۾، هيرا لک هزار

جڙيائون ٿي جان تي، جوهر جا جنسار

ابرو سياه ان جا، جيئن ڪڪر مينگه ملهار

جي چشمون چورين چاهه سان، ته بجلين جا ڀڙڪار

لکين لوڌي لٽيا، تن گجرن ڪيا گينوار

ٻڌن حماليون هار، جي آتڻ اچين ان جي.

٦-

سون ورنيون سوڍيون، سهسين ڪن سامان

ٻيڙا، چوڙا، ٻانهيون، سندن بَينسر بي بيان

هٿ واڍولا، هس ڳچئين، دهرين ۾ دردان

مڙهيائون مالهائن ۾ موتي ۽ مرجان

ابرو سياه ان جا، مارين ٿا مڙگان

تيرها! ڪاڪ ڪپن ۾، ڪشي بيٺيون ڪان

هوند پريون کائين پان، جي آتڻ اچين ان جي.

٧-

سون ورنيون سوڍيون، ويٺيون ڪن ورن

ڪريو شعاع شمع تي، بدليون ڪن بَرن

تن جي حسن حسين کان، ڌوري ٿي ڌرن

ماڻهو مرون تن موهيا، چنڊ چڪور مرن

مٿي ڪاڪ ڪنار، ڪيا پرين ڪي پرن

طعنو هڻن تيز سان، تيرها! تاز ترن

چمن هوند چرن، جي اچين آتڻ ان جي.

 

عمر مارئي

٨-

چونڊين وڏي چاه سان، ڳاڱا ۽ ڳنڍير

پين پوڄ پنوهاريون، پاور پاس پنير

ڪڍ بندياڻي بند مان، هاڃو ڇڏ همير

ته کيريون ڏيان کٿيرين، مرڪي منجه ملير

”لاتقنطوا من رحمته الله“ ٿيو دلاسو دلڌير

رک ڀرم ڀاروڙيءَ جو، پاور سندا پير

پٽولا پٽ چير، اوڍيان ڪيئن عمر جا.

٩-

پٽ نه پهري پارچا، ماڙين ويهي نه مور

مونجهاري مارن جي، مارئي ڪئي ملور

ڪونه لڌائون ڪڏهن، ڏيه ڇڏي ويا ڏور

ڀاڻ ڀڳا ۽ ڀيڻيون، پسيو پڇان پور

اتان اوٺي اوچتو، ڪو اچي مان اسور

کڻي کاهڙ ڏي هليا، ڏاڍي ڪنهن ضرور

تيرها! وڃي تن سان، ٿيان هيڪاندي حضور

دران ڪج ۾ دور، آگا! آسروند کي.

 

گهاتو

١٠-

نهاريائون نڪونج کي، پيرين پلتاري

رڇ منڊيائون ريت تي، ونجهن ۾ واري

ڇتيون ڇڳيون کنيون، تڙن تي تاري

ملاح، مانگر مڇ جي، ماريا مونجهاري

پهه پهيائون پاڻ ۾، اهڙو اختياري

ويهوم وساري، گهڙي گهوريو اگهور کي.

 

سارنگ

١١-

آرون ابُر آسري، سپون نت سارين

مور ڪاريهر قوت لئي، تاڙا تنوارين

وحش فتم گڏ ٿيو، بر ۾ پڪارين

مطر مينگه ملهار کي، نو کنڊ نهارين

نهرون، نديون، نوڻيون، سڀيئي سنڀارين

اچي آب اگوندرو، پيتم پيارين

چيهو مر چارين، ٿيو سک سنگهارئين.

١٢-

آگم ڪري آئيو، ڪڪر جهڙ ڪارو

وڄن ويس مٿي ڪيا، رعد ڪيو نارو

سنڌ سري سارنگ جو، وڄيو نقارو

ڍٽ، پٽ، ٿر، روم، شام کان، مڪي موچارو

مڪو مدينو گهڻو، ڪيو وسي وسڪارو

ڪربلا تي قرب جو، مينهن ڪيو مارو

تيرهو چئي، تارو، نميو قطب نجف جو.

 

 

خليفو نبي بخش

 

        ]خليفو نبي بخش خان لغاري، پير سائين ميان محمد راشدرحه عرف حضرت روضي ڌڻي (وفات ١٢٣٣ه) جو خاص خليفو هو. سندس آخري سڪونت ڳوٺ مٺي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي ۽ اٽڪل سوا سؤ ورهيه اڳ وفات ڪيائين. پير سائين پاڳاري جي جماعت ۾ سندس پويان ”نار وارا خليفا“ به ڪري سڏبا آهن. سندس شاعري ۽ فقيري جي شهرت، سندس سرائڪي ۾ جوڙيل ”سسئي پنهون“ سبب ٿي. سندس ڪلام قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهي. بيتن ۾ پنهنجو نالو ”قاسم“ تخلص طور ڏنو اٿس، هيٺيان بيت سندس قلمي رسالي تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

مينا رنگ مغليون، موتين جوڙ مهار

مهري ڏؤنر مقيس جا، کڙيا کٽڻهار

سونهري هٿ ساٿئين، جڙيا جوهردار

منهن مهتابئون اڳرو، سورج جوت سوار

قاسم، نوري ڪپڙا، دوله سر دستار

آرياڻي ان پار، ان ڪي ڏٺا اوٺيا.

 

مارئي

٢-

سهسين گهوريان سومرا، مٿان ماروءَ ڄام

باغن ڀلي ڀانئيان، کاري کٻڙي لام

آسون عمرڪوٽ جون، هنيڙي منجه حرام

عمر! مون ڏي آئيا پاڙيچا پيغام

ماڳ مٽايا مارئين، ڏلي تڙ تمام

تڙڪوليون ترڪ ڪري، وڃي ويٺا گوڇر گام

اچي نه آرام، سا سڻندي ڳالهڙي.

 

سورٺ

٣-

اوپر قلعي آئيو، جاجڪ جوت جهار

ترڪ طمع تند تار ڪي قاسم ڪلاندار

اڳ نه آيو اهڙو، ڪو گن گويو گرنار

ڪوٺي وير ويهاريو، کوڻي منجه کنگهار

اتي ملڪ نه جن ڪو، نڪا طير تنوار

جاجڪ جمعدار، هردوئي هڪ ٿيا.

٤-

اوپر قلعي آئيو، جاجڪ جوت جمال

ننهن چوٽيءَ سين ڍڪيو، قاسم، قرب ڪمال

وائي گم وصال جي، ماسو کڻي نه مال

پاڻهي ڪوٺي پادشاه، لڌي سڌ سنڀال

اردابيگيون آئيون آگي استقبال

ات اونايو راجئي، جتي قيل نه قال

ڪاتي، ڪنڌ، قوال، هم ئي حق ٿيا.

 

سريراڳ

٥-

سودي ڪارڻ سنبهيون، ويهون وڻجارن

چليا چين بنگال ڏي، ماڻڪ رکي من

آيا ان اوڙاه ۾، جتي ڍيم ڍرن

لهرن جي لپاٽ سين، ڪاٺ ڪڙڪيا ڪن

قاسم، ڪارونڀار سين، تاڙي لڳي نه تن

اتي اڻ تارن، هادي ڏيندو هٿڙا.

 

 

ڇٽو پلال

 

        ]ڇٽو ذات پلال رياست بهاولپور ۾ ديري نواب ۾ رهندو هو. بهاولپور جي وڏي نواب صبوح صادق جو خاص ماڻهو هو. وڏو شڪاري ۽ استاد توبچي هو. هرڻ جي شڪار جو وڏو ماهر هو. سنه ١٨٥٠ع کان اڳ ٿي گذريو آهي.[

 

سسئي

 

سمهي پاڻ رهياس، منهنجا آڌيءَ رات اٿي ويا

پوئين رات، پلال چئي، ويندا واٽ ٿياس

ڪاتب قطاري هليا، ڪو سرتيون ساٿ سندياس

ڳوليندي هيس ڳلين ۾، منهنجا ليڙا لڪ لنگهياس

فجر جا مون فڪر سان، پيرا پاڻ کنياس

ڇڏي اٺ، ڇٽو چئي، ٿر ۾ ٿهر نيندياس

ٻه ذاتيون اڳي هيون، ٽي مهاڻي ٿيندياس

هاڻي پاڻي ڀريندياس، پنهون جي پريت جو.

 

ولي محمد رونجهو

 

        ]ولي محمد رونجهو، لس ٻيلي جو ويٺل هو. مشهور شاعر شيخ ابراهيم جو شاگرد هو. پنهنجي استاد شيخ ابراهيم جي ڀران ڪافي ڊگها بيت چيائين. سنه ١٨٥٠ع ڌاري وفات ڪيائين. هيٺيان بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

ڪالهونڪر ٿا ڪن، وائي هوت وڃڻ جي

جو ڏمر ڏيرن ۾، سو ٿا سر پر ڪين سلن

وڌي مهار مين کي، مڙهي سر موتين

آڻي اٺ اجهاڻيا، اڱڻ عجيبن

ڪڍيون ڪرزينن مان پوشاڪون پٽن

وڌا ڏر ڏاگهن کي، سوڌا سر سسين

نکتا نيائون پٽ سين، مڇون محبوبن

سيليئين ڳانئين سونهڻا، جهوپڙا ٿا جهمڪن

گهربنديون گوڏن تي، ٻيا لٽڪڻا ليڙن

ڇنڊي پٺيون پاڪ ڪري، تن تي جهل وڌا جوانن

ڏيرين ڏنا پاکڙا، آڻي سر اٺن

ٻڌي تنگ تيار ڪيا، پڇيٽي پرين

تن جون گهرون گوندين جڙيون، تن منجه ٽليون ٿيون ٽمڪن

زيلا، جهليون جهمن تي، ٻيون ڪمر ڪرزينن

کيس لپيٽي خوشيءَ مان، تن تي هنڌ وڌا هوتن

رنگيون، بوڇڻ، بافتيا، گنگيون لباتن

مٿي ٻڌا مولهيا ٻيهي ٻروچن

پرين پهراڻ پٽ جا، ڀريا سان ڀرتن

گلبدن جون گهوٽن لئي، آنديون سٿڻيون سپيرين

موزا ملوڪن جا بخمل بناتن

هوتن هٿيار سهڻا، جن ۾ جنهوار پيا جهرڪن

سهسين نذر سوکڙيون، ڏنيون سوڳاتون سيڻن

حيلا ڪيم هلڻ لاءِ، ڀانيم من وٺي مون وڃن

جات نه ڀائي جت هئا، ڪي ڪهل نه ڪيچيئڙن

مونکي ستي ڇڏي سيج تي، ڪاهيائون ڪرهن

ڏيئي رات رمي ويا، ڪي ڏسو جا ڏيرن

ور کي، ولي محمد چئي، ڪا ڪوڪ نه پيئي ڪن

ٻيهر ٻاروچن، ڪنهن ڪل وسهنديس ڪينڪي.

 

مارئي

٢-

وٺا مينهن ملير تي، گاهن ڪيا گلزار ميان

وڻ ٽڻ وليون واسيا، ڦل ڦڳيا ڦلٽار ميان

خوب کٿوريون پوڄ پٽن ۾، ٻيا عطر ٿيا اظهار ميان

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهڙي، ٻيا جي لال پڪا ليهار ميان

چونڊين ڳاڱا، ڪرين ڀاڱا، تورا ڀريو تار ميان

ميوا موڪ ملير ۾، ٿا ڌوڻيو کين ڌرار ميان

لوت کائي، عمر آئي، ڊول وڏي سين ڍار ميان

تور چاري، وڃڻ واري، آمر آنديس آر ميان

عمر آيو، ڪري سعيو، سونهاري سلکار ميان

اٺ آجاڙي، منزل ماري، تنهن نه ڪي تنگ ڍار ميان

تتان ڦري، ڇيلان ڇڙي ٿي هئي وير نه پيئي مونکي وارميان

ڪر ڀلائي، ڀيري ڇڏ تون، پنهوارن پنهنجن پار ميان

آءُ ويهنديس ڪين، ولي محمد چئي، ڌرارن کان ڌار ميان

وينديس ويڙهه ولهار ميان! مون سو ملڪ ملير وسايو.

 

اشرف شاه ڪامارائي

 

        ]محمد اشرف شاهه ڪامارائي سنه ١٢١٤ ه – ١٧٩٩ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي فقيري ۽ شعر و شاعري ڏانهن لاڙو هئس. سندس چيل مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون مشهور آهن. سنه ١٨٦٠ع ۾ ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي سندس درگاه آهي. هيٺيان بيت سندس ڇپيل ڪلام ”رسالي اشرف شاهه ڪامارائي“ تان ورتل آهن.[

سارنگ

١-

مند ٿي منڊل وڄئا، ٿي وسڻ جي وائي

صاحب جڳ سکي ڪيو، ٿي سڀت سڻائي

وٺا مينهن وڏاندرا، ڪي پٽن پاڪائي

وسيو سنڌ ولات تي، ڪي سارنگ سگهائي

وڌي گاه وڏو ٿيو، سڀڪو سامائي

سدا سائي گاه ۾، ٿي چري چوپائي

منجهان پلر پر ٿي، جا هئي اپر اڃائي

مچي ڌڻ متارو ٿيو، کوماڻو کائي

خوشيون خير خلق ۾، ٿي وڻ ٽڻ واڌائي

مولي مڙهين ملڪ جي، ويله وڃائي

ان ارزن، کير مکڻ، جال ٿيو جائي

گهر گهر گهڻو گيه ٿيو، پسي ٿي پائي

گهاٽي جهڻ گهڻي ٿي، ماهي ۽ ڳائي

لٿو ڪنڊو قرض جو، ٿي عالم آجائي

پرين پرين، گڏيا، لٿي جدائي

پرت وٽيائون پاڻ ۾، ڳجهو ڳالهائي

روز رهاڻيون رس ٿيا، ڀائي ڙي ڀائي

لٿا ڪس قلوب تان، ٿي اندر اڇائي

ڪي ڀلي ڀلائي، اشرف، آسون پنيون.

٢-

مند ٿي منڊل وڄئا، ڪارا ٿيا ڪڪر

تاڙن تنوارون ڪيون، جهرڪن ڪيا جهامر

ڪرڪر وڏي قرب مان، ڏوڙي ڪن ڏونگر

آرون آب اڪنڊيون، ڪوئل ڪي ڪوڪر

چٻون، چڪور، مور، پپيها، چيچا، چيها، ڪونجن کنيا ڪر

سپون سپ سرجهڻا، تن کي سڪ سڌر

کوئن روجه، راڱا رڇ، آوهو واڪا ڪن وانر

گڍ، گينڊا، گهٽور، گورخر، زراخ، گينور

شير، شغال، سيه گوش، سرهه، سها، سانڀر

مرون گهڻو مينهن کي، ميگهٽ منجه بحر

ڍٽ، پٽ، سرو، سنڌ، عرب، عجم، ساوا ٿيا سر

سڻجن سنگهارن جا، سڃن ۾ سانڀر

پرور ڪي پٽن ۾، پهر لڳ پهر

ڳويون مينهون ٻڪريون، ان جي اوهن ڪيا اوسر

رڍون ريلن ۾ چري، اٺيون ڪن اوجر

هاري سنگهار سرها ٿيا، پر ٿيا پينر

سڀڪوئي سکي ٿيو، لٿا ڏول ڏڪر

اشرف سين، احسان ڪيا، ڏيه ڌڻي ڏاتر

غم لٿا گوندر، جاني آيو جوءِ ۾.

 

دوست محمد

 

        ]دوست محمد، ميرپور ساڪري طرف جو ويٺل هو، ۽ اندازا ١٨٧٠ع ڌاري وفات ڪيائين. هن جو وڌيڪ احوال ملي نه سگهيو آهي. سندس بيت مشهور آهن، جن مان ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

ست سرو

١-

الله جل جلاله، ساراهيان سبحان

رازق پنهنجي رحم سين، ٿو هلائين حيوان

هڪڙا چريا چور چغدا هئا، ٻيا بَدودي بدنام

مٽيءَ منجهؤن مڙد بنايئي، جوڌا سڀ جوان

گهاتو آيا گهيڙ تي، پهرين ڪري پرياڻ

پس منگهي مورڙو، جنهن جو شاهه رکيو شان

آيو اونچل ڪوٽ تي، جوڳين جو جوان

پوريون ڪندو پاتشاه، پرتئون پاري پاڻ

رنگون راءِ ڏياچ کي، جو ٿيو قادر تان قربان

جنهن مٿو ڏنو مڱڻي، ڪاٽي ساڻ ڪمان

بيبي زليخا بريان هئي، جنهن کي جوسب رهيو جان

خديجته تنهن خواب ۾، ڏٺو سيد سو سر ڄام

نگارڌيءَ نيرڻ جي، جنهن تي ٿيو مل محمود مستان

شينهن شير خدا جو، جنهن ڪئي حنيفه حيران

راٺوڙين تي رنگ ٻڌا، دوله دريا خان

سوڍيءَ سنيها موڪليا، نو لکي نريان

ڍول تميڻي مارئي، ٿي پائي فالون ٿان

هئي هئي مٺل هار جي، جنهن جي ڪانڌ ڪئڙي ڪانه

ڪرت تنهن ڪونروءَ جو، توڙان وڌيو ٿان

مارئي مائٽ ملهائيا، جنهن سير رکيو سلطان

رم جهم رانجهن لائي، چلي منجهؤن چؤغان

هير هلي ٿي حڪمت سين، نين کڻيو نخران

ليلان ڪارڻ مجنوڻ ٿيو ملڪن جو مزمان

سڪو ٿي سيمن ۾، عاشقن عبدان

پري پچاوڻ، ڏاڍو ڏاوڻ، جهد پچاوڻ جان

عشق اجاري، سوريءَ چاڙهي، سوسي جهل سڄاڻ

دلبر، دوست محمد چئي، جت منڊيو ميزان

سو سڀ سپيرين سامان، جي ويندي گڏيون ورکي.

٢-

اول نام الله جو، سڻيو سبق سائين سائين

اندر اور عشق امارو، ڀڙڳن ٿيون باهين باهين

ليلان لکڻ لاهي ڇڏيا، دوست مٽائي ٿئڙي دانهين

ثابت سندرو سسئي نباهيو، جتن لاءِ ڪيائين جيءَ ۾ جائين

همون سا حيران هئي، دوست دريا خان سڏيائين

تن مڪ طور تنوريا تن ۾، سيد جي پيا سام سچائين

ڏکون بکون بر بحر، سڀ سر تي سٺائين

ڪليان ٿيو قربان، بسمل بيريائين سي بيريائين

حضرت حمزو ڍنڍ هو، جو ٿيو پاتارڪو پاڻي

اوڏڻ تي عاشق هو، هارن پير روهڙياڻي

قيدن ڪٺي جوءِ جنجير، سچا قول ڪيائين

هير هلي ٿي حڪمت سين، رانجهي ٻول ٻڌائين

سائر سير سهڻي تري ٿي، ساهڙ ميهار منيائين

ست جڳ سورٺ چڙهي، جو راءِ ڏياچ ڏٺائين

محب مليو وانگڙ وير، سبحاني سين سلطاني

زليخا پنهنجي جان بچائي، جو سب لئي جواني

سڏيوت سارنگا نار لاءِ، ٿيو دانه درباني

تنهن کي صدا ٿي ٿي سڪ مان، موتين مهماني

ڇٽ پٽ هار هوڏيا، سورج ٿيو ساڻي

سڻي ڪينري ڪونهر جي، ٿي ڪامڻ ڪوماڻي

پري پيالو ظاهر آهي، عاشقان نيشاني

من ڏني محبوب ملي، سر ساٽي قرباني

قربئون ڪسڻ مرڪ اني جو، جن کنئي بره جي باني

دوست محمد چئي، دور وسين ٿو، هئين سڏ ساڻي

خديجه تنهن خواب ۾، ڏٺو سيد سو سرواڻي

مهند ٿيندو مصطفيٰ، وري عالم انعامي

ڏک به لاٿائين، موٽي مسڪين تان.

 

راڄن شاه

 

        ]سيد راڄ محمد شاهه عرف راڄن شاه بن نور محمد شاه بخاري، غالبا ١٨ صديءَ جي آخر ڌاري ڄائو. سندس مستقبل سڪونت ڳوٺ ’ماٽي‘ ۾ هئي، جنهن جا پڊ هن وقت لڌيا واهه جي ڏاکڻي ڪپ تي، تعلقي ميرپور ساڪري، ضلعي ٺٽي، ۾ موجود آهن. انهي ڪري مقامي طور هو ”راڄن شاه ماٽائي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. راڄن شاه هڪ سخي مرد ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. هو مجاز جو ماريل ۽ مجازي شاعريءَ جو علمبردار هو. سندس شاعريءَ جي هاڪ لس ٻيلي وڃي پهتي. ڄام مير خان قاصد موڪلي کيس گهرايو ۽ هن اتي ٻيلي جي شاعرن سان ڪچهريون ڪيون. راڄن شاه ١٩ صديءَ جي پوئين نصف ۾ وفات ڪئي. سندس قبر سندن وڏي بزرگ سيد بايزيد بخاريءَ جي قبرستان ۾ آهي، جو ٺٽي ضلعي ۾، گجي ۽ گهاري جي وچ ڌاري، ٿهيمن جي ڳوٺ جي طرف ڪراچيءَ ڏانهن پاڻي نيندڙ نئين چئنل جي اترئين ڪپ لڳ آهي.[

 

مجاز

١-

هجين سلامت شال، دلبر تون دارين ۾

ٻيا غم وڃن سڀ غيب ٿي، ساڻ ڀلي جي ڀال

ساهه سڪيو ٿو سڌ مري، تون وسهيج ڪاڻ وصال

بيشڪ آءُ ٿو ڀانيان، هڪ ساعت سؤ برابر سال

ڪنا فڪر فرازق جي، مونکي فرض وجهڻ ٿيا فال

 

 

 

لکي تو ڏي ڇا لکان، آءُ انت سندو احوال

ان تان منهنجي ڪانه ڪئي، نڪا قيل مقال

ڪانه ڪئان تر جيتري، هن سائل جي سنڀال

لاٿان جيڪس لهي ويا، خفت اڳوڻا خيال

بد ڏٺان هن بدڪار جا، اکين سين افعال

هنيون هت نه ورندي، جو واڍوڙيو ڪاڻ وصال

محبت من مسڪين سين، ٿي رکان ڪالهوڻي ڪاله

تو تان توڻي چايا، الغرضائي جا احمال

ملي ملاقات ٿي، جاني پنهنجي جال

وڻن ڪين وصال ري، اسان کي به اڀال

روح ۾، راڄن شاه چئي، ماريس جانب جي جمال

منهنجي ناه مجال، جو رکان حرف حبيب تي.

 

سسئي

٢-

پنهون پاڻ سڃاڻ، ڇڏ نه مونکي ڇپر ۾

ڪڙي آهيان ڪڙم ۾، سڱ ۾ تن جي ساڻ

وهي منهنجي وجودان، تن جو ڄام! توکي ڄاڻ

لکي هوند موڪلئين، جو تون پارس پروڙين پاڻ

رشڪت، راڄن شاهه چئي، مونکي جي هتان ملي هاڻ

پٿون ڪنديس پاڻ، نه ته چوندا ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.

 

مارئي

٣-

عمر! اسان جي ڏيه ۾، ٿا ٽي ٽول سجهن

هڪڙو موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيو لڏيو ڏور وڃن

راڻيون، راڄن شاه چوءِ، ٿيون موهر منجه مرڪن

کيٽ اباڻي پار جا، ڇڳا ٿيو ڇڻن

مليو ميٽ هٿن سين، ٿيون تڙن مٿي تڙ ڪن

وڄون پوءِ وسن، آءُ اڳ اباڻي وڃان.


*  سگھڙ حاجي محمد سوڍي بگھياڙ کان مليل.

*  راوي محمد حسن لاشاري، ويٺل ميرپور ساڪري، کان مليل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org